Monday, 7 March 2022

Sindh History (March 8, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (8th MARCH)
8th March
BIRTH DATES
1. Dr.Hotchand Mulchan Gurbuxani (Hyderabad/Scholar/ Born 8 march 1883),
2. Nihchaldas Vazirani (Ex-Sindh Minister/ Born 8 march 1889),
3. Haji Mahmood Halai (Freedom Fighter & Journalist/ Born 8 march 1908),
4. Aen Qaf Shaikh (Gadro/Writer & Artist/ Born 8 march 1914),
5. ‘Masoom’ Halai (Poet/ Born 8 march 1935),
6. Vishno Mehtani (Gambat > Ulhasnagar/Poet/ Born 8 march 1937),
7. Tekam Bhavnai (Writer/ Born 8 march 1943),
8. Jetho Lalwani (Kandyaro > Ahmadabad/Writer, Actor & Stage Director/ Born 8 march 1945),
9. Awtarsing Gurnasinghani (Larkano > Ulhasnagar/Actor/ Born 8 march 1948),
10. Bashir Ahmad Malah (Hassan Wahan/Folklore Poet/ Born 8 march 1950),
11. Shamisuddin Mirani (Ahmad Metlo/Folklore Poet/ Born 8 march 1956),
12. Khowaja Zulfiqar (Goth Khowaja/Poet/ Born 8 march 1965),
13. Adal Solangi (Mirabpur/Writer & Social worker/ Born 8 march 1966),
14. Qadir Shaikh (Larkano/Writer/ Born 8 march 1967),
15. Laldino Shar (Mengho Faqir Shar/Folklore Poet/ Born 8 march 1972),
16. Ghulam Mustafa Solangi (Poet/ Born 8 march 1976),
17. Amar Sindhi (Dadu/Writer/ Born 8 march 1978),
18. ‘Premi’ Saeed Malgani (Malgani/Poet/ Born 8 march 1981),
19. Sattar Sundar (Wahid Bux Mari/Poet/ Born 8 march 1982).
8th March
DEATH DATES
1. Pir Sabghatullah Shah Sani (Pir Goth/Pagaro/ Death 8 March 1909),
2. Abdul Latif Bhatti (Hala/Poet/ Death 8 March 1911),
3. Moulana Muhammad Qasim (Gerhari Yaseen/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 8 March 1931),
4. Jan Muhammad ‘Azaf’ Halai (Poet/ Death 8 March 1979),
5. G.Allana (Poet & Freedom Fighter/ Death 8 March 1985)
EVENTS
8th March
1917: HassanandSundardasPamnani of Rohri was not only eminent Freedom Fighter but, Religious –minded Social worker. He established ‘Sat Sari DharamdasShewaMandli’ with social and religious Aims & Objects including, teaching of Saskirt language. Today, library is also opened and it is inaugurated by MetharamSajarsing.
1919; The Rowlatt Act is being debated in the Indian Legislative Council, but, masses are rejecting it in streets. Strike is observed in Karachi, Hyderabad, Sukkur, Shikarpur and Larkano. The Aims & Objects of the Act are designed to cope with anarchical and revolutionary crimes.
1947: The Indian National Congress demands the partition of Punjab.
1948: Khan Abdul Ghafar Khan and G.M.Syed form ‘All-Pakistan Peoples’ Party’. This may kindly be kept in mind that prior to this during British Period, Sir Shahnawan Bhutto also formed Peoples Party and his son Zulfiqar Ali Bhutto was inspired by his father and named his party as Pakistan Peoples Party.
1969: Opposition parties demand abolition of One-Unit.
1981: PIA plane hijacked to Afghanistan leaves for Damascus. Large scale arrests of PPP workers starts in the country in reaction.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
[ تاريخ جا واقعا ڳالهائيندا آھن. تاريخ جو لفظ لفظ ڳالهائيندو آھي. تاريخ آتي آھي ته کيس پاڻ به ٻڌو ۽ دوستن کي ٻڌايو.]
8.3.2020 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جي جهولي ڀري اوهان کي اوهان جي تاريخ ٻڌائڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. اڄ پنهنجي هٿن ۾ 8 مارچ جو ورق آھي ۽ پاڻ ڪن واقعن جو مطالعو ڪنداسين ۽ اهو ڏسنداسين ته سنڌ ۾ ڪهڙين مشھور شخصيتن جي ولادت ٿي يا وفات ٿي. هن سان پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪندو آھيان. اهو سال اڳ ۾ رڪارڊ ڪيو هيم ۽ تمام ٿورن سڄڻن تائين پهچائي سگهيو هيس. وڊيو ۾ کوڙ اهڙيون ڳالهيون آھن, جيڪي هتي ڪري نه سگهيو آھيان. ان ڪري اهو ضرور ڏسو ٻڌو.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
8.3.1849:
جکراڻين اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ۽ امن امان جا مسئلا پيدا ڪيا ته فرنگي سرڪار انهن کي پڪڙي گرفتار ڪري پوء کين جاني ديري ۾ آباد ڪيو. اڄ دريا خان جکراڻئ ۽ ڀورل جکراڻي ۽ سندس اولاد کي فرنگي سرڪار زمينون ڏنيون.
8.3.1917
روهڙئ ۾ 1916 ۾ ھاسارام پمناڻئ " ست سري شيوا منڊل" قائم ڪيو هو. اڄ ان ۾ لائبررئ جو اضافو ڪيو ويو. لائبررئ جو افتتاح ميٺارام سجاسنگ ڪيو.
8.3.1919:
ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور سميت سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ”روولٽ بل" خلاف وڏي پئماني تي اسٽرائيڪ ڪئي وئي. گڏيل هندستان جي تاريخ ۾ هن کي ڪارو قانون چيو ويندو آھي.
8.3.1939:
مولانا عبيدالله سنڌي وڏي عرصو ٻاهر گذارڻ کان پوء جڏهن سنڌ واپس وريو ته سندس انھئ واپسئ تي لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورين اخبارن ايڊيٽوريل لکيا. اڄ روزانه "هندو" اخبار پڻ ايڊيٽوريل لکيو. جنهن ۾ اها آس ڏيکاري وئي ته مولانا سنڌي هندو-مسلم اختلاف کي ختم ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو ۽ سنڌ ۾ ڪانگريس کي مضبوط ڪندو.
8.3.1846:
جي.ايم.سيد جي اخبار "قرباني" اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ جي.ايم.سيد طرفان ٺاهيل "سنڌ اسيمبلي ڪووليشن پارٽي" جي آئيندي جي منصوبن تي روشني وڌي. ياد رهي ته هن زماني ۾ جي.ايم.سيد ۽ سر غلام حسين هدايت الله الڳ الڳ ۽ متضاد ڪوليشن پارٽيون ٺاهيون. سنڌ اسيمبلئ جا ميمبر انھن جا ميبر هئا.
8.3.1947:
انڊين نئشنل ڪانگريس هڪ ٺھراء پاس ڪري پنجاب جي ورهاڱي جو مطالبو ڪيو.
8.3.1948:
خان عبدالغفار خان ۽ جي.ايم.سيد پاڪستان سطح جي سياست ۽ پس منظر ۾ سياسي خدمتون سرانجام ڏيڻ لاء "پاڪستان پيپلز پارٽي" جي نالي سان پارٽي ٺاهي. ياد رهي ته "پيپلز پارٽي" جي نالي سان ورهاڱي کان اڳ سر شاهنواز ڀٽي به پارٽي ٺاهي هئي ۽ ان ۾ به جي.ايم.سيد باني ميمبرن مان هڪ هو. هن نالي پوء ذوالفقار علي ڀٽي به پارٽي ٺاهي ۽ اها پارٽي سندس ڏينھن ۾ ۽ سندس ڌئ بينظير جي ڏينھن ۾ اقتدار ۾ رهي. بينظير ڀٽو جي شهادت کان پوء ھن پارٽئ جي وارثي مالڪي زردارين جي ٿي.
8.3.1969:
مخالف ڌر جي سياستدانن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ون-يونٽ ٽوڙيو وڃي.
8.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي 10 مارچ تي ٿيندڙ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جي بائڪاٽ ڪرڻ جو اعلان ڪيو. پي.اين.اي هن کان اڳ قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلين هجڻ جي ڳالھ ڪئي هئي.
8.3.1981:
پاڪستاني جهاز افغانستان ڀڄائي ويندڙن اڄ جهاز کي دمشق اڏائي ويا. پٺيان پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي الذالفقار تنظيم ۽ پيپلز پارٽئ جي ڪارڪنن جو گرفتاريون شروع ڪيون ويون. بينظير ڀٽو کي گرفتار ڪري سکر جيل ۾ رکيو ويو.
8.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي رتيديري شاخ جون نئين سال لاء چونڊون ٿيون ۽ جنهن ۾ ارشاد سولنگئ کي سيڪريٽري, سيد غضنفر علي شاه راج کي جوائنٽ سيڪريٽري, مختيار گهمري کي آڊيٽر ۽ قمرالدين ڀٽي کي ڪائونسلر چونڊيو ويو.
8.3.1995:
ڪراچئ ۾ دهشتگردن پاڻ کي سگهاري قوت ثابت ڪرڻ ۽ ڏهڪاء پيدا ڪرڻ لاء گاڏئ تي حملو ڪري آمريڪي ڪائونسليٽ ۾ ڪم ڪندڙ ٻه آمريڪي شھري ماري وڌا.
8.3.2009:
شڪارپور جي جڳن ناٿ لائبررئ ۾ شيخ اياز جي سالگره ملهائي وئي. هن موقعي تي ممتاز منگئ, ضياء شاه, نسيم بخارئ, جاويد شيخ ۽ سليمان سومري شيخ اياز جي شخصيت ۽ ڏات تي روشني وڌي
***************
{8 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
8 مارچ 1883ع ناليواري محقق، اديب ۽ اسڪالر ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي جي حيدرآباد ۾ پيدائش ٿي.
8 مارچ 1889ع سياستدان، سنڌ جي اڳوڻي وزير ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن نيچلداس وزيراڻي جي ولادت ٿي.
8 مارچ 1908ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر حاجي محمود هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1914ع ليکڪ ۽ مصور ع ق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1921ع اردو جي مشهور شاعر ساحر لڌيانوي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1934ع مشهور مضمون نگار ۽ ذهين عورت بيگم ممتاز راشدي(علي محمد راشدي جي گهرواري) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 مارچ 1935ع شاعر معصوم هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1937ع شاعر وشنو مهتاڻي (گمبٽ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1945ع اداڪار ڄيٺو لالواڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1950ع سگهڙ بشير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1956ع سگهڙ شمس ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1965ع شاعر خواجه ذوالفقار جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
8 مارچ 1966ع ليکڪ ادل سولنگي (محرابپور) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1967ع ليکڪ قدير شيخ (لاڙڪاڻو)جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1972ع سگهڙ لعل ڏنو پريمي شر (مينگهو فقير شر) جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1976ع صحافي ۽ ليکڪ غلام مصطفيٰ سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
8 مارچ 1981ع شاعر پريمي سعيد ملگاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
8 مارچ 1909سيد صبغت الله شاهه ثاني (پير ڳوٺ) جي وفات ٿي.
8 مارچ 1919عشاعر عبداللطيف ڀٽي (هالا) جو انتقال ٿيو.
8 مارچ 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم (ڳڙهي ياسين) جو انتقال ٿيو.
8 مارچ 1979ع شاعر جان محمد اضعف هالائي جو انتقال ٿيو.
8 مارچ 1977ع جڳمشهور ناولنگار، ڪهاڻيڪار ۽ فلمساز ڪرشن چندر جو انتقال ٿيو.
8 مارچ 1983ع الغوزي نواز خميسو خان دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
8 مارچ 1985ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ سياستدان جي الانا جو انتقال ٿيو.

