Thursday, 22 August 2024
SINDH in history today (23rd August). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
23rd August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd August} and my Good Day Wish.
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers.
Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please]
تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟
گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش,
دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش,
پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY {23rd AUGUST}
EVENTS:
1838: Colonel Pottenger is asked by his Government to purchase and store grain crops at Larkana. (Source: letter of 23rd of August 1838).
1918: The Chief of the General Staff, India reports that several [ Sindhi] employees of J.T. Chainrai & Co [of Sindhworki] from Tenerife & Panama had been bound over for spreading alarmist pro-enemy rumors. (Source: ‘Source-Material on Sindh workis’, compiled by Gul Hayat Institute).
1933: There is a debate on the clause regarding representation of labour Unions, Merchants etc in the Karachi Municipality. Baskhale proposes amendment seeking to remove the clause restricting the election of a representative of registered unions, to labourers and asks that instead of 2 seats, 3 should be reserved for, and this should be nomination. Jamshed Mehta taking part in debate says that he was President of the Federation of Labour Unions in Karachi, and it was he who had suggested restriction in order to give the labour an opportunity to be represented by an actual working men. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933).
1936: Prices of almost all States meet the Viceroy of India to have final talks on the Federal Plan. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939).
1947: Khan Abdul Qayoom Khan and his cabinet take over oath in NWFP. (Source: Newspapers).
1955: ‘One-Unit’ bill is presented in the Constituent Assembly of Pakistan (Source: ibid).
1976: Islamabad University is renamed as ‘Quaid-i-Azam University’ (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
***********
SINDH IN HISTORY TODAY {23rd AUGUST}
.
[ڪجھ واقعا]
23.8.1838:
انگريزن جي افغانستان تي نظر آھي. هو مڪمل فوجي تيارئ سان اوڏانھن وڃڻ گهرن پيا. سنڌ جي مختلف شهرن کان گذرڻ وقت, هنن اناج,گاه ۽ اٺ خريد ڪيو. اڄ ڪرنل پاٽينجر کي پنهنجي سرڪار هدايت ٿي ڪري ته لاڙڪاڻو ۾ ميرن ۽ دوڪاندارن کان اناج خريد ڪري ڪٺو ڪري. (حوالو: ڪمپني حڪومت جو مراسلو مورخه 23 آگسٽ 1838).
23.8.1856:
سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي انگريزن سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۽ رستن جا نقشا ٺاهڻ شروع ڪيا هئا. پوء جڏهن هو حاڪم ٿيا ته انھن سروي Survey ڪرائڻ تي خاص توجه ڏنو. اڄ اپر سنڌ جي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ڊويزن جي روينيو سيٽلمينٽ, سروي ۽ حدن جي رپورٽ ڪمشنر ڏانھن ڏياري موڪلي. اها سروي لفٽيننٽ فورڊ نالي انگريز عملدار ڪئي هئي. (حوالو: اپر سنڌ جي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 313).
23.8.1918:
اڄ چيف آف جنرل اسٽاف انڊيا رپورٽ ۾ لکيو/چيو ته سنڌ ورڪي جيڪي ڏيساور ۾ واپار ڪن ٿا, سي اتي برطانيه جي مفادن خلاف ڪم ٿا ڪن. هن لکيو ته جي. ٽي. چئنراء جا ڪيترائي [سنڌي] ملازم پاناما ۾ ملڪ-دشمن پروپئگنڊا ڪن ٿا. (ذريعو: ‘ سنڌ ورڪيز تي’ مرتب ڪيل گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان مواد).
23.8.1933:
اڄ به ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ “ڪراچي ميونسپالٽي ائڪٽ“ ۾ تريميم آڻڻ تي بحث ھليو. غير سنڌي ميمبرن بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته رجسٽرڊ مزدور يونئينس کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنھنجي طرفان ٻه ميمبر چونڊڻ جو حصو ڏجي. ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪارواين جو رڪارڊ سنڌ ۾ ڪونهي. انگريز سرڪار India in Parliament جي نالي سان هر سال ڪتاب ڇپرائيندي هئي. ان ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائوونسل ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا مڪمل ڪاروايون ڏنيون وينديون. محقق لاء اهي ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا. انھن جو مڪمل سيٽ دهلئ جي آرڪائيوز ۾ موجود آھي. گل حيات ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪاروايون چڱي خاصي تعداد ۾ موجود آھن.
23.8.1936:
"انڊيا ايڪٽ آف 1936" هندستان سان لاڳو ٿيو. ان بعد مسئلو پيدا ٿيو انڊيا جي وفاق جي ڪهڙي نوعيت هجڻ گهرجي. انھئ مامري تي ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء اڄ ھندستان جي سمورين آزاد رياستن جا والي وائسراء سان مليا.(حوالو: ڇهماهي انگريزي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر" ، سال1939 ۽ واليوم 2).
23.8.1955:
‘ون يونٽ’ بل پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو
23.8.1976:
اڄ “اسلام آباد يونيورسٽيءَ“ کي ’قائد اعظم يونيورسٽي‘ جو نالو ڏنو ويو.
{23 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
[جنم ڏينهن]:
1943ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري.
1945ع اداڪار تيجڀان ڪرپلاڻي (ٽنڊو محمد خان / جئپور).
1946ع سماج سڌارڪ محمد ملوڪ انڙ.
1967ع شاعره رخسانه پريت.
[وڇوڙو]:
1623ع صوفي شاعر شاه ڪريم بلڙي.
1798ع ٺٽي جي اڳوڻو گورنر غلام علي نظاماڻي۔
1972ع شاعر انور علي شاهه (چڪ).
1987ع ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي.
1992ع شاعر سليم هالائي.
2010ع شاعر اختر لڪياري.
Wednesday, 21 August 2024
SINDH in history today (22nd August). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Everything changes and everything fades: Either it is day and night, or love and beauty. Avail opportunities and don't miss chances. It is vision and it is wisdom.
If you are encircled with sorrows & worries, don't worry. They are not everlasting. If you are in love, try to avail it before it fades. If you are capable to do anything , do what you can do before time and circumstances are changed.
Keep in mind that at anytime anything can change and anything can happen. Nothing is to remain same.]
نہ ئي سدا رات رهي نہ ئي سدا رهندا سور,
مند مٽجي ماڻھون مٽجن ۽ پيا مٽجن پور,
مٽجي سگهن ٿا جي محبت ۾ رهيا مخمور
مٽجي وڃن ماڻھن جا گهمنڊ ۽ گهڻا غرور,
مطلب مقصد ڪري مٽجن ماڻهن جا شعور,
وٺ مٽجڻ کان اڳ سرور, سونهن سلام جا SINDH IN HISTORY TODAY (22nd AUGUST)
22nd August
BIRTH DATES
Ghulam Qadir ‘Shahbaz’ (Jamshoro/Poet/1925),
Moula Bux ‘Qasir’ (Garhi Yaseen/Poet/1932),
Kalpna Parsani (Mombai/Artist/1958),
Mukhtyar ‘Naz’ (Kandhkot/Poet/1962),
Khoonchand Shahani (Hyderabad > Baroda/Writer/1963),
‘Saghar’ Muhammad Hussain Mahar (Ruk/Poet/1969),
Ahmad Khan Samo (Salih Samo/Poet/1975).
DEATH DATES
Abu Ishaq Ibrahim Sindhi Moosli (Judge/1213),
Noor Muhammad Lakhr (Chakro/Politician/1937),
Moulana Obedullall Sindhi (Religious Scholar, Freedom Fighter & Founder of Jamna Birbda Sindh Saghar Party/1944),
Moulana Shafi Muhammad Masjdi (Sodhari/Religious Scholar/1944),
Moulana Ahmad (Hala/Religious Scholar/1956).
EVENTS
1933: Tolani and Jamshed Mehta proposed the amendment in Karachi Municipality Act so Sikh community be give representation. Tolani asks for two seats and Jamshed Mehta proposed one seat in the Municipality. Miran Muhammad Shah, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah oppose the amendment. Hence it is rejected. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933).
1961: Pakistan closes down it two Consulates at Jalalabad and Kandhar. (Source: Newspapers).
1965 :” Indian Prime Minister Shastri warns Pakistan that ‘India will strike back if Pakistan’s aggression continue in Kashmir’. (Source: ibid).
1969: Descration of Al-Aqsa Masjid is resented throughout Pakistan (Source: ibid).
1972: Princely rule in Gilgit and Baltistan is abolished by the Pakistan Government. (Source: ibid).
TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI:
SINDH HISTORY (22nd August) By: Dr. Pathan
** 1849ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي مڪمل قبضي باوجود حڪومت کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، سنڌ جي ماڻهن انگريز حڪومت خلاف پهرئين ڏينهن کان ئي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي، سخت مشڪلاتن سبب انگريزن ڪراچي جي ڪيمپ بازار کي غير محفوظ سمجهيو، اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايتون ڪيون ته اتي وڌيڪ پوليس دستا مقرر ڪيا وڃن پر سنڌ جي ڪمشنر بمبئي جي گورنر کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار وٽ ايترا فنڊ ناهن جو وڌيڪ فورس مقرر ڪري سگهجي.
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمشيد مهتا ۽ تولاڻي ڪراچي ميونسپالٽي ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ميونسپالٽي ۾ سکن کي به نمائندگي ڏني وڃي، تولاڻي 2 سيٽون ۽ جمشيد مهتا سکن لاءِ هڪ سيٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ميران محمد شاهه، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله انهن ترميمن جي مخالفت ڪري ڇڏي، جنهن ڪري اهي ترميمون رد ٿي ويون.
** 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب جلال آباد ۽ قنڌار ۾ پنهنجا قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا 116 اهلڪار مارجي ويا، جنهن تي ڀارت سخت احتجاج ڪيو، ڀارتي وزيراعظم شاستري اهو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ پاڪستان کي ڌمڪي ڏني ته هو پاڪستان تي حملو ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته انهيءَ واقعي کانپوءِ اڳتي هلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي وئي.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت گلگت ۽ بلتستان ۾ پراڻي دور کان هلندڙ شاهي روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو.
** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ آمريڪي ميزائل ڪرڻ جو غلط اطلاع ڏيندڙ آءِ بي سربراهه چوڌري منظور کي عهدي تان هٽايو ويو، جڏهن ته سرحد (ڪي پي ڪي) جي چيف سيڪريٽري رستم محمد کي به بدلي ڪيو ويو. ٻنهي عملدارن اطلاع ڏنو هو ته آمريڪا جو ميزائل پاڪستان ۾ ڪريو آهي، جنهن تي پاڪستان آمريڪي عملدار کي طلب ڪري احتجاج ڪيو هو، بعد ۾ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته آمريڪا جو ڪوبه ميزائل پاڪستان جي علائقي ۾ نه ڪريو آهي.اڄوڪي ڏينهن 22 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
22 آگسٽ 1906ع شاعر غلام قادر شهباز (ڄامشورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1925ع اردو جي ناليواري ليکڪ، افسانا نگار ۽ اسڪالر اشفاق احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1932ع شاعر مولا بخش قاصر (ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1943ع ليکڪ امير احمد ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1962ع شاعر مختيار ناز (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1963ع صحافي خوبچند شاهاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1966ع صحافي اقبال چنا (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1967ع سنڌي ڪمپيوٽنگ لاء ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1969ع شاعر ساگر محمد حسين مهر (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1975ع شاعر احمد خان (مسڪين سمون) ٽنڊو الهيار جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
22 آگسٽ 1858ع آزاديءَ جي متوالي روپلو ڪولهي جي شهادت جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1937ع سماج سڌارڪ، سياستدان ۽ نور محمد هاء اسڪول جي باني نور محمد لاکير جي وفات ٿي.
22 آگسٽ 1944ع امام انقلا، آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو.
22 آگسٽ 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا شفيع محمد مسجدي جي وفات ٿي.
22 آگسٽ 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد هالائي جي وفات ٿي.
22 آگسٽ 2017ع سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي وفات ٿي.
