Sunday, 7 December 2025
SINDH in history today (8th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {8th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent you are accepted? It is indicated by actions and reactions of people. Believing makes people bold to speak. Silence gives message of Big No. Hatred makes us hide, whereas, love & Beauty makes us bold to express and share accordingly]
جو دل سان مڃي سو زبان سان چئي،
عشق ۽ عقیدو اھو سڀ کي سیکاري،
جو اقرار ڪري سو ئي امرت پياري,
برہ بھادري سچ سونهن سان سنواري،
باقي زندہ لاش سو نہ ماري نہ جیاري
، اھو گھنگھر گھاري، سرت سلام سواء.
******* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (8th of December) ******** BIRTHS: Dr.Chamandas Chhablani (Khairpur > Ajmir/Social worker/1916),Nadeem Ansari (Mori/Poet/1927), Ramchand Raheja (Shikarpur > Mumbai/Singer/1930), Gul Muhammad Kumbhar (Hyderabad/Folklore Poet/1940), Roshan Ali ‘Muftoon’ (Dadu/Poet/1948), Abdullah Shah ‘Azad’ (Sita village/Poet/1954), Muhammad Zaman Bajari (Bajara/Folklore Poet/1956), Hameeda Sattar Bhatti (Larkano > Karachi/Writer & Social worker/1957). ******** DEATHS: Khowaja Abdul Rahman Mujadidi (Takhur/Religious Scholar/1907), Menhal Faqir Mahar (Tayab/Poet/1958), Swami Preemdas Nathani (Saint/1968). ******* EVENTS: 1918: The Bombay Governor is retired and ‘Anjuman Islam Ahbab-i-Watan’ deems it fit to send wireless message to his Private Secretary offering thanks for his valuable services rendered in the interest of Sindh Muslims. Meeting is held at Sukkur with Abdul Hamid Khan in chair (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Kambar Khilafat Committee holds public meeting with Moulvi Abdul Waheed in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat issue is condemned at large. (Source: Newspapers). 1929: Daily ‘Hindu League Gazette’ newspaper is founded at Sukkur with Sitaldas Khatanmal as its editor. The paper was latter on published as Weekly. Sanwanmal and Aaratmal Punjabi remained its editors also. (Source: Hindu League Gazette, Sukkur). 1947: 34300 Indian Muslims migrants reach today (Source: Newspapers). 1948: It is feared that Prince Abdul Karim of Kelat is encourage Communists to revolt and bring change. He is arrested. (Source: Newspapers). 1964: Presidential candidate Ayub Khan justify his candidature that nation needs a strong man with military experience and not a lady to bring the country at par with advanced countries. He is facing Fatima Jinnah in the election. (Source: Newspapers). 1977: Supreme court of Pakistan rejects Bhutto’s appeal against Moulvi Mushtaq’s appointment as Acting Chief Justice & Chief Election Commissioner. (Source: Newspapers). 1988: On the eve of SAARK Conference, Prime Minister of Pakistan Benazir Bhutto and Rajiv Gandhi Prime Minister of India held talks and signed agreement on Cultural relations and safe guarding Nuclear installations of both countries. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute SINDH IN HISTORY TODAY (8th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 8 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 8.12.1839: سنڌ جي صورتحال, سنڌ ۾ فوج رکڻ ۽ افغانستان تي چڙھائئ بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل 1838 کان "منٽس" لکيا. اهي "منٽس" ايترا ته ٿيندا جو هڪ ڪتاب ٿي سگهن ٿا. انھن "منٽس" ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي. اهي برطانيه جي “انڊيا آفيس لائبررئ" يا دهلي جي "نهرو آرڪائيوز" ۾ موجود ٿي سگهن ٿا. انھن مان ڪجھ يا ڪن "منٽس" جا اقتباس گل حيات ۾ موجود آھن. اڄ گورنر جنرل سنڌ ۾ پنهنجي فوج ڪٺي ڪرڻ بابت تفصيلي "منٽس" لکيا آھن. هو لکي ٿو ته ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انھئ قبضي کي قائم رکڻ لاء ٺٽي ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهبي ۽ بکر جي قلعي کي ڳالهين ذريعي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ لاء حاصل ڪيو ويندو. ڪجھ فوج سکر ۾ رکي ويندي 8.12.1840: فرنگين جي فوج جڏهن خشڪئ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳي ته فرنگين کي ميرپور سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته جيئن فوج کي انھئ ملڪ مان لنگهڻ وقت ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿئي. اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصيلي خط لکيو ته مير شير محمد جو ڀاء مير شير محمد تي دٻاء رکي رهيو آھي ته انگريزن سان دوستي يا معاهدو نه ڪر. هو لکي ٿو ته مون سيٺ نائون مل هوتچند کي ميرپور موڪليو آھي. کيس ميرپور درٻار سڌي رسائي ڪانه ٿي پر سندس هڪ مائٽ ھن جي مدد ڪئي. اهو مير شير محمد جو دٻاري آھي ۽ کيس نائون مل سان ملڻ تي راضي ڪري ويو. ممبئئ کان ايندڙ فوج کي مون حڪم ڏنو آھي ته اها ان وقت تائين ميرپور جي حدن ۾ رهي, جيسيتائين گجرات کان ايندڙ فوج انھئ سان اچي ملي. ممبئئ فوج جو ميرپور ۾ ھجڻ جو اسان کي فائدو ملندو ۽ مير شير محمد ڊپ ۾ اسان سان ڳالهين ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو. 8.12.1918: اسان جا وڏڙا سرڪار-پرستئ ۾ انوکا مثال قائم ڪندا هئا. ڪرسئ تي ويٺل کي ته رسائئ ۽ لاپو ڏئي راضي رکندا هئا, پر جيڪو ڪرسي ڇڏي ويندو هو ته ان جي به پچر ڪونه ڇڏيندا هئا. ممبئئ جو گورنر رٽائير ٿيو ته سکر جي "انجمن اسلام احباب وطن" طرفان گڏجاڻي ڪري سندس شان ۾ تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا. [ياد رهي ته جڏهن لارڊ رپن وائسرائئ جي عهدي تان لٿو ته هن کي “شڪرگذارئ وارو مان پتر" ڏيڻ لاء ”سنڌ سڀا" فيصلو ڪيو هو ۽ ان فيصلي ڪري "سنڌ سڀا" ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ اها پارٽي ٽٽي پئي] 8.12.1922: ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت طرفان عوام کي آزارڻ واري پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو مذھب ۽ سياست ۾ دلچسپي وٺو ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو. [هي منهنجي ڳوٺ جو واقعو آھي. منهنجو ڏاڏو حاجي خدا بخش به مکيه خلافيتين مان هڪ هئو] 8.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته يارنھن هزار ۽ پنج سو پناهگير انڊيا ڇڏي اڄوڪي ڏينھن هتي پهتا. 8.12.1948: قلات ۾ شھزادي عبدالڪريم تي اهو الزام ڏئي گرفتار ڪيو ويو ته هو ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو هو. 8.12.1971: اقوام متحده جي جنرل اسيمبلئ ٺھراء پاس ڪري پاڪستان ۽ انڊيا کي جنگ بند ڪرڻ جي صلاح ڏني. 8.12.1977: ولي خان ۽ نئشنل عوامي پارٽئ جا قيدي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. اهي 34 مهينا حيدرآباد جيل ۾ رهيا ۽ مٿن ملڪ-دشمنئ جو ڪيس هليو. 8.12.1993: ملڪ جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ايران جي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاڻئ جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ فيصلو ٿيو ته ايران مان پاڪستان تائين گئس پهچائڻ لاء پائيپ لائين وڇائي ويندي, پاڪستان ۾ ايران آئل ريفائنري لڳائيندو ۽ زاهدان-ڪامران سيڪشن تي ريلوي لائين وڇائي ويندي. ***************
جنم ڏينهن: *************** 8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ڌرميندرجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽيگورجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. ***************
وڇوڙو: *************** 8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو. 8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار يعقوب زڪريادل جي دوري سبب گذاري ويو. 8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.
Saturday, 6 December 2025
SINDH in history today (7th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {7th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Human-values, love & beauty and vision & wisdom are common assets and collective heritage for all. It creates problem, when they are individualized and their compliance is made to please any individual because of personal interest. It encourages to promote policy of discrimination, hatred and selfishness in society ] ھت ھرڪو صاحب جانب جادوگر، ڏسڻ کین ڏکیو پر دل ۾ سندن گھر، ھت جيڪي ھادي رھبر هوت دلبر، سي سڀئي محبت مارن لاء محشر، تون ڄاٹین جي سرت سونھن جو اثر، تان پوء ڏرت ڏمر ۽ ھي ظلم ۽ قھر، ٿئي ختم سارو شر, سرت سلام سان. ******* SINDH IN HISTORY TODAY (7th December) ****** BIRTHS: 7th December 1. Gobind Malhi (Shikarpur - Mumbai/Writer/ birth 7th December 1918 ), 2. Bheromal Bhambhani (Hala - Mumbai/Singer/ birth 7th December 1924), 3. Dr.Tanvir Abbasi (Sobhodero/Poet/ birth 7th December 1934), 4. Rahim Bux 'Halim' Sindhi (Poet/ birth 7th December 1937) , 5. Wali Muhammad 'Wafa' Pali (Khansahib Pali/Poet/ birth 7th December 1944), 6. Naqish Nayab Mangi (Shikarpur/Poet/ birth 7th December 1948 ), 7. Ghulam Rasool 'Pardesi' (Tharri Jado/Poet/ birth 7th December 1971), 8. Mansoor Abro (Larkano/Poet/ birth 7th December 1971), 9. Mir Mumtaz Birhmani (Paat/Writer/ birth 7th December 1984) ******* DEATHS: 7th December 1. Mian Muhammad Akram Katbari (Religious Scholar/ death 7th December 1868 ), 2. Moulana Abdul Qadir Panhwari waro (Religious Scholar/ death 7th December 1910), 3. Dayaram Gidumal Shahani (Hyderabad/Philosopher / death 7th December 1927), 4. Moulana Muhammad Madani (Maaroof Bhanbhro/Religious Scholar/ death 7th December 1978 ) ***** EVENTS: 7th December 1920: The Karachi Social Service League sends Telegram to the Governor of Bombay demanding revision of Pay scales of lower employees, Karachi Allowance and Rent Allowance for all. 1922: A public meeting is held by the local branch of the Khilafat Committee at Wagan of taluka Kambar. Moulana Mir Muhammad, the president of the occasion and other speakers dwell with political situation of the country and advise people to took part in the politics. 1947: Twenty thousand Indian Muslims reach Pakistan. 1948 : Pakistan demands that the issue of Hyderabad Dakhan be discussed in the Security Council of the U.N.O 1951: Sindh Governor asks Sindh Chief Minister K.B.Ayub Khuhro to tender his resignation. 1968: Uprising in the East and West Pakistan compells Ayub to react. He declares that his Govt. will not be shaken by the opposition rallies and meetings. He asks his party men to come out and frustrate the opposition's designs. 1970: The first - ever general elections on the basis of direct adult franchise are held in Pakistan for 313 National Assembly seats. Awami League emerges as the single largest party followed by PPP. Awami League earns 151 and PPP wins 81 seats. Jamait -i- Islami blames for rigging. 1976: Z.A.Bhutto inaugurates Supper Market in LaluKhet Liaquatabad, Karachi SINDH IN HISTORY TODAY (7th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 7 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 7.12.1842: نيپيئر نڀاڳي سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکيو ته خيرپوري ميرن طرفان موڪليل وفد اچي يقين ڏياريو آھي ته اسان انگريزن جا وفادار دوست آھيون ۽ رهنداسين. نيپيئر لکي ٿو ته پر مون کي هنن تي اعتبار ڪونهي. هو اوڀاريون لهواريو ڳالهيون ڪري معاهدي تي دستخط ڪرڻ ۾ وقت وٺڻ چاهن ٿا ته جيئن حيدرآبادي ميرن جو ردعمل ڏسن جن کي معاهدي جو متن پهچايو ويو آھي. خيرپوري ميرن جي هلت ۾ شڪ لڳو ته مان کلم کلا روهڙئ تي قبضو ڪندس. وري جيڪڏهن حيدرآبادي ميرن به تيري ميري ڪئي ته مان سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا تي ڪاهي ويندس. 7.12. 1922: تعلقي قمبر جي ڳوٺ وڳڻ ۾ مولانا مير محمد جي صدارت ۾ مقامي "خلافت ڪميٽئ" طرفان عوامي جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙن ملڪي سياسي صورتحال تي ۽ انگريزن جي عوام-دشمن ڪارواين جي مذمت ڪئي ۽ ماڻھن تي زور رکيو ته سياست ۽ مذھب کان منھن نه موڙيو. [تحريڪ آزادئ جي حوالي سان سنڌ جي شاندار تاريخ رهي آھي. سنڌ جي وڏن شھرن کان سواء غير معروف ڳوٺن ۾ به سياسي سرگرميون زور شور سان ٿينديون رهيون ۽ اهڙن مثالن کان ٻين صوبن خواه هندستان جي حوالي سان تاريخ جا ورق خاموش آھن] 7.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته 20 هزار ڀارتي مسلمان پناهگير بڻجي هتي پهچي چڪا آھن.[ياد رهي ته "پناهگير" اصطلاح مان ظاهر آھي ته انھن هتي اچي پناه ورتي. هو ڀارت ۾ شروع ٿيل فسادن کان جان بچائڻ لاء پناه ورتي. ان ڪري پناهگيرن جي اڪثريت آزادئ جي تحريڪ ۾ حصي وٺڻ جي نتيجي ۾ نه, پر جان ۽ عزت جي پناه وٺڻ لاء ھتي پهتا] 7.12.1951: سنڌ جي گورنر سنڌ جي تڏهوڪي وڏي وزير محمد ايوب کهڙي کي استعيفا ڏيڻ لاء حڪم ڏنو. 7.12.1968: صدر ايوب خلاف عوامي نفرت ۽ ڌڪار ڪر کڻڻ شروع ڪيو ته هن پنهنجي پارٽي ورڪرن کي روڊن رستن تي اچي مخالفن کي ٽوٽا چٻائڻ جو تاڪيد ڪيو. 7.12.1970: پهريون دفعو بالغ راء دهي جي بنياد تي ملڪ ۾ آزاد چونڊون ٿيون ته پڌرا ڪيل نتيجن مطابق قومي اسيمبلئ جي 313 سيٽن مان عوامي ليگ 151 ۽ پيپلز پارٽئ 81 سيٽون کٽيون. جماعت اسلامئ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو الزام ھنيو. 7.12.1976: پناهگيرن طرفان ڀٽي خلاف نفرت جي ٻرندڙ اوڙاه وارين حالتن ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ڪراچئ جي لالو کيت ۾ سپر مارڪيٽ جو افتتاح ڪيو. هئ تاريخي ڪڙو سچ آھي ته انھئ تقريب دوران لالو کيتي پناهگيرن ۽ ٻين مهاجرن ڀٽي خلاف ڀرپور بداخلاقئ جو مظاهرو ڪيو. *************** 7 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 7 ڊسمبر 1918ع ليکڪ گوبند پنجابي (شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1924ع راڳي ڀيرومل ڀمڀاڻي گيهاڻي (هالاڻي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1925ع اردو جي ناليواري افسانه نگار انتظار حسين جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1934ع ناليواري شاعر ۽ ليکڪ ڊاڪٽر تنوير عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1937ع ڪوٽ مير محمد سان تعلق رکندڙ شاعر حليم سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1944ع شاعر ولي محمد وفا پليجو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1947ع ليکڪ ۽ محقق رام سچانند جوهراڻي(لاڙڪاڻي /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1948ع شاعر نقش ناياب منگي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر غلام رسول پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1971ع شاعر منصور ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 7 ڊسمبر 1984ع پاٽ سان تعلق رکندڙ ليکڪ مير ممتاز برهماڻي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 7 ڊسمبر 1868ع مذهبي اسڪالر ميان محمد اڪبر ڪٽبري جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1910ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالقادر جي وفات ٿي. 7 ڊسمبر 1927ع فلاسافر، ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻ ديارام گدومل شهاڻي جي ديهانت ڪري ويو. 7 ڊسمبر 1962ع صوفي، درويش، عالم ۽ شاعر ٻڍل شاهه بخاري جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 1978ع فريڊم فائيٽر مولانا محمد مدني (معروف ڀنڀرو) جو لاڏاڻو ٿيو. 7 ڊسمبر 2012ع ناليوارو ٽي وي اداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر گذاري ويو
Friday, 5 December 2025
SINDH in history today (6th December). By Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan
SINDH (including Pakistan) in history today {6th December}. By. Dr.Pathan
Dr.Dur Muhammad Pathan
Dr.Dur Muhammad Pathan
Founder at Gul Hayat Institute
December 5, 2025
[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] **********
SINDH IN HISTORY TODAY (6th December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers *****
******* SINDH IN HISTORY TODAY (6th December) *********** BIRTHS: 6th December 1. Santosh Bhagia (Karachi - Ahmadabad/Singer/ birth 6th December 1940), 2. Mano Gehani (Nawabshah - Mumbai/Actor/ birth 6th December 1940), 3. Bena Mansukhani (Mumbai/Actress/ birth 6th December 1951), 4. Hanif Aatir (Poet/ birth 6th December 1962), 5. Jawad Jaffri (Larkano/Poet/ birth 6th December 1963), 6. Saqi Abro (Uterolal/Poet/ birth 6th December 1971) ****** DEATHS: 2. Ali Gohar Lahori (Larkano/Politician/ death 6th December 1943), 3. Moulana Muhammad Sidiq Kachhi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 6th December 1952), 4. Mufti Ghulam Hussain Validai (Religious Scholar/ death 6th December 1968 ), 5. Shaikh Abdul Razaq 'Raz' (Sukkur/Poet/ death 6th December 1983), 6. Abdul Rahim Detho (Writer/ death 6th December 1986), 7. Allahbachayo Alghozi nawaz (death 6th December 2012) ********* EVENTS: 6th December 1857: Captain Merewether, Superintendemt Upper Sindh with the help and cooperation of Kardar Khair Shah prepared project for enlargement and extension of the tail of the Begari Canal. It is not only approved by the Bombay Govt., but is declared as the first and most important irrigational work by British Govt. in Sindh. 1920: Rais -ul- Muhajreen Jam Muhammad Junijo was supose to appear before the court of Judicial Commissioner, but he refuses to comply with Notice on the plea that he is no more citizen of British India and as he has migrated to Afghanistan. Hence, he is not bound to obey orders of the British Govt. 1947: Cases of abdication of migrant women and children are taking place at large scale. Both India and Pakistan are worried about it. Today, both countries agree to control the situation and rescue abdicated women and children. 1950: Pakistan Govt. directs all federal/central offices to adopt Urdu as language of official correspondence. 1951: The Security Council of the U.N.O asks India and Pakistan to resolve Kashmir issue on their own. 1964: Fatima Jinnah and President Ayub, both presidential candidates are busy in addressing public gatherings. Ayub promises for developed Pakistan in future and Fatima Jinnah is attacking Ayub govt. s anti - people and anti - democracy polices.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 6 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 6.12.1842: هنن ڏهاڙن ۾ فرنگين سنڌ ۾ ميجر ڪلائبورڊ جي سربراهئ ۾ "جاسوسئ جو شعبو" قائم ڪيو ته جيئن سنڌ جي حڪمرانن ۽ عوام جي فرنگي-دشمن چالن تي نظر رکجي. اڄوڪي رپورٽ م لکيو ويو آھي ته مير رستم علئ پنهنجو پٽ حيدرآباد ڏياري موڪليو آھي ته جيئن انگريزن جي آڇيل معاهدن بابت ويچار ونڊي هم خيالي قائم ڪجي. خيرپوري ميرن دريا خان جلباڻئ ۽ لالا وشنداس تي ڪم رکيو آھي ته اهي معاهدن تي فرنگين سان ڳالهيون ڪن. مير رستم علئ جو ننڍو پٽ مير علي اڪبر امام واه ۽ سبزل ڪوٽ موڪليو ويو ته جيئن هو ٻارن ۽ عورتن کي راجستان جي رڻ طرف موڪلي سگهي. مير محمد حسين کليو کلايو فرنگين خلاف باه ڀڙڪائي رهيو آھي ۽ جنگ لاء جوان گڏ ڪرڻ ۾ مصروف نظر اچي ٿو. 6.12.1857: اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ڪئپٽن ميرويدر ڪاردار خير شاه جي سهڪار سان بيگاري ڪئنال ۾ واڌ آڻڻ بابت هڪ منصوبو بڻايو هو. ان منصوبي کي نه فقط سرڪار منظور ڪيو, بلڪ ان کي پسند به ڪيو ويو. 6.12.1920: رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي نوٽيس ڏنو ويو ته حڪومت-دشمن سياسي سرگرمين بابت صفائي پيش ڪرڻ لاء جڊيشل ڪمشنر جي ڪورٽ ۾ پيش ٿي. پر هو ڪورٽ اڳيان پيش نه ٿيو ۽ جواب ڏياري موڪليائين ته مان افغانستان لڏي ويو آھيان ۽ هاڻي افغاني شھري آھيان ۽ مون تي ڪيس هلائي يا نوٽيس ڏئي نه ٿا سگهو.[ياد رهي ته هي پهريون سنڌي سياستدان هئو, جنھن پنهنجا القاب واپس ڪيا هئا] 26.12.1947: پاڪستان ۽ انڊيا ٻه ملڪ جڙيا ته وڏي پئماني تي انڊيا جا مسلمان پنهنجو وطن ڇڏي پناهگير ٿي سنڌ/پاڪستان اچڻ لڳا. انھئ لڏپلاڻ ٻنھي ملڪن ۾ عورتن ڀڄائڻ جي تعداد ۾ تشوشناڪ حد تائين اضافو ڪيو. ٻنھي ملڪن گڏجي فيصلو ڪيو ته انھئ وڌندڙ ڏوه کي گهٽائڻ لاء گڏجي ڪوششون ورتيون وينديون. 6.12.1950: وفاقي حڪومت پنهنجي سمورن کاتن/ڊپارٽمينٽس کي هدايت ڪئي ته اردوء کي دفتري ٻولي بڻايو. 6.12.1964: فاطمه جناح ۽ جنرل ايوب صدارتي چونڊ جي حوالي سان مختلف شھرن ۾ خطاب ڪيا. جنرل ايوب سبز باغ ڏيکايا ته ملڪ کي مثالي ترقي وٺرائبي. فاطمه جناح وري پنهنجين تقريرن ۾ ايوب-شاهئ جا پول پڌرا ڪيا. *************** 6 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 6 ڊسمبر 1940ع گلوڪار، اداڪار ۽ ليکڪ سنتوش ڀاڳيا (ڪراچي/احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1940ع اداڪارمانو گيهاڻي (نوابشاهه/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1962ع شاعر حنيف عاطر جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1963ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر جواد جعفري جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1968ع صحافي ۽ ليکڪ اعجاز مهرجو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1971ع شاعر ساقي ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 6 ڊسمبر 1989ع ڪرڪيٽر ناصر جمشيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 6 ڊسمبر 1934ع فريڊم فائيٽر پريتم داس آڏواڻي جي ديهانت ٿي. 6 ڊسمبر 1943ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان علي گوهر لاهوري جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1952ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد صادق ڪڇي جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1968ع مذهبي اسڪالر مفتي غلام حسين وليدائي جو لاڏاڻو ٿيو. 6 ڊسمبر 1983ع شاعر شيخ عبدالرزاق راز جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 1986ع ليکڪ عبدالرحيم ڏيٿو جي وفات ٿي. 6 ڊسمبر 2000ع ناليواري قوال عزيز ميان جو انتقال ٿيو. 6 ڊسمبر 2000ع ريڊيو آرٽسٽ ۽ صداڪار عبدالحق ابڙولاڏاڻو ڪري ويو. 6 ڊسمبر 2012ع صدارتي اوارڊ يافته الغوزو نوازالهه بچايو کوسو لاڏاڻو ڪري ويو.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Every change takes place on time and because of reason. But, it is amazing that my beloved/ideal/leader takes no time and stands changed without any reason. In spite of that I accept & respect and trust & love him/her. Because, I am not only simple, but great also] رسڻ پرچڻ لاء رانول کي، گھرجي ساعت نہ ڪي سبب،
اھڙئ روش تي اچي عجب، سرت سونھن ۽ سلام کي. *
Thursday, 4 December 2025
SINDH in history today (5th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. .
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {5th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is difficult task to see self and see our own face without mirror. Dear! I am your mirror, peep into my eyes and look at my heart, see yourself. You will believe that you are most beautiful. Dear! I know your beauty & love, vision & wisdom and kindness & cooperation. You are my dear. You are my ideal and you are second to none.].
جي پاڻ نہ پسين پاڻ کي تان ڏس منهنجي اکين سان پاڻ,
محبت شفقت خدمت عظمت جو تون ئي آھين مانڊاڻ,
آئون ناهيان اڻڄاڻ, سڃاڻان ٿو توء سرت سونهن سلام کي.
*********** SINDH IN HISTORY TODAY (5th December) ********* BIRTHS: 5th December 1. Wali Muhammad Hassan Ali (Karachi/Politician/ birth 5th December 1860), 2. Sobhraj Motwani (Larkano - Ajmir/ birth 5th December 1909) , 3. Premchand Thakur (Shikarpur - Ulhasnagar/Artist/ birth 5th December 1931), 4. Shewakram Naromal Soni (Berani - Ajmir/Singer/ birth 5th December 1933), 5. Allahdino 'Souz' Halai (Poet/ birth 5th December 1937), 6. Noor Muhammad Kango (Kot Lal Bux/Social worker/ birth 5th December 1959), 7. Ghulam Hussain 'Miskeen' (Poet/ birth 5th December 1962), 8. Tabasum Gul Hassan Mahar (Poet/1969) 9. Yahya Munir (Lal Rahuja/Writer/ birth 5th December 1972), 10. Abdul Jabbar 'Saqib' Chawro (Hashim Chawro/Poet/ birth 5th December 1980) ******* DEATHS: 5th December 1.John Jacob of Jacobabad (death 5th December 1858 ), 2. Zeenat Shaikh (Artist/ death 5th December 2012) ********* EVENTS: 5th December 1846: Superindendent of Indian Navy, Bombay sanctions vessels of Indus Flotilla for conveyance of merchandise. It was first time to make vessels available for non - military purposes. 1857: Political Superintendent Upper Sindh intimates the Commissioner that Sindhi had been universally adopted as the language of records in all Departments. 1922: A public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee. Speakers condemn British policy regarding Islam, Muslims and Turkey. 1963: Politician of his own right, ex - Chief Minister of East Bengal and Freedom Fighter Hussain Shaheed Suhrwardi breaths his last. 1964: Federal Minister Z.A.Bhutto denounces the Indian move towards final integration of Jamu & Kashmir with Indian Union. 1971: Soviet warns Pakistan against its dangerous course in war with India, saying that USSR can not remain indifferent to the situation. 1974: Peshawar T.V starts functioning. 1978: The Supreme Court allows Z.A.Bhutto to appear in person in the court during the hearing of Nawab Muhammad Ahmad murder case. 1981: Pakistan signs a 'Letter of offer and agreement' with United Sates for the sale of six F - 16 Jets to Pakistan. 1992: U.S President George Bush thanks Nawaz Sharif for sending troops in Somalia. Talks on phone
. SINDH IN HISTORY TODAY (5th December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 5 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 5.12.1846: انڊين نيوئ جي ڪمانڊر اڄ ”انڊس فلوٽيلا" کي اجازت ڏني ته ڀلي آگبوٽن کي واپاري ۽ تجارتي مقصدن لاء به ڪراچئ ۽ ملتان وچ ۾ ھلايو وڃي. 5.12.1857: اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ اڄ ڪمشنر کي خط لکي ٻڌايو ته سندس ضلعي (جيڪب آباد) ۾ سنڌئ کي دفتري ٻولئ طور استعمال ڪئي پئي وڃي. 5.12.1922: سنڌ جي مختلف شھرن ۾ اتان جي مقامي "خلافت ڪميٽين" طرفان گڏجاڻيون ٿيون, جن ۾ فرنگي سرڪار جي ترڪئ بابت پاليسئ جي ندا ڪئي وئي ۽ عوام کي هوشيار ڪرڻ لاء جلسن سڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 5.12.1964: وفاقي وزير ذوالفقار علي ڀٽي ڪشمير کي انڊيا ۾ ضم ڪرڻ وارئ انڊيا جي ڪوشش جي مذمت ڪئي ۽ اعلان ڪيو ته پاڪستان آزادئ واري تحريڪ ۾ ڪشميرين کي ڪڏهن اڪيلو نه ڇڏيندو. 5.12.1971: سوويت يونئن پاڪستان کي انتباه ڪيو ته هلندڙ جنگ ۾ انڊيا کي اڪيلو نه ڇڏبو ۽ ان جو ڀرپور ساٿ ڏبو. 5.12.1978: سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي اجازت ڏني ته نواب محمد احمد قتل ڪيس ۾ ڀلي پاڻ به ڪيس جي ٻڌڻئ وقت ذاتي طور تي حاضر ٿئي. 5.12.1981: آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ F-16 جهازن جي خريدارئ بابت معاهدي تي دستخط ڪيا ويا. *************** 5 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 5 ڊسمبر 1860ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ٿيو. 5 ڊسمبر 1898ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آباديجو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1909ع سياستدان سوڀراج موٽواڻي (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1931ع آرٽسٽ پريم چند ٺاڪر (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1937ع شاعر الهڏنو سوز هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1959ع سماجي ورڪر نور محمد ڪانگو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1962ع شاعر غلام حسين مسڪين جو جنم ڏينهن آهي. 5 ڊسمبر 1972ع ليکڪ يحيى منير جي پيدائش ٿي. 5 ڊسمبر 1980ع شاعر عبدالجبار ثاقب چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 5 ڊسمبر 1858ع سر جان جيڪب جو انتقال ٿيو. 5 ڊسمبر 1963ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردئ جو انتقال ٿيو. 5 ڊسمبر 1958ع اردو
Wednesday, 3 December 2025
SINDH in history today (4th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
{ 4th December}۔ Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{4th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ I am doing my level best to please Allah, you my dear and myself, but all in vain. It is because of my limitations, mistakes and faults that I am not acceptable to you, even to my self.
My Dear! Help me. What is way out? How you will be pleased?]
نہ پاڻ نہ پرين نہ ئي خدا پرتو ڪوئي ڪين
ٻھڳڻ ٻڌي ڪين ڪا هوء جابره سندي بين,
اوڳڻ اهڙا جو اٿم پوء ملي ڪيئن تسڪين,
ان لاء دنيا دلبر دين, کسي سونهن سلام کان.
*********
BIRTHS & DEATH DATES AND EVENTS (4th of December)
********
BIRTHS: Menghraj Lala (Rohri > Ajmir/Freedom Fighter/1904), Hiro Nigorani (Karachi > Hyderabad Dakhan/Musician/1925), Ali Muhammad Allahrasi (Bero Chandio/poet/1931), Jagdesh Lachhani (Pir Goth > Ulhasnagar/1931), Syed Hussain Shah Bukhari (Sujawal/MRD Activist/1939),Saqi Abro (Uderolal/Poet/1973), Jawed Akhtar (Dadu/Writer/1979)
*******
DEATHS: Hafiz Abdul Hameed Tharechani (Religious Scholar & Freedom Fighter/1963), Milaram Mangatram Wasvani (Publisher & Writer/1972)
*******
EVENTS:
1857: Mutiny is no more there in country, people are in grip of British power therefore Government has to improve communication system to get more and more raw material for its country before any big change in the minds and hearts of people. The Sindh Commissioner is asked y the Bombay Government to work on starting of Steamer from Kotri to Multan.
1920: Moulana Taj Mahood Amroti, Shaisuddin Ahmad Kazi, Haji Muhammad and Abdul Khalq Morai participate in an important session of the Jamiat-ul-Ulema Hind in Delhi in which Non-Co-Operation Movement is declared as per Islamic teachings. (Source: Newspapers).
1947: It is announced that 73500 Indian Muslim migrants have reached today. (Source: Newspapers).
1965: Some figures and facts are released about war damages. It is said that 1033 Pakistanis and 9500 Indians are killed. The number of wounded is 2171 Pakistanis and 11000 Indians. Pakistan lost 165 Tanks, whereas India lost 475. Pakistan lost 14 Saber Jets and India lost 110 planes. (Source: Newspapers).
1968: Mumtaz Ali Bhutto who was arrested under DPR is released. (Source: Newspapers).
1971: Pakistan officially declare war with India. Yahya Khan asks armed forces to advance, strike and destroy India. (Source: Presidential Address to the nation).
1992: Benazir Bhutto is stranded in Karachi due to non-availability of flight, however, Long march takes place from Multan to Lahore. (Source: Newspapers).
1996: Nawaz Sharif calls on President Laghari to discuss with him political situation. (Source: Ibid)
SINDH IN HISTORY TODAY (4th December)
EVENTS:
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation.
Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers
*****
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
4 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ.
***************
ڪجھ واقعا
***************
4.12.1838:
اڄ خط لکي ڪرنل پاٽينجر حيدرآباد ويل ليفٽيننٽ برنس کي هدايت ڪئي ته تون حيدرآباد نه ڇڏ ۽ حڪمرانن سان معاهدي بابت ڳالهاء ۽ هو جيڪڏهن ڪن شقن تي وضاحت گهرن ته ڳالهين ۾ ھنن کي مطمعن ڪر.
4.12.1842:
لارڊ ايلنبرو اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون ڀلي مير رستم علئ سان ڳالهيون هلاء. پر, منھنجو خيال آھي ته توڏي وڌيڪ فوج موڪلي تنھنجا هٿ مضبوط ڪنداسين ته خيرپوري يا حيدرآبادي مير معاهدي ڪرڻ ۾ پوء ڪا ٽال مٽول نه ڪندا.
4.12.1857:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هنن منصوبن تي ڪم شروع ڪرائڻ جي اجازت ڏني:
1). آگبوٽن ذريعي ڪراچئ کان ملتان تائين آمدرفت ڪرڻ, 2). ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل رستو ٺاهڻ لاء ”سنڌ ريلوي" ۽ "ايسٽ انڊيا ڪمپني" جي ۾ ٺيڪي ڏيڻ بابت ڳالهيون مقرر ڪرڻ ۽ 3). سيوهڻ تائين ريلوي لائين جي سروي ڪرائڻ.
4.12.1920:
دهلئ ۾ ”جميعت العلماء ھنڌ" جو اجلاس ٿيو. سنڌ مان مولانا تاج محمود امروٽئ, قاضي شمس الدين احمد, حاجي محمد ۽ عبدالخالق مورائي شرڪت ڪئي. هن اجلاس ۾ حڪومت خلاف "عدم تعاون تحريڪ" هلائڻ بابت ٺھراء پاس ڪيو ويو.
4.12.1947:
پاڪستان قائم ٿئي اڃا مهينا مس گذريا آھن. اڄ پڌرو ڪيو ويو ته هڪ لک پناهگير پنهنجو وطن ڇڏي هتي اڄوڪي هڪ ڏينھن ۾ پهچي ويا آھن.
4.12.1965:
پاڪستان جي دفاع وارئ وزارت جنگ بابت انگ اکر پڌرا ڪيا ته پاڪستان جا 1033 ماڻھون/فوجي ۽ انڊيا جا 9500 فوجي ماريا ويا, پاڪستان جا 2171 ۽ انڊيا جا 11000 فوجي زخمي ٿيا, پاڪستان جا 630 فوجي لاپتا آھن, جنگ ۾ پاڪستان جون 165 ۽ انڊيا جون 475 ٽينڪون تباه ٿيون ۽ پاڪستان جا 14 ۽ انڊيا جا 110 جيٽ جهاز تباه ٿيا.
4.12.1988:
ممتاز علي ڀٽي کي ڊفينس آف پاڪستان رولس مطابق گرفتار ڪيو ويو.
4.12.1971:
صدر جنرل يحيا انڊيا سان جنگ جوٽڻ جو باظابطه سرڪاري طور تي اعلان ڪيو.
4.12.1992:
پيپلز پارٽئ طرفان ملتان کان لاهور تائين لانگ مارچ ٿيو.
***************
4 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
***************
4 ڊسمبر 1904ع فريڊم فائيٽر مينگهه راج لالا (روهڙي /اجمير) جو جنم ٿيو.
4 ڊسمبر 1925ع موسيقار ۽ گلوڪار هيرو هنڱوراڻي (ڪراچي / حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1931ع شاعر علي محمد الهراسي جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1939ع اسٽيج ڊرامن جي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ جڳديش لاچاڻي (پير ڳوٺ / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1939ع سياستدان سيد حسين شاهه بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1940ع اداڪار، موسيقار ۽ بانسري نواز سنتوش گاگومل ڀاڳيا(ڪراچي احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1974ع شاعر ۽ نثر نگار سردار شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
4 ڊسمبر 1979ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ جاويد اختر جو جنم ڏينهن آهي.
***************
وڇوڙو:
***************
4 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر حافظ عبدالحامد ٿريچاڻي جي وفات ٿي.
4 ڊسمبر 1972ع ليکڪ ۽ پبلشر ميلارام منگترام واسواڻي جي ديهانت ٿي.
4 ڊسمبر 1998ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير محمد اسماعيل جي وفات ٿي.
4 ڊسمبر 2000ع هاري اڳواڻ، ڪميونسٽ ڪارڪن ۽ شاعر ڪامريڊ باقر سنائي جي وفات ٿي.
4 ڊسمبر 2012ع لوڪ فنڪاره زينت امان شيخ جو لاڏاڻو ٿيو.
Tuesday, 2 December 2025
Sindh in history today (3rd december). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (3rd December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan
{3rd December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {3rd December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ I am doing my level best to please Allah, you my dear and myself, but all in vain. It is because of my limitations, mistakes and faults that I am not acceptable to you, even to myself. My Dear! Help me. What is way out? How will I be pleased?]
نہ پاڻ نہ پرين نہ ئي خدا پرتو ڪوئي ڪين,
ٻھڳڻ ٻڌي ڪين ڪا هوء جابره سندي بين,
اوڳڻ اهڙا جو اٿم پوء ملي ڪيئن تسڪين,
ان لاء دنيا دلبر دين, کسي سونهن سلام کان
. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (3RD DECEMBER) ********** 3RD DECEMBER BIRTH DATES 1. Moulana Muhammad Qasim (Garhiyasin/Religious Scholar & Freedom Fighter/ birth 3rd december 1887) 2. , 2. Parcharam Tahilram (Ratodero - Ajmir/Arya Samajist/ birth 3rd December 1903) 3. , 3. Beg Muhammad 'Anwar' Bughio (Gud/Poet birth 3rd December /1934), 4. 4. Kan Ahuja (Garhiyasin - Ulhasnagar/Poet/ birth 3rd December 1934) 5. 5. Chakar Ali Junejo (Dhamraha/Politician/ birth 3rd December 1920), 6. 6. Imam Rashdi (Pir Goth near Naudero/Writer/ birth 3rd December 1960), 7. 7. Mustafa Malah (Dadu/Journalist/ birth 3rd December 1970), 8. 8. Mir Hajan Panhwar (Panhwar/Poet/ birth 3rd December 1979) ********* 3rd December DEATH DATES 1. Ghulam Muhammad 'Ghulam' (death 3rd December 1862) ********** 3rd December EVENT Part1 1838: Shah Shuja has made his mind to enter Kabul and British Govt. help this pupet as in his presence and rule it will be easy for them to block Russian entry in the British India. Military officers and Political Agent etc are directed to be in coordination. Mir Rustom Khan of Khairpur is requested to take personal interest and watch the situation with care and even help British officers, if the situation requires. 1856: The difference of opinion emerged on the project of construction of a bridge between Sukkur and Rohri. Lieutenant Col . Jacob insists for abandon of that project and instead, working on the project for construction of a trunk road between Shikarpur and Karachi on the Right Bank of the Indus. But, the Commissioner's pinon get importance and approval accordingly and in this way Civilian authority is treated and accepted better than Military authority and opinion Part2 1885: With the Rs. 1500 donation by Diwan Nawalrai and more donation of Rs. 1500 by Diwan Sahijrai Advani, Hyderabad Municipality starts 'Shoukiram Chandomal Girls' School'. Diwan Nawalrai and his brother Sadhu Hiranand agree to impart education as teachers, free of cost. What a wonder trend is set by social workers of Sindh ! 1942: Congress leaders and workers arrested during 'Quit India Movement' are released in Sindh. 1971: Indian troops attack Pakistan's forward positions all along West Pakistan. ' War in Bangladesh is now war in India', declares Indra Gandhi, the Prime Minister of India. 'Order of the Day' is issued by Pakistan Air Force and C - in - C and war between India and Pakistan starts SINDH IN HISTORY TODAY (3rd December) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 3 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 3.12.1838: فرنگين پنهنجي جي ڪٽ پتلئ شاه شجاع کي افغانستان جو حاڪم ان ڪري تي بڻايو ته جيئن انھئ ملڪ کي پنهنجو دفاعي مورچو بڻائي پاڻ کي ڪنهن ٻاهرين يلغار کان بچائي سگهن. شاه شجاع کي خرچ پکي ۽ ڪابل تي قبضي ڪرڻ لاء گهربل ڏوڪڙ فرنگين سنڌ جي حڪمرانن کان زورئ ڏن طور وٺي ڏنا. اڄ ڪمپني حڪومت مير رستم علئ کي پارت ڪئي ته شاه شجاع ڪابل تي ڪاهڻ جو سوچي رهيو آھي, اوهان اتان جي صورتحال تي نظر رکو ۽ وس پڳي شاه شجاع جا سهڪاري ٿيو. 3.12.1838: پاٽينجر اڄ خط ذريعي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته شاه شجاع ڪابل تي چڙھائئ لاء سوچيو ئي مس آھي ته مير حڪمران مخفي خط و ڪتابت ڪري قنڌار ۽ ايران کي اسان خلاف محاذ ٺاهڻ ۾ لڳي ويا آھن. 3.12.1842: ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته مير علي مراد سان رابطا ۽ ڳالهيون وقتائتيون ۽ ضروري آھن ۽ آئون تنھنجي کنيل قدمن جي منظوري ڏيان ٿو. [نيپيئر هڪ منافق چالباز هو. هن خيرپوري ميرن ۽ خاص طور تي مير رستم علي خان ۽ مير علي مراد خان ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ مير علي مراد خان تي هٿ رکي پنهنجو مقصد پورو ڪيو] 3.12.1856: فرنگي سرڪار خشڪئ رستي اتر سنڌ مان پنجاب سان واپار ڪرڻ ۽ ڏکيئي وقت ۾ فوج کي شڪارپور, سکر يا خيرپور تائين جلدي پهچائڻ لاء سکر ۽ روهڙئ وچ تي پل ٺھرائڻ گهري ته حاڪمن عملدارن جو اهو به رايو جڙيو ته انھئ پل بنائڻ بدران شڪارپور سنڌوندئ جي اولھ ۾ شڪارپور کان ڪراچئ تائين ٽرنڪ روڊ ٺھرائجي. لفٽيننٽ ڪرنل انھئ روڊ ٺهرائڻ جي حق ۾ ھو, ليڪن سرڪار اڄ سندس راء رد ڪندي روهڙي-سکر پل ٺھرائڻ جو فيصلو ڪيو. 3.12.1885: حيدرآباد جي ديوان نولراء 1500 روپيا ۽ ديوان سهجراء به 1500 روپيا چندو ڏنو ۽ ان مان حيدرآباد ميونسپالٽئ "شوقيرام چندنمل گرلس اسڪول" کوليو. انھئ اسڪول به ديوان نولراء ساڌو هيرانند مفت ۾ پڙھائڻ جو ذمو به کنيو. [نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ اها آھي ته 1885۾ نياڻين جي تعليم جي واڌاري لاء ڌن-ڌڻين مالي ۽ علمي مدد ڪئي ۽ اڄ اسان جي زماني ۾ اهڙا مثال نه ٿا ملن] 3.12.1942: ڪانگريس هن سال ۾ ”هندستان ڇڏيو" واري فرنگين خلاف تحريڪ هلائي. سنڌ به هن تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا ڪانگريسي اڳواڻ ۽ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. اڄ کان انھن کي آزاد ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿيو. [ياد رهي ته سنڌ جي ٿڏهوڪي وڏي وزير الله بخش سومري ڪانگريس جي تحريڪ وارن ڏهاڙن ۾ فرنگي سرڪار جو کيس ڏنل خطاب واپس ڪيو هو ۽ ان جي نتيجي ۾ کيس وڏ وزارت تان ڊسمس ڪيو ويو هو] 3.12.1971: انڊيا اڄ اولھ پاڪستان تي حملو ڪيو ۽ ڪيترا محاذ کوليا. اندرا گانڌئ اعلان ڪيو ته "بنگلاديش جي جنگ هاڻي اسان جي جنگ آھي. *************** 3 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 3 ڊسمبر 1887ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا محمد قاسم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1920ع سياسي اڳواڻ چاڪر علي جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1934ع شاعر بيگ محمد انور ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1960ع ليکڪ امام راشدي جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1970ع صحافي مصطفى ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 3 ڊسمبر 1979ع شاعر ۽ اداڪار مير حاجن پهنور جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 3 ڊسمبر 1862ع غلام محمد غلام جو انتقال ٿيو. 3 ڊسمبر 2011ع باليووڊ اداڪار، ليکڪ ۽ هدايتڪار ديو آنند ديهانت ڪري ويو
Monday, 1 December 2025
SINDH in history today (2nd December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (2nd December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan
{2nd December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {2nd December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [In my society, common people like me are facing tough time due to attitudes, approaches and behavior of our own people. Those people are behaving in contradiction of education, religion & culture. They only love to hate & hurt, exploit & undermine everybody and create distances & differences between hearts and minds without reason & justification .They are high risk for beauty & love and peace & progress. DEAR! LET US DISCOURAGE THESE PEOPLE] .
عزت محبت ۽ شفقت، پر سواء ڪنهن ارمان,
اسان مارون ماٹھون تو کان طلبيون جیئدان،
پراون پاسو ڪري ڪيو نہ ڪڏھين پريشان،
پوء پرين تون ڪوه ڪرين بلا ناغي نقصان؟ .
محبت ماٹھپی سواء بڻجي تون ڇو مستان،
پيو وڙھين ویری بٹجي سونھن سلام سان.
************** SINDH IN HISTORY TODAY (2nd DECEMBER) 2nd December ************* BIRTH DATES Allama Ghulam Umar Jatoi (Sono Jatoi/Religious Scholar/ birth 2nd December 1833), Tilokchand Sharma (Politician/ birth 2nd December 1896), Syed Piral Shah 'Piral' (Sahkji/Poet/ birth 2nd December 1898), Rocho 'Khuwabi' (Nawabshah - Ajmir/Poet/ birth 2nd December 1926), Habibullah Narijo (Naudero/Nationalist/ birth 2nd December 1950), Khaliq Bughio (Guchero Purano/Writer/ birth 2nd December 1970) ************ DEATH DATES 1. Abdul Sattar Sufi (death 2nd December 1961), 2. Moulvi Qari Essa (Religious Scholar/ death 2nd December 1963 ********** EVENTS 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. that Meer Noor Muhammad Khan is willing to pay his share to the tribute of Shah Shuja. Ghulam Shah deputed by Meer for helping us in purchasing of grain is not cooperating properly, but is bent upon to create problems. Meer Noor Muhammad called all the Balochs to Hyderabad and brought all with guns to enclosure to my camp and informed our Native Agent that they will oppose the British army but if Pottenger gave him assurance of the safety of country he would issue orders for dispersal of Baloches. 1857: His Highness Meer of Khairpur expresses his loyalty for the British Govt. and desires to serve whenever required by it. His letter is forwarded to the Secret Committee. 1882: First ever Social - cum - political organization 'Sindh Sabha' is formed in Karachi. Dyaram Jethmal, Hassan Ali Effendi and Parsi community leaders are its founder members. The Sindh Sabha played vital role in Social sector and deeply influenced Municipal elections in Karachi. 1923: Lala Lajpatrai is in Karachi. Municipal Corporation presents Welcome Address to him . KMC record is most important source on our history and yet to be researched and preserved. 1964: Political parties term defeat of Fatima Jinnah in the Presidential election as result of rigging. White Paper is issued by them. 1973: Ex - federal minister Khan Abdul Saboor, other officers and 40 thousand people involved in helping Pakistan army are released in Bangladesh SINDH IN HISTORY TODAY (2nd December) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ************ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 2 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 2.12.1838: ڪرنل پاٽينجر شڪارپور ۾ مقيم ليفٽيننٽ ڪرنل برنس کي اڄ خط لکي ٻڌايو ته مون کي ميرن جي نيت تي شڪ آھي ۽ سنڌ مان اٺن, گاه ۽ اناج خريد ڪرڻ لاء اسان کي پروانا شايد نه ڏين. 2.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير نور محمد راضپو ڏيکاريو آھي ته هو شاه شجاه کي ڏن جو مقرر ڪيل حصو ڏيندو. مير پنهنجي طرفان غلام شاه کي ڪم سونپيو آھي ته هو سنڌ مان اسان کي اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ ۾ مدد ڪري, پر غلام شاه اسان سان سچائي نه ٿو ڪري, ان ڪري خريدارئ واري ڪم جي رفتار بلڪل سست آھي. مير نور محمد ٻروچن کي گهرايو هو. اهي مسلح ٿي منھنجي ڪئمپ کان گهڻي اچ وڃ ڪندا رهيا ۽ ماڻھن کي چوندا رهيا ته فرنگي چپ چاپ ۽ شرافت سان سنڌ مان افغانستان طرف نه ويا ته اسان فرنگي فوج سان جنگ وڙھنداسين. 2.12.1846: ڪمپني حڪومت سنڌ جي صوبائي سرڪار کي اجازت ڏني ته "بوٽ کاتو" Boat Department ڀلي قائم ڪيو. [ياد رهي ته انگريزن جي ابتدائي دور ۾ ڪراچئ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلايا ويندا هئا. انھن جو پهريون صدر دفتر جهرڪ ۾ هوندو هو, ان کان پوء گدو بندر ان جو وڏو بندر هوندو هو] 2.12.1847: سنڌ جي ڪمشنر اڄ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر کان پڇيو ته تنهنجي ضلعي ۾ قائم ڪيل بگٽين واري ڪئمپ جو جيڪو جيئن انتظام رکيو ويو آھي, اهو بهتر آھي يا اوهان ڪي تبدليون آڻڻ چاهيو ٿا. [ياد رهي ته بگٽي قبيلي وارا ڦرلٽ ڪرڻ لاء سنڌ ۾ ايندا هئا. انھن مان ڪيترن کي سرڪار پڪڙي ڪئمپون ٺاهي انھن ۾ رکيو ۽ سندن ڏوهن جي عادت مٽائڻ لاء تربيت به ڪئي ۽ پوء انھن کي سنڌ ۾ مختلف ضلعن ۾ آباد ڪيو ويو] 2.12.1857: مير علي مراد خان سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته فرنگي سنڌ جا اڃان حڪمران نه ٿيا هئا ته انھن سان ياري ۽ وفاداري رهي ۽ هاڻي به اڳ کان اڳري وفاداري رهندي. 2.12.1882: سنڌ ۾ سماجي ۽ نيم سياسي نوعيت واري تنظيم "سنڌ سڀا" قائم ٿي. ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جو جنم گهڻو پوء ٿيو. 2.12.1923: لالا لڄپتراء سنڌ ۾ آيو ۽ اڄ ڪراچي ميونسپل کيس دعوت ڏئي گهرايو ۽ هن اتي خطاب ڪيو [ڪي.ايم.سي جي پراڻي رڪارڊ ۾ سنڌ جي تاريخ جو انمول خزانو موجود آھي ۽ اسان جي وڏڙن جي غلطئ سبب اهو محفوظ ٿي نه سگهيو ۽ هاڻي سنڌي تحقيق ڪرڻ ته ڇا پر ڪي.ايم.سي جي ديوارن کي به هٿ لڳائي نه ٿا سگهن] 2.12.1964: مخالف ڌر "وائيٽ پيپر" جاري ڪيو, جنهن ۾ شاهديون ثابتيون ڏنيون ويون ته ايوب ڌانڌلي ڪري صدارتي چونڊ کٽي ۽ زورئ فاطمه جناح کي شڪست ڏياري. *************** 2 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 2 ڊسمبر 1833ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام عمر جتوئي جو جنم ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1896ع اديب ۽ سياستدان تلوڪچند شرما(ڀريا / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1898ع شاعرسيد پريل شاهه پريل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1926ع شاعر روچو خوابي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 2 ڊسمبر 1950ع جيئي سنڌ اڳواڻ حبيب الله ناريجو جي نئون ديرو ۾ پيدائش ٿي. 2 ڊسمبر 1970ع صحافي خالق ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 2 ڊسمبر 1961ع عبدالستار صوفي جو انتقال ٿيو۔ 2 ڊسمبر 1963ع مذهبي اسڪالر مولوي قاري عيسى جي وفات ٿي.
Subscribe to:
Posts (Atom)






