Friday, 17 November 2023

SINDH in history today (18th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{18th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {18th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [May heavy rains of love hit desert of our hearts and its light & shower wash our minds, so as we can respect & accept each other; believe in Beauty & Love and work on task of common Bright Future with folk vision & wisdom] وسي پئي نینھن سندو شل مینھن، اوندھ اندر بدران ٿي پئي ڏینھن. من پوء ھر ڪو بٹجي پئي شیھن، ساري نینھن، ماري سور سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) ************ BIRTHS: 18th November 1. Harichand Gangaram (Hyderabad - Ajmir/Freedom Fighter/1922), 2. Menghraj Talrija (Shikarpur - Mumbai/ Writer/1928 ), 3. Khalil Arif Soomro (Johi/Poet/1965), 4. Aziz Mangi (Bagi/Poet/1968 ), ************ DEATHS: 18th November 1. Faiz Darya Shah (Hanbah/Saint/1907), 2. K.B.Nooruddin Nana (Karachi/Educationist/1970), 3. Moulana Abdul Ghafoor 'Toofan' (Karachi/Religious Scholar, poet and political worker/1976), 4. Pohomal (Karachi/Labour leader/1983), 5. Moulana Abdul Haleem Mekan ( Shahdadkot/Religious Scholar/1979) ************ EVENTS: 18th November 1838: Colonel Pottenger suggests his Govt. that British troops shall land at Viccur and must take control of Karachi (as who so ever will control Karachi, will rule Sindh without any difficulty.). 1856: Major Goldsmid remained Assistant Commissioner for Jagers and was from Military side. He was not good books of John Jacob. When Jacob became Acting Commissioner, Major Goldsmid today tenders his resignation from civilian post. 1917: Special meeting of the Sindh Muhammadan Association is held at larkana and it is decided that K.B. Allah Ando shah, K.B.Pir Bux Bhutto and eight landlords will present Memorandum to Montegu on constitutional reforms. 1920: Dokri Khilafat Committee held public meeting on the eve Eid Milad -u- Nabi (P.B.U.H). Speakers pay homage to Moulana Chishti, Moulana Mouladad and Bhagwandas for their sacrifices. They are prisoners at present. 1947: A deputation will be sent to India so as meet Sindhi Hindus and insist them to return back to Sindh, says Khuhro, chief minister of Sindh. 1952: Jinnah Awami League advises Pakistan Govt, not follow provincial quota policy but make appointments on merit so as educated can get the government service. 1966: Aid by Big powers is always conditional and interest - oriented, say President Ayub. 1981: Sukkur Sessions court announces its judgment in murder case of six Hurs. Nine accused persons are sentenced to death. 1992: Benazir Bhutto is stopped to proceed from Islamabad to Liaquat Bagh Rawalpindi. However she manages and addresses public meeting. She is arrested and deported to Karachi. SINDH IN HISTORY TODAY (18th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.11.1838: سنڌ جي حڪمرانن انھئ ڳالھ تي رضامندو ڏيکاريو ۽ اجازت ڏني هئي ته فرنگين جي فوج سنڌ مان گذري ڀلي افغانستان وڃي. اڄ پاٽينجر ايندڙ فوج جي انچارج کي خط لکي ٻڌايو ته اوهان ڪنهن خوف خطري ۽ خدشي کان سواء وڪر ۾ اچي ڊاٻو ڪيو. اوهان جي ڪٿي به رستي روڪ نه ٿيندي. هو وڌيڪ لکي ٿو ته مان اوهان جي سار سنڀال لاء ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ کي وڪر موڪليو آھي. اوهان جيڪڏهن سندس پهچڻ کان اچي ويا ته مون اتي جي برٽش ايجنٽ کي چئي ڇڏيو آھي ته هو اوهان جو خيال رکي ۽ ٻيڙين ۽ ٻئي سامان جو بندوبست ڪري. اسان اوهان لاء اڳ ئي 500 اٺن جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. 18.11.1842: نڀاڳو نيپيئر هن وقت سکر ۾ آھي ۽ بد نيتي اٿس ته اڏري وڃي حيدرآباد وڃي ميرن سان ٻه پاڻي ڪريان. ان حوالي سان اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته سنڌوندئ جو پاڻي تانگهو ٿي ويو آھي. مان ريگستان مان يا سنڌوندئ ڀرسان رستي تان ڪوچ ڪريان. ميرن جون خبرون ملن ٿيون ته سندن خزانو خالي ٿي رهيو آھي ۽ هاڻي پنهنجئ فوج کي پالڻ ھنن لاء مسئلو ٿيندو. ڪيترا ويڙهاڪ هنن کي ڇڏي ويا آھن. سئ سان تپ اسان لاء مسئلو ٿي پيو آھي ۽ ميرن لاء به. هئ هتي انھئ بخار جي مند آھي. مان پنهنجي سپاهين لاء طبي سهولتون مهيا ڪري رهيو آھيان. حيدرآبادي ميرن جا خط موڪليان ٿو, جيڪي اسان پڪڙيا آھن. اهي خط هنن ڀر پاسي وارن کي اسان خلاف اتحاد قائم ڪرڻ لاء لکيا آھن. 18.11.1917: لاڙڪاڻي ۾ ”سنڌ محمدن ائسوسيئيشن“ جي شاهنواز خان ڀٽي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته جماعت جو هڪ وفد آئيني سڌارن بابت پنهنجو موقوف پيش ڪرڻ لاء مانٽيگو سان ملي يادداشت نامو پيش ڪندو. وفد ۾ خانبهادر الهندي شاه, خانبھادر پير بخش ڀٽي, غلام حسين ۽ ٻين ستن زميندارن کي شامل ڪيو ويو. [سنڌ محمدن ائسوسيئيشن جي هن گڏجاڻئ جي مڪمل رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 18.11.1920: مقامي خلافت ڪميٽئ جي اهتمام سان ڏوڪرئ ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري مولوي عبدالڪريم چشتئ, مولوي مولاداد ۽ ڀڳوانداس جي وطن ۽ تحريڪ لاء ڏنل قربانين ۽ جيل ڀوڳڻ تي سندن واکاڻ ڪئي وئي ۽ حڪومت طرفان خلافيتن خلاف ٿيندڙ ظلم زيادتن جي مذمت ڪئي وئي. 18.12.1933: ڪراچئ ۾ ”بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو, جنهن جي مصرع طرح ھئي: "هئ زندگي اسان جي مثل - حباب آهي". هن مشاعري ۾ ذاتي يا قلمي طور تي حصي وٺڻ وارن ۾ ڪجھ ھئا: حڪيم فتح محمد سيوهاڻي, لعلچند مجروح, هدايت علي نجفي, قادر بخش بشير, حاجي محمود خادم, محمد بخش واصف ۽ غلام احمد نظامي. 18.11.1966: صدر ايوب انھئ ڳالھ کي مڃيو ته وڏا ملڪ مفت ۾ امداد نه ڏيندا آھن. امداد ڏيڻ وقت سياسي مفاد سندن ذھن ۾ ھوندا آھن. 18.11.1972: انڊيا ۽ بنگلاديش انھئ ڳالھ تي راضي ٿيا ته سولين جنگي قيدي پاڪستان کي واپس ڪبا. 18.11.1981: سکر جي سيشنس ڪورٽ ڇهن حرن کي مارڻ واري ڪيس تي فيصلو ڏيندي 9 ملزمن کي ڦاهئ جي سزا ٻڌائي. ياد رهي اهي حر 6 آڪٽوبر 1973 تي ماريا ويا هئا. 18.11.1992: منع ۽ سختئ باوجود ڪنھن نه ڪنهن طريقي سان بينظير ڀٽو اسلام آباد مان نڪري لياقت باغ وڃي جلسي کي خطاب ڪيو. پوء کيس جهلي زورئ ڪراچئ اماڻيو ويو. ************** {18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} جنم ڏينهن: 18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔ 18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔ 18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو. 18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔

Thursday, 16 November 2023

SINDH in history today (17th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{17th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {17th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Dear! Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share it, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان سرت ۽ سلام سان. ************ ************ EVENTS: 1938: Colonel Pottenger, Political Agent, forwards Parwana signed by Mir Noor Muhammad Khan to Captain Burns and ask him to purchase corn as now he can because of permission granted as per Parwanas. 1904: Seth Harchandrai Vishindas is in Larkana so as to open branch of the Sindh Hindu Shabha. Lalchand Navalrai is his host. 1919: Home Rule League Hyderabad requests Govt. to remove restrictions on leaders (Bipin Chandra pal and B.G.Tilak) visiting Punjab. The resolution was passed in the meeting held in Holmsted Hall with Hiranand Santokram in Chair. 1939: G.M.Syed along with other leaders of Masjid Manzalgah Restoration Committee is arrest and withthe result that Hindu - Muslim riots erruped in the Sukkur District. 1947: Eighty thousand panahgeers reach Pakistan. 1958: Allam Mashrqi is acquited inDr.Khan Sahib's murder case. 1965: In the case, if another war is imposed upon Pakistan, India will its battle field, say Z.A.Bhutto. 1971: Curfew is imposed and house to house search is made in Dhaka. 1972: Sindh Assembly passes Sindhi Language bill. 1979: Jamait -i - Islami losts it founder. Moulan Mjumudi is dead. 1988: Election results are announced. PPP secure 92, IJI 54 & Independents 40 seats in the National Assembly. ************ 17th of November BIRTHS: Seth Tayab Ali Alvi (1894), Notandas "Sagar" (1925), Syed LalShah "Souz" (1939), Dildar Sanjarani (1945), Ghulam Nabi "Mushtaq"(1957), & Syed Asghar Ali Shah (1959). SINDH IN HISTORY TODAY (17th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.11.1838: ڪرنل پاٽينجر اڄ حيدرآباد مان خيرپور برنس کي مير نور محمد ۽ مير نصير خان جا سنڌ مان اناج ۽ اٺ خريد ڪرڻ بابت جاري ڪيل پروانا ۽ 30 هزار روپين جون هنڊيون ڏياري موڪليون ۽ کيس تاڪيد ڪيو ته اٺن ۽ اناج جي خريداري شروع ڪريو. 17.11.1838: برنس اڄ مير رستم علي خان کي لکيو ته اوهان طرفان ڪمال خان خط ۽ مخفي نياپو کڻي آيو آھي. خوشئ جي ڳالھ آھي ته اوهان اسان سان دوستئ وارو معاهدو ڪرڻ گهرو ٿا. اسان اوهان سان اهو معاهدو ڪنداسين جو اوهان ۽ اوهان جو خاندان خوش ٿي ويندو. چار ڏينھن اڳ مون دريا خان جيلانئ ۽ خير محمد خان غورئ هٿان توڏي نياپا ڪيا آھن. پڪ ته اوهان کي سربستو حال احوال مليو هوندو. 17.11.1904: سيٺ ھرچندراء وشنداس اڄ ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي پهتو. هن ضلعي جي نامور هندو اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ کين "سنڌي هندو سڀا" ۾ شامل ٿيڻ ۽ انھئ پارٽئ کي فعال بنائڻ جي پارت ڪئي. 17.11.1919: سرڪار "روولٽ ائڪٽ“ وارو ڪارو قانون لاڳو ڪري,هندستان جي ڪيترن اڳواڻن جي چرپر تي پابندي لڳائي. اڄ حيدرآباد ۾ ”ھوم رول ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته بپن چندرپال ۽ تلڪ تان پنجاب وڃڻ تي لڳايل پابندي هٽائي وڃي. 17.11.1939: سنڌ سرڪار "مسجد منزلگاه بحالي تحريڪ" جي سختگير اڳواڻن کي گرفتار ڪيو, جن ۾ جي.ايم.سيد ۽ آغا نظر علي به شامل هئا. حڪومت زور تي "مسجد منزلگاه" جو قبضو به پنھنجي هٿن ۾ ورتو. حڪومت جي انھئ سخت قدم مامري کي وڌائي ڇڏيو. ان جي نتيجي ۾ ھن تحريڪ جي موافقت ۽ مخالفت چوٽ چڙھي وئي, جنھن ۾ 151هندن ۽ 14 مسلمانن کي پنهنجئ حياتئ تان هٿ کڻڻو پيو. جي.ايم.سيد جي گرفتارئ کان پوء رد عمل طور دادو ۽ لڪئ جي وچ ۾ ريل جون ڪن هنڌن تان پٽڙيون به اکاڙيون ويون ۽ ٽيليفون جون تارون به ڪٽيون ويون. 17.11.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته اڄوڪي ڏينھن تي ڀارت مان 80 هزار پناهگير پهچي ويا آھن. 17.11.1950: پير الاهي بخش گهر ڪئي ته لالوکيت (لياقت آباد) ۾ پناهگيرن کي ترت شهري سهولتون مهيا ڪيون وڃن. 17.11.1958: علامه مشرقئ تي ڊاڪٽر خانصاحب کي قتل ۾ ڪيس ھلندڙ ھو. اڄ کيس آزاد ڪيو ويو. 17.11.1971: اڄ اوڀر پاڪستان جي گادئ واري شهر ڍاڪا ۾ ڪرفيو لڳائي گهر گهر تلاشي شروع ڪئي وئي. 17.11.1972: سنڌ اسيمبلئ اڄ ”ٻولئ وارو بل" پاس ڪيو, جنهن ۾ ڪراچئ جي گهٽين ۾ ٿڏيو ويو. 17.11.1988: ضياء الحق جي موت کان پوء ٿيل ڪالهوڪين قومي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ پيپلز پارٽئ 92, آء.جي.آء 54 ۽ آزاد اميدوارن 40 سيٽون کٽيون. *************** 17 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 17 نومبر 1894ع آزادي جي تحريڪ جي سرگرم اڳواڻ ۽ واپاري طيب علي علوي جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1925ع شاعر نوتن داس ساگر جو جنم ٿيو. 17 نومبر 1939ع شاعر سيد لعل شاهه سوز جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1952ع نامياري گلوڪاره رونا ليلىجو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1957ع شاعر غلام نبي مشتاق جو جنم ڏينهن آهي. 17 نومبر 1959ع گهوٽڪي جي صحافي سيد اصغر علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 17 نومبر 1956ع شاعر شيرل باڊاهي جي وفات ٿي. 17 نومبر 2007ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن ۽ فلمن جي امر اداڪار شفيع محمد شاههجو ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب انتقال ٿيو. 17 نومبر 2010ع سنڌي ۽ اردو ڊرامن جي ٽي وي پروڊيوسر فيض ٻگهيو جو انتقال ٿيو. 17 نومبر 2012ع انتها پسند هندو تنظيم شيوسينا جي اڳواڻ بال ٺاڪري جي وفات ٿي آهي.

Monday, 13 November 2023

SINDH in history today (14th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{14th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {14th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Moon light is not for to help moon in searching of its own way in dark nights. In such a way earth & sky, sun and human beings are not for own & self. Nothing is our and nothing is ever lasting. Health & wealth, life & age and even beauty. Hence, it is natural to be part of universe and its culture] پرین ! نہ اٿس پاڻ لاء، ھوء جا چنڊ جي چاندوڪي، جنھن من سرت کي، سمجھیو سونھن کي ڪڏھوڪي، تنهن ریت نہ پوء روڪي، نوڙت دعا سلام جي. ************** EVENTS 1843: The Collector of Karachi, forwards to Commissioner a petition from Syeds of Thatta , praying that Rs.1400 per annum be continued as it was granted by Sindh Rulers for the support of their religious activities. The Collector disfavours this petition. 1847: The Collector of Shikarpur prepares Memorandum on the history of Shikarpur. It is a wonderful and important document ever compiled by English to trace the history of Shikarpur. 1857: It is notified for all the officers and concerned quarters that spelling of the word 'Sind' be adopted in future. Prior to this it was being written in different spellings. 1916: Arya Samaj, one of the oldest NGOs of Karachi, elects its office - bearers. Dayaram Hemraj, Rewachand Bhugtani and Chandra Bhanu Shewak are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1919: A pamphlet is distributed in Larkano bearing names of leading Khilafat leaders such as Jan Muhammad Junijo, Pir Turab Ali Shah, Moulvi Muhammad Aqil, Seth Khudadad Khan Surahio and others. It is Rejoinder to the pamphlet issued by Anjuman Islam and Municipalty of Larkano. In this pamphlet people are advised to attend public meeting on 17th instant and do not believe in misguiding pamphlet by Anjuman Islam. 1944: G.M.Syed and Syed Ghulam Hyder Shah are re - elected president and General Secretary of the Sindh Muslim League ************** BIRTHS: 1. Girdharlal 'Garija' (Shikarpur - Mumbai/Writer/1931), 2. Faiz Muhammad Talpur (Jhudo/Writer/1938 ), 3. Altaf Shaikh (Hala/Writer/1944), 4. Abro Gul Hassan 'Ghamghen' (Hothi/Poet/1952), 5. Altaf Bedar (Larkano/Writer/1958 ), 6. Allah Bux Qureshi (Nasirabad/Journalist/1970) ************** DEATHS: 1. Seth Sobhraj Chatomal (Shikarpur/Social Worker/1928 ), 2. Moulana Zahur -ul- Hassan (Religious Scholar/1972), 3. Hakim Sufi Lal Bux Kandhro (Kandhro/Writer/1984) SINDH IN HISTORY TODAY ( 14th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ************** 14 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي واقعاتي تاريخ. تحقيق ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ *************** ڪجھ واقعا ************** 14.11.1838: ڪئپٽن برنس اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته حيدرآبادي مير لاهي پاهي خيرپوري ميرن کي مڇرائن ٿا ته اوهان فرنگي ايجنٽن کي ٿڙي ڪڍو. پر شڪر آھي جو خيرپور وارا سندن ڳالهين ۾ نه ٿا اچن. برنس اهو به ٻڌايو ۽ لکيو ته مان پنهنجئ فوج لاء ھتي اناج، اٺ ۽ گاه هٿ ڪرڻ ۾ مصروف آھيان. 14.11.1842: ھڪ ئي ڏينهن تي فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي ٻه خط لکيا. انهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). ميرن کي منهن ڏيڻ لاء جي چاهين ته وڌيڪ فوج موڪليان. پر سمجهان ٿو هنن سان پڄڻ جيتري تو وٽ فوج آھي، وڌيڪ گهرجئي ته ٻڌائجان، 2). ڪو مير مستي ڪرئي ته هن جي زمين ۽ مال ملڪيت ضبط ڪجان ۽ اهڙي سزا ڏجانس جنهن جو هندستان ۾ مثال موجود نه هجي، بلڪ مثال ٿي پئي. 14.11.1843: مير ٺٽي جي سيدن جي مالي مدد ڪندا هئا، جيڪا فرنگي سرڪار بند ڪئي. ان تي سيدن سرڪار کي درخواست ڪئي ته کين 1400 روپيا سالياني سرڪاري مدد ڏيو. اها درخواست ڪراچئ جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي، پر ان تي سيدن جي گهر خلاف نوٽ ھنيائين. ٺٽي جي سيدن جي انهئ مامري تي کوڙ سارو مواد موجود آھي. 14.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ شڪارپور جي تاريخ تي نهايت اهم دستاويز لکيو. 14.11.1857: هن کان اڳ ”سنڌ“ لفظ انگريزئ ۾ مختلف مختلف صورتن ۾ لکيو ويندو هو. اڄ ڪمشنر طرفان سمورن عملدارن کي تاڪيد ڪيو ويو ته Sind لکيو وڃي. 14.11.1961: خان عبدالغفارخان ۽ جي.ايم.سيد ڄڻ ڄاوا ئي جيل پوڻ يا نظربند ٿيڻ لاء ھئا. اڄ خان غفار خان جي نظربندئ ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي. 14.11.1993: فاروق لغارئ پاڪستان جي صدر طور قسم کنيو. پيپلز پارٽئ کيس پنهنجو سمجهي صدر بڻرايو. پر هن ئي پيپلز پارٽئ جي حڪومت ڊاهي پٽ ڪئي. 14 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون {جنم ڏينهن}: 14 نومبر 1889ع ڀارت جي پهرين وزيراعظم جواهر لال نهروجي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 14 نومبر 1931ع ناول نگار گرڌاري لال گاريجا (شڪارپور / ممبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي 14 نومبر 1938ع جهڏي جي ليکڪ فيض محمد ٽالپر جو جنم ٿيو 14 نومبر 1944ع مشهور سفرناما نگار ۽ ليکڪ الطاف شيخ جو هالا ۾ جنم ٿيو 14 نومبر 1952ع شاعر گل حسن غمگين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1958ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ الطاف بيدار جو جنم ڏينهن آهي 14 نومبر 1970ع نصير آباد سان تعلق رکندڙ صحافي الهه بخش قريشي جو جنم ڏينهن آهي {وڇوڙو}: 14 نومبر 1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج ڇتومل (شڪارپور) جي ديهانت ٿي. 14 نومبر 1972ع مذهبي اسڪالر مولانا ظهورالحسن درس جو انتقال ٿيو 14 نومبر 1984ع ليکڪ صوفي لعل بخش ڪانڌڙو جي وفات ٿي. 14 نومبر 2017ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ڪالم نگار ستار ڀٽي دل جي دوري سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Sunday, 12 November 2023

SINDH in history today (13th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{13th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {13th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Without Human love & respect in heart, one cannot see beauty and understand vision & wisdom. He/ She is blind in spite of eyes and deaf with ears. He/She is high risk for all including values & knowledge] جي ناھي نظر نینھن جي، تان اندر ٻاھر انڌوڪار، محبت انسانیت ماٹھپو، علم ۽ عقل ان لاء بیڪار، دنیا ۽ پاڻ لاء آزار، سدا بیزار سرت سلام کان. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (13th of November) ************* BIRTHS: Murli Bhawnani (Hyderabad > New Delhi/Scolar/1928),Arjun Chawla (Writer/Writer/1932),Haji Shah Muhammad Channo (Chhato Wahan/Folklore Poet/1948), Abdul Ghafoor Jokhio (Ghulam Muhammad Jokhio/Social worker/1961). ************** DEATHS: Wadhumal Bilaram Advani (Hyderabad/Politician/1939),Iskandar Mirza (Ex-President of Pakistan/1969), Muhammad Shah Amroti (1987). ************** EVENTS: 1844: Relatives of Seth Naumal are victimized by Sir Charles Napier and his administration. Diwan Chandiram Mukhtyarkar Talti is fined Rs.5000 and two years imprisonment, Pohomal Mukhtyarkar Laki is awarded fine of Rs.1000 and two years imprisonment, Jethmal Mukhtyarkar of Manjhand is awarded Rs.2000 fine and two years imprisonment and Hasoomal Mukhtyarkar of Petaro is awarded fine of Rs. 1000 and two years imprisonment. 1857: The war of independence (Mutiny as termed by British Government) is ended with fall of Delhi on 20th October. Kelat and other friendly states of British Government are happy. They offer their congratulation to the Commissioner of Sindh. 1894: Sindh Sabha presents Memorandum to the Viceroy of India who is on Sindh visit. In this Memorandum the attention of the Viceroy is invited to the backwardness of Sindh in Higher education. (Source: ‘Source-Material on Sindh Sabha’, compiled by Gul Hayat Institute). 1920: A big public meeting is held Thatto by the local branch of Khilafat Tahreek. Pir Ghulam Mujadid Sarhandi is in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat is condemned at large. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1924: 2-day Khilafat Conference is held at village Khabar Khan of Shahdadpur Taluka. Pir Ghulam Ali Shah, the President of Conference and other speakers advise people to promote local industry. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is reported that handsome number of Indian Muslim migrants has reached Pakistan and they are: 35,000 from Sarhanpur, 35,000 from Jalandhar, 8000 from Adampur and 10,000 from other parts by foot. (Source: Newspapers), 1953: Pakistan Muslim League stands divided on the issue of ‘national language’. No any language is selected. (Source: Newspapers). 1956: People are more to be kept away from agitation against One-Unit, hence Section 144 has to remain imposed. But, it is challenged in the West Pakistan High Court, today.(Source: Newspapers). 1959: It will take one and half year more to think about new Constitution for country, President Ayub tells press in Tahran. (Source: Newspapers). 1969: Z.A.Bhutto, Mir Rasool Bux Talpur and 11 others are arrested under Defence of Pakistan Rule. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1971: New Prime Minister of Pakistan must be from East Pakistan. Otherwise people of that area will think that they are born to be ruled by West Pakistan, says Senior politician Noor-ul-Amin. (Source: Newspapers). 1982: Begam Nusrat Bhutto is permitted to go abroad for medical treatment. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute) SINDH IN HISTORY TODAY (13th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.11.1839: سيٺ نائونمل انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. شروع ۾ انگريزن به ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء سندس قدرداني ڪئي ۽ هن جي مائٽن کي روينيو کاتي ۾ نوڪريون ڏنيون. پر انهن کي نوڪرين مان به ڪڍيو ۽ مالي ڌاڌلين جي ڏوه ۾ سزائون به ڏنيون. سندن تفصيل هن ريت آھن: 1). ديوان چنديرام { هي ٽلٽئ جو مختيارڪار هو. کيس 5 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}، پوهومل {هي لڪئ جو مختيارڪار هو. کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ملي}، ڄيٺمل {هي مانجهند جو مختيارڪار هو. کيس 2 هزار روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}, هاسومل {هي پيٽارو جو مختيارڪار هو ۽ کيس 1000 روپيا ڏنڊ ۽ 2 سال ٽيپ ڏني وئي}. 13.11.1840: فرنگين جو سنڌ ۾ مصروف ”انٽيليجنس بيورو“ اڄ پنهنجئ سرڪار کي مخفي رپورٽ موڪلي ٿو ۽ ان ۾ لکي ٿو ته مير رستم علي سان ندئ پار شڪار تي وڃڻ ٿيو ته مون کي هن سان خلاصو ڳالهائڻ جو موقعو مليو. مون کيس هوشيار ڪيو ته اوهان جو وزير فتح محمد غوري بدنيت ماڻھو آھي. هن اوهان ميرن ۾ اختلاف پيدا ڪيا ۽ چاهي ٿو ته مير رستم علي انگريزن جي ويجهو نه وڃي. ان ڪري اوهان هن کان هوشيار رهو ۽ سندس ڳالهين ۾ نه اچجو. 13.11.1920: ٺٽي ۾ قاضين جي تلاء واري ميدان ۾ پير غلام مجدد سرهندئ جي صدارت ۾ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. انهئ ۾ انگريزن جي ترڪ ۽ اسلام دشمنئ کي نديو ويو. 13.11.1924: مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان تعلقي شھدادپور جي ڳوٺ کٻڙ خان جتوئئ ۾ پير غلام علي شاه جي صدارت ۾ ٻن ڏينهن واري خلافت ڪانفرنس ٿي. ڪانفرنس ۾ تقريرون ڪندڙ سرڪار جي ندا ڪرڻ کان سواء عوام کي صلاح ڏني ته واپار ۽ تجارت ڏانهن توجھ ڏيو ته جيئن سرڪار جي نوڪري ڪرڻ کان پاڻ بچائي سگهو. 13.11.1947: سرڪاري طور تي انڊيا مان پهچندڙ پناهگيرن جو تفصيل ٻڌايو ويو ته 10 هزار پيدل پنڌ ڪري پهتا، 35 هزار سرهانپور مان آيا، 35 هزار جالنڌر مان آيا ۽ 8 هزار آدمپور مان پهتا. 13.11.1958: هاڻي جي قيمت جي خبر عوام کي، پر اڄوڪي تاريخ تي سرڪار ڪلو کير جي قيمت ڏھ آنا مقرر ڪئي۔ 13.11.1968: مير رسول بخش ٽالپور، ذوالفقار علي ڀٽي ۽ ٻين 11 سياستدانن کي ”ڊفينس آف پاڪستان رولس“ تحت گرفتار ڪيو ويو. 13. 11.1971: “ ڏاها ٿجو. ملڪ جو نئون وزير اعظم اوڀر پاڪستان مان ڪجو، نه ته بنگالي سوچيندا ته پاڪستان ۾ ھميشه محڪوم رکيا وينداسين ۽ ڪڏهن به حڪمراني ڪرڻ جو حق نه ڏنو ويندو.“_ نورالامين جي صلاح. 13 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون جنم ڏينهن: 13 نومبر 1929ع اسڪالر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مرليڌر ڀاواڻي (حيدرآباد /نئين دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1932ع ليکڪ ارجن چاولا جو جنم ٿيو۔ 13 نومبر 1948ع سگهڙ حاجي شاهه محمد چنا جو جنم ڏينهن آهي۔ 13 نومبر 1957ع موسيقار ۽ گلوڪار بادل راهيءَ جو جنم ڏينهن آهي. 13 نومبر 1961ع سماجي پرچارڪ حاجي عبدالغني جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 13 نومبر 1975ع مٺياڻي ضلع نوشهرو فيروز سان تعلق رکندڙ شاعر گلبهار باغائي جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 13 نومبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سياستدان واڌومل بيلارام آڏواڻي ديهانت ڪري ويو۔ 13 نومبر 1987ع مذهبي اسڪالر ۽ سياسي اڳواڻ محمد شاهه امروٽي انتقال ڪري ويو۔ 13 نومبر 1988ع سنڌي موسيقار ضامن علي عرف ببر علي دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو۔

Saturday, 11 November 2023

SINDH in history today (12th November), Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{12th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {12th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty is not because of age and face. To believe in physical Beauty of own is the biggest self-dodge. Beauty is not everlasting like health and wealth. Ego can't make anybody Beautiful and second to none in Beauty. Self-praise can only misguide to misinterpret values. It is better to own, accept and respect human hearts without discrimination. Because, they are real places of peace & protection and Beauty & love] ناهين ناهين سهڻو صورت مورت ڪارڻ سائين, متان سونهن جي لهندڙ سج تي تون دوکو کائين, دولت حيثت ۽ انا نفرت جي ڏڍ تي پاڻ پڏائين, ڏوه ثواب سندي تون پاڻ-وڻي تشريح ٻڌائين., ڪنهن من-مندر-مسجد ۾ تون ناهين جيسيتائين, دشمن آھين سونهن امن سڪون جو سدائين. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (12th November) ************ BIRTHS: 12th November 1. Radha kirshan Kotwani (Bagrji/Last editor of 'Jote'/1917), 2. Saleem Halai (Poet/1918 ), 3. Talib Laghari (Haji Khan/Poet/1928 ), 4. Qamar Zaman Shah (Tikhr/Politician/1933), 5. Sikandar Bakhtyar Khoso (Osto Muhammad/Writer/1946), 6. Ali Gohar Khaskheli (Dokri/Folklore poet/1951), 7. Ali Ahmad 'Ajiz' Hakro (Khai/Poet/1962), 8. Badar Soomro (Lalurank/Artist/1970). ************* DEATHS: 12th November 1. Makhdoom Amin Muhammad Awal (Hala/Saint & Poet/1640), 2. Niaz Ali 'Niaz' (Larkano/Poet/1959), 3. Syed Muhammad Ali Shah Jamote (Matiari/Politician/1961) ************ EVENTS: 12th November 1838: Colonel Pottenger informs his Govt. the deputation sent to Mir Noor Muhammad Khan has returned with positive results and this big break through will be in the greater interest of Govt. 1853: Sindh Commissioner directs the Collector of Shikarpur that the list of alineations (Jageer record) be updated with names of persons whom Jageers have been granted. 1919: It is the first day of Victory celebrations. Govt. and its most loyal people held public functions and greeted British Govt. on its military victory over Turky. 1928: Simon Commission is in Karachi and Sir Shahnawaz Bhutto and Miram Muhammad Shah are also its members. Muhammad Ayub Khuhro on behalf of the Sindh Muhammadan Association and Prof. Chhablani on behalf of Hindu Maha Sabha present Memorandum on the dispute of separation of Sindh from Bombay Presidency ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.11.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور ۾ اسان جي وڪيل مير رستم علئ سان مخفي ڳالهيون هلايون آھن, جيڪي اميد ڀريون آھن ۽ اسان جي وڪيل ڏاهپ سان مير رستم علئ کي حيدرآبادي ميرن کان ڪنهن حد تائين لاتعلق ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو آھي. 12.11.1838: پاٽينجر اڄ حيدرآباد منجھان پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون ڪي خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير نور محمد جو نمائندو مرزا چئي ٿو ته مير جڏهن اوھان کي سنڌ مان فوج افغانستان موڪلڻ لاء رستو ڏنو آھي ته اوهان کي وفادار يار طور باقي ڪهڙي ثابتي ڏيڻي آھي. اوهان هاڻي اره زورائي ڇڏيو. 2). مير نور محمد چئي ٿو ته مون ته اوهان کي حيدرآباد ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ جي اجازت ڏني آھي, پر اوهان نواب احمد خان لغارئ جي ٽنڊي ۾ ريزيڊينسي ٺاهڻ تي ضد ڪيو آھي. 3). سيد اسماعيل شاه ٻن پٽن سميت مون سان ٻه ڪلاڪ ملاقات ڪئي ۽ چيو ته اسان جيڪڏهن محمد شاه کي خط لکيو ته ان تي گورنرل جنرل شڪ ۽ ڪاوڙ ڇو ٿو ڪري. محمد شاه ڪو اسان جو پڳ-مٽيو يار ڪونهي. هن جو پئ مري ويو ته به اسان هن سان رضاالاهي نه ڪئي. گورنر جنرل کي اسان جي خط تي ڪاوڙ نه ڪرڻ گهرجي. 4). نواب احمد خان لغاري جڏهن به اچي ٿو اسان کي ڄڻ ڊيڄارڻ جون ڳالهيون ڪري ٿو ۽ چئي ته اها مير حڪمرانن جي اوهان تي ٻاجھ ۽ مهرباني آھي جو اوهان جو وار ونگو نه ٿيو آھي. هونء نه ته عوام اوهان کي ڪچو کائي وڃي, ڇو ته سنڌ ۾ فرنگين جي هجڻ کي عوام سٺو سونڻ نه ٿو سمجهي. 12.11.1919: برطانيه ۽ سندس اتحادين ترڪئ کي شڪست ڏني ته انھئ خوشئ ۾ ھندستان ۾ ”فتح جو هفتو" ملهايو ويو. اڄ انھئ جشن جو پهريون ڏينھن هئو. سنڌ ۾ به سرڪار کي راضي ڪرڻ ۽ وفاداري ثابت ڪندڙ سنڌين انھئ جشن کي ملهايو. پر اهو جشن ملهائڻ سرڪار کي سنڌ ۾ ڳچئ ۾ پيو. ڇو ته هن کان پوء "خلافت" ۽ "عدم تعاون" جون تحريڪون هليون ۽ عوام انگريز حڪمرانن خلاف ٿي بيٺو. 12.11.1928: "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ جي خلاف ته عوام وڏو آواز بلند ڪيو, پر پوء به اها ڪميشن سنڌ آئي. سر شاهنواز ڀٽو ۽ ميران محمد شاه انھئ جا مقامي ميمبر هئا. اڄ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جي حق ۾ ۽ پروفيسر ڇٻلاڻئ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ خلاف ڪميشن کي پنھنجا پنهنجا ياداشت ناما پيش ڪيا. *************** 12 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 12 نومبر 1917ع اخبار "جوت" جي آخري ايڊيٽر راڌا ڪرشن ڪوٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1918ع شاعر سليم هالائي جو جنم ٿيو۔ 12 نومبر 1928ع شاعر طالب لغاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاهه (ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1937ع باليووڊ جي ناليواري اداڪار قادر خان جي پشين ۾ پيدائش ٿي۔ 12 نومبر 1946ع ليکڪ سڪندر بختيار کوسو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1951ع سگهڙ علي گوهر خاصخيلي جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1962ع شاعر علي احمد عاجز هڪڙو جو جنم ڏينهن آهي۔ 12 نومبر 1970ع آرٽسٽ بدر سومرو (لالو رائنڪ) جو جنم ڏينهن آهي۔ *************** وڇوڙو: *************** 12 نومبر 1640ع هالا جي بزرگ ۽ شاعر مخدوم محمد امين اول جي وفات ٿي۔ 12 نومبر 1959ع لاڙڪاڻي جو شاعر نواز علي نياز جعفري گذاري ويو۔ 12 نومبر 1961ع سياستدان سيد محمد علي شاهه ڄاموٽ جو انتقال ٿيو. 12 نومبر 1969ع پاڪستان جي پهرين صدر اسڪندر مرزا جي لنڊن ۾ وفات ٿي. 12 نومبر 2002ع ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار ملڪ آگاڻئ کي شهيد ڪيو ويو.

SINDH in history today (11th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{11th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {11th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. طرف مڙوئي “تم“ ٿيا تون ئي قدر نظريو ۽ آھين اصول, علم خلق عقل مت شرم محبت ماڻھپو آھن هت فضول, انا متڀيد رنگ نسل هوڏ ضد هت دلين جو اٽل معمول, مٺا ٿئ نہ تون ملول, سرت سلام مدام تو سان سپرين. [Don't be scared. Every event is your Case Study. Observe and experience with Scientific approach. Your findings will be: 1). Spare and spend hours for anybody, but you can't get and take her/his seconds. 2). Assure anybody about your love, it will irritate her/him and create hatred for you, 3). Serve anybody, he/she will never spare you, 4). Excuse anybody, he/she will forgive you, 5). Respect anybody, you will be treated as weak and earn disrespect. These are our social Ground Realities. But, don't be disappointed. Because, you are flower with fragrance, beauty with boldness, love with dare. You are not fair, but an excellent, an ideal and role-model.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY (11th November) ************* BIRTHS: 11th November 1. Shewanand Shewakram (Tharoshah - Ajmir/Freedom Fighter/1903), 2. Lokram Dodija (Shikarpur - Poono/Writer/1907), 3. Ali Ahmad Brohi (Garhi Yasin/Writer/1921), 4. Raza Shah 'Raza' (Poet/1945), 5. Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1948 ), 6. Manzoor Qureshi (Darya Khan/Poet/1957), 7. Makan Shah Rizwi (Jhudo/Writer/1962), 8. Mohsin Raza (Ghirkan/Writer/1969) ************* DEATHS: 11th November 1. Gul Hassan Shah 'Majzoob' (Poet/1988 ), 2. Abdul Rashid Abbasi (Pir Goth/Social Worker/1999). ************* EVENTS: 11th November 1920: Public meetings are held by the local branches of the Sindh Khilafat Committee at village Mubarakpur and Mirpur Mathelo presided over by Ghulam Qadir Bhutto and Pir Illahi Bux respectively. 