22 آگسٽ 2017ع عوامي آواز اخبار جو مينيجنگ ايڊيٽر، صحافي ۽ کاٻي ڌر جو سياستدان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو.
Tuesday, 20 August 2024
SINDH in history today (21st August). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Ali Pathan
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Whatsoever consequences be, but I can't leave your door. Because, I can't abandon everlasting beauty & peace, that is available only and only there.
Dear I am on way to my destination. It is deep sea of sorrows & longings. So what? If I am not reaching at my destination, wreck of ship of my hope and sacrifice will narrate story of my love, sincerity and dedication for you.]
ڪن ٻيڙا ساڙيا ڪن جا ٻيڙا ٻڏا پر ڪيئون نہ تنهنجي بره کان بس,
مارين جيارين تارين ٻوڙين اهو تان تنهنجي جانب آھي سڀ وس,
ڀلا تون کڻي ڏس, تہ وڃئون ڪاڏي سندء سونهن سلام سواء؟
SINDH IN HISTORY TODAY (21st AUGUST)
21st August
BIRTH DATES
Kumari Sarswati Advani (Hyderabad/educationist/1906),
Faqir Sultan Mahar (Rustam/Folklore Poet/1907),
Sajandas Jhatomal Vatnani (Social worker/1908),
Rochiram Parchandani (Mithi/Hari Leader/1928),
Abdul Karim Pali (Atta Muhammad Pali/Poet & Politician/1940),
Allah Rakhio Naeem (Lakho Pir/Journalist/1944),
Sunil Hashmatrai Advani (Mumbai/Artist/1956),
Syed Gul Muhammad Shah Bukhari (Bakho Siyal/Poet, writer & founder of Seerat Library/1960),
Aziz Soomro (Haji Ibrahim Rind/Journalist/1067),
Abdul Majeed Khati (Sanjarpur/Artist/1958)
DEATH DATES
Dayaram Jethmal (Karachi/ founder D.J. Sindh College/1887),
Dr.Qurban Jhatyal (Social worker & writer/2012).
EVENTS
1849: The Government of Bombay communicates to Sindh Commissioner that fined any suitable post for Seth Naumal, ex-Kardar of Karachi, and if it was not possible the Governor would confer on him 1,000 big has of land, it being understood that the grant was for his life time only and arrangements be made to provide water for cultivation. (Source: Letter No.7683).
1927: The Khilafat Conference in Calcutta presided over by Moulana Muhammad Ali and attended by Sindh leaders of Khilafat urges mutual toleration between Hindus and Muslims regarding religious matters and work for the liberation of the Motherland. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1927).
1933: Taking part in the debate on the amendment moved by Dr.M.L.Dixit for having common and not separate electorate in various corporations, Shahnawaz Khan Bhutto opposes the move, today, in the Bombay Legislative Council. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933).
1947: Hyderabad Dakhan announces its independent status. (Source: Newspapers).
1957: West Pakistan cabinet decides to dispose of Ghulam Muhammad Barrage land as soon as possible. (Source: ibid).
1971: Mahmmod-ul-Haq Usmani, Secretary General of the National Awami Party is arrested. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gul Hayat Amina Institute).
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
( 21 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
21.8.1808:
ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton فرنگين جو مسقط ۾ ريزيڊنٽ ھئو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ لکي ٿو ته مير فتح علي خان فرانسين کي سنڌ جي بندرن جي استعمال ڪرڻ جي ان شرط تي اجازت ڏيڻ لاء تيار آھي ته فرانسي سنڌ جي حڪمرانن کي افغانستان جي داداگيرئ کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن افغانستان کي ٽوڙي سگهجي. (حوالو: "سنڌ ۽ برطانيه جا تجارتي لاڳاپا"- ويب تي رکيل ڊاڪٽر درمحمد جو انگريزي ڪتاب).
21.8.1841:
اڄ آئوٽرام خط ذريعي پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته شڪارپور ۾ مختلف ميرن جون پتيون آھن. پر مون کي يقين آھي ته اهي مير شڪارپور اسان جي حوالي ڪندا, جيڪڏهن انھن کي شڪارپور جي اپت مان پنجين پتي ڏيڻ جو يقين ڏبو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته نئين معاهدي بابت جيترا آھن مير اوتريون آھن ڳالهيون. پر مان پر اميد آھيان ته سڀني کي متفق ڪري ويندس. (حوالو: آئوٽرام جو خط).
21.8.1849:
اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچي جي اڳوڻي ڪاردار سييٺ نائومل لاءِ ڪا مناسب نوڪري ڳوليو. وڏي سرڪار 1،000 بيگا زمين کيس زندگئ ڀر لاء بخشيش ڪندي, ان زمين جي پوکيءَ راهئ لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ لاء اهتمام اوهان کي ڪرڻو پوندو. (حوالو: مراسلو نمبر 7683). ياد رهي ته سيٺ نائونمل هوتچند انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ وڏي مدد ڪئي هئي. انھن لاء اٺ خريد ڪيائين, اناج ۽ گاه خريد ڪيائين ۽ ضرورت وقت ڏوڪڙ ڏنائين. پر, نيپئر هن کي پريشان ۽ تنگ ڪيو. ليڪن حالتن هن جو وارو ورايو.
21.8.1855:
اڄ جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي ۽ دادو تعلقن جي جاگيردارن جي لسٽ ٺاهي ڪمشنر ڏانھن موڪلي. (حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو مراسلو نمبر 12).
21.8.1927:
اڄ ڪلڪتي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت مولانا محمد علي ڪئي. سنڌ جي مشھور خلافتي اڳواڻن ان ۾ شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذهبي معاملن بابت گڏيل رواداري ۽ مادر وطن جي آزادي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ بابت ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1927 ۽ واليوم 2).
21.8.1933:
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر ايم ايل ڊيڪزٽ Dr.Mac.Laager.Dixit طرفان چونڊڻ وارو ترميمي بل ٿيو هو ته چونڊون گڏيل طريقي سان ٿين ۽ انھن لاء مذھبي بنياد تي الڳ حلقا نه ٺاهيا وڃن. اڄ ان تي بحث دوران شاهنواز خان ڀٽي انھئ ترميم جي مخالفت ڪئي. (حوالو: انڊين ائينيول سالياني رجسٽر ، وال -11 ، سال 1933).
