Wednesday, 8 November 2023

SINDH in history today (9th November). Authoe Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{9th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {9th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [If anyone is not being listened and accepted by hearts, it indicates that most of people do not know that what is human love & respect. Whoever will understand it, will get rid of hatred & discrimination and will accept & respect people without any condition] ھي جي دفتر دلین سندا، تن ۾ جي تون ناھین، من منھنجاچئبو، تون پاڻ کان گهڻو پري آھین. چئبو ٻڌین نہ ٻڌائین، مطلب سرت سونھن سلام جو.‏‎ ‎ ************** BIRTH & DEATH DATES & EVENTS (9th of November) ************* BIRTHS: Makhdoom Muhammad Hashim Thattvi (Religious Scholar under whose influence Kalhora rulers promulgated ‘Islamic Order’ in Sindh/1692), Sher Muhammad Chughdo (Poet/1880), Muhammad Khan Soomro (Thatto/Politician/1937), Washdev Sindhu Bharti (Nasirabad > Jaipur/Writer & Artist/1938), Syed Paryal Shah (Mehar/Writer/1959). DEATHS: Mir Abdul Baqi Poorani (sukkur/Scholar/1610), Syed Miran Muhammad Shah Awal (Writer of early British period/1892), Moulvi Khalifo Yar Muhammad (Shikarpur/Religious Scholar/1943), Muhammad Hashim Channa (Tando Muhammad Khan/2012). ************* EVENTS: 1856: Sindh Commissioner opposes the move of the Government of India for colonization of Military settlers and Pensioners of European birth in Sindh. Because it will deprive Sindhi of so many social and economic rights. 1857: Portion of Jageer of mir Khan Sunjir held by Ali Khan Jamaliis resumed on account of his attempt to defraud government. 1929: influential Moslem Deputation from all parts of India waited on the Viceroy at Delhi pleading for the exclusion of the Muslim Community from the operation of the ‘Sarda Act’ and foe amending the bill, but the Viceroy refused to accept demand on the plea that he felt it to adopt.(Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1929). 1939: There is controversy over the Haj Pilgrim fares. The task of bringing back pilgrims to Karachi is given to the Mughal lines. Whereas people are in favour of the Saudia Steam Navigation Co. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939) 1953: Pakistan mourns death of Shah Saud of Saudi Arabia. (Source: Newspapers). 1954:K.B.Khuhro is sworn in as the Chief Minister of Sindh. (Source: Newspapers). 1956: Students in many cities take out processions and demand repeal of the University Ordinance. (Source: Newspapers). 1964: Karachi Circular Railway Service is started. Muhammad Khan Junijo, West Pakistan minister inaugurates. (Source: Newspapers). 1971: Special Military Court in Dhaka sentences in absentia 13 CSP, 42 EPCS officers and 4 Professors to 14 years rigorious imprisonment and confiscates 50 per cent of their property. (Source: Newspapers). 1972: Pakistan pulls out of SENTO, recognizes North Korea and greets Richard Nixon on his re-election as U.S President. (Source: Newspapers). 1974: Sindhdesh, Pakhtoonistan, independent Balochistan and making of Karachi Province and Bahawalpur Province is only figment of imagination. No one dare to disintegrate Pakistan, says Z.A. Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 9 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 9.11.1820 : سنڌ ٽالپور حڪمرانن (مير ڪرم علي ۽ مير مراد علي) ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت وچ دوستئ جو معاهدو ٿيو, جيڪو چئن شقن تي مشتمل هو. هن معاهدي مطابق ميرن ڪنهن به ڌاريئي کي سنڌ ۾ نه رهائڻ جو ذمو کنيو. اهو به لکي ڏنو ته سرحد تي کوسا ۽ ٻيا جيڪي فرنگين کي تنگ ڪن ٿا, انھن خلاف مير قدم کڻندا. 9.11.1843: ساسور ۾ قيد ڪيل ميرن اڄ ممبئي سرڪار کي گذارش ڪئي ته مير نور محمد خان مرحوم جي ٻن پٽن مان هڪ پٽ کي سورت ۾ ۽ ٻئي پٽ کي ساسور ۾ رکيو آھي, جيڪا ڳالھ عدل انصاف خلاف آھي. کين گڏ رکيو وڃي. 9.11.1856: سنڌ جي ڪمشنر اڄ ممبئي سرڪار جي خط جي ۾ لکيو ته سنڌ ۾ فرنگي/يورپي ماڻھن, سابق فوجين ۽ پينشنر جي آبادڪاري نه ڪئي وڃي. [ياد رهي ته ممبئي گورنمينٽ جي انھن غير سنڌين کي مستقل طور تي آباد ڪرڻ لاء سوچي رهي هئي. پر سنڌ جي ڪمشنر سنڌ کي "بين الاقوامي پناه گاه" بنائڻ ۽ ان جي نتيجي سنڌي سماج جي بگڙجندڙ صورتحال خلاف راء ڏني] 9.11.1954: محمد ايوب کهڙي کي سنڌ جو وڏو وزير بڻايو ويو ته جيئن هو سنڌ تي "ون-يونٽ" مسلط ڪرائڻ ۾ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري. سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرائي صوبائي حيثيت وٺي ڏيڻ ۾ به هن مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ هاڻي سنڌ جي صوبائي حيثيت ختم ڪرائڻ ۾ کائنس اڳواڻي ڪرائڻ لاء ھن کي وڏو وزير بڻايو ويو. 9.11.1964: اولھ پاڪستان حڪومت جي ريلوي کاتي جي وزير محمد خان جوڻيجي ڪراچئ ۾ ”ڪراچي سرڪيولر ريلوي سروس" جو افتتاح ڪيو. 9.11.1968: صدر ايوب آمريڪا جي وڌيڪ آشيرواد وٺڻ لاء چيو ته آمريڪي صدر جانسن جي ذاتي دلچسپئ ڪري پاڪستان وڏي ترقي ڪئي آھي. 9.11.1971: ڍاڪا جي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ملزمن کي ٻڌڻ کان سواء سنڌن غير حاضرئ ۾ 13 سي.ايس.پي آفيسرن, 42 ايسٽ پاڪستان پبلڪ سروس پاس آفيسرن, 4 پروفيسرن کي چوڏهن چوڏهن سال ٽيپ جي سزا ڏئي ڇڏي. 9.11.1974: "سنڌو ديش", "پختونستان" ۽ ”آزاد بلوچستان" خيالي پلاء آھن. ڪو به پاڪستان ٽوڙي نه ٿو سگهي- ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان *************** 9 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 9 نومبر1692ع ناليواري مذهبي اسڪالر مخدوم محمد هاشم ٺٽوي جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 نومبر1877ع شاعر مشرق علامه محمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 نومبر1911ع اردو جي نامياري شاعر تابش دهلويجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 9 نومبر1936ع ليکڪ، اداڪار ۽ هدايتڪار آتم تلريجا(روهڙي / دهلي) جي پيدائش ٿي۔ 9 نومبر1937ع سياست سان تعلق رکندڙ محمد خان سومرو جي پيدائش ٿي۔ 9 نومبر1938ع ناليواري ليکڪ ۽ اداڪار واسديوسنڌو ڀارتي (نصير آباد / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي۔ 9 نومبر1942ع گلوڪاره مالا جو جنم ڏينهن آهي. 9 نومبر1951ع قومپرست سياستدان ۽ ليکڪ عبد الخالق جوڻيجو جو جنم ڏينهن آهي. 9 نومبر1959ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد پريل شاهه پيدا ٿيو۔ 9 نومبر1959ع اداڪاره روبينه اشرفجو جنم ڏينهن آهي. 9 نومبر1968ع ليکڪ ڊاڪٽر عامر عباس سومرو جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 9 نومبر1892ع سيد ميران محمد شاهه اولجي وفات ٿي۔ 9 نومبر1943ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مولانا خليفو يار محمد انتقال ڪري ويو۔ 9 نومبر1953ع ناليوارو سنڌي موسيقار ۽ لتا منگيشڪرجو استاد ماسٽر غلام حيدر لاهور ۾ وفات ڪري ويو۔ 9 نومبر 1994ع اردو جي نامور شاعر محشر بدايونيجي وفات جو ڏينهن آهي. 9 نومبر 1995ع شاعر م ن محزون(ميهڙ) جي وفات جو ڏينهن آهي. 9 نومبر2012ع ليکڪ محمد هاشم چنا (ٽنڊو محمد خان) جي وفات ٿي. 9 نومبر 2017ع عالم، اديب، برک ڏاهي ۽ محقق محمد ابراهيم جويي جو انتقال ٿيو.

SINDH in history today (8th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{8th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {8th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [As you are perfect in beauty, vision and wisdom, in such a way I am matured in love, dedication and trust. To you, it is my crime that I declare my affiliation with you boldly and openly. The reason behind it is that I am in dire need of you, your beauty and vision & wisdom. No doubt distance and differences are there, but in spite of that we both are human-beings with equal aspirations, hope and urge. But, you are bound to hurt and ignore and I am bound to pray and advocate your beauty, vision and wisdom.] اسان عاقل بالغ عشق ۾ پر تنهنجئ پر ۾ ڄڻ نادان, بس ڏوه اهو جو تو سان سليم سور گهڻا ارمان, نہ آئون پتل جو تو ڪو سونو آھيون ٻئي انسان, قرب محبت پيار وفا جا دنيا کي ڏي ڪجھ دان پيو ڳائيندس شان, سندء سونهن جا سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (8th November) ************** BIRTHS: 8th November 1. Swami Premdas Gujarmal Nathani (Saint/1910), 2. Menghraj Talreja (Social Worker/1928 ), 3. Mahir Kachhelvi (Boota/Writer/1935), 4. Amar Jalil (Rohri/Writer/1936), 5. Utam Talrija (Rohri - New Delhi/Writer/1936), 6. Sarfraz Sadaf (Shikarpur/Writer/1949), 7. Razak Brohi (Thul/Poet/1960), 8. Wafa Buriro (Poet/1960), 9. Muhammad Jawan (Janibdero/Poet/1960), 10. Saeed Memon (Larkano/Poet/1968 ), ************** DEATHS: 8th November 1. Pir Shah Mardan Shah Kot Dhani (Pir Goth/Saint/1921), 2. Meem Noon 'Mahzoon' (Mehar/Poet/1995) ************** EVENTS: 8th November 1841: The Govt. of India asks Major Outram that keeping in view the ground realities in Sindh offer his openion on the treaty entered between Mir Naseer Khan and Mir Shahnawaz Khan. 1947: The rulers of Chitral and Dir sign the instrument of Accession with Pakistan. 1948: The high - power Rehabilitation Committee meeting under the chairmanship of Lt. General Muhammad Azam decides to get 40 thousand quarters constructed in Karachi within six months. 1954: To set stage for create favorable conditions for One Unit, Sindh Governor Iftkhar Mamdote dissolves Abdul Sattar Pirzado's cabinet and asks Khuhro to form Govt. 1956: West Pakistan Special Services Ordinance is promulgated so as to empower the Govt. to avail/borrow services of any Federal Govt. servant, if desires so. 1960: Freedom Fighter and close to Quaid -i- Azam, Kazi Essa has to face investigation in corruption case. 1968: It is beginning of the agitation against Ayub regime. Army is deployed in Rawalpindi to cotrol law and order situation. All educational institutions. 1971: Not me, but Military Court to decide about Mujeeb, China will surely intervene if India attacks Pakistan, says Gen.Yahya 1973: Pakistan quit CENTO. 1974: My Govt. will not accept to make Karachi and Bahawalpur separate provinces, say Z.A.Bhutto. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 8 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 8.11.1838: ميجر آئوٽرام ڪراچئ پهتو ته سيٺ نائونمل جي ڀاء سيٺ شوقيرام سندس آڌرڀاء ڪيو ۽ کيس گهارو وٺي ويو, جتي سيٺ نائونمل فرنگين لاء اٺ ۽ اناج خريد ڪرڻ لاء ديرو ڄمائي ويٺو هو. 8.11.1838: فرنگي گورنرجنرل برنس کي هدايت ڪئي ته بکر جي قلعي وٺڻ بابت ڳالهائيندي خيرپوري ميرن کي يقين ڏيار ته اسان ۾ پنهنجو اسلحو بارود رکنداسين ۽ ان کان مٿي اسان جي ٻي ڪا نيت ڪانهي. مير رستم علي کان اسان سنڌ ۾ پنهنجئ فوج رکڻ لاء وڌيڪ نه وٺنداسين. بس هن کي اهو ئي ڏيڻو پوندو جيڪو اڳ طئي ٿيل آھي. 8.11.1838: برنس اڄ شڪارپور مان پاٽينجر کي لکيو ته پڪي خبر پئي آھي ته دوست محمد خان حيدرآبادي ميرن ڏي خط لکي آڇ ڏني آهي ته جي چوندا ته وعدي ۽ دوستئ جي يقين ڏيارڻ لاء مان پنهنجو پٽ اوهان ڏي ضمانت طور رکڻ لاء ڏياري موڪليا. اوهان شاه شجاع جي فرنگين جي چوڻ تي لڳي مدد نه ڪجو. 8.11.1850: ممبئي سرڪار "ميشرز جهانگير نسروانجي ائنڊ ڪمپنئ" کي اجازت ڏني ته هو سامان ڍوئڻ لاء سنڌ کان پنجاب تائين سنڌوندئ ۾ پنهنجا آگبوٽ ھلائي سگهن ٿا. 8.11.1851: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کان پڇيو ته سنڌ ۾ بگٽين کي رهائڻ لاء ڪٿي ڪٿي ڪالونيون ٺاهيندا. اهو ۽ لاڳاپيل احوال لکي موڪليو. 8.11.1851: ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 2371 ذريعي سرڪاري دفترن جي عملدارن کي ٻڌايو ته سنڌئ لاء سرڪار عربي-سنڌي لپي منظور ڪئي آھي ۽ اهي سنڌئ ۾ لکندي اها لپي ڪم آڻن. 8.11.1931: سکر ۾ پير علي محمد شاه راشدئ, سندس ڀاء پير حسام الدين شاه راشدئ ۽ آغا نظر علئ جي ڪوششن سان مشاعرو ٿيو, جنهن جي صدارت سکر جي سٽي ماجسٽريٽ محمد اسحاق ڪئي ۽ ان ۾ حاجي محمود خادم ۽ ميان علي محمد قادرئ کان سواء ڪيترن شاعرن شرڪت ڪئي. هن مشاعري جي مصرع طرح ھئي: " ڇا ڏيکاريئ چشم نرگس کي جو حيران ٿي وئي". 8.11.1948: ليفٽيننٽ جنرل محمد اعظم جي صدارت ۾ ٿيل "پناهگير بحالي ڪميٽئ" ڪراچئ ۾ ڇهن مهينن اندر 40 هزار ڪوارٽر ٺھرائڻ جو فيصلو ڪيو. 8.11.1993: مرتضا ڀٽي کي جيل مان آڻائي سنڌ اسيمبلئ جي ميمبرئ جو قسم کڻايو ويو 8.11.1954: سنڌ جي گورنر افتخار ممدوٽ اڄ عبدالستار پيرزادي جي حڪومت ڊاهي, ايوب کهڙي کي نئين حڪومت ٺاهڻ لاء چيو. [سنڌ تي ون يونٽ مڙھڻ لاء ڪوشش] 8.11.1974: ذوالفقار علي ڀٽي بهاولپور ۾ بيان ڏنو ته منھنجي سرڪار ڪنهن به صورت ۾ ڪراچئ ۽ بهاولپور کي صوبو بنائڻ نه ڏيندي. *************** { 8 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن]: 1910ع سامي پريم داس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 نومبر 1921ع ڀارت جو سنڌي سياستدان ۽ اڳوڻو نائب وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي (ڪراچي). 1928ع سماجي اڳواڻ مينگهراج تلريجا. 1935ع ليکڪ مهر ڪاڇيلوي. 1936 ڪهاڻيڪار، ڊرامه نگار، ڪالم نگار ۽ ناول نگار امر جليل. 1936ع نئين دهلي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ اداڪار آتم تلريجا(روهڙي). 1949ع ليکڪ سرفراز صدف (شڪارپور). 1960ع ٺل سان تعلق رکندڙ شاعر رزاق بروهي. 8 نومبر 1960ع شاعر وفا ٻرڙو. [وڇوڙو]: 1875ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ ديوان ننديرام ميراڻي. 1921ع شاهه مردان شاهه ، ڪوٽ ڌڻيءَ، پيرڳوٺ وارو. 1995ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر م ن محزون.

