Saturday, 7 September 2024

Sindh in history today (8th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

8th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (8th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. 1838: Government of India writes to Colonel Pottenger that in view of deep duplicity displayed by Meer Noor Muhammad Khan, his unjustifiable conduct in other respects, and owing to distracted state of unwarrantable enmity and jealousy with which he appeared to be regarded by some of the Chiefs, it was essential that a British force of 500 men should advance without delay for occupation of Shikarpur or any other place deemed suitable for facilitating operations beyond Indus. Colonel Pottenger is also told that Captain Burns had been deputed to visit Khairpur and if necessary to enter into new treaty with Meer guaranteeing his independence and assuring him protection of British Government against all external enemies. (Source: Letter of 8th September 1838) 1857: Sindh Railway Company shows its desirability for the construction of rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.250). 1947: Indian Muslim Employees of the Government of Pakistan attack Government House in Karachi and demand transportation of their families and relatives from India to Pakistan (Source: Newspapers). 1950: ‘Japan Peace Treaty’ is signed by representatives of 49 nations, including Pakistan. (Source: ibid). 1956: Muhammad Ali Bogra resigns as the Prime Minister of Pakistan and from Muslim League. (Source: ibid). 1964: Fatima Jinnah agrees to contest Presidential election. The decision is taken to challenge dictatorship and promote democracy. (Source: Biography of Fatima Jinnah). 1965: It is a terrible day of Indo-Pak history. India and Pakistan are fighting war between each other. (Source: Newspapers). 1972: President Bhutto meets Moulana Moudoodi and discuss political situation of the country. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Z.A.Bhutto has been arrested on my orders, sufficient evidence supported me to take this decision, says Zia. (Source: Newspapers). Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء SINDHI TRANSLATION: ( 8 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.9.1838: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ سنڌ ۾ سفارتڪاري ڪندڙ ڪرنل پاٽينجر سان خط ذريعي هم خيال ٿيو ته مير نور محمد خان ٽالپور اسان جي رستي ۾ روڙا اٽڪائي رهيو آھي ۽ ٻين حاڪمن سان ڳالهيون ڪري اسان خلاف سازشون سٽي رهيو آھي. حالتن ۽ اسان جي مفادن جي تقاضا آھي ته اسان سنڌ ۾ موجود پنهنجي فوج مان 500 جي نفري موڪلي شڪارپور يا اهڙي شھر/هنڌ تي قبضو ڪريون, جتان سنڌوندئ جي ساڄي پاسي واري علائقي تي نظر رکي سگهو ۽ ڪنھن اوچتي خطري کي منهن ڏئي سگهون. گورنر جنرل کيس اها به صلاح ڏئي ٿو ته ڪئپٽن برنس کي ترت خيرپور موڪلي, اتان جي حاڪم سان دوستئ جو معاهدو ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ گورنر جنرل وڌيڪ صلاح ڏئيس ٿو ته ڪئپٽن برنس خيرپوري حڪمران کي اهو يقين ڏياري ته ٿيندڙ معاهدي جي روشنئ ۾ اسان جي ياري خيرپور حڪومت ۽ علائقي جي حفاظت جي ضمانت ڏيندي. 8.9.1857: "سنڌ ريلوي ڪمپنئ" سنڌ سرڪار سان راضپو ڏيکاريو ته سکر کان جيڪب آباد تائين وايا شڪارپور ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم ترت شروع ڪيو ويندو. 8.9.1947: ڪراچئ ۾ پناهگير سرڪاري ملازمن وڏو وڳوڙ ڪيو ۽ سرڪار کان گهر ڪئي ته سندن ٻارن ٻچن کي هڪدم انڊيا مان گهرائي ساڻن گڏ ڪراچئ ۾ آباد ڪيو وڃي. [حڪومتي وهنوار ۽ ڪم ڪار هلائڻ لاء سنڌ حڪومت کان ڊيپوٽيشن تي ملازم وٺڻ بدران, پناهگير سرڪاري ملازمن جو وڏو انگ انڊيا مان گهرائڻ جو ڪو ٻيو مقصد هو ته ڪراچئ جي سماجي توازن کي بگاڙيو وڃي] 8.9.1956: پاڪستان ۾ ھڪ بااختيار قوت جنم وٺي چڪي هئي, جيڪا ڪنھن کي اقتدار جي ڪرسئ تي ويهاري يا ان تان لاهي پئي سگهي. محمد علي بوگري جي خيال ۾ به نه هو ته هن کي سڏي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو. هو وزير اعظم ٿيو, پر اڄ ھٿ-ٻڌل ۽ بي اختيار وزير اعظم هجڻ مان تنگ اچي استعيفا ڏنائين ۽ مسلم ليگ جو پنهنجو ڌڙو قائم ڪيائين. 8.9.1964: ايوب جهڙي طاقتور آمر سان چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاء مخالف ڌر وارن وڃي محترمه فاطمه جناح کي گذارشون ڪيو ته ايوب سان صدارتي چونڊن ۾ مقابلو ڪر. محترمه سندن ڳالھ قبول ڪئي. 8.9.1965: 6 سيپٽمبر کان پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ جنگ جي دونھين دکي ۽ اڄ انھئ هڪ ڀيانڪ جنگ جو روپ ورتو. 8.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ مولانا مودودئ وٽ وڃي ساڻس ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. 8.9.1977: جنرل ضياء الحق پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو ته ڀٽي جي گرفتاري سندس حڪم تي ٿي آھي. ************** 8 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 8 سيپٽمبر 1814ع شاعر قطب علي شاهه “قطب” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1921ع شاعر ۽ راڳي واڌو مل “شائق” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1934ع شاعر انور عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1942ع موسيقار ارجن ڀمڀاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1955ع ليکڪ رتيش ساگر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1959ع شاعر سونو خان سونو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1963ع راڳي حنيف لاشارئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1967ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ابن مهزون جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1975ع راڳي واحد لاشاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 سيپٽمبر 1984ع راڳي مصري فقير “مخمور” سروري جو لاڏاڻو ٿيو. 8 سيپٽمبر 2019ع ھند سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ بيباڪ سياستدان رام ڄيٺملاڻي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Friday, 6 September 2024

SINDH in history today (7th September). Author Dr.Pathan & Traslator Mumtz Pathan

7th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (6th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1886: It is decided in the meeting chaired by Sindh Commissioner that a college will be started in Sindh as an aided institution and it will be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, government nominees and representatives of the local bodies who would contribute to the college Fund. (Source: Dr.Pathan and Dr.Azimushan’s Ph.D thesis) 1922: Kotri Khilafat Committee celebrates ‘Victory Day’ to pay regards to Ghazi Kamal Mustafa for his courage and leadership. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1931: The Federal Structure Committee of the Round Table Conference meets to discuss ‘Simon Commission Report’ and ‘Nehru Report’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1931). 1952: Punjab Kisan Conference demands abolition of Zamindari system. (Source: Newspapers). 1955: Flood and heavy rains take lives of 15 persons in Thatta. (Source: ibid) 1958: Sultan of Muscat handed over Guwadar to Pakistan as a gesture of Good-Will (Source: ibid). 1959: A commission is constituted to prepare plan for the new capital of Pakistan. (Source: ibid). It is interesting to note that change of capital indicates change of minds of people in power. On the eve of creation of Pakistan, the proposals of making Lahore or Dhaka were rejected and Karachi was selected for that purpose. Mass migration from India and mishandling of problems of Muhajreen inducted lawlessness in the city and it became difficult for ‘rulers’ to rule the country peacefully in Karachi. Hence, Karachi was thrown into fire. 1992: PDA boycotts session of the Parliament during Prime Minister’s speech. However, return back when President of Iran stood for address. (Source: Newspapers) TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: ( 7 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 7.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر گڏجاڻي سڏائي ته جيئن سنڌ ۾ ڪاليج کولجي. فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو ڪاليج کولينداسين, ان کي هڪ ڪميٽي هلائيندي. انھئ ڪيمٽئ ۾ ڪجھ ميمبر سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڪجھ ميمبر چندو ڏيندڙ شخصن ۽ ادارن (ضلعي ڪائونسل/لوڪل باڊيز) مان کنيا ويندا. ياد رهي ته ڏيارام ڄيٺمل سڏڻ باوجود هن گڏجاڻئ ۾ شريڪ نه ٿيو هو. ڇوته هو اندازو لڳائي چڪو هو ته سرڪار گڏجاڻين سڏائڻ کان سواء ڪجھ نه ڪندي. هن مڙسي ڪري 1887 ۾ ”ڊي.جي.ڪاليج" کوليو. 7.8.1922: غازي ڪمال پاشا/ترڪئ کي ڪن جنگي محاذن تي ڪاميابي ملي ته انھئ خوشئ ۾ ڪوٽڙئ جي خلافت ڪميٽئ عوامي ميڙاڪو ڪيو, جنهن ۾ غازي ڪمال پاشا کي مبارڪون به ڏنيون ويون ۽ ساڻس سياسي خواه اخلاقي سهڪار ڪرڻ جو يقين به ڏياريو. 7.9.1931: اڄ لنڊن ۾ ”رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس" جي "فيڊرل اسٽرڪچر ڪميٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ ”سائمن ڪميشن" ۽ "نهرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪيو ويو. 7.9.1955: سنڌ ۾ پوندڙ شديد بارشن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۾ 15 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 7.9.1958: مسقط جي سلطان اڄ يارئ باشئ ۾ گوادر پاڪستان جي حوالي ڪيو. 7.9.1959: پاڪستان ٺھڻ کان اڳ مسلم ليگ ٽن شهرن تي سوچيو هو ته اتي نئين ملڪ جي گادي قائم ڪجي. اهي هئا: لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچي. مخصوص مقصدن کي ڌيان ۾ رکي ڪراچئ کي گادي بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اتي لڏي آيل پناهگيرن جي آڌار تي "چونڊ-حلقو" قائم ڪرڻ انھن مقصدن مان هڪ اهم مقصد هو. ڇوته پاڪستان جو پهريون وزير اعظم خود پاڪستان ۾ شامل ڪنهن صوبي يا "چونڊ-تڪ" مان چونڊيل ڪونه هو. لياقت علي خان به هئ جهان ڇڏي ويو ۽ آيل پناهگيرن مان ڪيترن ڪراچئ جي امن امان وارين حالتن کي خراب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪو ڏينھن وڳوڙ کان سواء نه پيو گذري. مرڪزي حڪومت ان ۾ پنهنجي خيرت ڄاتي ته ڀڄي جند ڇڏائي ۽ گادي هنن وڳوڙين کان ڪوهين دور قائم ڪري. اڄ مرڪزي سرڪار گادئ جي هنڌ بدلائڻ لاء ھڪ ڪميشن ٺاهي. 7.9.1992: پي.ڊي.اي ڌر اڄ پارليامينٽ اجلاس جو وقتي بائڪاٽ ڪيو. جڏهن ايران جو صدر خطاب ڪرڻ وارو هو, مخالف ڌر اجلاس ۾ موٽي آئي. *************** 7 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 7 سيپٽمبر 1861ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عمر ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1930ع اسڪالر مرليڌر جيٽلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1949ع ليکڪ مالڪ ڌار منٺار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر زيب سنڌئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1968ع صحافي عزيز ڪاڇيلو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1979ع شاعر انور سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 سيپٽمبر 1618ع بزرگ هستي شاهه خير الدين سکري فاضلاڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1953ع شاعر جمع خان غريب جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1988ع شاعر عبدالله همدم جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 2014ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو انتقال ٿيو.

Thursday, 5 September 2024

Sindh in History today (6th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

6th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (6th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th September} and my Good Day Wish for YOU. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Neither all will be happy with you, nor you can please everyone. Because, you cannot face ego and expectations of others. Your soul and instincts need love & beauty and peace & tranquility. Therefore, please your Self.] تو مان سڀئي راضي ھجن، اھو ناممڪن ڪٺن ڪم، راضي ڪري ڪين سگھین، تان جو لاھین پنھنجو چم، نہ ڪر ڳٹتي ڳاراٹو يا غم، رھ راضي سرت سلام سان. *********** SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1838: Colonel Pottenger provides information to his Govt. that Shah Shuja - ul - Mulk has approached Talpur rulers for his support. 1840: One thousand and forty camels and six hundred bullocks of the East India Company Govt. have been stolen near Kahun. 1847: Baloch Sardars could not get Jageers, till debt dues are not cleared. Meanwhile their Jageers will be placed in the hands of Trustees appointed by the concerned, decides Govt. 1851: The Rule is promulgate to make it compulsory condition to qualify in Sindhi language for any Civil employment in Sindh Govt. 1886: In a meeting headed by Sindh Commissioner, it is decided that the college be started in Sindh as an aided institution to be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, Govt. nominees and local bodies' representatives who would contribute fund. 1922: Karachi Social Service League makes its Annual Report public that reveal that it awarded prizes to girls students, rehabilitate Makrani refugees who reached Karachi due to famine in Makran. 1947: Designated Prime Minister of Pakistan, Nawabzado Liaquat Ali reaches Karachi by chartered aero plane. 1955: Major - General Iskandar Mirza is appointed as Acting Governor - General of Pakistan. IS IT NOT AMAZING THAT GOVERNOR - GENERALS WERE APPOINTED WITHOUT ANY DEMOCARATIC PROCEEDURE. 1965: Khan Abdul Ghaffar Khan accepts Indian Govt.'s invitation for the visit of India. 1973: The action of PNA will pave way for counter - action by PPP,warns Prime Minister Z.A.Bhutto SINDHI TRANSLATION: SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(6 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 6.9.1838: اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ سنڌ ۾ مقيم پنهنجي ريزيڊنٽ کي تفصيلي ٻه خط لکي هدايتون ڏنس ته: 1.ميرن جا پرشيا جي بادشاه ڏانھن لکيل خطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي ميرن بابت پنھنجي حڪمت عملي بدلائڻ گهرجي ته جيئن مير اسان جي دوستئ بدران اسان جي دشمنن سان ياري نه رکن, 2. گورنر جنرل سوچي رهيو آھي ته سنڌ ۾ اسان پنهنجي فوج رکون, جيئن مير ان جو نفسياتي اثر قبول ڪري, اسان خلاف ٻين سان اتحاد نه ڪن,3. خيرپوري حڪمران اسان سان ساٿ نڀائي رهيا آھن, هنن کان بکر جو قلعو وٺڻ گهرجن, 4. شاه شجاع جي فوج جي چر پر ميرن تي دٻاء وجهندي, مير مدد لاء اسان جي ويجهو ٿيندا ۽ شاه شجاع کي خراج ڏيڻ ۾ سستي نه ڪندا. 6.9.1840: سنڌ ۾ مقيم فرنگي ايجنٽن جي گهر ۾ ماتم آھي ۽ هو پريشان آھن, ڇو ته مري جبلن ۾ برائون کي پڪڙيو ويو هو. ھن کي آزاد ڪرڻ لاء ڪئپٽن ڪبورن کي موڪليو ويو هو. پر جابلو ماڻھن فرنگين کان هڪ هزار چاليه اٺ ۽ ڇه سو ڏاند ڦري ورتا. (حوالو: سکر واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو مراسلو نمبر 1840). 6.9.1847: سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته مقروض بلوچ سردارن کي في الحال جاگيرون نه ڏجن. پر قرض لاهڻ تائين اهي امينن Trustees جي نظر هيٺ ڏجن. (حوالو: مراسلو نمبر 2545). 6.9.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ صوبائي سرڪار کي تفصيل سان خط لکي ٻڌايو ته سنڌي لپئ لاء عربي رسم الخط ڇو ضروري آھي. (حوالو: مراسلو نمبر 1814). 6.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ لاء گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انھئ ڪاليج هلائڻ وارئ ڪميٽئ ۾ چندو ڏيندڙ, لوڪل باڊيز جا نمائندا ۽ سرڪار طرفان ٿاڦيل ميمبر رکيا ويندا. هن گڏجاڻئ ۾ ڏيارام ڄيٺمل کي به سڏيو ويو هو, پر هو ان ۾ شامل نه ٿيو. ڇو ته هو سرڪار جي اڌوري ڪاليج بدران پنهنجو ڪاليج کولڻ چاهي پيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 6.9.1955: ميجر جنرل اسڪندر مرضا کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. 6.9.1973: " پي.اين.اي وارا جيڪو ڪجھ ڪن ٿا, ان جي ردعمل ۾ پيپلز پارٽي به گهڻو ڪجھ ڪري سگهي ٿي"- وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. {6 سيپٽمبر تي جنم يا وفات وٺندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1867ع سياستدان چينراءِ بولچند (حيدرآباد). 1909ع سياسي اڳواڻ ايل داس راءِ سنگهاڻي. 1954ع ليکڪ ۽ شاعر تاج جويو (سڪرنڊ). 1962ع شاعر حنيف عاطف (جهڏو). 1964ع سگهڙ صدورو عباسي. 1969ع ليکڪ ۽ شاعر قاضي مقصود احمد(مٽياري). 1978ع شاعر خالد اختر راجپر (محراب پور). [وڇوڙو]: 1992ع سنڌي فلمساز ۽ اداڪار حسين شاهه فاضلاڻي

