Friday, 28 August 2026
SINDH in history today (29th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (29th August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
29th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] *************
Dr.Pathan wishes you Good Day. [Wealth and education without love & respect for human-beings make us egoist and follower of hatred & discrimination. It paves way to apply ideology, vision & wisdom for gaining personal interests only. It makes us high-risk for human values.]
جو موڳو ھوندو مت جو، ان کي اڪثر ٿئي مڳي،
مقصد سندس حیاتئ جو، ھوندو ھر پل ٽڙڪ ٺڳي،
ھو سدا انا پٺیان لڳي، وڃائیندو سرت سلام کي.
************** SINDH IN HISTORY TODAY {29th AUGUST} EVENTS: 1845: Captain Prtridge , Deputy Collector, Kotri prepares report on the construction of Bund Veero in order to induce the inhabitants of the tract to abandon their present unsettled course of life and to return their attention to agriculture. (Source: Captain Preedy, Collector of Karachi’s office letter No. 749). 1928: All-Parties Conference at Luck now after long discussion adopted the Dominion States without restricting the liberty of other political parties whose goal was complete independence. Even a known revolutionary Subhas Chandra Bose also agreed and singed the resolution. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1928). 1936: Himalalyas is climbed for the first time . The joint British-American Expedition led by Professor Grahm-Brown of Cardiff University reach highest peak of 25,660 feet. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1936). 1969: Total strike is observed throughout Pakistan to protest against the putting the Al-Aqsa Mosque on fire. (Source: Newspapers). 1973: We do not recognize the Government of PPP, says Asghar Khan. (Source: Newspapers). 1977: Investigation in the murder of Nawab Muhammad Ahmad Khan is in final stage. Stage is being set to involve and hang Z.A.Bhutto who brought back home POWs, Gave Pakistan unanimously adopted Constitution, hold Islamic Conference. (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
************ SINDH IN HISTORY TODAY {29th AUGUST} ( 29 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 29.8.1845: سنڌو انگريزن جي دور تائين ايئن نه سڪو, جيئن ان کي اسان جي دور ۾ سڪائي بنجر ڪيو ويو آھي. پاڻي جي هوند هوندي به فرنگي حڪومت ننڍا بند/ڊيم ٺاهڻ لاء منصوبه بندي ڪئي. انھئ سلسلي ۾ اڄ ڪوٽڙئ جي ڪليڪٽر "بند ويرو" ٺاهڻ بابت هڪ رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. انھئ بند/ڊيم ٺاهڻ جو مقصد اهو هو ته آبپاشئ/زمين آباد ڪرڻ لاء پاڻي گڏ ڪيو وڃي ته جيئن لاڳاپيل ايراضئ وارا ماڻھون زرعي زمينون آباد ڪن. 29.8.1857: سنڌ جي ڪمشنر جاگيرن کي چئن قسمن ۾ ورهائڻ ۽ رکڻ گهريو. ان سلسلي ۾ ٽئين درجي جي جاگير ۽ چوٿين درجي جي جاگير جا رولس/قائدا/قانون ٺاهي, اڄ ممبئ سرڪار جي منظورئ لاء ڏياري موڪليا. 29.8.1928: لکنو ۾ سڏايل "آل پرٽيز ڪانفرنس" برطانيه سرڪار کان هندوستان ۾ Dominion States قائم ڪرڻ جي گهر ڪئي. [ اها "مطلق آزادئ" جي گهر ڪانه هئي. نه وري هندستان کي ورهائڻ جي صلاح ھئي. ليڪن "برطانيه جي نظردارئ هيٺ آزاد رياستن“ قائم ڪرڻ واري تجويز هئي. انھئ ٺھراء تي سياسي پارٽيون سنجيدگئ سان متفق ٿي ڪم ڪن ها ۽ برطانيه کان ڳالھ مڃرائن ها ته هندستان ٻن ملڪن ۾ نه ورهائجي ها ۽ سنڌ سميت ڪيترا نوان ملڪ قائم ٿي سگهن ها. اسان جا وڏڙا هندوستان جو ورهاڱو چاهيندڙ پارٽين جا پوئلڳ ٿي ويا] 29.8.1936: برطانيه ۽ آمريڪا جي پروفيسرن جي ٽيم پهريون دفعو هماليه جبل جي 25,660 فٽ بلند چوٽي سر ڪئي. 29.8.1973: پيپلز پارٽئ جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ ۽ ايوب شاهئ خلاف هلندڙ تحريڪ دوران, اصغر خان جهڙوڪ ڀٽي جو عاشق هوندو هو. ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته اهو ئي اصغر خان سندس سخت مخالف ٿي پيو. اڄ ھن بيان ڏنو ته مان پي.پي.پي جي حڪومت کي مڃان ئي نه ٿو. 29.8.1977: نواب محمد احمد خان جي قتل بابت جاچ آخري مرحلي ۾ داخل ٿي. آثار اهو پيا ٻڌائن ته ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاسائڻ لاء تياري مڪمل ٿي چڪي. *************** 29 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 29 آگسٽ 1829ع ليکڪ سيد ميران محمد شاهه (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1906ع ليکڪ گُل سدارنگاڻي (ڪراچي / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1942ع تعليمدان ۽ اديب پروفيسر احسان دانش ڀٽو(شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 آگسٽ 1970ع ليکڪ اويس قرني جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 29 آگسٽ 1940ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل الرحمان مهر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 آگسٽ 1952ع سياستدان قيصر خان بوزدار جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب جي وفات ٿي. 29 آگسٽ 1963ع قانوندان شمس الدين ابڙو(لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 1989ع شاعر محمد ڇٽل فراز جي وفات ٿي. 29 آگسٽ 2002ع سياستدان الهه بخش ڀٽو جو انتقال ٿيو. 29 آگسٽ 2007ع نعت خوان الحاج خورشيد احمدجو انتقال ٿيو
Thursday, 27 August 2026
SINDH in history today (28th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Sindh in history today (28th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan and translation by his son Mumtaz Ali.
SINDH IN HISTORY TODAY (28th AUGUST)
28th August
BIRTH DATES
Aneeta Kamal ‘Piyasi’ (Loralai > Baroch/Poetess/1931),
Bhojraj Vichani (Dabhro > Mumbai/Writer/1937),
Birj Mohan (Jagan > Mumbai/Writer/1939),
Pir Bux ‘Piyasi’ (Tando Muhammad Khan/Poet/1942),
Shiv Kumar Sharma (Ahmadabad/Artist/1950),
Habib-u-Rahman ‘Habib’ Soomro (Dargah Imam Bux/Poet/1960),
Amar Sindhu – Real name Salman Laghari (Mirpurkhas/Poetess & University teachers’ leader/1068),
Mir Barkat Katohar (Thull/Social worker/1978)
DEATH DATES
His Highness Mir Shadad Khan Talpur (1857),
Allama Muhammad Qasim Mashori (Sahib Khan Mashori/Religious Scholar & Saint/1990),
Khowaja Abdul Rasool Ratar (Noorpur/Saint/2005)
EVENTS
1920: Hyderabad is witnessing very important political atmosphere for two days with effect from today. Both days public meetings and conference is held in the city. The day begins with political activity of Sindh Khilafat Committee. Public meeting is held with aim to create public opinion in favor of the Non-Cooperation movement. Special Sindh Provincial Conference is also held in the city and its all details are available at Gul Hayat website. (Source: Newspapers)
1928: Dr.Ansari presides over All Parties Conference at Luck now to discuss the ‘Nihru Report’. (Source: Book on All Parties Conference).
1948: In the meeting of the ‘Muhajir Council’ presided over by Liaquat Ali Khan, the Prime Minister of Pakistan, it is decided that 2,00,000 Indian Muslim migrants waiting in Punjab camps will be settled in Sindh. (Source: Newspapers).
1952: DSP, Khan Najaf Khan is served upon Charge Sheet by the Punjab Government in connection with the murder of Liaquat Ali Khan, ex-Prime Minister of Pakistan. (Source: ibid).
1964: Z.A.Bhutto, Foreign Minister of Pakistan is awarded with ‘Order of Hamayoon’ [First Class] by Shah of Iran for rendering valuable services in connection with Regional Cooperation for Development [RCD]. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).
( 28 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
28.8.1920:
انگريزن کان جان ڇڏائڻ لاء اسان جا وڏڙا ڪنهن بيروني يا آسماني طاقت تي ڀاڙي سياست کان پاسيرا ٿي نه ويٺا. پر جنهن کان پڳو انهئ سياست جي دونهين دکائي. اڄ حيدرآباد ۾ ٻه وڏا سياسي واقعا ٿيا. پهريون هئ ته سنڌ سطح جي سياسي اڳواڻن "اسپيشل سنڌ صوبائي ڪانفرنس" ڪئي. انھئ جا مڪمل تفصيل اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي ملي ويندا. حيدرآباد ۾ ساڳي وقت تي ٻي سياسي سرگرمي "سنڌ خلافت ڪميٽئ" ڪئي. انھئ طرفان عوامي ميڙاڪو ڪري عوام کي تاڪيد ڪيو ته فرنگي سرڪار خلاف "عدم تعاون/نان ڪو آپريشن جي تحريڪ" ۾ ڀرپور حصو وٺو ڇو ته عوام-دشمن حڪومت سان دوستي وطن سان دشمنئ برابر ٿيندي.
28.8.1928:
انگريز عوام کي قسطن ۾ حق ڏيندا هئا ۽ هر ڏهين سال کان پوء آئيني سڌارا آڻيندا هئا. سرڪار 1919ع ۾ سڌارا آڻي چڪي هئي. هاڻي نوان سڌارا اچڻ وارا هئا. پر هندوستان جي سياستدانن مناسب ڄاتو ته پاڻ ۾ ملي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪري, سرڪار اڳيان پنهنجي حقن جي ڳالھ ڪريون. ان تي نهروء هڪ رپورٽ ٺاهي, جيڪا "نهرو رپورٽ" جي نالي سان مشهور آھي. اڄ لکنو ۾ ڊاڪٽر انصارئ جي صدارت هيٺ ”آل پرٽيز ڪانفرنس" ٿي ته جيئن "نھرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪجي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جا سياستدان به شامل ٿيا, ڇو ته سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ بابت اسم به ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ شامل هو.
28.8.1948:
ملڪ جي وزير اعظم لياقت علي خان جي صدارت ۾ ”مهاجر ڪائونسل" جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڊيا کان آيل ٻه لک پناهگير جيڪي پنجاب پهچي چڪا آھن, انهن کي سنڌ ۾ آباد ڪيو ويندو.
28.8.1952:
لياقت علي خان جي قتل جي حوالي سان ڊيوٽي حاضر ڊي.ايس.پي خان نجف خان کي چارج شيٽ ڪيو ويو.
28.8.1964:
پاڪستان جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي کي ايران جي شھنشاه "فرسٽ ڪلاس آرڊر آف همايون" جو تمغو ڏنو.[ڀٽي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪري پرڏيھ ۾ ته نالو ڪمايو, پر هن سنڌئ جو ڏيھ ۾ اهو قدر ٿيو جو کيس ڦاهي چاڙھيو ويو]
***************
28 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
28 آگسٽ 1931ع شاعره انيتا ڪمال پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1937ع ليکڪ ڀوڄ راڄ وڇاڻي (سنڌ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1939ع ليکڪ برج موهن (جاڳڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1942ع شاعر پير بخش پياسي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1950ع اداڪارشِو ڪمار شرما (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1950ع صحافي ۽ ڪمپيئر اسلم آزاد(حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1960ع شاعر حبيب سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1965ع اداڪار احمد حسين ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
28 آگسٽ 1968ع ليکڪا، شاعره ۽ سنڌ يونيورسٽئ جي استادياڻئ امر سنڌوجو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
28 آگسٽ 1857ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير شهداد علي خانجي وفات ٿي.
28 آگسٽ 1990ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ علامه محمد قاسم مشوري جو لاڏاڻو ٿيو.
28 آگسٽ 2002ع راڳي شفيع محمد جمنجو انتقال ٿيو.
28 آگسٽ 2005ع نورپور سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه محمد عبدالرسول رتڙ جو انتقال ٿيو.
Wednesday, 26 August 2026
SINDH in history today (27th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (27th August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
27th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
Dr.Pathan wishes you Good Day. [ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination]
نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب،
سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب،
ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان.
************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th August} EVENTS from history: 1835: Colonel Pottenger requests the Government of Bombay for permission to set the Ranna of Parkar, a State prisoner at Bhoo,j at liberty on condition that he would either live in Cutch or Sindh. He further informs that Ranna has released eight of the relatives of Ranna Jagatsinf of Parkar in compliance to orders of Mir Noor Muhammad Khan. (Source: Letter No.54). 1838: Colonel Pottenger requests the Government of Bomay to prepare a force for eventual service in Sindh. (Source: Letter No.101). 1851: The Commander of the Indus Flotilla informs the Sindh Commissioner that Governor-General has approved of the proposal to establish a steam communication between Karachi and Multan (Source: Letter No.716). 1856: The Sindh Commissioner asks collectors to adopt 5 per cent Local Fund Cess in Sindh. (Source: Letter No.1430). 1919: It is a golden chance for pro-British Government to wish it congratulations. On the victory of the Allies Naraindas Bhawandas [zamindar & Hon.Magistrate of Berani], Bhagwandas Vasudev [Brahman Panchayat, Berani], H.H.Samavedi [Secretary, Pushkarna Brahman Maha Mandal, Hyderabad], Bulchand Dayaram [Presidenr, Hyderabad Municipality], Metharam Ajitsing [of Shahdadpur], Dalpatrai [Mukhtyarkar of Jati] send messages of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette). 1948: The Governor-General promulgates Ordinance to empower Pakistan Government emergency powers for dealing the issue of Muslim migrants coming from India (Source: Newspapers). 1953: Kazi Muhammad Akbar, Sindh Education Minister declares that compulsory primary education is being introduced in Sindh, Very Soon. (Source: ibid). 1956: I.I.Chundrigar and Pir Ali Muhammad Shah resign as federal ministers. (Source: ibid). 1960: Rs.20000000 are approved for construction of a new capital [Islamabad], near Rawalpindi (Source: ibid). 1972: No Indo-Pak talks, if Pakistan is not recognizing Bangladesh, says India. (Source: ibid). 1974: Government has agreed to accept 7500000 Biharis. (Source: BBC)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
************ Sindh in history today (27th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan.
( 27 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 27.8.1835: پارڪر جي راڻي فرنگين کي رت ڪيو. راڻا جڳتسنگ فرنگين جي ڦرلٽ ۾ ھن جو ساٿ نه پيو ڏئي ته سندس ڪيترا مائٽ اغوا ڪري پاڻ وٽ رکيائين. مير حڪمرانن انگريزن جي مدد ڪئي. ان ڪري پارڪر جو راڻو پڪڙجي پيو. هن کي پاٽينجر جي حوالي ڪيو ويو. اڄ اها صورتحال پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ۽ اهو به پڇيو ته راڻو سنڌ ۾ رهي يا کيس ڀڄ موڪلجي. 27.8.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ڏني ته پنهنجي ڏک سک ۾ واهر ڪرڻ لاء سنڌ ۾ فوجي جٿا رکڻ گهرجن ۽ انھن تي ايندڙ خرچ سنڌ جي حڪمرانن کان ڀرائي وٺجي. [ مطلب ته پنهنجي بچاء لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکجي] 27.8.1851: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل "انڊس فلوٽيلا" جي ڪمانڊر کي اجازت ۽ هدايت ڏني ته ڪراچئ کان ملتان تائين آگبوٽ سروس شروع ڪئي وڃي. [انھئ زماني ۾ سنڌو ندي ايترئ اوج ۽ موج ۾ ھئي جو انھئ ۾ سنڌ ۽ ملتان وچ ۾ آسانئ سان آگبوٽ ھلايا ويا. مطلب ته سنڌوء جي پاڻئ تي اڄ جيان پهرا ڪونه هئا] 27.8.1856: سرڪار فيصلو ڪيو ته جاگيرن تي وڌيڪ پنج سيڪڙو ٽيڪس لڳايو ويندو, جيڪو سنڌ ۾ تعليمي واڌاري ۽ روڊن رستن جي تعمير تي خرچ ڪيو ويندو. انھئ آمدنئ/ٽيڪس کي "لوڪل فند" چيو ويندو هو. 27.8.1919: ترڪن کي برطانيه ۽ ان جي اتحادين شڪست ڏئي, مٿس پنھنجئ مرضئ وارو ٺاه مڙھيو ته ڪيترن خوشامندڙن سرڪار کي انھئ فتح تي مبارڪون ڏنيون. اڄ جن مبارڪون ڏنيون, اهي آھن: ٻيراڻئ جو زميندار ۽ اعزازي ماجسٽريٽ نارائڻداس ڀاونداس, ٻيراڻئ جي "برهمڻ پئنچات" جو مکي ڀڳوانداس واسديو, حيدرآباد جي " پشڪارنه برهمڻ مها منڊل" جو سيڪريٽري ايڇ.ايڇ.شام ديو, شھدادپور جو ميٺارام اجيت سنگ۽ جاتئ جو مختيارڪار دلپت راء. [ياد رهي ته فرنگي سرڪار جا خوشامندڙيا رڳو هندو ڪونه هئا. انھن ۾ مسلمان به شامل هئا. پر اڄ جن تارون موڪلي مبارڪون ڏنيون, سي اتفاق سان سڀ هندو هئا] 27.8.1948: پاڪستان جي گورنر جنرل هڪ آرڊيننس لاڳو ڪري, پاڪستان سرڪار کي بااختيار بڻايو ته جيئن ھندوستان لڏي/ڇڏي ايندڙ پناهگيرن جا مسئلا ترت هل ڪري سگهي. [ياد رهي ته قائد اعظم جي طبيعت جي ناسازئ ۽ پوء آرام لاء تربت هليو وڃڻ دوران لياقت علي خان اهڙا ڪيترا فيصلا ڪيا/ڪرايا] 27.8.1953: سنڌ جي تعليم واري وزير اعلان ڪيو ته ستت لازمي پرائمري تعليم رائج ڪئي ويندي. 27.8.1960: اسلام آباد ۾ ملڪ جي گادئ وارو شهر اڏڻ لاء ٻه ڪروڙ روپيا منظور ڪيا ويا. 27.8.1972: انڊيا اعلان ڪيو ته جيسيتائين پاڪستان بنگلاديش کي نه ٿو مڃي ۽ قبول ڪري, ان وقت تائين ڪنھن به قسم جون ڳالهيون نه ڪبيون. 27.8.1974: پاڪستان سرڪار زبان ڏني ته 75 لک بهاري گهائي آباد ڪبا. *************** 27آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 27 آگسٽ 1929ع ليکڪ مراد علي مرزا(حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1934ع گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي(ڪراچي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1940ع شاعر جمال پلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 27 آگسٽ 1974ع ليکڪا، ڪمپيئر، عورتن جي حقن لاء جاکوڙيندڙ ۽ استاد اڳواڻ عرفانه ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 آگسٽ 1876ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عاقل (ٻيون) جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1976ع برصغير جو مشهور گلوڪار مڪيش ديهانت ڪري ويو. 27 آگسٽ 1984ع شاعر، سازندي، مصور ۽ اديب غلام رسول غلام ابڙو هالائي جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 1986ع شاعر ذوالفقار راشدئ جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 1996ع صحافي، عبرت اخبار جي بانيڪار ۽ اڳوڻي وفاقي وزير "عبرت" اخبار جو مالڪ قاضي عبدالمجيد عابد جو انتقال ٿيو. 27 آگسٽ 2006ع شاعر سليم انڍڙ جي وفات ٿي. 27 آگسٽ 2015ع جسٽس رٽائرڊ ظفر حسين مرزا جي وفات ٿي
Tuesday, 25 August 2026
SINDH in history today (26th August). By. dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (26th August). Author Dr.DDur Muhammad Pathan& Translator MMumtaz Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th August} and my Good Day Wish.
************ Dr. Pathan wishes you Good Day. [Ego makes heart & mind dirty to extent that values, vision & wisdom lose their reflection, impact & importance for them . With the result that mind refuses to accept love and heart regrets to respect beauty. Come on Dear! Teach us how to get rid of ugly ego and why to own & apply love and beauty with sincerity & trust] جي
آھي من ۾ ڪجه میر، پوء پیار نہ رکندو اتي پیر،
جت هر ڪو عقل ۽ سونھن ۾، سمجھي پاڻ کي سیر،
ات ايندا نفرت ۽ غیر، ھلائڻ حڪم سرت ۽ سونهن تي
************* SINDH IN HISTORY TODAY {26th August} EVENTS: 26th August 1835: The matter of the Navigation of Indus is discussed between Colonel Pottenger and Lieutenant Mackeson. Pottenger is of view that Indus be considered as a ‘beaten road’ for travellers as on each occasion of the boat passing special orders and permission is to be applied to Sindh Government. (Source: Letter No.50 from Pottenger). 1840: Lieutenant Loveday, Assistant Political Agent in Quetta/Balochistan is captured by Brohi Sardars and inform him that his letters to Naseer Khan have irritated them and if attention is not paid to our demands, he can be put to death. (Source: indicated). 1843: The copy of despatch from the Secret Committee of the Government of East India Compay is sent to Charles Napier for his guidance as how to distribute/awrad ‘Prize property’ at Hyderabad. (Source: Letter No.334). 1848: The Collector of Karachi prepares his report about Seth Naomal. It is told that his case was decided by a Military Tribunal on ex-parte statement and without allowing him to put in his defence. Further investigations is being made and Naomal has been given opportunity to put in his defence. (Source: Letter No.959). 1950: ‘Muhajir Tax’ is introduced by the Center and Provinces so as to help resolving their problems relating to financial matters. (Source: Newspapers). 1966: Re-promulgation of FRC in Balochitan creates resentment in political circles. Baloch leaders oppose the action. (Source: ibid). 1971: A.K.Brohi’s O.K for acting as Counsel for Shaikh Mujeeb is appreciated by Internatonal Commission of Jurists. (Source: Newspapers). 1992: Pakistan-Dost [friend]politician [Benazir Bhutto] and Sindh-Dost politician [G.M.Syed], both from Sindh and both Sindhis are facing tough time. Benazir’s Counse l file reply in the court and SATA issues notice to the Sindh Home Secretary and Inspector-General of police to produce G.M.Syed in the court. (Source: Newspapers)
TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: ***********
SINDH IN HISTORY TODAY {26th August} "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(26 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 26 8.1835: اڄ پاٽينجر هڪ خط سنڌوء جي نيويگيشن واري فرنگي ايجنٽ ليفٽيننٽ ميڪسن Lieutenant Mackeson ٻيو خط ڪمپني حڪومت کي لکيو ته سنڌو ندئ ۾ ڏيهي ٻيڙيون محدود ۽ مخصوص هنڌن/پتڻن تي هلن ٿيون, پر سنڌوء جي وسعت ۽ حيٽيت ايتري آھي جو ان ۾ ٻيڙيون وڏي مفاصلي تائين هلائي سگهجن ٿيون. هاڻي پتڻ رڳو درياه ٽپڻ لاء آھن. [هن جو چوڻ آھي ته عوام ۽ حڪمرانن سنڌو ندئ مان ڀرپور فائدو نه ورتو آھي. جڏهن ته اها سنڌ جو وڏو آبي رستو آھي (معلومات جو ذريعو: پاٽينجر جا خط نمبر نمبر 50 ۽ 51). 26.8.1840: پارڪر جي راڻن فرنگين کي دانھن ڏني ته ميرن اسان کان گذريل ڏهن سالن کان خراج وٺندا اچن ٿا ۽ ان ڪم لاء ھتي پنهنجا عملدار مقرر ڪري رکيا اٿن. انھن عملدارن کي هتان تڙي واپس موڪليو. فرنگين اها دانھن ته نه ورنائي, ويتر پنهنجن نمائندن کي سختئ سان تاڪيد ڪيو ته انھئ مامري ۾ اوهان ڪا مداخلت نه ڪجو. (حوالو: ممبئي سرڪار جي سيڪريٽري ڊبليو آر. موريس جو خط). 26.8.1840: ليفٽيننٽ گورڊن اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي خبر ٿو ڏئي ته لس ٻيلي جو ڄام ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت سان ياري رکڻ ٿو چاهي. (حوالو: اشارو متن ۾ موجود آھي.) 26.8.1847: خيرپور رياست کان سواء باقي سنڌ فرنگين جي قبضي ۾ آھي. مير علي مراد خان جا اتر سنڌ جي پرڳڻن ۾ حصو آھي. ان ڪري شڪارپور جو ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 119 ذريعي اڄ ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته مير علي مراد ۽ اسان جي پرڳڻن جي حدبندي ڪئي وڃي. ياد رهي ته فرنگين مير علي مراد سان حيدرآبادي سابق حڪومت سان بائونڊري, خيرپور رياست جي اتر واري بائونڊري, ۽ ٻين پرڳڻن جي بائونڊرئ جا مامرا 1848 ۾ طئي ڪيا هئا. 26.8.1848: ڪراچي جي ڪليڪٽر اڄ سيٺ نائونمل بابت پنهنجي رپورٽ تيار ڪري ڪمشنر کي ڏياري موڪلي, جنهن ۾ اهو ٻڌايو ويو آهي ته نائونمل کي پنهنجي ڪيس ۾ صفائئ جو موقعو ڪونه ڏنو ويو هو ۽ فوجي ٽربيونل طرفان هن کي پنهنجي بچاء ۾ ڳالهائڻ کان سواء ھن خلاف فيصلو ڏنو هو. وڌيڪ جاچ پڙتال ڪئي پئي وڃي. (حوالو: ڪراچئ جي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 959). 26.8.1950: اڄ پناهگيرن وڏو جلوس ڪڍي گهر ڪئي ته گهرايو اٿو ته عزت سان اسان جي آبادڪاري به ڪيو. (ذريعو: اخبارون). 26.8.1955: ڪراچئ ۾ ون-يونٽ مخالف سياسي اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن گڏجاڻئ ۾ ون-يونٽ خلاف محاذ جوڙيو ويو ۽ ان لاء هڪ مشاورتي ڪميٽي جوڙي وئي. هن گڏجاڻئ ۾ شرڪت ڪندڙن ڪن جا نالا آھن: جي. ايم.سيد, حيدر بخش جتوئي, عبدالولي خان, عبدالصمد اچڪزئي, ارباب سڪندر, شيخ عبدالمجيد سنڌي, عبداحفيظ لاکو, قاضي فيض محمد, حفيظ قريشي, غلام محمد لغاري, غلام مصطفا ڀرڳڙي ۽ عبدالحميد جتوئي. { 26 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1824ع شاعر مير حسن علي خان حسن (حيدر آباد). 1910ع انساني خدمتن لاء پاڻ کي وقف ڪندڙ نوبل انعام يافته مدر ٽريسا. 1922ع گلوڪار پرمانند کتري (شڪارپور). 1924ع شاعر گرداس انواڻي (سنڌ / ناگپور). 1938ع شاعر نور سمون (خيرپور گمبوهه). 1956ع شاعر ڊاڪٽر محمد ادريس سومرو آزاد. 1960ع مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر حافظ عبدالغني شيخ (لاڙڪاڻو). 1968ع سياسي اڳواڻ غلام قادر ڏاهري. [وڇوڙو]: 2006ع بلوچ قومپرست اڳواڻ نواب اڪبر بگٽي. 2009ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، صحافي ۽ ڪمپيئر حضور بخش آزاد جتوئي.
Monday, 24 August 2026
SINDH in history today (25th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (25th August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
25th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{25th August} and my Good Day Wish.
************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is said that the time will come when there will be shadows in place of people. Nobody will be eye and ear and nobody will listen, see and understand sorrows and longings of others. People will not act and behave as they will be, but will love to dance as desired by others and required by others. Love and respect will be there only in books, but not in hearts and minds. Dear! When you unfortunately face such a situation, be, what you are and behave as you are beauty & love, peace & respect.]
اهڙو وقت بہ ايندو يا آيو آھي جو هوندا ماڻهن بدران جت ڪٿ پاڇا,
اکين هوندي نہ ڏسندو ڪوئي ڪنهن جا ڪن نہ سڻندا درد جي ڀاشا,
پنهنجئ چال چلڻ جي بدران ڪي کين نچائي ڪندا وجهندا تماشا,
باز بره جا اڏري ويندا باقي انا ۽ نفرت جا وڃي پوء بچندا باشا,
اهڙو وقت اچي تہ پوء آشا, رکجان تون سرت سونهن سلام ۾.
************* SINDH IN HISTORY TODAY {25th AUGUST} EVENTS: 1839: Colonel Pottenger writes to Officer Commanding at Karachi desiring him to receive one State prisoner by name ‘Sehee Durwesh’ and take necessary steps of transporting him to Bushire and set him at liberty there. The attention of readers is invited to an important point that Colonel Pottenger is in Sindh and Sindh is under rule of Talpurs but, he is using his judicial, political and administrative powers in 1839 much before fall of Miani. (Source: indicated). 1843: The Sindh Governor apprises the Governor-General of the procedure of conducting trial in Sindh. He informs him that in all cases involving capital punishment which called for trial the prisoners were brought before a Military Court of British Officers and it is the best course in the absence of Judicial system in Sindh at present. (Source: indicated). 1939: Some of Sindh Congress leaders and other politicians deplore the decision of the Congress Working Committee and aspiration og the Congress leaders disqualifying Sj. Subhas Chandra Bose’s from being President of Bengal Provincial Congress Committee and being a member of any elective Congress body for three years. (Source: Newspapers). 1946: Politicians express their reaction on the matter of ‘interim Government’. Master Tara Sing, the Akali leader is satisfied to see that this interim Government consists of representatives of some of largest political parties of India. Dr.B.R.Ambrdkar refuses to accept the interim Government as representative of Scheduled Castes, and Gandhi blames that League leaders in reaction against the interim Government have started preaching violence and now violence in Calcutta has erupted because of this. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1946). 1955: Muslim League Parliamentary Party serves Show Cause notice on Mian Jaffar Shah for opposing ‘One-Unit’. (Source: Newspapers). 1977: Ex-Director-General of Health Services Dr. Naseer Shaikh and Ex-Director-General of FSF Masud Mahmood are arrested. Stage is being set to arrest Z.A.Bhutto. (Source: Newspapers).
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*********** SINDH IN HISTORY TODAY {25th AUGUST} EVENTS: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(25 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 25.8.1839: ڪراچئ تي انگريزن جو قبضو ٿي ويو ۽ منوڙو ٻيٽ کسجي ويو ته اسان جي حڪمرانن کي بي بسئ جي بي پاڙي ول وڪوڙي وئي ۽ فرنگين جو اهڙو ته وڌي ويو جو هنن ماڻھن جي ٻڌي ڇوڙي به شروع ڪري ڏني. اڄ ڪرنل پاٽينجر ، ڪراچي جي آفيسر ڪمانڊنگ ڏانهن لکي ٿو ته هن کان هڪ قيدي ’سهي درويش‘ نالي موڪليان ٿو. هن کي هن کي سنڌ ملڪ مان نيڪالي ڏئي بشائير Bushire موڪلي ڇڏيو. (حوالو: پاٽينجر جو خط). 25.8.1839: فرنگين جا ڇڙواڳ فوجي انھن جا اٺ روهڙئ ۽ ان جي ڀرپاسي ٻينن ۽ باغن کي تباه ڪرڻ لڳا ته مير رستم علئ ڏکڻ سنڌ واري فرنگي ايجنٽ جو توجھ ڇڪرايو. راس بيل مير کي لکيو ته اسان جڊيشل ڪورٽون ٺاهينداسين. مير رستم علي ھن سان سهمت نه ٿيو ۽ لکيائينس ته مان گورنر جنرل ڏي پنهنجو نمائيندو موڪلي کيس صورتحال کان واقف ڪندس. راس بيل انھئ ڳاله کان ڊڄي ويو ۽ اڄ مير ڏي خط لکي هيٺيون مٿيون ڳالهيون ٻڌائي کيس ٿڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. (حوالو: راسبيل جو خط). 25.8.1843: سنڌ جو گورنر نيپيئر سنڌ ۾ مقدمن هلائڻ جي طريقيڪار کان گورنر جنرل کي اڄ آگاهي ڏئي ٿو ته وڏا ڪيس برطانوي آفيسرن جي فوجي عدالت ۾ هلايا وڃن ٿا, ڇو ته هن وقت سنڌ ۾ اسان وارو عدالتي نظام عدم موجود آھي. (حوالو: اشارو متن موجود آھي). 25.8.1843: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر نيپيئر کي لکيو ته سنڌ ۾ آفيم جي سمگلنگ چوٽ چڙھي وئي آھي, ان کي بند ڪر.(حوالو: مراسلو نمبر 32). ان کان سواء گورنر کي هدايت ڪئي وئي ته سنڌ مان "سڪي سازئ" جا ڪارخانا بند ڪراء (حوالو: مراسلو نمبر 1224). 25.8.1858: سنڌ جي ڪمشنر ڪجه وقت اڳ مسٽر پيلئ Pelly کان سنڌ جي مکيه جاگيردار سردارن جي لسٽ ٺھرائي هئي (جيڪا گل حيات ۾ موجود آھي).اڄ جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌ جي ڪمشنر کي گذارش ڪئي ته انھئ لسٽ تي نظرثاني ڪرائي وڃي. (حوالو: خط نمبر 2124). 25.8.1939: اڄ سنڌ ڪانگريس جي ڪجهه اڳواڻن ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽي جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو جنهن مطابق ڪانگريس پارٽئ سباش چندر بوس کي بنگال جي صوبائي ڪانگريس ڪميٽي جو صدارت تان هٽايو. سنڌ جا ڪانگريسي بي باڪ ۽ باشعور ھئا ۽ سباش چندر بوس جي ڪانگريس مان نيڪالي سٺو سياسي قدم نه پيا سمجهن.(ذريعو: اخبارون). 25.8.1946: هندستان ۾ "عبوري حڪومت" ٺاهڻ واري قدم تي ڪانگريس ۽ مسلم ليگ متضاد موقوف ورتو. گانڌئ مسلم ليگ تي تنقيد ڪندي چيو ته مسلم ليگ طرفان عبوري حڪومت ٺاهڻ خلاف ڪيل احتجاج جي نتيجي ۾ ڪلڪتي ۾ ھندو-مسلم فساد شروع ٿيا. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر, سال 1946, واليوم 2), 25.8.1977: اڄ سابق ڊائريڪٽر جنرل ھيلٿ ڊاڪٽر نصير شيخ ۽ ايف ايس ايف جي اڳوڻي ڊائريڪٽر جنرل مسعود محمود کي گرفتار ڪيو ويو . اهو قدم ذوالفقار علي ڀٽي ڦاسائڻ جي ڪوشش ھو. (ذريعو: اخبارون). 25 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون [جنم ڏينهن]: 1852ع صوفي شاعر پير ميان غلام نبي پنڃل (هالا). 1937ع ليکڪ ڀوڄراڄ وشاڻي (سنڌ / بمبئي). 1952ع شاعر قريشي نعمت الله صابر (شڪارپور). 1955ع ليکڪ الهه بچايو پنهور. 1962ع زرعي ماهر ڊاڪٽر عبدالله آريجو. 1962ع بنگلاديش جي مشهور ناول نگار ۽ شاعره تسليمه نسرين. 1978ع ليکڪ شهزاد عمران (گل مگسي). [وڇوڙو]: 1907ع مذهبي اسڪالر علامه عطاءُ الله فيروزشاهي. 1986ع شاعر درويش سيتائي. 1987ع شاعر استاد زيب سومرو. 1979ع سماج سڌارڪ بلاول شاهه حسيني(ڀٽ شاهه). 1998ع شڪارپور ۾ جنم وٺندڙ اداڪاره ماروي. 2008ع مشهور ترقي پسند شاعر احمد فرا
Sunday, 23 August 2026
SINDH in history today (24th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (24th August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
24th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th August} and my Good Day Wish.
************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [It is the job of so-called literacy in real that is absolute illiteracy, to oppose knowledge, vision & wisdom. It imposes conflict upon knowledge and promote egoism, hatred & discrimination. It dislikes beauty and discourages love of hearts & minds]
اصلئون ڳولھي علم کي، پیو جھل جھیڙي لاء،
نفرت ۽ انا جا انھئ جي،
تن کان نہ مٺا گھٻراء، پاند ڳچئ پاء نڀاء،
سرت ۽ سونھن سلام سان.
************* SINDH IN HISTORY TODAY {24th August} EVENTS: 24th August 1846: The Secretary to Government of Sindh asks Collector of Shikarpur to suspend the question of boundry between Jageers of Mir Muhammad Khan and Ghulam Mustafa Khan till deciding the matter on spot. (Source: Letter No.1218). 1941: The Working Committee of the All-India Muslim League meets in Bombay. M.A.Jinnah informs the committee about his interview with the Viceroy on the constitution of the National Defense Council and the expansion of the Executive Council. He also criticizes some of the members of the Muslim League including the three Premiers [Sir Sikandar Hayat Khan of Punjab, A.K.Fazul Haq of Bengal and Moulvi Syed Muhammad Saadullah of Asam] who joined the Defence Council. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1941). 1946: Reginald Sorensen, a Member of the Parliamentary Delegation to India, in a message to the formation of the Interim Government, congratulates Pandit Jawaharlal Nehru on his success in the formation of his cabinet and expresses regret at M.A.Jinnah’s attitude of non-cooperation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1946). 1948: Indian Muslim migrants’ mob is fired by police at Sahiwal. Five are killed.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that in spite of waves of muhajeern’s towards Sindh, not a single event of killing them is recorded in Sindh history. Though, so many processions were taken by them and even Prime Minister’s House was encircled by them for so many times. 1955: Ex-Prime Minister of Pakistan, Muhammad Ali Bogra is appointed as ambassador in U.S.A. (Source: Newspapers). For the sake of General Knowledge, any one should prepare province-wise list of all ambassadors appointed in various countries since creation of Pakistan. 1969: Zahir Shah of Afghanistan declares that his country will support Pathans in their struggle for creation of Pakhtoonistan. (Source: ibid), 1947: Mirza Nasir Ahmad, head of Anjuman Ahmadya, Rabwah, gives his statement before Parliament’s Special Committee. He is cross examined also. (Source: Newspapers). 1977: Returning of PPP in Power will be high-risk for the country, says Mufti Mahmood. (Source: ibid).
TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI:
SINDH in history today (24th August)
1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر ۽ ڪمانڊر ان چيف وچ ۾ اختلاف پيدا ٿي ويا، ليفٽيننٽ ڪرنل موسلي خلاف جاچ ڪرڻ ۽ ٻين معاملن تي پيدا ٿيل تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ هندستان جي گورنر جنرل کي مداخلت ڪرڻي پئي، جنهن ٻنهي ڄڻن کي هدايتون جاري ڪيون ته اختلاف فوري طور ختم ڪيا وڃن، واضح رهي ته چارلس نيپيئر جا پنهنجي آفيسرن سان هميشه تڪرار رهيا، ان انگريزن جي اهم آفيسر ميجر آئوٽرام سان پڻ ڪيتري ئي عرصي تائين اختلاف رکيا، جنهن ڪري ميجر آئوٽرام سندس خلاف مختلف اخبارن ۾ آرٽيڪل پڻ لکيا. * 1848ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جج ايڊووڪيٽ جنرل ڪراچي جي ڪليڪٽر کي حڪم جاري ڪيو ته سيٺ نائومل جي حوالي سان انڪوائري ڪرائي وڃي، سيٺ نائومل ميجر آئوٽرام جو دوست هو ۽ هن انگريزن جي سنڌ تي قبضي ۾ وڏي مدد ڪئي، ميجر آئوٽرام سان دوستي سبب چارلس نيپيئر نائومل جي سدائين مخالفت ڪئي، جڏهن ته چارلس نيپيئر سيٺ نائومل خلاف ڪارروائي جي پڻ سفارش ڪئي. 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت مان ايندڙ پناهگيرن مٿان ساهيوال وٽ مڇريل ماڻهن فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ 5 پناهگير قتل ۽ 7 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته لڏپلاڻ دوران سنڌ ۾ اهڙو ڪوبه واقعو پيش نه آيو پر سنڌين ڀارت مان ايندڙن کي کاڌ خوراڪ ۽ ڪپڙا فراهم ڪيا. 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم محمد علي بوگرا کي آمريڪا ۾ سفير مقرر ڪيو ويو، ٻڌايو وڃي ٿو ته ورهاڱي کانپوءِ پاڪستان طرفان ڪنهن به سفير جي هيءَ پهرين مقرري هئي. 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مير غلام علي ٽالپر ۽ حاجي مولا بخش سومرو ريپبليڪشن پارٽي ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ڍاڪا ۾ صدارتي چونڊ جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته مون کي يقين آهي ته مان ئي صدر چونڊيو ويندس. 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي افغانستان جي بادشاهه ظاهر شاهه پختونن جي ڌار وطن پختونستان جي قيام واري جدوجهد جي حمايت جو اعلان ڪيو. 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا مفتي محمود ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي جو ٻيهر چونڊجي اچڻ ملڪ ۽ قوم لاءِ خطرناڪ ثابت ٿيندو. اڄوڪي ڏينهن 24 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 24 آگسٽ 1896ع شاعر قادر بخش بشير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1929ع فلسطين ۽ پي ايل او جي اڳواڻ ياسر عرفاتجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1953ع ايم آر ڊي تحريڪ جي سرگرم رڪن غلام رسول چانڊيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 24 آگسٽ 1974ع شاعر، ڪمپيوٽر پروگرامر ۽ سنڌي ٻولي لاء جاکوڙيندڙ علي حسن ملاح جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 آگسٽ 1876ع ٽالپر حڪمران مير شير محمد خان ٽالپرجي وفات ٿي. 24 آگسٽ 1889ع مذهبي اسڪالر مولانا گُل محمد شهداد ڪوٽي جي وفات ٿي. 24 آگسٽ 1922ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم لغاري جو انتقال ٿيو. 24 آگسٽ 1947ع مذهبي اسڪالر مولانا قمرالدين مهيسر جو انتقال ٿيو. 24 آگسٽ 1974ع سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو وزير اعلى پيرزادو عبدالستارلاڏاڻو ڪري ويو. 24 آگسٽ 1977ع شاعر جمن هالو لاڏاڻو ڪري ويو. 24 آگسٽ 2005ع اداڪار جمشيد انصاري جي وفات ٿي
Saturday, 22 August 2026
SINDH in history today (23rd August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (23rd August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
23rd August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd August} and my Good Day Wish. *************
Dr. Pathan wishes you Good Day. [Dear you are more beautiful than this beautiful universe. Witness its waiting for you. Rainbow has less colours than your colourful personality. You are higher than high mountains. The flow of your love & beauty is more strong and speedy than flow of lakes and rivers. Dear! Don't hide, but add your beauty & love and vision & wisdom in this world and make it more wonderful & beautiful, please]
تنهنجون سوچون انڊلٺ ريکا پر لوچون پوء ڇو تنهنجون ماٺيون ۽ مدهوش؟
گهاگهر بن شل گهري پئين دل سان تار ندئ منجھ ڀل اها ڏسي تنهنجو جوش,
دل ۽ دنيا ۽ ھئ ڌرتي پل پل طلبن تانگهن تنهنجي سونهن سندو آغوش,
پنهنجو روپ نہ ڪر روپوش, ڪر ظاهر سندرتا سرت ۽ سلام سان.
