Saturday, 14 September 2024

Sindh in history today (15th September). Author dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

15th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (15th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Dr.Pathan's unque work on Historical Research SINDH IN HISTORY TODAY (15th SEPTEMBER) 15th September BIRTH DATES Moulvi Muhammad Aqil (Religious Scholar/ birth 15th September 1851), Abdul Rahim ‘Abd’ Junijo (Poet/ birth 15th September 1906), GangaramSamrat (Dadu> Ahmadabad/Journalist & Research Scholar/ birth 15th September 1918), MuneerChanno (Writer/ birth 15th September 1922), Ahmad Khan Siyal (Ganja/Writer/ birth 15th September 1930), Shamsher-ul-Hyderi (Kadhan/Journalist & Poet/ birth 15th September 1932), Syed Nadir Ali ‘Firaq’ (Tharoshah/Poet/ birth 15th September 1935), Muhammad UsmanMangi(Khairodero/Social worker & Founder ManikMotiTanzeem/ birth 15th September 1942), EshwarKirpalani (Tando Adam >Ajmir/Writer/ birth 15th September 1943), Abdul HaqBhart (Bharoti/Ex-Sindh Minister & PPP leader/ birth 15th September 1948) AmanullahShaikh (Larkano/Writer & Political Activist/ birth 15th September 1949), Arz Muhammad ‘Sher’ (MenhoonFaqirShar/Poet/ birth 15th September 1952), Rajib Azad (Sita/Poet/ birth 15th September 1961) Manzoor Ali ‘Sahar’ Soomro (Sehwan/Poet/ birth 15th September 1963) Mashkoor Mustafa Panhwar (Dadu/Poet/ birth 15th September 1968) NooruddinSitai (Sita Village/Writer/ birth 15th September 1972) Muhammad UsmanKhatti (Kadhan/Artist/ birth 15th September 1977). DEATH DATES Pir Syed RashiduddinShahSalis (PirJhando/Religious Scholar/ death 15th September 1899), Haji Jalaluddin (PirPutho/Sajadahnasheen/ death 15th September 1930), Moulvi Din Muhammad Buthvi (Buthi/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 15th September 1931), MoulviMianMahmood (Bora Lakhr/Religious Scholar/ death 15th September 1944), Faqir Muhammad (Vehar/Saint/ death 15th September 1956), BhimandasManvani (Chachak>Ajmir/Freedom Fighter/ death 15th September 1966) MoulanaGhulam Muhammad ‘Girami’ (Mehar/Poet & Editor Quarterly Mehran/ death 15th September 1976) EVENTS 1922: A public meeting is held at Ratodero by the local branch of Khilafat Committee. Speakers ask people to boycott foreign made items and article. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1923: Shaikh Muhammad Ramzan, Secretary Khilafat Committee is sentenced to 12 months imprisonment by the court of the Deputy Collector of Larkano. He was arrested under 108 Criminal Procedure Code for delivering anti-government speech. (Source: The Daily Al-Wahid. Karachi). 1948: Noor-ul-Amin cabinet takes oath in East Bengal [East Pakistan]. He was pro-Pakistani politician and was appointed Prime Minister of Pakistan in Yahya regime. Bhutto was appointed Deputy Prime Minister. (Source: Newspapers). 1972: NAP is involved in anti-Pakistan activities, says President Z.A.Bhutto (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Sardar Shoukat Hayat demands postponement of general election. Such type of politicians helped Zia to take decision regarding postponement. (Source: Newspapers) Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء TRANSLation of the post into sindhi ( 15 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.9.1922: لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري تي شاهنواز خان ڀٽي جو اثر هو. ان ڪري اتي خلافت ۽ ڪانگريس بدران مهاسڀا ۽ امن سڀا کي سرگرم ٿيڻ جو موقعو مليو. البته نئين ديري ڀرسان شاه جو ڳوٺ ۽ رتوديرو ۾ خلافت تحريڪ زور پڪڙيو. اڄ رتيديري ۾ خلافت تحريڪ طرفان هڪ وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته دين ۽ ڌرتئ جي مفاد ۾ هڪ ٿي فرنگي حڪومت خلاف هر تحريڪ ۾ قول ۽ فعل سان حصو وٺو. 15.9.1923: لاڙڪاڻي شھر جي خلافت ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ شيخ محمد رمضان کي سرڪار خلاف تقريرون ڪرڻ تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 108 " هيٺ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. اڄ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪورٽ کيس ٻارهن مهينا سخت پورهيئي سان سزا ڏني. 15.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچي ڪيترن سان ڦٽايو. نيئشنل عوامي پارٽي به سندس نشانو بڻي. اڄ ڀٽي بيان ڏنو ته اها پارٽي پاڪستان خلاف سرگرميون ڪري رهي آھي [ياد رهي ته هن پارٽئ تي پوء پابندي مڙي وئي ۽ ان جي اڳواڻن تي ملڪ دشمنئ جا ڪيس هلايا ويا. ليڪن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ملڪ دشمنئ ۽ بغاوت جا ڪيس کوڙ ماڻھن تي هليا. ليڪن سزا ڪنھن کي به نه ملي ۽ سرڪار اهي لڳايل ڪيس پاڻ ئي واپس ورتا. ان جو سبب اهو ته حڪومت ڪوڙا ڪيس مڙھيا] 15.9.1977: زمانو ضياء الحق جي ظلم ۽ مارشل لا جو آھي. ضياء ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ڪونه هو. پر اهڙو جواز کيس سياستدانن پيدا ڪري ڏنو. مولانا مفتئ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته "اڳ ۾ احتساب,پوء انتخاب". اڄ ھڪ ٻئي مڃيل سياستدان سردار شوڪت حيات مطالبو ڪيو ته هن گنڀير سياسي حالتن ۾ چونڊن نه ڪرايو. *************** 15 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 15 سيپٽمبر 1851ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1906ع شاعر عبدالرحيم عابد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1918ع اسڪالر گنگا رام سمراٽ (سن / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1922ع ليکڪ منير چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1930ع ليکڪ احمد خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1932ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ليکڪ شمشير الحيدرئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1935ع شاعر ۽ صحافي نادر علي شاهه فراق (ٺارو شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1943ع ليکڪ اشور ڪرپلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1947ع صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1949ع قانوندان ۽ سياستدان امان الله شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1952ع شاعر عرض محمد شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1956ع سياستدان ارباب غلام رحيمجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1960ع سماجي ورڪر بيربل گناڻي (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1961ع شاعر رجب آزاد (سيتا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1963ع شاعر منظور سحر (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ مشڪور مصطفى جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع ليکڪ نورالدين سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع عالم، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر آغا بدرالدين(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1977ع اداڪار ايم مصطفى کٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 سيپٽمبر 1899ع مذهبي عالم پير راشد الدين (ٽيون) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1919ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل( ميهڙ) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1930ع حاجي جلال الدين (سجاده نشين پير پٺو) جو انتقال ٿيو. 15 سيپٽمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد بٺوي جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا ميان محمود جو لاڏاڻو ٿيو. 15 سيپٽمبر 1974ع صحافي، ايڊيٽر ۽ شاعر مولانا غلام محمد گرامئ جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2007ع سياستدان ارباب امير حسن(کيتلاري) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2013ع مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي(حيدر آباد / پونا) جي ديهانت ٿي.

Friday, 13 September 2024

SINDH in history today (14th Septembe). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

14th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (14th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr. Pathan wishes you Good Day. ماریئي پنھنجي رمزن سان اٿئي پارت ھاٹي اسان مئا تنهنجي وس، مئي بہ ناھي مون ڪئي بس، تنھنجي برہ سونھن سرت سلام کان. [ TRANSLATION: Your love chained my heart and your beauty snatched everything from me, even life. Now, I am empty handed, even without heart, mind and soul. In spite of this situation, I have not forgotten you. You are my dream and destination.] ************ SINDH IN HISTORY TODAY {14th SEPTEMBER} EVENTS: 1838: Captain Burns informs Colonel Pottenger that he would reach Bukhar by the end of this month and it will be in the interest of requirements of contact with Mirs of Khairpur, if information is provided to him about the country, people and society of Khairpur. (Source: Burns’ letter of 14th September, 1838). 1843: Matter relating to judicial system is discussed between Governor-General of India and Sir Charles Napier, Sindh Governor.Governor of Sindh is advised to continue the system, that has been introduced by him [Sindh Governor], that is trial by Military Courts. However, he is asked to appoint Chief Magistrate/Commissioner as soon as it can be done. (Source: Correspondence between Sir Charles Napier and the Governor-General). 1887: The Governor-General of India lays foundation stone of the building of Sindh Madressah-tul-Islam at Karachi. The construction work was completed in 1890 and it costed Rs.1, 97,188/. Its map and design was prepared by James Strachan. (Source: Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis on Sindh Madressah). 1935: His Highness Sir Agha Khan is not happy with the League of Nations. He says that ‘India was troubled by the League’s lack of universality and by the thin representation of Indians. She was troubled by the great preponderance the League devotes to European interests’. (Source: The Daily Gazettee, Karachi). 1948: Khowaja Nazim-u-ddin takes over as the Governor-General of Pakistan. He was from East Bengal [East Pakistan] where was had remained Premier also (Source: Newspapers). 1953: Mir Ghulam Ali Khan Talpur is elected as the Speaker of Sindh Assembly. (Source: Newspapers). 1964: Dr.Razi-u-ddin Siddiqui is appointed as Vice Chancellor of Sindh University. It was during his tenure that Hamid Sindhi and his contemporary writers/poets held Sindhi Conference in Hyderabad and Dr.Razi-u-ddin Siddiqui was invited there. In this conference and in response to demand by organizers and speakers, the Vice Chancellor announced the establishment of Sindhi Academy and later on this ‘Sindhi Academy’ took the shape of Institute of Sindh ology. 1978: Fazul Ilahi resigns as the President of Pakistan and he is replaced by Zia-ul-Haq.(Source: Newspapers). 1991: Biharis must not create backlash in Sindh, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute) TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH IN HISTORY TODAY {14th SEPTEMBER} EVENTS ( 14 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.9.1838: فرنگي سفارتڪارن کي سنڌ جي سرڪار مان ته ڪو خطرو ڪونه هو, عوام کان ڊڄندا هئا, ڇو ته ماڻهون سندن پٽڪي لاهڻ ۾ دير نه ڪندا ھئا. ڪئپٽن برنس کي سکر مان فرنگي فوج ۽ اٺن لاء اناج ۽ گاه به وٺڻو ۽ خيرپوري ميرن کان بکر جو قلعو به وٺڻو هو, سو اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته هن مهيني جي آخر ۾ اوڏانھن ويندس. ان ڪري ٻڌايو ته اوهان اتان جي ميرن سان ڇا ڳالهايو آھي ۽ اتان جون حالتون ڪيئن آھن. (حوالو: برنس جو خط). 14.9.1840: سنڌ جي حڪمرانن هن دور ۾ اڪثر ڪري عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون. جڏهن پاڻ ۾ اختلاف ٿين ته فرنگين جي سفارتڪارن کان فيصلا ڪرايائون. حيدرآبادي ميرن ۽ ميرپور واري مير شير محمد جي وچ ۾ ملڪي حدن بابت مامرو پيدا ٿي پيو ته هنن ڏکڻ سنڌ لاء فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي گذارش ڪئي ته تون امين ٿي اسان جي اختلافن جو ڇينھرو ڪر.(حوالو: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 14.9.1843: سنڌ جي گورنر نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وچ ۾ سنڌ ۾ عدالتي نظام بابت خط و ڪتابت ٿي. نيپئر کيس ٻڌايو ته هو وقتي طور تي ملٽري ڪورٽس قائم ڪري ڪيسن جو اڪلاء ڪري ٿو. گورنر جنرل کيس چيو ته ٺيڪ آھي ڪم کي ڀلي ايئن هلاء پر ستت چيف ماجسٽريٽ/چيف ڪمشنر مقرر ڪري عدالتي نظام قائم ڪر. 14.9.1887: هن سال سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا. سنڌ ڊي.جي.ڪاليج به قائم ٿيو ۽ ٻه سال اڳ قائم ڪيل سنڌ مدرسي جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر اڄ رکيو ويو. اها اسم گورنر جنرل لارڊ ڊفرن ادا ڪئي. عمارت 1890 ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ان تي هڪ لک ستانوي هزار ۽ هڪ سو اٺاسي روپيا, ڏه آنا ۽ ڇه پايون خرچ آيو. عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن ٺاهيو هو. 14.9.1948: خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻايو ويو. 14.9.1953: مير غلام علي خان ٽالپور سنڌ اسيمبلئ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. 14.9.1978: چوڌري فضل الاهئ کان استعيفا ورتي وئي ۽ ضياء الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ پاڪستان جو صدر به ٿيو. 14.9.1991: بينظير ڀٽو سنڌ ۾ بهارين جي هلت کان ناخوش ٿي چيو ته کين پنهنجي ماضئ وارو ماحول هتي پيدا ڪرڻ نه گهرجن. {14 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1922ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي سراج الحق. 1923ع نامياري قانوندان ۽ سياستدان رام ڄيٺ ملاڻي شڪارپور . 1928ع شاعر ڄيٺانند تاب (حيدر آباد / بمبئي). 1933ع سنڌ جي اڳوڻي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو. 1949ع سياستدان پير مظهرالحق. 1952ع شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي. 1953ع قومي ڪارڪن ۽ سماجي ورڪر عبدالڪريم چانڊيو (سچل ڳوٺ). 1957ع مشهور شاعر آسي زميني(ٽنڊو قيصر). 1962ع سياستدان سيد جلال محمود شاهه. 1962ع صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماجي ورڪر ادريس جتوئي. 1965ع سماجي ورڪر ۽ صحافي سيد جاويد اختر (مٺو جتوئي). 1975ع شاعر گل حسن ساگر. [وڇوڙو]: 1966ع شاعر رئيس ضياء الدين ايس بلبل. 2004ع ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي.

Thursday, 12 September 2024

Sindh in history today (13th Sptember). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

13th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (13th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Pathan wishes you Good Day. Subuh-ba-Khair. Sada Salamat. [Most of people are in sorrows & longings because they live in Past, Present and Future at same time . But, I am no any where. I am misplaced. I am away from past , present and future and more away from time, place and circumstances. However, where I am, I feel and believe that you are in my heart, eyes and mind. Dear! Save my soul and protect and place me under the shelter of your beauty & love and vision & wisdom, please.] ڪي غم ۾ تہ ڪي ڪم ۾ پر تون اسان جي دم دم ۾، نرمل نشانیون تنهنجي نینھن سنديون آھن لڱ لحم ۾، رکج پرین ڀرم ۾، مون کي سرت سونھن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {13th SEPTEMBER} EVENTS from history 1847: The Resident at Khairpur request for permission from Sindh Commissioner to approach His Highness Mir Ali Murad Khan to get site out of city for the construction of Residency at Khairpur. (Source: Letter No. 69 from Resident at Khairpur) . 1848: During operation against Bugtis, some arrests are made at Shikarpur and Hyderabad and they are declared as prisoners of war. In Shikarpur, they are handed over to the Collector and Magistrate and in lower Sindh, they are stationed at Tando Ghulam Ali. (Source: Commissioner’s letter No.2437). 1857: A Bengali Birahman informs Government that Regiment No.21 has planned to revolt against the Government at midnight. Search opretion is started soon after the information is received and revolutionaries are arrested. Seth Naumal plays vital role in collecting information about mutiny. (Source: Memoirs of Seth Naumal and other books). 1948: Hyderabad Dakhan losts its independence. It is occupied by India. (Source: History of Dakhan). 1952: The Security Council discusses the membership proposal of Pakistan for U.N.O. (Source: Newspapers). 1958: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Lahore High Court orders release of Z.A.Bhutto on bail. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute). TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY {13th SEPTEMBER} ( 13 سيپٽيمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.9.1847: باقي سنڌ تي ته انگريزن جو قبضو ۽ راڄ شروع ٿي ويو, ليڪن خيرپور جي حيثيت هڪ الڳ رياست جي رهي, جتي مير علي مراد خان حڪمران ٿيو. هن جي رياست ۾ فرنگي سفارتڪار/ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. اڄ انھئ ريزيڊنٽ سنڌ جي ڪمشنر کان اجازت گهري ته هو مير علي مراد سان ڳالهائي, خيرپور شھر کان ٿورو ٻاهر "ريزيڊنسي" ٺاهڻ جي منظوري وٺي. 13.8.1848: فرنگي سرڪار شڪارپور ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ فوجي آپريشن ڪري بگٽي قبيلي جي ڪيترن ماڻھن کي پڪڙي ورتو. اهي شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڏوهي ڪاروايون ڪري واپس جبلن ۾ ھليا ويندا هئا. انهن قيدي بگٽين کي شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ڪئمپون ٺاهي اتي رکيو ويو. حيدرآباد سندن ڪئمپ ٽنڊو غلام علئ ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 13.9.1857: هڪ بنگالي برهمڻ فرنگي سرڪار کي ٻڌايو ته اوهان خلاف ڏيهي فوجي بغاوت جي سٽي رهيا آھن. خبر ملندي ئي ڪمشنر فوجين جي پريڊ ڪرائي هنن کان هٿيار ڦري ورتا ۽ شڪي فوجين کي گرفتار ڪري ورتو. سيٺ نائونمل هوتچند هن نازڪ ۾ فرنگي سرڪار جي وڏي مدد ڪئي. ان ڪري بغاوت کان اڳ ئي حالتن تي ضابطو ڪيو ويو. 13.9.1948: حيدرآباد دکن پنهنجي آزاد رياست جي حيثيت وڃائي وٺي. انڊيا انھئ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضم ڪري ڇڏيو. 13.9.1958: خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. [مرڪزي حڪومت اتر پاڪستان مان خان عبدالغفار خان ۽ ڏکڻ پاڪستان مان جي.ايم.سيد کي سک جو ساه گهٽ ئي کڻڻ ڏنو. گرفتاريون ۽ نظربنديون, ٻنھي سياستدان جي زندگئ جو اٽوٽ رنگ بڻجي ويو] 13.7.1977: لاهور هاء ڪورٽ اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي ضمانت تي آزاد ڪيو. *************** 13سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 13 سيپٽمبر 1933ع پي پي اڳواڻ ۽ سابق وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي وفات 13 سيپٽمبر 2004ع پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي وفات ٿي