Wednesday, 4 September 2024

SINDH in history today (5th Septembee). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

5th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (5th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. EVENTS: 1844: Lieut. Colonel Outram had started giving tough time to Sir Charles Napier and raised very serious questions and objections on Napier’s Sindh policy before fall of Hyderabad. Today, The Governor-General informs Charles Napier that his appeal had been transmitted to the Home authorities and that Outram had been already called upon through the Bombay Government for an explanation of his conduct. (Letter No.586) 1922: In a meeting of Religious Scholars at Shikarpur, presided over by Moulana Taj Mahood Amroti, the District branch of Sindh Jamiat-ul-Ulema is opned and Moulana Hamadullah (President), Moulvi Hafiz Noor Muhammad (Vice President), Moulvi Ali Sher (Assistant Secretary) and Moulvi Muhammad Hashim (Treasurer) are elected as its office-bearers. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1947: riots erupt in Delhi. Thousands of Muslims take protection in old fort. (Source: Newspapers). 1951: Sindh Chief Court orders release of Ghulam Muhammad Laghari and Moulvi Azizullah Jarwar. (Source: Newspapers). 1959: Another sea port near about 90 miles away from Karachi is under consideration, says President Ayub. (Source: ibid). Perhaps closer of Suez Canal was the reason to make the country Gate-Way to Hot-Waters for Russia, China and Central Asia, and it created problems, those we are facing now a days from North to South , from Afghanistan to Baluchistan. 1964: Pakistan is an independent country. We will not take dictation from any country, says Z.A.Bhutto.[Not dictation, but he got Death ] 1971: Some of Assembly Members belonging to Awami League meet Z.A.Bhutto in Karachi. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat AMINA Institute). Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life cannot be allowed to drag us as it desires, but we must set direction and select colours for it. Let us make it 'motive & 'pressure-free'. Let it be symbol of sincerity & sacrifice. Dear! Let it be your beauty and my love] من محبن یا مطلب جو، ڪنهن جو رهندين تون محتاج؟ یا برھ بي لوثئ ایثار جو، پنھنجي سر تي رکندي تاج؟ یا سرت سلام جو سماج، ڪندين قائم پرين پیار سان؟ SINDHI TRANSLATION: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(5 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 5.9.1844: نيپيئر افغانستان وارئ شرمناڪ موٽ کان پوء پنهنجي پت بچائڻ لاء سنڌ کي پنهنجي ڏاڍ, ڏمر ۽ ٺڳئ جو نشانو بڻايو. سنڌ تي جنگ مڙھڻ جو هن وٽ ڪو واضح جواز ڪونه هو. ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام هن کي صلاحون ڏيندو رهيو ته سنڌ تي جنگ مڙھڻ بدران حڪمرانن سان ڳالهيون ڪجن. نيپيئر نه مڙيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيائين. آئوٽرام هن جي انھئ پاليسئ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ هندستان جي اخبارن ۾ ليک لکيا. اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي خط لکي آٿت ڏنو ته دلجاء ڪر ۽ آئوٽرام تي سرڪاري طور تي قدم کنيو پيو وڃي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 586). 5.9.1848: سيٺ نائونمل انگريزن جي ڏکيئي وقت ۾ وڏي مدد ڪئي. افغانستان ويندڙ فرنگي فوج لاء اناج ۽ گاه ورتو, اٺ ورتا ۽ جاسوسي ڪئي. انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته نائونمل کي نيپيئر نشانو بڻايو. نائونمل ۽ سندس مائٽ ڪاردار هئا. نيپيئر هنن کان نوڪريون کسيون ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ مٿن وڏا ڏنڊ مڙھيا. نيپير ويو ته نائونمل سک جو ساه کنيو. هن جي ڪيس جي وري جاچ پڙتال ٿي. اڄ ڪراچئ جي ڪليڪٽر سرڪار کي ٻڌايو ته نائونمل تي مڙھيل الزام ڪوڙا آھن.(حوالو: ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 999). 5.9.1922: ڪراچئ ۾ “ڪراچي سوشل سروس ليگ" نالي هڪ اين.جي.او هوندي هئي. اها هر سال رپورٽ پڌري ڪري عوام کي پنهنجي ڪارڪردگئ کان واقف ڪندي هئي. اڄ به انھئ رپورٽ شايع ڪئي, جنھن جي پڙھڻ مان پتو پئي ٿو ته مڪران ۾ وڏو ڏڪر آيو ۽ اتان ڪيترا مڪراني لڏي اچي ڪراچئ ۾ آباد ٿيا. هن تنظيم انھن جي مدد ۽ آبادڪارئ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گذريل سال ڪراچئ جي ملير ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت به هن ليگ متآثر ماڻھن جي مدد ڪئي. (حوالو: تنظيم جي سالياني رپورٽ). 5.9.1922: مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ شڪارپور شھر ۾ اتر سنڌ جي ناميارن ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" جي شڪارپور ضلعي جي شاخ کولي وئي. ان لاء مولانا حمادالله کي صدر, مولوي حافظ نورمحمد کي نائب صدر, مولوي علي شير کي نائب سيڪريٽري ۽ مولوي محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.(حوالو: الوحيد اخبار). 5.9.1947: هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا. دهلئ جي لال قلعي ۾ اتان جا مسلمان اچي مڙيا ته جيئن پاڻ بچائڻ لاء پاڪستان وڃي سگهن. (حوالو: اخبارون). 5.9.1951: سنڌ ۾ هاري ڪميٽئ جا اڳواڻ سرڪاري عتاب جو نشانو بڻيا. ڇو ته اهي جاگيرداري نظام خلاف ڪم پيا ڪن ۽ حڪومت تي وري جاگيردار ۽ سرمائيدار حاوي ھئا. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مولوي عزيزالله جروار کي ٻڌو ويو هو. اڄ سنڌ جي چيف ڪورٽ سندن آزادئ جو حڪم جاري ڪيو. (حوالو: هاري تحريڪ تي گل حيات طرفان گڏ ڪيل مواد). 5.9.1959: تڏهوڪي پاڪستاني صدر اعلان ڪيو ته ڪراچئ کان 90 ميل اولھ ۾ اسان ھڪ نئون بندر ٺاهينداسين. (حوالو: اخبرون). { 5 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1916ع ليکڪ ڪريم بخش چنا (پاٽ) . 1927ع سياسي اڳواڻ عبدالرزاق سومرو (رتوديرو). 1935ع شاعر هريڪانت ڄيٺواڻي (جيڪب آباد / دهلي). 1939ع ليکڪ ونود لاکياڻي (سمي / راجڪوٽ). 1940ع ليکڪ جهامن ڇڳاڻي (حيدر آباد / انڊيا). 1958ع سماج سڌارڪ عبدالغفار ملڪ (پڊ عيدن). 1959ع شاعر نيڪ سروري. 1966ع ليکڪ شيخ جمال آزاد. 1966ع شاعر حسن درس. 1980ع ڪمپيئر ثاقب ابڙو(هالا). 1981ع شاعر عبدالستار آزاد. [وڇوڙو]: 1773ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر مير قلندر شاهه رضوي. 1939ع مذهبي اسڪالر مولانا نور محمد ڇڇر. 1997ع نوبل انعام يافته سماج سڌارڪ مدر ٽريسا