Sunday, 6 March 2022

Sindh History (March 7, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (7th March)
7th March
BIRTH DATES
Moulvi Abdul Ghafoor ‘Muftoon’ (Hamayoon/Religious Scholar, Freedom Fighter & Poet/ Born 7th March 1844),
Dev Kirshan Bhojwani (Hyderabad > Mumbai/Painter/ Born 7th March 1916),
Lalchand Arya (Arain > New Delhi/Writer/ Born 7th March 1919),
Badam Natwan (Shikarpur/Writer/ Born 7th March 1924),
Abdul Rasool ‘Mir’ (Gambat/Poet/ Born 7th March 1950),
Muhammad Usman (Jacobabad/Journalist/ Born 7th March 1954),
Naz Kazmi (Khosa/Writer/ Born 7th March 1955),
Abbdul Karim ‘Premi’ (Poet/ Born 7th March 1955),
Haji Khan Chachar (Khai/Writer/ Born 7th March 1964),
Tariq Amar Arijo (Khair Muhammad Arija/Writer & Political activist/ Born 7th March 1965),
Bukhari Afzal (Agra/Writer/ Born 7th March 1974),
Mir Dilshad Dharejo (Mitha Khan/Writer/ Born 7th March 1981),
Habib Khaskheli (Adam Khan Khaskheli/Artist/ Born 7th March 1981)
EVENTS
1914: The Graduates Association of Shikarpur was one of very active NGO of Shikarpur. It rendered valuable social services for a long time. Today, it has organized lecture on the topic of social awareness.
1926: Shaikh Abdul Majeed Sindhi launches movement for awareness about importance of education. Today, his appeal for cause is published in the Daily Al-Waheed of Karachi, in which he has diverted attention of readers towards critical situation of education in Sindh.
1935: Sir Shahnawaz Bhutto, Minister for Self Local Government of Bombay Presidency presents Budget Estimates for Forests in the Bombay Legislative Council.
1937: Sindh Muslim Adabi Society of Hyderabad remained very active for years. Today, It has arranged ‘Al-Sindh Poetic sitting’ at Hyderabad. Poets presented their poems.
1962: Pakistan Government sanctions six new industrial units under cash ceiling of Rs.20,000,00 development program for the current year for the Multan Region.
1969: Nine persons are injured by the firing of pro-Ayub procession in Rawalpindi.
1971: ShaikhMujeeb announces a program of action for non-co-operation movement and puts conditions for attending the session of National Assembly to be held on 25th March. His conditions include end of Martial Law, sending army back to barracks and transfer of power to elected representatives immediately.
1977: General elections are held by PPP Government and PPP wins 155 while PNA wins 35 seats out of total of 200. PNA alleges pre- planned massive rigging.
1991:MQM Chairman Azim Tariq expels Badar Iqbal, Afaq Ahmad and Aamir Khan on charges of conspiracy to eliminate Altaf Hussain
1992: Syed Muzaffar Shah is elected unanimously as the leader of the house/Sindh Chief Minister.
 
Dr Pathan: [ سنڌ سان محبت جي تقاضا اها آھي ته سنڌ جي تاريخ پاڻ پڙھجي ۽ دوستن کي پڙهائجي]
7.2.2022
روز اوهان کي دعا ڏيان ٿو ۽ سلام ڪريان ٿو ته دل کي سڪون ملي ٿو. وري جڏهن تاريخي واقعا ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات اوهان کي پهچايان ٿو ته دل جو بار هلڪو ٿئي ٿو.
سچ پڇو ته تاريخ جڏهن سچ ٻڌائي ٿي ته ذھن ۽ ضمير تي بار وڌي وڃي ٿو. اسان جا حڪمران ۽ عوام الڳ الڳ طريقي سان پنھنجو ۽ سنڌ جي بچاء ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌ کي نقصان ڏنو. صدين کان ۽ هر دور ۾ حڪمرانن سمجهوتي بازي ڪئي ۽ عوام حاڪمن ۽ ڌارين جي باه پاڻئ ۾ سڙندو ٻڏندو رهيو.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
7.3.1839:
سنڌ جي تاريخ جي ڄاڻن کي خبر آھي ته ڪراچئ ۽ منوڙي تي هڪ مهينو اڳ فرنگين قبضو ڪري ورتو هو. اڄ انھئ صورتحال ۾ سنڌ جو فرنگي ريزيڊنٽ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي حال احوال لکي موڪلي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد خان ۽ ٻين ميرن جي پٽن مون سان ملڻ آيا. ميرن جو لهجو ۽ رويو دوستاڻو پيو لڳي. مير نور محمد چيو ته پڪ آھي ته اسان کان جيڪي اوڻايون ٿيون آھن, گورنر جنرل اهي درگذر ڪندو ۽ انگريز فوج سنڌ ۾ دائمي طور رهي ته دوستئ جو ماحول پيدا ٿيندو,
2). هو لکي ٿو ته مون وراڻي ڏني ته جيئن مير اسان سان هلندا,تيئن اسان ساڻن هلنداسين. هاڻي مير اسان جي اختيار ۾ آھن. ميرن کي سمجهڻ گهرجي ته سنڌ هاڻي انھئ هندستان جو حصو آھي, جنهن ۾ اسان جو اختيار هلي ٿو. اسان سنڌ ۽ عوام جي مفاد ۾ جيڪو مناسب ڄاڻنداسين, سو ڪنداسين,
3).هو لکي ٿو ته جن ماڻھن فرنگي فوج سان بدتميزي ڪئي آھي, انھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي. مانجھند جي ڪاردار کي به پڪڙيو اٿن,ڇو ته سندس حدن ۾ ماڻھن اسان جي ماڻھن ۽ فوجين کي ڦريو لٽيو. مير چون ٿا ته ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ لاء جيڪو فيصلو گورنر جنرل ڪندو اهو قبول ھوندو. ميرن اهو به چيو ته اوهان جي مرضي آھي ۽ ڪٿي به زمين چونڊي ريزيڊنسئ جي عمارت جوڙايو.
خط تمام وڏو آھي ۽ هن ۾ اڃا وڌيڪ ڳالهيون ڪيون آھن, جن ۾ شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ واري ڳالھ به شامل آھي. خط گواهي ڏئي ٿو ته تاريخ ۽ حالتون ڀيانڪ رخ وٺي رهيون آھن.
7.3.1840:
ڏکڻ سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل پنهجي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ لفٽيننٽ والس کي هدايت ڪئي ته هو ڪراچئ وڃي ميرن جي عملدارن سان گڏجي شهر جي ڪارونهار هلائڻ ۾ ڪردار ادا ڪر ۽ پنھنجي واپارين جي مفادن جو تحفظ ڪر. وڏي سرڪار کان جڏھن ڀون ڀاڙي يا محصول جا اگه مقرر ٿي مليا ته تو کي موڪلي ڏبا ۽ ڪراچئ ۾ اهي نافذ ڪبا.
7.3.1842:
آئوٽرام کي گورنر جنرل طرفان هدايتون پهتون ته مير نصير خان ۽ سندس عملدار جيڪي مسئلا پيدا ڪن ٿا, اهي هوشيارئ ۽ عقلمندئ سان ٺارڻ جي ڪوشش ڪر ته جيئن اسان جي مفادن کي ڪو ڇيهو نه رسي.
7.3.1914:
انگريزن جي دور ۾ ڪراچئ ۽ شڪارپور ۾ ”سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن" نالي سماجي تنظمون هونديون هيون. اڄ شڪارپور وارئ "سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن“ سماجي سجاڳئ جي موضوع تي مذاڪرو ڪرايو.
7.3.1937:
سيد ميران محمد شاه نامور مدبر ۽ دانشور هو. هن سياست ۽ علم ادب ۾ وڏا ڪارناما سرانجام ڏنا. هن ساٿين جي سهڪار سان ڀلاري ڀٽ-ڌڻئ جو سرڪاري سطح تي عرس ڪرائڻ جي ابتدا ڪئي. سنڌي ادبي بورڊ جو فائونڊر چيئرمن ۽ پوء اعزازي سيڪريٽري ٿيو. هن حيدرآباد ۾ ”سنڌ مسلم ادبي سوسائٽي“ قائم ڪئي. هن سوسائٽئ تاريخ تي ڪتاب ڇپرايا ۽ ادبي ميڙاڪا ڪرايا. اڄ سوسائٽئ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. ان لاء طرح مصرع هئي:
"ساغر ٿو هلي خون جو اڄ بزم چمن ۾.“ مشاعري ۾ سنڌ جي نامور شاعرن حصو ورتو.
ملتان ريجن ۾ 6 انڊسٽريل يونٽ قائم ڪرڻ لاء پاڪستان سرڪار هن سال لاء 2 ڪروڙ روپيا منظور ڪيا. ملڪ ۾ اهڙئ ريت قائم ٿيل انڊسٽريل يونٽ تي تحقيق ٿيڻ گهرجي ۽ ڏسجي ته سرڪار انھئ حوالي سان سنڌ تي ڪيترو مهربان ٿي.
7.3.1971:
شيخ مجيب حڪومت خلاف هلايل عدم تعاون تحريڪ واپس وٺڻ لاء هي شرط رکيا: مارشل لا هٽائجي, فوج کي بيرڪن ۾ واپس موڪلجي ۽ بنا دير اقتدار چونڊيل نمائدن حوالي ڪجي. هن چيو ته جيڪڏهن اهي شرط مڃيا ويا ته پوء 25 مارچ تي ٿيندڙ قومي اسيمبلئ جي اجلاس ۾ شريڪ ٿبو.
7.3.1977:
ڀٽي حڪومت طرفان عام چونڊون ڪرايون ويون. قومي اسيمبلئ جون پيپلز پارٽئ 155 ۽ پي.اين.اي 35 سيٽون کٽيون. پي.اين.اي بيان ۾ چيو ته چونڊن ۾ وڏي پئماني تي ڌانڌلي ڪئي وئي آھي.
7.3.1990:
ايم.ڪيو.ايم ۾ ڏڦيڙ پيو. پارٽئ جي چيئرمن عظيم طارق اڄ بدر اقبال, آفاق احمد ۽ عامر خان کي ان ڪري پارٽئ ۾ مان تڙي ڪڍيو ۽ مٿن الزام هنيو ته هو الطاف حسين جا دشمن آھن.
7.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي هيٺ ڄاڻايل شاخن جون دستوري بيٺڪون ٿيون:
مهين جو دڙو, ڏوڪري, لاڙڪاڻو, نئون ديرو,جاتي ۽ ٽنڊو الهيار.
***************
{7 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
7 مارچ 1844ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالغفور مفتون جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
7 مارچ 1916ع پينٽر ديو ڪرشن ڀوڄواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي ولادت ٿي.
7 مارچ 1919ع ليکڪ لالچند آريا (آرائين / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1924ع ليکڪا بادام ناتوان (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1940ع ليکڪ موهن لال ناگديو (سکر / آگره) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1954ع صحافي محمد عثمان (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ ناز ڪاظمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1955ع ليکڪ عبدالڪريم پريمي جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1964ع ليکڪ حاجي خان چاچڙ جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1965ع ليکڪ طارق امر آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
7 مارچ 1974ع ليکڪ بخاري افضل جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو جو جنم ڏينهن آهي.
7 مارچ 1981ع آرٽسٽ حبيب خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
7 مارچ 1998ع ترقي پسند اديب، شاعر ۽ صحافي ڪامريڊ برڪت علي آزاد جي وفات ٿي.
7 مارچ 1999ع ڪميونسٽ ۽ مزدور اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش جو انتقال ٿيو.
7 مارچ 2000ع سياستدان بيگم طاهره آغاجو انتقال ٿيو.

