Saturday, 15 February 2025

My Poetry composed by Deepar

تون صاحب آهين سچي سان، اسين خادم خدمتگار. تنهنجي تند تنوار، سدا آﻫ سلام کي. 30 OCT 2010 صاحب ! منهنجي صاحبي، آهي عجز نياز. سلام ان جو ساز، در پهچايو دنيا جي. 29 Oct 2010 مون کي مليو مارن کان، تشخص سندو تاج. مون لاء اهو معراج، جو چوان سلام تن کي. 28 Oct 2010 پاليا آهن پنهنجن لاء، نفرت جا جن نانگ. بره سندي سي بانگ، سڻندا پوء به سلام جي. 27 Oct 2010 سري نه سگهندي سائين سواء، آهي فقط سوئي سهارو، آهي نرمل نيارو، ثاني ناهي سائين جو. 26 Oct 2010

No comments:

Post a Comment