Tuesday, 3 September 2024

Sindh in history today (4th September). Author Dr.Pathan & Translator By Mumtaz Pthan

4th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (3rd September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Me, my Motherland and her people are not on the agenda of your heart. Hence, our all requests & appeals, demands & desires are in vain. It is irony of fate that you are not ready to pay heed but, terrible conditions have started weeping on it ] پرين پنھنجئ مرضئ جو مختيار اسان جيئن ليکي منجھ ناھيون. چري دل ڪنھن جي در دانھيون؟ سور سٹايون سرت سلام سان؟ ************** SINDH IN HISTORY TODAY {4th Sept} EVENTS: 4th September 1841: Lieutenant Terry is assigned duty to carry out the survey in Shikarpur district. (Source: letter No.918). This may kindly be note that in those days Sindh was still under rule of Talpurs, but Political Agents and Assistant Agents like Lieutenant Postans and Major Outram were given free hand to that extent that they were taking policy decisions like conducting of survey and investigating merits of Indus for navigation, etc. 1843: The Governor-General in Council asks Sir Charles Napier that one of three guns be captured after the battle of Miani would be sent to England to be kept on the terrace at Windsor and other two to be placed at the foot of the monument at Bombay and also send fourth one which would be placed in front of the Government House at Calcutta. (Source: letter No.359). 1954: Feroz Khan Noon, Chief Minister of Punjab suggests Federation of West Pakistan. (Source: Newspapers). 1959: Basic Democracy system will ensure participation of people in power, claims President Ayub. (Source: Newspapers). 1965: The Secretary General of the U.N.O doubts a big clash between India and Pakistan. (Source: ibid). 1973: Release of political workers is inter-related with political dialogue, declares Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amia Institute) SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ************ SINDH IN HISTORY TODAY {4th Sept} "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(4 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 4.9.1841: سنڌ تي انگريزن اڃان قبضو ڪونه ڪيو آھي ۽ سنڌ هڪ آزاد ملڪ آھي, پر فرنگي وڌيڪ آزاد آھن ته اهي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي پنهنجئ مرضئ مطابق سروي ڪن. ليفٽيننٽ ٽيري شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جي سروي ڪرڻ لاء مقرر ڪيو ويو. (حوالو: ليفٽيننٽ پوسٽن جو ميجر آئوٽرام ڏانھن موڪليل مراسلو نمبر 918). 4.9.1843: اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي آگاه ڪيو ته مياڻئ جي جنگ ۾ ميرن جون جيڪي توبون اسان کي هٿ آيون آھن, انھن مان هڪ انگلنڊ موڪليو ته اتي ونڊسر جي آڳڙ تي رکي ويندي, هڪ اسان ممبئئ ۾ رکنداسين ۽ هڪ ڪلڪتي ۾ گورنمينٽ هائوس ۾ رکبي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 359). 4.9.1954: جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني ٿيندي آھي. جڏهن به پاڪستان ۾ چونڊن جي ڳالھ ٿيندي ته بنگالين جي اڪثريت اوس ئي ٿيندي. ان ڪري بنگالين کي اقتدار-ڌڻي ڏسڻ وارا سياستدان گهٽبا ويا. هر ڪو انھئ پس منظر ۽ نيت سان ٻولڻ لڳو. اڄ پنجاب جي وڏي وزير فيروز خان نون حاڪمن کي صلاح ڏني ته اوله پاڪستان جي فيڊريشن قائم ڪئي وڃي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1959: پاڪستان ۾ جنهن به اقتدار تي قبضو ڪيو, ان پنهنجو نظام آندو. ايوب "بنيادي جمهوريت" جو نظام آندو. ان لاء اڄ چئي ٿو ته هئ نظام عوام جي اقتدار ۾ شرڪت جي ضمانت آهي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1973: "منھنجئ سرڪار جيڪي سياسي ورڪر قيد ڪيا آھن, انهن جي آزادي مخالف ڌر جي سياستدانن سان ڳالهين سان مشروط آھي."- ذوالفقار علي ڀٽو. { 4 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1936ع ليکڪ امداد علي سرائي. 1941ع گلوڪار گرمک نانڪاڻي (نوابشاهه / هندستان). 1942ع اداڪار منگهو ڌرمداساڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد). 1951ع صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري. 1951ع ليکڪ علي محمد رمدي 1961ع شاعر ڪنعيو شيواڻي(ڀوپال). 1958ع صحافي محمد عاشق پٺاڻ. [وفاتون]: 1906ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد آگرو. 1936ع شاعر علي اڪبر مجروح. 1955ع شاعر مرزا امام علي بيگ. 1967 شاعر سيٺ محب علي محب. 1987ع شاعر سليم ڳاڙهوي. 1984ع لوڪ گلوڪار مصري فقير. 2002ع گلوڪاره فوزيه سومرو

Monday, 2 September 2024

SINDH in history today (3rd September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ We all believe that we are second to none in beauty, vision and wisdom. In spite of that most of us are illiterate in Human-love, trust and dedication. Love and peace is not in our hearts, minds and society. Because, Everybody believes that not others, but only he/she is fault -free, without mistakes and above limitations. Therefore , we don't unite on common agenda of love & peace. ] ڪوتاھیون ڪمزوریون ۽ ھي جي سورن جا مذڪور، جڙیل ھر ڪنھن جئ سان ۽ آھن انھن جا سڀ کي پور، وڃڻان نہ آھن اھي ناسور، سرت سونھن سلام سواء. ************** EVENTS from history. 1832: Colonel Pottenger sends letter to Lieutenant Colonel Litchfield, Commanding Sindh Force advising him some ways and means for taking action against free booters of Parkar. Provides him some contact so as to get help/information/cooperation during expedition and informing him that strength of the enemy was estimated at 2000 fighting men and the Khosas were adherents of the Kalhora Rulers and will not bow before Talpurs are our Force and can give tough fight during expedition. That Meanas, who formed the most infamous body of Parkar robbers, lived in Wands –temporary villages along the Northern edge of Parkar. (Source: letter No.164). This may kindly be noted that Thar and Parkar remained burning places for East India Company Government. Though, some of people were involved in criminal activities, but most of people like Khosas, Thakurs and Means gave tough time to the East India Company Government to make way for entering in Sindh. It is still untold history of our freedom movement. 1843: Government of India approves the orders of Sindh Governor that the allowances of Deputy Collectors be Rs. 700 without any special remuneration when travelling. It is also advised that uncontrolled authority of the Kardars [Mukhtyarkars] be checked properly. (Source: letter No.353). 1844: Government of India replies to the complaint made by Sindh Governor, Sir Charles Napier against Lt. Colonel Outram. The Governor is told that Outram’s conduct and his own had been placed in the hands of Government and in those of the highest authorities in England. (Source: letter of dated 3rd Sept.1844). 1921: ‘Gujrati Literary Society’, formed recently organizes lecture program in the D.J.Sindh College where Professor Tridev delivers lecture on the history of Gujrati Literature. 1922: Local Khilafat Committee holds public meeting at Shah Jo Goth near Naudero. Moulvi Khuda Bux presided over the function. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1955: For the first time people will use Sui gas. Supply to Karachi starts. (Source: Newspapers). 1964: Urdu is made official language by the Punjab University. (Source: ibid). 1971: 144 members of the East Pakistan Provincial Assembly and 44 High ranking officers from East Pakistan are asked to appear before Military Court. (Source: Newspapers). 1977: Z.A.Bhutto, ex-President, Prime Minister and Chief Martial Law Administrator is arrested in the Nawab Muhammad Ahmad murder case. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). TRANSLATION OF THE POST NTO SINDHI: ( 3 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.9.1832: فرنگي, سندن جاسوس ۽ واپاري ٿرپارڪر ۽ اوڀر سنڌ کان زميني رستي ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. کوسن ۽ ٺاڪرن من سنڌ دوست ۽ ڪن ڦورو ماڻھن ھنن کي ڦريندا هئا ته جيئن فرنگي ۽ سندن ڪارندا سنڌ ۾ پير نه پائن. کوسا سنڌ جي سابق حڪمرانن ڪلهوڙن جا شيدائي هئا ۽ هنن تي ٽالپورن جو ايترو حڪم نه هلندو هو. فرنگين ۽ سندن ماڻھن کي ڦرڻ جا واقعا وڌي ويا ته ڪرنل پاٽينجر مير حڪمرانن کي مڃرائي ورتو ته کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فرنگي فوجي آپريشن ڪن. پاٽينجر کي سندس سرڪار به اهڙي اجازت ڏني ۽ کيس فوجي مهم جو اڳواڻ مقرر ڪيو. پاٽينجر اڄ سنڌ ۾ موجود فرنگي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل لچفيلڊ کي کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٻڌايو/صلاح ڏني ته کوسن ۽ ٺاڪرن جي ويڙهاڪن جو تعداد ٻن هزار ماڻھن کان مٿي به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان جي سرڪار خواه ميرن جي چوڻ تي انھئ پاسي جا ڪيترا سردار/قبيلائي اڳواڻ انھئ فوجي مهم ۾ فرنگين جي مدد ڪندا. 3.9.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي اجازت ڏني ته سنڌ ۾ مقرر ڪيل ڊپٽي ڪليڪٽرن 700 روپيا در ماه الائونس/پگهار ڏيو. کيس تاڪيد ڪيو ويو ته ڪاردار/مختيارڪار وڏي پئماني تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪن ٿا, انھن تي ڪرڙي نگاه رکي وڃي. 3.9.1922: رتيديري لڳ شاه جو ڳوٺ ۾ اتان جي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ خدا بخش ڪئي. جلسي ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته قول ۽ فعل ذريعي فرنگي حڪومت جي مذمت ڪن ۽ سرڪار سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪن. 3.9.1955: ڪراچئ کي سئي گيس جي سهولت ڏني وئي. 3.9.1971: اوڀر پاڪستان اسيمبلئ جي 144 ميمبرن ۽ 44 وڏن عملدارن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي ملٽري ڪورٽ اڳيان پيش پون. [اهي غيرتمند ۽ بنگال پرست جوڌا هئا, جن پنهنجي صوبي جي مفاد لاء ڏک ڏوجهرا ڏٺا. سنڌ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ رهي آھي. سنڌ ۾ جڏهن به بارش, ٻوڏ ۽ وبا عوام کي آزاريو آھي ته صوبائي ميمبرن جي اڪثريت عوام يا صوبي جي پرگهور ته نه لڌي آھي, پر فند ۽ امداد کي پاڻ هڙپ ڪري, پنهنجئ ملڪيت ۾ اضافو ڪيو آھي ۽ عوام جي آزارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي] 3.9.1977: ملڪ جي اڳوڻي صدر, وزير اعظم ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ 90 هزار جنگي قيدي واپس گهرائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد کي مارائڻ واري الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. *************** 3 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 3 سيپٽمبر 1936ع گلوڪاره رام نواڻي (ميرپور خاص / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1946ع شاعر ڪوثر ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1957ع صحافي غلام سرور سنجراڻي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع ليکڪ حفيظ سرمد (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع شاعر فدا سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1964ع پاڪستاني گلوڪار / نعت خوان جنيد جمشيدجو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1969ع شاعر غلام حسين بيتاب (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 سيپٽمبر 1941ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday, 1 September 2024