Saturday, 5 March 2022

Sindh History (March 6, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (6th March)
6th March
BIRTH DATES
Abdul Nabi Agha (Born 6th March 1903),
Pir Sabghatullah Shah alies Soorih Badshah (Pagaro & Freedom Fighter/ Born 6th March 1909),
Hakim Muhammad Salih Lakho (Budho Dahri/Poet/ Born 6th March 1921),
Arjun Aatmaram Sachani (Sukkur > Rajkot/Writer/ Born 6th March 1934),
Manohar Matai (Karachi > New Delhi/Poet/ Born 6th March 1938),
Dr.Abdul Rahman Qureshi (Ghotana/Scholar/ Born 6th March 1938),
Ameen Thebo (Writer/ Born 6th March 1952),
Ayaz Gul (Sukkur/Poet/ Born 6th March 1959),
Khald Veesar (shikarpur/Poet/ Born 6th March 1979),
Saeed Sachai (khairpur Nathanshah/Poet/ Born 6th March 1980),
‘Azad’ Anwar Kandhro (Ahmad Khan Kandhro/Poet & Journalist/ Born 6th March 1980).
NOTE: Moosa Khokhar ,
Barkat Noonari
Fahmida Soomro was also born on 6th of March.
DEATH DATES
Jam Sadiq (Ex-Chief Minister Sindh/ Death 6th March 1992),
Allah Bux ‘Anees’ Ansari (Larkano/Poet & Short story writer/ Death 6th March 2000).
EVENTS
1843: Governor-General of India requests Charles Napier to take up himself the Government of of the Province of Sindh and also intimates him that he had asked the Commander-in-Chief to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur, so as to protect invaded Sindh country from any threat.
1916: Annual General meeting of the Zorastrian Club of Karachi is held to elect new office-bearers. Those elected are: K.B.Nusserwanji R. Mehta (Father of Jamshed Mehta/President), Dhanji Shaw Jamsetji&BurjorajC.Dubash (Vice Presidents), KawasjiH.Katrak (Chairman of Managing Committee), RuttonjiByramjiEdulji&NadirshawR.Mehta (Joint Secretaries), H.P.Byramji (Treasurer) and B.P.Golwalla (Hon.Steward)
1920: RaisGhulam Muhammad Bhurgri writes to the Governor of Bombay and demands curtail of powers of Sindh Commissioner.
1934: Dow Committee Report recommends Government for the separation of Sindh from Bombay Presidency one year earlier than promulgation of new scheme of Reforms.
1953: Following widespread rioting against Qadyanis, Punjab is put under military rule. General Azam is appointed M.L.A.
1971: General Tikka Khan is appointed as Governor of East Pakistan replaces S.M.Ahsan.
 
آئون اوهان جو خيرخواه ۽ خادم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 6.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, اوهان کي 6 مارچ جي حوالي سان توجھ طلب واقعن ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. هن سان گڏ ساڳي موضوع تي وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
دوستو! ڪاپي ڪلچر اسان جي نئين نسل جي هٿن مان ڪتاب کسي ورتا, وبائي بيمارئ جي ڊپ ۾ اسان سال تعليمي ادارن کان پري رهياسين. ايئن لکڻ پڙھڻ جي عادت ئي مٽبي رهي آھي. ٻه ڪن آھن, پر ٻڌئون نه ٿا. ٻه اکيون آھن, پر پڙھون ٿا. مٿان مصيبت اها اچي ڪڙڪي آھي ته اسان پاڻ کي عالم ۽ علم جا اڪابر سمجهي, ٻئي کي ٻڌڻ لاء تيار ناهيون. لاچار کان جيڪو پڙھون ٿا, اهو فقط پنهنجي گروه, پارٽئ يا نظريئي واري جو پڙھون ٿا. اسان ڄڻ ڏاهپ, اضافي ڄاڻ ۽ حڪمت جا دروازا پاڻ تي بند ڪري ڇڏيا آھن. اهڙئ صورتحال ۾ اوهان دلچسپئ ۽ غور سان سنڌ جي تاريخ پڙهو ٿا. سچ پڇو ته ائين عظيم قوم جي ساڃھ-وند فرد هجڻ جي ثابتي ڏيو ٿا. تاريخ جي لفظ لفظ ۾ ڏاهن لاء ڏس هوندو آھي.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
6.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل لارڊ ايلنبرو اڄ نيپيئر کي سنڌ فتح ڪرڻ تي مبارڪ ڏني ۽ لکيو ته
1). سنڌ جو انتظام اوهان سڀاليو,
2). سکر ۾ وڌيڪ فوج رکي بچاء ڪيو ته متان اتر کان اوهان اسان تي ڪو چڙھائي ڪري,
3). لکپت وٽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۾ پيل رڪاوٽون ختم ڪرايو ته پاڻي آسانئ سان سمنڊ ۾ وڃي,
4). سنڌ جو نقشو تيار ڪرايو, جنهن ۾ خيرپور رياست, ميرپور ۽ اسان جي علائقي کي مختلف رنگن ۾ ڏيکاريو.
6.3.1857:
سنڌ جي ڪمشنر سوچيو ته ڪراچئ ۽ سيوهڻ وچ ۾ جبلن منجهان ريل هلائجي. ان لاء ريلوي وارن کي سروي جي ڪم لاء چيو ويو
6.3.1916:
پارسي واپاري ڪميونٽئ طور سنڌ ۾ آيا ۽ تجارت ۾ وڏو نالو ڪمايائون. هن ڪميونٽئ سنڌ کي پنهنجو وطن سمجهي دل تي سنڌ جي سماجي,تعليمي ۽ سياسي خدمت ڪئي. ڪراچئ ۾ پارسين تعليمي ادارا ٺاهيا, ٿيئيٽر قائم ڪيا, ڪلبس جوڙيون ۽ سماجي طور تي پاڻ کي منظم ڪيائون. "زوريسٽرين ڪلب" سندن هڪ آڳاٽي ڪلب هئي. اڄ ان جو ساليانو ميڙ ٿيو ۽ ڪلب لاء نوان عهديدار چونڊيا ويا. نامور ميئر ۽ سنڌ دوست سياستدان جمشيد مهتا جي پئ خانصاحب نسروانجي آر مهتا کي انھئ ڪلب جو صدر چونڊيو ويو.
6.3.1920:
نامور سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ اڄ ممبئئ جي گورنر کي لکيو ته سنڌ جي ڪمشنر کي جيڪي 1898 واري ائڪٽ مطابق اختيار ڏنا ويا آھن, اهي کانئس واپس وٺو. ڇو ته انھن اختيارن ڪري هو ڪنهن وزير جي به ڪونه ٿو ٻڌي.
6.3.1953:
پنجاب جي سر زمين استعمال ٿي ۽ اتي "احمدي مذھب" جنم ورتو. اتان ئي قاديانين خلاف وڏي تحريڪ هلي. انھئ ڪري جڏهن پنجاب وڳوڙن ۾ وڪوڙجي ويو ته اڄ اتي مارشل لا لڳائي جنرل اعظم خان کي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيو ويو.
6.3.1968:
تربيلا ڊيم جي اڏاوت جو ٺيڪو 827 ملين ڊالرس ۾ ”اٽلين-فرينچ ڪنسورشيم" کي ڏنو ويو.
6.3.1971:
لفٽيننٽ جنرل ٽڪا خان کي اوڀر پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن سان منسوب آھي ته اتي عهدي سنڀالڻ بعد چيو هو ته اسان کي ماڻھن جي نه, پر ڌرتئ جي اون ضرورت آھي.
6.3.1981:
جهاز ڀڄائي ويندڙ ”الذوالفقار" تنظيم اڄ ڪئپٽن طارق رحيم کي ماريو ۽ پاڪستان حڪومت کان گهر ڪئي ته 8 مارچ تائين سندن مطالبا مڃيا وڃن, ٻئ صورت ۾ تنظيم نتيجن جي ذميوار نه هوندي.
***************
{6 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
6 مارچ 1903ع سياستدان آغا عبدالنبي (سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
6 مارچ 1909ع سيد صبغت الله شاهه سورهيه بادشاهه جي ولادت ٿي.
6 مارچ 1921ع شاعر محمد صالح لاکو (ٻڍو ڏاهري) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1934ع ليکڪ ارجن سچاڻي (سکر / راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1938ع اسڪالر عبدالرحمان قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1938ع ليکڪ منوهر مٽائي (ڪراچي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1952ع ليکڪ امين ٿيٻو جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1959ع مشهور شاعر اياز گُل(سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1980ع شاعر سعيد سچائي (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
6 مارچ 1980ع ليکڪ آزاد انور ڪانڌڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
6 مارچ 1967ع ديني عالم ابوبڪر شبلي(لاڙڪاڻو) جي وفات ٿي.
6 مارچ 1992ع سياسستدان ۽ اڳوڻو وزير اعلى ڄام صادق علي وفات ڪري ويو.
6 مارچ 2000ع ليکڪ ۽ شاعر الله بخش انيس انصاري جو لاڏاڻو ٿيو.
6 مارچ 2001ع ليکڪ ۽ شاعر انور ضياء عباسي(ميهڙ) انتقال ڪري ويو.

