Sunday, 16 November 2025

SINDH in history today (17th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {17th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share it, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان سرت ۽ سلام سان. ************ ************ EVENTS: 1938: Colonel Pottenger, Political Agent, forwards Parwana signed by Mir Noor Muhammad Khan to Captain Burns and ask him to purchase corn as now he can because of permission granted as per Parwanas. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is in Larkana so as to open branch of the Sindh Hindu Shabha. Lalchand Navalrai is his host. 1919: Home Rule League Hyderabad requests Govt. to remove restrictions on leaders (Bipin Chandra pal and B.G.Tilak) visiting Punjab. The resolution was passed in the meeting held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in Chair. 1939: G.M.Syed along with other leaders of Masjid Manzalgah Restoration Committee is arrest and withthe result that Hindu - Muslim riots erruped in the Sukkur District. 1947: Eighty thousand panahgeers reach Pakistan. 1958: Allam Mashrqi is acquited inDr.Khan Sahib's murder case. 1965: In the case, if another war is imposed upon Pakistan, India will its battle field, say Z.A.Bhutto. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Sindh Assembly passes Sindhi Language bill. 1979: Jamait -i - Islami losts it founder. Moulan Mjumudi is dead. 1988: Election results are announced. PPP secure 92, IJI 54 & Independents 40 seats in the National Assembly. ************ 17th of November BIRTHS: Seth Tayab Ali Alvi (1894), Notandas "Sagar" (1925), Syed LalShah "Souz" (1939), Dildar Sanjarani (1945), Ghulam Nabi "Mushtaq"(1957), & Syed Asghar Ali Shah (1959). SINDH IN HISTORY TODAY (17th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

Saturday, 15 November 2025

SINDH in history today (16th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {16th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Sacrifice can not be offered by selfish people. Ideal people set trends in this regard so as to pave way to accept & respect Human-beings without discrimination. It is their sacrifice that protect & propagate love, beauty & peace of the society and for the society] قرباني قدرن نظرين لاء، جيئن بنجر بر لاء آب ، نہ سمجھن جي راز ، تن جي سرت ۽ سونھن عذاب، پر انھن کوڙ کٽیو ثواب، جي ھلن نیاز سلام سان 2. IMPORTANNT EVENTS: History: 1843: The Collector of Karachi is asked by the Bombay Government to report reasons which actuated him to withdraw the concession given by Talpur Government to Syeds of Thatta. 1845: Zangi Khan Talpur, the last surviving brother of Mir Sohrab Khan is dead. The Sindh Commissioner requests the Bombay Government that a portion of Rs.100 per month be granted to the mother and Rs 200 to Mir Allah Dita for himself and support of the family. 1920: Daily Al – Wahid in the course of article ask people to boycott Council Election and not to vote any candidates, because they will bow before anti – I – people government. 1923: It is the first day of the “Jazeerat –ul- Arab Week” in Sindh. The week is being observed to voice for the political freedom of Arabs and to condemn the British policy on the subject. 1936: In a meeting headed by Sir Ghulam Hussain, party matters are discussed and K.B. Khuhro and Yar Muhammad Junijo are appointed to organize “Sindh Muslim Political Party” in Larkano and Dadu districts. The meeting is held at Larkano. 1947: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan says that his government will knock the doors of International Court to get matters between India and Pakistan resolved. 1956: The Executive Committee of the Muslim League asks Pakistan Government to quit Common Wealth. 1960: The Federal cabinet of Pakistan gives consent on the Water Agreement with India. 1962: President Ayub opens the new township north of Karachi which is to accommodate 30,000 families of Panahgeers. 1971: Indian troops moved into East Pakistan and begin to advance towards Dhaka. 1988: General elections are hold in Pakistan. 1989: Nawaz Sharif, the Chief Minister of Punjab opens Bank of Punjab. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 16 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.11.1843: ٽالپور حڪمران ٺٽي جي سيدن کي مالي امداد ڏيندا هئا ۽ سيد ان مان مذھبي ۽ سماجي خدمتون سرانجام ڏيندا هئا. ڪراچئ جي فرنگي ڪليڪٽر اها امداد بند ڪري ڇڏي. مامرو وڃي ممبئي حڪومت تائين پهتو. اڄ ممبئي حڪومت کانئس تفصيلي رپورٽ گهري ته ڪهڙن سببن ڪري ٺٽئي سيدن کي ملندڙ مالي امداد بند ڪئي وئي آھي. 16.11.1845: مير رستم علي خان جي خاندان جو زنگي خان ٽالپور گذاري ويو ته سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار کي سفارش ڪئي ته زنگي خان جي والده کي 100 روپيا در ماه ۽ مير الهڏتي کي 200 روپيا درماه ڏنا وڃن. 16.11.1920: "الوحيد" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي صلاح ڏني ته ڪائونسلن جي چونڊن ۾ ووٽ نه ڏين. ڇو ته اهي هڪ ڍونگ آھن. ڪو به چونڊيل نمائندو عوامي امنگن جي ترجماني ڪري نه سگهندو. ان لاء جو سرڪار چونڊيل نمائندن کان سواء ڪائونسل تي پنهنئ مرضئ جا ايترا نمائيندا ٿاڦيندي جو لائق نمائندو عوامي حق ۾ يا سرڪار خلاف ڪو آواز بلند نه ڪري سگهندو. 16.11.1923: سنڌ ۾ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جي سڏ تي اڄ کان "جزيرت العرب هفتو" ملهائڻ شروع ٿيو. هفتي ملهائڻ جو مقصد اهو هئو ته هڪ طرف عوام کي عربستان ۾ فرنگين جي سياسي چال بابت ڄاڻ ڏني وڃي ته ٻئي طرف حڪومت کان مطالبو ڪجي ته اها "جزيرت العرب" ۾ پنهنجئ مرضئ ۽ مطلب واري سياسي تبديلي نه آڻي. 16.11.1936: سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ لاڙڪاڻي ۾ ”مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ محمد ايوب کهڙي کي لاڙڪاڻي ضلعي ۽ يار محمد جوڻيجي کي دادو ضلعي لاء آرگنائيزر مقرر ڪيو ويو. 16.11.1947: پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان بيان ڏنو ته جيڪڏهن انڊيا حڪومت اسان سان مامرا سلجهائڻ کان ڪترايو ته اسان انٽرنئشنل ڪورٽ جو در کڙڪائينداسين. 16.11.1956: پاڪستان مسلم ليگ جي "ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ" پاڪستان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته "ڪامن ويلٿ" مان هٿ ڪڍي. 16.11.1960: ايوب-شاهئ پاڪستان جو نديون انڊيا کي ڏنيون. انھئ "پاڻئ واري معاهدي" جي سندس ڪابينه اڄ منظوري ڏني. 16.11.1962: صدر ايوب اڄ ڪراچئ جي اتر ۾ ”نيو ٽائونشپ" جو افتتاح ڪيو. هن منصوبي جو مقصد اهو هو ته جيئن پناهگيرن ۽ سرحد کان لڏي ايندڙ پٺاڻن جي 30 هزار خاندانن جي آبادڪاري ڪري سگهجي. 16.11.1971: ڀارتي فوج اوڀر پاڪستان ۾ داخل ٿي ۽ ڍاڪا ڏانھن پيش قدمي شروع ڪيائين. 16.11.1988: پاڪستان ۾ عام چونڊون ڪرايون ويون. 16.11.1989: پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف "پنجاب بينڪ" جو افتتاح ڪيو. *************** 16 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 16 نومبر 1931ع مشهور تعليمدان ۽ سماجي ورڪر انور الدين شيخ(پنو عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 نومبر 1942ع ليکڪ پونم چندروملاڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1947ع سياستدان رحيم بخش بوزدار(گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1951ع سياستدان انور احمد خان مهر(سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1952ع اداڪار اشوڪ کتري (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1963ع ٽنڊي آدم سان تعلق رکندڙ شاعر وسيم سومرو جو جنم ٿيو. 16 نومبر 1963ع باليووڊ اداڪاره ميناڪشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1968ع شاعر محمد نواز ناز جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1971ع ڪرڪيٽر وقار يونس جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع شاعر وفا صالح راڄپر جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1975ع ليکڪ ستار سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 16 نومبر 1998ع شاعر گلزار تبسم (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 نومبر 1946ع شاعر ڪريم ڏنو شڪارپوري جي وفات ٿي. 16 نومبر 1963ع سياستدان، شاعر ۽ مضمون نگار سيد ميران محمد شاه جي وفات ٿي. 16 نومبر 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالحميد قريشي جو انتقال ٿيو. 16 نومبر 1980ع شاعر علي ڏنو شاهه علڻ جي وفات ٿي. 16 نومبر 1980ع حڪيم قاضي عبدالهادي (نوشهرو فيروز) جي وفات ٿي. 16 نومبر 1981ع تعليمدان پروفيسر امينه هاليپوٽو جو انتقال ٿيو

Friday, 14 November 2025

SINDH in history today (15th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {15th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * *****************Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent we honour & love and accept & respect human-beings, is the only criteria to determine our dignity as a noble. Whoever is kind, sees beauty in every heart and works for peace & progress for all, is a nice, like you my dear] نینھن نڀائي نہ ڪي لنوائي، انساني خدمت محبت احترام، ان لاء تہ ملیس خاصو انعام، سرت سونھن نیاز سلام سندو. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (15th NOVEMBER) 15th November BIRTH DATES Moulana Abdul Rahman Memom (Religious Scholar/birth 15th November 1881), Moulchand Thakur (Writer/ birth 15th November 1899) Hakim Atta Muhammad Bhatti (Sukkur/ Journalist & Freedom Fighter/ birth 15th November 1908), Naraindas Bhambhani (Writer & Politician/ birth 15th November 1912), D.K.Musharamani (Rohri > Ahmadabad/Scholar/ birth 15th November 1920), Moulana Sultan Ahmed Sethar (Mureed Sethar/Religious Scholar/ birth 15th November 1934), Manohar Chagh (Shikarpur > Mumbai/Stage Director & Actor/ birth 15th November 1936) Verho “Rafiq” ( Sukkur > Ahmadabad/Poet/1941) Laldin “ Bismil” (Poet/ birth 15th November 1945 Dr. Muhammad Ismail Rind (Kari Bhar/ Agricultural scientist/ birth 15th November 1953), Azad Qazi (Qazi Dara/ Writer/ birth 15th November 1956) Anjum Soomro (Poet/ birth 15th November 1957) Zulf Pirzado (Balhreji/Journalist/ birth 15th November 1960), Dr. Raza Muhammad Jikhio ( Konkar/Social Worker/ birth 15th November 1960) Agha Saeed (Shikarpur/Artist/ birth 15th November 1963) Dilawar Chandio (Fareed Khan Chandio/Journalist/ birth 15th November 1963), Ghulam Hyder “Ghayal” (Bachal Laghari/Poet). Ayaz Latif Palijo (Hyderabad/Politician/1968) DEATH DATES Moulana Taj Mahmood Amroti (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 15th November 1929) EVENTS 1838: Captain Burns, assigned duty to negotiate with Khairpur Ruler, is directed by his Government of India that the task of finalizing treaty with ruler be taken with seriousness, but with utmost care. It must be avoided to call up him to contribute any some for maintenance of subsidiary force and make him believe that Bukhar fort is required to be used by the Government of India as a depot for treasure only. 1932: Second Sindh Azad conference is held at Hyderabad. It is a big show of political strength of Sindh Muslim politicians to popularize the case of the separation of Sindh from Bombay Presidency and for this purpose a religious scholar from Punjab is brought to preside over the conference. On this occasion a political party is also formed with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. 