Wednesday, 11 September 2024

Sindh in history today (12th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

12th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (12th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY ) Dr.Pathan wishes you Good Day. [Communication gap creates misunderstandings, differences & distances. Whoever is not ear is not fair and is in fear. In such a situation love & respect, care & cause has to loose its impact & value. It is state of affairs in my society] جي من ۾ رھن سپرین، سي ئي منھن چڙھیا ڪین، پاڻ نہ پڇیئون ڪڏھین، تان ڪیئن گذارن غمگین، اسان جي مسڪین، ڳنڍیون رشتا سرت سلام سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {12th SEPTEMBER} EVENTS from history 1855: Jageer rolls in respect of Shikarpur, Ubaoro, Naushero Abro, Sukkur and Ghotki talukas are prepared by the Assistant Commissioner for Jageers. (Source: Letter No.190) 1920: Statement is issued by Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo from Peshawar that migration to Afghanistan by Sindhis stands stopped/suspended due to unfavorable climate and reaching of 40,000 migrants in Afghanistan. It is further said that suspension order has been issued by the Afghan Government on plea that it has become impossible for the Government to accommodate more migrants there. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Haji Abdullah Haroon meets K.B.Allah Bux Soomro, Premier of Sindh and discussed the issue of Masjid Manzilgah with him. Soon after the meeting, Haji Abdullah Haroon issued press statement blaming the Premier that he is not serious in resolving the matter. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1956: Suharwardi Cabinet takes oath. It is combination of the Republican and Awami League. The only Sindhi minister is Mir Ghulam Ali Talpur. (Source: Newspaper). 1971: Bhutto and Yahya meet to discuss political situation. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1972: Debate on ‘London Plan’ irritates opposition in the National Assembly. Opposition members stage walkout. (Source: Newspapers). 1978: Akbar Bugti is disqualified. He cannot take part in parliamentary politics for next seven years. (Source: Newspapers) SINDHI TRANSLATION: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(12 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 12.9.1839: شاه شجاع,ڪن مير حڪمرانن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ته مير شاه شجاع کي اٺاويھ لک روپيا ڏن به ڏيندا ۽ کيس سنڌ مان لنگه به ڏيندا.اڄ گورنر جنرل ۽ شاه شجاع جي وزير وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي. جنهن ۾ شاه شجاع جي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد جا مير شاه شجاع کي ايڪيه لک ڏيندا. باقي ميرن سان ڳالهيون ڪري ست لک وٺي ڏبا.(حوالو: گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 12.9.1856: انگريزن سنڌ ۾ جاگيرن جو هڪ الڳ کاتو جوڙيو. ان کاتي معرفت ئي ماڻھن کي جاگيرون ڏنيون وينديون هيون. هن کاتي جو اهو ڪم به هوندو هو ته سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي حساب سان جاگيردارئ جو رڪارڊ مرتب ڪري سرڪار کي پيش ڪن ته جيئن انھئ رڪارڊ جي روشنئ ۾ جاگيرن ڏيڻ جو فيصلو ڪري. اڄ جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور, اوٻائڙي, نوشھرو ابڙو, سکر ۽ گهوٽڪي تعلقن جي جاگيرن جا رول [رڪارڊ] ٺاهي ڪمشنر کي اماڻيو. (حوالو: مراسلو نمبر 190). 12.9.1920: خلافت تحريڪ مذھبي جذبي ۽ جنون جي آڌار تي هجرت ڪرڻ لاء ماڻھن کي تيار ڪيو. اهو هڪ غلط ۽ ڀيانڪ سياسي فيصلو هو, جنھن نه فقط سادن سٻاجهن سنڌين کي دربدر ڪيو, پر "ملڪ ڇڏڻ“ جي غلط رسم جو رواج پيدا ڪيو ۽ 1947 کان پوء غير سنڌين انھئ آڌار تي هندستان مان سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان جي ڀينگ ٿي وئي. اڄ هڪ سنڌي مهاجر جو ڪابل مان لکيل خط "الوحيد" اخبار ۾ شايع ٿيو. هو لکي ٿو ته افغانستان جي حڪومت هجرت بند ڪئي آھي ۽ چيو ٿو وڃي ته مهاجرن جو تعداد وڌي ويو آھي. اڳ ۾ سندن آبادڪاري ڪجي, پوء ٻيا مهاجر اچن. في الحال ڪو به نه اچي. اخبار جي ساڳي ئي پرچي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو پشاور مان لکيل خط شايع ٿيو آھي. هو به وڌيڪ سنڌي پناهگيرن کي اچڻ کان منع ٿو ڪري. 12.9.1939: اسان جا وڏا ڪي ڪم ڪري ويا جڏا. هڪ ماڻھوء [الله بخش شھيد] کي هٽائڻ ۽ غير مسلم ليگي حڪومت کي ڊاهڻ لاء مسجد منزل گاه جي بحالئ جي تحريڪ هلائي, ڪيترا بي گناه ماڻھون مارائي وڌائون. اڄ ھن تحريڪ جو اڳواڻ حاجي عبدالله هارون سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري سان مليو ۽ منزلگاه مسجد جي مامري تي ڳالهائڻ بعد بيان ۾ چيو ته وڏو وزير مسلمانن جي جذبن کي نظرانداز ڪري رهيو آھي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 12.9.1948: ڪالھ گذاري ويل پاڪستان جي بانئ ۽ پهرين گورنر جنرل کي ڪراچئ ۾ دفنايو ويو. سندس جنازي جي نماز مولانا شبير احمد عثمانئ پڙھائي. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي هڪ ليڪچر پروگرام ۾ ھاشم رضا ليڪچر ڏنو. هو جناح جي تدفين جو منتظم هو. مون کانئس پڇيو ته "مون تلاش ڪرڻ باوجود قائد اعظم جي آخري ديدار واري تصوير ڪانه ڏٺي آھي. ڇا اها اوهان وٽ آھي ۽ ڏيکاري سگهندا". هاشم رضا منجهي پيو ته ڪاوڙ ۾ الائي ڇا مان ڇا ڳالهائين. 12.9.1954: " ادا ته پاڪستان کي جمهوري ملڪ ڏسڻ پئي گهريو"- ملڪ جي انوکي سياسي ڪلچر کي ڏسندي فاطمه جناح پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو.(حوالو: اخبارون). 12.9.1971: پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ اڪثر ڪري ڊڪٽيٽرن کي ڪجھ سياستدانن ۽ سياستدانن کي ڊڪٽيٽرن جي سهڪار جي ضرورت رهي آھي. اڄ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ يحيا خان جي ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳاله ٻوله ٿي. 12.9.1978: نواب اڪبر بگٽئ تي پاريامينٽ جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي. [جنم ڏينهن]: 1876ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مرزا نواز علي بيگ ”خروي“. 12 سيپٽمبر 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1912ع شاعر محمد يعقوب ”جليس“. 1921ع ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو والد حاجي گل محمد پٺاڻ. 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاه. 1955ع ليکڪ هير سنڌو. 1965ع شاعر سلطان بخاري جي پيدائش. 1968ع شاعر ظفر ناٿن شاهي. 1969ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار انور شيخ. 1973ع شاعر لال ڪٽو . [وڇوڙو]: 1957ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ ڊاڪٽر چئوترام گدواڻي. 1968ع مذهبي عالم مولانا محمد صالح سمون. 1984ع شاعر نجف علي شاهه ”ڪمتر“. 2005ع تعليمدان شيخ واحد بخش.

Tuesday, 10 September 2024

Sindh in history tdy (11th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

11th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (11th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY ) Dr.Pathan wishes you Good Day. [Communication gap creates misunderstandings, differences & distances. Whoever is not ear is not fair and is in fear. In such a situation love & respect, care & cause has to loose its impact & value. It is state of affairs in my society] جي من ۾ رھن سپرین، سي ئي منھن چڙھیا ڪین، پاڻ نہ پڇیئون ڪڏھین، تان ڪیئن گذارن غمگین، اسان جي مسڪین، ڳنڍیون رشتا سرت سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {11th SEPTEMBER} EVENTS from history 1919: It is notified by the Government of India, Army Department that following persons rendered valuable services for the Government during 1st World War: Diwan Tekchand O.B.E, Indian Services (Karachi), Takurdas Jagasia (Karachi); Hotchand Jattani (Karachi); Kishorilal (Karachi); G.Rahumal (Karachi); Keharsing Jawaharsing (Zamindar), B.Naraindas (Zamindar); Ramditomal Lala Jawaharmal (Zamindar) and Vazirmal Utamsing Govinda Bux (Bar-at-Law). 1948: The father of Pakistani nation and first Governor-General of Pakistan Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah breathed his last. He was born in Jhirk, near Thatta and that time Thatta was part of the district of Karachi. It is officially told that he was born in Wazir Mension, Karachi. 1960: It is notified by the Government that Karachi will be given status of a Division with effect from 1st of October 1960. 1965: Pakistan Army captures Khemkaran and Gadaro. War between India and Pakistan is on high peak. (Source: Newspapers). 1988: Mr. Justice5 (Retired) Qadiruddin replaces General (Retired) Rahimuddin as the Governor of Sindh. (Source: Government Notification). 1991: Benazir Bhutto addresses a big public meeting at Karachi and demands for formation of a National Government and holding of fair and free election. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute) TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH IN HISTORY TODAY {11th SEPTEMBER} EVENTS from history "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(11 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 11.9.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ميجر جنرل چارلس کي افغانستان ۾ فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاء سنڌ موڪليو هو.هن پوء سنڌ ۾ رڻ ٻاريو. اڄ گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ ذريعي آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته تون سر چارلس نيپيئر کي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي سنڌ جي حڪمرانن ۽ سندن روين بابت سمورا تفصيل نيپيئر کي پيش ڪر ۽ کيس ٻڌاء ته اسان ميرن سان ڪهڙا ڪهڙا معاهدا ڪيا آھن ۽ ميرن انھن جي ڪيتري پوئواري ڪئي آھي ۽ ڪٿي ڪٿي ويساه-گهاتيون ڪيون آھن. گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ نيپئر ڏي به انهئ خط جي ڪاپي موڪلي ۽ کيس چيو ته سنڌ جي صورتحال ۽ سنڌ جي حڪمرانن بابت رايو قائم ڪري, سرڪار کي باخبر ڪر. (حوالو: سيڪريٽرئ جا خط). 11.9.1919: پهرين مهاڀارئ لڙائئ ۾ ڪيترن انگريز-پرست سنڌين فرنگي سرڪار جي مدد ڪئي. سرڪار انهن جا نالا نوٽيفيڪيشن جي روپ ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپيندي هئي. انھن سمورن جا نالا گل حيات گڏ ڪيا آھن. اڄوڪئ گزيٽ ۾ جن جا نالا ڏنا ويا آھن, اهي آھن: ديوان ٽيڪچند [ڪراچي], ٺاڪرداس جگيسيا [ڪراچي], هوتچند جتاڻي [ڪراچي], ڪشوري لال [ڪراچي], جي. راهومل [ڪراچي], خيرسنگ جواهرسنگ [زميندار], بي. نارائڻداس [زميندار], رامڏنومل جواهر مل [زميندار] ۽ وزيرسنگ اتم سنگ 11.9.1935: 1919 کان وٺي سنڌي ماڻھن خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارمن سنڌ ۽ هند جي سياست کان سواء پرڏيهي سياست تي به نظر رکي ۽ ان بابت پنهنجن ويچارن جو ڀرپور اظھار به ڪندا رهيا. خلافتي سياستدانن ترڪئ ۽ فلسطين جي مسئلن تي ئي سياست ڪئي. ڪانگريسي سنڌين به بين الاقوامي سياست کي نظرانداز نه ڪيو. اڄ ڪراچي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ مسيلوني حڪومت جي حبش خلاف جارحانه حڪمت عملئ خلاف مذمتي ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 11.9.1948: پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي قتلن جيان خود ملڪ جي بانئ جي موت جي به سچي ۽ درست حقيقت عوام اڳيان ڪانه آئي. ملڪ جو باني جو موت اڄ به معمو آھي. اڄ سندس وفات جي تاريخ آھي. هو زندگئ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ھئو ته وقت تي کيس ٻي ايمبولنس نه ملي. وزير اعظم انھئ ڏکئ مهل هن وٽ نه پهتو, پر هڪ سفارت خاني جي فنڪشن ۾ شريڪ رهيو. 11.9.1960: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته پهرين آڪٽوبر کان ڪراچئ کي ڊويزن جو رتبو ڏنو ويندو. 11.9.1988: اڄ جسٽس (رٽائيرڊ) قديرالدين سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 11.9.1991: ڪراچئ ۾ پي.ڊي.اي جي وڏي جلسي کي خطاب ڪندي, بينظير عبوري حڪومت ٺاهي نئين چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. 11.9.1996: اها سنڌي ماڻھونء جي فطرت رهي آهي ته هو ظلم جي خلاف به ٻارڻ ٻاريندو آھي ته بي انصافئ خلاف پاڻ به ٻرڻ ۽ سڙڻ کان ڪونه لهرائيندو آھي. اڄ, انصاف ۽ حق نه ملڻ تي حيدرآباد ۾ مائي زينب ۽ مائئ حاڪم زادئ نالي ٻن ڀينرن پاڻ کي باه ڏني. هنن ڏکوئيل نياڻين جا ٻه ڀائر ٽنڊي بھاول جي انهن شھيدن ۾ شامل هئا, جن کي "را" جو ايجنٽ چئي ۽ ٻيا الزام هڻي بي گناه ماريو ويو هو. پاڻ ساڙيندڙ مائين اڳواٽ اهڙو اطلاع حڪومت کي به ڏنو هو. ليڪن سرڪار ڪو جوڳو قدم نه کنيو ۽ مظلومياڻن کي سڙي مرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. (حوالو: اخبارون). {11 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921ع اسڪالر تاج صحرائي. 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1957ع ليکڪ عاجز يوسفاڻي. 1957ع اسٽيج ڊائريڪٽر کيمچند لاکياڻي. 1974ع صحافي ۽ ليکڪا ڊاڪٽر سنڌو راشدي 1982ع ليکڪ اسد سومرو. [وڇوڙو]: 1916ع شاعر مرزا مراد علي بيگ “ٻڍل”. 1931ع خلافت تحريڪ سان لاڳاپيل سياستدان پير امام الدين راشدي. 1933ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان بولچند آڏواڻي. 1948ع باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح. 1982ع مذهبي عالم مولانا جان محمد ڀٽو.