SINDH in history today (2nd September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

2nd September The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH IN HISTORY TODAY (2nd SEPTEMBER) 2nd September BIRTH DATES Moulana Dur Muhammad ‘Khak’ (Kandhra/Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/ birth 2 September 1895), Sakhomal Bagai (Tando Bago>Mombai/Poet/ birth 2 September 1917), Totaram Valechha (Ratodero>Adhipur/Journalist/ birth 2 September 1921), Mangharam ‘Dewano’ (Matli>Jetpur/Poet/ birth 2 September 1939), Ali Muhammad Parvez (Lakha/Poet/ birth 2 September 1945), LeloPanjwani (Sukkur>Mumbai/Singer/ birth 2 September 1945), Ali Murtaza Dharejo (Larkano/Writer/ birth 2September 1950), Muhammad RafiqMemon (Mirpurkhas/Journalist/ birth 2 September 1957), Ali Dost ‘Ajiz’ (Fareedabad/Poet/ birth 2 September 1964) Razaq Sarohi (Ali BuxSarohi/Journalist/ birth 2 September 1965) DEATH DATES Mian Noor Muhammad Kalhoro (Sindh Ruler/ death 2 September 1762), Makhdoom Muhammad Zaman ‘Sarkar’ (Hala/Saint & Poet/ death 2 September 1913), Usman Ali Ansari (Shikarpur/Educationist & writer/ death 2 September 1962). EVENTS 1846: Captain Scott, Superintendent of Canals submits his report to the Government of Sindh on the method of clearance of Canals in Sindh. He suggests that Deputy Collectors and Kardars should have opportunity to interfere with the Canal Department and laborers working on the clearance of Canals be made payment half in money and half in grain. (Source: letter No.225). 1845: Malik Boola Khan Noomrio submits his petition to the Collector of Karachi for compensation of losses sustained by him due to abolition of town duties in Unarpur. He claims the ‘Kana’ [weighing fees] as well as ‘Dhull’ on measurement. (Source: Dy.Collector of Kotri’s letter No.257) 1857: The Government of Bombay asks Sindh Commissioner to prepare report on the ‘Commercial Fairs in Sindh and their effects on Sindhi society’. It is advised that Brigadier General Jacob be asked to give his input. (Source: 4039). 1919: On the victory of the Allies, Karachi Municipality sends its resolution as a message to the Government of Bombay. It is history in a way that such type of Institutions also wanted to please Government. The Resolution reads: ‘That Karachi Municipality express profound thankfulness and heartfelt joy and tenders sincerest congratulations to His Majesty the King-Emperor on the successful termination by the Allied Nations of the gigantic World War and the conclusion of a just and glorious treaty of Peace which they trust usher in a long era of peace, prosperity, and progress throughout the world in which the city of Karachi and whole of the country will participate.’ (Source: KMC record). 1921: Vishno Sharma, editor of ‘Hindu’ is arrested under Section 124 of the Indian Penal Code for writing against the Government. He was awarded two years imprisonment in this case. (Source: The Daily Gazette, Karachi). Sindh Journalism played a vital role in the Freedom Movement but, it has been ignored while compiling history. 1922: The Sindh Khilafat Tahreek proved to be most popular and active political party. Three important and big public functions are held in Goth Panhwar, near Nasirabad; Goth Talh and Tando Muhammad Khan. Function at Tando Muhammad Khan is presided over by Qazi Asadullah Shah. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1924: “Hindi Sahtya Bhavan’, an organization for the progress and development of Hindi literature formed in 1912, celebrates if Annual function with T.L.Vaswani in Chair. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: First ever ‘Sindh Bar Council’ takes birth. Election was held yesterday evening in the Judicial Commissioner’s Court premises. The Registrar is its Presiding Officer. 