1936: Jamshed Mehta presides over the Hari Conference at Tando Jam. The Sindh Congress is cooperating with Hari leaders and activists also. Jeramdas Doulatram, Prof. Ghanshyamdas, Naraindas Anand, Santdas Mangharam; Shaikh Abdul Majeed Sindhi; Comrade Abdul Qadir Khokhar; Dr. Chamandas; Jethmal Parsram; Gopaldas; Haji Jamal –u- ddin attend this conference . 1947: An Inter – Dominon Minority Board is set up by India and Pakistan so as to protect the interests and rights of the minorities. 1951: Khowaja Nazimuddin replaces Nawabzado Liaquat Ali Khan as the president of Pakistan Muslim League. 1953: The constitution of Pakistan is medieval and totally opposed to democratic conceptions, says Indian Prime Minister Nehru. 1961: The U.N.O general Assembly adopts resolution moved by Pakistan asking the French Government to recognize the political status of Algerian prisoners in France. 1968: Lawyers and students take out separate processions in Karachi, Multan; Lahore and Rawalpindi. Most of them are arrested for violating Section 144. 1981: Atmosphere in the country is not congenial for holding elections. Restrictions on political activities will continue in order to restore the situation to normalcy, says Gen. Zia. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 15 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 15.11.1838: ڪئپٽن برنس خيرپور ۾ ميرن سان-خاص طور تي مير رستم علي خان سان ڳالهين ڪرڻ ۾ مصروف آھي. کيس پنهنجئ سرڪار طرفان هدايت ڪئي ٿي وڃي ته مير کي يقين ڏيار تي سنڌ ۾ اسان پنهنجي ۽ اوهان جي مفادن جي بچاء لاء جيڪا فرنگي فوج رکنداسين, ان جو خرچ پاڻي فقط حيدرآبادي ميرن کان وٺبو ۽ ان جو بار خيرپوري ميرن تي نه وجهبو. ٻيو ته بکر جو قلعو اسان فرنگي ان ڪري خيرپوري ميرن کان وٺڻ چاهيون ته ان ۾ اسان بارود ۽ ٻيو فوجي سامان رکنداسين, جيڪو ڪابل ويندڙ فرنگي فوجين کي ڏکيئي وقت ڪم ايندو. 15.11.1858: سنڌ جي ڪمشنر بارٽل فريئر پنهنجئ بالا سرڪار کي ٻڌايو ته مري قبيلي وارن جي اره زورائين ۽ ڦر لٽ وارن واقعن کي ٻنجي ڏيڻ لاء بگٽين جي مٿي تي هٿ رکي ميدان ۾ آڻي انھن کي مري قبيلي وارن سان ويڙهائڻ شروع ڪيو آھي. 15.11.1932: سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪري صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ تي سنڌ موافقن ۽ مخالفن جي ٻن ڪئمپن ۾ ورهائجي وئي. هندن جي اڪثريت سنڌ کي الڳ ۽ آزاد صوبائي حيثيت ۾ ڏسڻ نه پئي گهري. جڏهن ته سڀ مسلمان ان کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ پيا گهرن. هندن توڙي مسلمانن پنھنجي ماڻھن کي الڳ الڳ هوشيار ۽ بيدار ڪرڻ شروع ڪيو. مسلمانن طرفان اڄ حيدرآباد ۾ ”ٻي سنڌ آزاد ڪانفرنس" ٿي. مسلمانن پنجاب مان صدارت لاء مذھبي اڳواڻ گهرايو. هن موقعي تي "سنڌ آزاد ڪانفرنس" نالي سان سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ سياسي پارٽي به ٺاهي وئي. 15.11.1936: سکر بئراج کليو ته سنڌ جي زميندارن ۽ آبادگارن محسوس ڪيو ته اتان نڪتل زمينون ٻين صوبن وارن, خاص طور تي پنجابين کي ملي رهيون آھن. ان ڪري سنڌ جي زميندارن, سرمايه دارن ۽ سياستدانن هارين کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. اڄ ٽنڊي ڄام ۾ جمشيد مهتا جي صدارت ۾ هاري ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ جيرامداس دولترام, پروفيسر گهنشامداس, نارائداس آنند, شيخ عبدالمجيد سنڌي, سنتداس منگهارام, عبدالقادر کوکر, ڊاڪٽر چمنداس ۽ ڄيٺمل پرسرام شرڪت ڪئي. 15.11.1947: انڊيا ۽ پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ ۽ ان تي نظر رکڻ لاء ”انٽر ڊومينين منارٽي بورڊ“ قائم ڪيو. 15.11.1951: نوابزادي لياقت علي خان جي جاء تي خواجه ناظم الدين کي "پاڪستان مسلم ليگ" جو صدر بڻايو ويو. 15.11.1968: ايوب-شاهئ خلاف جتي ڪٿي آواز بلند ٿيڻ لڳا. اڄ وڪيل برادرئ ڪراچئ, ملتان ۽ راولپنڊئ ۾ قلم 144 جي ڀڃڪڙي ڪندي حڪومت خلاف جلوس ڪڍيا 15.11.1981: آمر ضياء الحق پنهنجي سياسي نيت تان پڙدو کڻندي چيو ته ملڪي حالتون اهڙيون ناهن جو ڪي جلدي چونڊون ڪرائجن. *************** 15 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 15نومبر1881ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ميمڻ جو ڏينهن آهي۔ 15نومبر1899ع ليکڪ مولچند ٺاڪر جو حيدرآباد ۾ جنم ٿيو 15نومبر1908ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي حڪيم عطا محمد ڀٽي (سکر) جو جنم ٿيو۔ 