1923: A public meeting held at Karachi with Abdul Rahman in chair rejects ' Bombay Rules of Education - 1923' and terms it as against formal education, its system and future. 1929: First rank Muslim polititian meet at Karachi and form committee to create awareness about the importance of trade and commere in masses. It is attended by Seth Haji Abdullah Haroon, Sir Shahnawaz Bhutto, G.M.Syed, Muhammad Ayub Khuhro, Hatim Alvi and Qazi Abdul Rahman. 1948: Discussions are being made at high level, how to remove Sindh Govt. ? Migration on large scale and handing over of the Karachi are becoming disputes between Sindh and Pakistan governments. 1949: First ever Progressive Writer's Conference is held in Lahore. Sindh takes active part. 1950: Khairpur State sends aid of Rs.25,000 to flood - affected of Punjab. 1954: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee condemns the conspiracy of imposing One - Unit and terms it to as an effort to put sources and resources of other three provinces on the disposal of Punjab. 1965: Foreign press doubts involvement and interest of C.I.A in Indo - Pak military clash ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ يارهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.11.1838: اڄ برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته مير رستم علئ جي وزير جو پٽ شڪارپور ۾ منھنجئ خدمت چاڪرئ لاء مون وٽ ھئو. مون کيس خيرپور موڪليو آھي ته مير رستم خان کي ٻڌائي ته گورنر جنرل بهادر مون کي مير رستم علي خان سان سمجهوتي ڪرڻ جو اختيار ڏنو آھي ۽ مان مير سان معاهدي ڪرڻ وقت سندس دوستئ ۽ وفادارئ جو قدر ڪندس ۽ اميد اٿم ته هو حيدرآبادي ميرن سان اسان بابت سهمت نه ٿيندو. 11.11.1845: سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2930 مطابق حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته جيڪي جاگيردار فرنگي سرڪار جي آڻ مڃڻ ۽ سلامي ڪرڻ کان سواء مري ويا آھن ۽ انھن جي پوئنرين مان ڪو جاگير وٺڻ جي درخواست ڏئي ته وڏي جاچ پڙتال ۽ احتياط سان سندن ڪيس موڪلجو. 11.11.1920: ڳوٺ مبارڪ پور ۾ غلام قادر ڀٽي ۽ ميرپور ماٿيلي ۾ پير الاهي بخش جي صدارت ۾ جلسا ٿيا ۽ اتي ان موقعي تي مقامي "خلافت ڪميٽيون" ٺاهيون ويون. 11.11.1923: ڪراچئ ۾ بئريسٽر عبدالرحمان جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ”ممبئي رولس آف ايڊيوڪيشن-1923" کي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو. هنن رولس ۾ ”ملان اسڪولن" کي مڃتا ڏنل هئي ۽ انھن جي مالي مدد ڪرڻ جي گنجائش پڻ رکي وئي هئي. 11.11.1929: ڪراچئ ۾ سنڌي مسلمان سياستدانن جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ ھڪ ڪميٽي جوڙي وئي ته مسلمانن ۾ تجارتي ۽ تعليمي شعور پيدا ڪجي. هن گڏجاڻئ ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون, سر شاهنواز ڀٽي, جي.ايم.سيد,محمد ايوب کهڙي,حاتم علوئ ۽ قاضي عبدالرحمان شرڪت ڪئي. 11.11.1947: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته انڊيا مان 14 هزار پناهگير ٽرينن ذريعي ۽ 2425 موٽرن ذريعي اچي پهتا. 11.11.1950: خيرپور رياست ٻوڏ جي ستايلن لاء پنجاب حڪومت کي 25000 روپيا امداد طور اماڻيا. 11.11.1954: حيدرآباد ۾ حيدربخش جتوئئ جي صدارت ۾ سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ٻين قراردادن کان سواء ون يونٽ خلاف به ٺھراء پاس ڪيو ويو. اهو جيئن جو تيئن هن ريت آھي: "ورڪنگ ڪميٽي هن راء جي آھي ته سنڌ, بلوچستان ۽ فرنٽيئر علائقن کي ويسٽ پاڪستان جي هڪ يونٽ ۾ ٺاهڻ جو تحرڪ پنجاب جي سرمائيدارن, زميندارن ۽ عملدارن طرفان هلايل آھي ته جيئن ننڍن صوبن جي وسائل, زمين, تجارت ۽ نوڪرين تي قبضو ڪيو وڃي. ون يونٽ جي هئ تحريڪ بلڪل ناجائز ۽ نامناسب آھي. ان جي ذريعي پنجاب جي عوام ۽ سنڌ جي عوام ۾ نفرت ۽ عام طرح پاڪستان ۾ اندروني خانه جنگي جو باعث ٿيندو, جنهن جا خطرناڪ نتيجا لازمي آھن. سنڌ هزارين سالن کان خاص تهذيب, زبان ۽ روايتن جي مالڪ آھي ۽ ان کي پاڪستان يا اسلام جي نالي ۾ مٽائڻ ناممڪن ۽ ظالمانه ڪاروائي ٿيندي." [اسان جي وڏڙن ون يونٽ خلاف تحريڪون ته هلايون. پر جن ون يونٽ ٺاهيو, انھن پاڻ کي ڊاٿو] 11.11.1974: پنجاب جو نواب احمد محمد خان قتل ڪيو. هي قتل ذوالفقار علي ڀٽي جي ڳچئ ۾ پئجي ويو ۽ کيس ڦاهي چاڙھيو ويو. *************** {11 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1888ع ڪانگريس رهنما ۽ اسڪالر مولانا ابو الڪلام آزاد. 1903ع آزادي جي تحريڪ جو ڪارڪن شيوڪ رام (ٺارو شاهه / اجمير). 1907ع ليکڪ لوڪرام دوديجا (شڪارپور / پونا)۔ 1916ع موسيقار پير محمد زمان شاهه هاشمي(مٽياري). 11 نومبر 1921ع ليکڪ، صحافي ۽ ڪامورو علي احمد بروهي[ ڳڙهي ياسين]۔ 1930ع سنڌي ٻولي جي نامياري ليکڪا ۽ تعليمدان ايشوري جوتواڻي(سيوهڻ / پونا). 1945ع شاعر رضا شاهه رضا۔ 1948ع شاعر يونس کونهارو۔ 1951ع اداڪاره، ڪٿڪ ۽ ڪلاسيڪل ڊانسر انيلا سندر۔ 1957ع شاعر منظور قريشي۔ 1957ع راڳي امير حسن۔ 1962ع شاعر ليکڪ سيد ماڪن شاهه رضوي۔ 1969ع ليکڪ محسن رضا۔ 1987ع سنڌي راڳ جي مشهور گلوڪاره صنم ماروي۔ ڪالم نگار ۽ شاعر حسن مجتبى۔ [وڇوڙو]: 1938ع بنگال سان تعلق رکندڙ آرڪيالاجسٽ اين جي مجمدار. 1944ع بزرگ سيد محمد اسماعيل المعروف بيرنگ بادشاهه(آرائين). 1988ع شاعر گُل حسن شاهه ”مجذوب"۔ 1999ع سماجي ڪارڪن عبدالرشيد عباسي (پير جو ڳوٺ)۔ 2004ع پي ايل او سربراهه ۽ عظيم اڳواڻ ياسر عرفات۔ 2018ع شاعره شاهده کوکر.

