Sunday, 21 May 2017

GOOD DAY (21st May)

Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Be good, but keep in mind that bad will treat and term you as bad. You are in terrible problem, if you are in love & respect one-sided. Try to accept & respect your Self so as to avoid this situation. People will hurt you, because, they only know how to hurt and damage. No problem, be on side of beauty & peace and be their promoter & protector. Because, you are human being and not so called saint & angel]
خوبي بہ بٹجي پئي خواري،
جي من ماٹھپي بدران واپاري،
ڀینگ ڀلي سمجه ان پیار کان،
ھجي جنھن ۾ یڪطرفی یاري،
سو ئي نہ ڪندو ڪا دل-آزاري،
جي لاڳاپيل سونھن سلام سان.

SINDH HISTORY (21st May)

SINDH IN HISTORY TODAY (21st May). By. Dr. Pathan
** 1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي ميونسپل هاءِ اسڪول جي ٻن شاگردن موٽومل ڌنراج مل ۽ ڪشن جيوترام کي قلم 34 اي (6) توڙي قلم 38 اي (1) ڊفينس انڊيا رولز تحت گرفتار ڪيو ويو، ٻنهي ڄڻن وٽان برطانوي حڪومت خلاف لٽريچر هٿ ڪيو ويو هو، اهي ٻئي شاگرد انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ حصو وٺي رهيا هئا. واضح رهي ته انگريزن خلاف آزادي جي تحريڪ ۾ سنڌ جي شاگردن به اهم ڪردار ادا ڪيو.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عبدالستار پيرزادي سنڌ جي وڏي وزير طور عهدي جو حلف کڻي ورتو.
** 1958ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي علامه مشرقي ۽ ٻين جوابدارن کي ڊاڪٽر خانصاحب قتل ڪيس ۾ جڊيشل لاڪ اپ ڪرڻ لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو.
** 1975ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي زرعي ڪاليج ٽنڊو ڄام ۽ انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشورو کي اپ گريڊ ڪري يونيورسٽين جو درجو ڏنو ويو، زرعي ڪاليج سنڌ زرعي يونيورسٽي ٺهي وئي، جڏهن ته انجنيئرنگ ڪاليج مهراڻ يونيورسٽي جي نالي ۾ تبديل ٿي ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ضياءُالحق اقتدار تي قبضي کانپوءِ هڪ آرڊيننس جاري ڪيو، جنهن ۾ اهو ڄاڻايو ويو ته فلمن جي سينسر شپ ڪئي ويندي.
**1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لبيا جي صدر ڪرنل قذافي ۽ وزيراعظم بينظير ڀٽو وچ ۾ لبيا ۾ اهم ملاقات ٿي، لبيا پاڪستان کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان خلاف ڪنهن به ملڪ جي جارحاڻي ڪارروائي خلاف پاڪستان جو ساٿ ڏنو ويندو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم راجيو گانڌي کي قتل ڪيو ويو، جنهن جو الزام تامل ٽائيگرز تي لڳايو ويو، راجيو گانڌي ڪانگريس پارٽي جي اڳواڻن سان گڏ اليڪشن ۾ ووٽنگ لاءِ اچي رهيو هو ته گلدستي ۾ لڪايل بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، جنهن ۾ راجيو گانڌي ۽ سندس 14 ساٿي مارجي ويا، اهو واقعو مدراس ويجهو پيش آيو، راجيو گانڌي جي قتل جي جاچ بعد اهو انڪشاف ڪيو ويو ته کيس تامل ٽائيگزر ۾ شامل هڪ عورت خودڪش حملي ۾ قتل ڪيو آهي.راجيو گانڌي وزيراعظم هجڻ دوران ملڪ ۾ امن لاءِ تامل ٽائيگرز خلاف سخت قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ان ڏس ۾ هن سريلنڪا ۾ فورسز کي به موڪليو هو. واضح رهي ته راجيو گانڌي جي ماءُ انڌرا گانڌي کي پنهنجي سک باڊي گارڊن 1984ع ۾ قتل ڪيو هو.
FOLLOW LINK: http://www.thekawish.com/beta//images/2017/May/21-05-2017/Page7/P7-35.htm

Saturday, 20 May 2017

Sindh History (21st May)



SINDH IN HISTORY TODAY (21 ST MAY)
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan
BIRTH DATES:
21st MAY
ArjunBharwani (Hyderabad >Mombai/Writer/ birth 21th May 1921),
HashmatHarwani (JhandoMarri> Ahmadabad/Writer/ birth 21th May 1936),
 MoulanaNasrullahBuriro (Muhammad SalihBuriro/Religious Scholar & Freedom Fighter/ birth 21th May 1946),
HussainBuxKanhio (Allahrakhio/Writer/ birth 21th May 1949)
,Muhammad AbidMazhar (Bajara/Poet/ birth 21th May 1951),
VikramShahani (Khairpur> Ahmadabad/Actor/ birth 21th May 1954).
DEATH DATES:
21st MAY
MoulanaDur Muhammad Dol (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 21h May 1951)
, HyderBuxJatoi (Hari Movement leader, Poet and Journalist/ death 21th May 1970)
EVENT DATES:
21st MAY
1943: Motomal Dhanrajmal and Kishan Jewatram, both students of Larkana Municipal High School are arrested under Section 34 a (6) and 38 a (1) of the Defence of India Rules. Both are caught red-handed with political literature against the British Government and were found addressing students’ gathering to change their loyality and insisting them to take part in the Freedom Movement.
1949: The ban previously imposed by the Government on ‘Rajb Gathering’ in Pir Jo Goth is withdrawn.
1950: I am in favour of making Urdu as Medium of instructions, says Sindh Education Minister, Agha Ghulam Nabi Pathan.
1953: Pirzado Abdul Sattar is sworn in as the Chief Minister of Sindh.
1955: Malik Feroz Khan Noon’s ministry is dismissed in Punjab. He is replaced by A.Hamid Dasti.
1958: Allama Mashrqi and other accused in Dr.Khan Sahib’s murder are handed over to police for judicial lock-up.
1962: Khan Abdul Ghaffar Khan to remain House-arrested till further orders, notifies the Government.
1975: Agricultural college Tando Jam and Engineering college Jamshoro are upgraded as universities with effect from next financial year.
1977: Islamic Foreign Ministers’ Conference, held in Libya, criticises the reported foreign intrigues in Pakistan.
1979: Islamisation as conceived by Zia starts. An Ordinance to check obscenity in films is promulgated.
1990: Colonel Qadafi assures all help to meet aggression against Pakistan. Talks are held between Benazir and him in Libya.
1993: Pakistan will not sign Non-Proliferation Treaty unilaterally, says Pakistani Forerign office Department

GOOD NIGHT (20th May)

Dr.Pathan wishes you Early Good Night.
[In conditions, dark as night, your presence, guidance and kindness is very much needed. Dear! Listen the call of my soul and our soil. We are in dire need of vision & wisdom of your beauty and our love. Be source of peace and tranquility. Come on! Play your role, please]
ھن تہ اونداھئ رات ۾ ،
تن من طلبي روشني،
ھئ رات بہ تولاء رني،
آء خان کلاء اسان کي.


Friday, 19 May 2017

GOOD DAY (20th May)

Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Human being is a nice and lovely creation and becomes beautiful & great, when sets trends in sincerity & sacrifice. But, becomes wild and high risk, when ego starts ruling him/her. Hence, dealing with such people is like crossing river of fire. It is impossible to swim or sail without boat, beautified with beauty & peace and equipped with love & respect]
مکڻ پئي بلا شڪ مٿو نہ سڙي،
پر مکڻ تپي تہ پو ساڙي تارون،
جت محبت بدران مرضي هلي،
ات ڪنهن تي ڪھڙیون میارون؟
ھو جي دھشت دریاہ جا تارون،
تن ترھو سرت سونھن سلام ٻڌو.

SINDH HISTORY (20th May)



EVENTS FROM SINDH HISTORY (20th May)
** 1847ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي روهڙي ضلعي جي سرحدي حدبندين جي سروي مڪمل ڪئي وئي، ڊپٽي ڪليڪٽر فيرنگٽن ضلعي جو خاڪو ۽ ٻيا تفصيل سنڌ حڪومت کي موڪلي ڏنا.
** 1852ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر کي پوليس جي ڪارڪردگي بابت رپورٽ موڪلي وئي، جڏهن ته ٻين کاتن پڻ پنهنجون ساليانيون رپورٽون سرڪار وٽ جمع ڪرائڻ شروع ڪيون.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي ۽ حڪيم شمس الدين احمد قاضي کي ترتيبوار سنڌ خلافت ڪاميٽي جو صدر، نائب صدر ۽ جوائنٽ سيڪريٽري چونڊيو ويو، خلافت ڪاميٽي طرفان اهو اعلان ڪيو ويو ته مدرسا هلائيندڙ اڳواڻن مستقبل ۾ مدرسن ۽ اسڪولن لاءِ سرڪار جي مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو آهي، اهي سرڪار کي ڪا درخواست به نه ڏيندا، سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪندڙن ۾ خليفو محمد عثمان، مولوي محمد حسن، مولوي دين محمد، مولوي محمد عالم، ملان عمران، مولوي خير محمد، حافظ عبدالغني ۽ ٻيا شامل هئا.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ٽنڊو باگو ۾ امن سڀا طرفان گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن جي صدارت خان بهادر مير غلام محمد ڪئي، گڏجاڻي ۾ مکي هيرومل، عيدن مل ۽ ٻين شرڪت ڪئي، سرڪار جي حامي مولوي عبدالعزيز کي خصوصي دعوت ڏئي گهرايو ويو هو، جنهن خلافت تحريڪ ۽ ان ۾ حصو وٺندڙ ماڻهن بابت آگاهي ڏني.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ بزم مشاعره طرفان هڪ مشاعرو ڪرايو ويو، اتي جن شاعرن پنهنجي شاعري پيش ڪئي اها اڳتي هلي اديب سنڌ نالي رسالي ۾ شايع ٿي.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي راولپنڊي سازش ڪيس ۾ ميجر جنرل نذير احمد کي گرفتار ڪيو ويو.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر وڏي وزير کي بجيٽ پيش ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اصغر خان ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت تي الزام لڳائيندي چيو ته پ پ حڪومت ڊڪٽيٽر شپ جو ماڊرن نمونو آهي، اها سرڪار نه جمهوريت جي مفاد ۾ آهي ۽ نه ئي عوام جي مفاد ۾ آهي.
**1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو جي لاهور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف اپيل ٻڌڻ لاءِ سپريم ڪورٽ جي فل بئنچ جوڙي وئي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڏکڻ آفريقا جي گادي واري شهر ۾ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 16 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا ۽ 197 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا

GOOD NIGHT (19th May)

Dr.Pathan wishes you Early Good Night.
[Love, respect and regards are necessities of life as breath. But, need time & attention, determination & devotion and constancy & continuity. Let it be one-sided, no problem, if it is not reciprocal. Love can hold you any time, but you cannot hold beloved all the time. All the art of living lies in a fine mingling of letting go and holding on, but, love requires to hold on and not to let go]
پیار بہ جيئن ساہ پساہ، پر آھي نظر ۽ تعلق سان باقي،
یار نہ پاڻ ٿئي اوطاقي، وقت وٺي دل کان نيڻن تائين.