Friday, 4 March 2022

Sindh History (March 5, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (5th March)
5th March
BIRTH DATES
Kazi Mian Abdul Rehman (Kotri/Religious Scholar/ Born 5th March 1872),
Shaikh Abdullah ‘Abid’ (Karachi/Poet/ Born 5th March 1910),
Syed Hajan Shah ‘Hamwatan’ (Sita Road/Poet/ Born 5th March 1913),
Soofi Muhammad Yousif (Nasirabad/Poet/ Born 5th March 1930),
Muhsan Larkanvi (Miranpur/Poet & Politician/ Born 5th March 1930),
‘Dargahi’ Merani (Hunbah/Poet & Singer/ Born 5th March 1942),
Muneer Manik (Naushero Feroz/Journalist & Writer/ Born 5th March 1943),
Syed Rashid Morai (Jonano/Poet/ Born 5th March 1944)
,Umed Ali Solangi (Bulhreji/Folklore poet/ Born 5th March 1951),
Khaliq Qazi (Nasrpur/Journalist & Political activist/ Born 5th March 1954),
Ashok Chanchlani (Barya/Acter/ Born 5th March 1959),
Nazir Hayat (Sehwan/Poet/ Born 5th March 1960),
Anees ‘Gul’ Abbasi (Larkano/Poet/ Born 5th March 1961),
Abdul Razaq Dero (Larkano/Social & Political activist/ Born 5th March 1963),
Aakash Kandhro (Malook Tunio/Artist & Political activist/ Born 5th March 1963),
Abdul Sattar ‘Shad’ Wasan (Pir Gado/Poet/ Born 5th March 1969),
Muhammad Juryal Chandio (Hamzo Chandio/Folklore Poet/ Born 5th March 1971),
Ali Ghulam ‘Aasi’ (Faqir Umar Junijo/Poet/ Born 5th March 1975),
Abdul Majeed ‘Aas’ Babur (Hur Camp Johi/Poet/ Born 5th March 1977),
Mumtaz Phul (Poet/ Born 5th March 1982).
NOTE: Following were born on 5th of March, but their Birth Years are not recorded in my files:
Abdul Malik Khoso ,
Ali Hassan Brohi
, Anees Joyo,
Asghar Kandhro,
Dr. Qadir Bux,
Intzar Chhlgri,
Liaquat Nohri,
Muhammad Ali Brohi,
Muhammad Mataro Hingoro,
Sajid Sindhi,
Shuja Mahesar,
Zafar Hussain Chachar,
DEATH DATES
Mir Faiz Muhammad (Khairpur/Ruler/ Death 5th March 1909),
Ahmad Chagla (Karachi/ Death 5th March 1953),
Sarkash Sindhi (Larkano/Poet/ Death 5th March 2012).
EVENTS
1836: Assistant Surgeon Hathorn who was deputed to take medical care of Mir Noor Muhammad, is recalled from Sindh. Colonel Potenger, Political Agent in Sindh requests and suggests his Government that this act can be taken by Mir Noor Muhammad in another way. On this day and date Potenger also informs MunshiJethanan that Bombay merchants have been disturbed by Sindhi people. Therefore Sindh Government may issue orders not to interfere with their boats .
1837: Captain Carless arrives at Karachi and received by Seth Naomal.
1906: The Sindh Branch of British Empire League is formed at Karachi. It remained active for years and worked for creating loyalty for the British in masses.
1916: Very active NGO ‘Karachi Social Service League’ celebrates its first anniversary. The function is presided over by Prof.Shahani, Patron of the League. Other participants include Jethmal Parsram (Eminent Writer), Wadhumal; LalchandAmardinomal (Eminent Writer); Seth GidumalFatihchand,;ShamdasGidwani (Secretary of the NGO); Bheromal Lekhraj; Dr.Khubchand, Dr.DoulatramAdvani; DiwanWasanmal; BheromalMaharchandAdvani (Eminent Writer), PartabsingShahani; H.Mevaram; EsardasParomal&Toormal.
1931: The Special session of the All-India Muslim Conference held at New Delhi and attended by Haji Abdullah Haroom, resolves that: “ This Conference approves the decision of the Round Table Conference that Sindh be separated from the Bombay Presidency and constituted into a separate Governor’s Province and demands that such separation should take effect prior to or simultaneously with the inauguration of the new constitution”.
1939: Mahatma Gandhi continues his fast at Rajkot, numerous messages not only from individuals but from some of the provincial governments are sent to the Viceroy to intervene.
1956: Governor-General Iskandar Mirza becomes President of Pakistan.
1977: Government decides to upgrade NED Engineering college Karachi as full-fledge university.
1995: Seventeen people including three police constables, a ranger and army personnel are killed during three days of Eid in Karachi.
 