Monday, 6 November 2023

SINDH in history today (7th November). Author/Scholar Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{7th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {7th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Night. [As I like Beloved & Beauty, in such a way Beloved likes distance with hatred with me. In this terrible situation Night cannot help me, except to weep along with me] جیئن سري نہ ساجن ۽ سونھن سواء، تئین ساجن جي نفرت سواء نہ سري، ھئ ویچاري رات ڀلا پوء ڇا ڪري؟ مون سان گڏجي ویھي روئڻ سواء. ************** SINDH IN HISTORY TODAY (7th November) ************* BIRTHS: Sir Haji Abdullah Haroon (Karachi/Freedom Fighter & Indusrialist/1872), Kirshan Khatwani (Tharoshah > Indore/Fiction writer/1927), Dr. Murlidhar Jetli (Hyderabad > New Delhi/Scholar/1930), Dildar Sanjrani (Shikarpur/Journalist/1945), Mahesh Advani (Bombay/Writer/1955), Abdul Jabbar Buriro (Mirpur Buriro/Artist/1979) Zubair Lohar (Karachi/Journalist/1991) DEATHS: Imam Bux ‘Sabir’ Jatoi (New Jatoi/Poet & Politician/1938), Syed Ali Shah (Poet/1973), Abdul Ghafoor Ansari (Writer/1974), Syed Abid Ali Shah (Kandyaro/Freedom Fighter/1977) ************* EVENTS: 1854: Captain Goldsmid, Assistan Commissioner for Jageers prepare statement showing the result of enquires made into the claims to 42 chairtable grants payable in cash in Shikarpur Collectorate. This be kept in mind that Talpur Government had granted money and grain Allowances to Syeds of Shikarpur Collectorate but, it was stopped by the British Government and Captain Goldsmid was assigned duty to conduct probe. 1931: Following sub-offices and office of the Congress Committee in Karachi are declared un-lawfull under the “Criminal Law Amendment Act” and they are raided by police: 1. Sindh Provincial Congress Committee, 2. Karachi District Congress Committee, 3. Sindh Satyagarah Council, 4. Karachi Satyagarah Council, 5. Boycott Committee, 6. Vidyarath Mandal, 7. Gujrati Kumar Sang, 8. Naujawan Bharat Sabha, 9. Karachi Vidyarthi Samagan, 10.Rashtrya Istri Mandal. 11.Shewak Dal. 1948: Sindh Hari Committee in its meeting of Working Committee held at Hyderabad demands introducing ‘Sindh Tenancy Act’ in Sindh Assembly and publication of ‘Masuod Report’ without fail. 1957: A big procession is taken out in Peshawar against imposition of Onr-Unit. 1963: Jamait-i-Islami is behind students’ trouble in Punjab, says Amir Muhammad Khan, Governor West Pakistan. 1968: I believe Pakistan as a reality and I honour her status & independence. Azad Pakhtonistan is not my political aim, says Khan Abdul Ghaffar Khan. 1973: In Tashkant Ayoob shah ready to compromise on integrity and solidarity of Pakistan, says Z.A.Bhutto. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 7 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 7.11.1842: برنس اڄ پنھنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته مير رستم علي خان کيس دانھن ڏني آھي ته مير علي مراد خان ٻٻرلوء ۽ هڪ اڌ ٻئي ڳوٺ تي ناجائز قبضو ڪيو آھي, اهي واپس وٺي ڏي. مون کيس وراڻيو آھي ته مير علي مراد خان سان ڳالهائي ڪو حل ڪڍندس. 7.11.1850: ممبئي سرڪار مشهور واپاري "جهانگير نسروانجي ائنڊ ڪمپنئ" کي اجازت ڏني ته اها ڀلي سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ آگبوٽن ذريعي سامان آڻي ۽ نئي. 7.11.1854: ٽالپور حڪمران مدرسن ۽ ديني عالمن کي سالياني گرانٽ ڏيندا هئا. فرنگين جي حڪومت آئي ته انھن کي مالي مدد ملڻ بند ٿي ۽ جتان ڪٿان داد فرياد جون دانھون ٿيڻ لڳيون. ان تي جاگيرن واري کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر کي سرڪار چيو ته شڪارپور ضلعي ڪليڪٽوريٽ ۾ ڪنهن ڪنهن کي ٽالپور حڪمران گرانٽ ڏيندا هئا, اها رپورٽ ٺاهي پيش ڪر. هن رپورٽ ۾ ٻڌايو ته شڪارپور ۾ 42 ادارن/شخصيتن کي مير مالي مدد ڏيندا هئا. [ياد رهي ته مير علم ۽ عالم دوست هئا. هو اهل تشيعت سان تعلق رکندي به سني عالمن ۽ مدرسن جي مالي مدد ڪندا هئا] 7.11.1931: ڪانگريس طرفان هلايل تحريڪ کي ٻنجي ڏيڻ لاء سرڪار سنڌ ۾ ڪانگريس جي هنن ذيلي شعبن تي بندش وڌي: سنڌ پراونشل ڪانگريس ڪميٽي, ڪراچي ڊسٽرڪٽ ڪانگريس ڪميٽي, سنڌ ستيگره ڪائونسل, بائڪاٽ ڪميٽي, وديارٿ منڊل, گجرات ڪمار سنگ, نوجوان ڀارت سڀا, ڪراچي وڌيارٿي سماگم, راشٽريه استري منڊل ۽ شيوڪ دل 7.11.1948: سنڌ هاري ڪميٽئ جي ورڪنگ ڪميٽئ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته هارين بابت "مسعود رپورٽ" به شايع ڪئي وڃي ۽ سنڌ اسيمبلي "سنڌ ٽئننسي ايڪٽ" جلد از جلد پاس ڪري. [ مسعود رپورٽ گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي] 7.11.1957: سنڌ ۽ صوبي سرحد ڪڏهن به ون-يونٽ کي تسليم نه ڪيو. اڄ پشاور ۾ ون-يونٽ خلاف زبردست جلوس ڪڍيو ويو. 7.11.1963: اولھ پاڪستان جي گورنر امير محمد ملڪ چيو ته شاگردن کي دهشتگردئ جا درس ڏيندڙ جماعت اسلامي آھي. 7.11.1973: ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي گروء ايوب لاء چيو ته تاشقند ۾ صدر ايوب ملڪي سلامتي داء تي لائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. *************** 7 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 7 نومبر 1872ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ سر عبدالله هارون جو جنم ٿيو۔ 7 نومبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7 نومبر 1930ع تي ناليوارو محقق ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو۔ 7 نومبر 1945ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي دلدار سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7 نومبر 1955ع ليکڪ مهيش اڏياڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 7نومبر 1979ع ميرپور ٻرڙو سان تعلق رکندڙ راڳي عبدالجبار ٻرڙو جي پيدائش ٿي۔ 7 نومبر 1991 تي صحافي زبير لوهار ڄائو. وڇوڙو: 7 نومبر 1938ع نوان جتوئي سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ شاعر امام بخش ”صابر“ جتوئيجو انتقال ٿيو۔ 7 نومبر 1973ع شاعر علي تقي شاهه جو انتقال ٿيو۔ 7 نومبر 1974ع ليکڪ عبدالغفور انصاري جي وفات ٿي. 7 نومبر 1977ع سياستدان سيد عابد علي شاهه جو انتقال ٿيو۔

