Saturday, 2 November 2024
Sindh in history today (3rd November). By. Dr.Pathan & Mumtaz Pathan
Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {3rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan *** ********* Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Beauty is time-oriented & for time being. Whereas, love is everlasting. Why not to protect love instead of ever changing beauty? Let beauty may not create hatred, discrimination & division, but let human love & respect promote unity, peace & progress]
سونھن نہ سگھندین سنڀالي، من ! ساجن کي تون سنڀال،
پریت سندئ ریت کي، پیار کٹي تون پيو هر پل پال،
ھجج تون سدا ھر حال، سرت سچ سونھن سلام سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (3rd November)
*************
BIRTHS: 3rd November
1. Moulana Muhammad Ibrahim (Garhiyasin/Religious Scholar/1889), 2. Hemon Kalani (Sukkur/Freedom Fighter/1924), 3. Dr.Murli Bhavnani (Hyderabad - New Delhi/1929), 4. Asghar Gozai (Thorhi/Writer/1958 ), 5. Abdul Karim Soomro (Janhan/Politician/1962), 6. Faiz Mirani (Shikarpur/Journalist/1963), 7. Hakim Mahar (Chak/Poet/1966), 8. Noorullah Mahar (Khohi Waryam/Poet/1967)
*************
DEATHS:
3rd November
1.Master Chandar (Singer & Poet/1984)
*************
EVENTS:
3rd November
1847: The Collector of Shikarpur sends to the Commissioner report on operation against Bugties and gives details of capturing Dotal Moondrani.
1858 : Price, Civil Engineer on Special duty prepares plan for construction of bridge between Sukkur and Rohri. It will cost Govt. rupees seven lakhs and odd.
1917: Most of us are unaware about warm political activities of our forefathers relating to the British Sindh. In those day annual political conferences, known as Sindh Provincial Conference were held in variour districts. Today, Special Sindh Conference is held at Hyderabad. Its proceedings and other details -are uploaded on website of the Gul Hayat only.
1919: Under the auspices of the Sukkur District Congress a public meeting is held and Dr. Choithram Gidwani gives lecture on the present conditions of Bharat Varsh (Hindustan) and disribes the terrible condition of Indians in Punjab, South Africa and Fiji.
1928: It is first time in the history of Sindh education during British period that teachers and taughts boycott their class in the length and breath of Sindh to show their resentment on Simon Commission.
1975: Mir Rasool Bux Talpur forms Quomi Jamhori Tahrik.
1977: Muhammad Hashim Memon takes over as the editor of the daily Hilal -i- Pakistan. Where as Siraj -ul- Haq Memon is removed by the Martial Law Government
SINDH IN HISTORY TODAY (3rd November)
EVENTS:
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation.
Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers
*****
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
3 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ.
***************
ڪجھ واقعا
***************
3.11.1838:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ برنس کي لکيو ته حيدرآبادي مير پرشيا ۽ هرات وارن حڪمرانن سان اسان خلاف اتحاد ڪري رهيا آھن. ان ڪري تون خيرپوري ميرن جو انت ڪڍ ۽ هنن کان انھئ اتحاد بابت شاهديون هٿ ڪري موڪل ته جيئن حيدرآبادي ميرن جي اصل نيت جي خبر پئي.
3.11.1838:
الينگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي روين توکي اهڙيون ڌئونسون ڏنيون آھن جو تون خيرپوري ميرن جي نيتن تي به شڪ ڪرين ٿو. حالانڪ خيرپوري مير منھنجي سڳي ڌاڳي ۾ آهن. مير رستم خان ته مون کي اهي خط به ڏسڻ پڙھڻ لاء ڏيندو آھي, جيڪي مير نور محمد خان هن ڏي مخفي طور موڪليندو آھي.
3.11.1842:
فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر ڏي ٻه خط موڪليا. پهرين خط ۾ لکي ٿو ته ميرن جي اڻ وڻندڙ روين جي موٽ ڪهڙي ۽ ڪيئن ڏيون, اهو توکي سوچي پوء ٻڌائيندس. في الحال سکر تي تسلط قائم رکڻو آھي.
ٻئي خط ۾ لکيس ٿو ته مير رستم خان جي مخفي خطن ۽ رابطن مان شڪ پئي ٿو ته هو اسان سان سچو ناهي. هن اسان جي دشمن سيد محمد شريف کي ڀڄڻ جون سهولتون ڏنيون. هوڏانھن مير نصير خان اسان خلاف بيربڪ بگٽئ سان مخفي خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن حالتن باوجود سنڌوندئ کي واپاري ۽ دفاعي مقصدن لاء ڪم آڻڻ لاء ميرن, بهاولپور وارن ۽ لاهور جي مهاراجا سان ڳالهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻا آھن.
3.11.1847:
شڪارپور جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 35 مطابق ڪمشنر کي ٻڌايو ته اسلام خان کان سواء باقي سمورا ويڙهاڪ بگٽي پيش پيا آھن. وڏي ڏوهئ ڏوتل موندرانئ کي پڪڙيو آھي ۽ هن تي ڪيس هلايو پيو وڃي.
3.11.1856:
سول انجنيئر پرائيس سکر ۽ روهڙئ وچ ۾ پل ٺاهڻ جو پلان ٺاهيو هو. سندس اندازي مطابق انھئ پل تي ست لک روپيا خرچ ٻڌايو ويو. اهو اهو پلان صوبائي (ممبئي) حڪومت ڏانھن موڪليو ويو.
3.11.1919:
سکر ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ اڄ ڊاڪٽر چوئٿرام کان ليڪچر ڪرايو. مقرر ملڪي صورتحال تي روشني وڌي ۽ پنجاب ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ عوام سان ٿيل سرڪاري آزار تي روشني وڌي.
3.11.1928:
سنڌ ۾ شاگردن تعليمي ادارا ڇڏي روڊن رستن تي نڪري آيا ۽ سائمن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيائون.
3.11.1975:
مير رسول بخش ٽالپور "قومي جمهوري تحريڪ" جي نالي سان پارٽي ٺاهي. تمام ڏکيئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ سان شروعات ۾ ساٿ ڏنائين. پيپلز پارٽئ جي ڏينهن ۾ گورنر به ٿيو. پوء سياسي اختلافن ڪارڻ اها پارٽي ڇڏيائين.
3.11.1977:
مارشل لا حڪومت "هلال پاڪستان" جي ايڊيٽر سراج الحق کي هٽايو ۽ سندس جاء تي محمد هاشم ميمڻ ايڊيٽر مقرر ٿيو.
*************
{ 3 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن]:
1618ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير.
1889ع مذهبي اسڪالر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم (ڳڙهي ياسين).
1916ع نامياري تعليمدان ۽ سياستدان احمد محمد قاضي(قاضي احمد).
1921ع شاعر، مصور، گلوڪار ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي ساقي(ڀريا / پونا).
1929ع ناليواري محقق ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي (حيدرآباد / دهلي)۔
1957ع ليکڪ ڊاڪٽر اسد جمال پلي.
1958ع ليکڪ اصغر گوزائي۔
1962ع سياستدان عبدالڪريم سومرو.
1963ع صحافي فيض ميراڻي (شڪارپور)۔
1966ع شاعر حاڪم مهر (چڪ).
1967ع شاعر نور الله مهر ”کوهي وريام“۔
[وڇوڙو]:
3 نومبر 1984ع گلوڪار ۽ شاعر ماسٽر چندر.
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment