1. Faqir Allah Rakhio
Mahar (Sadiq Ji Wandh/Poet/ birth 22nd May 1820),
2. Syed Panah Ali Shah
(Moro/Ex - Secretary Education/ birth 22nd May 1929), 3. Thanwar Satwani (Dadu/Ajmir/Writer/ birth 22nd
May 1936).
22nd May DEATH DATES
1. Hafiz Abu Muhammad
Salm Sindhi Muhadis (Religious Scholar/ death 22th
May 1846), 2. Pir Roshan Sarhandi (Saint/ death 22th May 1901) 3. Kavi Sant Sawami Pahlajrai (Khahi -
Divali/Poet/ death 22th May 1968 )
22nd May
EVENTS
Part1
1843: The importance
of Shikargahs of Sindh is realized by the Governore. Therefore he wants to
establish Department so as to derive profit from the timber and to make
Shikargah a great source of revenue. 1851: The Collector Karachi decides for erection
ofMarket and with his efforts Empress Market is erected on the place where some
revolutionaries were blown up with Cannon in connection with involment in
events of 1857. 1920: The Sindh Khilaft Committee sends share of
Rs.15000 to Moulana Muhammad Ali Johar through All -India Khilafat Committee.
The amount is to be utilized on sending Khilafat Deputations to other
countries.
Part2
1948: Karachi shall be
the capital of Pakistan, resolve the Constituent Assembly. 1949: The Working Committee of the Punjab Muslim
League demands resignation of the Non - Muslim Governor Sir Francis Mudie. He
was replaced in August that year. 1953: Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, Kazi Akbar,
Ali Nawaz Khan Mahar and Kazi Abdul Manan are inducted in Sindh Cabinet. 1963: President Ayub joins Convention Muslim
League. 1992: Prime Minister Nawaz Sharif asks India not to
interfere in Sindh. He claims that Al - Zulfikar connection with PPP will soon
be made public. Justifies Operation in Sindh. 1993: Taj Muhammad Jamali resigns as the Chief
Minister of Baluchistan
Dr Pathan: Sindh in history today (22nd May). Research & Video talk by Dr.Dur Muahamman Pathan. Daily History-telling since last decade. It covers very important events from Talpur Period, British Period and Contemporary Period. Unique work being done by one Man.
22.5.2022 تي مون طرفان اوهان کي سلام ۽ دعائون. اڳي ناني يا ڏاڏي ٻارڙن کي آکاڻيون ٻڌائي ننڊ ڪرائينديون هيون. پر آئون پهريون پنهنجو ننڊون ڦثائي اوهان لاء تاريخ مان ڪهاڻيون/واقعا چونڊيندو آھيان ۽ پوء اوهان کي قومي طور تي هوشيار, بيدار ۽ سجاڳ ڪرڻ لاء اوهان سان کي اهي ڪهاڻيون ٻڌائيندو آھيان. اسان زندگئ جي هر شعبي ۾ اکيون ٻوٽي هلڻ, هوائي ۽ غير منطقي ڳالهين کي قبول ڪرڻ, اصولن خواه قدرن جي پيروائي يا پوئواري ڪرڻ بدران نالي ماتر رهبرن کي پوڄڻ جا عادي بڻجي چڪا آھيون. ماضئ سان محبت ۽ گڏيل روشن مستقبل جو آئيندو اسان کان وسري رهيو آھي. فنا ٿيندڙ قوم جون ڪيتريون نشانيون اسان ۾ موجود آھن. اهڙن ذھنن ۽ دلين اڳيان آئون روز تاريخ جو آئينو رکندو آھيان ته من ڪو ان ۾ پنھنجو اصل چھرو ڏسي, سوچن ۽ لوچن جا قبلا درست ڪري. اچو آئينو ڏسون ۽ تاريخ پڙھون.
***************
22.5.1842:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ جي هٿان اڄ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي ٻه خط لکي ٿو.
هو پهرين خط ۾ لکي ٿو ته گذريل ٿورن هفتن ۾ افغانستان جون حالتون اسان لاء پريشان ڪن ٿي رهيون آھن. غزني ۽ جلال آباد ۾ جهڙوڪ انقلاب اچي ويو آھي. اسان جو شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ وارو تجربو به ڪامياب نه ويو. هاڻي اسان کي سنڌ جي حالتن تي وڌيڪ توجھ ڏيڻو آھي. اسان سفارتڪارن جا عهدا ۽ پگهارون وڌائي رهيا آھيون. ڪراچئ ۽ منوڙو نيول عملدار جي هٿ ۾ رکڻ گهرون ٿا. سنڌوندئ ۾ آگبوٽ ھلائڻ لاء قدم کڻي رهيا آھيون ۽ منوڙي ۾ فوجين جو انگ وڌائي رهيا آھيون.
هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته خيرپور ۽ حيدرآباد جي حڪمرانن کان سواء اسان کي خان آف قلات سان به افغانستان جي نئين صورتحال ۾ نيئن طريقي سان لاڳاپن کي مضبوط ۽ مستحڪم ڪرڻو پوندو. ڪراچي ۽ منوڙو ان کان سواء سکر ۽ بکر جو ٻيٽ اسان جي قبضي ۾ ھجڻ گهرجن. شڪارپور بدران اسان کي هاڻي سکر کي دفاعي ۽ تجارتي مرڪز بنائڻو پوندو.
22.5.1843:
سنڌ جي قابض فوجي گورنر نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي لکيو ته سنڌ جا ٻيلا اسان جي لاء آمدني جو وڏو وسيلو آھن. انهن مان اسان کي ٽمبر, پکي پکڻ, لاک, ماکي ۽ جهجهيون جڙي ٻوٽين ملنديون. مون کي اجازت ڏيو ته ٻيلن جي سار سنڀال ۽ انتظام لاء مان عملدار مقرر ڪريان.
22.5.1920:
حيدرآباد ۾ نور محمد وڪيل جي صدارت هيٺ ”سنڌ خلافت ڪميٽئ" جا گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ھي ڪم اڪلايو ويو: 1). پارٽئ جي آئين/دستور العمل تي ويچار ڪرڻ, 2). پارٽئ کي مقبول ۽ عوامي بنائڻ لاء مبلغ مقرر ڪرڻ, 3). پارٽئ لاء چندو گڏ ڪرڻ, 4). پارٽي جي شاخن جي ڪارڪردگئ کي ڏسڻ لاء ”گشتي وفد" ٺاهڻ, ۽ 5). ديسي هنرن کي هٿي وٺرائڻ لاء منصوبه بندي ڪرڻ.
اتي انھئ ڏينھن تي پير تراب علي شاه جي صدارت ۾ ”ھجرت ڪميٽئ“ جي گڏجاڻي به ٿي, جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته گورنر جي پولٽيڪل سيڪريٽرئ کي تار اماڻي ٻڌايو وڃي ته سنڌ جا 25 هزار مسلمان انگريز سرڪار جي مذھبي معاملات ۾ مداخت وارئ پاليسئ جي خلاف احتجاج طور افغانستان ڏانھن هجرت ڪرڻ لاء تيار آھن.
22.5.1934:
حيدرآباد جي نئشنل ڪاليج جي ڊراماٽڪ سوسائٽئ "بي بها موت" جي نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو. اهو ڊرامو نانڪ رام ڌرمداس آڏواڻئ جو لکيل هو. هن ڊرامي ۾ ھيرو جهانگياڻئ, اتو لالواڻئ ۽ وشنو آڏواڻئ اداڪاري ڪئي.
22.5.1848:
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ موشن کي منظور ڪندي, فيصلو ڪيو ته ڪراچي شهر ملڪ دائمي طو جي گادئ جو شهر رهندو.
4. Hussain Bux Kanhio (Allahrakhio/Writer/ birth 21th May 1949)
5. Muhammad AbidMazhar (Bajara/Poet/ birth 21th May 1951),
6. Vikram Shahani (Khairpur> Ahmadabad/Actor/ birth 21th May 1954).
21st May
DEATH DATES
1. Moulana Dur Muhammad Dol (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 21h May 1951)
2. Hyder Bux Jatoi (Hari Movement leader, Poet and Journalist/ death 21th May 1970)
21st May
EVENTS
1943: Motomal Dhanrajmal and Kishan Jewatram, both students of Larkana Municipal High School are arrested under Section 34 a (6) and 38 a (1) of the Defense of India Rules. Both are caught red-handed with political literature against the British Government and were found addressing students’ gathering to change their loyalty and insisting them to take part in the Freedom Movement.
1949: The ban previously imposed by the Government on ‘Rajb Gathering’ in Pir Jo Goth is withdrawn.
1950: I am in favour of making Urdu as Medium of instructions, says Sindh Education Minister, Agha Ghulam Nabi Pathan.
1953: Pirzado Abdul Sattar is sworn in as the Chief Minister of Sindh.
1955: Malik Feroz Khan Noon’s ministry is dismissed in Punjab. He is replaced by A.Hamid Dasti.
1958: Allama Mashrqi and other accused in Dr.Khan Sahib’s murder are handed over to police for judicial lock-up.
1962: Khan Abdul Ghaffar Khan to remain House-arrested till further orders notifies the Government.
1975: Agricultural College Tando Jam and Engineering College Jamshoro are upgraded as universities with effect from next financial year.
1977: Islamic Foreign Ministers’ Conference, held in Libya, criticizes the reported foreign intrigues in Pakistan.
1979: Islamisation as conceived by Zia starts. An Ordinance to check obscenity in films is promulgated.
1990: Colonel Qadafi assures all help to meet aggression against Pakistan. Talks are held between Benazir and him in Libya.
1993: Pakistan will not sign Non-Proliferation Treaty unilaterally, says Pakistani Foreign office Department.
[21/05, 3:09 am] Dr Pathan: Sindh in History Today (21st May).
Research & Video Talk by. Dr.Pathan.
سج,صبح ۽ مان ڪنھن ناغي کان سواء روزانو اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيون ٿا. منھنجي اچڻ جو مقصد آهي ۽ رهندو ته اوهان ۽ تاريخ وچ ۾ دوستي قائم ڪرايان ۽ تاريخ-بينئ, تاريخ-فھمئ ۽ تاريخ-نويسئ جي ماحول کي پيدا ڪيان.
اڄوڪي ويڊيو ٽاڪ ۾ ٻئ چڱئ خاصئ معلومات کان سواء, هيٺ ڏنل واقعن تي ٽيڪاٽپڻي ڪندي اوهان کي انھئ حوالي سان ڪجھ سوچڻ ۽ لوچڻ جي دعوت ڏني اٿم. وڊيو ٽاڪ ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو. پر, يوٽيوب تي سبسڪرائيب ضرور ڪريو.
اهي ڪي واقعا آھن:
21.1.1932
سنڌ جي ڪمشنر آر.اي. گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچئ جي مکيه روڊن رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني. انھئ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ, ايس. پي, ڪراچي ميونسپالٽئ جي نمائندي, ڪراچي ڇانوڻئ جي ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻن نمائندن تي ٻڌل " ٽريفڪ ايڊوائزري ڪميٽي" ٺاهي ته جيئن شروع ٿيندڙ موٽر بس سروس لاء قائدا قانون جوڙي. 21.5.1943
لاڙڪاڻي ميونسپل هاء اسڪول جي ٻن شاگردن: موٽومل پٽ ڌنراجمل ۽ ڪشن پٽ جيوترام کي “ڊفينس آف انڊيا رولس" جي مختلف قلمن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هو اسڪولي شاگرن کي سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائي رهيا هئا. هنن وٽان تحريڪ آزادئ وارو لٽريچر به هٿ ڪيو ويو. 21.5.1949
2. Muhammad Alam ‘Alam’ Hisbani (Poet/ birth 20th May 1929),
3. Ghulam Hyder Nizamani (Hayat Nizamani/Singer/ birth 20th May 1933),
4. A.Sultana Waqasi (Poetess/ birth 20th May 1951),
5. Kumar Khilwani (Shikarpur> Thana/Artist/ birth 20th May 1955),
6. Arbab Ali ‘Adil’ Chohan (Shikarpur/Poet/ birth 20th May 1957),
7. Ali Athar Moosani (Rohri/Poet/ birth 20th May 1960),
8. Anees Hajano (Hajana/Journalist/ birth 20th May 1971),
9. NazirMalah (Salimabad/Writer/ birth 20th May 1974).
20th May DEATH DATES
1. Syed Ali
Bakhri (Saint & Scholar/ death 20th
May 1374)
2. Yar Muhammad‘Muslim’
Tanwri (Jacobabad > Karachi/Poet/ death 20th
May 1966),
3. Dr. Noor Muhammad Talpur (Scholar/ death 20th May 1975).
20th May
EVENTS
1847: Boundary survey of Rohri distric is completed and
Farrington, Dy.Collector of Rohri forwards a sketch of the District and town of
Rohri to the Government of Sindh. 1852: Every Department starts submitting its
Annual Reports to the Government. Today Report about working of Police is
submitted to the Commissioner, Sindh. 1920: Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood
Amroti and Hakim Shamisuddin Ahmad Kazi are elected as President, Vice
President and Joint Secretary respectively of the Sindh Khilafat Committee. It
has also been notified by the Khilafat Committee that so many Managers of Deni
Madressahs have declared that in future they will not accept or request for financial
aid for their Madressahs and Schools from the Government. Some of them are:
Khalifo M.Usman of Mured Machhi (Mirokhan), Moulvi Muhammad Hassan of Sujawal
Gopang, Moulvi Din Muhammad of Buthi; Moulvi Muhammad Alam of Mahboob Tunyo;
Moulvi Muhammad Azam of Pind, Merokhan; Mulan Imran of Tando Ali Murad; Moulvi
Khair Muhammad of Chhto Joyo; Moulvi Fatih Muhammad of Hasil Jamali; Moulvi
Qadir Bux of Drib Chandio and Hafiz Abdul Ghani of Bhanbho Chandio. 1922: A public meeting is arranged by Aman Sabha
of Tando Bago under chairmanship of K.B.Mir Ghulam Muhammad.It is attended by
Keswandas, Mukhi Hiromal; Bhai Topanmal; Edanmal and Tourmal. Moulvi Abdul Aziz
Pro-Government Moulvi is specially invited to share his knowledge about
Khilafat and advise people not to take part in any agitation launched by
Khilafat Committee. 1947: Bazim-i-Mushaera of Larkano arranges
Poetic Sitting. The Poetry presented was later on published in ‘Adeeb Sindh’. 1951: Major General Nazir Ahmad is arrested in
connection with Rawalpindi Conspiracy Case. 1956: Chief Minister of East
Pakistan is not allowed by the Speaker of East Pakistan Provincial
Assembly to present Budget. 1968: Pakistan
has given notice to U.S.A for termination of lease of the American
Communications Unit at Badaber, near Peshawar,
the National Assembly is told. 1973: PPP government is the modern shape of
dictatorship. It is neither in the interest of democracy, nor in the interest
of people, blames Asghar Khan. 1977: Four killed and 16 injured in
anti-government riots is Sialkot.
Curfew is imposed. Unrest prevails in Karachi
and Lahore. 1978: Z.A.Bhutto’s appeal against Lahore High
Court judgment is hearing by the full bench of the Supreme Court.
Sindh in history today (20th May). Research & Video Talk by Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
20.5.2022 جي پرڀات آھي ۽ رات جي پڄاڻي ٿيڻ واري آھي. آئون السلام عليڪم , نمستي ۽ هٿ جوڙ سان اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. سج اڀرندو ته ننڊ مان سڀڪو اٿي پوندو. مان به چاهيان ٿو ته شال قومي ۽ اجتماعي طور تي غفلت وارئ ننڊ مان اسان به جاڳي پئون.
خطرناڪ حالتون آھن: قدرن جي پوئواري ڪانه ٿا ڪيون, شخصيتن جي پوڄا ڪريون ٿا. ڪا ڳالھ ٻڌڻ/پڙھڻ/سمجهڻ لاء تيار ناهيون, هڪ ٻئي کي معاف ڪرڻ/برداشت ڪرڻ لاء تيار ناهيون. ڪنهن ڳالھ مان خوبيون ڪڍڻ بدران هر ڳالھ مان خامين ڪڍڻ جا ماهر ٿي ويا آھيون. علم آھي, پر عمل ڪونھي. قول آھي, پر فعل ڪونهي. اسان غيرن جا سهولتڪار ۽ پنهنجن جا ويري بڻجي چڪا آھيون. قومي اتحاد بدران پنهنجي هڪ سر جي مسجد ٺاهي ويٺا آھيون. مڃڻ بدران مڃائڻ تي ڳنڍ ٻڌي بيٺا آھيون. تاريخ جي اسان تي نظر آھي ۽ اسان تاريخ کي ڏسڻ/ٻڌڻ/پڙھڻ لاء تيار ناهيون. پوء به تاريخ اسان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي ۽ گهڻو ڪجھ سمجهائڻ چاهي ٿي.
20 مئي تي تاريخ اسان جو توجه ڪن واقعن ڏانھن ڇڪرائڻ گهري ٿي. اهي حاضر آھن. مون پنهنجو وڊيو ٽاڪ به هن سان شامل ڪيو آھي, جنهن ۾ وڌيڪ تفصيل موجود آھن. پنهنجي تاريخ پڙھو ۽ ٻڌو. سنگت ۾ ونڊيو ۽ وڊيو ٽيوب تي وڃي سبسڪرائيب ڪريو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
20.5. 1920:
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ 1920 جو سال وڏي اهميت وارو هو. خاص طور تي "خلافت تحريڪ" وڏو زور ورتو ۽ عوام ڌارين انگريزن جي دشمنئ ۾ روڊن رستن تي نڪري آيو. سال جي پهرين مهيني ۾ 4.1.1920 تي حيدرآباد, 6.1.1920 تي لاڙڪاڻي ۽ 30.1.1920 تي پاٽ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنسون ٿيون.
اڄوڪي ڏينھن (20.5.1920) تي خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽي واقعا ٿيا: (الف). سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ۽ خزانچي, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو.
(ب). جيڪب آباد ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي احوال تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
(ت). عوام سرڪار کان گرانٽون وٺڻ کان انڪار ڪيو, ڪيترن نوڪريون ڇڏيون. اهو سلسلو سمورئ سنڌ ۾ شروع ٿيو. هتي لاڙڪاڻي ضلعي جو مثال پيش ڪجي ٿو.
ھنن ماڻھن پنهنجي ملان اسڪولن لاء سرڪار کان مالي گرانٽ نه وٺڻ جو اڄ اعلان ڪيو ۽ اهڙو اطلاع لکت ۾ ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي ڏياري موڪليو. اهي آھن: خليفو محمد سليمان (ڳوٺ مريد ماڇي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولوي خير محمد (ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊرٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو خان چانڊيو).
20.5.1922:
خلافت تحريڪ جي زور گهٽائڻ ۽ ماڻھن کي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ لاء فرنگي سرڪار پنهنجي وفادارن کان سنڌ ۾ ”امن سڀا" نالي جماعتون ٺھرايون. اڄ ٽنڊي باگي جي امن سڀا طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. ان جي صدارت خانبهادر مير غلام محمد ڪئي. سرڪار پرست مولوي عبداعزيز کي خاص طور تي حيدرآباد مان گهرايو ويو هو جيئن هو عوام کي خلافت تحريڪ کان پري رهڻ لاء تقرير ڪري.جن ٻين مکيه ماڻھن ھن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: مکي هيرومل, ڪيسوداس, ڀائي ٽوپومل ۽ عيدنمل.
20.5.1968:
نئشنل اسيمبلئ ۾ سرڪار ٻڌايو ته پشاور ويجهو بڊابير ۾ آمريڪا جي قائم ڪيل ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم پئي ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا کي نوٽيس ڏنو ويو آھي.
20.5.1977:
پي.اين.اي وارن جا ڀٽي-حڪومت خلاف وڳوڙ روز به روز وڌندڻ لڳا. اڄ سيالڪوٽ ۾ چار وڳوڙي ماريا ويا. ان ڪري اتي ڪرفيو لڳايو ويو. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ حالتون ابتر رهيون.
20.5.1978:
ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ ڦاهئ جي سزا ڏني ته هن انھئ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. اڄ انهئ اپيل جي ٻڌڻي شروع ٿي.
***************
{20 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
20 مئي 1914ع شاعر واڌومل بيچين جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1929ع شاعر عالم هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1933ع لطيف جي راڳئ غلام حيدر نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1946ع شاعر ۽ مصور اياز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1955ع اداڪار ڪمار کلواڻي (شڪارپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1957ع شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
1. Ghulam HussainShaikh ‘Misken’ (Shikarpur/Poet and father
of ShaikhAyaz/ birth 19th
May 1875),
2. Najima Noor Phulpoto (Khairpur/Poetess), Hafiz Rahim
Lakhan (Qadirpur/Writer/ birth 19th
May 1961),’
3. Miskeen’ Paatai (BahramChandio/Poet/ birth 19th May 1962),
4. Atia Batool Tunyo (Sukkur/Writer/ birth 19th May 1976).
19th May DEATH DATES
1. Moulana Pir Rushdullah Shah Rashdi
(Jhando/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 19th May 1922),
2. Mirza Qurban Ali Baig ‘Qurban’ (Tando
Agha/Poet/ death 19th May 1932),
3. Moulana Bahuddin ‘Bahai’ (Religious Scholar & Poet/ death 19th
May 1933),
4. Moulana
Muhammad HassanTalpur (Tando Jam/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 19th May 1963),
5. Moulana Abdul
Baqi (Hamayoon/Religious Scholar/ death 19th
May 1964),
6. Duwarka Parsad
Sharma (Dadu> Jaipur/Journalist & Freedom Fighter/ death 19th May 1966).
19th May
EVENTS
1845: The draft of treaty between His Highness Mir Ali Murad
Khan and Government of India is sent by Charles Napier with remarks that all
lands held by Mir Ali Murad Khan in north of Rohri belong to him by gift and
those in the south of Rohri are his by right. 1849: The Government of Bombay approves Rules
for (Civil) Justice for Sindh as proposed by the Sindh Commissioner. 1916: The lecture program is organized by ‘ The
Young Amil’s Association of Karachi that is chaired by Vazirmal, Registrar of
the Judicial Commissioner and lecture is delivered by Achalsing Awani on the
topic of ‘ Deti Leti and Amil Marriage’. 1920: Moulana Muhammad Sadiq of Khuda is sharing
account and details of Jacobabad Khilafat Conference in public meeting at Karachi. Muhammad
Hussain, one of from audience breathes his last as the story of political
sorrows and longings was unbearable and terrible for him. Is it not a tragedy
of our history that leaders are given undue place in the pages of history and
common workers are ignored at all. Who knows Muhammad Hussain and his
attachment with ideology? 1848: India
will not welcome back those who have left India
and migrated to Pakistan
on their own. They are not Idian citizens more, declares Indian Government. 1951: Seth Fida Alibhai, Sardar Baz Muhammad
Jogezai and Yahya Bhakhtiar resign as members of the ‘Balochistan Council’
constituted by the Government of Pakistan. 1952: Fifty-two persons are arrested in Karachi on account of
attacking ‘Ahmadi/Qadyani Convention’ held there. 1953: Sindh Muslim League must comply with
instructions of the Pakistan Muslim League on Cabinet- making/formation task,
says Khuwaja Nazimuddin PML President. 1958: Muslim League, Nizam-i-Islam Party and
Jamait-i-Islami form an alliance for the next general elections. 1960: Khan Abdul Ghaffar Khan is disqualified
from taking part in politics. 1977: imposition of Martial law by PPP
Government is challenged by PNA in Lahore High Court. 1991: Terrorist kills 4 innocent people in
Hyderabad. 1996: Cabinet Committee on Privatization
approves sale of Bankers Equity Ltd tp LTV Consortium.
Sindh in History Today (19th May).
Research & Video Talk.
19 مئي جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ جا هي واقعا اسان جو توجھ ڇڪرائي غور فڪر ڪرڻ جو تاڪيد ڪن ٿا: 19.5.1839
منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي شھر فرنگين جي قبضي ۾ آيا ته عوام ان تي مزاحمتي ردعمل ڏيکاريو. ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌائون ۽ ڪيترائي اٺ فوج کان ڦري ورتائون. نائونمل ۽ ٻين جي مدد سان 20 سنڌي پڪڙيا ويا. انهن مان 5 ڄڻن باسيو ته ڪيئپٽن هينڊ جي قتل وقت ھو موجود ھئا. اسان جي حڪمرانن فرنگين سان راضپو ڏيکاريو ته ڀلي ڏوهارين کي ڦاهئ چاڙھيو. 19.5.1839
فرنگين جي حيدرآباد واري مقامي ايجنٽ منشي ڄيٺانند اڄ سنڌ جي ريزيڊنٽ کي تفصيلي خط لکي, ڪراچئ کان ميرپور خاص ۽ خيرپور تائين عوامي ردعمل ۽ حڪمرانن جي روين بابت تمام اهم معلومات ڏني آھي. هئ خط سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم دستاويز/سورس مٽيريل جي حيثيت رکي ٿو. خط ۾ ان دور جي سمورن حڪمرانن کان سواء نواب احمد خان لغارئ, مرزا خسرو, جهان خان ۽ تقي شاه بابت اهم معلومات ڏنل آھي.
19.5.1843
مير صوبدار خان, جيڪو جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ قيد آھي, اھو اتان ممبئئ جي گورنر کي خط لکي کيس نيپيئر جي بڇ تي ٿيل حيدرآباد جي قهري ڪارواين جو تفصيل ڏئي, گهر ٿو ڪري ته ڦر لٽ دوران لٽيرا فوجي انگريزن سان ٿيل معاهدن واريون اصل ڪاپيون به کڻي ويا هئا, اهي مون کي واپس وٺي ڏيو.
19.5.1920:
"الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ هڪ عجيب ۽ انوکي خبر شايع ٿي. خبر آھي ته ڪراچئ جي کڏي واري مدرسي مظھرالعلوم ۾ خلافتي جيڪب آباد وارئ خلافت ڪانفرنس جا هڪ ٻئي کي حال احوال ڏئي رهيا هئا. سڀني خيال سان پئي ٻڌو. اوچتو هڪ شخص, جنھن جو نالو محمد حسين هو, سو "الله اڪبر, الله اڪبر" جا نعرا بلند ڪندي , پهريون بي خود ٿي ويو ۽ پوء سندس دم پرواز ڪري ويو.
19.5.1948:
انڊيا حڪومت اعلان ڪيو ته هتان جيڪي به ماڻهون پناهگير ٿي يا هجرت ڪري سرحد ٽپي ويا آھن, انھن مان جيڪڏهن ڪو موٽيو ته هن کي قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته اهي پنهنجئ مرضئ سان هي ملڪ ڇڏي ويا آھن.
19.5.1958
" سنڌ مسلم ليگ کي حڪومت ٺاهڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ مرڪزي مسلم ليگ جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو"- پاڪستان جي مسلم ليگ جي صدر جو نادري حڪم جاري ٿيو.
19.5.1960:
خان عبدالغفار خان کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل ڪيو ويو. هو آزادئ جي تحريڪ جو هڪ مثالي اڳواڻ هو.
19.5.1977
ڀٽي طرفان جزوي طور تي ڪن شهرن ۾ لڳايل مارشل لا کي پي.اين.اي وارن لاهور هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.
19.5.1991
حيدرآباد شھر ۾ دهشتگردن رت جي هولي کيڏي. 4 بيگناه شھري اجل جو شڪار ٿيا.
سنڌ جي شهرن ۾ ٿيل دهشتگردئ تي گل حيات معياري ۽ مقداري مواد گڏ ڪيو آهي, جيڪو
Sorrows of Cities
جي عنوان سان محفوظ ڪيو ويو آھي.
وڊيو ٽاڪ ۾ ان کان سواء کوڙ ساري اضافي معلومات موجود آھي. ساڃھ-وند سڄڻن کي اهو ڏسڻ, ٻڌڻ ۽ ونڊڻ جي دعوت ڏجي ٿي. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو.
پنهنجو خيال رکجو.
***************
{19 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
19 مئي 1864ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ آزادي پسند سيد عبدالحڪيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1875ع شاعر غلام حسين شيخ (شيخ اياز جو والد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1961ع شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
3. Ramesh Mehta (Karachi >Mombai/Singer/ birth 18th May 1929),
4. Ghulamm SarwarBhatti (Nasirabad/Folklore Poet/ birth 18th May 1943),
5. Chandro Nankani (Baroda/Singer/ birth 18th May 1952),
6. Mir Muhammad Bughio (Khairpur Nathan Shah/Journalist/ birth 18th May 1977),
7. ‘Firaq’ Halepoto (Sirajuddin/Poet/ birth 18th May 1980)
18th May DEATH DATES
1. Shaikh Abdul
LatifSani (Luwari/Saint/ death 18th May 1821),
2. Mirza Madad
Ali Baig ‘Madad’ (Hyderabad/Poet/ death 18th
May 1930),
3. Pir Ali
BuxBhittai (Bhit Shah/Singer/ death 18th
May 1933),
4. Dr.Saeed Halai
(Port/ death 18th May 1985)
18th May
EVENTS
1832: Colonel
Pottenger informs his Government that Mir Naser Khan of Mirpur makes overtures
for a separate treaty on favouring terms but he refuses to do anything without
the knowledge of Mir Murad Ali of Hyderabad and without orders of Governor
–General. 1922: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’.
Meetings are held and processions are taken out. 1926: ‘Amature Dramatic Society’ of Jacobabad
stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkana. The income will be donated to Gaoshala
of Jacobabad. 1936: ‘Civil Liberties Union’
is formed in Sindh with Jamshed Mehta as its founder president. 1950: The PeshawarUniversity
comes into existence. 1952: Qadianis’ Convention at Karachi is rampaged. 1962: The former chief justice Muhammad Munir is
appointed Law Minister of Pakistan. 1971: U.N.O Secretary-General U Thant issues
worldwide appeal for aid to the East Pakistani Refugees, now in India. 1975: Arrested defunct NAP leaders to remain at
Sihala, Supreme Court orders. 1986: PML(N) decides to remove Syed Fakht Imam from
the National Assembly speakership. 1991: Dr.Qadir Magsi disassociate himself from Jeay
Sindh and announces his own party. 1992: Overspending on military can led to
disintegration. Benazir calls for arm-cut agreement with India. 1994: U.S.A to send its technical proposal for
‘non-intrusive nuclear inspection’ . Step is aimed at verifying that Pakistan does
not possesses any nuclear weapon.
Sindh in history today (18th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
سڄڻو ! السلام عليڪم. نمستي ۽ گڊ ڊي.
آئون سالن کان انھئ ڪوشش م آھيان ته اوهان ۾ پنهنجئ تاريخ سان دوستي رکايان. ان لاء روز ڪن واقعن, ڪن شخصيتن جي ولادتن يا وفاتن جو نموني طور اوهان اڳيان تفصيل پيش ڪندو آھيان. جن ماڻھن جي ولادتن يا وفاتن جون تاريخون ڏيندو آھيان, اھي منھنجا يار دوست يا مٽ مائٽ ڪونھن. هو ڌرتئ ڄاوا آھن ۽ منهنجي ڌرتي/سنڌ ڪا سنڍ ڪانھي. تاريخ جو ڪو اهڙو ڏينھن ڪونھي, جنھن تي هن ڌرتئ ڪنھن عالم/اديب/شاعر/صحافئ/سياستدان/سماجي سڌارڪ/ فنڪار کي جنم نه ڏنو آھي. مان فقط اهي تاريخون ٻڌايان ٿو, جن جي مون کي خبر آھي. اها سڀ سنڌي ڪوشش وٺي پنهنجي خاندان/ڳوٺ/ تر جي مشهور شخصيتن جي ولادتن/ وفاتن جون تاريخون لکڻ/گڏ ڪرڻ شروع ڪيون ته سنڌ جو علمي خزانو وڌائي سگهون ٿا. پر سياست کان سواء اسان علمي/قلمي ڪم کي قومي ڪم سمجهون ئي ڪونه ٿا. ان ڪري تاريخي تحقيق تي اسان وٽ ڪم ٿئي ئي ڪونه ٿو. البته ڊگرين وٺڻ ۽ نالي ڪمائڻ لاء اسان لکون ٿا ۽ ڪتاب ڇپرايون ٿا.
تاريخي واقعا پڙھڻ ۽ سمجهڻ سان به اسان جي دل نه ٿي لڳي. جڏهن ته انھن جي پڙھڻ سان اسان جي سوچ ۽ لوچ کي نئون دڳ ملي ٿو. اسان تاريخ جي مطالعي ۽ تاريخ نويسئ کي نظرانداز ڪري, پاڻ کي وڏو فڪري ۽ نظرياتي نقصان ڏنو آھي. تاريخ ڀلي ڪوڙي يا اڌوري هجي,پر سياڻا ۽ سپورنج ان مان سبق پرائيندا آھن. اسان تاريخي مطالعي ۽ تاريخ نويسئ تي ڌيان نه ڏينداسين ته اڌ پڙھيل ليکڪ اسان کي اڌوري ۽ اڻ پوري تاريخ اسان جي مٿي ۾ ھڻندا.
18 مئي جي حوالي سان هڪ طرف مان اوهان کي لکت ۾ به مواد ڏيان ٿو ۽ ٻئي طرف وڊيو ٽاڪ ذريعي اضافي معلومات به ڏيان ٿو. آئون روزانو پنهنجي تاريخي مواد ۾ اضافا ۽ سڌارا آڻي اوهان کي تاريخ ٻڌايان ٿو. هئ محنت اوهان سان محبت هجڻ ڪري ڪريان ٿو. هئ منھنجي خدمت ناهي, پر ڌرتئ جي قرض لاهڻ جو فرض آھي. پنهنجئ ڌرتئ جي تاريخ پڙھو. يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو. پنهنجو خيال رکجو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
18.5.1832:
سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر اڄ مراسلو لکي پنھنجئ حڪومت کي ٻڌايو ته مير پور خاص وارو مير نصير خان طلبي ٿو ته ايسٽ انڊيا ڪمپني مون سان دوستئ جو الڳ معاهدو ڪري. [ميرپور,خيرپور ۽ حيدرآباد وارن مير حڪمرانن فرنگين سان ھڪ ڪرو, هڪ جهڙو ۽ متفق معاهدي بدران الڳ الڳ معاهدن تي زور ڏئي, فرنگين کي پنھنجي اختلافن ۽ عدم اتحاد جو ماحول پيدا ڪري ڏنو ۽ فرنگين انھئ مان فائدو وٺي, ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا].
18.5.1922:
انگريز دور اسان ۾ هڪ نظرياتي بدعت هن طرح پيدا ڪئي ته اسان جي وڏڙن نظرين ۽ قدرن بدران اڳواڻن کي آدرش بڻائي اصول/قدر/ نظريئي دوستئ بدران شخصيت پرستئ کي سياسي دين ايمان جو بنياد بڻايو ۽ اها پوء اها وبا بي پاڙئ ول جيان اسان جي سوچن لوچن کي وڪوڙي وئي. اها صورتحال اسان جي دور ۾ وڌي وڻ ٿي وئي.
شروعات ۾ بادشاه/راڻئ سان وفادارئ جا جذبا اڀريا. پوء اڳتي هلي ڏيهي اڳواڻن جي وفاداري ۽ شخصيت پرستي چوٽ چڙھي. ڪو اڳواڻ جيل ويندو هو يا مري ويندو هو ته اسان جا وڏا تڏا اونڌا ڪري چڙڻ وڙهڻ شروع ڪندا هئا.
سنڌ جي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ وارئ تحريڪ دورا , پيار ۽ امن وارئ هن ڌرتئ تي مذھبي مت ڀيد, ذات پات جي زنگ ۾ سماجي ويڇن جو ٻج ڇٽيو ويو. حڪومت کي "ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" جو موقعو مليو ۽ سنڌ ۾ انساني حقن واري صورتحال جو توازن بگڙجڻ شروع ٿيو. انھئ صورتحال کان ان دور جا مدبر بي فڪر نه هئا. ان ڪري اڄ سنڌ ۾ ”سول لبرٽيز يونئين" نالي تنظيم قائم ٿي. ان جو تفصيلي احوال اوهان کي گل حيات جي ويب سائيٽ تي ملي سگهندو.
18.5.1962:
سابق چيف جسٽس منير, جنهن مولوي تميزالدين ڪيس واري سنڌ ڪورٽ جي فيصلو رد ڪيو ته گورنر جنرل طرفان آئين ساز اسيمبلي ڊاهڻ کي جائز قرار ڏنو هو, تنهن کي اڄ پاڪستان جو قانون وارو وزير بڻايو ويو.
18.5.1971:
اوڀر پاڪستان جي سياسي ۽ امن امان واري صورتحال خراب ٿي ته ڪيترن بنگالين ڀڄي وڃي انڊيا ۾ پناه ورتي. اڄ اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل يوٿانٽ اپيل جاري ڪئي ته انھن سياسي پناهگيرن جي باقي ملڪ پرگهور لهن. [پناهگيري وقتي ٿيندي آھي ۽ مظلوم پناهگيرن کي حالتن سڌرڻ کان پوء واپس ورڻو پوندو آھي. پناهگيري ڪنهن ملڪ تي قبضي ڪرڻ جو نالو ناهي. اسان وٽ 1947 کان پوء پناھگيرئ جي نالي سان ذريعن, وسيلن ۽ ملڪ تي قبضي لاء سياسي داداگيري ڪئي وئي]
18.5.1991:
ڊاڪٽر قادر مگسئ پاڻ کي "جيئي سنڌ" کان الڳ ڪري, پنهنجئ سياسي پارٽئ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو.
18.5.1992:
"مليٽرئ تي هينئن ڌن دولت لٽائڻ سان ملڪ ٽٽي پوندو. انڊيا سان معاهدو ڪري بجيٽن ۾ اسلحي ۽ بارود واري خرچ کي گهٽايو"--بينظير ڀٽو جو بيان.
{18 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
18 مئي 1848ع سماج سڌارڪ ساڌو نولراءِ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1893ع صحافي ۽ آزادي پسند ويرومل بيگراج (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
Makhdoom Amin Muhammad Awal
(Hala/Saint & Poet/ birth 17th May 1545),
His Highness Mir Nasir Khan
(Hyderabad/Ruler/ birth 17th May 1804),
Syed ManzoorNaqvi (Poet/ birth 17th
May 1924),
Nawab Sultan Ahmad Khan Chandio
(Ghabidero/Politician/ birth 17th May 1934),
Mufti HidayatullahArijo
(Arija/Religious Scholar/ birth 17th May 1938),
Abdul Hakim Narejo
(IzatJiWandh/Folklore Poet/ birth 17th May 1950),
Jiwati Mehta (Ahmadabad/Actress/
birth 17th May 1963),
GhulamHyder Shah ‘Hyder’ (Sidiq
Shah/Poet/ birth 17th May 1967).
DEATH
DATES:
17thMAY
NO DEATH
EVENT
DATES:
17th May
1917:
Miss K.Vealle delivers lecture on the topic of ‘Theosophy
& Hiduism’. The program is organized by Young Amil’s Association of
Karachi. 1920: A public meeting is held at Mithyani with Pir
Turab Ali Shah in chair. Moulvi Fazul Muhammad and Moulvi Karim Bux deliver
their speeches on the importance of Khilafat and ask people to participate in
Khilafat Movement. The function is arranged by Mian Muhammad Sidiq and Khair
Muhammad, both Zamindars of Mithyani. 1922: It has been notified that Haji Khamiso Gul
Muhammad has been elected as a member of Legislative Council of the Governor of
Bombay by the Karachi District Muhammadan Ruler Constituency in place of
Muhammad Abid Abdani who breathed his last. 1924: Anjuman Taraqi-ay-Urdu establishes Book Store
in Karachi. 1926: Syed Miran Muhammad Shah appears for the oral
examination in the office of Judicial Commissioner Sindh for the post of Sub
Judge, but he is not selected. 1950: The number of Muslim migrants from India
those have reached in Pakistan/Sindh recently, is 103600. None of them will be
sent back to India, says Ishtiaq Qureshi, State Minster. 1951: Accused and arrested in Rawalpindi Conspiracy
Case, Maj.General Akbar, Begum Nasim Akbar, Faiz Ahmad Faiz, and Sajjad Zaheer
are shifted to Lahore Jail. 1954: Communists are behind unrest and uprising in
East Pakistan, says Prime Minister of Pakistan, Muhammad Ali. 1960: If Peshawar is attacked by Russia, Atom Bombs
can be dropped on her major cities, says AyubKan, the President of Pakistan. He
also lodges protest with U.S.A for using of U2 from Peshawar Base to make USSR
Jet target. 1972: Abdul Hamid Jatoi is arrested on account of
providing shelter to criminals. 1969: Boundary demarcation in Rann Kutch is
completed in accordance with International Tribunal Award.
Sindh in History Today (17th May).
ٽالپورن جي دور کان اڄوڪي دور تائين تاريخ-ساز واقعن, افراد ۽ ادارن جو پيغام-ڀريو ۽ ذھن جنجهوڙيندڙ احوال.
Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
اڄوڪي (17 مئي)
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته:
* ڌارين/فرنگين سنڌ تي ان ڪري تسلط قائم ڪيو ته جيئن سنڌ کي مورچو بڻائي ايران, افغانستان ۽ سينٽرل ايشيا مان پيدا ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏجي.
* منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي اسان جي وڏڙن جي هٿن مان نڪري ويا ته ڌارين/ فرنگين جي لهجن ۽ روين ۾ سختي آئي.
* ڌارين/ فرنگين سان اسان جا وس وارا وڏڙا ڀلو هليا. پر, موٽ ۾ کين قيد و بند مليا.
* اسان جي معاشري لائق ماڻھن جو قدر ڪيو ئي ڪونھي.
* اسان جي حڪومتن هر دور ۾ پناهگيرن جي اهڙي پرگهور پئي لڌي آھي جو هتي کين جئري ئي جنت ملي .
انهن تاريخي حقيقتن جون شاهديون ثابتيون اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آهن. ممتاز ماڻھن کي گل حيات جي ميڙئ چونڊئ کان جيئن واقف ٿو ڪري ۽ سندس پٽ محسن ولادتن وفاتن بابت جيئن ڪارڊ ڊزائين ڪري ورهائي ٿو, اهو تفصيل به وڊيو ٽاڪ ۾ آھي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو. پر يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو.
پنھنجو خيال رکجو.
**************
17.5.1836:
فرنگي واپارين ۽ سرڪاري ماڻھن کي سنڌ جي اوڀرندي ۽ اولهندي سرحد تي ڏاڍيون تڪليفون آيون. اوڀرندي سرحد تي کوسن ۽ راڻن هنن کي رت ڪيو. فرنگي اتان بچي نڪرندا هئا ته الهندي سرحد تي قلات کان ڦورو اچي هنن ڦري ويندا هئا.
اڄ پاٽينجر پنهنجي حڪومت طرفان قلات رياست سان ٺاه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته جيئن اتان ايندڙن لٽيرن جو خاتمو آندو وڃي. [ياد رهي ته سرحدن تي امن امان قائم ڪرڻ ميرن جي وس جي ڳالھ نه هئي. انگريزن کي ميرن جي ڪمزور انتظام جي پڪ ٿيڻ لڳي ته هنن ميرن کان سنڌ ڦرڻ جا منصوبا بڻايا]
17.5.1843:
مير رستم خان جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ ممبئئ جي گورنر کي گذارش نامو لکيو ته مان بي ڏوهي آھيان. مون آئوٽ رام جي چوڻ تي سبزل ڪوٽ تان هٿ کنيو هو ۽ اهو لکي ڏنو هو ته هاڻي سبزل ڪوٽ سان منهنجو واسطو ڪونهي ۽ مان جي مالڪئ تان دستبردار ٿيان ٿو. مون کي آٽورام حيدرآباد پهچڻ لاء حڪم ڪيو. مون سندس ڳالھ مڃي ۽ حيدرآباد پهتس ته مون کي گرفتار ڪيو ويو ۽ قيدي بڻائي هت موڪليو آھي. مان بي ڏهي آھيان. مون کي آزاد ڪري وطن موڪليو.
17.5.1920:
مٺياڻئ ۾ قمبر واري پير تراب علي شاه راشدئ جي صدارت ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ مولوي فضل محمد ۽ مولوي ڪريم بخش خلافت تحريڪ جي اهميت ۽ ضرورت تي تقريرون ڪيون. جلسي جو انتظام زميندارن ميان محمد صديق ۽ خير محمد ڪيو.
17.5.1924:
سنڌ لساني روادارئ جي ڌرتي آھي. پر هن ڌرتي جي ٻولئ سان ٻين وير پئي وڌو آھي. اهڙئ طرح اسان جي وس وارن پنهنجئ ٻولئ جي حق ۽ حيثيت کين نظرانداز ڪرڻ کان وسان ڪين گهٽايو آھي.
هن دور ۾ ڪراچئ ۾ ” انجمن ترقي اردو" قائم ٿي. اڄ انھئ طرفان ڪتب خانو کوليو ويو.
17.5.1950:
اسٽيٽ منسٽر اشتاق حسين چيو ته تازو 103600 پناهگير پهتا آھن. انھن مان هڪ به واپس نه موڪليو ويندو ۽ هر هڪ جي دل تي پرگهور لڌي ويندي.
17.5.1951:
"راولپنڊي سازش ڪيس" جي ملزمن : ميجر جنرل اڪبر, بيگم نسيم اڪبر, فيض احمد فيض ۽ سجاد ظھير کي لاهور جيل منتقل ڪيو ويو.
17.5.1969:
رڻ ڪڇ جي علائقي جي وارثئ تي انڊيا ۽ پاڪستان جون جنگي جهڙپون به ٿيون. پر پوء ان جي نبيري لاء انٽر نئشنل ٽرابينل انھئ مامري تي ٻنھي ڌرين کي ٻڌو ۽ نبيرو ڪيو. اڄ انھئ نبيري جي روشنئ ۾ رڻ ڪڇ ۾ حدن جي ورڇ ٿي ۽ سرحد قائم ڪئي وئي.
17.5.1988:
سنڌ جي امن امان جي صورتحال کان پاڪستان جو وزير اعظم محمد خان جوڻيجو خوش نه ٿيو. ان ڪري هن سنڌ لاء جوڙيل امن واري سرڪاري منصوبي جي منظوري ڏني. [سنڌ ۾ ھٿراڌو امن امان جو مسئلو پيدا ڪري, ڪيترن کي سنڌ ۾ مستقل ملازمت جا موقعا فراهم ڪيا پئي ويا آھن]
***************
{17 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
17 مئي 1545ع هالا سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد (اول)جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1804ع ٽالپر حڪمران مير نصير خان (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1810ع رياست ميرپور خاص جي اڳوڻي حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر(ميرپورخاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1924ع ليکڪ سيد منظور نقوي جوجنم ڏينهن آهي.
17 مئي 1934ع چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو(غيبي ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1950ع سگهڙ عبدالحڪيم ناريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1963ع اداڪاره جيوتي مهتا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1967ع شاعر غلام حيدر شاهه حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
17 مئي 1958ع موسيقار آسر فقير خواجه جو انتقال ٿيو.
17 مئي 2012ع ٿر جي سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي انسان فقير مقيم ڪنڀار جو لاڏاڻو ٿيو۔
KirshanJethanand (Journalist/ birth
16th May 1927),
GhulamNabi ‘Aaqil’
(SalihNagor/Poet/Poet/ birth 16th May 1931),
BaldevGhanshyani (Ahmadabad/Artist/ birth 16th
May 1958).
DEATH
DATES:
16thMAY
Muhammad Azam
‘Azam’ (Banholakhr/ death 16th May 1915),
Zaman Shah ‘Saqi’(Thatto/Poet/ death 16th
May 1928).
EVENT
DATES:
16th May
1841:
Camels are plunderd and Lieutenant Clarke is killed on Murri hills. Murris are
giving tough time to British officers. 1940: Munshi Abdul Ghafoor empolyee of The District
Local Board Larkano, who proceeded to 9 month without pay leave and went Lahore
to join movement launched by Khaksar Tahreek and was arrested there, is
released from jail after completing his 5 month term of imprisonment. 1952: Sindh Journalists’ Association condemns the
promulgation of Security Act and terms it as violation of Human-rights. 1954: Majorty of Sindh Assembly members resign from
Pakistan Muslim League. 1961: Karachi is connected with Jeddah by Radio
Telephone Service. 1965: G.Allana earns the title of ‘Poer Lareate’ . 1974: Sindh Government retires 65 officers on
corruption charges and dismisses other 225 of their services. 1977: Middle East leaders meet Z.A.Bhutto and PNA
leaders to minimize tension and pave way for talks.