21.8.1957:
ويسٽ پاڪستان ڪابينا فيصلو ڪيو ته غلام محمد بئراج جي زمين جلد کان جلد گهرندڙن کي ڏني وڃي. (معلومات جو ذريعو: اخبارون)
***************
{ 21 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن]:
1906ع ماهر تعليم ڪماري سرسوتي (حيدر آباد).
1907ع شاعر فقير سلطان مهر (رستم).
1908ع سماجي ورڪر سجنداس جهاٽومل واٽواڻي.
1928ع سياستدان روچيرام پيرچنداڻي (مٺي).
1936ع ڪهاڻيڪاره اندرا واسواڻي(ميرپور خاص / آديپور).
1940ع شاعر ۽ سياستدان خانصاحب عبدالڪريم پلي.
1944ع صحافي الهه رکيو نعيم.
1956ع اداڪار سنيل آڏواڻي (بمبئي).
1960ع ليکڪ سيد گل محمد شاهه بخاري.
1967ع صحافي عزيز سومرو.
[وڇوڙو]:
1887ع سماج سڌارڪ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچئ جو باني ڏيارام ڄيٺمل.
1961ع تعليمي ماهر جيوت رام ماٽائي.
2007ع اردو جي نامياري ليکڪا، ناول نگار ۽ صحافي قرت العين حيدر.
2012ع شاعر، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
Monday, 19 August 2024
SINDH in history today (20th August). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
20th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute. Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Everybody has to witness darkness during most of nights and darkness of conditions, brightness of day time and brightness of hope and trust. He/She has to be influenced accordingly. But, people having vision & wisdom of human love & respect full of sincerity, dedication and sacrifice, in their minds & hearts cannot be affected by any darkness or impressed by any brightness.They only witness, propagate and promote beauty & peace ]
ڪي ئي ڪاریون ایندیون راتیون، ڪي ئي اجرا ایندا ڏینھن،
جي دلیون رنگیون سندء نینھن، تن لاء فرق نہ ڏینھن ۽ رات جو
**************
SINDH IN HISTORY TODAY {20th AUGUST}
EVENTS:
1838: The Government of India asks Colonel Pottenger to apprise it of result of his negotiations with Sindh Rulers and suggest the Government the best mode of transmitting troops to Sindh and what extent of transport would be obtained either at mouth of Indus or at Thatta. (Source: Letter No.143).
1839: In his minutes, the Governor-General of India records his views about army of Indus and its political prospects.(Source: indicated).
1919: It is the victory of the Allies, but our Upper Class is running and rushing to congratulate Government! Udernomal Kauromal (Vice President of the Taluka Local Board Jamesabad), Mukhi Ganoomal ( of Jamesabad) and Parsaram Banbumal ( of Jamesabad) send the message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette).
1921: Aman Sabha is formed at Rohri to support Government and combat Non-Co-Operation Movement launched by the Sindh Khilafat and Congress. Syed Ali Akbar Shah is elected President. Whereas Pleader Hassanand, Seth Chandiram and Radha Kirshan are elected as Vice President, General Secretary and Treasurer respectively (Source: The Daily Gazette).
1923: Lalchand Amardinomal Jagtiani started conducting classes on the life, achievements and poetry of Shah Abdul Latif Bhitai. Arrangement is made in the Night School of Preem Mandli of Karachi (Source: The Daily Gazette).
1972: Council Muslim League terms ‘Simla Agreement’ as set back to the ideology of Pakistan (Source: Newspapers).
TRANSLATIN OF THE POST INTO SINDHI:
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ڪجھ واقعا]
20.8.1838:
ڪمپني سرڪار اڄ ڪرنل پاٽينجر کان معلوم ڪيو ته هن جي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو ۽ فرنگي فوج سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو بهترين طريقو ڪهڙو هوندو ۽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۽ ٺٽي کان انھئ جي سامان ڍوئڻ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهي ٿو. (حوالو: ڪمپني سرڪار جو مراسلو نمبر 43).
20.8.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي منٽس Minutes ۾ سنڌو ۾ فوج پهچائڻ, رکڻ ۽ ان جي سياسي امڪانن بابت پنهنجا ويچار رڪارڊ ڪيا. [فرنگين جي اها انتظامي روايت هوندي هئي ته هو جيڪو به فوجي يا سياسي قدم کڻندا هئا ته اهي رڪارڊ تي رکندا هئا.]
20.8.1841:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ “سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد خان اسان جي آئوٽرام سان معاهدو ڪيو آھي ته هو سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء اسان کي ساليانو پنجاه هزار رپيا خراج ڏيندو ۽ پرڳڻن بابت حيدرآبادي ميرن سان مامرا اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي فيصلن جي روشنئ ۾ حل ڪندو. (حوالو: مراسلو نمبر 64).
20.8.1919:
اتحادين جي فتح ٿي ۽ ترڪئ کي شڪست آئي ته سنڌ جي سرڪاري ۽ درٻاري ماڻھن جو مڪو مچي ويو. هنن تارون ڪري فرنگي سرڪار کي مباڪن مٿان مبارڪون ڏنيون. اڄ جن سرڪار کي مباڪباد جون تارون موڪليون، اهي آھن: اڏيرومل ڪوڙومل (تعلقي لوڪل بورڊ جيمس آباد جو نائب صدر) ، مکي گنومل (جيمس آباد) ۽ پرسارم بنبومل (جيمس آباد). (ذريعو: دي سنڌ آفيشل گزٽ).
20.8.1921:
اڄ روهڙئ ۾ سرڪار-پرست سياسي پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. امن سڀا ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن خلافت ۽ ڪانگريس پاران شروع ٿيندڙ عدم تعاون تحريڪ کي روڪي سگهجي ۽ عوام کي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن کان پري رکجي. سيد علي اڪبر شاهه کي امن سڀا جو صدر چونڊجي ويو, جڏهن ته وڪيل هاسانند ، سيٺ چنديرام ۽ راڌا ڪرشن کي بالترتیب نائب صدر ، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي طور چونڊيو ويندو آهي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ).
20.8.1923:
لالچند امرڏنيمل جڳتياڻي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعرئ تي ڪلاس وٺڻ شروع جو آغاز ڪيو. ڪراچي جي پريم منڊلي جي نائيٽ اسڪول ۾ انھن ڪلاسن جو انتظام ڪيو ويو. هن ڪيترو عرصو اهي ڪلاس ورتا. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار).
20.8.1972:
اڄ ڪائونسل مسلم ليگ ”شمله معاهدي“ کي نظريه پاڪستان خلاف هڪ سازش قرار ڏيندي, ان تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: اخبارون)
{ 20 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن]:
1924ع شاعر شاهه محمد عجب.
1933ع اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري.
1933ع اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد رشيد ڀٽي. 1933ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي.
1942ع اداڪار موتي ڪلواڻي (بڙودا).
1945ع راڳي اشرف علي ٻرڙو(قنبر).
1952ع سياسي ورڪر شمس الدين قاضي.
1956ع شاعر خادم علي مشاهد.
1960ع شاعر نواز سومرو.
1966ع شاعر حقير رند.
1970ع شاعر غلام شبير ڏيپر.
1974ع شاعر امداد بخاري (سجاول).
1976ع صحافي ياسين مشوري.
[وڇوڙو]:
1890ع صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي.
1895ع سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي.
1988ع سياستدان، سماجي ۽ مذهبي شخصيت ارباب الهجڙيو.
Sunday, 18 August 2024
SINDH in h.Pathan & TrANSLATOR mUMTaz Ali Pathanistory today (19th August). Author Dr
19th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ It is said that the time will come when there will be shadows in place of people. Nobody will be eye and ear and nobody will listen, see and understand sorrows and longings of others. People will not act and behave as they will be, but will love to dance as desired by others and required by others. Love and respect will be there only in books, but not in hearts and minds.
Dear! When you unfortunately face such a situation, be, what you are and behave as you are beauty & love, peace & respect.]
اهڙو وقت بہ ايندو يا آيو آھي جو هوندا ماڻهن بدران جت ڪٿ پاڇا,
اکين هوندي نہ ڏسندو ڪوئي ڪنهن جا ڪن نہ سڻندا درد جي ڀاشا,
پنهنجئ چال چلڻ جي بدران ڪي کين نچائي ڪندا وجهندا تماشا,
باز بره جا اڏري ويندا باقي انا ۽ نفرت جا وڃي پوء بچندا باشا,
اهڙو وقت اچي تہ پوء آشا,رکجان تون سرت سونهن سلام ۾.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY {19th AUGUST}
EVENTS:
1843: Mir Sobdar Khan’s petition is forwarded to the Governor-General of India by the Bombay Government. In his petition, Mir has said that ‘with all my property, goods and things came into the plunder of the English Sahibs’. (Source: ‘Correspondence related to Sindh’.)
1857: Upper class of Sindh is pleased by various means so as to make them more loyal. That is why the Collector of Shikarpur disposed of the building with Zamindari rights of compound wall and garden for Rs.625, except the portion occupied by the Deputy Collector. (Source:Letter No.2694).
1945: The All-India Committee of Hindu Maha Sabha concludes its session in New Delhi after adopting their political resolution declaring the Constituent Assembly based on separate electorates was unacceptable. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1945).
1946: R.K.Sidhwa, Secretary of the Sindh Coalition Assembly Party and a Parsi Congress leader, in a statement refuted the suggestion which Mr. Jinnah made in his recent statement replying to Pandit Nehru, ‘that the Parsi organization is certainly not with the Congress’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946).
19.8.1922:
FROM THE PAGES OF THE FREEDOM MOVEMENT : HOW THE BRITISH INDIA KEPT SURVEILLANCE OVER AGITATORs & POLITICAL WORKERS BELONGING TO SINDH KHILAFAT TAHREEK & SINDH CONGRESS, INCLUDING PEOPLE– ONE SECRET DOCUMENT TELLS US STORY AS UNDER:
Vide confidential letter No.S.B/908 of 1922, dated 19th August 1922, the D.I.G of Police for Sindh, issues Circular to all Superintendents of Police that in compliance to the Directive of the Secretary to Government Home Department (Special), all are required to furnish ‘Weekly Intelligence Summary’. It must cover the following points:
1. List of political meetings held (with date, place & eminent participants).
2. Organizations and their activities.
3. Details about agitations, processions.
4. Funds: How meetings, agitations and processions were financially managed?
5. Reports about Schools, Colleges and other Educational institutions.
6. Brief about Lawyers and political activities of Bar.
7. Judicial/Court action against agitators.
8. Boycotts of Europeans by their servants.
9. Any political activities in Municipalities/ Local Board.
10. Labour activities.
11. Press coverage and Pamphlets etc.
These ‘Weekly Intelligence Reports’ were sent right from September 1922 and onwards to the then office of the D.I.G.
TRANSLATION OF THE POST IN SINDHI:
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(19 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ڪجھ واقعا]
19.8.1832:
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي مير مراد علي (ميرپور خاص), مير رستم خان (خيرپور) ۽ حيدرآبادي ميرن جي پرڳڻن جا تفصيل لکي موڪليا ۽ اها صلاح به ڏني ته اسان جي فوج سنڌوندي ٽپي پارڪر جي لٽيرن خلاف وڙھي ته بهتر. انھئ ويڙھ ۾ ميرپور واري مير مراد علئ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آھي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 127),[مطلب ته پنهنجن کي مارائڻ ۾ پنهنجن وس وارن ئي سدائين ڌارين جي مدد ڪئي آهي]
19.8.1841:
اڄ ڏکڻ سنڌ جي فرنگي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليڪئيLeckie .J.D ڪمپني حڪومت ڏانھن انھئ ٺاه جي ڪاپي ڏياري موڪلي,جيڪو مير حسين علي خان ۽ مير شھداد خان وچ ۾ ٿيو هو ۽ ان ۾ فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اثر ۽ عمل دخل هو. هئ ٺاه مير نور محمد جي وفات کان پوء شڪارپور جي وارثئ واري ورهاست بابت هئو. هن ٺاه ۾ اهو به جاڻايو ويو ته هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي شڪارپوري نوڪرن/نمائندن کي تنگ نه ڪندا ۽ پنهنجا اختلاف وڌڻ نه ڏيندا.
