Monday, 23 October 2023
SINDH in history today (24th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan
{24th October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{24th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ If you intend to live wonderful life full of peace and happiness, go to the court of your dear. If you are not allowed and accommodated accordingly, don't leave the door. It is your destination and only place of love & beauty. Be there till your sincerity, sacrifice and trust is accepted by Beloved and everybody.]
جو دوست مٺي جو در شھر,
لکجي ات ئي اسان جو مقدر,
ات ئي عشق محبت جو بحر,
قربانئ وفا جو کڻي ساڻ ثمر,
وڃي وٺجي فقط اهو ئي در,
ٿجي نشابر, اتي رهي عشق ۾.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY (24th OCTOBER)
*************
24th October
BIRTH DATES
Khowaja Muhammad Hassan (Luwari/Saint/1819),
Siraj-ul-Haq Memon (Tando Jam > Karachi/Journalist & Writer/1933),
Kala Hazari (Karachi > Jaipur/ Actress & Singer/1938),
Fazul Suleman Kazi (Banker & writer and Student leader/1938),
Srichand Keswani (Larkano > Ahmadabad/ Artist, Journalist & Artist/1947),
Daya Lalchandani (Ahmadabad/Artist/1958),
Sadaqat Ali Jatoi (Beto Jatoi/Politician/1965),
Rubina Abro )Gerelo/Poetess/1971)
*************
DEATH DATES
Mir Muhammad Khan Talpur (Derajat/Jagirdar/1812),
Tahilram Khemchand (Karachi/Sindh Politician of first bench and active leader of Sindh Sabha/1905),
Teoonmal Depchand (Sukkur/Congress leader/1935), Shaikh Soomar (Badin/Scholar/1986),
Zakhmi Chandio (Larkano/Poet/2000)
**************
EVENTS
1954: Ghulam Muhammad, the Governor - General, dissolves the Constituent Assembly. Muhammad Ali Bogra is appointed Prime Minister of Pakistan, who is sworn in to head 8 - member cabinet.
1957: During a meeting with Malik Feroz Khan Noon, U.S Secretary of state, assures him that U.S.A would support Pakistan if it were ever attacked. (The assurance indicates the pressure for bringing changes in foreign policy with special reference to U.S.S.R and India)
1958: President Iskandar Mirza constitutes a 12 - man Central Cabinet with Ayub Khan as Prime Minister. Z.A.Bhutto is also included as the minister.
1996: Eleven policemen are arrested in Mir Murtaza Bhutto murder case
( 24 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
24.10.1838:
اليگزينڊر برنس خيرپور مان پاٽينجر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. خيرپوري مير فائدو ڏيڻ گهٽ ٿا چاهن, پر وٺڻ گهڻو ٿا گهرن. ان ڪري مون کين حيدرآبادي ميرن سان ٿيل معاهدي وارو متن ڏيکاريو ۽ سمجايومان ته انگريزن سان دوستئ کان وڏو ٻيو ڪهڙو اوهان لاء فائدو ٿيندو. هنن کي سمجهايم ته هن معاهدي ڪرڻ کان پوء ڪمپني حڪومت اوهان جي رياست جي بچاء لاء پابند بڻجي پوندي.
24.10.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل سنڌ ۾ مقيم پنهنجي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايت ڪئي ته ٻروچن کان سواء باقي ٻيا مقامي ماڻھون فرنگي فوج ۾ ڀرتي ڪرڻ شروع ڪيو. [ان مان ميرن کي هئ تآثر ملندو ته ماڻھون اسان جي حيثيت کي مڃڻ لڳا آھن]
24.10.1843:
اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل ڏانھن ڏانهس لکيل مير علي مراد خان جو 9 آڪٽوبر 1843 وارو خط ڏياري موڪليو, جنهن ۾ هن لکيو هو ته اها مير رستم علي خان جي مرضي هئي ته پڳ ۽ حڪمراني منهنجي حوالي ڪري. هن پنهنجو پٽ مير محمد حسين, مير نصير خان, فتح محمد غوري ۽ پير علي گوهر موڪليا ته مون کي پڳ ۽ تخت وٺڻ تي راضي ڪن. پوء مير رستم خان پاڻ اچي مون کي پنهنجي هٿن سان پڳ پارائي ۽ چيو ته تون ئي خيرپور رياست جو حڪمران آھين, ڇوته منھنجي اولاد انھئ جي لائق ناهي. [انگريزن باقي سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء مير علي مراد خان کي پريشان ڪيو ته جيئن من حڪمرانئ تان هٿ کڻي وڃي ۽ هو خيرپور به ڦٻائي سگهن.]
24.10.1854:
ڪراچي گادئ جو هنڌ بڻيو ته هندوستاني واپارين ۽ تاجرن واپار لاء هن شھر جو منھن ڪيو. ان ڪري سرڪار ڪراچئ ۾ وڌيڪ مسافرخانا ۽ بنگلا ٺھرائڻ جو سوچيو ته جيئن ٻاهرين واپارين کي وقتي رهائش جون سهولتون ڏنيون وڃن.
24.10.1954:
پاڪستان جي گورنر جنرل غلام محمد اڄ پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ٽوڙي ۽ محمد علي بوگرا کي ملڪ جو وزير اعظم مقرر ڪيو.
24.10.1958:
صدر اسڪندر مرزا ايوب خان جي وڏ-وزارت ۾ 12 وزيرن جي ڪئبينيٽ مقرر ڪئي. ذوالفقار علي ڀٽو به ان ۾ وزير طور شامل هو.
24.10.1996:
مير مرتضا ڀٽي جي قتل جي الزام ۾ يارنھن پوليس وارا گرفتار ڪيا ويا.
***************
24 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
24 آڪٽوبر 1775ع آخري مغل بادشاهه بهادر شاهه ظفر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪالم نگار سراج الحق ميمڻ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1938ع ليکڪ ۽ بئنڪر فضل سليمان قاضي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1938ع گلوڪار ڪالا هزاري (ڪراچي / جئپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1947ع ليکڪ سريچند ڪيسواڻي (لاڙڪاڻو / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1950ع سياستدان، سماجي ورڪر ۽ ليکڪ اعجاز علي خواجه(ميرپور بٺورو) جو جنم ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1958ع اداڪاره ديا لالچنداڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1965ع سياستدان صداقت علي جتوئي جو جنم ڏينهن آهي.
24 آڪٽوبر 1971ع شاعره روبينه ابڙو(ڳيريلو) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
24 آڪٽوبر 1905ع سياستدان ٽهلرام کيمچند (ٺٽو) جي ديهانت ٿي.
24 آڪٽوبر 1935ع سياستدان ٽيونمل ڏيپچند (سکر) جي ديهانت ٿي.
24 آڪٽوبر 1986ع اسڪالر شيخ سومار (بدين) جي وفات ٿي.
24 آڪٽوبر 2000ع شاعر زخمي چانڊيو کي شهيد ڪيو ويو.
Sunday, 22 October 2023
SINDH in history today (23rd October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan
SINDH (including Pakistan)
{23rd October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr. Pathan wishes YOU Good Day.
[معاشرے نے نظریاتی، ذھنی اور فکری تربیت کا انتظام و اھتمام کچھ اس طرح کر کے رکھا ہے، جس کے نیتیجے میں جہل کا علم سے اور تکرار کا محبت و پیار سے اٹوٹ رشتہ قائم ہو چکا ہے . عقلمند آدمی ایثار اور وفا، خلوص اور ھمدری کو پاگلوں کا شیوہ سمجھتے ہیں. ھر ایک کو اپنے ذاتی مفاد اور خود غرضی کی فکر دامن گیر ہوتے ہے. اجتماعی امن و سکوں، ترقی اور خوشحالی سے کسی کا واسطہ نہیں ہوتا]
علم جهل ويا هت هڪ ٿي,
پيار پالي پيو هت تڪرار,
سچ وفا خلوص پيار مان,
هر ڪو ماڻهون هت بيزار,
سياڻا ئي پيا ڄاڻن بيڪار,
انڪسار سونهن سلام کي.
**************
23rd October
BIRTH DATES
1. Mir Rasool Bux Talpur (Hyderabad/Politician, ex - Sindh Governor/ birth 23rd October1920),
2. Soomar Ali Soomro (Writer/ birth 23rd October1923),
3. Sadoromal Rajput (Chandan -Bhopal/Writer/ birth 23rd October1926),
4. Essarsing Bedi (Writer/ birth 23rd October1927),
5. Muhammad Ishaq 'Souz' (Hyderabad/Poet/ birth 23rd October1947),
6. Nisar Agani (Agani/Writer/ birth 23rd October1948)
**************
DEATH DATES
1. Makhdoom Abdul Wahid Sehwistani (Religious Scholar/ death 23rd October1809),
2. Moulana Muhammad Bux 'Khayali' (Religious Scholar & Poet/ death 23rd October1956),
3. Moulana Ahmad Memon (Diplo/Religious Scholar/ death 23rd October1956),
4. Haji Yar Muhammad Mari (Kathori/Poet/ death 23rd October1982),
5. Begam Nusrat Bhutto (Politician/ death 23rd October2011)
*************
EVENTS
1932: Hindu Maha Sabha agrees to include the issue of the separation of Sindh as an item of agenda of the Unity Conference. However, terms the decision of the Round Table Conference of accepting the principle of separation as experts.
1938: The meeting of the Anjuman Fida -i- Islam is held at Kambar with Moulana Mir Muhammad Naorangi in chair. The British policy towards Palestine is condemned and rejected. On this occasion Palestine Support Committees are formed for taluka and city.
1990: Jam Sadiq makes forward block in PPP.
1992: Army operation Clean - Up in Sindh to continue. Decision is taken in Islamabad.
( 23 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
23.10.1838:
سنڌ تي حڪمراني ته ميرن جي آھي, پر هلي فرنگين جي ٿي. انڊين نيوئ جي اختيارئ طرفان لفٽيننٽ ڪارليس کي حڪم مليو ته سنڌوندئ جي ڇوڙ تي هجاماڻئ ۽ ڪڏواڻئ وٽ روشنئ جا سامونڊي فانوس لڳائي.
23.10.1838:
پاٽينجر اڄ پنهنجي مراسلي نمبر 141 ذريعي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته ممڪن آھي ته مير نورمحمد مون کي سنڌ ڇڏي وڃڻ جو حڪم ڏئي. انھئ صورت ۾ مان وڪر ويندس يا مانڊي مان ويندس.
23.10.1842:
فرنگي گورنر جنرل ايلنبرو اڄ نيپيئر کي لکي موڪليو ته ميرن سان مامرن ۾ ڪا چڱائئ جي اميد نظر نه ٿي اچي. اسان هنن کان ڀنگ ڀاڙا ۽ ممڪن ٿيو ته سبزل ڪوٽ وارا پرڳڻا کسي هنن جي هوڏ واري ڦوڪڻي مان هوا ڪڍنداسين. تون ان لاء تياري ڪر. بهاولپور وارا حاڪم ٽن پيڙھڻ کان اسان سان غير مشروط ياري ملهائيندا اچن ٿا. اسان اهي پرڳڻا کين ڏينداسين. پر پرڳڻن ڏيڻ واري ڳالھ في الحال راز ۾ رکجانء.
23.10.1856:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ پنھنجي مراسلي نمبر 989 ذريعي خان آف قلات کي ڏوراپو ڏنو ته تون مري قبيلي کي مات ڏيڻ ۾ اسان سان سهڪار نه ٿو ڪرين. مري اڄ اسان جي مٿي جو سور بڻيل آھن, سڀاڻي توڏي به منھن ڪري سگهن ٿا.
23.10.1947:
انڊيا جي هوشيارپور مان 60 هزار پناهگير پاڪستان لاء ڪوچ ڪيو.
23.10.1972:
قمر الزمان شاه کي ٻه سال قيد ۽ 5 هزار روپين جي ڏنڊ جي سزا ڏني وئي.
23.10.1987:
نصير آباد, تعلقي واره ۾ “شاه لطيف ادبي سنگت" قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء هي عهديدار چونڊيا ويا: عبدالرحمان منگي صدر, غلام سرور ڀٽي نائب صدر, علي انور اوڍاڻو سيڪريٽري, محمد ابراهيم ملاح خزانچي ۽ محمد يوسف منگي آڊيٽر.
23.10.1990:
ڄام صادق پيپلز پارٽئ ۾ فارورڊ بلاڪ ٺاهيو.
{23 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
[جنم ڏينهن]:
1920ع سياستدان ۽ سنڌ جو اڳوڻو گورنر مير رسول بخش ٽالپر.
1923ع ليکڪ سومر علي سومرو.
1926ع ليکڪ صدورو مل راجپوت (سنڌ / ڀوپال).
1927ع ليکڪ ايسر سنگهه بيدي.
1946ع سياستدان مير هزار خان بجاراڻي.
1947ع شاعر محمد اسحاق سوز (حيدر آباد).
1948ع ليکڪ نثار آگاڻي.
[وڇوڙو]:
1809ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالواحد سيوستاني.
1926ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا محمد بخش خيالي.
1956ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد ميمڻ (ڏيپلو).
1982ع شاعر حاجي يار محمد مري (ڪاٺوڙ).
2008ع سياستدان ۽ سماجي اڳواڻ ڪوڙا خان ڀيو(شڪارپور).
2009ع صوف راڳ جي مشهور راڳي سهراب فقير(نصير فقير جلالاڻي).
2011ع بيگم نصرت ڀٽو.
Saturday, 21 October 2023
SINDH in history today (22nd October). Author Dr. Pathan & Translator Mumtaz Pathan
👍
👎
😊
😞
{22nd October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{22nd
October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ Change of time, place and circumstances and change of season, can't change me with reference to your relation, connection and love. You will find me praying for your kindness, promoting your vision & wisdom and praising your beauty. Since centuries it my task, it is my life and Aim of life. May it please you, my dear.]