5.3.2022 تي ادب احترام ۽ پيار پاٻوه سان دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون ساڻ کڻي اوهان کي پنهنجئ پيارئ سنڌ جي تاريخ مان 5 مارچ سان لاڳاپيل تاريخ جو ورق ٻڌائڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
5.3.1832:
پاٽينجر حيدرآبادي مير سان ٺاه ڪرڻ کان پوء اڄ خيرپور ۾ مير رستم علي خان سان ملاقات ڪئي ته جيئن هن سان به ٺاه تي ڳالهيون ڪري.
5.3.1936:
سنڌي ماڻھن انھن فرنگي واپارين ۽ ماڻھن کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو, جيڪي سنڌوندئ ذريعي اتر سنڌ طرف ويندا هئا. اهي اقعا وڌي ويا ته پاٽينجر مير نور محمد کي گذارش ڪئي ته انھئ آزار مان اسان جي جان ڇڏايو. ياد رهي ته جيڪي واپاري ۽ فرنگي ڪڇ ڀڄ کان سنڌ ۾ ايندا هئا ته انھن کي اتي کوسا ۽ سوڍا ڦريندا هئا. جيڪي فرنگي ۽ واپاري اتان بچي ۽ ڀڄي سنڌوندئ ذريعي اتر سنڌ ڏي ويندا هئا ته انھن کي وري تر پاسي وارا سنڌي بخش ڪونه ڪندا ھئا. سنڌ جو عوام فرنگين کي سمجهي چڪو هو ۽ کين ميرن جي فرنگين سان دوستئ تي اطمينان ڪونه هو.
5.3.1840:
ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر آٽورام اڄ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي خط لکي سنڌ جي حالتن مطابق صلاحون به ڏنيون ۽ هدايتون به گهريون.
1).خط مان پتو پئي ٿو ته مير شير محمد آٽورام کي گذارشون ڪري رهيو آھي ته حيدرآبادي ميرن منھنجي ڪيتري علائقي تي قبضو ڪيو آھي, اهو قبضو ڇڏائي ڏيو, 2). ڪراچي ۽ ان جو بندر اسان لاء ڪم جا آھن. اسان هتي آفيم جي واپار تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري سگهون ٿا. ڪراچئ ۾ هر سال 600 کان 700 تائين غلامن جو واپار ٿيندو آھي ۽ اڳي انھن مان ميرن کي ساليانو هڪ لک روپيا آمدني ٿيندي هئي.اهو واپار اڃان هلي ٿو, 3).جوکين جي ڄام اسان کي آڇ ڏني آھي ته اسان سان ياري رکڻ ۽ نڀائڻ لاء ھو گهاري وارو ننڍو بندر اسان جي حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, 4). شڪارپور جي حصن ۽ وارثئ بابت حيدرآبادي ميرن وچ ۾ تضاد ۽ اختلاف موجود آھن.
5.3.1840:
آئوٽرام اڄ مير نور محمد خان کي لکيو ته منشي چوئٿرام اوهان جو نياپو پهچايو آھي ته اوهان لاهور جي درٻار ۾ پنھنجو وڪيل موڪلڻ گهرو ٿا. اسان کي ان تي ڪو اعتراض ڪونهي.
5.3.1842:
مير رستم علي خان اڄ ميجر آئوٽرام کي لکيو ته هو وچ ۾ پئي, اهي پنج ڳوٺ سندس حوالي ڪري, جيڪي راس بيل فيصلو ڪري مير علي مراد جي حوالي ڪيا. ياد رهي ته خيرپور ۾ فرنگين "ويڙھايو ۽ پنھنجو اثر وڌايو" جي حڪمت عملئ تي ڪم ڪيو. خيرپوري مير حاڪم ۽ حڪمران هوندي به پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ بدران فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽن کان ڪرائڻ لڳا ته فرنگين انھن اختلافن مان فائدو ورتو.
5.3.1843:
ڪراچئ ۾ گرفتار ڪيل ٽالپور حڪومت جي عملدارن کي آزاد ڪيو ويو. نائونمل جي ڀاء سکرامداس کي ڪسٽمس جو ڪليڪٽر ۽ ديوان مولچند کي ٽائون پوليس چوڪئ جو انچارج مقرر ڪيو ويو.
5.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ حڪومت جي گورنر جنرل پڌرنامو جاري ڪري سنڌ جي فتح کي جائز قرار ڏنو ۽ مياڻئ جي جنگ ۾ وڙھنڙ فوجين کي القاب ۽ انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. کين سلامي ڏيڻ لاء حڪم ڪڍيو ته سمورين فوجي ڇانوڻين ۾ 21 توبن جي سلامي ڏني وڃي.
5.3.1850:
اتر سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪندڙ بگٽين کي پڪڙي کين لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ضلعن ۾ ڪالونيون ٺاهي ويهاريو ويو. اڄ سنڌ پوليس جي ڪئپٽن سرڪار کي لکيو ته حيدرآباد ضلعي ۾ قائم ٿيل ڪالونين کي حيدرآباد جي ڪليڪٽر جي انتظام ھيٺ رکيو وڃي ۽ مير خان محمد کي چيو وڃي ته انھن تي نظر رکي.
5.3.1922:
سنڌ جي مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ قائم ٿيل خلافت ڪميٽئ جي شاخن عوامي ميڙاڪا سڏائي ترڪئ خلاف انگريز حڪومت جي دشمن پاليسئ جي مذمت ڪئي. [اسان جي دور ۾ مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ وارا جذبا ايترا ته ٿڌا ٿي چڪا آھن جو وڏي پئماني تي سمورئ سنڌ ۾ ھڪ واقعي تي ۽ هڪ ڏينھن تي احتجاج نه ٿو ٿئي.]
5.3.1924:
1923 ۾ سنڌ ۾ ”شدي تحريڪ" هلائي وئي ته انھئ سنڌ ۾ مذھبي ڪٽرپڻي کي هوا ڏني ۽ اڻ وڻندڙ واقعا رونما ٿيڻ لڳا. رتيديري ۾ ڪن شرپسند هندن سرعام قران شريف کي ساڙيو. ان تي رتيديري جي پوليس آريا سماج مندر مان ڌرمي ڪتاب کڻي وئي ته جيئن مسلمانن تي ڇنڊو پئي ۽ ڪو امن امان جو مسئلو پيدا نه ٿئي. قران شريف ساڙڻ جي ڏوه ۾ پرچومل ۽ ٻن هندو ڇوڪرن کي پڪڙي مٿن آء.پي.سي جي قلم 295 هيٺ ڪيس داخل ڪيو. ڪيس لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ وٽ ھليو. ڀوڄسنگ پهلاجاڻي هندن جو ۽ بئريسٽر پيرزادو مسلمانن جو وڪيل ٿيو.
5.3.1927:
”شڌي تحريڪ" وارن طرفان لاڙڪاڻي ضلعي مان ٻارن سميت مسلمان عورت ڀاڄائي گم ڪرڻ واري واقعي پوري ضلعي ۾ ھندو-مسلم فسادن ۽ ڇڪتاڻ کي پروان چاڙھيو. اڄ عيد جو ٻيو ڏينھن هو ۽ هندو طرفان مڪمل هڙتال ڪئي وئي. هندن لاڙڪاڻي ۾ فوج آڻڻ جي گهر ڪئي هئي. 70 مسلمان کي امن امان خراب ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو.
5.3.1947:
ڪالھ کان جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" شروع ٿي هئي. اڄ پير الاهي بخش, پيرزادي عبدالستار , محمد ايوب کهڙي, پنجاب جي مولانا عبداستار نيازئ, بهار جي عبدالقدوس, ڪوئٽيا جي ملڪ محمد عثمان, بلوچستان جي قادر بخش ۽ فضل الاهئ تقريون ڪيون[عجيب اتفاق آھي ته ٽن سنڌي سياستدان جن تقريرون ڪيون, اهي پاڪستان ٺھڻ کان پوء سنڌ جا وڏا وزير ٿيا.]
5.3.1956:
گورنر جنرل اسڪندر مرزا نئين نظام مطابق ملڪ جو صدر ٿي ويو. هن جي مقابلي ۾ صدارتي عهدي لاء بيهڻ ۽ سوچڻ جي ڪنهن به سياستدان همت نه ڪئي.
5.3.1971:
ھن طرف اوڀر پاڪستان ڪرفيو جي لپيٽ ۾ آھي ۽ اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ صدر يحيا جي پاڻ ۾ تفصيلي گڏجاڻي ٿي.
5.3.1977:
ڪراچئ جي اين.اي.ڊي ڪاليج کي يونيورسٽئ جو درجو ڏنو ويو.
5.3.1995:
ڪراچئ ۾ عيد ڏينھن دهشتگردن 17 ماڻھون ماريا. ماريلن ۾ رينجرس, فوج ۽ پوليس وارا به هئا.
***************
{5 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
5 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 مارچ 1910ع شاعر شيخ عبدالله عابد (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1913ع شاعر حاجن شاهه هم وطن (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1927ع ليکڪ نورالدين سرڪي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1930ع شاعر محسن لاڙڪاڻوي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1933ع سماجي ورڪر امرت ڪمار (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1942ع شاعر ۽ گلوڪار عبدالرحمان درگاهي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1943ع ليکڪ منير ماڻڪ (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1944ع شاعر راشد مورائيجو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1951ع سگهڙ اميد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1953ع شاعر محمد خان مصروف منڌرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1954ع صحافي خليل قاضي (نصرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1957ع سياستدان اعجاز جکراڻي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1959ع سماجي اڳواڻ علي حسين بروهي (سگا) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1960ع ليکڪ نظر حيات (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1961ع شاعر انيس گل عباسي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1963ع سياستدان عبدالرزاق ڏيرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1969ع شاعر عبدالستار شاد وساڻ (پيرگڊو / خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1972ع شاعر جعفر جاني جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1977ع شاعر عبدالحميد آس جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1978ع شاعر ساجد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1975ع شاعر غلام علي آسي جو جنم ڏينهن آهي.
5 مارچ 1982ع شاعر مرتضى ڦل جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
5 مارچ 1909ع مير فيض محمد خان والي خيرپور رياست جو انتقال ٿيو.
5 مارچ 2012ع شاعر سرڪش سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو.
5 مارچ 2018ع ناميياري سياستدان ڪامريڊ ڄام ساقي جو لاڏاڻو ٿيو.

Thursday, 3 March 2022

Sindh History(March 4, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (4th March)
4th March
BIRTH DATES
Moulvi Haji Fazul Ahmad(Religious scholar/ Born 4th March 1904),
Gangaram Aaildas (Abji > Ajmir/Social worker/ Born 4th March 1905),
Parkash ‘Deep’ (Poet/1919), Chailal ‘Antar’(Larkano > India/Writer/ Born 4th March 1929),
Naimatullah Bhutto (Shikarpur/Journalist/ Born 4th March 1937),
Dr. Qamar Wahid (Hyderabad/Scholar/ Born 4th March 1938),
Dr.’Khadim’ Dad Muhammad Brohi ((Jacobabad/Poet & Scholar/ Born 4th March 1940),
Ali Bux ‘Asghar’ (Jacobabad/Journalist & Poet/ Born 4th March 1951),
Abdul Majid Sindhi (Baqar Khan Marri/Writer/ Born 4th March 1954),
Ishaq Ansari (Larkano/Writer/ Born 4th March 1960),
Gulshan Shaikh (Bihman/Journalst/ Born 4th March 1973),
Tabasum Shar (Gaman Khan Shar/Poet/ Born 4th March 1975),
Ayaz Danish (Badin/Poet/ Born 4th March 1982),
Iftkhar Rind (Radhan Station/Writer/ Born 4th March 1983).
NOTE: Following were also born on 4th of March, but their Birth year is not recorded in my files:
Rashid Brohi,
Manzoor Abbasi;
Pir Ghulam Mujadid Sarhandi;
Aftab Noohpoto,
Akash Sindhi;
Hubdar Jagirani;
Javaid Lark;
Abdullah Malik;
Babar Ali Bhutto;
Zishan Khoso;
Abid Kalwar;
Shaid Khaskheli;
Fareed Ahmad Bughio;
Mahrab Khan Bajeer,
Anam Ali
Tahra Jaan.
DEATH DATES
Ahmad Khan’Sheda’ (Hala/Poet/ Death 4th March 1960),
‘Aslam’ Mahesar (Muhammad Sidiq Mahesar/Poet/ Death 4th March 1964)
EVENTS
1841; Keeping in view the unsettled state of affairs at Heart and Qandhar, British Government of India decides to send to Karachi the Ordinance and Military stores and place at them at the disposal of Major Outram, their Political Agent for Lower Sindh.
1931: The settlement is arrived at between Mahatma Ghandi and the Viceroy, with the result that Civil disobedience movement is to be discontinued and certain action are to be taken by the Government and local Governments which include amnesty to persons convicted in connection with this movement, withdrawal of Ordinances etc .
1936: Sir Agha Khan warns against the formation of parties on a communal basis. While addressing gathering in Bombay, he says that he favours the rich being taxed for the benefit of poor.
1967: It is the day of resentment of Sindhi students and reaction by Hyderabad Administration. They day is celebrated as 4th Marchevery day.
1971: Complete strike is observed in East Pakistan to protest against postponement of the session of the National Assembly.
1973: Z.A.Bhutto rejects opposition’s demand to lift emergency
 
آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائون,سلام ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان لاء تاريخ مان 4 مارچ جو ورق کڻي ڪي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. هن سان وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم ته جيئن اوهان موضوع تي اڃا وڌيڪ معلومات حاصل ڪري سگهو.
سڄڻو! قوم سدائين امر ۽ غلطين کان پاڪ ٿيندي آھي. البته ان جا حڪمران ۽ سگهارا فرد جيڪي چڱايون يا لڱايون ڪندا آھن, اهي قوم جي کاتي ۾ لکيون وينديون آھن. سنڌ سان ايئن ئي ٿيو آھي ۽ اهڙا مثال اسان کي تاريخي واقعن مان ملن ٿا.
اسان جي دور ۾ به ڌڙن, گروهن ۽ تنظيمن تحريڪون هلايون.4 مارچ ان جو مثال آھي. پر, آئون اهو چوندس ته ڪالاباغ ڊيم جي تحريڪ ڪامياب رهي. باقي ٻين تحريڪن مثال ون يونٽ خلاف تحريڪ يا ٻولئ جي تحريڪ, يا 4 مارچ تحريڪ وقت اسان جي محسنن قربانيون ته ڏنيون, پر انھن جا گهربل نتيجا وٺي نه سگهيا. ون يونٽ اسان جي تحريڪ سان نه ٽٽو. سرڪار ٽوڙيو, ڇو ته اوڀر پاڪستان الڳ آزاد ٿيڻ سندن سوچن ۾ ھو ۽ اهڙئ صورت ۾ ون يونٽ جو ٽوڙڻ ضروري هو. ايئن لڳ ڀڳ اسان جون 80 سيڪڙو تحريڪون منطقي نتيجن تائين نه پهتيون آھن.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
4.3.1939:
اڄوڪئ تاريخ تي شاه شجاع جي نمائندي, سنڌ ۾ اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ۽ ڪمپني حڪومت وچ ۾ چڱي خاصي خط و ڪتابت ٿي آھي. شاه شجاع جي نمائندي لکپڙھ ۾ ڪمپني حڪومت تي زور ڀريو آھي ته اسان مهم جوئئ لاء ڪوچ ڪري رهيا آھيون, ان ڪري خيرپوري مير ساز و سامان کڻائڻ ۾ مدد ڪن. هن جو انھئ ڳالھ تي به زور آھي ته مير سهراب خان اسان ست لک روپيا ڏن ۾ ڏئي.
ايسٽ انڊيا ڪمپني کيس جواب ڏئي ٿي ته مير رستم علئ اسان کي بکر جو قلعو ۽ ٻيون سهولتون ڏنيون, ان ڪري هن کان ڏن جا ست لک نه وٺبا. البته اهو بار مير مبارڪ علي تي رکبو.
4.3.1841:
انگريز پٽڪو ٻڌي ويا ته افغانستان فتح ڪرڻ, پر هرات ۽ قنڌار جي حالتن انھن کي بدحواس ڪري وڌو. انھئ صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ڪمپني حڪومت کوڙ سارو بارود ۽ اسلحو ڪراچئ موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن ضرورت وقت فرنگي فوجين کي مهيا ڪري سگهجي.
4.3.1930:
خلافت تحريڪ کان پوء جنھن پارٽئ انگريز حڪومت کي رت ڪيو, اها ڪانگريس پارٽي هئي. اڄ هن پارٽئ حڪومت خلاف نان ڪو آپريشن جي تحريڪ هلائي, جيڪا پورو سال هلي. سنڌ ۾ به اڄ انھئ تحريڪ جو آغاز ٿيو.
ياد رهي ته 4 مارچ 1931 تي گانڌئ ۽ وائسراء وچ ۾ ڳالهيون ٿيون ۽ ان جي نتيجي ۾ ھئ تحريڪ بند ڪئي وئي. جوشيلا ڪانگريسي هن ٺاه ڪرڻ تي گانڌئ تي ڏمرجي پيا هئا ته هن ڪارڪنن جي قربانين تي پاڻي ڦيري ڇڏيو.
4.3.1947:
سرهارئ ۾ ”سنڌ هاري ڪميٽئ" طرفان سالياني هاري ڪانفرنس ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس "بٽئي اڌو اڌ" واري سوچ کي عام ڪيو.
4.3.1957:
"بزم ناز" خيرپور ۽ "جميعت الشعراء سنڌ" جي گڏيل سهڪار سان خيرپور ۾ ”سترهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس" ٿي. ڪانفرنس جو سيڪريٽري عطا محمد حامي هو. ان جو افتتاح عثمان علي انصارئ ڪيو. جڏهن ته مختلف نشستن جا صدر مخدوم طالب المولا, ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ ۽ عبدالله چنا ٿيا. هن ڪانفرنس جي مشاعري لاء ھري دلگير طرفان ڏنل طرح مصرع هئي:
"پنهنجي برپٽ کي وري گلشن بڻائيندا هلو."
4.3.1967:
سنڌ جي شاگرد برادرئ کي جڏهن به موقعو مليو آھي ته انھن سنڌ جي سورن واري مذڪور کي گهٽائڻ لاء مثالي قربانيون ڏنيون آھن. اڄ شاگردن ۽ حيدرآباد جي انتظاميه وچ ۾ شديد ڇڪتاڻ ٿي ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪيترا شاگرد ڦٽي به ٿيا ته ڪيترا گرفتار به ڪيا ويا.
4.3.1971:
قومي اسيمبلئ جي اجلاس ملتوي ڪرڻ تي اوڀر پاڪستان جون حالتون خراب ٿيڻ لڳيون. اڄ عوامي ليگ جي سڏ تي اتي جتي ڪٿي اسٽرائيڪ ٿي.
4.3.1973:
ذوالفقار علي ڀٽي امرجنسي هٽائڻ بابت مخالف ڌر جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو. ويتر هڪ سال کان پوء ان ۾ ڇهن مهينن جي واڌ ڪري ڇڏي.
4.3.1973:
ڀڳوانداس هرچنداڻئ جي ايڊيٽرئ ۾ ڀوپال مان هفتيوار "ڪام دو" نالي اخبار جاري ٿي.
4.3.1981:
پي.آء.اي جو جهاز ڀڄائي ويندڙن اڄ اڄ 28 مسافرن کي آزاد ڪيو, جن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون.
4.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت لاڙڪاڻي شاخ جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر, ملڪ آگاڻئ ۽ سرڪش سنڌئ پنهنجيون لکڻيون پيش ڪيون.
4.3.1992:
مظفر شاه سنڌ جو وڏو وزير چونڊجي ويو.
ون-يونٽ ٽٽڻ کان پوء اڄ تائين سيد واحد ذات آھي, جنهن مان سنڌ جا وڏا وزير گهڻي کان گهڻا ٿيا. مثال قائم علي شاه, غوث علي شاه, مظفر شاه, موجوده وڏو وزير ۽ سندس پئ.
***************
{4 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
4 مارچ 1904ع مذهبي اسڪالر مولوي حافظ فضل احمد جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1905ع سماجي ورڪر گنگارام آئلداس (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي.
4 مارچ 1929ع شاعر چينراء انتر (لاڙڪاڻو / ڄامنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1937ع صحافي نعمت الله ڀٽو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1938ع اسڪالر ڊاڪٽر قمر واحد (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1940ع شاعر ۽ صحافي ڊاڪٽر داد محمد خادم بروهي(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1949ع ليکڪ پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1951ع شاعر علي بخش اصغر (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1956ع ليکڪ آزاد جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1960ع ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ سفرناما نگار ڊاڪٽر اسحاق انصاريجو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1961ع اديب ۽ ڪهاڻيڪار نثار ابڙو(لاڙڪاڻو / مڪو شريف ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1970ع ليکڪا نجمه وفا (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1971ع سگهڙ غلام محمد ڪنرائي جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1975ع شاعر تبسم شر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1980ع شاعر زخمي رشيد مهر جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1982ع ليکڪ اياز دانش جو جنم ڏينهن آهي.
4 مارچ 1989ع شاعر درد هوش محمد (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
4 مارچ 1960ع شاعر احمد خان ابڙو شيدا(هالا) جي وفات ٿي.
4 مارچ 1964ع شاعر اسلم مهيسر رفيقوي جو انتقال ٿيو.
4 مارچ 1975ع مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله لاشاري جي وفات ٿي.
4 مارچ 1985عناصر بلوچ کي الذوالفقار سان لاڳاپن سبب جهاز اغوا ڪيس ۾ سينٽرل جيل ڪراچي ۾ ڦاهي ڏني وئي.

Wednesday, 2 March 2022

Sindh History (March 3, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (3rd March)
3rd March
BIRTH DATES
Syed Mansoor Bin Hussain (Thatto/Saint/ Born 3rd March 1561),
Makhdoom Yar Muhammad (Born 3rd March 1737),
Dr.Earnest Trump (Born 3rd March 1828),
Syed Mahdi Shah (Saint/ Born 3rd March 1860),
Muhammad Khan ‘Ghani’ (Mirpurkhas/Poet & Journalist/ Born 3rd March 1903),
Chechandas Raisinghani (Halani > Poono/Writer/ Born 3rd March 1911),
Soofi Muhammad Hassan Mangi (Hetam Soho/Poet & Journalist/ Born 3rd March 1930),
Ghulam Rasool ‘Masroor’ (Poet/ Born 3rd March 1930),
Fatah Malk (Pano Aqil/Poet, Writer, Political Activist & Ex-Advocate-General Sindh/ Born 3rd March 1939),
’Dal’ Matlbani (Poet/ Born 3rd March 1949),
Muhammad Haroon ‘Udasi’ (Motani Mahar/Poet/ Born 3rd March 1942),
Faqir Muhammad Channo (Mahmood Khan Channo/Folklore Poet/ Born 3rd March 1942),
Faqir Shah ‘Miskeen’ Bukhari (Bori/Poet/ Born 3rd March 1942),
Talib Machhi (Mian Waryal/Folklore Poet/ Born 3rd March 1942),
Muhammad Yousif ‘Mast’ (Poet/ Born 3rd March 1951),
Shafi Muhammad Channo (Mahmood Channo/Folklore Poet/ Born 3rd March 1953),
Inayat Memon (Larkano/Poet/ Born 3rd March 1957),
Muhammad Khan ‘Pardesi’ (Poet/ Born 3rd March 1958),
Nisar Ahmad Qureshi (Mian Shora/Writer & Social worker/ Born 3rd March 1958),
Tarachand ‘Bewas’ (Poet/ Born 3rd March 1961),
Roshan Ali Kori (Jarwar/Folklore Poet/ Born 3rd March 1962),
Dhani Bux Sahito (Folklore Poet/ Born 3rd March 1963),
Kaleemullah Babur (Bahawal Babur/Journalist/ Born 3rd March 1965),
Abdul Sattar Dars (Matli/ Born 3rd March 1965),
Munawar Hussain Shaikh (Shikarpur/Journalist/ Born 3rd March 1969),
Aziz Ahmad Katpar (Naudero/Poet & Journalist/ Born 3rd March 1971),
Muhammad Aslam Babur (Mureed Babur/Journalist/ Born 3rd March 1971),
Maqsoom Sanagar (Dadu/Poet/ Born 3rd March 1976),
Khaki Jani (Badin/Poet/ Born 3rd March 1987),
Muhammad Yousif Bhutto (Daro/Poet/ Born 3rd March 1983),
Zulfi Golo (Janib Ali/Poet/ Born 3rd March 1984),
Bashir Malah (Qazi Arif/Poet/ Born 3rd March 1985),
Note: FOLLOWING FRIENDS ARE BORN ON 3rd March, but, I have no information about their Birth Years: Abbas Abassi;
Ali Muhammad Arijo;
Fayaz Hussai Abro;
Fozia Naz Mangrio,
Majid Altaf Buriro;
Mirban Ali;
Mohanlal Veermani;
Rasid Daudpoto,
Roshan Memon;
Saadullah Sundrani;
Sagar Samijo,
Sadarudin Jatoi,
Singer Tanveer Chandio;
Waheed Soomro,
Wajid Leghari
Zahid Jamali
DEATH DATES
Mirza Nadar Beg (Hyderabad/Fiction writer/ Death 3rd March 1940).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan of Mirpurkhas that’ You wrote to me, and said that you had not joined in battle against the English. I believed you, and told you to disperse your troops, and that, you would be safe. Had you done so, you would have been in no danger; but, instead of this, you are rallying the defeated Balochis; you have increased the number of troops; and unless you come to my camp at Hyderabad, and prove your innocence, I will march against you, and inflict a single punishment upon you.’
1912: Anjuman Ashraf-ul-Islam of Karachi organizes function in Old Market Chowk. It is addressed by Abubakar and Moulvi Abdul KarimDars.
1917: NGO of Karachi, ‘NawvalraiBalakVidyalaBrahmoSamaj’ holds function. Seth HarchandraiVishindas attends as its Chief Guest.
1924: Turkey abolishes ‘Khilafat’ as institution. The decision disappoints Muslims of Sindh and Hind.HoweverKhilafat Committee and Khilafat Movement existed for years in Sindh.
1935: AllamaI.I.Qazi forms ‘AnjumanTablegh Islam’ with Karachi as its Head qurter.
1943: The Legislative Assembly of Sindh resolves to opt for Pakistan. It was move from G.M.Syed and his debate speech was prepared to very much extent by AllamaI.I.Qazi. on the eve of voting 27 members were present in the session. Three non-Muslim members, namely Gokaldas, Dr.Hemandas and LalomalMotwani casted their votes against the move and all 24 Muslim Members supported the Move and they were: Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Amir AlibLahori; Ghulam Ali Talpur; GhulamHussaiHidayatullah; Ghulam Muhammad Isran; G.M.Syed, GhulamNabi Shah; PirIllahiBux; Nawab Jam Khan Muhammad; JenabaiG.Allana; Qaisar Khan, Syed Muhammad Ali Shah; K.B.Khuhro; M.HashimGazdar; Muhammad UsmanSoomro; Muhammad YousifChandio; Noor MuhammadShah; RasoolBuxUnar; Ali GoharMahar; Shamis-u-din Barakzai and Sohrab Khan Sarki.
1947: Sindh Government constitutes a Committee with Sir Roger TomisMor as its head to investigate into problems of peasants and prepare report in this regard.MuhammadMasoodKhadaposh, NooruddinSidiqui are included as its members, and Agha Shai is its Secretary.. Agha Shahi was replaced with Gopichand later on.
1950: 3-day Hari Conference is held with G.M.Syed in Chair. It demands abolition of Jageerdari system and elects new office-bearers. They Are: HyderBuxJatoi (President), MoulviNazirHussainJatoi& Syed Shamisudin Shah (Both Vice President); Abdul QadirKhokhar (General Secretary); Ghulam Muhammad Laghari& Abdul Khaliq (Both Joint Secretaries); Moulvi Muhammad Maaz (Treasurer). The Working Committee as per election is formed with following members: GhulamHussainSoomro& Allah Jurio (From Hyderabad District), Mir Muhammad Talpur& Muhammad SaleemLeghari (Tharparkar); Noor Muhammad Palijo& Ali Muhammad Shoro (Thatto); G.M.Syed& Ali Ahmad Qureshi (Dadu); NoorullahDahraj&Osto Muhammad (Nawabshah); AlluddinSamo& Muhammad AalamMangrio (Sukkur) and MoulviAzizullahJarwar& Abdul Wahid Soomro (Larkano District).
1955: The Chief Court of Sindh grants interim stay order against the operation of the Sindh Governmenr order abolishing Jageerdari in Sindh.
1973: Joint front of eight party demands PPP Government to lift Emergency and restore democracy.
 
 
[تاريخ جون دانھن نه ٻڌندڙن جي دانھن ۽ ڪوڪ ڪو به ڪونه ٻڌندو آھي. تاريخ کي ٻڌو ته اوهان کي ٻڌو سمجهيو وڃي.]
3.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء ٣ مارچ جي حوالي سان ڪن واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. انھئ موضوع تي منهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
***************
توجه طلب واقعا
***************
3.3.1843:
حيدرآباد سنڌ جو قابض نيپيئر اڄ مير شير محمد کي لکي ٿو ته تو چيو هو ته تون مياڻئ واري جنگ ۾ حيدرآبادي ميرن جي مدد نه ڪندي ۽ اسان سان جنگ نه جوٽيندين. مون تنهنجئ ڳالھ تي اعتبار ڪيو. تو کي چيو هيم ته پنهنجي فوج گڏ نه ڪجان ۽ ويڙهاڪن کي گهر موڪلي ڇڏجان. تون منھنجي ڳالھ مڃين ها ته توکي ڪو خوف خطرو نه ٿئي ها. پر تون فوج گڏ ڪرڻ کان نه ٿو مڙين. هاڻي تون حيدرآباد اچي مون وٽ پيش ٿي, نه ايڏانھن ڪاهي اچي تو کي اها سزا ڏيندس جو راڄ ڏسندا.
3.3.1924:
ترڪئ "خلافت" کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. "جن ته ڇڏيو جنئ کي, پر هاڻي شال جني جن کي ڇڏي" مصداق اسان جا وڏا پوء به خلافت جي بحالئ لاء تحريڪ هلائيندا رهيا.
3.3.1943:
جي.ايم.سيد جي سرواڻئ ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ پاڪستان جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو. حاضر ميمبرن جو تعداد 27 هو. ان مان 3 هندو ميمبرن (گوڪلداس, ڊاڪٽر هيمنداس ۽ لالومل موٽواڻئ) ٺھراء جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو ۽ باقي 24 مسلمانن ٺھراء جي تائيد ۾ ووٽ ڏنو. سنڌ اسيمبلي گڏيل هندستان ۾ پهرين اسيمبلي هئي, جنهن اهڙو ٺھراء پاس ڪيو. ياد رهي ته انھئ زماني ۾ ڪن حلقن طرفان سنڌ کي الڳ ۽ آزاد ملڪ بنائڻ بابت به آواز اٿاريا ويا هئا. ليڪن سنڌي مسلم قيادت, پوء ان جو تعلق ڪهڙئ به سياسي پارٽئ سان هو, اهي آواز ٻڌي به اڻ ٻڌا ڪيا. ٻي اهم ڳالھ اها آھي ته ورهاڱي کان ٿورو وقت اڳ برطانيه سرڪار هندستان جي وڏين پارٽين جي رويئي کان مايوس ٿي بيان ڪڍيو هو ته جيڪڏهن اهي اسان جي ورهاڱي واري پلان قبول ڪرڻ ۾ سنجيده نظر نه آيون ته اسان صوبن کي اقتدار منتقل ڪري هليا وينداسين. ان موقعي مان به اسان جي وڏڙن ڪو فائدو نه ورتو.
3.3.1947:
سنڌ سرڪار اڄ سر رجرس ٽامس مور جي قيادت ۾ هڪ ڪميٽي جوڙي ته جيڪا هارين جي مسئلن ۽ صورتحال تي رپورٽ ٺاهي. محمد مسعود کدرپوش ۽ نورالدين صديقئ کي ان تي ميمبر ڪري کنيو ويو ۽ آغا شاهي هن ڪميٽئ جو ڪجھ وقت لاء سيڪريٽري ٿيو. هن جي جاء تي پوء گوپيچند کي سيڪريٽري بڻايو ويو. هن ڪميٽئ جيڪا رپورٽ لکي, سرڪار اها ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي, ان جي ڪاپي گل حيات ۾ آھي ۽ ان کي گل حيات جي ويب تي پڻ رکيو ويو آھي.
3.3.1950:
دادوء ۾ جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ٽن ڏينھن واري هاري ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ مان جاگيرداري نظام ختم ڪرڻ جي مطالبي ڪرڻ کان سواء عهديدارن جي هن ريت چونڊ به ڪئي وئي: حيدر بخش جتوئي (صدر), مولانا نذير حسين جتوئي ۽ سيد شمس الدين شاه (ٻئي نائب صدر), عبدالقادر کوکر (سيڪريٽري جنرل), غلام محمد لغري ۽ عبدالخالق (ٻئي جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ مولوي محمد معاذ (خزانچي). ورڪنگ ڪميٽئ تي وري هي ميمبر چونڊيا ويا: غلام حسين سومرو ۽ الله جڙيو (حيدرآباد ضلعي مان), مير محمد ٽالپور ۽ محمد سليم لغاري (ٿرپارڪر), نور محمد پليجو ۽ علي محمد شورو (ٺٽي ضلعي مان), جي.ايم.سيد ۽ علي احمد قريشي (دادو ضلعي مان), نورالله ڌاريجو ۽ اوستو محمد (نواب شاه), عبدالله سمون ۽ محمد عالم مڱريو سکر), مولوي عزيزالله جروار ۽ عبدالواحد سومرو(لاڙڪاڻي ضلعي مان).
3.3.1959:
سنڌوندئ تي تونسه وٽ بئراج ٺاهڻ جو افتتاح ڪيو ويو.
3.3.1971:
صدر يحيا اسيمبلئ جي 12 ميمبرن کي سڏيو ته اچو ته ڍاڪا ۾ گڏجاڻي ڪري ابتر ٿيندڙ سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪريون. ذوالفقار علي ڀٽي اها دعوت قبول ڪئي. هن طرف وري شيخ مجيب بنگالين کي سڏ ڏنو ته حڪومت سان پرامن عدم تعاون شروع ڪريو.
3.3.1972:
جنرل گل حسن ۽ ايئر مارشل رحيم کي زورئ رٽائير ڪري سندن جاء تي جنرل ٽڪا خان کي آرمي چيف ۽ ايئر مارشل ظفر چوڌرئ کي ايئر چيف بڻايو ويو.
3.3.1973:
اٺن پارٽين جي اتحاد پيپلز پارٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملڪ مان هنگامي حالتن وارو حڪم نامو واپس وٺو ۽ امرجنسي هٽايو.
***************
{3 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
3 مارچ 1737ع مذهبي اسڪالر مخدوم يار محمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 مارچ 1828ع اسڪالر ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1847ع سائنسدان اليگزينڊر گراهم بيل(ٽيليفون جو موجد) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1860ع صوفي سيد مهدي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
3 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولوي غلام رسول عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1903ع شاعر محمد خان غني جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1930ع شاعر غلام رسول مسرور جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1930ع صحافي صوفي محمد حسن منگي جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1939ع ليکڪ فتاح ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1942ع سگهڙ طالب ماڇي (ميان وريل) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1942ع شاعر محمد هارون اداسي مهر جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1949ع شاعر دل مطلباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1951ع شاعر يوسف مست جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1951ع اديب ڊاڪٽر اشرف سمون جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1953ع سگهڙ شفيع چنو (محمود چنو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1958ع ليکڪ نثار قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1958ع شاعر محمد خان پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1958ع تارا چند بيوس جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1961ع سگهڙ روشن ڪوري (جروار) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1964ع ليکڪ محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1969ع صحافي منور شيخ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1971ع شاعر عزيز ڪٽپر (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
3 مارچ 1985ع ليکڪ بشير ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
3 مارچ 1707ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگيرجي وفات ٿي.

Tuesday, 1 March 2022

Sindh History (March 2, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd March)
2nd March
BIRTH DATES
Syed Muhammad Alim ‘Alim’ (Poet/ Born 2nd March 1889),
Sir Shahnwaz Khan Bhutto (Garhi Khuda Bux/Ex-Bombay Minister & politician/ Born 2nd March 1892),
Choharmal Hinduja (Phaka > Ajmir/Publisher & Writer/ Born 2nd March 1902),
Qazi Abdul Majeed ‘Abid’ (Sehwan/Journalist & Ex-Federal Minister/ Born 2nd March 1915),
Shaikh Ayaz (Shikarpur/Poet/ Born 2nd March 1923)
, Sughar Muhammad Punhal Shaikh (Phulpota/Folklore Poet/ Born 2nd March 1930),
Jairam Rohra (Larkano > Ulhasnagar/Writer/ Born 2nd March 1938),
Hiro Thakur (Hyderabad > Delhi/Scholar/ Born 2nd March 1943),
Vasdev Mohi (Mirpurkhas > Ahmadabad/Poet/ Born 2nd March 1944),
Dr.Gul Buledi (Larkano/Poet/ Born 2nd March 1964),
‘Wafa’ Yaseen (Piaro Araeen/Poet/ Born 2nd March 1970),
Gul Akhdam (Khan Goth/Writer & Social worker/ Born 2nd March 1973),
Aziz Solangi (Moro/Poet/ Born 2nd March 1985).
DEATH DATES
Hadi Bux ‘Miskeen’ (Poet/ Death 2nd March 1941),
Wajid ‘Naz’ (Larkano/Poet/ Death 2nd March 1995).
EVENTS
1916: Eminent writer and teacher Pahlajrai Lilaram Wasvani delivers his lecture on the topic ‘Why to change ourselves?’ . The lecture is organized by the NGO of Karachi ‘Young Amil’s Association’.
1917: The Karachi Congress Committee in its meeting resolves to offer thanks to Justice A.Rahim on his ‘Minority Report’. The party also decides to demand ban on indentured labour .
1930: Enrolment of volunteers to participate in ‘Non-c-operation Movement’ starts in Larkano. Moorsing, Gurmal and Munshi are enrolled on the spot.
1943: Muslim League Assembly Party meets at Karachi and demands protection of interests of landlords.
1945: The Daily ‘Al-Waheed’ of Karachi criticizes G.M.Syed for his attitude towards Quaid-i-Azam and his strong worded criticism on him.
1954: A Satellite town is planned in Karachi under Town expansion scheme for 120,000 persons.
1963: Border Agreement is signed between Pakistan and China.
1969: Z.A.Bhutto, while addressing a big rally in Karachi, challenges President Ayub to have a debate on Tashkent Declaration.
1971: Postponement of the National Assembly session creates resentment. Curfew is imposed in Dhaka.
1977: PNA boycotts election in Baluchistan. Demands withdrawal of army from there.
 
[اچو ته پنهنجئ تاريخ سان دوستي رکون ۽ تاريخ جو مطالعو ڪريون]
2.3.2022 تي اوهان جو دعاگو در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سميت حاضر آھي. اڄ ٢ مارچ جي حوالي سان اوهان جي خدمت ۾ ڪجھ واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات عرض رکڻي آھي. هن سان گڏ ويڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
سڄڻو! تاريخ اسان ۾ ”اجتماعي سوچ ۽ لوچ“ پيدا ڪندي آھي. تاريخ سمجهائيندي آھي ته ڪنهن فرد يا خاندان يا گروه جي اقتدار وارئ جنگ جو کاڄ نه ٿيو. ڇو ته اها هڪ بدترين داخلي غلامئ کي جنم ڏيندي آھي. اسان جي وڏڙن اهڙيون غلطيون ڪيون ۽ نتيجي ۾ اسان ڀوڳيون ٿا. اسان کي اهو دڳ ڇڏڻ گهرجي.
گروهي, قبائلي ۽ ذات جي بنياد تي اسان جي وڏن غلامي ڪئي ته سنڌ برهمڻن, عربن, سمن, سومرن, ترخانن, ارغونن, مغلن, ڪلهوڙن, ٽالپورن, انگريزن وغيره وغيره جون حڪومتون ته جڙيون, پر سنڌ ۾ سنڌ جي حڪومت ڪڏهن به قائم نه ٿي. اهو مان نه, مگر تاريخ چئي ٿي.
***************
توجه طلب واقعا
***************
2.3.1843:
ميرن کي حيدرآباد ۾ شڪست ڏيڻ کان پوء فرنگين کي ڊپ ٿيو ته متان اتر سنڌ مان هنن تي ڪو چڙھائي ڪري ۽ حالتن جو پاسو بدلجي وڃي. ان ڪري اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي لکيو ته فيروزپور مان فوج گهرائي سکر کي محفوظ بڻاء.
2.3.1917:
ڪراچي ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ٺھراء پاس ڪري جسٽس اي. رحيم کي "اقليتن بابت رپورٽ" لکڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون. ٻئي ٺھراء ۾ سرڪار کان گهر ڪئي وئي ته سنڌ ۾ خرڪاري پورهيئي تي پابندي وڌي وڃي.
2.3.1933:
انڊين ليجسليٽو ڪائونسل جي سنڌي هندو ميمبر لاڙڪاڻي واسي لالچند نولراء اڄ اجلاس ۾ سرڪار کان مطالبو ڪندي چيو ته جڏهن "جوائنٽ پاريامينٽري ڪميٽي" ٺاهي وڃي ته ان ۾ سنڌ جي هندن کي به مناسب نمائندگي ڏني وڃي.
2.3.1934:
حاجي محمود خادم جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ“ طرفان ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ "موضوعاتي مشاعرو" ٿيو, جنھن جي صدارت علامه آء آء قاضئ ڪئي. "بهار" جي موضوع تي شاعرن پنهنجو ڪلام پيش ڪيو.
2.3.1945:
جي.ايم.سيد جي ڏاهپ ۽ جرئت مسلم ليگ کي سنڌ جي مقبول پارٽي بڻايو. هن مسجد منزل گاه جي تحريڪ کي ڪامياب ڪرائڻ کان وٺي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ مان پاڪستان جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪرائڻ ۾ اڳواڻئ واري سياسي تدبر کان ڪم ورتو. پر سنڌ جي سياستدانن هن تي مسلم ليگ جا دروازا بند ڪرايا. ان کان پوء جي.ايم.سيد ۽ قائد اعظم وچ ۾ شديد اختلاف پيدا ٿيا. اڄ ”الوحيد" اخبار تفصيلي ايڊيٽوريل لکي جي.ايم.سيد لاء لکيو ته هو تنقيد ڪندي سخت زبان استعمال نه ڪري.
2.3.1954:
ڪراچي ملڪ جي گادئ واري شهر ۽ مرڪز جي هٿ هيٺ آئي ته ٽن طريقن سان ان جي آبادي وڌڻ لڳي: 1). بنا روڪ هندستاني مسلمانن جي آمد, 2). پٺاڻن جي آمد ۽ 3). وفاقي ملازمن ۽ سندن ڪهولن جي آمد. انھن جي آبادڪارئ لاء وڏي سرڪار سوچيو ته ڪراچئ ۾ ”سيٽلائيٽ ٽائون" ٺاهي هڪ لک ويھ ھزار ماڻھن کي آباد ڪجي.
2.3.1971:
قومي اسيمبلئ جي 3 مارچ تي ٿيندڙ اجلاس کي نه ڪرائڻ واري فيصلي تي اوڀر پاڪستان ۾ ان جي مخالفت ۾ شديد ردعمل ظاهر ٿيو ۽ اتي وڳوڙ شروع ٿي ويا. اڄ ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
2.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي بلوچستان اسيمبلئ لاء ٿيندڙ چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بلوچستان مان فوج واپس گهرائي وڃي.
2.3.1981:
ڪراچئ کان پشاور پي.آء.اي جو هوائي جهاز "الذوالفقار" ڀڄائي ڪابل پهچايو ويو.
***************
{2 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
2 مارچ 1888ع سياسي اڳواڻ سر شاهنواز ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1889ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم جي پيدائش ٿي.
2 مارچ 1902ع ليکڪ ۽ پبلشر چوهڙ مل هندوجا (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1915ع صحافت ۽ سياست سان تعلق رکندڙ قاضي عبدالمجيد عابدجو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1923ع ع شيخ اياز جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1930ع سگهڙ پنهل شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1938ع ليکڪ جئه رام روهڙا (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1943ع ناليواري اسڪالر ۽ ليکڪ هيرو ٺڪر (حيدرآباد / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1944ع شاعر واسديو موهي (ميرپور خاص / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1964ع ليکڪ ڊاڪٽر گُل بليدي جو جنم ڏينهن آهي.
2 مارچ 1970ع شاعر وفا ياسين (پيارو آرائين) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
2 مارچ 1941ع شاعر هادي بخش شاهه مسڪين جي وفات ٿي.
2 مارچ 1995ع شاعر واجد ناز (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.