19.8.1842:
افغانستان جون حالتون انگريزن جي حق ۾ ڪونه هيون. انھئ صورتحال مان ميرن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ حيدرآباد جي مير نصير خان پنهنجي شڪارپور واري ڊپٽئ/نمائندي کي هدايت ڏني ته بهاول ڪوٽ,مٺڻ ۽ سبزل ڪوٽ کان ايندڙ يا اوڏانھن ويندڙ ٻيڙين کي هلڻ نه ڏي. (حوالو: ويب تي رکيل ۽ انگريزئ ۾ لکيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو ڪتاب Commerial Relation Between Britain and Sindh).
19.8.1843:
نڀاڳي نيپيئر مياڻئ ۾ ميرن کي شڪست ڏيڻ کان پوء حيدرآباد قلعي کي لٽرايو ۽ ميرن جي گهرن کي ڦريو. مير جڏهن جنگي قيدي ٿي ملڪ بدر ٿيا ته اهڙي ظلم تي ماٺ ڪري نه ويٺا. مير صوبدار خان دانھيو. اڄ ممبئي سرڪار طرفان مير صوبدار خان جي درخواست/پٽيشن هندستان جي گورنر جنرل ڏانهن موڪلي. پنهنجي درخواست ۾ مير چيو ھو ته ‘منهنجي سموري ملڪيت ، سامان ۽ شيون نيپيئر جي فوجين ڦريون'. (حوالو: ڪتاب ‘Correspondence related to Sinde ’.)
19.8.1945:
اڄ دهلئ ۾ آل انڊيا هندو مها سڀا جي ڪميٽئ ٺهراءُ پاس ڪيو ته "جداگانه انتخاب" جي بنياد تي قائم ڪيل ھندستان جي دستور ساز اسيمبلي قبول نه ڪئي ويندي. (حوالو: ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1945, واليوم 2).
19.8.1946:
مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پارسي ڪانگريس سان گڏ ناهن. آر.ڪي. سڌوا پارسي هو ۽ سنڌ ڪانگريس جو فعال اڳواڻ ھو, تنھن قائد اعظم جي ڏنل بيان جو جواب ڏيندي چيو ته اهو بيان درست ڪونھي, منھنجو مثال ڪري وٺو ته مان پارسي به آھيان ۽ ڪانگريسي به آھيان. (حوالو: Indian Annual Register, سال 1946, واليو ٻيو).
19 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
[جنم ڏينهن]:
1920ع سياستدان اميد علي شاهه جيلاني (سکر).
1937ع شاعر مائل سروري.
1954ع ليکڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ (ڏيپلو).
1956ع صحافي فتح محمد ڏاهري.
1977ع شاعر آزاد حبدار علي (سيتا) .
1981ع شاعر انور جروار (خانواهه).
[وڇوڙو]:
1953ع صوفي شاعر غلام علي مسرور (شڪارپور).
1971ع شاعر ليکراج عزيز
Saturday, 17 August 2024
SINDH in history today (18th August). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
18th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Life cannot be allowed to drag us as it desires, but we must set direction and select colours for it. Let us make it 'motive & 'pressure-free'. Let it be symbol of sincerity & sacrifice. Dear! Let it be your beauty and my love]
من محبن یا مطلب جو، ڪنهن جو رهندين تون محتاج؟
یا برھ بي لوثئ ایثار جو، پنھنجي سر تي رکندي تاج؟
یا سرت سلام جو سماج، ڪندين قائم پرين پیار سان؟
SINDH IN HISTORY TODAY {18th AUGUST}
EVENTS:
1834: Munshi Jethanand sends letter to Pottenger informing him that a Hundi of Rs.500 has been sent to Mr.Masson at Kabul. Munshi writes also that his Masters wanted to assure you that friendship between them and British Government would continue from generation to generation. (Source: Munshi’s letter of 18th August, 1934).
1857: The Sindh Commissioner asks the Agent, Sindh Railway Company to work on plan for connecting the rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.1392).
1920: Third Caravan of Sindhi migrants leaves Lahore for Peshawar. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). It was major political mistake of Sindh Khilafat Committee for giving call to quit Sindh. Only Sindhis opted to migrate to Afghanistan and hundreds of families got uprooted on their own. Most of them were not received by Afghan Government and they returned empty handed to Sindh. Prior to migration they sold their properties. This migration movement set a trend that was followed by Indian Muslims soon after creation of Pakistan.
1922: A public meeting is held at Sukkur by the Khilafat Committee and people are asked to follow their religion in letter and spirit. (Source: The Daily Al-Wahid).
1933: The Bombay Legislative Council considers the Bill to consolidate and amend the law relating to the Municipal government of the city of Karachi. Jamshed Mehta, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah participate in the debate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933).
1939: On the call of Sindh Muslim League, ‘Masjid Manzilgah Day’ is observed by majority of Sindhi Muslims. Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Muhammad Ayub Khuhro; Muhammad Hashim Gazdar and Syed Khair shah issue strong-worded statement condemning the K.B.Soomro’s policy regarding the restoration of Masjid Manzilgah and demanding immediate resolving the issue. (Source: The Daily Alwahid, Karachi).
1947: NWFP opts to join Pakistan. First ever Eid-ul-Fitir is celebrated in Pakistan and this newly born country becomes member of UNO. (Source: Newspapers).
1958: Sharif Commission is constituted to bring drastic changes in Education system. It proved to be set back for Sindhi language and deprived it of status of medium of instruction. (Source: Government Notification).
1961: Pakistan joins United Nation’s force. A 500- army men army leave for Dar-u-Salam, East Africa. (Source: ibid).