مندیون تہ مٽيون پر مان نہ مٽیس منھنجا ساڳیا رویا رنگ،
سڳڙو سوريون چوریون تنھنجئ چاھت جا ساڳئ ريت چنگ،
نرمل تو تی ننگ، اٿئي منھجي محبت, دل, دعا ۽ سلام سندا.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (22nd OCTOBER)
************
22nd October
BIRTH DATES
1. Dr.Haromal Sadarangani (Shahdadkot - New Delhi/Scholar/ birth 22nd October1913),
2. Muzafar Hussain 'Josh' (Khairpur/Poet/ birth 22nd October1920),
3. Ghulam Ahmad 'Bedam'(Talhar/Poet/ birth 22nd October1936),
4. Muhammad Luqman Khokhar (Ghulam Mustafa/Folklore poet birth 22nd October/1949),
5. Mehboob Detho (Rahimabad/Poet/ birth 22nd October1961),
6. Anwar Lakhr (Saindad/Poet/ birth 22nd October1971),
7. Ashok Kalani (K.N.Shah/Writer birth 22nd October/1971)
8. Mushtaq Hussain Tunio (Larkana/Journalist/birth 22nd October 1977)
*************
DEATH DATES
1. Muhammad Ayub Khuhro (Aqil/Politician/ birth 22st October1980),
2. Sarwech Sujawali (Poet/ birth 22st October2007)
*************
EVENTS
1838: The attitude, approach and response of Mir Noor Muhammad is discussed between Colonel Pottenger and Captain Burns through letters. Colonel Pottenger is of view that Mir had no effect in turning him from his purpose.
1847: The Govt. of India through Bombay Govt . Provides Sindh Commissioner important instructions and copies of circulars to be followed for smooth running of the Sindh administration. The number of circulars is more than fifty. Some of them are Service Code, Prohibition of forced labour (Chher), Illegality of importation of Slaves, Position of Jageedars etc.
1938: Sindh Provincial Muslim League Conference brought Sindh Muslim League leaders nearer to other leaders of the party. Today, All - India Muslim is requested by Sindh Muslim League to provide list along with postal addresses of branches for interaction and contacts.
1947: Twenty three thousand Indian Muslims reach Pakistan.
1953: Pakistan Muslim League Parliamentary Party decides that the Head of the state of Pakistan will be a Muslim.
1983: Jamait -i- Islami holds very important talks with Zia.
1989: All Pakistan Newspapers Society calls upon four provincial Chief Ministers to protest newspaper offices, bureaus in the face of frequent attacks.
1990: Sixty - eight workers of Al - Zulfkar are blamed as terrorists and arrested.
1992: PPP top brass has links with terrorist organization Al - Zulfkar, Ministers tell National Assembly.
1993: Mian Tufail, former Chief and member of Jamait -i- Islami Shoora resigns due to differences with Kazi Hussain Ahmad.
( 22 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
22.10.1838:
پاٽينجر اڄ خط لکي برنس کي ٻڌايو ته مير نورمحمد تي منھنجي خطن ۽ گذارشن ٽڪي جو به اثر ڪونه وڌو آھي, ويتر هو مون تي ڏمريو ويٺو آھي. برنس انھن ڏينھن ۾ خيرپوري ميرن سان ڳالهيون ڪري رهيو هو. پاٽينجر جي خط جو مطلب برنس کي هوشيار ۽ محتاط ڪرڻ ھو.
هو وڌيڪ لکي ٿو ته شڪارپور ۾ مير نورمحمد جي عملدارن جو ليفٽيننٽ ليچ سان رويو به اڻ وڻندڙ ٿيو آھي.
22.10.1847:
ممبئي سرڪار سنڌ جي انتظام کي هلائڻ لاء اڄ ڪمشنر کي لڳ ڀڳ 50 آڳاٽا سرڪيولر ڏياري موڪليا. انھن ۾ زورئ پورهئي نه ڪرائڻ ۽ غلامن جي واپار کي ٻنجي ڏيڻ بابت سرڪيولر به هئا. ياد رهي ته ميرن جي دور ۾ سنڌ ۾ وڪري ڪرڻ لاء غلام آندا ويندا هئا.
22.10.1947:
سرڪاري پڌرائئ مطابق 23 هزار پناھگير پنهنجو ملڪ انڊيا ڇڏي آيا
22.10.1932:
"ايندڙ ۽ ٿيندڙ يونٽي ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري مامري تي ڀلي بحث ڪجي. پر گول ميز ڪانفرنس جيڪو سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏيڻ وارو فيصلو ڪيو آھي, ان کان اڳ سنڌ جي هندن کي نه ٻڌو ويو". آل انڊيا هندو مها سڀا جي صدر جو بيان.
22.10.1938:
قمبر ۾ مولانا نورنگئ جي صدارت ۾ ” انجمن فدائي اسلام" جي زير اهتمام جلسو ٿيو. ان ۾ فرنگي سرڪار جي فلسطين بابت پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي. ان موقعي تي هن ريت "فلسطين ڪميٽيون" قائم ڪيون ويون: (تعلقو قمبر: مولانا مير محمد نورنگي صدر, مولوي غلام فريد نائب صدر, مولوي غلام مصطفا سيڪريٽري)
(قمبر شھر: غلام محمد خان صدر, گلاب خان نائب صدر ۽ حمزو خان سيڪريٽري).
22.10.1966:
"ون- يونٽ ھميشه رهندو. ڪو به ان ۾ ڪا ردوبدل ڪري نه نٿو سگهي"- وفاقي وزير خواجا شھاب الدين جي دعوا.
22.10.1971:
صدر يحيا ۽ ذوالفقار علي ڀٽي وچ ۾ ملڪي حالتن تي طويل گڏجاڻي ٿي, جيڪا ٽي ڪلاڪ هلي.
22.10.1983:
جماعت اسلامئ جي اڳواڻن اڄ ضياء الحق سان تفصيلي ملاقات ڪئي.
22.10.1990:
ملڪ مان 68 ماڻھن کي الذوالفقار تنظيم جا دهشتگرد چئي گرفتار ڪيو ويو.
***************
{22 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن]:
1913ع اسڪالر ڊاڪٽر هرومل سدارنگاڻي(شهداد پور / نئين دهلي).
1936ع شاعر غلام احمد بيدام (تلهار).
1949ع سگهڙ محمد لقمان کوکر.
1961ع شاعر محبوب ڏيٿو.
1971ع شاعر انور لاکير.
1971ع ليکڪ اشوڪ ڪالاڻي.
1977ع شاعر مشتاق تنيو.
[وڇوڙو]:
1980 سنڌ کي ون-يونٽ جا پنجوڙ وجهندڙ ۽ سنڌ جو هڪ کان وڌيڪ دفعا وڏو وزير ٿيندڙ ايوب کهڙو
1986ع گلوڪاره ڀڳونتي ناواڻي.