218 votes were recorded. Result is notified today. Mr. Dipchand Chandumal tops the list and other elected members are: Fatihchand Assudomal, Tolasing K. Advani, Kimatrai Bhojraj; Khanchand Gopaldas ; Motiram Idanmal [all from Karachi]; Parsram Tolaram Bhavnani; Gopaldas Jhamatmal,; Tejomal Hassamal and Santdas Mangharam [all from Hyderabad]. None from Sukkur and Larkano get elected. (Source: The Daily Gazette, Karachi). Dr.Pathan wishes you Good Day. [Either it is door of dear, or desert or sea. It seems to be beautiful, but terrible in experience. You will not find your dear near to you. No will be there to save your soul. Only sorrows and longings will be with you. Day & night, sin & crime will lost their traditional identification there. Only sacrifice can protect you in trouble situation there] برہ، بحر، بر ۽ ھو جو چون سونھن-نگر، پھتین تان ڏسندين پنھنجو حشر نشر، نيڻان وسائیندین وڏ-ڦڙو ھوندء غم گذر، سک، سور جو تون کٹجان خلوص ثمر، اتي ملي ھڪ ٿین ڏینھن رات پل پھر، ات نہ ھوت نہ موت نہ گناھ ثواب ڏمر ، متان ٿئي اثر، جي لونين لات سلام جي. ‏‎ TRANSLATION INTO SINDHI: سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(2 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 2.9.1839: فرنگي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ اڄ سنڌ ۾ مقيم پنھنجي ريزيڊنٽ تي خط لکي هدايتون ڏنيون, جن مان ڪي هي آھن: 1. مير فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ٽي لک روپيا ساليانو خرچ ڏيندا. اهو "حيدرآبادي روپيئي" ۾ نه هوندو پر “ڪمپني روپيئي" ۾ هوندو, 2. مير ڪنهن خوشفهمئ يا اميد ۾ نه رهن ته ڪو ڪراچي شهر هنن کي واپس ملندو. ڪراچي هاڻي اسان انگريزن جو شھر آھي, 3. نئين معاهدي تي دستخط ڪرڻ ۾ ڪن ميرن ڪيٻايو آھي, ان تي پريشان نه ٿبو. اڳي پوء سڀ دستخط ڪندا, 4. شاه شجاء لاء ڪن ميرن ڏن/خراج جي پهرين قسط ڏني آھي, کين هوشيار ڪر ته باقي رهت ڏيڻ ۾ ٽال مٽول نه ڪن. (حوالو: گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط- متن گل حيات ۾ موجود آھي). 2.9.1857: اڄ صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هو سنڌوندئ ذريعي واپاري ۽ تجارتي سامان آڻڻ نيڻ تي ڪيترو ڀاڙو ورتو وڃي ٿو ۽ ان جا واپار ۽ تجارت تي ڪهڙا منفي يا مثبت اثر پون ٿا. (حوالو: صوبائي حڪومت جو مراسلو نمبر 4039). 2.9.1919: برطانيه ۽ ان جي اتحادين طرفان ترڪئ تي فتح ۽ پنهنجئ مرضئ مطابق ٺاه مڙھڻ تي اڄ ڪراچي ميونسپالٽئ ٺھراء پاس ڪري, فرنگي سرڪار کي مبارڪ ڏني. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 2.9.1921: وشنو نئنارام شرما ڪانگريس جي ڌر سان واسطو رکندڙ تحريڪ آزادئ جو پرچارڪ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن هو. هن پنهنجي اخبار “ھندو" ۾ سرڪار خلاف ايڊيٽوريل لکيو. کيس گرفتار ڪري I.C.P جي قلم 124 موجب ڪيس هلايو ويو. اڄ کيس ٻن سالن جي ٽيپ ڏني وئي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). 2.9.1922: اڄ ڳوٺ پنھور لڳ نصيرآباد, ڳوٺ ٿالھ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽين طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. هنن جلسن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ عوام کي مقامي صنعت کي زور وٺرائڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. ٽنڊي محمد خان واري جلسي جي صدارت قاضي اسدالله شاه ٽکڙائئ ڪئي.(حوالو: الوحيد اخبار). 2.9.1924: ڪراچئ ۾ 1912 ۾ “ھندي ساهتيه ڀون" نالي ادبي تنظيم قائم ٿي ته جيئن هندي ادب ۽ ٻولئ جي خدمت ڪري سگهجي. اڄ ان جو ٻارهون سال ملهايو ويو. هن فنڪشن جي صدارت ٽي.ايل.واسواڻئ ڪئي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). [جنم ڏينهن]: 1879ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل الله مهر. 1895ع شاعر در محمد خاڪ ڪانڌيلوي. 1917ع شاعر سکو مل باگائي (ٽنڊو باگو / بمبئي). 1921ع صحافي طوطا رام وليچا (رتوديرو / آديپور). 1924ع مشهور لائبريرين ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر انيس خورشيد. 1939ع شاعر منگهارام ديوانو (ماتلي / انڊيا) . 1941ع سنڌ ڄائي باليووڊ اداڪاره ساڌنا شوداساڻي. 1945ع شاعر علي محمد پرويز . 1950ع ليکڪ علي مرتضى ڌاريجو (لاڙڪاڻو). 1957ع صحافي محمد رفيق ميمڻ (ميرپور خاص). 1964ع شاعر علي دوست عاجز(فريد آباد). 1965ع صحافي رزاق سروهي. 1976ع شاعره ۽ آرٽسٽ بختاور پليجو. [وڇوڙو]: 1762ع سنڌ جي اڳوڻو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو . 1913ع شاعر مخدوم محمد زمان سرڪار. 1962ع تعليمي ماهر عثمان علي انصاري