1973: Opposition has opted for war-path. Arrests of NAP leaders have not been made in haste, says Z.A.Bhutto. (Source ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).
SINDH TRANSLATION OF THE POST:
( 18 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ"-(18 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ ڪجھ واقعا ]
18.8.1808:
اڄ ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton ڪمپني حڪومت کي سنڌ مان لکي ٿو ته سنڌ جا مير حڪمران اسان جي سرڪار سان هنن ڳالهين تي معاهدو ڪرڻ گهرن ٿا: 1. ڀلي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ فرنگي فيڪٽريون کولن,2. ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي جي دشمن کي پناه نه ڏين, 3. فرنگي ميرن کي عمر ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ ۾ مدد ڏين, 4.ڪڇ جو ساحلي پٽو ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. (حوالو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب " برطانيه ۽ سنڌ جا واپاري لاڳاپا")
18.8.1834:
اڄ حيدرآباد مان منشي جيٺانند پاٽنجر ڏانهن خط موڪليو ۽ هن کي ٻڌايو ته 500 روپين واري هنڊي مسٽر ميسن ڏانهن ڪابل موڪلي وئي آهي. منشي وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ جا حڪمران توهان کي يقين ڏيارڻ گهرن چاهين ٿا ته انهن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ دوستي نسل در نسل جاري رهندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان وچ ۾ مير مراد علي خان جي وفات بعد سندس پرڳڻي جي ورهاست تي شديد اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. (ذريعو: منشي جو خط 18 آگسٽ).
18.8.1838:
اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي هدايت ڪئي ته هو خيرپوري ميرن کان بکر قلعي وٺڻ لاء گهر ڪري.
18.8.1841:
آئوٽرام اڄ ڪئپٽن ليڪئ Captain Leckie کي تمام طويل ۽ تفصيلي خط لکي صلاحون ڏنيون آھن ته کيس سنڌ ۾ ميرن ۽ عوام سان ڪيئن هلڻو آھي. ميرن جي باهمي اختلافن ۾ اڻ-ڌريو ٿي رهڻو آھي. هن حيدرآباد حڪومت جي مکيه ماڻھن جا نالا کڻي ٻڌايو اٿس ته ڪهڙي ماڻھوء جي ذھنيت ڪهڙي آھي. هن جي خط مان پتو پئي ٿو ته آئوٽرام مير محمحمد خان, مير صوبدار خان ۽ نواب احمد خان جي منشين کي لڳاتار خرچي ڏيندو هو ۽ انھن کان راز معلوم ڪندو هو.
18.8.1849:
ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکت ۾ سفارش ڪئي ته سرڪار کي چئجي ته سيٺ نائونمل کي 15 سو يا 2000 بيگا زمين جاگير ۾ ڏني وڃي. (حوالو: ڪليڪٽر جو خط نمبر 985).
18.8.1857:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ “سنڌ ريلوي ڪمپني“ جي عملدارن کي لکيو سکر کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ واري ڪم جي شروعات ڪيو. (حوالو: ڪمشنر جو خط نمبر 392).
18.8.1920:
"سنڌ خلافت ڪميٽئ" جو اهو غلط سياسي فيصلو هو ته سنڌين کي سنڌ مان لڏڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي آماده ڪجي. ان لاء “هجرت تحريڪ" جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي اسپيشل ريل گاڏيون هجرت ڪندڙن کي کڻي پشاور ويون. اڄ سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو ٽرين ذريعي لاهور کان پشاور لاءِ روانو ٿيو. (حوالو: روزنامه "الوحيد" ، ڪراچي).
18.8.1922:
خلافت ڪيميٽئ سنڌ ۾ سياست ۽ مذھب کي گڏ و گڏ کڻي انگريزن خلاف تحريڪ آھي. خلافتي, جتي ملڪ کي فرنگين کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندا هئا, اتي عوام کي مذھبي تعليم جي پوئوارئ جو تاڪيد به ڪندا هئا. خلافت ڪميٽئ جو اڄ سکر ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ مذھب ۽ سياست جون ڳالهيون ڪيون ويون. (حوالو: "الوحيد).
18.8.1933:
اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪراچي شهر جي ميونسپل گورنمينٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ بل تي بحث ٿيو. جمشيد ميهتا ، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله بحث ۾ حصو ورتو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1933 جو واليو ٻيو).
18.8.1939:
اڄ سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ “مسجد منزل گاهه ڏينهن” ملهايو ويو. حاجي عبدالله هارون ، جي ايم سيد ؛ شيخ عبدالمجيد سنڌي؛ محمد ايوب کهڙي ؛ محمد هاشم گزدر ۽ سيد خير شاه سخت بيان جاري ڪري وڏي وزير الله بخش سومري جي پاليسي جي مذمت ڪئي ۽ مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. (ذريعو: روزنامه الوحيد ، ڪراچي).
18.8.1947:
اڄ سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ فيصلو ڪيو. اڄ پاڪستان ۾ پهرين عيدالفطر ملهائي وئي ۽ اڄ پاڪستان يو اين او جو ميمبر بڻجي ويو. (ذريعو: اخبارون).
18.8.1958:
اڄ پاڪستان سرڪار تعليمي نظام ۾ وڏين تبديلين آڻڻ لاءِ "شريف ڪميشن" قائم ڪئي. ياد رهي ته هن ڪميشن جيڪي سفاشون ڏنيون, انھن سنڌي ٻولئ جي تدريسي اهميت ۽ تاريخي حيثيت کي نقصان ڏنو.
18.8.1973:
"اپوزيشن جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي. اين اي پي جي اڳواڻن جون گرفتاريون جلدبازي ۾ نه ڪيون ويون آهن"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان.
18 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
[جنم ڏينهن]:
1822ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري.
1828ع صوفي شاعر سيد محمد صالح اصغر.
1932ع سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو.
1941ع ناليواري ليکڪ وليرام ولڀ (مٺي).
1942ع شاعره نور شاهين (حيدرآباد).
1948ع مشهور نيوروسرجن ۽ سياست سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه(درٻيلو).
1953ع ليکڪ ابراهيم صالح.