************* SINDH IN HISTORY TODAY {23rd AUGUST} EVENTS: 1838: Colonel Pottenger is asked by his Government to purchase and store grain crops at Larkana. (Source: letter of 23rd of August 1838). 1918: The Chief of the General Staff, India reports that several [ Sindhi] employees of J.T. Chainrai & Co [of Sindhworki] from Tenerife & Panama had been bound over for spreading alarmist pro-enemy rumors. (Source: ‘Source-Material on Sindh workis’, compiled by Gul Hayat Institute). 1933: There is a debate on the clause regarding representation of labour Unions, Merchants etc in the Karachi Municipality. Baskhale proposes amendment seeking to remove the clause restricting the election of a representative of registered unions, to labourers and asks that instead of 2 seats, 3 should be reserved for, and this should be nomination. Jamshed Mehta taking part in debate says that he was President of the Federation of Labour Unions in Karachi, and it was he who had suggested restriction in order to give the labour an opportunity to be represented by an actual working men. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1936: Prices of almost all States meet the Viceroy of India to have final talks on the Federal Plan. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939). 1947: Khan Abdul Qayoom Khan and his cabinet take over oath in NWFP. (Source: Newspapers). 1955: ‘One-Unit’ bill is presented in the Constituent Assembly of Pakistan (Source: ibid). 1976: Islamabad University is renamed as ‘Quaid-i-Azam University’ (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*********** SINDH IN HISTORY TODAY {23rd AUGUST} . [ڪجھ واقعا] 23.8.1838: انگريزن جي افغانستان تي نظر آھي. هو مڪمل فوجي تيارئ سان اوڏانھن وڃڻ گهرن پيا. سنڌ جي مختلف شهرن کان گذرڻ وقت, هنن اناج,گاه ۽ اٺ خريد ڪيو. اڄ ڪرنل پاٽينجر کي پنهنجي سرڪار هدايت ٿي ڪري ته لاڙڪاڻو ۾ ميرن ۽ دوڪاندارن کان اناج خريد ڪري ڪٺو ڪري. (حوالو: ڪمپني حڪومت جو مراسلو مورخه 23 آگسٽ 1838). 23.8.1856: سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ ئي انگريزن سنڌ جي مختلف پرڳڻن ۽ رستن جا نقشا ٺاهڻ شروع ڪيا هئا. پوء جڏهن هو حاڪم ٿيا ته انھن سروي Survey ڪرائڻ تي خاص توجه ڏنو. اڄ اپر سنڌ جي ڪليڪٽر لاڙڪاڻي ڊويزن جي روينيو سيٽلمينٽ, سروي ۽ حدن جي رپورٽ ڪمشنر ڏانھن ڏياري موڪلي. اها سروي لفٽيننٽ فورڊ نالي انگريز عملدار ڪئي هئي. (حوالو: اپر سنڌ جي ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 313). 23.8.1918: اڄ چيف آف جنرل اسٽاف انڊيا رپورٽ ۾ لکيو/چيو ته سنڌ ورڪي جيڪي ڏيساور ۾ واپار ڪن ٿا, سي اتي برطانيه جي مفادن خلاف ڪم ٿا ڪن. هن لکيو ته جي. ٽي. چئنراء جا ڪيترائي [سنڌي] ملازم پاناما ۾ ملڪ-دشمن پروپئگنڊا ڪن ٿا. (ذريعو: ‘ سنڌ ورڪيز تي’ مرتب ڪيل گل حيات انسٽيٽيوٽ طرفان مواد). 23.8.1933: اڄ به ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ “ڪراچي ميونسپالٽي ائڪٽ“ ۾ تريميم آڻڻ تي بحث ھليو. غير سنڌي ميمبرن بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته رجسٽرڊ مزدور يونئينس کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ ۽ پنھنجي طرفان ٻه ميمبر چونڊڻ جو حصو ڏجي. ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ڪارواين جو رڪارڊ سنڌ ۾ ڪونهي. انگريز سرڪار India in Parliament جي نالي سان هر سال ڪتاب ڇپرائيندي هئي. ان ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائوونسل ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا مڪمل ڪاروايون ڏنيون وينديون. محقق لاء اهي ڪتاب وڏي اهميت رکن ٿا. انھن جو مڪمل سيٽ دهلئ جي آرڪائيوز ۾ موجود آھي. گل حيات ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪاروايون چڱي خاصي تعداد ۾ موجود آھن. 23.8.1936: "انڊيا ايڪٽ آف 1936" هندستان سان لاڳو ٿيو. ان بعد مسئلو پيدا ٿيو انڊيا جي وفاق جي ڪهڙي نوعيت هجڻ گهرجي. انھئ مامري تي ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء اڄ ھندستان جي سمورين آزاد رياستن جا والي وائسراء سان مليا.(حوالو: ڇهماهي انگريزي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر" ، سال1939 ۽ واليوم 2). 23.8.1955: ‘ون يونٽ’ بل پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو 23.8.1976: اڄ “اسلام آباد يونيورسٽيءَ“ کي ’قائد اعظم يونيورسٽي‘ جو نالو ڏنو ويو. {23 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1943ع اسڪالر ڊاڪٽر محمد لائق زرداري. 1945ع اداڪار تيجڀان ڪرپلاڻي (ٽنڊو محمد خان / جئپور). 1946ع سماج سڌارڪ محمد ملوڪ انڙ. 1967ع شاعره رخسانه پريت. [وڇوڙو]: 1623ع صوفي شاعر شاه ڪريم بلڙي. 1798ع ٺٽي جي اڳوڻو گورنر غلام علي نظاماڻي۔ 1972ع شاعر انور علي شاهه (چڪ). 1987ع ڪهاڻيڪار، مضمون نگار ۽ مترجم فضل احمد بچاڻي. 1992ع شاعر سليم هالائي. 2010ع شاعر اختر لڪياري
Friday, 21 August 2026
SINDH in history today (22nd August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (22nd August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everything changes and everything fades: Either it is day and night, or love and beauty. Avail opportunities and don't miss chances. It is vision and it is wisdom. If you are encircled with sorrows & worries, don't worry. They are not everlasting. If you are in love, try to avail it before it fades. If you are capable to do anything , do what you can do before time and circumstances are changed. Keep in mind that at anytime anything can change and anything can happen. Nothing is to remain same.]
نہ ئي سدا رات رهي نہ ئي سدا رهندا سور,
مند مٽجي ماڻھون مٽجن ۽ پيا مٽجن پور,
مٽجي سگهن ٿا جي محبت ۾ رهيا مخمور
مٽجي وڃن ماڻھن جا گهمنڊ ۽ گهڻا غرور,
مطلب مقصد ڪري مٽجن ماڻهن جا شعور,
وٺ مٽجڻ کان اڳ سرور, سونهن سلام جا
SINDH IN HISTORY TODAY (22nd AUGUST) 22nd August BIRTH DATES Ghulam Qadir ‘Shahbaz’ (Jamshoro/Poet/1925), Moula Bux ‘Qasir’ (Garhi Yaseen/Poet/1932), Kalpna Parsani (Mombai/Artist/1958), Mukhtyar ‘Naz’ (Kandhkot/Poet/1962), Khoonchand Shahani (Hyderabad > Baroda/Writer/1963), ‘Saghar’ Muhammad Hussain Mahar (Ruk/Poet/1969), Ahmad Khan Samo (Salih Samo/Poet/1975). DEATH DATES Abu Ishaq Ibrahim Sindhi Moosli (Judge/1213), Noor Muhammad Lakhr (Chakro/Politician/1937), Moulana Obedullall Sindhi (Religious Scholar, Freedom Fighter & Founder of Jamna Birbda Sindh Saghar Party/1944), Moulana Shafi Muhammad Masjdi (Sodhari/Religious Scholar/1944), Moulana Ahmad (Hala/Religious Scholar/1956). EVENTS 1933: Tolani and Jamshed Mehta proposed the amendment in Karachi Municipality Act so Sikh community be give representation. Tolani asks for two seats and Jamshed Mehta proposed one seat in the Municipality. Miran Muhammad Shah, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah oppose the amendment. Hence it is rejected. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1961: Pakistan closes down it two Consulates at Jalalabad and Kandhar. (Source: Newspapers). 1965 :” Indian Prime Minister Shastri warns Pakistan that ‘India will strike back if Pakistan’s aggression continue in Kashmir’. (Source: ibid). 1969: Descration of Al-Aqsa Masjid is resented throughout Pakistan (Source: ibid). 1972: Princely rule in Gilgit and Baltistan is abolished by the Pakistan Government. (Source: ibid).
TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH HISTORY (22nd August) By: Dr. Pathan 1849ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي مڪمل قبضي باوجود حڪومت کي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، سنڌ جي ماڻهن انگريز حڪومت خلاف پهرئين ڏينهن کان ئي جدوجهد شروع ڪري ڇڏي، سخت مشڪلاتن سبب انگريزن ڪراچي جي ڪيمپ بازار کي غير محفوظ سمجهيو، اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي هدايتون ڪيون ته اتي وڌيڪ پوليس دستا مقرر ڪيا وڃن پر سنڌ جي ڪمشنر بمبئي جي گورنر کي ٻڌايو ته سنڌ سرڪار وٽ ايترا فنڊ ناهن جو وڌيڪ فورس مقرر ڪري سگهجي. 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جمشيد مهتا ۽ تولاڻي ڪراچي ميونسپالٽي ايڪٽ ۾ ترميمون تجويز ڪيون، جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪراچي ميونسپالٽي ۾ سکن کي به نمائندگي ڏني وڃي، تولاڻي 2 سيٽون ۽ جمشيد مهتا سکن لاءِ هڪ سيٽ رکڻ جو مطالبو ڪيو، جڏهن ته ميران محمد شاهه، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله انهن ترميمن جي مخالفت ڪري ڇڏي، جنهن ڪري اهي ترميمون رد ٿي ويون. 1961ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب جلال آباد ۽ قنڌار ۾ پنهنجا قونصل خانا بند ڪري ڇڏيا. 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جا 116 اهلڪار مارجي ويا، جنهن تي ڀارت سخت احتجاج ڪيو، ڀارتي وزيراعظم شاستري اهو الزام پاڪستان تي لڳايو ۽ پاڪستان کي ڌمڪي ڏني ته هو پاڪستان تي حملو ڪري سگهن ٿا، واضح رهي ته انهيءَ واقعي کانپوءِ اڳتي هلي ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي وئي. 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت گلگت ۽ بلتستان ۾ پراڻي دور کان هلندڙ شاهي روايتن کي ختم ڪري ڇڏيو. 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ آمريڪي ميزائل ڪرڻ جو غلط اطلاع ڏيندڙ آءِ بي سربراهه چوڌري منظور کي عهدي تان هٽايو ويو، جڏهن ته سرحد (ڪي پي ڪي) جي چيف سيڪريٽري رستم محمد کي به بدلي ڪيو ويو. ٻنهي عملدارن اطلاع ڏنو هو ته آمريڪا جو ميزائل پاڪستان ۾ ڪريو آهي، جنهن تي پاڪستان آمريڪي عملدار کي طلب ڪري احتجاج ڪيو هو، بعد ۾ جاچ ڪرڻ تي خبر پئي ته آمريڪا جو ڪوبه ميزائل پاڪستان جي علائقي ۾ نه ڪريو آهي.اڄوڪي ڏينهن 22 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 22 آگسٽ 1906ع شاعر غلام قادر شهباز (ڄامشورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1925ع اردو جي ناليواري ليکڪ، افسانا نگار ۽ اسڪالر اشفاق احمد جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1932ع شاعر مولا بخش قاصر (ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 آگسٽ 1943ع ليکڪ امير احمد ڇڄڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1962ع شاعر مختيار ناز (ڪنڌ ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1963ع صحافي خوبچند شاهاڻي (بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1966ع صحافي اقبال چنا (شهدادڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1967ع سنڌي ڪمپيوٽنگ لاء ڪم ڪندڙ ڪمپيوٽر انجنيئر اياز شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1969ع شاعر ساگر محمد حسين مهر (چڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1975ع شاعر احمد خان (مسڪين سمون) ٽنڊو الهيار جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 آگسٽ 1858ع آزاديءَ جي متوالي روپلو ڪولهي جي شهادت جو ڏينهن آهي. 22 آگسٽ 1937ع سماج سڌارڪ، سياستدان ۽ نور محمد هاء اسڪول جي باني نور محمد لاکير جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 1944ع امام انقلا، آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر مولانا عبيد الله سنڌي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 آگسٽ 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا شفيع محمد مسجدي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد هالائي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 2017ع سنڌي ادب ۾ خاص مقام رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي جي وفات ٿي. 22 آگسٽ 2017ع عوامي آواز اخبار جو مينيجنگ ايڊيٽر، صحافي ۽ کاٻي ڌر جو سياستدان ڊاڪٽر خير محمد جوڻو دل جي دوري سبب انتقال ڪري ويو
Thursday, 20 August 2026
SINDH in history today (21st August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (21st August). Author Dr.Dur Muhammad Pathan & Translator Mumtaz Pathan
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whatsoever consequences be, but I can't leave your door. Because, I can't abandon everlasting beauty & peace, that is available only and only there. Dear I am on way to my destination. It is deep sea of sorrows & longings. So what? If I am not reaching at my destination, wreck of ship of my hope and sacrifice will narrate story of my love, sincerity and dedication for you.]