Sunday, 5 November 2023

SINDH in history today (6th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{6th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {6th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ What a greatness is this! To love anybody, when you get hatred in return. Be kind, when you are facing cruelty. Your eyes will be always raining and you will find your heart burning, if you are in love. Love will lead and encourage you to offer sacrifice and be more sincere, dedicated and hopeful. Love will require you to wait and remember your dear round the clock. To love and respect a person who is equal to you in all respects, is a greatness.] ملي بي رحمي بره جو بدلو ۽ نفرت ملي وري نينهن ڪري, نيڻن مان وسن سدا بارشون ۽ هت دل ۾ هر پل باھ ٻري, مڙي نہ پوء بہ محبتي ايئن ماڻھون ماڻھوء تي ئي مري, سدائين پيو سلام ڀري, دلبر در صبح شام ڪارئ رات جو. ************** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (6th of NOVEMBER) ************* BIRTHS: Hatim Ali Alvi (Karachi/Business man & Freedom Fighter/1898), A.G.N.Kazi (Scholar/1919), Dr.Chetan Bhambhani (Pad Edan >Ajmir/Social worker/1919), Nazir ‘Ramz’ Soomro (Chak/Poet/1960), Saeed Memon (Poet/1968), Madhosh Butto (Bangul Dero/Poet/1969), ‘Ghamgheen’ Zafar Gabol (Garhi Chakar/Poet/1997). ************** DEATHS: Mir Suleman Mir Suhrab Khan (1869), Moulvi Muhammad Ismail (Ferozshah/Religious Scholar/1917). ************** EVENTS: 1838: John Ransay, Assistant Quarter Master-General and Lieutenant Treshire, Assistant Commanding General proceed to Ghorabari. It is to form opinion about landing of British Army in Sindh. 1841: The survey of Shikarpur has been completed by Lieutenant Terry and his case for remuneration is submitted by Ross Bell, Political Agent of Government of India for Sindh and Balocistan . Sindh is our country and cities are under our control, but survey is being done those who will occupy Sindh !. 1854: Sindh Commissioner orders for construction of Dharamshalas/Rest Houses along with the Direct route from Kotri to Fatihpur and onwards to Larkano. The order has been passed keeping in view that British officers serving in Sindh be provided facilities while they are on tours. 1858: Circular No 3140, issued by Government of Bombay on the ‘freedom of religion’ is communicated to Sindh Commissioner with instructions to be followed in letter and spirit by Government in Sindh. 1939: The Al-Wahid, Karachi in course of its editorial condemns Sindh Government policy regarding Masjid Manzilgah issue. It is reported in the paper that Seth Muhammad Ismail Memon, Hafiz Atta Muhammad and Hafiz Abdul Hameed have been arrested in this regard and in spite of arrests of workers and leaders volunteers from Digri, Ratodero; Shikarpur; Thull and Shahdadkot have reached Sukkur to participate in agitation. 1947: 80 thousand Indian Muslim migrants reach by foot, 3500 by train and 7000 by Motor transport. (Source: Newspapers). 1948: Sindh Hari Committee approves its Constitution, Rules & By-Laws. The decision about the approval is taken in the meeting held at Hyderabad under the presidency of Hyder Bux Jatoi. The Sindh Hari Committee is renamed as ‘Sindh Hari Party’. (Source: Newspapers). ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ ڇهين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 6.11.1838: ملڪ جا حڪمران مير آھن, پر فرنگي فوجي عملدار جان رامسي John Ramsay اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر جنرل ۽ ليفٽيننٽ ٽريهاير Trehire اسسٽنٽ ڪمانڊنگ جنرل گهوڙاٻارئ ويا ته جيئن سنڌ ۾ پهچندڙ فرنگي فوج جي آمدرفت ۽ رهائش جي انتظامن بابت ڪو جوڳو بندوبست ڪيو وڃي. 6.11.1841: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ليفٽيننٽ ٽيرئ تي شڪارپور جي سروي ڪرڻ جو ڪم رکيو هو, جيڪو هن اڄ پورو ڪيو. هئ 1841 جو زمانو آھي. جڏهن ته سنڌ تي فرنگين 1843 ۾ قبضو ڪيو. آزاد سنڌ ۾ سنڌ جي حڪمرانن ايڏي ڇڙواڳي ڏئي ڇڏي هئي جو اسان جي شهرن وغيره جي سروي ڪري ٿي سگهيا. 6.11.1858: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت هڪ سال اڳ هندستان ۾ ”آزادئ جي جنگ" کي ڪچليو. هاڻي هندستان ۾ ڪو ان جي اختيارئ کي چئلينج ڪرڻ وارو ڪونه هو. ممبئي حڪومت انھئ صورتحال مان فائدو وٺندي, پنهنجو سرڪيولر نمبر 3140 اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪليو ته انھئ سرڪيولر جي روشنئ ۾ سنڌ ۾ مذهبي آزادي ڏني وڃي. فرنگين کي ڪو اسلام يا هندو ڌرم جي آزادئ جو اونو ڪونه هو, پر چاهين پيا ته عيسائيت جي تبليغ جي رستي روڪ نه ٿئي. 6.11.1920: ورهاڱي کان اڳ نواب شاه سياست جو فعال مرڪز رهيو. خلافت ۽ ڪانگريس هتان جون مقبول پارٽيون هيون. اڄ ضلعي "خلافت ڪميٽئ" طرفان وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنھن ۾ عوام کي تلقين ڪئي وئي ته دين/ڌرم ۽ سياست ۾ ڀرپور حصو وٺن ۽ انگريزن جا حامي يا وفادار نه ٿين. 6.11.1939: اخبار "الوحيد" هن دور ۾ مسلم ليگ جو پرچارڪ سهارو بڻجي چڪي هئي. اخبار "مسجد منزلگاه" وارئ باه ڀڙڪائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اڄوڪي ايڊيٽوريل ۾ اخبار هندو اخبارن ۽ حڪومت تي وڏا ڇوه ڇنڊيا ۽ مطالبو ڪيو ته مسجد منزلگاه بچايو تحريڪ ۾ گرفتار ڪيل سيٺ محمد اسماعيل, عطا محمد ۽ حافظ عبدالحميد کي هڪدم غير مشروط طور آزاد ڪيو وڃي. 6.11.1947: سرڪار نامدار "آيا اڱڻ عجيب" جي لات لنوندي ٻڌايو ته ڀارت مان اسي هزار پيرين پيادي, ساڍا ٽي هزار ٽرين ذريعي ۽ ست هزار موٽرن/لارين ذريعي پناهگير پهچي ويا. 6.11.1948: حيدرآباد ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ جي صدارت ۾ ”ھاري پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ پارٽئ جو آئين منظور ڪيو ويو. *************** 6 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 6 نومبر 1898ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند حاتم علوي جو جنم ٿيو۔ 6 نومبر 1919ع سماجي ورڪر ڊاڪٽر چيتن ڀمڀاڻي (پڊ عيدن / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 6 نومبر 1919ع مشهور محقق اي جي اين قاضي جو جنم ڏينهن آهي۔ 6 نومبر 1953ع ليکڪ بشير احمد هيسباڻي (ڪنڊيارو)جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1955ع ليکڪ ۽ سياسي ورڪر ايس جي ڀاٽيا(پنو عاقل ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1960ع شاعر نذير رمز سومرو (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 6 نومبر 1969ع شاعر مدهوش ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 6 نومبر 1997ع شاعر غمگين ظفر جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 6 نومبر 1869ع مير سليمان سهراب خان جو انتقال ٿيو۔ 6 نومبر 1917ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو۔ 6 نومبر 1996ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مشهور معاشي ماهر اين ايم عقيلئ جو انتقال ٿيو۔