15نومبر1912ع ليکڪ ۽ سياستدان نارائڻ داس ڀمڀاڻي جو جنم ٿيو 15نومبر1920ع اسڪالر ڊي ڪي مشاراماڻي (روهڙي / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1934ع مذهبي اسڪالر مولانا سلطان احمد سيٺار جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1936ع اسٽيج اداڪار ۽ ڊائريڪٽر منوهر جاڳ (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1941ع شاعر، ليکڪ ۽ اداڪار ورهو رفيق (سکر/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1945ع شاعر لال دين بسمل جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1946ع سياستدان ۽ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر آفتاب شاهه جيلاني جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1953ع اسڪالر ۽ زرعي ماهر ڊاڪٽر محمد اسماعيل رند جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1956ع ليکڪ آزاد قاضيجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1957ع شاعر انجم سومرو جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر1960ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر رضا محمد جوکيو جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1960ع صحافي ذلف پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 15نومبر 1963ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ آرٽسٽ آغا سعيد جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1965ع شاعر بدر شاههجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1968ع ناليواري قانوندان ۽ سياسي اڳواڻ اياز لطيف پليجوجو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1974ع اسڪالر، ليکڪا ۽ ڪالم نگار انيتا شاهه لڪيارئ جو جنم ڏينهن آهي 15نومبر1986ع ٽينس جي مشهور رانديگرياڻي ثانيه مرزاجو جنم ڏينهن آهي *************** وڇوڙو: *************** 15 نومبر 1981ع اردو ۽ فارسي جي مشهور شاعر خاور رضوي جي وفات ٿي.

Thursday, 13 November 2025

SINDH in history today (14th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {14th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ******************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Moon light is not for to help moon in searching of its own way in dark nights. In such a way earth & sky, sun and human beings are not for own & self. Nothing is our and nothing is ever lasting. Health & wealth, life & age and even beauty. Hence, it is natural to be part of universe and its culture] پرین ! نہ اٿس پاڻ لاء، ھوء جا چنڊ جي چاندوڪي، جنھن من سرت کي، سمجھیو سونھن کي ڪڏھوڪي، تنهن ریت نہ پوء روڪي، نوڙت دعا سلام جي. ************** EVENTS 1843: The Collector of Karachi, forwards to Commissioner a petition from Syeds of Thatta , praying that Rs.1400 per annum be continued as it was granted by Sindh Rulers for the support of their religious activities. The Collector disfavours this petition. 1847: The Collector of Shikarpur prepares Memorandum on the history of Shikarpur. It is a wonderful and important document ever compiled by English to trace the history of Shikarpur. 1857: It is notified for all the officers and concerned quarters that spelling of the word 'Sind' be adopted in future. Prior to this it was being written in different spellings. 1916: Arya Samaj, one of the oldest NGOs of Karachi, elects its office - bearers. Dayaram Hemraj, Rewachand Bhugtani and Chandra Bhanu Shewak are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1919: A pamphlet is distributed in Larkano bearing names of leading Khilafat leaders such as Jan Muhammad Junijo, Pir Turab Ali Shah, Moulvi Muhammad Aqil, Seth Khudadad Khan Surahio and others. It is Rejoinder to the pamphlet issued by Anjuman Islam and Municipalty of Larkano. In this pamphlet people are advised to attend public meeting on 17th instant and do not believe in misguiding pamphlet by Anjuman Islam. 1944: G.M.Syed and Syed Ghulam Hyder Shah are re - elected president and General Secretary of the Sindh Muslim League ************** BIRTHS: 1. Girdharlal 'Garija' (Shikarpur - Mumbai/Writer/1931), 2. Faiz Muhammad Talpur (Jhudo/Writer/1938 ), 3. Altaf Shaikh (Hala/Writer/1944), 4. Abro Gul Hassan 'Ghamghen' (Hothi/Poet/1952), 5. Altaf Bedar (Larkano/Writer/1958 ), 6. Allah Bux Qureshi (Nasirabad/Journalist/1970) ************** DEATHS: 1. Seth Sobhraj Chatomal (Shikarpur/Social Worker/1928 ), 2. Moulana Zahur -ul- Hassan (Religious Scholar/1972), 3. Hakim Sufi Lal Bux Kandhro (Kandhro/Writer/1984) SINDH IN HISTORY TODAY ( 14th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ************** 14 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ. تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ *************** ڪجھ واقعا ************** 14.11.1838: ڪئپٽن برنس اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآبادي مير لاهي پاهي خيرپوري ميرن کي مڇرائن ٿا ته اوهان فرنگي ايجنٽن کي ٿڙي ڪڍو. پر شڪر آھي جو خيرپور وارا سندن ڳالهين ۾ نه ٿا اچن. برنس اهو به ٻڌايو ۽ لکيو ته مان پنهنجئ فوج لاء ھتي اناج، اٺ ۽ گاه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آھيان. 14.11.1842: ھڪ ئي ڏينهن تي فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي ٻه خط لکيا. انهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). ميرن کي منهن ڏيڻ لاء جي چاهين ته وڌيڪ فوج موڪليان. پر سمجهان ٿو هنن سان پڄڻ جيتري تو وٽ فوج آھي، وڌيڪ گهرجئي ته ٻڌائجان، 2). ڪو مير مستي ڪرئي ته هن جي زمين ۽ مال ملڪيت ضبط ڪجان ۽ اهڙي سزا ڏجانس جنهن جو هندستان ۾ مثال موجود نه هجي، بلڪ مثال ٿي پئي. 14.11.1843: مير ٺٽي جي سيدن جي مالي مدد ڪندا هئا، جيڪا فرنگي سرڪار بند ڪئي. ان تي سيدن سرڪار کي درخواست ڪئي ته کين 1400 روپيا سالياني سرڪاري مدد ڏيو. اها درخواست ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي، پر ان تي سيدن جي گهر خلاف نوٽ ھنيائين. ٺٽي جي سيدن جي انهئ مامري تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. 14.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ شڪارپور جي تاريخ تي نهايت اهم دستاويز لکيو. 14.11.1857: هن کان اڳ ”سنڌ“ لفظ انگريزئ ۾ مختلف مختلف صورتن ۾ لکيو ويندو هو. اڄ ڪمشنر طرفان سمورن عملدارن کي تاڪيد ڪيو ويو ته Sind لکيو وڃي. 14.11.1961: خان عبدالغفارخان ۽ جي.ايم.سيد ڄڻ ڄاوا ئي جيل پوڻ يا نظربند ٿيڻ لاء ھئا. اڄ خان غفار خان جي نظربندئ ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي. 14.11.1993: فاروق لغارئ پاڪستان جي صدر طور قسم کنيو. پيپلز پارٽئ کيس پنهنجو سمجهي صدر بڻرايو. پر هن ئي پيپلز پارٽئ جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪئي. 14 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون {جنم ڏينهن}: 14 نومبر 1889ع ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهروجي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 14 نومبر 1931ع ناول نگار گرڌاري لال گاريجا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي 14 نومبر 1938ع جهڏي جي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ٿيو 14 نومبر 1944ع مشهور سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو هالا ۾ جنم ٿيو 14 نومبر 1952ع شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1958ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1970ع نصير آباد سان تعلق رکندڙ صحافي الهه بخش قريشي جو جنم ڏينهن آهي {وڇوڙو}: 14 نومبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتومل (شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 14 نومبر 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا ظهورالحسن درس جو انتقال ٿيو 14 نومبر 1984ع ليکڪ صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي وفات ٿي. 14 نومبر 2017ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ستار ڀٽي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday, 12 November 2025

SINDH in history today (13th November). By. Dr.Pathan ^ his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {13th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Without Human love & respect in heart, one cannot see beauty and understand vision & wisdom. He/ She is blind in spite of eyes and deaf with ears. He/She is high risk for all including values & knowledge] جي ناھي نظر نینھن جي، تان اندر ٻاھر انڌوڪار، محبت انسانیت ماٹھپو، علم ۽ عقل ان لاء بیڪار، دنیا ۽ پاڻ لاء آزار، سدا بیزار سرت سلام کان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (13th of November) ************* BIRTHS: Murli Bhawnani (Hyderabad > New Delhi/Scolar/1928),Arjun Chawla (Writer/Writer/1932),Haji Shah Muhammad Channo (Chhato Wahan/Folklore Poet/1948), Abdul Ghafoor Jokhio (Ghulam Muhammad Jokhio/Social worker/1961). ************** DEATHS: Wadhumal Bilaram Advani (Hyderabad/Politician/1939),Iskandar Mirza (Ex-President of Pakistan/1969), Muhammad Shah Amroti (1987). ************** EVENTS: 1844: Relatives of Seth Naumal are victimized by Sir Charles Napier and his administration. Diwan Chandiram Mukhtyarkar Talti is fined Rs.5000 and two years imprisonment, Pohomal Mukhtyarkar Laki is awarded fine of Rs.1000 and two years imprisonment, Jethmal Mukhtyarkar of Manjhand is awarded Rs.2000 fine and two years imprisonment and Hasoomal Mukhtyarkar of Petaro is awarded fine of Rs. 1000 and two years imprisonment. 1857: The war of independence (Mutiny as termed by British Government) is ended with fall of Delhi on 20th October. Kelat and other friendly states of British Government are happy. They offer their congratulation to the Commissioner of Sindh. 1894: Sindh Sabha presents Memorandum to the Viceroy of India who is on Sindh visit. In this Memorandum the attention of the Viceroy is invited to the backwardness of Sindh in Higher education. (Source: ‘Source-Material on Sindh Sabha’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: A big public meeting is held Thatto by the local branch of Khilafat Tahreek. Pir Ghulam Mujadid Sarhandi is in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat is condemned at large. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: 2-day Khilafat Conference is held at village Khabar Khan of Shahdadpur Taluka. Pir Ghulam Ali Shah, the President of Conference and other speakers advise people to promote local industry. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is reported that handsome number of Indian Muslim migrants has reached Pakistan and they are: 35,000 from Sarhanpur, 35,000 from Jalandhar, 8000 from Adampur and 10,000 from other parts by foot. (Source: Newspapers), 1953: Pakistan Muslim League stands divided on the issue of ‘national language’. No any language is selected. (Source: Newspapers). 1956: People are more to be kept away from agitation against One-Unit, hence Section 144 has to remain imposed. But, it is challenged in the West Pakistan High Court, today.(Source: Newspapers). 1959: It will take one and half year more to think about new Constitution for country, President Ayub tells press in Tahran. (Source: Newspapers). 1969: Z.A.Bhutto, Mir Rasool Bux Talpur and 11 others are arrested under Defence of Pakistan Rule. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1971: New Prime Minister of Pakistan must be from East Pakistan. Otherwise people of that area will think that they are born to be ruled by West Pakistan, says Senior politician Noor-ul-Amin. (Source: Newspapers). 1982: Begam Nusrat Bhutto is permitted to go abroad for medical treatment. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) SINDH IN HISTORY TODAY (13th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.11.1839: سيٺ نائونمل انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. شروع ۾ انگريزن به ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء سندس قدرداني ڪئي ۽ هن جي مائٽن کي روينيو کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن کي نوڪرين مان به ڪڍيو ۽ مالي ڌاڌلين جي ڏوه ۾ سزائون به ڏنيون. سندن تفصيل هن ريت آھن: 1). ديوان چنديرام { هي ٽلٽئ جو مختيارڪار هو. کيس 5 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}، پوهومل {هي لڪئ جو مختيارڪار هو. کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ملي}، ڄيٺمل {هي مانجهند جو مختيارڪار هو. کيس 2 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}, هاسومل {هي پيٽارو جو مختيارڪار هو ۽ کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}. 13.11.1840: فرنگين جو سنڌ ۾ مصروف ”انٽيليجنس بيورو“ اڄ پنهنجئ سرڪار کي مخفي رپورٽ موڪلي ٿو ۽ ان ۾ لکي ٿو ته مير رستم علي سان ندئ پار شڪار تي وڃڻ ٿيو ته مون کي هن سان خلاصو ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون کيس هوشيار ڪيو ته اوهان جو وزير فتح محمد غوري بدنيت ماڻھو آھي. هن اوهان ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ چاهي ٿو ته مير رستم علي انگريزن جي ويجهو نه وڃي. ان ڪري اوهان هن کان هوشيار رهو ۽ سندس ڳالهين ۾ نه اچجو. 13.11.1920: ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء واري ميدان ۾ پير غلام مجدد سرهندئ جي صدارت ۾ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. انهئ ۾ انگريزن جي ترڪ ۽ اسلام دشمنئ کي نديو ويو. 13.11.1924: مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان تعلقي شھدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئئ ۾ پير غلام علي شاه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ تقريرون ڪندڙ سرڪار جي ندا ڪرڻ کان سواء عوام کي صلاح ڏني ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجھ ڏيو ته جيئن سرڪار جي نوڪري ڪرڻ کان پاڻ بچائي سگهو. 13.11.1947: سرڪاري طور تي انڊيا مان پهچندڙ پناهگيرن جو تفصيل ٻڌايو ويو ته 10 هزار پيدل پنڌ ڪري پهتا، 35 هزار سرهانپور مان آيا، 35 هزار جالنڌر مان آيا ۽ 8 هزار آدمپور مان پهتا. 13.11.1958: هاڻي جي قيمت جي خبر عوام کي، پر اڄوڪي تاريخ تي سرڪار ڪلو کير جي قيمت ڏھ آنا مقرر ڪئي۔ 13.11.1968: مير رسول بخش ٽالپور، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين 11 سياستدانن کي ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ تحت گرفتار ڪيو ويو. 13. 11.1971: “ ڏاها ٿجو. ملڪ جو نئون وزير اعظم اوڀر پاڪستان مان ڪجو، نه ته بنگالي سوچيندا ته پاڪستان ۾ ھميشه محڪوم رکيا وينداسين ۽ ڪڏهن به حڪمراني ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو.“_ نورالامين جي صلاح. 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون جنم ڏينهن: 13 نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چاولا جو جنم ٿيو۔ 13 نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 13 نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 13 نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔ 13 نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاهه امروٽي انتقال ڪري ويو۔ 13 نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔

Tuesday, 11 November 2025

Sindh in history today (12th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {12th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty is not because of age and face. To believe in physical Beauty of own is the biggest self-dodge. Beauty is not everlasting like health and wealth. Ego can't make anybody Beautiful and second to none in Beauty. Self-praise can only misguide to misinterpret values. It is better to own, accept and respect human hearts without discrimination. Because, they are real places of peace & protection and Beauty & love] ناهين ناهين سهڻو صورت مورت ڪارڻ سائين, متان سونهن جي لهندڙ سج تي تون دوکو کائين, دولت حيثت ۽ انا نفرت جي ڏڍ تي پاڻ پڏائين, ڏوه ثواب سندي تون پاڻ-وڻي تشريح ٻڌائين., ڪنهن من-مندر-مسجد ۾ تون ناهين جيسيتائين, دشمن آھين سونهن امن سڪون جو سدائين. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (12th November) ************ BIRTHS: 12th November 1. Radha kirshan Kotwani (Bagrji/Last editor of 'Jote'/1917), 2. Saleem Halai (Poet/1918 ), 3. Talib Laghari (Haji Khan/Poet/1928 ), 4. Qamar Zaman Shah (Tikhr/Politician/1933), 5. Sikandar Bakhtyar Khoso (Osto Muhammad/Writer/1946), 6. Ali Gohar Khaskheli (Dokri/Folklore poet/1951), 7. Ali Ahmad 'Ajiz' Hakro (Khai/Poet/1962), 8. Badar Soomro (Lalurank/Artist/1970). ************* DEATHS: 12th November 1. Makhdoom Amin Muhammad Awal (Hala/Saint & Poet/1640), 2. Niaz Ali 'Niaz' (Larkano/Poet/1959), 3. Syed Muhammad Ali Shah Jamote (Matiari/Politician/1961) ************ EVENTS: 12th November 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. the deputation sent to Mir Noor Muhammad Khan has returned with positive results and this big break through will be in the greater interest of Govt. 1853: Sindh Commissioner directs the Collector of Shikarpur that the list of alineations (Jageer record) be updated with names of persons whom Jageers have been granted. 1919: It is the first day of Victory celebrations. Govt. and its most loyal people held public functions and greeted British Govt. on its military victory over Turky. 1928: Simon Commission is in Karachi and Sir Shahnawaz Bhutto and Miram Muhammad Shah are also its members. Muhammad Ayub Khuhro on behalf of the Sindh Muhammadan Association and Prof. Chhablani on behalf of Hindu Maha Sabha present Memorandum on the dispute of separation of Sindh from Bombay Presidency ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.11.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ اسان جي وڪيل مير رستم علئ سان مخفي ڳالهيون هلايون آھن, جيڪي اميد ڀريون آھن ۽ اسان جي وڪيل ڏاهپ سان مير رستم علئ کي حيدرآبادي ميرن کان ڪنهن حد تائين لاتعلق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. 12.11.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد منجھان پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون ڪي خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد جو نمائندو مرزا چئي ٿو ته مير جڏهن اوھان کي سنڌ مان فوج افغانستان موڪلڻ لاء رستو ڏنو آھي ته اوهان کي وفادار يار طور باقي ڪهڙي ثابتي ڏيڻي آھي. اوهان هاڻي اره زورائي ڇڏيو. 2). مير نور محمد چئي ٿو ته مون ته اوهان کي حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني آھي, پر اوهان نواب احمد خان لغارئ جي ٽنڊي ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ تي ضد ڪيو آھي. 3). سيد اسماعيل شاه ٻن پٽن سميت مون سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان جيڪڏهن محمد شاه کي خط لکيو ته ان تي گورنرل جنرل شڪ ۽ ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. محمد شاه ڪو اسان جو پڳ-مٽيو يار ڪونهي. هن جو پئ مري ويو ته به اسان هن سان رضاالاهي نه ڪئي. گورنر جنرل کي اسان جي خط تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي. 4). نواب احمد خان لغاري جڏهن به اچي ٿو اسان کي ڄڻ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چئي ته اها مير حڪمرانن جي اوهان تي ٻاجھ ۽ مهرباني آھي جو اوهان جو وار ونگو نه ٿيو آھي. هونء نه ته عوام اوهان کي ڪچو کائي وڃي, ڇو ته سنڌ ۾ فرنگين جي هجڻ کي عوام سٺو سونڻ نه ٿو سمجهي. 12.11.1919: برطانيه ۽ سندس اتحادين ترڪئ کي شڪست ڏني ته انھئ خوشئ ۾ ھندستان ۾ ”فتح جو هفتو" ملهايو ويو. اڄ انھئ جشن جو پهريون ڏينھن هئو. سنڌ ۾ به سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ وفاداري ثابت ڪندڙ سنڌين انھئ جشن کي ملهايو. پر اهو جشن ملهائڻ سرڪار کي سنڌ ۾ ڳچئ ۾ پيو. ڇو ته هن کان پوء "خلافت" ۽ "عدم تعاون" جون تحريڪون هليون ۽ عوام انگريز حڪمرانن خلاف ٿي بيٺو. 12.11.1928: "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ جي خلاف ته عوام وڏو آواز بلند ڪيو, پر پوء به اها ڪميشن سنڌ آئي. سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاه انھئ جا مقامي ميمبر هئا. اڄ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي حق ۾ ۽ پروفيسر ڇٻلاڻئ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ڪميشن کي پنھنجا پنهنجا ياداشت ناما پيش ڪيا. *************** 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 12 نومبر 1917ع اخبار "جوت" جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪوٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ *************** وڇوڙو: *************** 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ کي شهيد ڪيو ويو

Monday, 10 November 2025

SINDH in history today (11th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Dr..Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {11th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan * * ***************Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. طرف مڙوئي “تم“ ٿيا تون ئي قدر نظريو ۽ آھين اصول, علم خلق عقل مت شرم محبت ماڻھپو آھن هت فضول, انا متڀيد رنگ نسل هوڏ ضد هت دلين جو اٽل معمول, مٺا ٿئ نہ تون ملول, سرت سلام مدام تو سان سپرين. [Don't be scared. Every event is your Case Study. Observe and experience with Scientific approach. Your findings will be: 1). Spare and spend hours for anybody, but you can't get and take her/his seconds. 2). Assure anybody about your love, it will irritate her/him and create hatred for you, 3). Serve anybody, he/she will never spare you, 4). Excuse anybody, he/she will forgive you, 5). Respect anybody, you will be treated as weak and earn disrespect. These are our social Ground Realities. But, don't be disappointed. Because, you are flower with fragrance, beauty with boldness, love with dare. You are not fair, but an excellent, an ideal and role-model.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY (11th November) ************* BIRTHS: 11th November 1. Shewanand Shewakram (Tharoshah - Ajmir/Freedom Fighter/1903), 2. Lokram Dodija (Shikarpur - Poono/Writer/1907), 3. Ali Ahmad Brohi (Garhi Yasin/Writer/1921), 4. Raza Shah 'Raza' (Poet/1945), 5. Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1948 ), 6. Manzoor Qureshi (Darya Khan/Poet/1957), 7. Makan Shah Rizwi (Jhudo/Writer/1962), 8. Mohsin Raza (Ghirkan/Writer/1969) ************* DEATHS: 11th November 1. Gul Hassan Shah 'Majzoob' (Poet/1988 ), 2. Abdul Rashid Abbasi (Pir Goth/Social Worker/1999). ************* EVENTS: 11th November 1920: Public meetings are held by the local branches of the Sindh Khilafat Committee at village Mubarakpur and Mirpur Mathelo presided over by Ghulam Qadir Bhutto and Pir Illahi Bux respectively. 1923: A public meeting held at Karachi with Abdul Rahman in chair rejects ' Bombay Rules of Education - 1923' and terms it as against formal education, its system and future. 1929: First rank Muslim polititian meet at Karachi and form committee to create awareness about the importance of trade and commere in masses. It is attended by Seth Haji Abdullah Haroon, Sir Shahnawaz Bhutto, G.M.Syed, Muhammad Ayub Khuhro, Hatim Alvi and Qazi Abdul Rahman. 1948: Discussions are being made at high level, how to remove Sindh Govt. ? Migration on large scale and handing over of the Karachi are becoming disputes between Sindh and Pakistan governments. 1949: First ever Progressive Writer's Conference is held in Lahore. Sindh takes active part. 1950: Khairpur State sends aid of Rs.25,000 to flood - affected of Punjab. 1954: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee condemns the conspiracy of imposing One - Unit and terms it to as an effort to put sources and resources of other three provinces on the disposal of Punjab. 1965: Foreign press doubts involvement and interest of C.I.A in Indo - Pak military clash ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ يارهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.11.1838: اڄ برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير رستم علئ جي وزير جو پٽ شڪارپور ۾ منھنجئ خدمت چاڪرئ لاء مون وٽ ھئو. مون کيس خيرپور موڪليو آھي ته مير رستم خان کي ٻڌائي ته گورنر جنرل بهادر مون کي مير رستم علي خان سان سمجهوتي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آھي ۽ مان مير سان معاهدي ڪرڻ وقت سندس دوستئ ۽ وفادارئ جو قدر ڪندس ۽ اميد اٿم ته هو حيدرآبادي ميرن سان اسان بابت سهمت نه ٿيندو. 11.11.1845: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2930 مطابق حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته جيڪي جاگيردار فرنگي سرڪار جي آڻ مڃڻ ۽ سلامي ڪرڻ کان سواء مري ويا آھن ۽ انھن جي پوئنرين مان ڪو جاگير وٺڻ جي درخواست ڏئي ته وڏي جاچ پڙتال ۽ احتياط سان سندن ڪيس موڪلجو. 11.11.1920: ڳوٺ مبارڪ پور ۾ غلام قادر ڀٽي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ پير الاهي بخش جي صدارت ۾ جلسا ٿيا ۽ اتي ان موقعي تي مقامي "خلافت ڪميٽيون" ٺاهيون ويون. 11.11.1923: ڪراچئ ۾ بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ”ممبئي رولس آف ايڊيوڪيشن-1923" کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هنن رولس ۾ ”ملان اسڪولن" کي مڃتا ڏنل هئي ۽ انھن جي مالي مدد ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي وئي هئي. 11.11.1929: ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي ته مسلمانن ۾ تجارتي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪجي. هن گڏجاڻئ ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, سر شاهنواز ڀٽي, جي.ايم.سيد,محمد ايوب کهڙي,حاتم علوئ ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. 11.11.1947: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته انڊيا مان 14 هزار پناهگير ٽرينن ذريعي ۽ 2425 موٽرن ذريعي اچي پهتا. 11.11.1950: خيرپور رياست ٻوڏ جي ستايلن لاء پنجاب حڪومت کي 25000 روپيا امداد طور اماڻيا. 11.11.1954: حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئئ جي صدارت ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٻين قراردادن کان سواء ون يونٽ خلاف به ٺھراء پاس ڪيو ويو. اهو جيئن جو تيئن هن ريت آھي: "ورڪنگ ڪميٽي هن راء جي آھي ته سنڌ, بلوچستان ۽ فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحرڪ پنجاب جي سرمائيدارن, زميندارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آھي ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل, زمين, تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي. ون يونٽ جي هئ تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آھي. ان جي ذريعي پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو, جنهن جا خطرناڪ نتيجا لازمي آھن. سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب, زبان ۽ روايتن جي مالڪ آھي ۽ ان کي پاڪستان يا اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪاروائي ٿيندي." [اسان جي وڏڙن ون يونٽ خلاف تحريڪون ته هلايون. پر جن ون يونٽ ٺاهيو, انھن پاڻ کي ڊاٿو] 11.11.1974: پنجاب جو نواب احمد محمد خان قتل ڪيو. هي قتل ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پئجي ويو ۽ کيس ڦاهي چاڙھيو ويو. *************** {11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد. 1903ع آزادي جي تحريڪ جو ڪارڪن شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير). 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا)۔ 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي(مٽياري). 11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي[ ڳڙهي ياسين]۔ 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي(سيوهڻ / پونا). 1945ع شاعر رضا شاهه رضا۔ 1948ع شاعر يونس کونهارو۔ 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر۔ 1957ع شاعر منظور قريشي۔ 1957ع راڳي امير حسن۔ 1962ع شاعر ليکڪ سيد ماڪن شاهه رضوي۔ 1969ع ليکڪ محسن رضا۔ 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي۔ ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى۔ [وڇوڙو]: 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار. 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه(آرائين). 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب"۔ 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ)۔ 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات۔ 2018ع شاعره شاهده کوکر