Sindh in History Today (16 May).
سنڌ جي صدين جي تاريخ مان ڪن واقعن, افراد ۽ ادارن/ تنظيمن/ پارٽين جو تفصيل ساڃھ-وند سپوتن ۽ سپوتياڻين لاء. تاريخ ۽ نئين نسل جي وچ ۾ دوستي قائم ڪرائڻ جي هڪ نماڻي ڪوشش.
Research & Video Talk by Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته: * ڌارين/فرنگين کي سنڌ ڦرڻ کان اڳ ۽ پوء اوڀر ۾ کوسن ۽ هندن, اولھ ۾ جابلو قبيلن ۽ سمورئ سنڌ ۾ عوام سک جو ساه کڻڻ نه ڏنو. *آزادئ جي تحريڪ ۽ سياست ۾ حصي وٺڻ لاء سنڌواسين انوکا ڪم ڪيا. سرڪاري ملازم ڪٽ-پگهار تي موڪل وٺي وڃي تحريڪن ۾ حصو وٺندا هئا.
* سنڌين سدائين سور ۽ ڏاڍ جا ڏکيا ڏينھن ڏٺا آھن. ان ڪري دنيا ۾ ڪٿي به ڪنھن سان ڏاڍ ٿيو آھي ته سنڌواسين انھن جو پاسو ورتو. ڪٿي ويٽنام ۽ ڪٿي آمريڪا, ويٽنام تي جنگ مڙھي وئي ته سنڌ ۾ جلوس ڪڍي ان جي مذمت ڪئي وئي ۽ ويٽنام تي ڪتاب لکجڻ شروع ٿيا. *حڪومتون انتقام وٺڻ جي مقصد سان ڪاموراشاهئ کي پاڪ ڪرڻ جي نالي ۾ ملازمن کي نوڪرين مان نيڪالي ڏينديون رهيون آهن.
* ڀٽي پاڻ کي ۽ پنھنجئ حڪومت کي بچائڻ لاء وڏا جتن ڪيا. پر, اهو ٿيو, جيڪو سندس حريفن چاهيو.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ انھن ڳالهين جي مثالن ڏيڻ کان سواء ٻيو به گهڻو ڪجھ موجود آھي. ڏسو, ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ قرب ڪري يوٽيوب تي سبسڪرائيب به ڪريو.
پنهنجو خيال رکجو. جگ جگ جيئو.
***************
16.5.1843:
بد اخلاق فرنگي فوجين حيدرآباد تي قبضي ڪرڻ کان پوء نه فقط ميرن جي حويلن ۾ گهري زيور ۽ خزانو لٽيو, پر عورتن کي پاتل زيور ڇنيا ۽ ايئن عورت-ذات جو جوڳو احترام نه ڪيو. انھن درندن جي اهڙن ظلمن جون ڪهاڻيون 6 مئي 1843 تي "ممبئي ٽائيمس" ۾ شايع ٿيون. ليک جو عنوان هو:
"The Ladies of the Ameers' Zenana"
انھئ ليک ڇپجڻ تي نڀاڳي نيپيئر اچي ڦڦڙي لڳي. ان ڪري هن اڄ انھئ موضوع تي گورنر جنرل کي خط لکي صفائي پيش ڪئي ۽ چيو ته هن جي فوجين تي بهتان لڳايا ويا آھن.
16.5.1940:
اسان رڳو هن وقت سياسي جنون مان نه پيا گذرون, پر وڏڙن جا انداز به اهڙا هئا. منشي عبدالغفور نالي هڪ شخص لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ جو ملازم هئو. هو 9 مهينا بنا پگهار موڪل وٺي پنجاب وڃي خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو. اتي گرفتار ٿيو ۽ 5 مهينا ٽيپ آئي. سزا ڪاٽي ڳوٺ موٽيو ۽ وري اچي نوڪرئ تي چڙھيو.
16.5.1944:
ٻه ڏينھن اڳ ڪراچئ جي ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ ھال ۾ سنڌ مسلم ليگ جون چونڊون ٿيون. ان ۾ جي.ايم.سيد کي صدر ۽ ميرپورخاص واري سيد غلام نبي شاھ کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. جي.ايم.سيد ٻيو دفعو صدر ٿيو. انھئ چونڊن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر کي ڌيان ۾ رکندي "الوحيد" اخبار ايڊيٽوريل لکيو, جنھن جو عنوان هو: "سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ بنائڻ جو منصوبو". ان ۾ جي.ايم.سيد تي تنقيد ڪندي لکيو ويو ته هن "سنڌ مسلم ليگ کي سيد ليگ جو رنگ ڏئي, سنڌ اندر ذات پات ۽ زمانه جاهليت واري نسلي عصبيت جو بت کڙو ڪيو آهي". [انھئ تنقيد جي.ايم.سيد جي سوچن ۽ لوچن تي تر جو به اثر نه وڌو. تان جو ڪن سالن کان پوء جي.ايم.سيد 12 اميدوارن کي صوبائي چونڊڻ وڙھن جون ٽڪيٽون ڏنيون, جن مان 10 سيد هئا].
16.5.1952:
سنڌ سرڪار سنڌ ۾ ”سيفٽي ايڪٽ" لاڳو ڪيو ته "سنڌ جنرلسٽ ائسوسيئيشن" ان تي شديد رد عمل ڏيکاريو ۽ انھئ ڪاري قانون جي مخالفت ڪئي.
16.5.1965:
جي.الانا واپاري, سياستدان ۽ انگريزئ جو شاعر هو. هن پوء تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب به لکيا. انٽر پاس هو. اڄ کيس "پوئٽ لاريٽ" جو خطاب ڏنو ويو.
16.5.1972:
آمريڪا جي ويٽنام ۾ بربريت خلاف سنڌ ۾ شديد رد عمل ٿيو. [انھئ اثر هيٺ سنڌئ ۾ ھوچي منه ۽ ويٽنام بابت ڪتاب به لکيا ويا].
16.5.1974:
سنڌ سرڪار 65 ڪامورن کي ڪرپٽ قرار ڏئي, کين زورئ رٽائير ڪيو. ان کان سواء وڌيڪ 225 ڪامورن کي نوڪرئ تان ڊسمس ڪيو. [سنڌ خواه پاڪستان ۾ سياستدانن تي به ڪرپشن جا الزام لڳا ۽ ڪيس هليا. مگر اڄ تائين ملڪ جي ڀينگ ڪندڙ اهڙن سياستدانن مان ڪنهن کي سزا نه ملي].
16.5.1977:
ڪوئيت حڪومت ڪوشش ڪئي ته ڀٽي ۽ پي.اين.اي جي وچ ۾ اختلاف ختم ڪري ڳالهين ڪرڻ تي راضي ڪجي.
16مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 مئي 1927ع صحافي ڪرشن ڄيٺنند جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 مئي 1931ع شاعر غلام نبي عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي.