Sunday, 23 November 2025

SINDH in history today (24th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Pathan. **************** {24th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {24th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Everybody speaks about your beauty & love and vision & wisdom, except you. You have forgotten or lost yourself. Listen to the call of time, place and circumstances. People I like me are determined to approach you and pray for your kindness, cooperation and participation. Dear! Be, what you are. You are love, beauty and peace.] ڳالهيون سندء سونهن جون هو ڏس ڪيئن ماڻهون پچارن, مون جيان همٿ نہ هارن, سارن نهارن توکي سلام چئي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (24th November). Sharing of PAST with PRESENT. Humble service rendered by Dr. Dur Muhammad Pathan. ************* Births: 24th November 1. Kazi Fazul Karim (Dadu/Banker, advocate and writer/ birth 24 November 1938 ), 2. Indra Shabnam Poona walla (Poono/Poetess/ birth 24 November 1955), 3. Shabir Qureshi (Sinjhoro/Journalist/ birth 24 November 1967), 4. Sooraj Sijawali (Poet/ birth 24 November 1972). ************ Deaths: 24th November 1. Diyomal Deepchand (Politician/ death 24 November 1935), 2. Muhammad Bux 'Wasif' (Hyderabad/Poet & Freedom Fighter/ death 24 November 1952), 3. Jhangal Shah 'Mast' (Poet/ death 24 November 1967), 4. Mahboob Ali Channa (Writer died 24 November /1977) ************* Events: 24th November 1920: The editor of Al - Wahid, Qazi Abdul Rahman is arrested due to preaching Non - co - Operation Movement against the Govt. 1942: The Ghathar Muslim League resolves to support Sir Ghulam Hussain ministry. 1947: 245,000 Indian Muslims of Sonipat, Dhoolkot, Rohat and Bara migrate to Pakistan. More 2150 enter Pakistan by Motor transport from Karnal, Jullandhar and Nahan state. 1951: Sindh Muhajreen Board demands redressing of problems of farmer Muhajreen. 1952: Pakistan released and published the text of the Indo - American agreement of 1951, which made India a member of a Regional Security Pact as early as March 1951. 1963: The External Affairs Minister, Z.A.Bhutto leaves for Washington to represent Pakistan at the funeral of J.F.Kennedy. 1967: Pakistan backs restoration of the lawful right of China in the United Nation. 1970: All personnel of Pakistan army up to the rank of Major and those belonging to reserve list and sailors under the age of 50 years are ordered to report for duty. 1973: Pakistan may seek arms aid from Arabs if U.S.A persistently refuses to deliver arms. 1981: Pakistan lodged a protest with the Govt. of India over beating of a staff member of embassy in New Delhi on November 21. 1996: Supreme court admits Benazir Bhutto's petition about National Assembly dissolution در محمد پٺاڻ 24 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 24.11.1831: فرنگي سرڪار "سنڌ مشن" جو آغاز ڪيو, جنھن جو ميرن کي مياڻئ جي جنگ ۾ شڪست ڏئي ملڪ تي قبضي ڪرڻ تي ختم ٿيو. انھن ٻارنھن سالن ۾ فرنگين سنڌ ۾ فريب, توسيع پسندئ ۽ منافقئ جي سوين داستانن کي جنم ڏنو. 24.11.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکيو ته تون سنڌ ۾ آھين ۽ مون کان وڌيڪ سنڌ جي صورتحال کي سمجهين ٿو. ان ڪري جيڪو تون فيصلو ڪندين, مان ان منظوري ڏئي ڇڏيندس. مير نصير خان ۽ مير رستم علئ جيڪي پنجاب جي مهاراجا ڏي اسان خلاف جيڪي خط موڪليا هئا, اهي پڪڙي تو وڏو ڪم ڪيو آھي. مير رستم علئ جو وزير فتح محمد غوري جيڪي گوٿناڪيون ڪري ٿو, ان جو ذميوار ۽ جوابدار مير رستم علي ئي آھي. ميرن هٿ سان سيد محمد شريف کي ڀڄايو آھي, جڏهن ته کين خبر به هئي ته هو اسان جو ڏوهاري هو ۽ اسان کي گهربل هو. سيد کي ڀڄائي ميرن معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. مير علي مراد کي اقتدار ۾ آڻڻ انصاف ۽ اسان جي حق ۾ آھي. ڇوته گهڻن ميرن بدران هڪ مير کي سنڀالڻ سولو آھي. ڏکڻ سنڌ ۾ گرمين کان اڳ اسان کي فوجي حملو ڪرڻ گهرجي. 24.11.1920: انگريزن مان جان ڇڏائڻ لاء اسان جي وڏڙن وڏيون قربانيون ڏنيون. شايد ئي ڪا اهڙي مشھور اخبار نه هجي, جنھن جي ايڊيٽر جيل جي سزا نه ڪاٽي هجي. "الوحيد" اخبار جي لڳ ڀڳ سمورن ايڊيٽرن تي ڪيس ٿيا. اڄ ھن اخبار جي ايڊيٽر قاضي عبدالرحمان کي پڪڙيو ويو, ڇو ته هن حڪومت سان سهڪار نه ڪرڻ وارئ تحريڪ جي حق ۽ فرنگي حڪومت جي خلاف لکيو. 24.11.1942: اڄ کان 80 سال اڳ گهٽھڙ تعلقي قمبر جو هڪ ننڍڙو ڳوٺ هئو. ان ۾ ڳوٺاڻن ڏينھن رات هڪ ڪري پاڪستان جي تحريڪ هلائي. اڄ گهٽھڙ ۾ ”مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو ويو. 24.11. 1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته سوني پٽ, ڍولڪوٽ ۽ باڙا مان 245000, ۽ ڪرنال ۽ جالندر مان 2151 پناهگير خير سان پنهنجو اباڻو وطن ڇڏي هتي پهتا. [آھي ڪو محقق جو ٻڌائي ته انھن ھنڌن تي پاڪستان تحريڪ ڪنهن ۽ ڪيئن هلائي ۽ اتي ڪيتريون قربانيون ڏنيون] 24.11.1951: "سنڌ مهاجر بورڊ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته پناهگيرن جا مسئلا هڪدم حل ڪيا وڃن. 24.11.1963: اڄ ملڪ جو وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽو, آمريڪي صدر ڪينيڊئ جي تدفين وارن رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ لاء واشنگٽن روانو ٿيو. ذوالفقار علي ڀٽي ڪيترن ملڪن جي اڳواڻن جي تدفين ۾ شرڪت ڪئي پر سندس تدفين ۾ پنهنجا يا پراوا به شريڪ نه ٿي سگهيا!!! 24.11.1970: انڊيا سان جنگ وارئ صورتحال ڪري موڪلن تي ويل ۽ رزرو سامونڊي ۽ باقي فوجين کي هڪدم ڊيوٽئ تي پهچڻ جو حڪم ڏنو ويو. 24.11.1996: قومي اسيمبلي ڊاهڻ خلاف بينظير ڀٽو اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪئي. *************** 24 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 24 نومبر 1938ع ليکڪ، قانوندان ۽ بئنڪر قاضي فضل ڪريم (دادو) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1956ع شاعره ۽ ليکڪا اندرا شبنم پوناوالا(ڪراچي/ پونا) جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1952ع اردو ٻوليء جي مشهور شاعره پروين شاڪر جو جنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1961ع هندستاني ترقي پسند ليکڪا ارون ڌتي راءِجوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1967ع سنجهوري سان تعلق رکندڙ صحافي شبير قريشي جوجنم ڏينهن آهي. 24 نومبر 1972ع شاعر سورج سجاولي جوجنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 24 نومبر 1935ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ڏيئومل ديپچند ديهانت ڪري ويو. 24 نومبر 1952ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر محمد بخش واصف (حيدر آباد) جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 1967ع شاعر ۽ مولودي جهانگل شاهه مست جي وفات ٿي. 24 نومبر 1977ع اسڪالر ۽ ليکڪ محبوب علي چنا جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2004ع تي پرسوجي گدواڻيءَ جو انتقال ٿيو. 24 نومبر 2012ع ڊان اخبار جو ناليوارو ڪالم نگار ۽ ببيباڪ ليکڪ اردشيرڪائوسجي گذاري ويو. 24 نومبر 2012ع موري سان تعلق سياستدان۽ اڳوڻو سينيٽر قرارالدين جو جي وفات ٿي.

Saturday, 22 November 2025

SINDH in history today (23rd November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

{23rd November}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali. [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {23rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Seeing is believing, but not listening. Listening and believing without verification poisons heart & mind. It is to be on toes and to dance as desired by others. It makes listener high-risk for love & beauty and peace & happiness] من-ڪچو ماٹھو ڀلو، پر ڪن ڪچو سو سڀ لاء ڏچو، ھو نہ رھندو سرت سان، سونھن سان ۽ سچ سان سچو، روش انهئ کان شل بچو، آئون دعاگو آھيان سلام سان. ************* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (23rd of November) ************ BIRTHS: Kazi Faiz Muhammad (Halani/Politician/1908), Paromal Kewalraman (Hyderabad/Publisher & writer/1912)Muhammad Khan ‘Manzoor’ (Poet/1912),Muhammad Paryal Solangi (Sehwan/Writer/1924), Tiklo B.A (Poet & writer/1926),Aamin-u-din Shah (Hingora/Politician/1931), Asad Solangi (Poet/1948), Susan Mirza (Poetess/1957) *********** DEATHS: Moulana Noor Muhammad Nizamani (Tando Soomar/Religious Scholar & Political Activist/1934). ************* EVENTS: 1838: Colonel Pottenger suggest his Government the cession of a portion of Sindh and establishment of ‘Subsidary force’ in lower Sindh. 1919: Sindh plays its role in the First Khilafat Conference held at Delhi. Moulana Taj Mahmood Amroti, Pir Turab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo and Seth Haji Abdullah Haroon are there to attend the Conference. (Source: Gul Hayat website) 1927: W.F.Hudson, the Commissioner of Sindh presides over the opening meeting of ‘Sindh Natural History Society’. The did wonderful work on the Natural History of Sindh and published its work in it Journal. (Source: The Journal of the Sindh Natural History Society, Karachi). 1947: 47 thousand Indian Muslim migrants enter Pakistan (Source: Newspapers). 1954: First Shipment of U.S military aid to Pakistan arrives. (Source: Newspapers). 1955: The Baghdad Pact Council winds up its 2-day conference with a joint 19-point communiqué calling for peace, security in Middle East. (Source: Newspapers). 1960: Urdu is made compulsory subject up to Class X11. (Source: Newspapers). 1967: Mangla dam is inaugurated by President Ayub. A.G.N.Kazi WAPDA chairman presents Well come address. (Source: Ibid). 1971: Emergency is imposed in Pakistan. India mounts full-scale attacks in East Pakistan. U.N Secretary –General is informed by the Pakistan Government. (Source: Newspapers). 1972: Hamood-u-Rahman Commission Report has made Yahya Khan responsible for East Pakistan tragedy, says Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). SINDH IN HISTORY TODAY (23rd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 23 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 23.11.1838: سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي صلاح ٿو ڏئي ته ڏکڻ سنڌ ۾ ڪنهن مناسب هنڌ تي فرنگي مفادن جي بچاء واري فوج Subsidary Force رکجي ۽ ان تي ٿيندڙ خرچ پکي لاء سنڌ جي ڪنهن حصي تي قبضو ڪجي. [ياد رهي ته ميرن کي ڏٽا ڏنائون ته اوهان جي حڪومت ۽ سنڌ کي ٻاهرين حملن کان بچائڻ لاء اسان سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکنداسين. ميرن معاهدي ۾ انھئ کي هڪ شق طور قبول ڪيو] 23.11.1842: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻه خط لکيا. هڪ خط ۾ لکي ٿو ته مير رستم علئ اسان کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء چورئ پنجاب جي مهاراجا ڏي خط لکيا آھن ۽ ظاهر آھي ته انھن خطن ۾ اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي اٿس. هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته سندس مير علي مراد خان سان ڳالھ ٻولھ ٿي آھي. هو اسان کان اقتدار جي مسند تي ويهڻ لاء مدد جو طلبگار آھي. 23.11.1940: سنڌ جي وزير جي.ايم.سيد وزارت تان استعيفا ڏني. 23.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄ ستيتاليھ ھزار پناهگير پنھنجو ملڪ ڇڏي هتي پهچي ويا آھن. 23.11.1954: آمريڪا طرفان فوجي امداد جي پهرين کيپ اڄ پاڪستان پهتي. [فوجي امداد جي نالي ۾ آمريڪا فوجي اسلحو کپائڻ لاء هڪ منڊي حاصل ڪري ورتي] 23.11. 1958: پاڪستان ۾ ڏسي وائسي آئين سازئ ۽ قانونسازئ جي عمل ۾ رنڊڪون وڌيون ويون ته جيئن پنهنجئ مرضئ موجب ملڪ کي هلايو وڃي. اڄ وري جسٽس اي. آر. رحمان جي اڳواڻئ ۾ ھڪ "لا ڪميشن" ويهاري وئي. 23.11.1964: صدر ايوب اڄ صدارتي اميدوار طور فارم ڀرايو. [ياد رهي ته سندس مقابلو پاڪستان جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڪيو ۽ تاريخ ۾ چونڊن چورائڻ ۽ مخالفن کي شڪست ڏيڻ جي هڪ روايت قائم ڪئي وئي] *************** 23 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 23 نومبر 1908ع ليکڪ ۽ سياسي اڳواڻ قاضي فيض محمدجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع ليکڪ ۽ پبلشر پارو مل ڪيولراماڻي (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1912ع شاعر محمد خان مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1924ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪ محمد پريل سولنگي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1926ع ليکڪ ٽڪلو بي اي جوجنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1931ع سياستدان اميرالدين شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1934ع سماجي اڳواڻ ايشور منگهاڻي (حيدر آباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع ليکڪ سوسان مرزا جو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1957ع گلوڪار ڪمار سانوجو جنم ڏينهن آهي. 23 نومبر 1993ع جوهي سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر شهزاد علي لاشاريجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 23 نومبر 1934ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ مذهبي اسڪالر نور محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 23 نومبر 1983ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي چاڪليٽي هيرو وحيد مرادجي وفات ٿي. 23 نومبر 1998ع موسيقار ۽ شرنائي نوازآچر فقير مڱڻهارجي وفات ٿي. 23 نومبر 2015ع اردو جي نامياري شاعر ۽ ليکڪ جميل الدين عالي جي وفات ٿي. 23 نومبر 2018ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ دانشور ۽ اديب استاد عطاءُ اللّٰه ابڙو وڇڙي ويو

Friday, 21 November 2025

SINDH in history today (22nd November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

{22nd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan and translated by his son Mumtaz Ali. GOOD DAY MESSAGES IN DIFFERENT LANGUAGES Dr.Pathan wishes you Good Day. [You are at par in all respects with any Ideal, Leader or Beloved. Do not behave like a follower with Blind Faith. Share your Beauty & Love without any discrimination. Me, people & Motherland need you and your vision & wisdom] پویان ھلندین پوئتي رھندین، ھل گڏجي ھل. پاڻ ۽ پنھنجو پرین، پري نہ رک تون پل. بٹجي نفرت لاء اجل، چئج سلام سرت سان. Dr.Pathan wünscht Ihnen einen guten Tag. [Sie sind in jeder Hinsicht mit jedem Ideal, Anführer oder Geliebten gleichgestellt. Benimm dich nicht wie ein Anhänger mit Blind Faith. Teilen Sie Ihre Schönheit & Liebe ohne Diskriminierung. Ich, die Menschen und das Mutterland brauchen dich und deine Vision und Weisheit] Dr.Pathan te desea buenos días. [Usted está a la par en todos los aspectos con cualquier Ideal, Líder o Amado. No te comportes como un seguidor con Blind Faith. Comparta su belleza y amor sin ninguna discriminación. Yo, la gente y la Patria te necesitamos a ti y a tu visión y sabiduría] Dr.Pathan يتمنى لك يوم جيد. [أنت على قدم المساواة من جميع النواحي مع أي المثالي ، زعيم أو الحبيب. لا تتصرف مثل تابع مع Blind Faith. مشاركة جمالك والحب دون أي تمييز. أنا والناس والوطن الأم بحاجة إليك ورؤيتك وحكمتك] دکتر پتان برای شما روز خوبی آرزو می کند. [از هر لحاظ با هر یک از افراد ایده آل ، رهبر یا عزیز موافق هستید. مانند پیرو با ایمان نابینا رفتار نکنید. زیبایی و عشق خود را بدون هیچ گونه تبعیضی به اشتراک بگذارید. من ، مردم و میهن به شما و بینش و خرد خود احتیاج دارید Dr.Pathan vous souhaite une bonne journée. [Vous êtes à égalité à tout point de vue avec n'importe quel Idéal, Leader ou Bien-aimé. Ne vous comportez pas comme un disciple de Blind Faith. Partagez votre beauté et votre amour sans aucune discrimination. Moi, les gens et la patrie ont besoin de vous, de votre vision et de votre sagesse] ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) ************ BIRTHS: 22nd November 1. Pir Syed Hizbullah Shah Rashdi Takht Dhani (Saint/1842), 2. Ramdas Lakhani (Thatto - Ahmadabad/Writer/1879), 3. Rahim Bux 'Qamar' (Poet/1923), 4. Pir Shah Mardan Shah Pagaro (Saint/1928 ), 5. Mohan Kalpna (Kotri - Ulhasnagar/Writer/1930), 6. Manohar Bedi 'Ajiz' (Kandyaro - Ulhasnagar/Poet/1930), 7. Tirathdas Amirani (Nasir Laghari/Journalist/1946), 8. Shahzado Shaikh (Bakrani/Scholar/1948 ), 9. Siraj Bhatti (Kolachi/Writer/1953), 10. Zahid Hussain Khoja (Bathoro/Journalist/1967) ************ DESTHS: 22nd November 1. Dr.Noor Muhammad Shaikh (Hyderabad/Freedom Fighter/1956), 2. Dr.U.M.Daudpoto (Tilti/Scholar/1958 ), 3. Ahsan Badvi (Shikarpur/Writer/1965), 4. Kazi Nasir Muhammad (1972), ************ EVENTS: 22nd November 1838: Colonel Pottenger requests Lieutenant Chrales, commanding the Court's Surveying Brigade, not to leave coast of Sindh until the arrival of the British troops as his experience and study will be very useful for troops. He also advises Messrs Firth & Co, Bombay not to bring his goods into the interior of Sindh and do not proceed to Shikarpur because it would expose him to the risk of being insulted, if not plundered. 1926: The meeting of ladies is held in Theosophical of Karachi. This meeting of more than 110 ladies support co - education, demand teaching of English at Secondary level, including Music and Physical training in the scheme of education. Mrs. Haji Abdullah Haroon, Mrs. Bandhali Kasim and Mrs. N.D. Mallik play vital role in meeting 1927: The Sindh Natural History Society is formed with Commissioner as its president. 1935: Cricket match is played between Austrelia and Sindh at Karachi. Sindh Team is headed by Ghulam Muhammad. The match is won by guest team. 1948: Do not bracket yourself as Sindhis, Punjabis, Bengalis, Pathan or Balochi. Be Pakistani and behave like Pakistanis, asks people, the Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan, in Dhaka Public meeting. 1963: Atomic Energy Agriculture Center at Tandojam is inaugurated. 1971: India launches an all - out offensive against East Pakistan. 1983: No resumption of political activities in near future, no need of any round table conference, says CMLA Zia. SINDH IN HISTORY TODAY (22nd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.11.1838: فرنگين لفٽيننٽ چارلس کان سنڌ جي ساحلي پٽئ جي سروي ڪرائي. اسان جي حڪمرانن کي نه سروي جو پتو ۽ نه فرنگين جي سازشن جي ڪن جن! چارلس پنهنجو ڪم پورو ڪري واپس ورڻ وارو ھئو ته پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي چيو ته چارلس کي ان وقت تائين واپس نه گهرايو, جيسيتائين فرنگي فوج سنڌ ۾ پهچي. ڇو ته فوج ليفٽيننٽ چارلس جي تجربي ۽ مشاهدي مان گهڻو لاڀ پرائي سگهندي. اڄ پاٽينجر ممبئ جي ميشرس فرٿ ائنڊ ڪمپنئ کي به لکيو ته اندروني سنڌ ۾ شڪارپور تائين حالتون اسان جي حق ۾ نه آھن. ان ڪري پنهنجو مال توکي هوشياري سان آڻڻو پوندو. سنڌي جيڪڏهن ڦريندا نه ته بي عزتو ضرور ڪندئي. 22.11.1926: ڪراچئ جي ٿياسافيڪل هال ۾ 110 عورتن جي گڏجاڻي ٿي, جن ۾ حاجي عبدالله هارون, بنده علي قاسم ۽ اين.ڊي.ملڪ جون ونيون ذڪر لائق آھن. گڏجاڻئ ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ ۾ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا گڏيل تعليمي ادارا هلايا وڃن, ميوزڪ ۽ طبعي تربيت کي ڪورس ۾ شامل ڪيو وڃي. 22.11.1927: ڪمشنر جي اڳواڻئ ۾ سنڌ ۾ "نيچرل هسٽري سوسائٽي" قائم ڪئي وئي. هن سوسائٽئ ڪيترا سال سنڌ جي نيچرل هسٽرئ تي ڪم ڪيو. سوسائٽئ طرفان رسالو به جاري ڪيو ويو ۽ اهي سمورا رسالا گل حيات ۾ محفوظ آھن. ڪاش ڪنهن کي جوش ۽ هوش اچي ته انھن رسالن جو مواد ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي. 22.11.1935: هن وقت ملڪي ڪرڪيٽ ۾ سنڌين جو نالو نشان به ڪونهي. پر ماضئ ۾ سنڌين هن راند ۾ دنيا ۾ نالو ڪمايو. اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ ۽ آسٽريليا وچ ۾ ڪرڪيٽ مئچ ٿي. سنڌ ٽيم جو ڪپتان غلام محمد هئو. راند مهمان ٽيم کٽي. انھئ مئچ جو تفصيل يوٽيوب تي به موجود آھي. 22.11.1948: پاڪستان جي وزير اعظم ڍاڪا ۾ تقرير ڪندي چيو ته پاڻ کي پٺاڻ, پنجابي, بلوچ ۽ بنگالي سڏرائڻ بدران پاڪستاني سڏايو. 22.11.1963: ٽنڊي ڄام ۾ ”ايٽامڪ انرجي ايگريڪلچر سينٽر" جو افتتاح ڪيو ويو. 22.11.1971: انڊيا اڄ اوڀر پاڪستان ۾ ڀرپور جنگ جو آغاز ڪيو. 22.11.1983: صدر ضياء الحق اعلان ڪيو ته نه تڪڙيون چونڊون ٿينديون ۽ نه وري گول ميز ڪانفرنس ڪري سياستدانن سان ڪي ڳالهيون ٿينديون. *************** 22 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 22 نومبر 1842ع پير سيد حزب الله شاهه تخت ڌڻي (پير ڳوٺ) واري جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1879ع ليکڪ رام داس لاکاڻي (ٺٽو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1923ع شاعر رحيم بخش قمر جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1828ع شاهه مردان شاهه (ثاني) پير پاڳاري جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع مشهور سنڌي ليکڪ موهن ڪلپنا (ڪوٽڙي/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1930ع شاعر منوهر بيدي عاجز (ڪنڊيارو/ الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 22 نومبر 1946ع صحافي تيرٿداس اميراڻئ جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1948ع اسڪالر شهزادو شيخ جي جنم جو ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1953ع ليکڪ سراج ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1964ع اديب ۽ محقق الطاف جوکيي جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1967ع بٺوري سان تعلق رکندڙ صحافي زاهد حسين خوجا جو جنم ڏينهن آهي۔ 22 نومبر 1972ع اداڪار ۽ گلوڪار رياض حسين سومرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 22 نومبر 1953ع اسڪالر ۽ سيرت النبي جي مصنف سيد سليمان ندوئ جو انتقال ٿيو. 22 نومبر 1956ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ڊاڪٽر نور محمد شيخ جي وفات ٿي. 22 نومبر 1958عاسڪالر، تعليمدان ۽ محقق شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي وفات ٿي. 22 نومبر 1965ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ احسان بدوئ جي وفات ٿي.

Thursday, 20 November 2025

SINDH in history today (21st November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz. SINDH IN HISTORY TODAY (21st November) BIRTHS: Ram Lal ‘Ramal’ (Chicha > Gondia India/Writer & Artist/1921),Kalab Ali ‘Qalab’ (Talhar/Poet/1926), Luqman ‘Musafir’ (Poet/1956), Ali Muhammad ‘Dard’ Solangi (Kazi Pir Muhammad/Poet/1965) DEATHS: Srth Sobhraj Chetumal (Shikarpur/Social worker/1928) Muhammad Sidik Memon (Educationist & writer/1958), Moulvi Muhammad Naurangzado (Religious Scholar/1967), Amir Bux ‘Nazar’ Sindhi (Jahan Khan Almani/Poet/1967), Faiz Ahmad ‘Faiz’ (1984). EVENTS: 21st November 1932: Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Alama I.I.Kazi and other Muslim leaders meet to consider about starting/founding daily English Newspaper for Sindhi Muslims. But the idea is not materialized because required amount can not be collected. The fact was that the idea was brain child of Alama I.I.Kazi and supported by business minded leaders. It failed because Upper Class had nothing to do with these things. 1932: Muhammad Ayub Khuhro writes to Alama Iqbal requesting him to support Sindh separation case in the Round Table Conference. 1947: Nawab Mushtaq Ahmad Gurmani is blamed by India that he is creating conditions of Hindu - Muslim roits in Bahawalpur state, where he is heading Govt. as its Prime Minister. 1950: The meeting of Jamait-i-Islami, Jinnah Muslim League, Azad Pakistan Party, J.U.I & Ahl-i-Hadith resolve to oppose anti-people policies of Punjab Government. 1958: 30th of November is fixed by Government to surrender false claims pertaining to rural and urban properties. 1968: The United States ambassador to Pakistan discloses that the dismantling of the USA Communication Unit in Badaber, near Peshawar would begin in January 1969. 1993: Army will stay in Sindh and will continue the Operation Clean-up, says Benazir Bhutto, Prime Minister of Pakistan. [21/11, 8:44 am] Dur Muhammad Pathan: SINDH IN HISTORY TODAY (21st November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان ڪرنل پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته کيس مير رستم خان جي وزير ٻڌايو آھي ته مير نور محمد خان حيدرآباد مان جهان خان کي مير رستم علي خان ڏي موڪليو آھي ته جيئن انگريزن سان لاڳاپا رکڻ لاء پاڻ ۾ ھم خيالي پيدا ڪجي. برنس انھئ ڳالھ کي ايئن ٿو پيش ڪري ته جيئن مير نور محمد خان فرنگين خلاف محاذ ٺاهي رهيو هجي. [انگريز ٿوري وقت ۾ پنهنجئ جاسوسئ جو ڄار وڇائي چڪا هئا ۽ ميرن جا خاص ماڻھون فرنگين کي مخفي ڳالهيون ٻڌائيندا هئا. مير رستم علئ جي وزير غوري جو نالو ان سلسلي ۾ ڳڻائي سگهجي ٿو] 21.11.1838: لالا آسانند مير رستم علي خان طرفان حيدرآباد دربار ۾ نمائندو مقرر ٿيل هو. هن برنس کي ٻڌايو ته حيدرآباد مان مير نور محمد خان محمد خان کي خيرپور موڪليو آھي جيئن مير رستم علئ کي وڃي ڏوراپا ڏئي ته تون منهنجي ڪيترن خطن جو جواب نه ڏنو آھي ۽ اهو به نه ٿو ٻڌائين ته انگريزن سان لاڳاپن رکڻ لاء اسان جي ڪهڙي هڪ جهڙي حڪمت عملي هجڻ گهرجي. 21.11.1856: جڏهن ليفٽيننٽ فورڊ اپر سنڌ جو ڪليڪٽر هئو ته هن سرڪار کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي واري گهاڙ واه ۾ اضافي ڪرڻ لاء ان جي کوٽائي ڪرائي وڃي. [ياد رهي ته سرڪار گهاڙ واه جي کوٽائي ڪرائي ۽ اهو لاڙڪاڻي کان شھدادڪوٽ تائين آبي رستو بڻجي ويو ۽ ان ۾ ٻيڙيون هلنديون ھيون. فورڊ جي نالي پٺيان ڪجھ وقت گهاڙ واه کي "فورڊ واه" به سڏيو ويو. 21.11.1840: فرنگي نه چاهيندا هئا ته ڪو غير انگريز سنڌ ۾ قدم رکي. فرنگين کي ڊپ هوندو هو ته روس, فرانس ۽ ايران هندوستان تي حملو ڪري فرنگين جا ٿڏا پٽرائي. ان ڪري فرنگي ڪنھن ٻئي ملڪ جي ماڻھونء کي جاسوس سمجهندا هئا. هنن ڏهاڙن ۾ ميسن Masson نالي آمريڪي سياح سنڌ ۾ آيو ته فرنگين جون ننڊون ڦٽي ويو. سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪارن ۽ سندن حڪومت وچ ۾ انھئ مسئلي تي خط و ڪتابت جو طويل سلسو شروع ٿي ويو. 21.11.1932: ڪراچئ ۾ مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, حاجي عبدالله هارون ۽ علامه آء. آء. قاضئ جا نالا ذڪر لائق آھن. اڳواڻن علامه آء.آء.قاضئ جي تجويز تي غور ڪيو ته سنڌي مسلمانن جي ترجمانئ لاء ڪا انگريزي اخبار ڪڍجي. پر گهربل موڙئ کي پورو ڪرڻ مسئلو بڻجي پيو ۽ اخبار ڪڍڻ واري آس پوري نه ٿي سگهي. 21.11.1932: محمد ايوب کهڙي علامه اقبال کي تار ڪئي ته "گول ميز ڪانفرنس" ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري اسان جي مطالبي جي حمايت ڪريو. 21.11.1947: انڊيا حڪومت نواب مشتاق احمد گرمانئ تي الزام هنيو ته هو بهاولپور ۾ هند-مسلم فساد ڪرائي رهيو آھي. *************** 21 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 21 نومبر 1956ع ليکڪ ۽ شاعر استاد لغاريجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 21 نومبر 1965ع شاعر علي محمد درد (قاضي پير محمد) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 21 نومبر 1991ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ غلام محمد قريشي جي وفات ٿي. 21 نومبر 1996ع نوبل انعام يافته پاڪستاني سائنسدان عبد السلامجي وفات ٿي. 21 نومبر 2015ع مدبر سياستدان، شاعر ۽ سروري جماعت جي روحاني پيشوا مخدوم محمد امين فهيم جو لاڏاڻو ٿيو.

Wednesday, 19 November 2025

SINDH in history today (20th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali {20th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {20th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Whoever keeps his/her desires, demands and ego under control, is a man of vision & wisdom. He/She knows importance and appreciation of love, beauty and peace and shares & promotes them accordingly and properly without discrimination. My Dear! You possess all these qualities. You only can bring better change in hearts, minds and society. Play your part, please.] هلي حڪم تن جو جن جي هٿن ۾ واڳ, رهن سرت ۽ سونهن ڪارڻ سدا سجاڳ, محبت ۽ ماڻھپو تن جي من سندا ماڳ, ڏين ڏکويلن کي ساٿ سلامن جا سهاڳ, ڀلا تن جا ڀاڳ, آئون صدقو وڃا تن تان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (20th Novrmber) BIRTHS: 20th November 1. Kishnchand Relwani (Writer/1908 ), 2. Ram Panjwani (Larkano - Mombai/Writer & Singer/1911), 3. Kanyalal Lalwani (Jacobabad - Mumbai/Singer/1926), 4. Syed Zafar Ali Shah (Nawabshah/Politician/1932), 5. Abdul Ghafar Tabasum (Mirpur Bhutto/Poet/1951), 6. Mazhar Ali Mahesar (Dhingano Mahesar/Political local leader/1951), 7. Nabi Bux 'Sahil' (Qasbo/Poet/1977), 8. Allah Bux Kumbhar (Dhalyar/Journalist/1977). DEATHS: 20th November 1. Seth Sobhraj Chetumal (Shikarpur - Karachi/Social Worker/1928 ), 2. Muhammad Sidique Memon (Hyderabad/Scholar/1958 ), 3. Amir Bux 'Nazar' (Jahan Khan Almani/Poet/1967), 4. Moulana Muhammad Nauragzado (Religious Scholar/1967), 5. Saqib Mangi (Writer/1980). EVENTS: 20th November 1835: Colonel Ponttenger vide his letter No.92 informs Captain Wade, Political Agent of Ludhiyana that boats send by him to Sindh have been detained on Indus by Sindh rulers . 1919: It is turning point In the political history of Larkano. Lahori's family is being challenged by Khilafatees. The meeting of the Anjuman of Larkano is held without its president (Haji Amir Ali Lahori) and Vice President (Mian Ali Muhammad Qadri) and following are elected office - bearers: G.M.Ghulam Ali (President), Seth Khudadad Surhio (V.P), Jan Muhammad Junijo (Secretary) and A.G.Pirzado (Legal Adviser). 1948: Prime Minister Liaquat Ali Khan assures Bengalis in Public meeting in Dhaka that Justice and equal opportunities be provided to all without discrimination. SINDH IN HISTORY TODAY (20th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 20 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.11.1831: انگريز جڏهن اوڀر سنڌ کان سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا ته سڀ کان سوڍن سندن دڳ روڪيا ۽ انھن کي لٽڻ ڦرڻ شروع ڪيو. فرنگي نمائندن ميرن کي دانھون ڏنيون. ان جي نتيجي ۾ ميرن نواب غلام شاه کي جڳت سنگ سوڍي ۽ پونجاجي سوڍي کي مت ۽ مات ڏيڻ لاء مٿن چڙھائي ڪرڻ لاء موڪليو. 20.11.1835: ڪرنل پاٽينجر اڄ لڌيانه جي پوليٽيڪل ايجنٽ ڪئپٽن Captain.Wade کي لکيو ته تو جيڪي ٻيڙيون موڪليون هيون, انھن کي هٿي ميرن روڪي ڇڏيو آھي. [ان ڪري مال بردارئ ۾ مشڪلات پيدا ٿي پيون آھن] 20.11.1850: جيتوڻيڪ ڏکڻ سنڌ ۾ فرنگي حڪومت جو ڏهڪاء ھئو, پر پوء به اتر سنڌ ۾ انگريزن جي عوام طرفان مخالف ٿيندي رهي. خيرپور رياست ۾ جڏهن چوري ٿيندي هئي ۽ پڪڙجڻ کان پوء چور تي ڏنڊ مڙھيو ويندو ته جنهنجي چوري ٿيندي هئي, ان کان چوري موٽائڻ وقت ڪجھ رقم ورتي ويندي هئي. عوام انگريزن جون چوريون ڪيون ته چوري واپس ٿيڻ تي هنن کان به ڪجھ نه ڪجھ ورتو ويندو. ان تي سنڌ جي ڪمشنر خيرپور حڪومت کي گذارش ڪئي ته اسان جي ماڻھن کان ڪجھ به نه وٺو. 20.11.1856: جڏهن سنڌ جون حالتون انگريزن جي حق ۾ نه هيون ته مير علي مراد خان هنن لاء ڇپر ۽ ڇانو بڻيو. سندس انهئ انگريز-دوستئ تي ٻيا مير خوش نه هئا. پر مير علي مراد ڪنھن جي پرواه نه ڪئي ۽ انگريزن سان سهڪار ڪيائين. پوء جڏهن مياڻئ جي لڙائئ بعد ڏکڻ سنڌ ۾ انگريزن جي حڪومت قائم ٿي ته فرنگين مير علي مراد کي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو ۽ هن مٿان انڪواريون ڪرايون. مير علي مراد خان انهئ زيادتئ خلاف راڻئ سان انگلنڊ ملڻ ويو, پر اتي به سوڀيارو نه ٿيو. اڄ مير علي مراد خان ڪمپني حڪومت جي ڪورٽ آف ڊائريڪٽر کي لکيو ته مون ۽ فرنگي حڪومت وچ ۾ پيدا ٿيل اختلاف اسان جي لاڳاپن ۽ دوستئ تي اثرانداز ٿيڻ نه ڏيندس. 20.11.1919: لاڙڪاڻي ۾ 1884 کان وٺي لاهوري خاندان جي سياست ۽ سماج ۾ وڏو اثر رهيو. پر خلافت تحريڪ هن خاندان جي سياسي طور تڏا ويڙھ ڪئي. حاجي امير علي لاهوري "لاڙڪاڻه انجمن" جو صدر هو ۽ ميان علي محمد قادري انجمن جو نائب صدر هو. خلافتي اڳواڻن انھئ انجمن ۾ بغاوت جو ٻج ڇٽيو. ان ڪري انجمن جي صدر ۽ نائب صدر کان سواء انجمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ جي.ايم غلام علئ کي صدر, سيٺ خداداد سرهيئي کي نائب صدر, جان محمد جوڻيجي کي سيڪريٽري ۽ اي جي پيرزادي کي قانوني صلاحڪار چونڊيو ويو. *************** 20 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 نومبر 1903ع تاريخدان ڊاڪٽر اشتياق حسين قريشيجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1911ع ناول نگار رام پنجواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1920ع تعليمي ماهر ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر پروفيسر محمد الياس ابڙوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 نومبر 1926ع سياستدان سيد ظفر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع اردو جي ليکڪا ۽ ڊراما نويس حسينه معين جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1941ع نامياري آبپاشي ماهر ۽ ليکڪ ادريس راجپوتجو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1951ع نامياري شاعر عبد الغفار تبسم جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع شاعر نبي بخش ساحل جو جنم ڏينهن آهي. 20 نومبر 1977ع صحافي الهه بخش ڪنڀر جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 20 نومبر 1928ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ سيٺ سوڀراج چيتو مل ديهانت ڪري ويو. 20 نومبر 1958ع ليکڪ خانبهادر محمد صديق ميمڻ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد نورنگزادو جو انتقال ٿيو. 20 نومبر 1967ع شاعر امير بخش نظر سنڌئ جي وفات ٿي. 20 نومبر 1984ع اردو جي مشهور ترقي پسند شاعر فيض احمد فيضجو انتقال ٿيو. 20 نومبر 2009ع سياستدان، اڳوڻي وزير اعلى ۽ نگران وزيراعظم غلام مصطفى جتوئئ جو انتقال ٿيو.

Tuesday, 18 November 2025

SINDH in history today (19th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

{19th November} Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali [Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {19th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ You are not born to bow before your ego, to be on toes as desired by hatred and discrimination and you are not born to dance to please outdated traditions and values. You are not born to deprive or to be deprived of inner freedom and independence. You are born with cause of beauty, peace and love. You are love, beauty and peace. Dare to share it.] جهڪڻ لاء نہ نچڻ لاء پر تون آئين جوت جلائڻ لاء, لڪڻ لاء نہ بچڻ لاء پر تون آئين سونهن ورهائڻ لاء, ڪهڻ لاء نہ ڪسڻ لاء پر تون آئين هت وسائڻ لاء, اها منزل پرين پائڻ لاء, لھ سار سرت ۽ سلام سان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (19th of November) ************* BIRTHS: Nand Lal Madhokar ‘Aas’ (Shikarpur > Mumbai/Poet/1922), Nanik Madnani (Rohri > New Delhi/Fiction writer/1936), Vashdev Sindhu Bharti (Hyderabad > Jaipur/Writer & Artist/1938) ************** DEATHS: Syed Muhammad Abid Sani Jilani (Saint/1799), Alomal Tekamdas (Karachi/Politician/1924), Sir Shahnawaz Bhutto (Larkano/Minister in Mumbai Government & politician/1957),Syed Miran Muhammad Shah ‘Mir’ (Freedom Fighter, Speaker Sindh Assembly & Poet/1963), Lutufullah Badvi ‘Jogi’ (Shikarpur/Scholar & Poet/1968), Dr.Ibrahim ‘Khalil’ (Hyderabad/Poet/1982). ************** EVENTS: 1838; The Government of India informs Colonel Pottenger that Governor-General received with painful feeling the reports of the of the continued treachery and enmity of the Sindh rulers and that his Lordship was not prepared to take measures against their machinations; that should Mir Noor Muhammad’s future conduct make amends for his past and should he evince a disposition to meet the just and necessary view of British Government the Governor-General would be unwilling to proceed to extremities; that should the negotiations not end in a ready submission to allow the just demands of British Government or in elevation of Mir Sobdar Khan to supremacy of Lower Sindh, he was authorized to gurarantee to each member of the family his separate possessions upon their agreeing to pay such quota of a fair and reasonable subsidy as might be deemed proper; that Governor-General refrained from recording his opinion regarding the releases which Shah Shuja was said to have executed. (Source: indicated). 1928: Staging of English Dramas in Sindh started right from first decade of British era. British military men took the initiate in this regard. It was followed by Dramatic Societies and Companies of India those visited Sindh for years. Sindhis also took interest in staging English Dreamas. Today drama ‘Siddhartha’ is staged in Karachi. Its Music composer is A.G.Chagla and Hamayum Mirza, Sheren Mirza and Principal Goklay took part in acting. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1938: A meeting of the District Dadu Muslim League is held at the residence of Advocate Haji Khan and office-bearers for the next year are elected. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1950: Syed Hashim Raza, Administrator of Karachi asks Business community to contribute donation for the purpose of providing shelter to Indian Muslim migrants. (Source: Newspapers). 1968: East Pakistan joins the protest wave. Students take out processions in big cities demanding release of political prisoners and restoration of democracy. (Source: Newspapers). SINDH IN HISTORY TODAY (19th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.11.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو ته مير نورمحمد جو خاص ماڻھو سيد اسماعيل شاه ڪوشش ڪري رهيو آهي مون ۽ مير وچ ۾ پيدا ٿيل رنجشون گهٽائي. هن مون سان ملاقات دوران چيو ته ذري گهٽ سڀني ڳالهين تي مير ۽ اوهان وچ ۾ اتفاق ته ٿي چڪو آھي ۽ باقي ڪجھ گذارشون ڪيان ٿو, انھن جو اوهان تدارڪ ڪريو. اسماعيل شاه چيو ته:1). اسان کي پڪ ڏيو ته پنجاب ۽ افغانستان اسان لاء خطرو نه ٿيندا, 2). اوهان جو ڪو به فوجي درياه جي هن پاسي نه ايندو, 3). اسان کي معاهدي جي ٻن شقن تي اعتراض آھي. ان لاء اسان جي وڪيل کي وائسراء ملڻ ڏنو وڃي. اسماعيل شاه وڃڻ وقت مون سان خلاصو ٿي ڳالهايو ۽ چيو ته مان ۽ منھنجو خاندان انگريزن جا وفادار آھيون. 19.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته حيدرآبادي ميرن جو رويو مايوس ڪندڙ آهي. مير نور محمد پنهنجي لاء کڏو کوٽي رهيو آھي. شاه شجاع سان وعدو ڪري به هن کي ڏن ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيا آھن. منھنجو خيال آھي ته ڏکڻ سنڌ جي حڪمراني مير صوبدار کي ڏجي. 19.11.1933: حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ۽ سندس ادبي سنگت طرفان قائم ڪيل "سنڌي سڌار سوسائٽئ" فرفان غلام علي چاڳلا جي صدارت ۾ ڪراچي اڪيڊمي هال ۾ مشاعرو ٿيو. هئ طرحي مشاعرو نه هو, ليڪن شاعرن کي "قادر جي قدرت" جو موضوع/عنوان ڏنو ويو هو. 19.11.1938: سنڌ مسلم ليگ جي آرگنائيزنگ ڪميٽئ جي ميمبر محمد ايوب کهڙي جي صدارت هيٺ ميهڙ ۾ حاجي خان وڪيل جي جاء تي مسلم ليگ جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان عهديدارن جي چونڊ ڪئي وئي. 19.11.1968: ايوب شاهئ لاء باه اولھ پاڪستان مان ٻري ۽ ان ۾ اڄ اوڀر پاڪستان به شامل ٿيو. ڍاڪا ۽ ٻين شھرن ۾ حڪومت-مخالف جلوس ڪڍيا ويا. 19.11.1969: پاڪستان ۽ يو.ايس.ايڊ USAID وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان کي 20 ملين $ جو ڀاڻ مهيا ڪيو ويندو. سنڌ جي حقن جي حفاظت جي ڳالھ ڪندڙن ڪڏهن عوام کي ڪونه ٻڌايو آھي ته پاڪستان کي سندس ٺھڻ کان وٺي اڄوڪي ڏينھن تائين ٻين ملڪن مان ڪيتري امداد ملي ۽ ان مان سنڌ کي ڪيترو ونڊ مليو. ************** { 19 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 19 نومبر 1917ع هندستان جي اڳوڻي وزيراعظم اندرا گانڌي جو الهه آباد ۾ جنم ٿيو. 19 نومبر 1922ع شاعر نندي لال مڌوڪر (شڪارپور/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1936ع ليکڪ نانڪ مدناڻي (روهڙي / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 19 نومبر 1938ع اداڪار ۽ ليکڪ واسديو سنڌو ڀارتي (حيدرآباد / جئپور) جو جنم ٿيو. [وڇوڙو]: 19 نومبر 1799ع بزرگ سيد محمد عابد (ثاني) جيلاني جو انتقال ٿيو. 19 نومبر 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان الو مل ٽيڪم داس جي ديهانت ٿي. 19 نومبر 1957ع ناليواري سياستدان سر شاهنواز ڀٽو(ذوالفقار علي ڀٽو جو والد) جي وفات ٿي. 19 نومبر 1968ع اسڪالر ۽ شاعر سيد لطف الله بدوي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 19 نومبر 2008ع ريڊيو ڊائريڪٽر سيد الهه بخش شاهه بخارجو انتقال ٿيو.

Monday, 17 November 2025

SINDH in history today (18th November). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

18th November Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. BIRTH DATES 1. Harichand Gangaram (Hyderabad - Ajmir/Freedom Fighter/ birth 18th November 1922), 2. Menghraj Talrija (Shikarpur - Mumbai/ Writer/ birth 18th November 1928), 3. Khalil Arif Soomro (Johi/Poet/ birth 18th November 1965), 4. Aziz Mangi (Bagi/Poet/ birth 18th November 1968), DEATH DATES 1. Faiz Darya Shah (Hanbah/Saint/ death 18th November 1907), 2. K.B.Nooruddin Nana (Karachi/Educationist/ death 18th November 1970), 3. Moulana Abdul Ghafoor 'Toofan' (Karachi/Religious Scholar, poet and political worker/ death 18th November 1976), 4. Pohomal (Karachi/Labour leader/ death 18th November 1983), 5. Moulana Abdul Haleem Mekan ( Shahdadkot/Religious Scholar/ death 18th November 1979) EVENTS 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Vicar and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandam to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee helds public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. Part2 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sinh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions’s court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