Monday, 9 September 2024

Sindh in history today (10th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

10th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (10th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th September} and my Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are on Right Path, then you are not all alone. Because, you will be guided, supported and helped by any ideal, beyond your imagination & expectation. Be, what you are. Equip your heart & mind with hope, trust and belief in human love & beauty] جي ھلندین حق جي راھ تي، تان تون ناھین اصل اڪیلو، غیر متوقع مدد ملندء گھٹي، ان لاء ڪو ایندء البیلو، تون بٹائي برہ سندو بتیلو، گھم سمنڊ سرت سلام جو. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {10th SEPTEMBER} EVENTS from history. 1835: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, informs his Government that Mir Noor Muhammad Khan has asked for medical officer to be sent by the Government of India to Hyderabad for his treatment. He has also promised that in future no molestation would be offered to the merchants of India trading by Indus. Pottenger also informs his Government that Mirs were in great tribulation about Ranjeetsing attacking Shikarpur. (Source: Pottenger’s letter No. 63). 1847: Mir Ali Murad Khan is returning from England to home by Trieste and Mr. Coffey is conducting/attending him. Mr. Coffey sends letter to the Government of India that Mir was not happy with the attitude of the Government of India regarding his claim and case about restoration of the rank of ‘Rais’ and of a portion of his territory. During his vest of England, Mir Ali Murad Khan submitted petition to the Queen on the subject. But, he was told that matter will be resolved by the Government of India on the investigation and report of the Sindh Commissioner. (Source: Letter No. 1847 from Secret Committee). 1920: Since the occupation of Sindh by the Government of India, Dramatic Companies visited Sindh and stage their dramas in Karachi. Today, such a company, namely ‘H.B.Waring’s Company’ has arrived at Karachi to stage dramas in English there. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1921: In a public meeting held under presidency of Shahnawaz Khan Bhutto, the Ratodero Aman Sabha is formed with following office-bearers: Shahnawaz Khan Bhutto (President), Rai Bahadur Mulchand (Vice President), Diwan Bhojraj (Secretary), Hardasmal (General Secretary). A Committee of 40 members is also formed to propagate and discourage Non-Co-Operation Movement launched by Khilafat and Congress against the Government. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1939: In the General meeting of the Muslim League held at Dadu, in the Factory of Haji Muhammad Yaqub, Mian Shamsuddin is elected as the chairman of the branch Muslim League. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is the first day of the first session of the Pakistan Constituent Assembly today. The session starts at Karachi and it is attended by 40 members from East Bengal, !7 from Punjab; 3 from NWFP; 01 from Baluchistan and 4 from Sindh. Quaid-i-Azam is elected President, whereas Moulvi Tamizuddin as Deputy President. (Source: Newspapers). 1953: Sanghar is created as new District. It consists of Sanghar, Sinjhoro; Pethoro and Shadadpur talukas. (Source: Government Notification). 1974: Pakistani POWs have to face War Crime Cases at any cost, says Shaikh Mujeeb. (Source: Newspapers). 1977: Ten people are sentenced to imprisonment besides, lashing. They were involved in disturbing PNA meetings (Source: Newspapers). 1981: Detention of Benazir Bhutto is extended for another 3 months. She is sent back to Karachi. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: PDA is formed. It consists of PPP, Muslim League (Malik Qasim Group); Tahrik-i-Istaqlal and TJFP. (Source: Newspapers). 1991: Attack on Benazir Bhutto. Sindh Assembly rules ‘motion’ out of order. (Source: Newspapers) TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY {10th SEPTEMBER} EVENTS from history. ( 10 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 10.9.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته مير نور محمد خان بيمار ٿي پيو آھي ۽ گذارش ڪئي اٿائين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪو گورو ڊاڪٽر موڪلي ڏئي ته منھنجي دوا ڪري. پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته مير مون کي پڪ ڏياري آھي ته اڳتي سنڌ ۾ فرنگين جي واپارين کي سنڌي ماڻھون تنگ نه ڪندا ۽ واپارين جي وڻج خواه ٻيڙن جي ڀرپور حفاظت لاء اسان جي سرڪار سخت قدم کڻندي. پاٽينجر لکي ٿو ته سنڌ جا سمورا مير حڪمران پريشان آھن ته متان رنجيت سنگ شڪارپور تي ڪاهي نه اچي. 10.9.1847: خيرپور جي حاڪم مير علي مراد خان پنهنجا ناراض ڪري انگريزن سان دوستي رکي ۽ ڏکيئي وقت ۾ فرنگين سان نڀايو. پر "ڪم لٿو ڊکڻ وسريو" مصداق, جڏهن فرنگي سنڌ جا حڪمران ٿيا ته هن کي ئي نشانو بڻايائون ۽ سندس رتبو گهٽايائون ۽ زمينون کسيائون. مير علي مراد خان اها دانھن کڻي انگلنڊ ويو ته وڃي راڻئ اڳيان دانھين ٿئي. پر ملاقات ته نه ٿيس, ويتر جواب مليس ته اوهان جو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪندي. ان ڪري انھئ آڏو پنهنجو ڪيس وڃي پيش ڪيو. [مير علي مراد پاڻئ واري جهاز Triste ذريعي واپس ٿي رهيو ۽ اهو احوال کيس ساٿ ڏيندڙ مسٽر Coffey پنهنجي خط ۾ لکيو آھي] 10.9.1920: انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان جي فوجين پنهنجئ وندر ورونهن لاء ڊراماٽڪ سوسائٽيون ٺاهيون, جيڪي انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ڪنديون هيون. پوء ڏيهي ماڻھن به ناٽڪ منڊليون ٺاهيون. جڏهن ڊرامو وندر جو وڏو ذريعو بڻيو ته هندستان جون ناٽڪ منڊليون ۽ ڪمپنيون سنڌ ۾ اچڻ لڳيون. اهو سلسلو تيسيتائين هليو, جيسيتائين سنڌ ۾ سئنيما گهر ٺھيا ۽ ڊرامن جي جاء فلمن ورتي. اڄ ھندستان جي "ايڇ.بي.وارننگ ڪمپني" ڪراچئ آئي, جنهن ڪيترا ڏينھن ڊراما اسٽيج ڪيا. 10.9.1921: شاهنواز خان ڀٽي جي ڪوششن سان رتيديري شھر ۾ سرڪار جي وفادارن جي تنظيم "امن سڀا" قائم ٿي. ان جا هن ريت عهديدار مقرر ڪيا ويا: شاهنواز خان ڀٽو (صدر), راء بهادر مولچند (نائب صدر), ديوان ڀوڄراج (سيڪريٽري) ۽ هرداس مل (جنرل سيڪريٽري). ان کان سواء 40 ميمبرن ٻڌل هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي ته اهي در در وڃي ماڻھن کي سمجهائن ته اهي خلافت يا ڪانگريس کان پاسو ڪن ۽ فرنگي سرڪار جا وفادار ٿي رهن. 10.9.1939: دادوء ۾ حاجي محمد يعقوب واري ڪارخاني وارئ جاء ۾ مسلمانن جو ميڙاڪو ٿيو ۽ ان موقعي تي مسلم ليگ جي شاخ کولي ميان شمس الدين کي ان جو چيئرمن چونڊيو. 10.9.1947: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ جو اجلاس ٿيو. اهو پهرين اجلاس جو پهريون ڏينھن هئو. اجلاس ۾ اوڀر بنگال مان 40, پنجاب مان 17, ڪي.پي.ڪي مان 3, بلوچستان مان 1 ۽ سنڌ مان 4 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس قائد اعظم کي صدر ۽ مولوي تميزالدين کي پنهنجو نائب صدر چونڊيو. 10.9.1974: شيخ مجيب اعلان ڪيو ته پاڪستان جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ جنگي ڏوه ڪيا آھن. ان ڪري جنگي قيدي تي ڪيس هلائبا. 10.9.1977: فوجي حڪومت انھن ماڻھن کي ڳولهي ڳولهي ڦٽڪا هنيان ۽ سزائون ڏنيون, جن ڀٽي جي حڪومت دوران مخالف ڌر جا جلسا ڦٽايا هئا. 10.9.1981: بينظير جي قيد/نظربندئ ۾ ٽن مهينن جو اضافو ڪيو ويو. 10.9.1990: ملڪ ۾ پي.ڊي.اي جي نالي سان سياسي اتحاد جڙيو. انھئ ۾ پيپلز پارٽئ, مسلم ليگ (ملڪ قاسم گروپ), تحريڪ استقلال ۽ ٽي.جي.ايف.پي پارٽيون شامل ٿيون. *************** اڄوڪيڏينهن 10سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر اڪن فقير اڍاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر ديورت پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1952ع اداڪاره پونم روپاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1960ع شاعر امام علي ”مختيار“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1965ع شاعر رحيم بخش مهر ”خادم“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عبدالستار هڪڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع شاعر گل خاصخيلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع ليکڪ نياز شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر شمس الدين شاهه ”شمن“ جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday, 8 September 2024

Sindh in history today (9th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

9th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (9th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day . هوت تون ڪنهن هڪ لاء نہ پر سچ سونهن حق لاء آھين, تون خود خوبين ڀري ڪائنات آھين فقط فرد ناهين ناهين, هوا پاڻئ روشنئ بنا متڀيد سڀ لاء تيئن تون بہ سائين, پوء ڇو دليون دکائين؟ اجايو ٿو لنوائين سرت سلام کان. Translation [ It is right that you are an individual, but not only for self or for any individual. You are a Complete Universe within this Universe. Hence, universality is your real identification and status.status. Don't hide Self, your identification and status under the Shadow of fear and danger of out dated tradions, values and teachings. Sun shines for all and Air freshes all without distrimination. In such a way don't chain your vision & wisdom, beauty & love and talent & potentialities with hated and discrimination, please.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY {9th SEPTEMBER} EVENTS from history. 1842: It is much before the fall of Hyderabad and Talpurs are still rulers of Sindh. Dispute has taken place between Mir Ali Murad Khan, Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Captain Brown, British Agent has been trusted with resolving the problem. Today, he receives letter from Mir Ali Murad Khan complaining the conduct of Mir Naseer Khan. (Source: Letter of dated 9th September, 1842). 1851: The Collector of Karachi compiles report on the Ancient Monuments of the Karachi District. (Source: Letter No.1841). 1857; In Hyderabad artillerymen belonging to ‘Native Artillery Battery’ are captured by the Government. They were blamed for organizing revoult/mutiny against the Government. All face court martial and eight of them are blown away from the gun and eight others were sentenced to transportation of life. (Source: Dr.Azimusan’s Ph.D thesis). 1922: It is the first day of 2-Day Khilafat Conference held at Kambar. It is being presided over by Moulana Abdul Karim Chisti of Shikarpur. Handsome number of local Congress leaders and workers attended the conference. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi) 1947: Karachi is made Head Quarter of the Pakistan Navy. (Source: Government Notification). 1952: One thousand Indian Muslim migrants are refused to settle in Sialkot, the city of Dreamer of Pakistan. (Source: Newspapers). 1960: Bhambhore site is excavated. Human skeletons are found. (Press Release of the Archaeological Department) 1965: Sialkot Sector is war-place between Pakistan and India. It is terrible day. (Source: Newspapers). 1974: Indian press terms action to announce Qadyanis as Non-Muslims a bold step by Bhutto Government. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, by Gul Hayat Institute). 1986: Benazir Bhutto is released. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute). TRANSLATION IUNTO SINDHI; Sindh in history today (9th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 9 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.9.1842: سنڌ ملڪ جا حڪمران آزاد ۽ خودمختيار هوندي به پنھنجا مامرا پاڻ سلجهائڻ بدران فرنگي ايجنٽن کي امين بڻائي, انھن کان حل ڪرائيندا رهيا. فرنگين ميرن جي انھن باهمي اختلافن ۽ ڪمزورين مان ڀرپور فائدو ورتو. اڄ مير علي مراد خان ڪئپٽن برائون کي دانھن ڏني ته مير نصير خان جو هن سان رويو درست ناهي. ڪئپٽن برائون مير علي مراد خان جو پاسو وٺندي مير نصير خان ۽ مير رستم خان جي مخالفت ڪئي ۽ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي مير علي مراد خان جي حق کي تسليم ڪيو. (حوالو: ڳوٺن جي مامري تي ڪئپٽن برائون جي خط و ڪتابت). 9.9.1851: فرنگي هئا ته ڌاريا, پر هنن سنڌ جي ماضئ, تاريخ ۽ قديم آثارن تي وڏو ڪم ڪيو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1841 ذريعي ڪمپني حڪومت کي ڪراچئ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن آڳاٽن ماڳن بابت تفصيلي رپورٽ موڪلي ڏني. اها رپورٽ ھٿ ڪري,جيئن جو تيئن ڇپرائڻ گهرجي. ان جي ڪاپي ممڪن آھي ته سنڌ آرڪائيوز يا انڊيا آفيس لائبررئ ۾ موجود هجي. 9.9.1857 ڪالھ ڳالھ ٿي هئي ته حيدرآباد ۾ فوجين بغاوت جو منصوبو جوڙيو, پر ان تي عمل ڪرڻ کان اڳ پڪڙجي پيا. اڄ ان جا وڌيڪ تفصيل ڏجن ٿا. جن فوجين کي پڪڙيو ويو هو. انھن جو تعلق Native Artillery Battery سان هو. انھن جي اڳواڻي حوالدار ڪمارسنگ ٿي ڪئي. هن کي توب جي منھن ۾ ڏئي اڏايو/ماريو ويو هو. باقي اٺن ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي هئي. 9.9.1922: قمبر ۾ ٽن ڏينھن واري خلافت ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت شڪارپور جي مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ھندو توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ۾ مرد به هئا ته عورتون به هيون. عورتن مان دمنتي ديوئ جو نالو ذڪر ڪرڻ لائق آھي. ڪانفرنس ۾ سمرنا ۾ ڪمال پاشا جي فوجي فتح تي کيس مباڪون ڏنيون ويون. ياد رهي ته سنڌ خلافت ڪميٽئ "سمرنا فند" قائم ڪري, چندو وٺي ڪيترا ڏوڪڙ ترڪن ڏي ڏياري موڪليا هئا. هن ڪانفرنس خلافت تحريڪ جي سياسي اسيرن جي قربانين کي واکاڻيندي کين مباڪون پڻ ڏيون. (حوالو: الوحيد). 9.9.1947: ڪراچئ کي پاڪستان جو نيول هيڊڪورٽر بڻايو ويو. 9.9.1952: پاڪستان جي خواب ڏسندڙ علامه اقبال جي شهر سيالڪوٽ وارن هڪ هزار انڊين پناھگيرن کي شھر ۾ آباد ڪرڻ کان جواب ڏنو. 9.9.1986: سياسي قيدڻ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو. [جنم ڏينهن]: 1867ع تعليم دان پريمچند اوتراءِ. 1897ع حيدرآباد واسي سماج سڌارڪ ڪيول رام شهاڻي. 1907ع شاعر خليفو محمد امين پلي. 1909ع صحافي ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ٻلديو گاجرا. 1931ع ليکڪ الله نور بروهي. 1929ع پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري عمر ارپيندڙ جرمن عورت ڊاڪٽر رٿ ڦائو. 1933ع شاعر آنند کيماڻي. 1940ع شاعر ناطق ڳيريلاني. 1949ع شاعر الله ڏنو “صبا” . 1958ع شاعر آسي نظاماڻي. 1973ع شاعر مقيم جلباڻي. 1974ع شاعر وفا عبدالجبار. [وفاتون]: 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ امام الدين راشدي. 1960ع خلافت تحريڪ جو اڳواڻ شمس الدين قاضي. 1968ع بزرگ حافظ امام بخش سومرو. 1980ع ناليواري راڳي استاد منظور علي خان