Thursday, 9 November 2023

SINDH in history today (10th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

{10th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {10th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are second to none in beauty & love and vision & wisdom. You are not subject, but real ruler. Let ego must not rule you. Rule over it besides, your own desires & interests; as you can be capable to rule over hearts & minds and they can bring peace & progress for all] تون حاڪم حسن اخلاق جو، ڪر خودئ تي حڪمراني، لاھج خوف ھراس وھمن جو، آٹج ریتن رسمن ۾ آساني، ھر ڪو ماٹھو بٹجي جگري جاني، قبولي سرت سلام کي.‏‎ ‎ ************** BIRTH & DEATH DATES (10th of November) BIRTHS: 1. 'Talib' Abbasi (Rawat Laghari/Poet/1903), 2. Sital 'Kamtar'(Hala - Agro/1919), 3. Tahal Menghrajani ( Ahmadabad/Actor/1946), 4. Kumari Sadha Ramchandani (Hyerabad - Ajmir/Singer/1946), 5. Nafis Ahmad Nashad (Chelhiar/Poet/1947), 6. Abdul Ghafoor Ansari (Writer/1932), 7. Abdul Latif Zargar (Badin/Journalist/1952), 8. Zulf Pirzado (Writer/1960), 9. Sadhna Esrani (New Delhi/Singer/1962), 10. Bakhshal Ladhani (Ladhan/Writer/1962) ************* DEATHS: 1. Moulana Muhammad Hashim (Garhi Yasin/Religious Scholar/1903), 2. Mian Ali Muhammad 'Qadri'(Larkano/Poet & Journalist/1940) ************** EVENTS: 1835: Colonel Pottenger informs his Govt. that Dost Muhammad of Kabul has proposed to Sindh Rulers to join with him in the great struggle against Sikhs and Sindh rulers are in a state of consideration and are making active arrangements to oppose Sikhs. 1848: Malik Boola Khan is granted 220 begas as compensation . 1856: Lieutenant Colonel Jacob, Acting Commissioner requests the Bombay Govt. the project about the bridge between Sukkur and Rohri be abandoned and instead the project for construction of a trunk road between Shikarpur and Karachi on right bank of Indus be pushed through. 1922: Ghathar Khilafat Committee holds public meeting at Ber. It is addressed by Moulana Fazul Haq. 1947: Pakistan lodges a strong protest against the coup d'eat sponsered by Indian Govt. in Junagarah. 1954: Portfolios of new Sindh Cabinet are notified. Ali Muhammad Shah is given Health and Finance, Moula Bux Soomro will be minister for Local Self Govt. Excise and Taxation. 1960: The President of Pakistam to get monthly salary of Rs.65,000 per month. Ordinance is promulgated. 1962: Punjab University Sydicate decides to include Sindhi, Pashto and Punjabi as subject at Degree level. 1977: The Supreme Court validates the imposition of Martial law. Judgment is issued on Nusrat Bhutto case. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 10 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 10.11.1835: فرنگين جو مفاد انھئ ۾ ھو ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ کيس سنڌوندئ کي پنھنجي تجارتي ۽ سياسي مقصدن لاء ڪتب آڻن. ھو انهن ملڪن ذريعي پنهنجي فوج سنڌوندئ ذريعي پهريون شڪارپور ۽ پوء اتان افغانستان موڪلي پيا سگهن. رنجيت سنگ ۽ بهاولپور جا نواب انھئ حوالي سان فرنگين جا سهولتڪار بڻجي چڪا هئا. البته خيرپوري ۽ حيدرآبادي مير فرنگين کي سهولتڪاري ڏيڻ ۾ ڪيٻائيندا ٿي رهيا. فرنگي انهئ ڪوشش ۾ هئا ته سنڌ جا حاڪم ڪنهن ٻئي حاڪم سان ملي, هنن ۽ رنجيت سنگ خلاف ڪو محاذ نه ٺاهن. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خبر پهچائي ته مير ڪوشش ۾ آھن ته دوست محمد خان سان ملي رنجيت سنگ خلاف محاذ ٺاهن. 10.11.1851: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ ڪمشنر کان رايو ورتو ته سنڌ ۾ بگٽين جي ڪالونين کي اڃا وڌيڪ وقت لاء قائم رکڻ گهرندا يا سندن مستقل آبادڪارئ ڪرڻ گهرو ٿا. 10.11.1856: سنڌ جي وقتي ڪمشنر ليفٽيننٽ ڪرنل جيڪب اڄ ممبئي سرڪار کي گذارش ڪئي ته سکر-روهڙي پل ٺاهڻ بدران پهريون شڪارپور کان ڪراچئ تائين سنڌوندئ جي ساڄي پاسي کان روڊ ٺھرايو. 10.11.1922: قمبر تعلقي جي ڳوٺ گٽهڙ وارئ خلافت ڪميٽئ اڄ ڳوٺ ٻير ۾ خلافت جو وڏو جلسو ڪيو, جنھن کي مولانا فضل الحق خطاب ڪيو ۽ عوام تي زور رکيو ته دين ۽ سياست ۾ داخل ٿيو. 10.11.1954: ون-يونٽ مسلط ڪرڻ ۾ سهولتڪاري ڏيندڙ محمد ايوب کهڙي وارئ حڪومت ۾ پير علي محمد شاه راشدئ کي صحت ۽ ماليات جي کاتن جو وزير ۽ مولابخش سومري کي لوڪل سيلف گورنمينٽ, ايڪسائيز ۽ محصوليات کاتن جو وزير بڻايو ويو. 10.11.1962: پنجاب يونيورسٽئ جي سينڊيڪيٽ فيصلو ڪيو ته سنڌي, پشتو ۽ پنجابئ کي ڊگري سطح تائين پڙھايو ويندو. 10.11.1977: نصرت ڀٽو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ملڪ ۾ مارشل لا لڳائڻ واري قدم کي جائز قرار ڏنو. *************** 10 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 10 نومبر 1903ع شاعر طالب عباسي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر1919ع شاعر سيتل ڪمتر (هالا / اجمير) جي پيدائش ٿي۔ 10 نومبر 1932ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1943ع راڳي استاد وريلداس(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 10 نومبر 1945ع ليکڪ، سماجي ڪارڪن ۽ استاد انور علي سرهيو(دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 10 نومبر1952ع بدين سان تعلق رکندڙ صحافي عبداللطيف زرگر جو جنم ٿيو۔ 10 نومبر1960ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ صحافي زلف پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1962ع گلوڪاره ساڌنا ايسراڻي (نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر 1962ع بخشل لڌاڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 10 نومبر ناليواري بئريسٽر ضمير گهمري جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 10 نومبر 1903ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم جي وفات ٿي۔ 10 نومبر 1940ع لاڙڪاڻي جي شاعر ۽ صحافي ميان علي محمد قادري جي وفات ٿي۔ 10 نومبر 1980ع الغوزي نواز مصري خان جمالي جو انتقال ٿيو. 10 نومبر 2018ع شاعر سائل آزاد وفات ڪري ويو.