2007ع شاعر سرويچ سجاولي.
2017ع فلم ۽ ٽي وي اداڪار شهباز دراني.
Friday, 20 October 2023
SINDH in history today (21st October). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Ali Pathan
21st October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{21st
th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If you are not being accepted, so what? Surrender & dedicate yourself with all love & sincerity at your command. If beloved hates, don't be worried. Because, it is requirement of beauty and vision & wisdom of love.]
پرین نہ ٿين پنھنجا، تون ئي پاڻ پرین جو ٿئ،
محبت بدران نفرت ملي، سمجهي پرت پیالو پئ،
جگ جگ جانب جئ، آس امید سرت سلام سان.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY (21st OCTOBER)
************
21st October
BIRTH DATES
1. Shaikh Essa Sindhi (Burhanpur/Saint/ birth 21st October1555),
2. Usman Ali Ansari (Educationist/ birth 21st October1909),
3. Mir Aijaz Ali Talpur (T.M.Khan /Politician/ birth 21st October1933)
4. Rashida Hijab (Shikarpur/Writer/ birth 21st October1942),
5. Shiam Batheja (Shikarpur/Writer/ birth 21st October1945),
6. Dr.Abdul Wahid Soomro (M.Hashim Soomro/Politician/ birth 21st October1962),
7. Humera Anwar (Poetess/1969),
8. Zain Solangi (Writer/ birth 21st October1978)
*************
DEATH DATES
1. Mir Murad Ali Khan Talpur (death 21st October1833),
2. Munir Ahmad Channo (Ferozshah/Writer/ death 21st October1967),
3. Sajan Qabulai (Poet/ death 21st October1991).
*************
EVENTS
1845: The Commissioner of Sindh is directed that who so ever could prove that he made his Salam on 24th of May of this year; the right of Jageer will be restored to him. The Jageer of Syed Ali Akbar shah is restored to him by the Collector of Hyderabad, under this policy.
1854: Commanding Officer, Sindh Division request Govt. that Buldings at points along with the whole line of the river Indus be constructed, or improved where already existing, as they are important for so many reasons.
1928: In a public meeting held by the Congress and other parties with Naraindas Anandji in chair, it is decided the 1000 volunters will stage protest against the Simon Commission. Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Mir Muhammad Baloch address on the occasion.
1947: 69,000 Indian Muslim migrants arrive, announces the Govt.
1954: The U.S.A announces to make available to Pakistan in current fiscal year about ¤ 105, 000,00 in Economic Aid. Any N.G.0/Non Govt. Research Organization must conduct research to find that 1) How much loan/Aid has been received so for and 2) What is its province - wise utilization. Results will be amazing one.
1961: President Ayub inaugurates first atomic energy research and training center, in Lahore.
1972: Mairaj Muhammad Khan, Central Minister for State resigns and accuses PPP Govt. of being anti - labour.
1992: Benazir launches PDA's Out - Nawaz movement.
1998: India rejects Pakistan's no - war pact proposal being conditional in the resolution of Kashmir dispute
( 21 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
21.10.1838:
ياد رهي ته هئ ڪراچئ ۽ ٻيٽن تي قبضي ڪرڻ کان ٿورو اڳ جي خط و ڪتابت آھي ۽ ان مان فرنگي ذھنيت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اڄ سنڌ مان الينگزيڊر برنس پنهنجئ سرڪار کي هڪ طويل ۽ تفصيلي خط لکي ٿو. ان ۾ خاص ڳالهيون هي آھن:(1). خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن وچ ۾ ٿيل رازدارئ واري خط و ڪتابت جي خبر پئي آھي. هاڻي مير چوڻ لڳا آھن ته پاٽينجر کي جيڪڏهن ان مان ڪي شڪ ٿيا آھن ته مير نور محمد صفائي ڏئي سندس غلطفهمي دور ڪندو,(2). سنڌ ۾ اسان جي فوج هجڻ تي ميرن کي ڪي وهم گمان آھن. پر انھن کي ٻڌايو ويو آھي ته فوج افغانستان ويندي, ليڪن اها سنڌ ۾ رکي ويندي جيسيتائين اسان شاه شجاع کي تخت تي نه ٿا ويهاريون,(3). مير رستم علي صفائي پيش ڪئي آھي ته هو پرشيا جو نه پر ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو پڪو يار آھي. کيس تاڪيد ڪيو ويو آھي حيدرآبادي ميرن کي به سمجهائي ته هو پرشيا جي يارئ کان پاسو ڪن, (4). اسان کي خيرپوري ميرن تي هٿ رکڻ گهرجي پر حيدرآبادي ميرن کي ڪرڙي اک ڏيکارڻ گهرجي.
21.10.1838:
اڄ مير رستم علي خان مير نور محمد خان کي خط ۾ لکيو ته اوهان جا خط ۽ نياپا مليا آھن ته اسان مير سيوهڻ ۾ ملي فرنگين بابت ڪا گڏيل حڪمت عملي ٺاهيون. طبيعت ٺيڪ ڪانھي, ان ڪري مان اچي نه سگهندس. پر مير مبارڪ خان ۽ مير علي مراد خان کي موڪليندس.
وڌيڪ لکي ٿو ته فرنگين جي هندستان تي حڪومت آھي. هنن جي طاقت کي نظرانداز ڪرڻو ناهي. پاٽينجر ۽ برنس کي انھن رکيو آھي. هنن جو خيال رکبو ۽ تعاون ڪبو.
21.10.1857:
هندستان جي مختلف هنڌن تي حڪومت خلاف مسلح بغاوت وارن واقعن سنڌ ۾ سرڪار کي ڪن قدمن کڻڻ تي مجبور ڪيو. اڄ ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 393 ذريعي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته فوج کي مختلف شھرن ۾ مارچ ڪرڻ جون هدايون ڏنيون ويون آھن.
21.10.1928:
ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ مقامي ڪانگريس ڪميٽئ جي نارائداس آنندجي جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي. ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر مير محمد بلوچ ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ تقريرون ڪيون. فيصلو ڪيو ويو ته "سائمن ڪميشن“ جي اچڻ واري ڏينھن هڪ هزار رضاڪار ڪميشن خلاف جلوس ڪڍن.
21.10.1938:
سنڌ ۾ ڪوٺايل صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس کان پوء سنڌ جي مسلم ليگي ليڊرن باقي هندستان جي مسلم ليگي ليڊرن سان رابطا رکڻ شروع ڪيا. اڄ سنڌ صوبائي مسلم ليگ جي جوائنٽ سيڪريٽري پير علي محمد شاه مرڪزي مسلم ليگ کي لکيو ته سمورن صوبن جي مسلم ليگن جي عهديدارن جي ايڊريس سميت لسٽ ڏياري موڪليو.
محققن ۽ تاريخ نويسن کي اهو ٻڌائيندو هلان ته 1912 کان 1947 تائين سنڌ مسلم ليگ ۽ مسلم ليگي ماڻھن جيڪا مرڪزي مسلم ليگ سان خط و ڪتابت ڪئي, اها سموري گل حيات ۾ موجود آھي.
21.10.1947:
سرڪاري طور تي ٻڌايو ويو ته اڄ 266600 پناهگير پهتا.
21.10.1964:
بهاولپور ۾ صدارتي اميدوار صدر ايوب چونڊ-مهم واري ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ڪا فاطمه جناح جي جاگير ناهي جو هن کي اوهان ملڪ جي صدر طور چونڊيو.
21.10.1972:
وفاقي رياستي وزير معراج خالد پيپلز پارٽئ حڪومت کي مزدور-دشمن حڪومت چئي وزارت تان مستعفي ٿيو.
***************
{21 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن]:
1909ع تعليمي ماهر عثمان علي انصاري.
1933ع سياستدان مير اعجاز علي ٽالپر (ٽنڊو محمد خان).
1942ع ليکڪا رشيده حجاب (شڪارپور).
1943ع ليکڪ طارق علي.
1945ع ليکڪ شيام ڀاتيجا (شڪارپور).
1962ع سياستدان ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو.
1969ع شاعره حميره نور .
1978ع ليکڪ۽ شاعر زين سولنگي.
1978ع شاعر نظر پياسي.
[وڇوڙو]:
1967ع ليکڪ منير احمد چنا.
1991ع شاعر سڄڻ قبولائي.
2015ع شاعر نور الدين نفيس ٿهيم.
Thursday, 19 October 2023
SINDH in history today (20th October). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Ali Pathan
{20th October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan in history today)
{20th October}.
*************
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
مسجد ۾ مندر ۾ ڪليسا ۾ باسون مون سدا باسيون پرين تون جيئن پرچين,
جيئن پنهجئ سندرتا ساڻ سرچين, اها خرچين سرت سچ سلام جي خاطر.
[ My Dear! I have been visiting Mosques, Temples and Churches so as to implore and pray that there may be friendship between you and your beauty in which you are second to none. Your friendship with Self and beauty will ultimately create friendship between you and me. If you will know Self and your beauty, it will make you believe that you have to play role as an Ideal for beautification of hearts, minds and society.]
**************
SINDH IN HISTORY TODAY (20th OCTOBER)
*************
20th October
BIRTH DATES
1. Faqir Ali Gohar Shar (Mengho Faqir/Poet/ birth 20th October1918),
2. Abdul Fatah Memon (Shikarpur/Poet, Education promoter/ birth 20th October1920),
3. Arif -ul- Moula (Pir Subhan/Poet/ birth 20th October1922),
4. Mir Mumtaz Ali Talpur (Politician/ birth 20th October1939),
5. Suhail Sangi (Journalist/ birth 20th October1950),
6. M.Aslam 'Sabir' Ansari (Poet/ birth 20th October1956),
7. Akhtar 'Udasi' (Poet/ birth 20th October1957),
8. Munir 'Ajiz' (Poet/ birth 20th October1959),
9. Ghani Babur (Mewo Babur/Poet/ birth 20th October1968),
10. Nazir Chachar (Moulvi/Social Worker/ birth 20th October1969),
11. Razak Kharl (Jacobabad/Journalist/ birth 20th October1969)
************
DEATH DATES
1. Seth Sobhraj Chetomal (Shikarpur/Social worker/ death 20th October1928),
2. Abdullah 'Bismil' (Poet/ death 20th October1949),
3. Rais Brohi (Hingoro/Hari leader/ death 20th October1991)
*************
EVENTS
1838: The Govt. of India informs Colonel Pottenger that all the troops are being dispatched to Karachi by Sea and that orders would be issued by the Military Department for sending Lieutenant Treshire and Ramsay in 'S.S. Polinurus' for purpose of enquiry into sources of the country.
1849: There is someone Mirza Agha from Sindh, who was appointed as British Agent at Shiraz. Today, his valuable services rendered for British interests, are appreciated and recorded by Colonel F.Farrant.
1918: A political public meeting is held by The Home Rule League in Karachi and on this occasion 51th Birthday anniversary of Gandhi is also celebrated. This may kindly be noted that Home Rule League was the most popular, active and functional in Sindh much before Congress and Muslim League
( 20 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
20.10.1832:
فرنگين سنڌ جي اوڀر ڏکڻ ۾ پاڪر ۾ کوسن,ٺاڪرن ۽ سوڍن خلاف جنگي مهم شروع ڪئي ته پاٽينجر کي اتان جي انٽيليجنس ڊپارٽمينٽ جو انچارج بڻايو ويو. ان کان سواء هن تي اهو ڪم به رکيو ويو ته هو ميرپور خاص واري مير مراد علي ۽ ٻين ميرن سان رابطي ۾ فوجي مهم لاء مدد وٺي. هن مهم دوران فرنگين اتي سيد رحمت الله کي منشي ڪري رکيو, جنهن کي سنڌئ ۽ گجراتئ تي عبور حاصل هو.
20.10.1838:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 339 ۾ پاٽينجر کي اطلاع ڏنو ته اسان جي فوج سمنڊ ذريعي ڪراچئ اچي رهي آھي ۽ ليفٽيننٽ ٽريشائير ۽ راسمي کي پاڻئ جي جهاز ۾ موڪليو وڃي اهي سنڌ جي ساحلي پٽئ جي جاسوسي ۽ جاچ پڙتال ڪندا.
20.10.1842:
ليفٽيننٽ ماء لي, اڄ حيدرآباد ۾ ھوندي, پنهنجي روزنامچي ۾ تمام ڇرڪائيندڙ ڳالهيون لکيون آھن. انھن مان ڪي هي آھن:(1). اسان ميرن کان سنڌوندئ ۾ ھلندڙ ٻيڙين تي ميرن طرفان لڳايل ٽول ختم ڪرايو آھي, (2). ميرن کي ذھني ۽ نفسياتي طور مڃرائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آھيون ته سنڌ هندستان جو اٽوٽ حصو آھي ۽ اسان سنڌ ۾ پنهنجي مفادن جي بچاء ۾ جو چاهيون سو قدم کڻي سگهون ٿا, (3). سنڌ ۾ اسان جي فوج جي موجودگئ اسان جي حيثيت تسليم ڪرائي آھي. اڳ ميرن جي درٻار ۾ اوپرا هوندا ھئاسين, پر هاڻي اسان کي ڪن کولي ٻڌو ٿو وڃي, (4). مير نصير خان اسان کي گهٽ برداشت ٿو ڪري, سندس ٻين ميرن سان به گهٽ ٿي لڳي ۽ اهو سندن باهمي اختلاف اسان جي حق ۾ وڃي ٿو.
20.10.1918:
هن دور ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جي ڀيٽ هوم رول ليگ سنڌ ۾ وڌيڪ فعال هوندي هئي. اڄ ھوم رول ليگ وارن گانڌئ جي 51 هين سالگره ملهائي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ وڏو جلسو ڪيو.
20.10.1947:
اڄ ستره هزار چار سو پناهگير پهتا.
20.10.1958:
پاڪستان سرڪار فيصلو ڪيو ته ڪراچئ ۾ ٻن سالن اندر پنجاه هزار ڪوارٽر ٺھرايا ويندا ته جيئن بي گهر پناهگيرن کي اتي آباد ڪيو وڃي. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ايوب اقتدار تي قبضو ڪيو ته هن ڪراچئ ۾ پٺاڻن کي آباد ڪرڻ جي لاء وڏو ڪم ڪيو. سنڌ اڳ ئي اڻڳڻيل ۽ اڻ کٽ پناهگيرن جي جاء بڻجي چڪي هئي ۽ هاڻي پٺاڻن به سنڌ جو منھن ڪيو.
20.10.1970:
پاڪستان نئشنل پارٽئ جي اڳواڻ مولانا ڀاشانئ بيان ڏنو ته عام ماڻھونء جو ايترو استحصال ڪيو ويو آھي جو هاڻي ملڪ گهرو لڙائئ طرف وڌي رهيو آھي. [اوڀر پاڪستان ۾ انھئ احساس بنگالين کي ڌار ٿيڻ تي مجبور ڪيو]
20.10.1974:
سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽي کي چيو ته پنهنجي لکت واري بيان مان مولوي جسٽس مشتاق احمد خلاف ڏنل ريمارڪس ڪاٽي ڇڏ.
20.10.1993:
سيد عبدالله شاه سنڌ جي چيف منسٽر طور قسم کنيو. اڳتي هلي هن جو پٽ سنڌ جو چيف منسٽر ٿيو ۽ ايئن هئ سنڌ جو اهو واحد خاندان ٿيو, جنھن جو پئ ۽ پٽ سنڌ جا وڏا وزير ٿيا.
***************
{ 20 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون
***************
[جنم ڏينهن]:
1918ع شاعر فقير علي گوهر شر.
عبدالفتاح ميمڻ (شڪارپور).
20 آڪٽوبر 1922ع شاعر عارف المولا.
1939ع سياستدان مير ممتاز علي ٽالپر.
1950ع صحافي سهيل سانگي.
1956ع شاعر ايم اسلم صابر انصاري.
1957ع شاعر اختر اداسي جو جنم ڏينهن آهي.
1959ع شاعر منير عاجز.
1968ع شاعر غني ٻٻر.
1969ع سماج سڌارڪ نظير چاچڙ .
1969ع صحافي رزاق کرل (جيڪب آباد).
1977 اعجاز امتاز شاعر
[وڇوڙو]:
1906ع ڪتاب مهراڻ آف سنڌ جي ليکڪ ايڇ جي راورٽي.
1928ع سماج سڌارڪ سيٺ سوڀراج چيتومل.
1950ع شاعر عبدالله بسمل ٽکڙائي.
1980ع سياستدان ۽ سنڌ جي اڳوڻو وڏو وزير ايوب کهڙو.
1991ع هاري اڳواڻ رئيس بروهي.
Wednesday, 18 October 2023
SINDH in history today (19th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan
{19th October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{19th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ None of us is Angel, or Satan. We are Human-beings and everybody is combination of good and bad. We make mistakes and none of us is fault-free. Whoever claims to be pious and saint, is dodger and will never appreciate and encourage love, beauty and peace and cannot accept them as essential requirements of Human nature and insects.He/She will try to chain you in traditions, fear and doubts.]
ڏينهن رات عيب ثواب نفرت محبت سي تضاد ڪٿي؟ اهي رنگ ۽ روپ جي پيا مٽجن,
تضاد تہ چئبو ان کي جي ماڻهن هوندي “ نقلي فرشتا “ پاڻ کي “ ماڻهو ً نہ سمجهن,
خامي خوبي سڀ ۾ پر پرماريت-پرست پاڻ کي ئي پاڪ نيڪ متقي چئي نچن,
ڪڏھن اهي ڪين مڃن, اهميت عظمت محبت خدمت قربانئ دعا سلام سندي.
**************
SINDH IN HISTORY TODAY (19th October)
**************
19th October
BIRTH DATES
Dara Abro (Artist/1940)
Ghulam Hussain “Shouq”/Long Mahesar/Poet/1952
Sami Lund (Waleedaad Khan/Poet/1955)
Javeed Ahmd Nohri(Pathoro/Journalist/1967)
Syed Murad Ali Shah (Bukera Sharif/Artist/Journalist/1974)
Moulvi Najamuddin Soomro (Religious Scholar/ death 18th October1979)
Anwar Jarwar (Khanwah/Poet/1981)
Ali Sahil (Poet/1982)
Noor uddin “Noor” Mahar (Mahesar/Poet/1982)
**************
DEATH DATES
Makhdoom Muhammad Ismail (Piryan loi/Religious Scholar & Saint/ death 18th October1760),
Mir Rustam Khan Sani S/o Mir Imam Bux(1914)
Syed Allahndo Shah (Nawabshah/Politician/1919)
Pero Muhammad Sail (Poet/1959)
Mir Ghulam Ali Talpur (Politician/1962)
Dadan Fakeer (Miandad Chinjni/1979)
Ustad Bukhari (Dadu/Poet/1992)
**************
EVENTS
1838: Captain Burns informs his Govt. that he have delivered to Mir Rustam Khan the letters from Governor - General and Shah Shuja -ul- Mulk and have explained to him the object of Govt. in restoring Shah Shuja -ul- Mulk to his kingdom and informed him the Governor - General desires Mir to extend his cooperation in this regard and shall pay share of the tribute to Shah Shuja. Captain Burns also informs his Govt. that he also entered a long conversation with regard to Rojhan.
1947: It is official told that in a few days the number of the Indian Muslim migrant is as under: Twelve Trains (Today), 3250 (yesterday), 5058 (Day after yesterday), 33200 (on 14th) and 101000 on 13th of October.
1957: The World Bank makes a loan of ¤ 31,000.000 to enable Pakistan to cover the foreign exchange cost for expansion of its railway.
1972: Partial strike is observed in Karachi Industrial area to protest against police firing and killing of four workers.
1986: One million plots to be distributed among shelter less families, Junijo launches Seven - Marla free housing Scheme near Faisalabad. In Sindh, this Scheme provided golden chance to local land - mafia and influential people to make handsome earning out of it.
1991: During cleanup operation in interior Sindh 24 bandits are killed and 5 arrested.
1993: Benazir Bhutto is elected leader of house by 121 votes, Nawaz Sharif got 72 votes. JUI and PIF members abstain
( 19 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
**************
19.10.1832:
فرنگي سرڪار سنڌ جي حڪمرانن جي مرضئ سان انهن کوسن,سوڍن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن شروع ڪيو, جيڪي فرنگين کي ڦري لٽي سندن سنڌ ۾ داخل ٿيڻ جي رستي روڪ ڪندا هئا. هن فوجي مهم جي قيادت لفٽيننٽ لچفيلڊ ٿي ڪئي. اڄ ڪرنل پاٽينجر پنهنجو مراسلو نمبر 234 موڪلي لچفيلڊ کي هدايتون ڏنيون.
19.10.1838:
اڄ ڪئپٽن برنس پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته هو ڪالھ خيرپور پهتو ۽ مير رستم علي خان کي اهي سبب ٻڌايائين ته ڇا جي ڪري فرنگي شاه شجاع کي تخت تي ويهارڻ گهرن ٿا. هن مير رستم علي خان کي تعاون ڪرڻ جي گذارش ڪئي. جنھن تي مير وراڻيس ته ان تي اسان حيدرآبادي ميرن سان صلاح ڪري جواب ڏينداسين.
19.10.1844:
سنڌ جي فرنگي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کان منظوري گهري ته سکر ۽ شڪارپور کي روڊ ٺاهي ملايو وڃي. اهو فوجي مقصدن لاء ضروري آھي. روڊ ٺاهڻ تي 52,008 روپيا خرچ ايندو.
19.10.1924:
"بزم ناري شريف", اسٽيشن بالي شاه طرفان بزم جو ٽيون مشاعرو ٿيو. مشاعري جي مصرع طرح هئ هئي:
"تنهنجي درڪار سدا مهر عنايت مولا".
19.10.1946:
غلام احمد نظامئ جي ڪوششن سان قائم ٿيل "سنڌي بزم ادب" طرفان مشاعرو ٿيو. ڪراچئ جي هئ ادبي تنظيم 1923 کان 1947 تائين فعال رهي. ان طرفان ڪيترا مشاعرا ۽ تقريري مقابلا ڪرايا ويا.
19.10.1947:
ٿورن ڏينھن ۾ پهتل پناهگيرن جا انگ اکر هن ريت آھن: 12 ريل گاڏيون اڄ پھتيون, 3250 پناهگير 18 آڪٽوبر تي آيا, 5058 پناهگير 17 آڪٽوبر تي پهتا, 33200 ڄڻا 14 آڪٽوبر ۽ 101000 ان کان اڳ 13 آڪٽوبر تي آيا.
19.10.1957:
ورلڊ بينڪ پاڪستان کي ريلوي جي ڄار وڇائڻ لاء 31,000,000 $ قرض ڏنو. ريلوي جي پٽڙئ وڇائڻ جو ڪم ڪٿي ڪٿي ٿيو, ان تي سنڌ جي اقتصادي ماهرن ڪو به تحقيقي ڪم ڪري اسان کي نه ٻڌايو آھي.
19.10.1964:
راجشاهئ ۾ پنهنجي چونڊ مهم دوران تقرير ڪندي صدارتي اميدوار فاطمه جناح ملڪي حالتن جو چٽ چٽيندي چيو ته وڏي سازش سان عام ماڻھونء کي نظرانداز ڪري اپر ڪلاس ۽ صنعتڪارن کي ترقئ ڪرڻ جا موقعا ڏنا ويا آھن.
19.10.1971:
جسٽس طفيل علي عبدالرحمان کي "سنڌ بلوچستان هاء ڪورٽ" جو چيف جسٽس مقرر ڪيو ويو. هن جسٽس قديرالدين کان چارج ورتي. سنڌ جي عدليه جي تاريخ ۽ ڪارنامن تي تحقيق جي سخت ضرورت آھي. عدليه جي دفترن جي فائيلن ۾ اسان جي آزادئ جي تاريخ جا ورق موجود آھن. پر اها تحقيق عدليه جي رضامندي کان سواء ناممڪن آھي.
19.10.1991:
اڃ سنڌ ۾ آپريشن ڪلين اپ ۾ 24 ملزم ماريا ويا ۽ 5 گرفتار ڪيا ويا.
19.10.1993:
قومي اسيمبلئ اڄ بينظير ڀٽو کي قائده ايوان چونڊيو. هن 121 ووٽ کنيا. نواز شريف کي 72 ووٽ مليا. جي.يو.آء ۽ پي.آء.ايف پري رهيا.
***************
{19 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن]:
1940ع آرٽسٽ دارا ابڙو (قنبر).
1940ع گلوڪاره ۽ صداڪاره روبينه قريشي.
1952ع شاعر غلام حسين شوق.
1955ع شاعر ۽ ٽي سميع بلوچ.
1967ع صحافي جاويد نهڙي (پٿورو).
1974ع صحافي، ليکڪ ۽ ڪارٽونسٽ سيد مراد علي شاهه بڪيرائي
. 1981ع شاعر انور جروار.
1982ع شاعر علي ساحل.
1982ع شاعر نور الدين نور مهر .
[وڇوڙو]:
1914ع مير رستم خان ثاني.
1918ع شاعر سيد ڀاون علي شاهه ساقي(بدين)
1959ع شاعر پير محمد سائل.
1963ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير مير غلام علي ٽالپور.
2008ع شاهه لطيف جو رسالي جي شارح ٻانهو خان شيخ
Tuesday, 17 October 2023
SINDH in history today (18th October). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan
{18th October}
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{18th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr pathan wishes you good Day.
[You are most beautiful, unique and wonderful creation. Therefore, Angels bowed before you soon after your creation. Since centuries people are following this tradition set by Angels .But, to me you are absolute beauty beside, vision & wisdom of my life. My heart & mind and body and soul are incomplete without you and your beauty. Make them complete, colorful and useful, please.]
تنهنجا سلامي صدين کان ڪڏهن فرشتا ڪڏهن انسان،
ان لاء ته اسان پڻ آهيون تنهنجي سونهن سندا مستان،
تنهنجي نينهن سندا نشان، اڪريل روح
وجود تي.
*************
SINDH (Including Pakistan) IN HISTORY TODAY. {18th October}
*************
1).BIRTHS: Nawaz Ali ‘Niaz’ (Larkano/Poet/1892), Zafar Sangi (Larkano/Social worker/1942), Anwar Afghan (Shahdadkot/Journalist/1945), Ghulam Ali ‘Jafri’ (Shikarpur/Poet/1951), Shams Buriro (Sukhio Buriro/Poet/1962), Bakhshan Mirvanvi (Sanghar/Poet & Artist/1964),Salim Magsi (Writer/1968), Datar Shar (Mengho Faqir Shar/Poet/1971), Jawed Jokhio (Mehar/Writer/1972), Bachal Mastano (Jam Zardari/Poet/1972), Rahimdad Jogi (Thari Mirwah/Writer/1975).
*************
2).DEATHS: Makhdoom Muhammad Ismail (Pirya Loi/Religious Scholar & Saint/1760), Moulvi Najamuddin Soomro (Religious Scholar/1979)
*************
3).EVENTS:
1838: Colonel Pottenger reports his Government that in his opinion Sindh Rulers will not oppose oppose British Government or proceed to open hostilities. He also suggests that Viccur would be the best point for disembarkation of the British troops. (Source: letter No.192).
1936: Bombay witnesses terrible Hindu-Muslim riots. 44 are dead whereas other 450 injured. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1936).