ڪن ٻيڙا ساڙيا ڪن جا ٻيڙا ٻڏا پر ڪيئون نہ
تنهنجي بره کان بس,
مارين جيارين تارين ٻوڙين اهو تان تنهنجي جانب آھي سڀ وس,
ڀلا تون کڻي ڏس, تہ وڃئون ڪاڏي سندء سونهن سلام سواء؟
SINDH IN HISTORY TODAY (21st AUGUST) 21st August BIRTH DATES Kumari Sarswati Advani (Hyderabad/educationist/1906), Faqir Sultan Mahar (Rustam/Folklore Poet/1907), Sajandas Jhatomal Vatnani (Social worker/1908), Rochiram Parchandani (Mithi/Hari Leader/1928), Abdul Karim Pali (Atta Muhammad Pali/Poet & Politician/1940), Allah Rakhio Naeem (Lakho Pir/Journalist/1944), Sunil Hashmatrai Advani (Mumbai/Artist/1956), Syed Gul Muhammad Shah Bukhari (Bakho Siyal/Poet, writer & founder of Seerat Library/1960), Aziz Soomro (Haji Ibrahim Rind/Journalist/1067), Abdul Majeed Khati (Sanjarpur/Artist/1958) DEATH DATES Dayaram Jethmal (Karachi/ founder D.J. Sindh College/1887), Dr.Qurban Jhatyal (Social worker & writer/2012). EVENTS 1849: The Government of Bombay communicates to Sindh Commissioner that fined any suitable post for Seth Naumal, ex-Kardar of Karachi, and if it was not possible the Governor would confer on him 1,000 big has of land, it being understood that the grant was for his life time only and arrangements be made to provide water for cultivation. (Source: Letter No.7683). 1927: The Khilafat Conference in Calcutta presided over by Moulana Muhammad Ali and attended by Sindh leaders of Khilafat urges mutual toleration between Hindus and Muslims regarding religious matters and work for the liberation of the Motherland. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1927). 1933: Taking part in the debate on the amendment moved by Dr.M.L.Dixit for having common and not separate electorate in various corporations, Shahnawaz Khan Bhutto opposes the move, today, in the Bombay Legislative Council. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933). 1947: Hyderabad Dakhan announces its independent status. (Source: Newspapers). 1957: West Pakistan cabinet decides to dispose of Ghulam Muhammad Barrage land as soon as possible. (Source: ibid). 1971: Mahmmod-ul-Haq Usmani, Secretary General of the National Awami Party is arrested. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gul Hayat Amina Institute).
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
( 21 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) ************* توجه طلب واقعا *************** 21.8.1808: ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton فرنگين جو مسقط ۾ ريزيڊنٽ ھئو. هو سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ لکي ٿو ته مير فتح علي خان فرانسين کي سنڌ جي بندرن جي استعمال ڪرڻ جي ان شرط تي اجازت ڏيڻ لاء تيار آھي ته فرانسي سنڌ جي حڪمرانن کي افغانستان جي داداگيرئ کي منھن ڏيڻ ۾ مدد ڪن ته جيئن افغانستان کي ٽوڙي سگهجي. (حوالو: "سنڌ ۽ برطانيه جا تجارتي لاڳاپا"- ويب تي رکيل ڊاڪٽر درمحمد جو انگريزي ڪتاب). 21.8.1841: اڄ آئوٽرام خط ذريعي پنهنجئ سرڪار کي اطلاع ڏنو ته شڪارپور ۾ مختلف ميرن جون پتيون آھن. پر مون کي يقين آھي ته اهي مير شڪارپور اسان جي حوالي ڪندا, جيڪڏهن انھن کي شڪارپور جي اپت مان پنجين پتي ڏيڻ جو يقين ڏبو. هو وڌيڪ لکي ٿو ته نئين معاهدي بابت جيترا آھن مير اوتريون آھن ڳالهيون. پر مان پر اميد آھيان ته سڀني کي متفق ڪري ويندس. (حوالو: آئوٽرام جو خط). 21.8.1849: اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪراچي جي اڳوڻي ڪاردار سييٺ نائومل لاءِ ڪا مناسب نوڪري ڳوليو. وڏي سرڪار 1،000 بيگا زمين کيس زندگئ ڀر لاء بخشيش ڪندي, ان زمين جي پوکيءَ راهئ لاءِ پاڻي فراهم ڪرڻ لاء اهتمام اوهان کي ڪرڻو پوندو. (حوالو: مراسلو نمبر 7683). ياد رهي ته سيٺ نائونمل هوتچند انگريزن جي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ وڏي مدد ڪئي هئي. انھن لاء اٺ خريد ڪيائين, اناج ۽ گاه خريد ڪيائين ۽ ضرورت وقت ڏوڪڙ ڏنائين. پر, نيپئر هن کي پريشان ۽ تنگ ڪيو. ليڪن حالتن هن جو وارو ورايو. 21.8.1855: اڄ جاگيرن واري اسسٽنٽ ڪمشنر جوهي ۽ دادو تعلقن جي جاگيردارن جي لسٽ ٺاهي ڪمشنر ڏانھن موڪلي. (حوالو: اسسٽنٽ ڪمشنر جو مراسلو نمبر 12). 21.8.1927: اڄ ڪلڪتي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي صدارت مولانا محمد علي ڪئي. سنڌ جي مشھور خلافتي اڳواڻن ان ۾ شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ هندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ مذهبي معاملن بابت گڏيل رواداري ۽ مادر وطن جي آزادي لاءِ گڏجي جدوجهد ڪرڻ بابت ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال1927 ۽ واليوم 2). 21.8.1933: ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڊاڪٽر ايم ايل ڊيڪزٽ Dr.Mac.Laager.Dixit طرفان چونڊڻ وارو ترميمي بل ٿيو هو ته چونڊون گڏيل طريقي سان ٿين ۽ انھن لاء مذھبي بنياد تي الڳ حلقا نه ٺاهيا وڃن. اڄ ان تي بحث دوران شاهنواز خان ڀٽي انھئ ترميم جي مخالفت ڪئي. (حوالو: انڊين ائينيول سالياني رجسٽر ، وال -11 ، سال 1933). 21.8.1957: ويسٽ پاڪستان ڪابينا فيصلو ڪيو ته غلام محمد بئراج جي زمين جلد کان جلد گهرندڙن کي ڏني وڃي. (معلومات جو ذريعو: اخبارون) *************** { 21 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1906ع ماهر تعليم ڪماري سرسوتي (حيدر آباد). 1907ع شاعر فقير سلطان مهر (رستم). 1908ع سماجي ورڪر سجنداس جهاٽومل واٽواڻي. 1928ع سياستدان روچيرام پيرچنداڻي (مٺي). 1936ع ڪهاڻيڪاره اندرا واسواڻي(ميرپور خاص / آديپور). 1940ع شاعر ۽ سياستدان خانصاحب عبدالڪريم پلي. 1944ع صحافي الهه رکيو نعيم. 1956ع اداڪار سنيل آڏواڻي (بمبئي). 1960ع ليکڪ سيد گل محمد شاهه بخاري. 1967ع صحافي عزيز سومرو. [وڇوڙو]: 1887ع سماج سڌارڪ ۽ ڊي جي ڪاليج ڪراچئ جو باني ڏيارام ڄيٺمل. 1961ع تعليمي ماهر جيوت رام ماٽائي. 2007ع اردو جي نامياري ليکڪا، ناول نگار ۽ صحافي قرت العين حيدر. 2012ع شاعر، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ۽ صحافي ڊاڪٽر قربان علي جهتيال
Wednesday, 19 August 2026
SINDH in history today (20th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali.
SINDH (including Pakistan) in history today. 20th August.
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Everybody has to witness darkness during most of nights and darkness of conditions, brightness of day time and brightness of hope and trust. He/She has to be influenced accordingly. But, people having vision & wisdom of human love & respect full of sincerity, dedication and sacrifice, in their minds & hearts cannot be affected by any darkness or impressed by any brightness.They only witness, propagate and promote beauty & peace ]
ڪي ئي ڪاریون ایندیون راتیون، ڪي ئي اجرا ایندا ڏینھن،
جي دلیون رنگیون سندء نینھن، تن لاء فرق نہ ڏینھن ۽ رات جو
**************
SINDH IN HISTORY TODAY {20th AUGUST}
EVENTS:
1838: The Government of India asks Colonel Pottenger to apprise it of result of his negotiations with Sindh Rulers and suggest the Government the best mode of transmitting troops to Sindh and what extent of transport would be obtained either at mouth of Indus or at Thatta. (Source: Letter No.143).
1839: In his minutes, the Governor-General of India records his views about army of Indus and its political prospects.(Source: indicated).
1919: It is the victory of the Allies, but our Upper Class is running and rushing to congratulate Government! Udernomal Kauromal (Vice President of the Taluka Local Board Jamesabad), Mukhi Ganoomal ( of Jamesabad) and Parsaram Banbumal ( of Jamesabad) send the message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Official Gazette).
1921: Aman Sabha is formed at Rohri to support Government and combat Non-Co-Operation Movement launched by the Sindh Khilafat and Congress. Syed Ali Akbar Shah is elected President. Whereas Pleader Hassanand, Seth Chandiram and Radha Kirshan are elected as Vice President, General Secretary and Treasurer respectively (Source: The Daily Gazette).
1923: Lalchand Amardinomal Jagtiani started conducting classes on the life, achievements and poetry of Shah Abdul Latif Bhitai. Arrangement is made in the Night School of Preem Mandli of Karachi (Source: The Daily Gazette).
1972: Council Muslim League terms ‘Simla Agreement’ as set back to the ideology of Pakistan (Source: Newspapers).
TRANSLATIN OF THE POST INTO SINDHI:
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ڪجھ واقعا]
20.8.1838:
ڪمپني سرڪار اڄ ڪرنل پاٽينجر کان معلوم ڪيو ته هن جي سنڌ جي حڪمرانن سان ڳالهين جو ڪهڙو نتيجو نڪتو ۽ فرنگي فوج سنڌ ڏانهن موڪلڻ جو بهترين طريقو ڪهڙو هوندو ۽ سنڌوندئ جي ڇوڙ ۽ ٺٽي کان انھئ جي سامان ڍوئڻ جو ڪهڙو بندوبست ٿي سگهي ٿو. (حوالو: ڪمپني سرڪار جو مراسلو نمبر 43).
20.8.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل پنهنجي منٽس Minutes ۾ سنڌو ۾ فوج پهچائڻ, رکڻ ۽ ان جي سياسي امڪانن بابت پنهنجا ويچار رڪارڊ ڪيا. [فرنگين جي اها انتظامي روايت هوندي هئي ته هو جيڪو به فوجي يا سياسي قدم کڻندا هئا ته اهي رڪارڊ تي رکندا هئا.]
20.8.1841:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ “سيڪريٽ ڪميٽئ" کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد خان اسان جي آئوٽرام سان معاهدو ڪيو آھي ته هو سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء اسان کي ساليانو پنجاه هزار رپيا خراج ڏيندو ۽ پرڳڻن بابت حيدرآبادي ميرن سان مامرا اسان جي پوليٽيڪل ايجنٽ جي فيصلن جي روشنئ ۾ حل ڪندو. (حوالو: مراسلو نمبر 64).
20.8.1919:
اتحادين جي فتح ٿي ۽ ترڪئ کي شڪست آئي ته سنڌ جي سرڪاري ۽ درٻاري ماڻھن جو مڪو مچي ويو. هنن تارون ڪري فرنگي سرڪار کي مباڪن مٿان مبارڪون ڏنيون. اڄ جن سرڪار کي مباڪباد جون تارون موڪليون، اهي آھن: اڏيرومل ڪوڙومل (تعلقي لوڪل بورڊ جيمس آباد جو نائب صدر) ، مکي گنومل (جيمس آباد) ۽ پرسارم بنبومل (جيمس آباد). (ذريعو: دي سنڌ آفيشل گزٽ).
20.8.1921:
اڄ روهڙئ ۾ سرڪار-پرست سياسي پارٽي "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. امن سڀا ان ڪري قائم ڪئي وئي ته جيئن خلافت ۽ ڪانگريس پاران شروع ٿيندڙ عدم تعاون تحريڪ کي روڪي سگهجي ۽ عوام کي سرڪار خلاف هلندڙ تحريڪن کان پري رکجي. سيد علي اڪبر شاهه کي امن سڀا جو صدر چونڊجي ويو, جڏهن ته وڪيل هاسانند ، سيٺ چنديرام ۽ راڌا ڪرشن کي بالترتیب نائب صدر ، جنرل سيڪريٽري ۽ خزانچي طور چونڊيو ويندو آهي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ).
20.8.1923:
لالچند امرڏنيمل جڳتياڻي شاه عبداللطيف ڀٽائي جي زندگي ۽ شاعرئ تي ڪلاس وٺڻ شروع جو آغاز ڪيو. ڪراچي جي پريم منڊلي جي نائيٽ اسڪول ۾ انھن ڪلاسن جو انتظام ڪيو ويو. هن ڪيترو عرصو اهي ڪلاس ورتا. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار).
20.8.1972:
اڄ ڪائونسل مسلم ليگ ”شمله معاهدي“ کي نظريه پاڪستان خلاف هڪ سازش قرار ڏيندي, ان تي سخت تنقيد ڪئي. (حوالو: اخبارون)
{ 20 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن]:
1924ع شاعر شاهه محمد عجب.
1933ع اسڪالر ڊاڪٽر مدد علي قادري.
1933ع اديب، شاعر، محقق ۽ نقاد رشيد ڀٽي. 1933ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي.
1942ع اداڪار موتي ڪلواڻي (بڙودا).
1945ع راڳي اشرف علي ٻرڙو(قنبر).
1952ع سياسي ورڪر شمس الدين قاضي.
1956ع شاعر خادم علي مشاهد.
1960ع شاعر نواز سومرو.
1966ع شاعر حقير رند.
1970ع شاعر غلام شبير ڏيپر.
1974ع شاعر امداد بخاري (سجاول).
1976ع صحافي ياسين مشوري.
[وڇوڙو]:
1890ع صوفي شاعر سيد حزب الله شاهه مسڪين تخت ڌڻي.
1895ع سماج سڌارڪ ۽ سنڌ مدرسي جي باني حسن علي آفندي.
1988ع سياستدان، سماجي ۽ مذهبي شخصيت ارباب الهجڙيو.
Tuesday, 18 August 2026
SINDH in history today (19th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY 19th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ It is said that the time will come when there will be shadows in place of people. Nobody will be eye and ear and nobody will listen, see and understand sorrows and longings of others. People will not act and behave as they will be, but will love to dance as desired by others and required by others. Love and respect will be there only in books, but not in hearts and minds.
Dear! When you unfortunately face such a situation, be, what you are and behave as you are beauty & love, peace & respect.]
اهڙو وقت بہ ايندو يا آيو آھي جو هوندا ماڻهن بدران جت ڪٿ پاڇا,
اکين هوندي نہ ڏسندو ڪوئي ڪنهن جا ڪن نہ سڻندا درد جي ڀاشا,
پنهنجئ چال چلڻ جي بدران ڪي کين نچائي ڪندا وجهندا تماشا,
باز بره جا اڏري ويندا باقي انا ۽ نفرت جا وڃي پوء بچندا باشا,
اهڙو وقت اچي تہ پوء آشا,رکجان تون سرت سونهن سلام ۾.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY {19th AUGUST}
EVENTS:
1843: Mir Sobdar Khan’s petition is forwarded to the Governor-General of India by the Bombay Government. In his petition, Mir has said that ‘with all my property, goods and things came into the plunder of the English Sahibs’. (Source: ‘Correspondence related to Sindh’.)
1857: Upper class of Sindh is pleased by various means so as to make them more loyal. That is why the Collector of Shikarpur disposed of the building with Zamindari rights of compound wall and garden for Rs.625, except the portion occupied by the Deputy Collector. (Source:Letter No.2694).
1945: The All-India Committee of Hindu Maha Sabha concludes its session in New Delhi after adopting their political resolution declaring the Constituent Assembly based on separate electorates was unacceptable. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11, 1945).
1946: R.K.Sidhwa, Secretary of the Sindh Coalition Assembly Party and a Parsi Congress leader, in a statement refuted the suggestion which Mr. Jinnah made in his recent statement replying to Pandit Nehru, ‘that the Parsi organization is certainly not with the Congress’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946).
19.8.1922:
FROM THE PAGES OF THE FREEDOM MOVEMENT : HOW THE BRITISH INDIA KEPT SURVEILLANCE OVER AGITATORs & POLITICAL WORKERS BELONGING TO SINDH KHILAFAT TAHREEK & SINDH CONGRESS, INCLUDING PEOPLE– ONE SECRET DOCUMENT TELLS US STORY AS UNDER:
Vide confidential letter No.S.B/908 of 1922, dated 19th August 1922, the D.I.G of Police for Sindh, issues Circular to all Superintendents of Police that in compliance to the Directive of the Secretary to Government Home Department (Special), all are required to furnish ‘Weekly Intelligence Summary’. It must cover the following points:
1. List of political meetings held (with date, place & eminent participants).
2. Organizations and their activities.
3. Details about agitations, processions.
4. Funds: How meetings, agitations and processions were financially managed?
5. Reports about Schools, Colleges and other Educational institutions.
6. Brief about Lawyers and political activities of Bar.
7. Judicial/Court action against agitators.
8. Boycotts of Europeans by their servants.
9. Any political activities in Municipalities/ Local Board.
10. Labour activities.
11. Press coverage and Pamphlets etc.
These ‘Weekly Intelligence Reports’ were sent right from September 1922 and onwards to the then office of the D.I.G.
TRANSLATION OF THE POST IN SINDHI:
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(19 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ڪجھ واقعا]
19.8.1832:
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي مير مراد علي (ميرپور خاص), مير رستم خان (خيرپور) ۽ حيدرآبادي ميرن جي پرڳڻن جا تفصيل لکي موڪليا ۽ اها صلاح به ڏني ته اسان جي فوج سنڌوندي ٽپي پارڪر جي لٽيرن خلاف وڙھي ته بهتر. انھئ ويڙھ ۾ ميرپور واري مير مراد علئ ساٿ ڏيڻ جو يقين ڏياريو آھي. (حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 127),[مطلب ته پنهنجن کي مارائڻ ۾ پنهنجن وس وارن ئي سدائين ڌارين جي مدد ڪئي آهي]
19.8.1841:
اڄ ڏکڻ سنڌ جي فرنگي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليڪئيLeckie .J.D ڪمپني حڪومت ڏانھن انھئ ٺاه جي ڪاپي ڏياري موڪلي,جيڪو مير حسين علي خان ۽ مير شھداد خان وچ ۾ ٿيو هو ۽ ان ۾ فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو اثر ۽ عمل دخل هو. هئ ٺاه مير نور محمد جي وفات کان پوء شڪارپور جي وارثئ واري ورهاست بابت هئو. هن ٺاه ۾ اهو به جاڻايو ويو ته هي ٻئي ڀائر هڪ ٻئي جي شڪارپوري نوڪرن/نمائندن کي تنگ نه ڪندا ۽ پنهنجا اختلاف وڌڻ نه ڏيندا.
19.8.1842:
افغانستان جون حالتون انگريزن جي حق ۾ ڪونه هيون. انھئ صورتحال مان ميرن به فائدي وٺڻ جي ڪوشش ڪئي. اڄ حيدرآباد جي مير نصير خان پنهنجي شڪارپور واري ڊپٽئ/نمائندي کي هدايت ڏني ته بهاول ڪوٽ,مٺڻ ۽ سبزل ڪوٽ کان ايندڙ يا اوڏانھن ويندڙ ٻيڙين کي هلڻ نه ڏي. (حوالو: ويب تي رکيل ۽ انگريزئ ۾ لکيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو ڪتاب Commerial Relation Between Britain and Sindh).
19.8.1843:
نڀاڳي نيپيئر مياڻئ ۾ ميرن کي شڪست ڏيڻ کان پوء حيدرآباد قلعي کي لٽرايو ۽ ميرن جي گهرن کي ڦريو. مير جڏهن جنگي قيدي ٿي ملڪ بدر ٿيا ته اهڙي ظلم تي ماٺ ڪري نه ويٺا. مير صوبدار خان دانھيو. اڄ ممبئي سرڪار طرفان مير صوبدار خان جي درخواست/پٽيشن هندستان جي گورنر جنرل ڏانهن موڪلي. پنهنجي درخواست ۾ مير چيو ھو ته ‘منهنجي سموري ملڪيت ، سامان ۽ شيون نيپيئر جي فوجين ڦريون'. (حوالو: ڪتاب ‘Correspondence related to Sinde ’.)
19.8.1945:
اڄ دهلئ ۾ آل انڊيا هندو مها سڀا جي ڪميٽئ ٺهراءُ پاس ڪيو ته "جداگانه انتخاب" جي بنياد تي قائم ڪيل ھندستان جي دستور ساز اسيمبلي قبول نه ڪئي ويندي. (حوالو: ڇهماهي رسالو "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1945, واليوم 2).
19.8.1946:
مسلم ليگ جي صدر محمد علي جناح پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته پارسي ڪانگريس سان گڏ ناهن. آر.ڪي. سڌوا پارسي هو ۽ سنڌ ڪانگريس جو فعال اڳواڻ ھو, تنھن قائد اعظم جي ڏنل بيان جو جواب ڏيندي چيو ته اهو بيان درست ڪونھي, منھنجو مثال ڪري وٺو ته مان پارسي به آھيان ۽ ڪانگريسي به آھيان. (حوالو: Indian Annual Register, سال 1946, واليو ٻيو).
19 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
[جنم ڏينهن]:
1920ع سياستدان اميد علي شاهه جيلاني (سکر).
1937ع شاعر مائل سروري.
1954ع ليکڪ ڊاڪٽر عمر ميمڻ (ڏيپلو).
1956ع صحافي فتح محمد ڏاهري.
1977ع شاعر آزاد حبدار علي (سيتا) .
1981ع شاعر انور جروار (خانواهه).
[وڇوڙو]:
1953ع صوفي شاعر غلام علي مسرور (شڪارپور).
1971ع شاعر ليکراج عزيز
Monday, 17 August 2026
SINDH in history today (18th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH (including Pakistan) in history today. 18th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Life cannot be allowed to drag us as it desires, but we must set direction and select colours for it. Let us make it 'motive & 'pressure-free'. Let it be symbol of sincerity & sacrifice. Dear! Let it be your beauty and my love]
من محبن یا مطلب جو، ڪنهن جو رهندين تون محتاج؟
یا برھ بي لوثئ ایثار جو، پنھنجي سر تي رکندي تاج؟
یا سرت سلام جو سماج، ڪندين قائم پرين پیار سان؟
SINDH IN HISTORY TODAY {18th AUGUST}
EVENTS:
1834: Munshi Jethanand sends letter to Pottenger informing him that a Hundi of Rs.500 has been sent to Mr.Masson at Kabul. Munshi writes also that his Masters wanted to assure you that friendship between them and British Government would continue from generation to generation. (Source: Munshi’s letter of 18th August, 1934).
1857: The Sindh Commissioner asks the Agent, Sindh Railway Company to work on plan for connecting the rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.1392).
1920: Third Caravan of Sindhi migrants leaves Lahore for Peshawar. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). It was major political mistake of Sindh Khilafat Committee for giving call to quit Sindh. Only Sindhis opted to migrate to Afghanistan and hundreds of families got uprooted on their own. Most of them were not received by Afghan Government and they returned empty handed to Sindh. Prior to migration they sold their properties. This migration movement set a trend that was followed by Indian Muslims soon after creation of Pakistan.
1922: A public meeting is held at Sukkur by the Khilafat Committee and people are asked to follow their religion in letter and spirit. (Source: The Daily Al-Wahid).
1933: The Bombay Legislative Council considers the Bill to consolidate and amend the law relating to the Municipal government of the city of Karachi. Jamshed Mehta, Mir Muhammad Baloch and Ghulam Hussain Hidayatullah participate in the debate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1933).
1939: On the call of Sindh Muslim League, ‘Masjid Manzilgah Day’ is observed by majority of Sindhi Muslims. Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Muhammad Ayub Khuhro; Muhammad Hashim Gazdar and Syed Khair shah issue strong-worded statement condemning the K.B.Soomro’s policy regarding the restoration of Masjid Manzilgah and demanding immediate resolving the issue. (Source: The Daily Alwahid, Karachi).
1947: NWFP opts to join Pakistan. First ever Eid-ul-Fitir is celebrated in Pakistan and this newly born country becomes member of UNO. (Source: Newspapers).
1958: Sharif Commission is constituted to bring drastic changes in Education system. It proved to be set back for Sindhi language and deprived it of status of medium of instruction. (Source: Government Notification).
1961: Pakistan joins United Nation’s force. A 500- army men army leave for Dar-u-Salam, East Africa. (Source: ibid).
1973: Opposition has opted for war-path. Arrests of NAP leaders have not been made in haste, says Z.A.Bhutto. (Source ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).
SINDH TRANSLATION OF THE POST:
( 18 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
"سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ"-(18 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق".
[ ڪجھ واقعا ]
18.8.1808:
اڄ ڪئپٽن ڊيوڊ سيلٽن Captain David Selton ڪمپني حڪومت کي سنڌ مان لکي ٿو ته سنڌ جا مير حڪمران اسان جي سرڪار سان هنن ڳالهين تي معاهدو ڪرڻ گهرن ٿا: 1. ڀلي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ فرنگي فيڪٽريون کولن,2. ٻئي حڪومتون هڪ ٻئي جي دشمن کي پناه نه ڏين, 3. فرنگي ميرن کي عمر ڪوٽ تي قبضي ڪرڻ ۾ مدد ڏين, 4.ڪڇ جو ساحلي پٽو ٻئي حڪومتون پاڻ ۾ ورهائي کڻن. (حوالو: ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب " برطانيه ۽ سنڌ جا واپاري لاڳاپا")
18.8.1834:
اڄ حيدرآباد مان منشي جيٺانند پاٽنجر ڏانهن خط موڪليو ۽ هن کي ٻڌايو ته 500 روپين واري هنڊي مسٽر ميسن ڏانهن ڪابل موڪلي وئي آهي. منشي وڌيڪ لکي ٿو ته سنڌ جا حڪمران توهان کي يقين ڏيارڻ گهرن چاهين ٿا ته انهن ۽ برطانوي حڪومت جي وچ ۾ دوستي نسل در نسل جاري رهندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مير محمد خان ۽ مير صوبدار خان وچ ۾ مير مراد علي خان جي وفات بعد سندس پرڳڻي جي ورهاست تي شديد اختلاف پيدا ٿي ويا آھن. (ذريعو: منشي جو خط 18 آگسٽ).
18.8.1838:
اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي هدايت ڪئي ته هو خيرپوري ميرن کان بکر قلعي وٺڻ لاء گهر ڪري.
18.8.1841:
آئوٽرام اڄ ڪئپٽن ليڪئ Captain Leckie کي تمام طويل ۽ تفصيلي خط لکي صلاحون ڏنيون آھن ته کيس سنڌ ۾ ميرن ۽ عوام سان ڪيئن هلڻو آھي. ميرن جي باهمي اختلافن ۾ اڻ-ڌريو ٿي رهڻو آھي. هن حيدرآباد حڪومت جي مکيه ماڻھن جا نالا کڻي ٻڌايو اٿس ته ڪهڙي ماڻھوء جي ذھنيت ڪهڙي آھي. هن جي خط مان پتو پئي ٿو ته آئوٽرام مير محمحمد خان, مير صوبدار خان ۽ نواب احمد خان جي منشين کي لڳاتار خرچي ڏيندو هو ۽ انھن کان راز معلوم ڪندو هو.
18.8.1849:
ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي لکت ۾ سفارش ڪئي ته سرڪار کي چئجي ته سيٺ نائونمل کي 15 سو يا 2000 بيگا زمين جاگير ۾ ڏني وڃي. (حوالو: ڪليڪٽر جو خط نمبر 985).
18.8.1857:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ “سنڌ ريلوي ڪمپني“ جي عملدارن کي لکيو سکر کان شڪارپور ۽ جيڪب آباد تائين ريل جي پٽڙي وڇائڻ واري ڪم جي شروعات ڪيو. (حوالو: ڪمشنر جو خط نمبر 392).
18.8.1920:
"سنڌ خلافت ڪميٽئ" جو اهو غلط سياسي فيصلو هو ته سنڌين کي سنڌ مان لڏڻ ۽ ملڪ ڇڏڻ تي آماده ڪجي. ان لاء “هجرت تحريڪ" جي شروعات ڪئي ۽ لاڙڪاڻي اسپيشل ريل گاڏيون هجرت ڪندڙن کي کڻي پشاور ويون. اڄ سنڌي مهاجرن جو ٽيون قافلو ٽرين ذريعي لاهور کان پشاور لاءِ روانو ٿيو. (حوالو: روزنامه "الوحيد" ، ڪراچي).
18.8.1922:
خلافت ڪيميٽئ سنڌ ۾ سياست ۽ مذھب کي گڏ و گڏ کڻي انگريزن خلاف تحريڪ آھي. خلافتي, جتي ملڪ کي فرنگين کان پاڪ ڪرڻ جي ڳالھ ڪندا هئا, اتي عوام کي مذھبي تعليم جي پوئوارئ جو تاڪيد به ڪندا هئا. خلافت ڪميٽئ جو اڄ سکر ۾ اجلاس ٿيو, جنھن ۾ مذھب ۽ سياست جون ڳالهيون ڪيون ويون. (حوالو: "الوحيد).
18.8.1933:
اڄ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪراچي شهر جي ميونسپل گورنمينٽ بابت قانون ۾ ترميم ڪرڻ لاءِ بل تي بحث ٿيو. جمشيد ميهتا ، مير محمد بلوچ ۽ غلام حسين هدايت الله بحث ۾ حصو ورتو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1933 جو واليو ٻيو).
18.8.1939:
اڄ سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ “مسجد منزل گاهه ڏينهن” ملهايو ويو. حاجي عبدالله هارون ، جي ايم سيد ؛ شيخ عبدالمجيد سنڌي؛ محمد ايوب کهڙي ؛ محمد هاشم گزدر ۽ سيد خير شاه سخت بيان جاري ڪري وڏي وزير الله بخش سومري جي پاليسي جي مذمت ڪئي ۽ مسئلي کي فوري طور حل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. (ذريعو: روزنامه الوحيد ، ڪراچي).
18.8.1947:
اڄ سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ فيصلو ڪيو. اڄ پاڪستان ۾ پهرين عيدالفطر ملهائي وئي ۽ اڄ پاڪستان يو اين او جو ميمبر بڻجي ويو. (ذريعو: اخبارون).
18.8.1958:
اڄ پاڪستان سرڪار تعليمي نظام ۾ وڏين تبديلين آڻڻ لاءِ "شريف ڪميشن" قائم ڪئي. ياد رهي ته هن ڪميشن جيڪي سفاشون ڏنيون, انھن سنڌي ٻولئ جي تدريسي اهميت ۽ تاريخي حيثيت کي نقصان ڏنو.
18.8.1973:
"اپوزيشن جنگ جو رستو اختيار ڪيو آهي. اين اي پي جي اڳواڻن جون گرفتاريون جلدبازي ۾ نه ڪيون ويون آهن"- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان.
18 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
[جنم ڏينهن]:
1822ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام حيدر ڪٽبري.
1828ع صوفي شاعر سيد محمد صالح اصغر.
1932ع سياستدان ۽ پاڪستان جو اڳوڻو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو.
1941ع ناليواري ليکڪ وليرام ولڀ (مٺي).
1942ع شاعره نور شاهين (حيدرآباد).
1948ع مشهور نيوروسرجن ۽ سياست سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر احمد علي شاهه(درٻيلو).
1953ع ليکڪ ابراهيم صالح.
1960ع شاعر مختيار سمون(ڏوڪري).
1960ع مشهور راڳي برڪت علي ڀٽ(سکر).
1960ع شاعر شريف شاد سومرو (رستم).
1968ع صحافي چيتنداس (ٽنڊو الهيار).
1980ع هندستان جي فلم ۽ ڊرامن جي سنڌي اداڪاره پريٽي جهانگياڻي.
[وڇوڙو]:
1926ع بزرگ پير محمد شاهه ذاڪري(سڪرنڊ).
1988ع آرٽسٽ ميان اسدالله کونهارو.
1996ع لوڪ گلوڪار سيد سليمان شاهه.
Sunday, 16 August 2026
SINDH in history today (17th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan and Translator His son Mumtaz Ali.
SINDH in history today. 17th August. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute. Dr.Pathan wishes YOU Good Day.
[Friend with vision & wisdom, care about love & beauty and sorrows & longings are integral parts of Aim of life. One can make it more beautiful by accepting & respecting other without discrimination, or make it ugly by disturbing peace of minds & hearts]
ساجن, سرت, سار ء سور، آھن سونھن سنسار سندي،
محبت خدمت ۽ خلوص بنا، ھئ حیاتي گندي مندي،
ویران دل- وسندي، جنھن ۾ ساز نہ سر سلام جو.
**************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{17th August}
EVENTS:
1843: The Governor-General constitute Committee comprising Captain Pope, Captain French and Shaikh Ali Hassan to probe into important issues relating to Khairpur such as matter relating to Mir Rustam Khan and his handing over ‘Turba’ to Mir Ali Murad Khan and ownership of country between Sabzalkot and Rohri (Source: Letter No.317).
1947: Muslim Majority areas as per census of 1941 will be included in Pakistan. It is announced. (Source: Newspapers).
1952: The commission constituted to probe into the reasons for killing Liaquat Ali Khan is published. It discussed three reasons for the killing: Killer’s mental state of affairs, Kashmir policy of Liaquat Ali Khan and religious differences. (Source: ibid).
1953: The tenure of service of Ayub Khan as the Chief Commander-in-Chief is extended up to January 1959. (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
( 17 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
17.8.1839:
انگريز سنڌ ۾ اڃا اقتدار ۾ نه آيا ھئا ته به سندن سنڌين ۽ حڪمرانن سان رويا ماڻھپي وارا ڪونه هئا. مير رستم خان جي ماڻھن سان فرنگي فوجي روهڙئ ۾ زيادتون ڪندا رهيا ۽ فوجن جا اٺ بي لغام فصل ۽ باغ تباه ڪندا رهيا ته مير انگريز پوليٽيڪل ايجنٽ جو اهڙين حرڪتن طرف ڌيان ڇڪرايو. ان جي جواب ۾ اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل مير رستم علي خان کي خط لکي ٻڌايو ته ان لاء اسان ڪورٽ آف جسٽس ٺاهينداسين ۽ متآثر ٿيل ماڻھن کي دانھڻ ۽ ٻڌڻ جو موقعو ڏينداسين. راس بيل اهڙو پيچيدو طريقو ٻڌايو, جنھن مان فريادين کي انصاف بدران پريشانيون ڏسڻيون ٿي پيون. مير رستم علي خان راس بيل جي اها تجويز قبول نه ڪئي ۽ فيصلو ڪيو ته ملان جان محمد کي گورنر جنرل ڏانھن موڪلي, کيس ٻڌائبو ته فرنگي فوجي روهڙي ۾ ڀينگ ڪري رهيا آھن. (حوالو: راس بيل جو خيرپور مان لکيل خط. ڊاڪيومينٽ نمبر 213).
17.8.1843:
مياڻئ جي جنگ کان پوء فرنگين ڏکڻ سنڌ تي قبضو ڪيو, هاڻي اتر سنڌ ۾ مير علي مراد خان کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. مير علي مراد خان ڀائرن سان ڦٽائي به فرنگين سان ياري رکي. پر گورنر جنرل اڄ ڪئپٽن پوپ ، ڪئپٽن فرينچ ۽ شيخ علي حسن تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي ته اها مير علي مراد خلاف انڪواري ڪري ۽ خيرپور ۾ اهم معاملن بابت تحقيق ڪري جهڙوڪ مير رستم خان کان مير علي مراد پڳ ڪيئن ورتي ۽ مير علي مراد خان کي سبزل ڪوٽ ۽ روهڙي جي وچ وارو پرڳڻو ڪيئن مليو (حوالو: گورنر جنرل جو خط نمبر 317).
17.8.1939:
"الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ “مسجد منزلگاه ۽ هنومان مندر" جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. ان ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" تي ڇتي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هندو هنومان مندر تي هڪ ٿي ويا, پر مسجد منزلگاه تي جمعيت العلماء سنڌ مسلم ليگ سان هڪ نه ٿي ٿئي. (حوالو: الوحيد اخبار),
17.8.1952:
لياقت علي خان جي قتل جي سببن جي جاچ لاءِ جوڙيل ڪميشن جي رپورٽ ۾ قتل جا ٽي سبب ٻڌايا ويا: 1. قاتل جي ذهني حالت ، 2. لياقت علي خان جي ڪشمير واري پاليسي ۽ 3. مذهبي اختلاف. (حوالو: اخبارون).
17.8.1953:
پاڪستان ۾ جيڪي ڏنڊي جي زور تي اقتدار تي قبضو ڪندا آھن, اهي پنهنجئ نوڪرئ يا عهدي ۾ پاڻ واڌ ڪندا آهن. اڄ ايوب خان ڪمانڊر ان چيف وارئ ملازمت جي مدت جنوري 1959 تائين وڌائي ڇڏي.
***************
17 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
[جنم ڏينهن]:
17 آگسٽ 1892ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر روچيرام سڏاڻي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1938ع شاعر ۽ گلوڪار ڪشن بجاج (ٽنڊو آدم / آديپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1940ع ليکڪ غلام نبي ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1942ع پاڪستان فلمن جي مشهور اداڪاره شبنم جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1950ع صحافي علي حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1955ع گلوڪار سريش پهوجا (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1968ع صحافي پرويز قادر ناريجي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1975ع شاعر ساگر غلام حسين پنهور (ميهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 آگسٽ 1981ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڪالم نگار ۽ صحافي اختر حفيظ جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو]:
17 آگسٽ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ پير ميان غلام نبي پنڃيل جي وفات ٿي.
17 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي عظيم شاعر ۽ فلاسافر رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات ٿي.
17 آگسٽ 1988ع اڳوڻو آمر ۽ صدر جنرل ضياءُ الحق هوائي حادثي ۾ مري ويو
Saturday, 15 August 2026
SINDH in history today (16th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (16th August). Author Dr.Dur Muhammad & Translator Mumtaz Pathan
16th August The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute. Dr.Pathan wishes you GOOD DAY
[ Those, who can not love & respect Human-beings, can not accept and obey Allah. They neither remember, nor believe that to "bow befor Adam", was HIS first ever order for Angels just after his creation. Therefore, people having qualities of Angels accept, respect and love Human-beings.
It is centuries-old story that I am remembering my dear. But, he/she has to ignore and forget me always. It is my duty to offer sacrifice with sincerity and dedication, round the clock, so as to praise his/her beauty and love properly, accordingly and in befitting manner.]
مون ساریو تو وساریو سا ریت تہ سائين صدیون پراٹي آهي،
انسان سان نفرت پر اللہ جی عبادت اھا ڪوڙي ڪھاٹي آهي،
مون خاڪ نہ ڇاڻي آهي، پر سر گهوريندو آھيان سلامن سان.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY {16th AUGUST}
EVENTS:
1843: in his letter to the Governor-General of India, Sir Charles Napier defends his position regarding supporting His Highness Mir Ali Murad Khan and ignoring Mir Rustam Khan. (Source: Letter of dated August 16, 1843).
1846; Governor of Sindh directs all concerned officers not to put every abuse and objectionable practice of using free labor and ignoring local labor (Source: Circular Letter No.2049).
1917: The Deputy Superintendent of Karachi Police serves notices upon Jamshed Mehta (President of the local branch of Home Rule League), Marriwalla (Secretary of the Propagandist Committee) and Ayer (Secretary of the local Home Rule League), prohibiting a procession arranged by them to prade the city prior to the League meeting. (Source: The Daily Gazette, Karachi).
1938: Sobhas Chandra Bose, with the permission of M.A. Jinnah, releases the correspondence which passed between him and Jinnah on the Hindu-Muslim settlement. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1938)
1945: Sindh Muslim League observes ‘Direct Action Day’. It was meant to show street power and disagree with Congress and the British Government of India. (Source: Newspapers).
1947: Sindh Cabinet takes oath with Muhammad Ayub Khuhro as the Chief Minister. Other ministers are: Qazi Fazlullah, Pir Illahi Bux and Mir Ghulam Ali. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute).
1951: Islamic laws are promulgated in Kelat state. (Source: Newspapers).
1956: Pakistan participates in Suez talks held in London. Due to closure of Suez Canal tug of war started between Communist and Capitalist blocks how to reach ‘Hot waters’ in South East Asia. Repercussions are very much obvious in area right from Afghanistan to Baluchistan. (Source: ibid)
SINDHI TRANSLATION:
16th August
The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Amina Institute. Dr.Pathan wishes you GOOD DAY
[ Those, who can not love & respect Human-beings, can not accept and obey Allah. They neither remember, nor believe that to "bow befor Adam", was HIS first ever order for Angels just after his creation. Therefore, people having qualities of Angels accept, respect and love Human-beings.
It is centuries-old story that I am remembering my dear. But, he/she has to ignore and forget me always. It is my duty to offer sacrifice with sincerity and dedication, round the clock, so as to praise his/her beauty and love properly, accordingly and in befitting manner.]
مون ساریو تو وساریو سا ریت تہ سائين صدیون پراٹي آهي،
انسان سان نفرت پر اللہ جی عبادت اھا ڪوڙي ڪھاٹي آهي،
مون خاڪ نہ ڇاڻي آهي، پر سر گهوريندو آھيان سلامن سان.
************ ( 16 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
16.8.1838:
پاٽينجر, جيڪو فرنگي سرڪار طرفان سنڌ ۾ مقرر ڪيل ريزيڊنٽ آھي, اهو بيمارئ سڀ ڪڇ ڀڄ ويل آھي. سندس حيدرآباد وارو ايجنٽ اڄ ھن کي خط ذريعي سنڌ جا حال احوال ڏئي ٿو. هو لکي ٿو ته ميرن جو خيال آھي ته انگريز رنجيت سنگ کي ڪي آڇون سهولتون ڏئي سنڌ لاء آزار ڪرڻ گهرن ٿا. پر, مير چون ٿا ته اسان سنڌي سڄو وقت ٽڪاڻن ۽ گردوارن ۾ مٿو ٽيڪي ڪونه ويٺا آھيون ۽ پنجابين کي منھن ڏئي وينداسين. ايجنٽ لکي ٿو ته حاجي حسين علي خان نالي ڪو ٻاهريون (پرشيا جو) ماڻهو سنڌ ۾ موجود آھي ۽ هن جون سرگرميون مشڪوڪ ۽ فرنگين خلاف آھن. هو وڌيڪ لکي ٿو ته ميرن ۽ لغارين جا اختلاف چوٽ چڙھي ويا آهن.
16.8.1843:
نيپيئر جي سنڌ ۽ ميرن بابت حڪمت عملئ تي ڪيترو وقت تنقيد ٿيندي رهي هو ان بابت صفائي ڏيندو رهيو. هن خيرپور ۾ مير علي مراد خان جي پٺڀرائي ڪئي ۽ مير رستم علي خان کي ڏسي وائسي نظرانداز ڪيو هو. ڪمپني حڪومت ان بابت هن کان پڇاڻو ڪيو ته اڄ گورنر جنرل ڏانهن خط لکي پنهنجي موقف ۽ حڪمت عملئ جي صفائي پيش ڪئي. (حوالو: نيپيئر جو تاريخ 16 آگسٽ 1843 تي لکيل خط). ياد رهي ته نيپيئر جو خط تفصيل سان لکيل آھي, ۽ ان جو مڪمل متن گل حيات ۾ موجود آھي. نيپيئر خط کان سواء محمد معين الدين, نائب منشئ جو بيان به ضميمي طور شامل ڪيو آھي.
16.8.1846:
اڄ سنڌ جي گورنر سڀني واسطيدار آفيسرن کي سرڪيولر موڪلي هدايت ڪئي ته مزدورن کان مفت ۾ ڪم نه ورتو وڃي ۽ مقامي پورهيتن کي ڪم تي لڳائڻ ۾ اوليت ڏني وڃي. (حوالو: سرڪيولر ليٽر نمبر 2049).