1960ع شاعر مختيار سمون(ڏوڪري).
1960ع مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ(سکر).
1960ع شاعر شريف شاد سومرو (رستم).
1968ع صحافي چيتنداس (ٽنڊو الهيار).
1980ع هندستان جي فلم ۽ ڊرامن جي سنڌي اداڪاره پريٽي جهانگياڻي.
[وڇوڙو]:
1926ع بزرگ پير محمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ).
1988ع آرٽسٽ ميان اسدالله کونهارو.
1996ع لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه.
Friday, 16 August 2024
SINDH in history today (17th August). author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
17th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute. Dr.Pathan wishes YOU Good Day.
[Friend with vision & wisdom, care about love & beauty and sorrows & longings are integral parts of Aim of life. One can make it more beautiful by accepting & respecting other without discrimination, or make it ugly by disturbing peace of minds & hearts]
ساجن, سرت, سار ء سور، آھن سونھن سنسار سندي،
محبت خدمت ۽ خلوص بنا، ھئ حیاتي گندي مندي،
ویران دل- وسندي، جنھن ۾ ساز نہ سر سلام جو.
**************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{17th August}
EVENTS:
1843: The Governor-General constitute Committee comprising Captain Pope, Captain French and Shaikh Ali Hassan to probe into important issues relating to Khairpur such as matter relating to Mir Rustam Khan and his handing over ‘Turba’ to Mir Ali Murad Khan and ownership of country between Sabzalkot and Rohri (Source: Letter No.317).
1947: Muslim Majority areas as per census of 1941 will be included in Pakistan. It is announced. (Source: Newspapers).
1952: The commission constituted to probe into the reasons for killing Liaquat Ali Khan is published. It discussed three reasons for the killing: Killer’s mental state of affairs, Kashmir policy of Liaquat Ali Khan and religious differences. (Source: ibid).
1953: The tenure of service of Ayub Khan as the Chief Commander-in-Chief is extended up to January 1959. (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
( 17 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
17.8.1839:
انگريز سنڌ ۾ اڃا اقتدار ۾ نه آيا ھئا ته به سندن سنڌين ۽ حڪمرانن سان رويا ماڻھپي وارا ڪونه هئا. مير رستم خان جي ماڻھن سان فرنگي فوجي روهڙئ ۾ زيادتون ڪندا رهيا ۽ فوجن جا اٺ بي لغام فصل ۽ باغ تباه ڪندا رهيا ته مير انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ جو اهڙين حرڪتن طرف ڌيان ڇڪرايو. ان جي جواب ۾ اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل مير رستم علي خان کي خط لکي ٻڌايو ته ان لاء اسان ڪورٽ آف جسٽس ٺاهينداسين ۽ متآثر ٿيل ماڻھن کي دانھڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڏينداسين. راس بيل اهڙو پيچيدو طريقو ٻڌايو, جنھن مان فريادين کي انصاف بدران پريشانيون ڏسڻيون ٿي پيون. مير رستم علي خان راس بيل جي اها تجويز قبول نه ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته ملان جان محمد کي گورنر جنرل ڏانھن موڪلي, کيس ٻڌائبو ته فرنگي فوجي روهڙي ۾ ڀينگ ڪري رهيا آھن. (حوالو: راس بيل جو خيرپور مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 213).
17.8.1843:
مياڻئ جي جنگ کان پوء فرنگين ڏکڻ سنڌ تي قبضو ڪيو, هاڻي اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. مير علي مراد خان ڀائرن سان ڦٽائي به فرنگين سان ياري رکي. پر گورنر جنرل اڄ ڪئپٽن پوپ ، ڪئپٽن فرينچ ۽ شيخ علي حسن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي ته اها مير علي مراد خلاف انڪواري ڪري ۽ خيرپور ۾ اهم معاملن بابت تحقيق ڪري جهڙوڪ مير رستم خان کان مير علي مراد پڳ ڪيئن ورتي ۽ مير علي مراد خان کي سبزل ڪوٽ ۽ روهڙي جي وچ وارو پرڳڻو ڪيئن مليو (حوالو: گورنر جنرل جو خط نمبر 317).
17.8.1939:
"الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ “مسجد منزلگاه ۽ هنومان مندر" جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. ان ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هندو هنومان مندر تي هڪ ٿي ويا, پر مسجد منزلگاه تي جمعيت العلماء سنڌ مسلم ليگ سان هڪ نه ٿي ٿئي. (حوالو: الوحيد اخبار),
17.8.1952:
لياقت علي خان جي قتل جي سببن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ ۾ قتل جا ٽي سبب ٻڌايا ويا: 1. قاتل جي ذهني حالت ، 2. لياقت علي خان جي ڪشمير واري پاليسي ۽ 3. مذهبي اختلاف. (حوالو: اخبارون).
17.8.1953:
پاڪستان ۾ جيڪي ڏنڊي جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪندا آھن, اهي پنهنجئ نوڪرئ يا عهدي ۾ پاڻ واڌ ڪندا آهن. اڄ ايوب خان ڪمانڊر ان چيف وارئ ملازمت جي مدت جنوري 1959 تائين وڌائي ڇڏي.
***************
17 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
[جنم ڏينهن]:
17 آگسٽ 1892ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر روچيرام سڏاڻي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1938ع شاعر ۽ گلوڪار ڪشن بجاج (ٽنڊو آدم / آديپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1940ع ليکڪ غلام نبي ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1942ع پاڪستان فلمن جي مشهور اداڪاره شبنم جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1950ع صحافي علي حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1955ع گلوڪار سريش پهوجا (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1968ع صحافي پرويز قادر ناريجي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1975ع شاعر ساگر غلام حسين پنهور (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1981ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ صحافي اختر حفيظ جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو]:
17 آگسٽ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ پير ميان غلام نبي پنڃيل جي وفات ٿي.
17 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات ٿي.
17 آگسٽ 1988ع اڳوڻو آمر ۽ صدر جنرل ضياءُ الحق هوائي حادثي ۾ مري ويو.
Subscribe to:
Posts (Atom)