Saturday, 4 November 2023

SINDH in history today (5th November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

👎 😊 😞 {5th November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {5th November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Great people, like you my dear are never double-minded. They do, what they say. They are determined in their stand, approach and performance. They are not dependent, but Independent and free. They never accept slavery of out-dated and imposed values and traditions. They are cruel to ego, hatred and discrimination and kind to others. They are followers and promoters of beauty and love.] ٻھڳڻ ڪڏھن بہ ٻہ-دليو نہ ٿئي جو چوي سو ڪري سدا رهي مستحڪم, پنهنجي ڳالهين تي بيهڻ حيثيت پيرن تي بيهڻ ناهي ڦرڻي گهرڻي جو ڪم, اهڙو ماڻھو قياس نہ ڪندو ڪنهن جو بہ جيڪو پاڻ تي ئي نہ ڪري رحم, محبت خدمت ماڻهپي کي نہ مڃي سو ڪهڙو هڻندو دوستئ جو دم؟ هن جو اندر ٻاهر لڱ لحم, مٽجي ڪين سرت سونهن سچ سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY (5th November) ************* BIRTHS: 5th November 1. Kouromal Chandanmal (Bhirya/Educationst & Writer/1844), 2. Kazi Khuda Bux (Moro/ First Muslim Mayor of Karachi /1895),3. Parial Larik (Folklore Poet/1899), 4. Arjun Sikayal (Sadhoja - Ulhasnagar/Poet/1919), 5. Karim Bux 'Ghayal' (Naudero/Poet/1919), 6. Afzal Misrpuri (Poet/1932), 7. Ghulam Rabani Agro (Writer/1933), 8. Rabdino 'Salim' Mahesar (Sarfo/Poet/1947), 9. Fatah Salih Kakepoto (Bajara/Writer/1961), 10. Niaz Tunio (Gongo Tunio/Writer/1970), 11. Murlidhar Sukhwani (Mannani - Ahmadabad/Poet/1921), Ayaz Bhagat (Larkano/Writer/1953) ************ DEATHS: 5th November 1. Moulana Taj Muhamood Amroti (Religious Scholar and Freedom Fighter/1929), 2. Comrade Ali Muhammad Abbasi (Valid/Politician & Journalist/1961), 3. Moulana Mir Muhammad Jatoi (Larkano/Religious Scholar/1971), 4. Wali Bux Rajar (Khai/Poet/1983), 5. Asif Mithiani (Poet/2009) ************* EVENTS: 5th November ************* 1947: East and West wings of Pakistan are connected by Wireless system. 1948: Mian Iftkhar Mamdote (Chief Minister West Punjab), Mian Mumtaz Doultana and Malik Feroz Khan Noon, all from Punjab, meet Governor - General of Pakistan and discussed Agricultural Reforms proposal so as interests of their Class be protected. 1965: Security Council of the U.N.O adopts a resolution proposing some other methods to resolve Indo - Pak crisis relating to Kashmir and Water Sources. 1920: Sindh observes 'Councils Boycott Day' on the call of the Sindh Khilafat Committee. Public meetings are held by party's branches and people are advised not to cast vote in election. 1939: Capitalist (Haji Abdullah Haroon) and Feudal (Khuhro) are trying to avoid leadership of the Masjid Manzalgah Movement on its turning point and later on (Middle Class) Sheikh Wajid is put to head the agitation as Dictator. Today, Al - Wahid asks Capitalist and Feudal Class (representatives) to take leadership in their hands. 1940: Sindh Congress organised 'Hindu - Muslim Unity Conference at Nawabshah. It is presided over by Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. He, Moulana Muhammad Sidiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, all of Jamiat -ul- Ulema Sindh were religious leaders those opposed agitation strategy to resolve Masjid Manzalgah issue SINDH IN HISTORY TODAY (5th November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ پنجين نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 5.11.1842: نيپيئر سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مير نصير خان ڦرڻو گهرڻو ماڻھون آھي ۽ تڪڙو ڳالهيون ڪونه مڃيندو. مون نئين معاهدي جو مسودو تيار ڪيو آھي, منظورئ ۽ ضروري ڦير گهير لاء موڪليان ٿو. مون کي جڏهن خبر پئي ته هتي ميرن اهو هلايو آھي ته فرنگين جي فوج ڪمزور آھي ۽ اسان ميرن سان وڙھڻ جي سگه ساري نه سگهندي ته مون هتي هڪ شاندار فوجي پريڊ ڪرائي آھي, ان جو وڏو اثر پيو آھي. هتان اوهان کي لڳاتار "انٽيليجنس رپورٽون" موڪليون وڃن ٿيون. ان ڪري وڌيڪ تفصيل نه ٿو ڏيان. بس ايترو چئبو ته هن ملڪ تي تسلط قائم ڪرڻ ۾ دير نه ڪجي. 5.11.1920: اڄ سنڌ ۾ ڪائونسلن جون چونڊون ٿي رهيون آھن. "خلافت ڪميٽئ" عوام کي چونڊن جي بائڪاٽ ڪرڻ ۽ ووٽ نه ڏيڻ جو سڏ ڏئي چڪي آھي ۽ ان لاء اهو جواز ڏنو اٿس ته ڪائونسلن تي سرڪار پنهنجا وفادار ماڻھون به ميمبر طور ٿاڦي اڪثريت پاڻ حاصل ڪري ٿي ۽ ڪائونسلن کان پنهنجي پسند جا فيصلا ڪرائي ٿي. ان ڪري ڪائونسلن جي چونڊ ھڪ ڍونگ آھي. 5.11.1939: مسلم ليگ "مسجد منزل گاه بچايو تحريڪ" کي جڏهن چوٽ چاڙھيو ۽ اها جنونين جي تحريڪ بڻجي وئي ته سرمائيدارن (جهڙوڪ حاجي عبدالله هارون وغيره) ۽ زميندارن (جهڙوڪ محمد ايوب کهڙي) "مسجد منزلگاه تحريڪ جي قيادت مان هٿ پٽيا. پوء قربانئ جو ٻڪرو لوور مڊل ڪلاس کي بڻايو ويو. اڄ شڪارپور جي شيخ واجد کي تحريڪ جو ڊڪٽيٽر مقرر ڪيو ويو. 5.11.1940: مسجد منزل گاه تحريڪ ۽ هندن جي ديني ڪتابن تي بندش پوڻ ڪري سنڌ جي هندو-مسلم اتحاد کي وڏو نقصان ٿيو. انھئ ڳالھ کي ڳڻيندي "سنڌ ڪانگريس" اڄ نواب شاه ۾ " هندو-مسلم يونٽي ڪانفرنس" سڏرائي, جنهنجي صدارت مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. 5.11.1948: پنجاب جي جاگيردار سياستدارن جهڙوڪ ممتاز دولتانه ۽ ممدوٽ ۽ ملڪ فيروز خان نون اڄ پاڪستان جي گورنر جنرل سان وفد جي صورت ۾ ملاقات ڪري کيس گذارش ته ملڪ ۾ "زرعي سڌارا" آڻڻ وقت جاگيردارن جي طبقي جي مفادن جو خيال رکيو وڃي. [هن واقعي لکڻ جو مقصد هئ آھي ته نئين نسل کي ٻڌائجي ته سنڌ ۾ ٻولئ,پاڻئ ۽ ٻين مسئلن تي سنڌي سياستدانن گڏجي وفد ٺاهي ملڪي حاڪمن سان گهٽ ملاقاتيون ڪيون] 5.11.1965: اقوام متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل انڊيا ۽ پاڪستان کي صلاح ڏني ته هو ڪشمير ۽ پاڻئ وارا مسئلا ٻين ذريعن سان به حل ڪرڻ لاء ھٿ پير هلائن. *************** 5 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: 5 نومبر1895ع ڪراچي جي پهرين ميئر قاضي خدا بخش جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1899ع سگهڙ پريل لاڙڪ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1905ع اردو جي ليکڪ، انجمن ترقي پسند مصنفين جي باني ۽ مارڪسٽ ليڊر سجاد ظهير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ارجن سڪايل (سڌوجا / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل (نئون ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1921ع شاعر مرليڌر سکواڻي (سنڌ / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1925ع نامياري وڪيل ۽ تعليمدان احسان علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1932ع شاعر افضل مصرپوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1933ع ناليواري اديب ۽ ليکڪ غلام رباني آگري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 نومبر 1953ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ اياز ڀاڳت جو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1961ع ليکڪ فتاح صالح ڪاڪيپوٽو جو جنم ڏينهن آهي 5 نومبر 1964ع اداڪاره زيبا بختيارجو جنم ڏينهن آهي. 5 نومبر 1970ع ليکڪ نياز تنيو جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. وڇوڙو: 5 نومبر 1920ع شاعر ڀوڄراج چانڊومل موٽواڻيجي ديهانت ٿي. 5 نومبر 1929ع ناليواري عالم ۽ اسڪالر مولانا تاج محمد امروٽي جي وفات ٿي. 5 نومبر 1961ع لاڙڪاڻي جي سياسي ۽ صحافتي شخصيت ڪامريڊ علي محمد عباسي جو انتقال ٿيو. 5 نومبر 1971ع مذهبي اسڪالر مولانا مير محمد جتوئي انتقال ڪري ويو۔ 5 نومبر 1983ع شاعر ولي بخش راڄڙ جي وفات ٿي. 5 نومبر 2009ع شاعرآصف مٺياڻوي دل جي دوري سبب لاڏاڻوڪري ويو 5 نومبر 2011ع سنڌي ڊرامن جي مشهور اداڪاره قمر النساء هَڪڙوجو ڪينسر جهڙي موذي مرض سبب انتقال ٿي ويو 5 نومبر 2012ع اسٽيج جي مزاحيه اداڪار ۽ گلوڪار سڪندر صنمجي وفات ٿي.