16.8.1849:
اڄ کان سنڌ ڪمشنر, صوبائي حڪومت ۽ آفيسر ڪمانڊنگ سنڌ ڊويزن جي وچ ۾ حيدرآباد جي فوجي ڇانوڻئ جي ايراضئ ۾ واڌاري بابت لکپڙھ شروع ٿي, جيڪا سيپٽمبر 1851 تائين هلي.[ وڏن شهرن ۾ ڇانوڻيون ٺاهڻ فرنگي حڪومت جي ان ڪري اوليت هئي ته جيئن جهڙوڪ سندن فوجي سنڌي عوام جي ڪنڌ تي چڙھيا ويٺا هجن ۽ عوام حڪومت خلاف تڪڙي مزاحمت يا بغاوت نه ڪري سگهي].(ڏسو: حيدرآباد جي ڪليڪٽر جو خط نمبر 1041).
16.8.1917:
ڪراچي پوليس جي ڊپٽي سپرنٽنڊنٽ اڄ جمشيد مهتا (هوم رول ليگ جي لوڪل برانچ جي صدر) ، ماڙيوالا (پروپيگنڊا ڪميٽي جي سيڪريٽري) ۽ آئير ( سيڪريٽري) خلاف نوٽيس جاري ڪيا. ڇو ته هنن سرڪاري اجازت کان سواء “ ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻئ کان اڳ شھر ۾ جلوس ڪڍيو هو. (حوالو: روزانامه "ڊيلي گزيٽ" ، ڪراچي).
16.8.1938:
سباش چندر بوس ، ايم اي جناح جي اجازت سان اها خط و ڪتابت پڌري ڪئي, جيڪا هندو-مسلم اختلافن کي ختم ڪرڻ لاء ٻنھي جي وچ ۾ ٿي هئي. (حوالو: "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، سال 1938, واليم ٻيو). هن واقعي بيان ڪرڻ جو مقصد هئ آھي ته انهئ خط و ڪتابت مان مسلم ليگ جي مامري بابت حڪمت عملئ جي خبر پوندي. ڇو ته هندو-مسلم اختلاف تنهن وقت جي سياست تي گهرا اثر وڌا.
16.8.1945:
اڄ سنڌ مسلم ليگ “ ڊائريڪٽ ائڪشن ڊي" ملهايو. ان جو مقصد هئ هئو ته مسلم ليگ هڪ طرف پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ۽ ٻئي طرف ڪانگريس جي حڪمت عملئ خلاف آواز بلند ڪري. (حوالو: اخبارون).
16.8.1947:
سنڌ ۾ محمد ايوب کهڙي پنهنجي ڪابينا جوڙي. سندس وڏ-وزارت ۾ قاضي فضل الله ، پير الاهي بخش ۽ مير غلام علي وزير مقرر ڪيا ويا. (معلومات جو ذريعو: ‘ گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب ڪيل مسلم ليگ بابت مواد).
16.8.1956:
سئز ڪئنال بند ٿيڻ کان پوء پيدا ٿيندڙ صورتحال تي غور ڪرڻ لاء لنڊن ۾ ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ پاڪستان به شريڪ ٿيو. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ سان ملڪن لاء مسئلو پيدا ٿيو ته انهن جي سمنڊ تائين رسائي ڪيئن ٿئي. ڪئپيٽل ۽ ڪميونسٽ بلاڪن جا باهمي اختلاف وڌيا. سئز ڪئنال جي بند ٿيڻ جو پاڪستان تي جيڪو اثر پيو, اهو اسان ڏسي ۽ ڀوڳي رهيا آھيون. سمنڊ تائين پهچڻ لاء بين الاقوامي قوتون افغانستان ۾ پنهنجي پنهنجي فوقيت قائم ڪرڻ ۽ سمنڊ تائين آسانئ سان پهچڻ جا جتن ڪري رهيون آھن. بلوچستان جي ڪشيده صورتحال انھئ پسمنظر ۾ سمجهي سگهجي ٿي.
***************
16 آگسٽ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
[جنم ڏينهن]:
16 آگسٽ 1906ع ليکڪ گيانچند گيان رشي (سنجهورو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1949ع اڳوڻي سيڪريٽري شمس جعفراڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1952ع ليکڪ مير اعظم ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1958ع ليکڪ حليم مرلائي جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1963ع صحافي علي انور ٻٻر جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1964ع شاعر فيض ساٿي جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1966ع صحافي رفيق ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1978ع شاعر امر ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
16 آگسٽ 1984ع شاعر محمد حسين عاصم ڀٽو (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو]:
16 آگسٽ 1803ع بزرگ خواجه گل محمد لنواري جو انتقال ٿيو.
16 آگسٽ 1961ع باباءِ اردو مولوي عبدالحق جي وفات ٿي.
16 آگسٽ 1970ع شاعر محمد صديق امين جو لاڏاڻو ٿيو.
16 آگسٽ 1997ع گلوڪار، قوال ۽ موسيقار استاد نصرت فتح علي خان جو انتقال ٿيو.
Friday, 14 August 2026
SINDH in history today (15th August). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
[The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years]
**
Sindh [ including Pakistan] in history today Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History, Birth & Death dates of Luminaries of Sindh and Good Day Wish by Dr. Pathan founder Gulhayat Institute and translated by his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (15th August) Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ You are an ideal, legend and role-model. Write your own story of Human love, respect and selfless services. Do not hand over your pen to others as they will distort history and your outstanding status. Handover your vision & wisdom, beauty & peace. Became, we are in dire need of it]
قلم نہ ڏي تون ھٿ ڪنھن جي،
علم سرت سونھن پیو ورھاء،
تاریخ جي تون سونھری ورقن ۾،
دیس-ڌٹین جي دل ۾ وٺ جاء،
محبن مارن سان تون ناتو نڀاء،
وفا ۽ ایثار ۽ قرب سلام سندو.
{15th AUGUST}
EVENTS:
1888: The ‘Social Reforms Association’ of Hyderabad is registered under ‘Company Act-V1 of 1884’. The NGO was formed by Sadhu Hiranand, Raj Rashi Dyaram Gidumal, Diwan Navalrai, Diwan Tarachand and Khouromal Chandanmal Khilnani. This NGO established and run more than five girls schools in Hyderabad. (Source: Books on biographies of Sadhu Hiranand & Dyaram Gidumal).
1922: Sindh observes ‘Ghazi Kamal Pasha Day’ on the call of the Sindh Khilafat Committee. All branches hold public meetings and condemn anti-Turkey designs of countries those have imposed war on Turkey also. Speakers paid homage to the great leader of Turky and highlighted his life and achievements. (Source: The Daily Al-Wahid).
1947: Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah takes oath as the Governor-General of Pakistan. The oath is administered by Justice A.Rashid, Chief Justice of Lahore High Court. Liaquat Ali Khan forms his cabinet consisting of Sardar Abdul Rab Nishtar, Raja Ghazanfar Ali, Fazul Rahman, I.I.Chundrigar, Ghulam Muhammad and Jagandar Nath. No Sindhi is included in the cabinet. However the capital of Pakistan will be in Sindh. (Source: Newspapers).
1975: Bengalis kill their father of nation. Shaikh Mujeeb who fought for independence of his country is killed by army of his own country. (Source: Newspapers)
1984: There is fight for all between Sindh and Punjabi students of Sindh Medical College, Karachi. Punjabi Medicos demanded FIRs to be lodged and Sindhi students to face trial for so many days the issue got full coverage of the press. Hafiz Muhammad Ismail of Khada, editor of Al-Sadiq decided to bring ‘Al-Sadiq Sindh Medicos’ Number’. Hafiz Muhammad Sidik Memon collected posters, pamphlets and other relevant literature ad Dr. Dur Muhammad Pathan made draft and compiled material. Government got the information and the press where the material was under printing press was taken in custody by the police. Hafiz Muhammad Ismail was arrested and he saved skin of Dr.Dur Muhammad Pathan and Hafiz Muhammad Sidik by giving statement that he was all alone for collection and compilation of the ‘Number’ under print.
SINDHI TRANSLATION:
( 15 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
15.8.1839:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ فيصلو ڪيو ته سنڌوندئ کي آبي آمدرفت لاء ڪم آڻجي. ان ڪري اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ويو ته انھئ منصوبي تي ڪم شروع ڪريو ۽ حڪومت ليفٽيننٽ ووڊ کي ان لاء "انڊس نيويگيشن“ جو سپريڊنٽ مقرر ڪرڻ گهري ٿي.
15.8.1840:
اڄ شڪارپور جي اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ خط ذريعي راس بيل کي ٻڌايو ته ڪئپٽن برائون کي ڇڏائڻ لاء ميجر ڪلبورن جي اڳواڻئ ۾ فوجي دستو ڪوهان موڪليو پيو وڃي ۽ هن سان سيد بچل شاھ نالي هڪ بااثر ماڻھون به موڪلبو. [ سيد ميڙ وٺي وڃڻ جي چال انگريزن به هلي]. (حوالو: اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ جو خط نمبر 400)
15.8.1888:
اڄ حيدرآباد جي ’سوشل رفارمس ايسوسيئيشن‘ کي ’ڪمپني ايڪٽ V1 آف 1884‘ تحت رجسٽرڊ ڪرايو ويو. هئ اين جي او جن قائم ڪئي,اهي هئا: ساڌو هيرانند ، راجي رشي ڏيارام گدومل ، ديوان نولراءِ ، ديوان تاراچند ۽ ڪوڙومل چندنمل کلناڻي. هن اين جي او حيدرآباد ۾ پنجن کان وڌيڪ گرلز اسڪول قائم ڪيا ۽ هلائيندا. (حوالو: ساڌو هيرانند ۽ ڏيارام گدومل جي سوانح عمري تي ڪتاب).
15.8.1922:
سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڏ تي اڄ سنڌ ۾ ‘غازي ڪمال پاشا ڏينهن’ ملهايو ويو. خلافت جي سڀني شاخن عوامي ميڙاڪا ڪيا .مقررين ترڪي جي عظيم اڳواڻ کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ان جي زندگي ۽ ڪاميابين تي روشني وڌي. (حوالو: روزنامه الوحيد).
15.8.1947:
قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان جي گورنر جنرل جي حيثيت سان حلف کڻي ورتو. هن کان حلف جسٽس اي رشيد ، چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ کڻايو. لياقت علي خان پاڪستان جي وزير اعظم طور پنهنجي ڪابينه ٺاهي جنھن ۾ سردار عبدالرب نشتر ، راجا غضنفر علي ، فضل الرحمان ، آءِ جي آءِ چندريگر ، غلام محمد ۽ جگندر ناٿ کي شامل ڪيو. ڪوبه سنڌي ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو. (ذريعو: اخبارون).
15.8.1975:
شيخ مجيب جيڪو پنهنجي ملڪ جي آزادي لاءِ وڙهيو ۽ ملڪ آزاد ڪرايائين, اڄ پنهنجي ئي ملڪ جي فوج پاران قتل ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون)
15.8.1984:
سنڌ ميڊيڪل ڪاليج ، ڪراچي ۾ پنجابي ۽ سنڌي شاگردن وچ ۾ سخت جهيڙو ٿيو. پنجابي ميڊيڪوز مطالبو ڪيو ته سنڌي شاگردن خلاف ايف آءِ آر درج ڪئي وڃي. ڪيترن ڏينهن کان ان مسئلي کي پريس جي ڀرپور ڪوريج ملي وئي. ڪراچي جي "الصادق" رسالي جي ايڊيٽر حافظ محمد اسماعيل ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي مشوري سان ‘الصادق" جو "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو. حافظ محمد صديق ميمڻ پوسٽر ۽ پمفليٽ هٿ ڪيا.ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ "سنڌ ميڊيڪوز نمبر" مسودو لکيو. رسالو پريس ۾ ڇپجي رهيو هو ته حڪومت کي کڙڪ پئجي وئي ۽ پوليس پريس تي ڇاپو هڻي منهنجي هٿ سان لکيل مواد قبضي ورتو ۽ ان کان پوء حافظ محمد اسماعيل ۽ حافظ محمد صديق ميمڻ کي گرفتار ڪيو ويو. هنن ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي بچائڻ لاء اها سچي نه ڪئي ته "الصادق جو اهو اسپيشل نمبر" ڪنهن جو لکيل ۽ ترتيب ڏنل آھي. هنن ڪيترو عرصو انھئ ڪيس ۾ تڪليفون ڏٺيون.
***************
15 آگسٽ تي جنم يا وفات وٺندڙ.
***************
[ جنم ڏينهن]:
1769ع فرانس جي سپهه سالار ۽ شهنشاهه نپولين بوناپارٽ.
1887ع سياستدان ايسرداس رائسنگهاڻي.
1890ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ملڪاڻي (حيدرآباد).
1895ع آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ الله بخش گبول (ڪراچي).
1902ع شاعر انجم هالائي.
1914ع شاعر غني قاضي.
1924ع ليکڪ ڀوڄراڄ ڪرمچند ڇاٻڙا(شڪارپور / اندور).
1929ع ليکڪ ريلو گيهاڻي.
1932ع ليکڪ آنند ٽهلاراماڻي(ميهڙ / بڙودا).
1932ع ڪهاڻيڪار تيج موٽومل ڀاڳچنداڻي(دادو / ڪڇ).
1932ع شاعر ارشد هالائي(مانجهند).
1937ع شاعر وليرام ڪشناڻي (نوابشاهه / هندستان).
1937ع ليکڪ ڪرمچند ڪمار تيجواڻي (خانواهڻ / الهاسنگر).
1938ع اداڪار ۽ گلوڪار تلسي ناياڻي(مورو / جئپور).
1939ع خيرپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد علي حداد.
1949ع شاعر افضل قادري.1952ع شاعر صديق جوڻيجو.
1952ع صحافي محمد نواز جسڪاڻي.
1955ع شاعر ڊاڪٽر ادل سومرو(سکر).
1956ع ليکڪ دوست علي جيسر.
1958ع ليکڪ طاهر ڄامڙو.
1958ع ليکڪا تسليم ميمڻ (درٻيلو).
1959ع شاعر عبدالعزيز اثر سنڌي(جهمپير).
1961ع سياستدان ۽ مزدور اڳواڻ خالد چانڊيو.
1971ع شاعره ومي سدا رنگاڻي (آديپور).
1973ع شاعر علي زاهد (خانپور).
[وڇوڙو]:
1975ع بنگلاديش جي باني ۽ وزير اعظم شيخ مجيب الرحمان.
1980ع ليکڪ ۽ تعليمدان الهه بخش نظاماڻي.
1991ع ليکڪ ع ق شيخ (حيدر آباد).
2002ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار رزاق مهر
Subscribe to:
Posts (Atom)