1946: Acharya Kripalani, President-elect of the Indian National Congress arrives in Calcutta and in course of statement to the press , he says that his first task is to work for Hindu-Muslim Unity. Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946).
1948: Communist Party of Pakistan opposes Safety Act and terms it as violation of Human Rights. (Source: ibid).
1953: Yousif Haroon resigns as the Vice President of the Pakistan Muslim League. (Source: Newspapers).
1957: I.I.Chundrigar is invited to form a new cabinet and that will be a coalition of four parties. (Source: Newspapers).
1971: Six rightest political parties form an electoral alliance for elections in East Pakistan. They are Muslim League [Council], Muslim League [Convention], Muslim League [Qayoom], Jamait-i-Islami, PDP and Nizam-i-Islam. (Source: Newspapers).
1981: Noorani asks Zia to convene a Round Table Conference of all those parties which stood for the enforcement of Nizam-i-Mustafa in 1977. (Source: ibid).
1985: National Assembly adopts Constitution (Eighth Amendment) Bill 1985, with amendments, indemnities all martial law resolutions. Zia congratulates National Assembly for this great service. (Source: Newspapers).
1999: Commonwealth suspends Pakistan from its ranks. Calls on military regime to rapidly set a time table for restoring civilian, democratic rule. (Source: Newspapers).
( 18 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
18.10.1838:
پاٽينجر خوش آھي ته فرنگي فوج سنڌ ۾ اچڻ واري آھي. هو پنھنجئ سرڪار کي تجويز ٿو ڪري ته فوج پهريون وڪر پهچي ۽ مان ان لاء اناج, گاھ ۽ گاڏين جو بندوبست ڪري رهيو آھيان.
18.10.1842:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ چارلس نيپيئر کي هدايتون ڏنيون ته مير اسان سان ڪيل معاهدي جي شق نمبر X1 جي ڀڃڪڙي ڪندي اسان جي واپارين کان سنڌوندئ مان ويندي محصول اڳاڙي رهيا آھن ۽ شق نمبر X11 جي روشنئ ۾ غلط طريقي سان ورتل محصول کين واپس ڪرڻو آھي. پهريون تون ميرن سان ڳالهائي ورتل محصول واپس ڪرڻ لاء مٿن بار وجھ. ھو جيڪڏهن تنهنجو چيو نه مڃن ته طاقت (فورس) ذريعي کين اها ڳالھ مڃراء.
گورنر جنرل کيس وڌيڪ صلاح ڏئي ٿو ته سنڌوندئ ۾ جيڪي اسان جا آگبوٽ ھلي رهيا آھن, انهن کي تيل جي ڪمئ جو مسئلو درپيش ٿيڻ وارو آھي. مير شڪار جا شوقين آھن ۽ پنهنجي ٻيلن مان واڍي ڪرائڻ پسند نه ڪندا. ان ڪري ڪو ٻيو طريقو ڳولھ ته جيئن آگبوٽن جي اينڍن جو مسئلو حل ٿئي.
18.10.1842:
سکر منجهان ميجر آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته سکر ۽ شڪارپور اسان کي پنهنجي قبضي ۾ وٺڻ گهرجي, پوء اهو ڳالهين ذريعي ٿئي يا فوجي طاقت جي استعمال ڪري ٿئي. ٻنھي ضلعن جي زمين زرخيز آھي. ٻن واهن مان آبپاشي ڪري, چپو چپو آباد ڪري سگهجي ٿو.
هو لکي ٿو ته ليفٽيننٽ پسٽنس وڏي محنت ڪري, ميرن جي ڪاردارن جو رڪارڊ ڏسي, ٻين ذريعن سان ڀيٽي, ٻڌايو آھي ته شڪارپور مان حيدرآبادي ميرن کي ساليانو 225927 روپيا آمدني ٿئي ٿي.
شڪارپور حاصل ڪرڻ لاء وڏي عرصي کان ڳالهيون هلندڙ آھن. اسان شڪارپور ۾ مير نصير خان حيدرآبادئ جو حصو سزا طور ضبط ڪري سگهون ٿا, ڇو ته هن اسان جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري, اسان کي سزا ڏيڻ جو موقعو ڏنو آھي.
خيرپوري ميرن کي شڪارپور مان ساليانو 86423 روپيا آمدني ٿئي ٿي. شڪارپور جي ستن حصن مان ٽي حصا خيپوري ميرن جا آھن. اهي هنن سان ڳالهائي يا ڏنڊي جي زور تي وٺي سگهون ٿا. ان لاء ڀلي ٻين خيرپوري ميرن سان نه ڳالهائجي. مير رستم علي سڀني جو وڏو آھي. هن سان ڳالهائبو.
18.10.1842
ڪئپٽن پوسٽس ميرن جي ڪاردارن جي رڪارڊ جي آڌار تي شڪارپور جي پرڳڻي ٻڌائي/لکي ٿو ته: 1). لکي, ڳڙھي ياسين, ڪرن ۽ دليپور ۾ حيدرآبادي ميرن جا ھڪ جيترا حصا آھن. 2). گوسڙجي ۽ مبارڪپور حيدرآبادي مير نصير خان جا آھن. 3). خانپور ۾ حيدر آبادي ۽ خيرپوري ميرن جو برابر/هڪ جيترو حصو آھي.
18.10.1939:
سنڌ جي لڳ ڀڳ سمورن مسلم ليگي اڳواڻن "مسجد منزلگاه تحريڪ" ۾ حصو ورتو. انھن مان جن جي گرفتاري ٿي, صاضي فضل الله به هڪ هو. کيس اڄ رڪ اسٽيشن تي گرفتار ڪيو ويو. هو ان وقت ٽرين ذريعي سکر وڃي رهيو هو.
***************
18 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
**************
جنم ڏينهن:
18 آڪٽوبر 1892ع شاعر نواز علي نياز (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1927ع ناليواري ڪهاڻيڪار ڊاڪٽر نجم عباسيجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1942ع سماج سڌارڪ ظفر سانگي (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1946ع ٻلهڙيجي سان تعلق رکندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر هدايت منگئ جو جنم ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1951ع شاعر غلام علي جعفري (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1962ع ليکڪ شمس ٻرڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1964ع شاعر ۽ ڪمپيئر بخشڻ مهراڻوئ جو جنم ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1965ع مذهبي اسڪالر ڊاڪٽر ذاڪر نائيڪ جو جنم ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1971ع شاعر ڏاتر شر (سچل ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1972ع ليکڪ جاويد جوکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1972ع شاعر بچل مستانو جو جنم ڏينهن آهي.
18 آڪٽوبر 1975ع شاعر رحيمداد جوڳي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
18 آڪٽوبر 1760ع بزرگ ۽ مذهبي اسڪالر مخدوم محمد اسماعيل جي وفات ٿي.
18 آڪٽوبر 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي نجم الدين سومرو جي وفات ٿي.
18 آڪٽوبر 1999ع اداڪار ۽ هدايتڪار ايس گل جو انتقال ٿيو.
Subscribe to:
Posts (Atom)