Thursday, 2 November 2023

SINDH in history today (3rd November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

ammad Pathan 2:32 AM {3rd November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {3rd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Beauty is time-oriented & for time being. Whereas, love is everlasting. Why not to protect love instead of ever changing beauty? Let beauty may not create hatred, discrimination & division, but let human love & respect promote unity, peace & progress] سونھن نہ سگھندین سنڀالي، من ! ساجن کي تون سنڀال، پریت سندئ ریت کي، پیار کٹي تون پيو هر پل پال، ھجج تون سدا ھر حال، سرت سچ سونھن سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY (3rd November) ************* BIRTHS: 3rd November 1. Moulana Muhammad Ibrahim (Garhiyasin/Religious Scholar/1889), 2. Hemon Kalani (Sukkur/Freedom Fighter/1924), 3. Dr.Murli Bhavnani (Hyderabad - New Delhi/1929), 4. Asghar Gozai (Thorhi/Writer/1958 ), 5. Abdul Karim Soomro (Janhan/Politician/1962), 6. Faiz Mirani (Shikarpur/Journalist/1963), 7. Hakim Mahar (Chak/Poet/1966), 8. Noorullah Mahar (Khohi Waryam/Poet/1967) ************* DEATHS: 3rd November 1.Master Chandar (Singer & Poet/1984) ************* EVENTS: 3rd November 1847: The Collector of Shikarpur sends to the Commissioner report on operation against Bugties and gives details of capturing Dotal Moondrani. 1858 : Price, Civil Engineer on Special duty prepares plan for construction of bridge between Sukkur and Rohri. It will cost Govt. rupees seven lakhs and odd. 1917: Most of us are unaware about warm political activities of our forefathers relating to the British Sindh. In those day annual political conferences, known as Sindh Provincial Conference were held in variour districts. Today, Special Sindh Conference is held at Hyderabad. Its proceedings and other details -are uploaded on website of the Gul Hayat only. 1919: Under the auspices of the Sukkur District Congress a public meeting is held and Dr. Choithram Gidwani gives lecture on the present conditions of Bharat Varsh (Hindustan) and disribes the terrible condition of Indians in Punjab, South Africa and Fiji. 1928: It is first time in the history of Sindh education during British period that teachers and taughts boycott their class in the length and breath of Sindh to show their resentment on Simon Commission. 1975: Mir Rasool Bux Talpur forms Quomi Jamhori Tahrik. 1977: Muhammad Hashim Memon takes over as the editor of the daily Hilal -i- Pakistan. Where as Siraj -ul- Haq Memon is removed by the Martial Law Government SINDH IN HISTORY TODAY (3rd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ***** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 3 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 3.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ برنس کي لکيو ته حيدرآبادي مير پرشيا ۽ هرات وارن حڪمرانن سان اسان خلاف اتحاد ڪري رهيا آھن. ان ڪري تون خيرپوري ميرن جو انت ڪڍ ۽ هنن کان انھئ اتحاد بابت شاهديون هٿ ڪري موڪل ته جيئن حيدرآبادي ميرن جي اصل نيت جي خبر پئي. 3.11.1838: الينگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي روين توکي اهڙيون ڌئونسون ڏنيون آھن جو تون خيرپوري ميرن جي نيتن تي به شڪ ڪرين ٿو. حالانڪ خيرپوري مير منھنجي سڳي ڌاڳي ۾ آهن. مير رستم خان ته مون کي اهي خط به ڏسڻ پڙھڻ لاء ڏيندو آھي, جيڪي مير نور محمد خان هن ڏي مخفي طور موڪليندو آھي. 3.11.1842: فرنگي گورنر جنرل اڄ نيپيئر ڏي ٻه خط موڪليا. پهرين خط ۾ لکي ٿو ته ميرن جي اڻ وڻندڙ روين جي موٽ ڪهڙي ۽ ڪيئن ڏيون, اهو توکي سوچي پوء ٻڌائيندس. في الحال سکر تي تسلط قائم رکڻو آھي. ٻئي خط ۾ لکيس ٿو ته مير رستم خان جي مخفي خطن ۽ رابطن مان شڪ پئي ٿو ته هو اسان سان سچو ناهي. هن اسان جي دشمن سيد محمد شريف کي ڀڄڻ جون سهولتون ڏنيون. هوڏانھن مير نصير خان اسان خلاف بيربڪ بگٽئ سان مخفي خط و ڪتابت ڪرڻ ۾ مصروف آھي. انھن حالتن باوجود سنڌوندئ کي واپاري ۽ دفاعي مقصدن لاء ڪم آڻڻ لاء ميرن, بهاولپور وارن ۽ لاهور جي مهاراجا سان ڳالهائي پنهنجا مقصد حاصل ڪرڻا آھن. 3.11.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر پنهنجي مراسلي نمبر 35 مطابق ڪمشنر کي ٻڌايو ته اسلام خان کان سواء باقي سمورا ويڙهاڪ بگٽي پيش پيا آھن. وڏي ڏوهئ ڏوتل موندرانئ کي پڪڙيو آھي ۽ هن تي ڪيس هلايو پيو وڃي. 3.11.1856: سول انجنيئر پرائيس سکر ۽ روهڙئ وچ ۾ پل ٺاهڻ جو پلان ٺاهيو هو. سندس اندازي مطابق انھئ پل تي ست لک روپيا خرچ ٻڌايو ويو. اهو اهو پلان صوبائي (ممبئي) حڪومت ڏانھن موڪليو ويو. 3.11.1919: سکر ضلعي جي ڪانگريس ڪميٽئ اڄ ڊاڪٽر چوئٿرام کان ليڪچر ڪرايو. مقرر ملڪي صورتحال تي روشني وڌي ۽ پنجاب ۽ سائوٿ آفريڪا ۾ عوام سان ٿيل سرڪاري آزار تي روشني وڌي. 3.11.1928: سنڌ ۾ شاگردن تعليمي ادارا ڇڏي روڊن رستن تي نڪري آيا ۽ سائمن ڪميشن خلاف احتجاج ڪيائون. 3.11.1975: مير رسول بخش ٽالپور "قومي جمهوري تحريڪ" جي نالي سان پارٽي ٺاهي. تمام ڏکيئي وقت ۾ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ سان شروعات ۾ ساٿ ڏنائين. پيپلز پارٽئ جي ڏينهن ۾ گورنر به ٿيو. پوء سياسي اختلافن ڪارڻ اها پارٽي ڇڏيائين. 3.11.1977: مارشل لا حڪومت "هلال پاڪستان" جي ايڊيٽر سراج الحق کي هٽايو ۽ سندس جاء تي محمد هاشم ميمڻ ايڊيٽر مقرر ٿيو. ************* { 3 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1618ع مغل بادشاهه اورنگزيب عالمگير. 1889ع مذهبي اسڪالر ۽ تحريڪ آزادي جو اڳواڻ مولانا محمد ابراهيم (ڳڙهي ياسين). 1916ع نامياري تعليمدان ۽ سياستدان احمد محمد قاضي(قاضي احمد). 1921ع شاعر، مصور، گلوڪار ۽ ليکڪ ڀڳوان کلناڻي ساقي(ڀريا / پونا). 1929ع ناليواري محقق ڊاڪٽر مرلي ڀاوناڻي (حيدرآباد / دهلي)۔ 1957ع ليکڪ ڊاڪٽر اسد جمال پلي. 1958ع ليکڪ اصغر گوزائي۔ 1962ع سياستدان عبدالڪريم سومرو. 1963ع صحافي فيض ميراڻي (شڪارپور)۔ 1966ع شاعر حاڪم مهر (چڪ). 1967ع شاعر نور الله مهر ”کوهي وريام“۔ [وڇوڙو]: 3 نومبر 1984ع گلوڪار ۽ شاعر ماسٽر چندر.

Wednesday, 1 November 2023

SINDH in history today (2nd November). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan

{2nd November} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {2nd November}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Understanding, Cooperation and accommodation are our pending and outstanding issues related to our personal and social affairs in our society, sinces centuries. We have lost values and behavior of sincerity and trust. We are determined to 'take' and firm not to 'give'. To accept and respect has not remained our concern. Beauty, love and peace is no more our subject. Hence, we all are in trouble and are wandering for peace of mind and unity of hearts & minds. Dear! For bringing better change, be our role-model and teach us how to change ourselves ] صدین کان سین اسان هر پل صدا، ھوتن جي در ھٹندا اچون پيا سدا، ڪڏھن نہ ڪڏھن عرض تہ اگھندا، محبت جا مینھن گهڻا پوء وسندا، تن من روح مور جیان پوء نچندا، رولاڪ بڻجي در در نہ اهي رمندا, ڪک پن بہ محبت جي لات لوندا 'ٻن مان هڪ ٿيا' دنيا وارا چوندا, ملندي گدا، سرت سونھن سلام جي ************** SINDH IN HISTORY TODAY (2nd November) ************** BIRTHS: 1. Pir Turab Ali Shah (Kambar/Freedom Fighter/1857), 2. Muhammad Ramzan 'Saqib'(Mured Lakhr/Poet/1902), 3. Tirathdas Umedani (Nasir Laghari/Journalist/1946), 4. Agha Rafiq (Shikarpur/Writer/1949), 5. Arbab 'Bukhari'(K.N.Shah/Poet/1962), 6. Ali Dost 'Ajiz' (Faridabad/Poet/1964). ************** DEATHS: 2nd November 1. Pir Ghulam Sarwar 'Sarwar' (Poet/1935), 2. Bhagat Kanwar (Singer/1939), 3. Gul Muhammad 'Ashk' Gulani (Diplo/Poet/1995). ************** EVENTS: 2nd November 1936: Sir Gulam Hussain Hidayatullah and K.B.Khuhro, in their joint statement justify their differences with Sir Haji Abdullah Haroon and Sir Shahnawaz Bhutto and clarify the formation of the Sindh Muslim Political Party by them. 1947: Thirty - two thousand Indian Muslim migrants arrive. 1948: Pir Illahi Bux Colony is inaugurated by Governor - General Khowaja Nazimuddin. Mostly migrants will be provided shelter there. Pir was a politician who negotiated Terms & Conditions of handing over Karachi to the Center. 1977: Election can be held next year, Bhutto has to face more corruption cases, says CMLA, Zia نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 2.11.1938: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته ايران جي حالتن ۾ تبديلي آئي آھي ته ميرن جون نيتون ئي مٽجي ويون آھن. مير اسان کي ڇڏي ايران سان دوستي رکڻ جي ڌن ۾ لڳي ويا آھن. مان سندن هر پل بدلجندڙ روين مان تنگ اچي ويو آھيان. مون کي موڪل ڏيو ته ڀڄ موٽي وڃان. سنڌ جي حالتن کي قابوء ۾ رکڻ لاء منھنجي صلاح آھي اسان جيترو ممڪن ٿي سگهي, اوترو اڳ ڪراچئ تي قبضو ڪريون. 2.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت لاڳاپيل عملدارن سان لکپڙھ شروع ڪئي ته رايو ڏيو ته جيئن ممبئئ کان سنڌ تائين آگبوٽ هلايا وڃن ۽ ان لاء ٺٽي ۾ ڊيپو کوليو وڃي. سرڪار خيرپور ۾ پنهنجي سفارتڪار کي هدايت ڪئي ته اسان جي سرڪار سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکندي. ان جو خرچ خيرپوري ميرن کان نه وٺبو. سڄو بار حيدرآبادي ميرن تي هوندو. 2.11.1853: سنڌ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته جاگيردار سرڪاري ترقياتي ڪمن لاء پورهيت ڏيڻ جا پابند آھن. 2.11.1858: فرنگي سرڪار جاگيردارن کي جيڪي جاگيرون ڏنيون, انھن جا هنن قسم ۽ درجا مقرر ڪيا. جهڙوڪ "عام جاگير", "پٽيدار", "خيراتدار", "ملازمي" ۽ "مومل" جاگيرون. اهي وري ٽن درجن ۾ ورهايل هونديون. اڄ سنڌ ۾ جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر "خيراتدار جاگيرن بابت رپورٽ ٺاهي ڪمشنر کي موڪلي ته خيراتي مقصدن لاء ڏنل جاگيرون ڪٿي ۽ ڪهڙيون آھن. 2.11.1936: سنڌ ممبئئ کان جدا ٿي ۽ صوبائي حيثيت ماڻي ته سنڌي مسلمانن سياسي صفبندي ڪندي سنڌ ۾ اختلافي سياست جو ٻج ڇٽيو. پهريون سر "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي" ٺاهي وئي ۽ ان ۾ سر حاجي عبدالله هارون ليڊر ۽ سر شاهنواز ڀٽو ڊپٽي ليڊر ٿيا ته سر غلام حسين عهدي نه ملڻ تي اها پارٽي ڇڏي وڃي "مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي. اڄ ھن ۽ سندس سياسي ساٿئ محمد ايوب کهڙي, ڪانفرنس ڪري صفائي پيش ڪئي ته هنن پنھنجي الڳ هڪ سر جي سياسي مسيت ڇو ٺاهي. [دوست هئ ڳالھ نوٽ ڪن ته اڳتي هلي پنهنجي يا پرائي آشيرواڌ ڪري سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو وڏو وزير به ٿيو ۽ گورنر به ٿيو ۽ سندس سياسي ساٿي محمد ايوب کهڙو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. پر سنڌ جي صوبائي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو چونڊون هارائي ويا. سر شاهنواز ڀٽو سنڌ ڇڏي ويو ۽ سر حاجي عبدالله پوء مسلم ليگ لاء ڪم ڪيو] 2.11.1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته 32 هزار ڀارتي مسلمان پناهگير بڻجي اسان وٽ پهتا. 2.11.1948: تڏهوڪي گورنر جنرل خواجا ناظم الدين ڪراچئ ۾ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالونئ" جو افتتاح ڪيو. 2.11.1977: "تڪڙ نه ڪيو. چونڊون ايندڙ سال به ٿي سگهن ٿيون. في الحال ڇڏيو ته ڀٽو ڪيسن کي ته منھن ڏئي"- ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو بيان. *************** 2 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 2 نومبر 1857ع قنبر سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ مذهبي اسڪالر پير تراب علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1902ع شاعر ثاقب منگيجو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1936ع سنڌي فلمساز غلام حيدر صديقي جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1946ع صحافي تيرٿ داس اميداڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ آغا رفيقجو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1962ع خيرپور ناثن شاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ارباب بخاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1964ع شاعر علي دوست عاجز (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1965ع باليوڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 2 نومبر 1935ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير غلام سرور سرور انتقال ڪري ويو۔ 2 نومبر 1995ع ڏيپلي سان تعلق رکندڙ شاعر گل محمد اشق گلاڻي جو انتقال ٿيو.