Tuesday, 8 August 2023

SINDH in history today (9th August). Post in English by Mumtaz Pathan & Sindh by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 2:37 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th August} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [By offering any thing even life, does not mean that you will be accepted & owned accordingly. Any time with or without reason, you will be thrown out of heart & mind. Hence, be, what you are. You are love & peace and sincerity & sacrifice only] تن من ڌن تون پنھنجو، جي سارو لالڻ کڻي لٽائین، ڪوٺي پرین قرب ڪندء، متان ڀلجي اھو ڀائین، ناھین ڪجھ بہ ناھین، بي لوثئ ایثار سلام سواء. ************** EVENTS FROM HISTORY: 1843: Governor-General of India acknowledges and offers his comments on Charles Napier’s correspondence with Sindh Rulers before the fall of Hyderabad. (Source: Letter No.298). 1844: Government of India approves action of the Sindh Governor to bring the 39 ringleaders of the 6th Regiment, N.1, to trial before a general Court Martial (Source: letter No.169). 1942: All-India Congress Committee launches ‘Quit India’ Movement. Sindh Congress played its praiseworthy role. (Source: Newspapers). 1947: First outrage is committed on Pakistan Special Train. The railway line is blown up 15 miles west of Bhatinda. (Source: Newspapers). 1957: Lahore to remain Head Quarter of the West Pakistan. No need of shifting it to any other place, declares the Governor Akhtar Hussain. (Source: ibid). 1967: The World Bank approves a loan of 35 million dollar to the Pakistan Industrial Credit & Investment Corporation (PICIC). Sindh has still not produced an scholar/ Economist who can work on all aids and loans received by the Pakistan Government and their Sector-wise and province-wise utilization from 1947 to date. (Source: Newspapers). 1971: Mujeeb will be tried by a Special Military Court for waging war against Pakistan (Source: Newspapers). 1972: Crack down on Sindhi Nationalists. PPP Government makes large scale arrests in the length and breadth of Sindh. G.M.Syed is also arrested. (Source: ibid). 1973: NAP decides to join UDF’s civil disobedience campaign from 24th August. (Source: ibid). 1977: 43 PPP workers are arrested in Lahore for disturbing PNA leaders meeting. (Source: ibid ( 9 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.8.1843: نيپيئر ٺڳئ ۽ بي ايمانئ سان سنڌ کي غلامئ جي زنجيرن ۾ جڪڙيو ۽ غلام سنڌ جو پهريون گورنر به ٿيو پر, اها فريب واري فتح ھن جي خوارئ جو سبب ٿي, تان جو ان تي برطانيه جي پارليمينٽ ۾ بحث به ٿيو. هن نڀاڳي واپاري حڪومت لاء اهو سڀ ڪجھ ڪيو. انھئ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت به هن کان هڪ کان وڌيڪ دفعا صفائي ورتي. اڄ وري اها ئي سرڪار نيپيئر کي دلداري ڏئي ٿي ۽ کيس ٻڌائي ٿي ته جنگي قيدي ميرن توتي برابر الزام ته هنيا آھن, ليڪن تون ۽ تنھنجا فوجي صاف ۽ پاڪ آھيو.(حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 298). 9.8.1844: چوندا آھن ته مظلوم مظلوم جو ساٿي ٿيندو آھي. سنڌ جي تاريخ اهو واقعو هن طرح پنهنجي سيني ۾ سانڍيو آھي ته بنگال ڇهين ريجمينٽ جي 39 فوجين نيپيئر جي حڪمن مڃڻ ۽ سنڌ ۾ فوجي ڪاروائئ ۾ حصي وٺڻ کان انڪار ڪيو هو. نيپيئر اهو زهر جو ڌڪ ته ڀري ويو, نانگ وانگر وير وٺڻ لاء گورنر جنرل کان هنن فوجي سپاهين کي ڪورٽ مارشل ڪرڻ لاء اجازت گهري. اڄ ڪمپني حڪومت کيس اهڙي اجازت ڏني. (حوالو: نيپيئر ڏانھن موڪليل مراسلو نمبر 199). 1942: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽئ ‘هندستان ڇڏيو’ تحريڪ جو آغاز ڪيو. سنڌ ڪانگريس ان ۾ پنهنجو تعريف لائق ڪردار ادا ڪيو. خانبھادر الله بخش شھيد به انھن ڏهاڙن ۾ پنهنجو لقب ڦٽو ڪيو هو, فرنگي سرڪار انھئ کي بھانو بنائي هن سان دشمني ڪئي. مسلم ليگي ماڻھن سومري جي هن قدم مان فائدو وٺي کيس ڪانگريس-دوست سڏيو. (ذريعو: اخبارون). 9.8.1947: پاڪستان ايندڙ پناهگيرن جي خاص ٽرين تي حملا ٿيا. ان لاء ڀٽنڊا جي 15 ميل اولھ ۾ ريلوي جي پٽڙي اڏائي وئي. (ذريعو: اخبارون). 9.8.1957: " لاهور ئي اولهه پاڪستان حڪومت جو هيڊ ڪوارٽر رهندو. ان کي ڪنهن ٻئي هنڌ هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪرڻ جي ڪا ضرورت ناهي" ، گورنر اختر حسين جو اعلان (حوالو: اخبارون) 9.8.1971: "مجيب پاڪستان جي خلاف جنگ وڙھڻ شروع ڪئي آھي. ان ڪري هن تي اسپيشل ملٽري ڪورٽ ۾ ڪيس هلائبو"- سرڪاري ڌريون (حوالو: اخبارون). 9.8.1972: سنڌي قومپرستن خلاف پيپلز پارٽي سرڪار رڻ ٻاري ڏنو. سنڌ جي طول و عرض ۾ وڏي پئماني تي گرفتاريون شروع ڪيون ويون. جي ايم سيد کي به گرفتار ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون) 9.8.1973: اين اي پي فيصلو ڪيو ته 24 آگسٽ کان UDF سان ملي سول نافرماني جي مهم هلائبي. (حوالو: اخبارون) 9.8.1977: پيپلز پارٽئ جي جيالن پي اين اي اڳواڻن جي اجلاس کي بگاڙيو ۽ ڀڃ ڊاه ڪئي. ان ڪري پيپلز پارٽي جا 43 ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا. (حوالو: اخبارون) *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم]: 9 آگسٽ 1884ع شاعر ۽ خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير علي نواز ناز. 9 آگسٽ 1933ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر غازي محمد ايوب شر . 9 آگسٽ 1941ع ليکڪ پروفيسر بدرالدين لاڙڪ (نوشهرو فيروز). 9 آگسٽ 1951ع شاعر محمد بخش شاد. 9 آگسٽ 1953ع اديب، شاعر، صحافي ۽ ٽي وي پروڊيوسر اعجاز عليم عقيلي. 9 آگسٽ 1953ع ليکڪ محمد قاسم ملاح . 9 آگسٽ 1954ع ليکڪ، ڪالم نگار ۽ صحافي نصير اعجاز (ڀريا). 9 آگسٽ 1963ع شاعر رحمت الله جوڻي. 9 آگسٽ 1991ع باليووڊ جي سنڌي اداڪاره هنسيڪا موٽواڻي. [وڇوڙو]: 9 آگسٽ 1980ع شهيد نذير عباسي. 9 آگسٽ 1980ع فوجي آمر ۽ اڳوڻو صدر پاڪستان يحيى خان. 9 آگسٽ 2017ع شاعر ۽ اديب ناطق ڳيريلائي [ محمد صالح چنا]

Monday, 7 August 2023

SINDH in history today (8th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 3:38 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{8th August} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Terrible conditions are created when we neither understand, nor abide by Human values and requiments of instincts and natural norms. Scared souls can't understand ground realities. Closed hearts can't accept vision & wisdom and love & beauty. Ego will distance & differences. It is the problem of our society and by our society] بيزاري جي بره کان پوء رهندي دنيا سان جنگ, پاڻ کان پرين کان پوء پنهوارن کان رهبو تنگ, رهڻَ ڪٺن پوء سنگ, سرت سونهن سورن سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {8th AUGUST} EVENTS: 1854: Camel train is started between Karachiand Multan for carrying post and official correspondence via Kotri, Hyderabad ; Sehwan; Larkano; Shikarpur; Jacobabad; Sabzal Kot and Bahawalpur . After every twelve miles camels were replaced by fresh camels.(source: Sindh Journal of Historical Society). 1920: Third Special train of Sindhi migrants reaches Peshawar (Source: Al-Wahid). 1921: Valecha, District Congress leader of Sukkur, editor of Daily ‘Saweaj’ is served upon Show Cause Notice for publishing an appeal in his paper. (Source: The Daily Gazette). 1931: The All-India Hindu Mahasabha in its 13th session held at Akola , passes the resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency and deplores inadequate and highly defective representation of Sindhi Hindus on the Round Table Conference. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1931). 1939: The Daily Al-Wahid in its course of editorial asks Sindhi Muslims to take active part in the movement for the restoration of Masjid Manzilgah. (Source: indicated). 1950: Pakistan Federal Union of Journalist if formed.(Source: Newspapers). 1955: One-Unit scheme is finalized. Punjab to get 40 per cent seats in the Assembly of West Pakistan (Source: ibid). 1957: Shaikh Mujeeb resigns as the minister for Trade and Commerce in the Government of East Pakistan. (Source: Newspapers). 1965: Pakistan cannot sacrifice her sovereignty and self-respect at alters of economic assistance. U.S, in interest of her global politics, asks us to make adjustment in country’s foreign policy but, We make it clear that Pakistan is not ready to accept it, says Z.A.Bhutto (source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Bhutto says his life is in danger and foreign powers have hand in it. Asks PNA to eschew differences with him (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1979: Zia is firm holding polls on November 17, says Asghar Khan. (Source: Newspapers). 1990: Benazir Bhutto directly blames army, terms dismissal of her Government as undemocratic. (Soure: ‘Source-material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (8th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 8 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.8.1840: سنڌ تي بادشاهي ڪرڻ کان اڳ انگريزن سنڌوء تي بادشاهي ڪئي. هن زماني ۾ فرنگين جو گهڻو تڻو توجھ سنڌوندئ ۽ ان ذريعي سندن ھلندڙ واپار تي هو. اڄ آئوٽرام حيدرآباد مان پنهنجي گورنر جنرل جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ کي هڪ طويل خط لکيو آهي, جنهن جي مطالعي مان خبر پئي ٿي ته انگريز سنڌ فتح ڪرڻ لاء اڳ ۾ ميرن کي معيشت ۾ شڪست ڏيڻ پيا گهرن ۽ انھن ايئن ڪيو. پاٽينجر پنهنجئ حڪومت کي تجويز ٿو ڏئي ته سنڌوندئ تي هلندڙ ٻيڙن ۽ واپار تي مير پنهنجي ماڻھن کان محصول ٿا وٺن. اهو بند ڪرائجي. ان مان فائدو هي ٿيندو ته مهاڻا ۽ سنڌي واپاري سمجهندا ته اهو احسان اسان ڪيو اٿن جو ميرن کي مڃرائي محصول ختم ڪرايو. ان مان ٻيو فائدو هي ٿيندو ته واپار ۽ تجارت لاء اسان جو مارڪيٽ وڏو ٿي ويندو. پاٽينجر اها به صلاح ڏئي ٿو ته ميرن کي ٻيڙين جي تلاشي وٺڻ جو اختيار ڏجي. ڇو ته اسان جي پرڏيهي واپارين جون ٻيڙيون گهٽ تعداد ۾ هونديون ۽ ڏيهي واپارين جون گهڻيون ٻيڙيون هوندو ۽ اهي پنهنجي حڪمرانن جي اھڙئ سختئ مان خود پنهنجي حاڪمن کان بدظن ٿيندا. (حوالو: ڊاڪيومينٽ نمبر 379). 8.8.1854: اڄ ڪراچي ۽ ملتان جي وچ ۾ ٽپال جي اٺ-گاڏي )Camel Train) شروع ڪئي وئي. جيڪا ڪوٽڙئ کان ٿيندي, حيدرآباد, سيوهڻ, لاڙڪاڻي, شڪارپور؛ جيڪب آباد, سبزل ڪوٽ ۽ بهاولپور کان گذري ملتان پهچندي. هر ٻارهن ميل بعد اٺن کي بدلايو ويندو. (حوالو: سنڌ جرنل آف هسٽاريڪل سوسائٽي). نوٽ: هن واقعي جي مهيني ۽ سال جي ته پڪ آھي, پر تاريخ جي پڪ ڪانهي. 8 آگسٽ اندازي طور لکي اٿم. 8.8.1920: سنڌي مهاجرن جي ٽئين خاص ٽرين پشاور پهتي. [خلافتي اڳواڻن جو اهو غلط فيصلو هو. ان ڪري ڪيترا سنڌي گهراڻا مهاجر ٿي تباه ٿيا.] (حوالو: "الوحيد" اخبار). 8.8.1921: سکر جي ضلعي ڪانگريس جي اڳواڻ ۽ روزاني ’سوراج‘ اخبار جي ايڊيٽر مسٽر وليڇا کي پنهنجئ اخبار ۾ "تلڪ سوراج فند" جي حق ۾ اپيل شايع ڪرڻ تي سکر جي سٽي ماجسٽريٽ کيس شو ڪاز نوٽيس ڏنو. (حوالو: "دي ڊيلي گزيٽ" اخبار). 8.8.1931: اڄ آل انڊيا هندو مهاسڀا اڪولا ۾ ٿيل پنهنجي 13 سالياني اجلاس ۾ سنڌ کي ممبئي پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ خلاف قرارداد منظور ڪئي ۽ انھئ ڳالھ جي مذمت ڪئي ته گول ميز ڪانفرنس ۾ سنڌي هندن کي جوڳي نمائندگي نه ڏني وئي. (حوالو: "انڊين ائينيوئل رجسٽر ، سال،1931 واليوم ٻيو). 8.8.1939: اڄ روزانه الوحيد اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ سنڌي مسلمانن کي مسجد منزل گاهه جي بحالي لاءِ تحريڪ ۾ سرگرم حصو وٺڻ جو زوردار تاڪيد ڪيو. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 8.8.1950: پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽ ٺاهي وئي. (حوالو: اخبارون) 8.8.1955: ون يونٽ منصوبي کي حتمي شڪل ڏني وئي. اولهه پاڪستان جي اسيمبلي ۾ پنجاب کي 40 سيڪڙو سيٽون ڏنيون وينديون. (حوالو: اخبارون). 8.8.1957: شيخ مجيب مشرقي پاڪستان جي حڪومت مان واپار ۽ ڪامرس واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. (ذريعو: اخبارون). 8.8.1965: اڄ ملڪ جي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي بيان ۾ سچي ڪئي ته آمريڪا پاڪستان جي اقتصادي مدد انھئ شرط سان ڪرڻ گهري ٿو ته پرڏيهي پاليسي آمريڪا جي مرضئ ۽ مفادن مطابق تبديل ڪيو. [ملڪ جا حڪمران وقت به وقت آمريڪا جي دٻاء جو کليل لفظن ۾ ذڪر ڪندا آيا آھن. آمريڪا تڏهن کان حڪم هلائڻ شروع ڪيا, جڏهن روس ويندڙ پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي کي روس وڃڻ کان جهلي, پاڻ ڏانھن گهرايو] 8.8.1967: ون-يونٽ کي ٺھيئي عرصو ٿيو. سرڪار کي خيال آيو ته اها جاچ ڪجي ته ماڻھون اڃا ون-يونٽ جي مخالفت ڇو ٿا ڪن. اها خبر جڏهن سنڌي اخبارن کي پئي ته انھن عوامي امنگن جي ترجماني ڪئي. اڄ ”مهراڻ" اخبار هڪ چئن قسطن واري ايڊيٽوريل جي پهرين قسط شايع ڪئي. 8.81977: ڀٽي وڏي واڪ چوڻ شروع ڪيو ته سندس زندگي خطري ۾ آهي ۽ منھنجي خلاف محاذ آرائئ ۾ پرڏيهي طاقتن جو هٿ آهي. (حوالو: اخبارون). 8.8.1990: اڄ بينظير ڀٽو فوج تي سڌي ريت الزام هڻي ڇڏيو ۽ چيو ته هن جي حڪومت کي برطرف ڪرڻ وارو قدم غير جمهوري آهي. (حوالو: Press Clippings of Statements of Benazir Bhutto, Compiled by Gul Hayat Institute). *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم ]: 8 آگسٽ 1917ع ڀڳت پيسو رام (ڀڳت ڪنور رام جو پُٽ). 8 آگسٽ 1924ع اڳواڻي جج، ليکڪ، سماجي اڳواڻ ڪامريڊ تاج محمد ابڙو. 8 آگسٽ 1925ع شاعر مولچند ايم ڪمل (ڪنڊيارو / الهاسنگر). 8 آگسٽ 1927ع سياستدان ۽ ڀارت جي اڳوڻي ڊپٽي وزير اعظم ايل ڪي آڏواڻي (لال ڪرشن آڏواڻي) (ڪراچي / هندستان). 8 آگسٽ 1934ع ليکڪ ناليواري اسڪالر، محقق، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو. 8 آگسٽ 1935ع راڳي ڀڳت گهنشام ويڌرام (سکر / هندستان). 8 آگسٽ 1946ع شاعر ستار آسي. 8 آگسٽ 1949ع ليکڪ شبير ڀرڳڙي. 8 آگسٽ 1950ع شاعر بيوس نظاماڻي. 8 آگسٽ 1952ع صحافي غلام رسول بلوچ (ڪنڌڪوٽ). 8 آگسٽ 1958ع شاعر حافظ عطاءُ الله بجاراڻي. 8 آگسٽ 1981ع شاعره بينظير عادل. 8 آگسٽ 1981ع شاعر راجا ثابت علي شاهه. [وڇوڙو]: 8 آگسٽ 1934ع ليکڪ موهن دولترام آڏواڻي (حيدر آباد). 8 آگسٽ 1961ع شاعر مرزا علي بخش بيگ ڪوثر (حيدر آباد). 8 آگسٽ 1962ع شاعر عزيز الله مجروح.

Sunday, 6 August 2023

SINDH in history today (7th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {7th August} and Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is rightly said that " when one teaches, teacher and taught, both learn". In the school of love when your beauty started teaching us, you became absconder and I remained there present round the clock. Your beauty taught me vision & wisdom, sincerity & sacrifice and trust & hope. I got rid of hatred and discrimination because of teachings of your beauty. Though, you are still at distance, with differences and absconder but, you are second to none and my dire need. Therefore, I have to pray and praise and try to please you, day and night.] هوء جا تنهنجي سرت ۽ سونهن تنهن مون کي سڀ ئي سيکاريو, منهنجي مئي من ۽ روح کي تنهن پنهنجئ تان جوت سان جياريو, ماري سندم نفرت متڀيد کي تنهن مون کي محبت جو امرت پياريو, پر تو نہ سکيو پنهنجئ سونهن کان نڪي ان ڏي ڪڏھين نهاريو, تان جو تو بن منهنجا سپرين ناهي پنهنجو ڪو ئي سندر سهارو, ان لاء ڇڏيان نٿو رستو چارو, پيو ساريو سر ڏئي سلام ڪريان. ************ SINDH IN HISTORY TODAY {7th AUGUST} EVENTS: 1832: There is correspondence between Colonel Pottenger and Adjutant-General of Army, Bombay regarding assemblage of forces to act against the plunders. (Source: Letter No.123). 1841: Sindh Rulers agree to pay half of the expenditure if Sindh and Begari canals are made serviceable for navigation and extending the irrigation already supplied for them. (Source: Letter No.62 from Captain Stacy to Captain Wallace). 1843: The Governor-General of India writes to Charles Napier giving his opinion about miscalculations of Major Outram and approves all the actions taken by Charles Napier timely, correct and accordingly.(Letter from Calcutta ). This may kindly be noted that Major Outram played anti-Charles Napier role and opposed his action in regard Sindh and Rulers. 1857: The Medical Board to the Government of Bombay approves and recommends proposal of the Sindh Commissioner those medical arrangements for residents at Manora and neighboring villages of Baba and Keamari be made. (Source: Letter No.1358). 1921: Sirai Sabz Ali takes initiate to open branch of pro-British political party- Aman Sabha at Nasirabad. He is elected its founder president, whereas Seth Naromal & Seth Aildas are elected Vice President and Secretary respectively. Wadero Muhammad Sidiq Wagan always helped them to hold public meetings and to preach loyalty for British Government (Source: The Daily Gazette, Karachi ). 1922: There is competition between Seth Gidumal Fatihchand and Seth Chelaram Dilomal in donation and financial support to ‘Hindu Township Peoples’ Association’ of Karachi in regards with its efforts to establish Open Library and Reading Room. (source: The Daily Gazette). 1947: Quaid-i-Azam reaches Karachi . Jhrik-born leader is now the First Governor-General of Pakistan. What a great role has played Sindh in the creation of Pakistan! (Source: Newspapers). 1959: An Ordinance is promulgating to purify politics and society. Who so ever, if deemed fit can be disqualified with immediate effect. (Source: Newspapers). 1977: Aitzaz Hassan joins Tahrik Istaqlal, Mir Ali Ahmad Talpur, Mir Rasool Bux Talpur; Abdul Hameed Jatoi and Haji Moula Bux Soomro join PNA. (Source: ibid). 1990: Rais Ghulam Mustafa Jatoi is sworn in as Caretaker Prime Minister of Pakistan . U.S backs move of President Ghulam Ishaq Khan for dissolving assemblies. (Source:ibid). 7.8.2023 ************* "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(7 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 7.8.1832: کوسن, ٺاڪرن ۽ ٻين سنڌين سنڌ جي اوڀر-ڏکڻ ۾ فرنگين کي ڦرڻ ۽ رستا روڪ ڪرڻ وارين ڪاروائين مان جان ڇڏائڻ لاء فرنگين فوجي ڪاروائي ڪرڻ جو اهتمام ڪيو. اڄ ڪرنل پاٽينجر خط ۾ فرنگي فوج جي ايڊجيوٽنٽ جنرل کي مشورا ڏنا ته فرنگي فوج ڪهڙي هنڌ تي گڏ ٿئي ۽ ڪٿان فوجي ڪاروائي شروع ڪري. ياد رهي ته هن فوجي آپريشن ۾ ميرپور خاص مان انگريزن کي مدد ملي هئي.(حوالو: پاٽينجر جو خط نمبر 23). 7.8.1841: سنڌ جا حڪمران خرچ جو اڌ حصو ڏيڻ لاءِ راضي ٿيندا جڏهن سنڌ واه ۽ بيگاري واهه نيويگيشن (آبي آمدرفت) لاءِ قابل بڻايا ويندا. انھئ ڳالھ جو پتو فرنگي سفارتڪارن جي اڄوڪي خط و ڪتابت مان پئي ٿو. اهو به پتو پئي ٿو ته روڊن رستن نه هئڻ ڪري انگريزن پنھنجي فوج ۽ تجارتي سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچائڻ لاء آبي رستن ٺاهڻ لاء ميرن کي آماده کانئن خرچ پکو ورتو. (حوالو: ڪئپٽن والس ڏانھن لکيل خط نمبر 62). 7.8.1843: هندستان جو گورنر جنرل چارلس نيپيئر کي خط لکي دلجاء ڏني ته هن سنڌ ۾ جيڪا فوجي ۽ سياسي حڪمت عملي ٺاهي ۽ جيڪي قدم کنيا, اهي درست ۽ وقتائتا هئا ۽ ميجر آئوٽرام جا اوهان تي لڳايل الزام غلط آھن. ياد رهي ته آئوٽرام نيپيئر جي فوجي قدم خلاف اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو هو, جنھن سان نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي سنڌ بابت حڪمت عملئ تي حرف آيو هو. (حوالو: ڪتاب Correspondence related to Sinde) 7.8.1857: ممبئيءَ گورنمينٽ جي ميڊيڪل بورڊ اڄ سنڌ جي ڪمشنر جي سفارش قبول ڪندي کيس صلاح ڏني ته بابا ڀٽ, ڪياماڙئ, منوڙي ۽ ڀرپاسي جي ڳوٺن ۾ رهندڙن لاءِ طبي انتظام ڪيا وڃن. ڇو ته اتان جي آب و هوا فرنگي فوجين کي ڀانء نه ٿي پئي. [ڪم جي ڳالھ ھئ آھي ته ذڪر ڪيل ماڳن جي آب و هوا غير سنڌين کي ٻيٽن تان هٿ کڻائڻ تي آماده ڪري سگهي ٿي]. (حوالو: ممبئي ميڊيڪل بورڊ جو خط نمبر 1358). 7.8.1921: سرائي سبز علئ جي ڪوششن سان اڄ نصير آباد ۾ فرنگين جي حامي سياسي جماعت "امن سڀا" قائم ڪئي وئي. انهي جو باني صدر پاڻ چونڊيو ويو ، جڏهن ته سيٺ نارومل ۽ سيٺ آئلداس کي بالترتیب نائب صدر ۽ سيڪريٽري چونڊيو ويو. وڏيرو محمد صديق وڳڻ هميشه انهئ سڀا کي عوامي ميڙاڪن منعقد ڪرائڻ ۾ مدد ڪندو رهيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي) 7.8.1922: سنڌ جا هندو خير ۽ عوامي ڀلائئ واري ڪم ۾ ھڪ ٻئي سان مقابلو ڪري ميدان مارڻ گهرندا ھئا. شڪاپور ۾ ڪاليج ٺاهڻ لاء چندو گهربو هو ته سيٺ چيلارام ۽ سيٺ سيتلداس وچ ۾ چندي ڏيڻ ۾ چوٽئ جو مقابلو ٿيو. اڄ ڪراچئ ۾ "هندو ٽائون شپ پيپلز ائسوسيئيشن“ طرفان لائبريري ۽ ريڊنگ روم قائم جي سلسلي ۾ سيٺ گدومل فتحچند ۽ سيٺ چيلارام دلومل جو چندو ڏيڻ ۽ مالي مدد ڪرڻ ۾ مقابلو ٿيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ, اخبار). 7.8.1947: قائداعظم محمد علي جناح ڪراچي پهتو. جھرڪن ۾ جنم وٺندڙ ھي اڳواڻ پاڪستان جو پهريون گورنر جنرل ٿيو. (ذريعو: اخبارون). 7.8.1977: اعتزاز حسن وڃي "تحريڪ استقلال" ۾ شام ٿيو. ، سنڌ مان وري مير علي احمد ٽالپر ، مير رسول بخش ٽالپر, عبدالحميد جتوئي ۽ حاجي مولا بخش سومرو پي اين اي ۾ شامل ٿيا. (حوالو: اخبارون) 7.8.1990: اڄ رئيس غلام مصطفيٰ جتوئي پاڪستان جي نگران وزيراعظم طور حلف کنيو. آمريڪا صدر غلام اسحاق خان طرفان اسيمبليون ٽوڙڻ ۽ بينظير جي حڪومت ڊاهڻ واري قدم جي پٺڀرائي ڪئي. (حوالو: اخبارون) [جنم] : 7 آگسٽ 1939ع اداڪاره ۽ گلوڪاره پشپا ڀاوناڻي(ڪراچي / دهلي). 7 آگسٽ 1946ع شاعر گستاخ هالائي. 7 آگسٽ 1947ع ليکڪا خيرالنساء جعفري. 7 آگسٽ 1947ع شاعر ۽ مصور راز ناٿن شاهي . 7 آگسٽ 1955ع شاعر افضل ايري. 7 آگسٽ 1961ع شاعر ضمير احمد فدا. 7 آگسٽ 1980ع شاعر سيد رضا شاهه “رضا بخاري”. 7 آگسٽ 1993ع گلوڪاره خوشبوء لغاري (ميرپور خاص). [وڇوڙو]: 7 آگسٽ 1941ع بنگالي ٻولي جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ رابندر ناٿ ٽئگورجي وفات. 7 آگسٽ 1953ع شاعر جمعو خان غريب. 7 آگسٽ 1972ع سنڌي ٻوليءَ جو شهيد عبدالرزاق سومرو

Saturday, 5 August 2023

SINDH in history today (6th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindh by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th August} and Good Day Wish. *********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [There is no any provision of likes & dislikes in love & respect of beloved, except to surrender and to make sacrifice. Hence, be love and accept love without your likes, dislikes and discrimination. Be beauty, that is not in body but in behavior] جیڪا پسند پرین جي، ان سان جي تنھنجو ناھي چاھ، پوء ڇا ڄاٹین پیار مان، اھو تان ٺڳئ سندو تنھنجو ٺاھ، آھي عشق گھٹو بي پرواھ، سندء سوچن کان سلام جیان. *********** SINDH IN HISTORY TODAY {6th AUGUST} EVENTS: 1843: The Governor-General of India requests the Sindh Governor to handover three forts of Guttoorah, Shahgarah and Gurisa to His Highness Mir Ali Murad Khan (Source: letter No.289 from Governor-General). 1920: Following Khilafatis of Merokhan in response to call of their party tender their resignations: Allahdino (Police Department), Wadero Lutf Ali Khan, Wadero Rasool Bux Khan; Wadero Yar Ali Khan; Wadero Muhammad Bachal Tunio (All from School Board membership). (Source: ibid). 1928: Sindh Khilafat Committee decides to boycott local bodies elections and asks party members and followers not to take part. (Source: The Daily Al-Wahid). 1945: M.A.Jinnah, addressing a meeting in Bombay expressed the view that India should strive for a final constitutional settlement rather than grope for an interim agreement (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1945). 1946: Liaquat Ali Khan, Secretary All India Muslim League declares that the possibility of the formation of a Government at the center by the Congress should be a signal for the Muslim League to start its program of ‘Direct Action Day’ so that ‘we can resist it by all means and make the functioning of such a Government impossible’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1946). 1947: Liaquat Ali Khan along with his family reaches. Karachi by chartered Aeroplane. (Source: Newspapers). 1955: Major-General Iskandar Mirza is appointed Acting Governor-General, vice Malik Ghulam Muhammad proceeds on leave. (Source: ibid). 1974: Conservation and preservation of Mohen-Jo-Daro is ordered by Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: PNA leaders start reaching. Lahore . Anti-Government movement to start soon.(Source: Newspapers). 1990: President Ghulam Ishaq dissolves National Assembly. Dismisses Cabinet, declares state of emergency.( Source: Presidential Order) 1993: PPP Co-Chairperson Benazir Bhutto resents Election Commission’s decision of producing of Identity Card at polling. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(6 آگسٽ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 6.8.1843: اڄ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ جي گورنر کي لکيو شاهڳڙه ۽ ٻه ٻيا قلعا جيسلمير جي راجا کان وٺي مير علي مراد خان جي حوالي ڪيو. (حوالو: گورنر جنرل مراسلو نمبر 288). 6.8.1920: خلافت ڪميٽئ طرفان فرنگي حڪومت طرفان هلايل "ترڪ موالات تحريڪ" ۾ حصو وٺندي اڄ ميروخان جي جن رهواسين استعيفائون ڏنيون, اهي آھن: الهڏنو (پوليس ڊپارٽمينٽ) ، وڏيرو لطف علي خان ، وڏيرو رسول بخش خان ؛ وڏيرو يار علي خان ۽ وڏيرو محمد بچل تونيو (سڀني اسڪول بورڊ جي رڪنيت تان ). (حوالو: اڄوڪي تاريخ جي "الوحيد" اخبار). 6.8.1928: سنڌ خلافت ڪميٽئ بلدياتي چونڊن جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪندي پارٽي جي ميمبرن ۽ پيروڪارن کي حصو نه وٺڻ جو تاڪيد ڪيو. انھئ سياسي فيصلي جو راز اهو هئو ته سرڪار مڪاني ادارن ۾ پنهنجا ميمبر ٿاڦي, سرڪاري اڪثريت بڻائيندي هئي. ان ڪري سياسي پارٽين جا چونڊيل نمائندا ڪو قومي مفاد وارو ڪردار ادا نه ڪري سگهندا هئا. (حوالو: روزانه "الوحيد"). 6.8.1946: اڄ لياقت علي خان ، سيڪريٽري آل انڊيا مسلم پنهنجي بيان ۾ اشارو ڏنو ته جيڪڏهن ڪانگريس مرڪزي حڪومت ٺاهي ته ان کي هلڻ نه ڏبو. بلڪ, "ڊائريڪٽ ايڪشن ڊي" ملهائي تاثر ڏبو ته مسلم ليگ اهڙئ حڪومت کي نه ٿي مڃي. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليم ٻيو, سال 1946). 6.8.1947: اڄ لياقت علي خان پنهنجي آڪھ سميت چارٽرڊ هوائي جهاز ذريعي ڪراچي پهتو. (حوالو: اخبارون). 6.8.1955: اڄ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي قائم مقام گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو ۽ هن کان اڳ وارو گورنر جنرل ملڪ غلام محمد موڪل تي ويو. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشن) 6.8.1977: اڄ پي اين اي اڳواڻ لاهور پهچڻ شروع ٿيا. جلد ڀٽي جي حڪومت خلاف تحريڪ شروع ڪئي ويندي. (ذريعو: اخبارون). 1990: صدر غلام اسحاق قومي اسيمبلي کي ٽوڙيو. ڪابينه کي ڊسمس ڪيو ۽ ملڪ ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي. (حوالو: صدارتي حڪم نامو). 1993: پيپلز پارٽي جي چيئرپرسن بينظير ڀٽو پولنگ اسٽيشنن تي شناختي ڪارڊ ڏيکاري ووٽ ڏيڻ واري اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي سخت اعتراض ڪيا. ڇو ته هوء سمجهي پئي ته ان سان چونڊن جا من-پسند نتيجا حاصل ڪيا ويندا, ۽ ٿيو به ايئن. ملڪ جي سياست تاريخ ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي ڪرڻ جو نئون طريقو ايجاد ڪيو ويو. [جنم]: 6 آگسٽ 1712ع ٺٽي سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر مخدوم عبد اللطيف. 6 آگسٽ 1862ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ، سياستدان ۽ آزادي لاء جدوجهد ڪندڙ سيٺ هرچند راءِ وشنداس. 6 آگسٽ 1913ع سياستدان ڊاڪٽر پوهومل ايسرداس . 6 آگسٽ 1936ع ڪالم نگار ۽ ليکڪ حليم بروهي. 6 آگسٽ 1950ع ناميارو رياضيدان ڊاڪٽر ڪي ڊي سومرو (لاڙڪاڻو) . 6 آگسٽ 1954ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام محمد لاکو. 6 آگسٽ 1967ع شاعر يوسف لغاري. 6 آگسٽ 1997 ع ناشاد رضوان. اديب ۽ ڪمپيرئر, حيدرآباد. [وڇوڙو]: 6 آگسٽ 1950ع مذهبي عالم مولوي عبدالعزيز ٿريچاڻي. 6 آگسٽ 2008ع اداڪار، صداڪار، ليکڪ، ڊائريڪٽر ۽ جي ايم پي ٽي وي عبدالڪريم بلوچ T

Friday, 4 August 2023

SINDH in history today (5th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 5:18 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {5th August} and Good Wish. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Where, in any society, Human Values are missing in its ideology, people will purchase you, your sincerity and services, but not accept and accommodate you. Nobody will be definition of your love & beauty, but of their own interests. They will be follower with blind faith of hatred & discrimination] قدر نہ پر قیمت جتي، اتي هر شئ وڪامي، ات پڄري گهڻو کامي، سندرتا ۽ سلام سدا.‏‎ ‎ ************* SINDH IN HISTORY TODAY {5th AUGUST} EVENTS: 1843: The Governor-General of India sanctions the scale of allowances proposed by Lieutenant Gordon for the maintenance of ex-Sindh Rulers. (Source: Correspondence related to Sindh) 1848: Seth Naumal, who played anti-Sindh role and made it possible for East India Company Government of India to snatch her independence, was discussed by Sir Charles Napier, the first Governor of Sindh; today submits his defense before Captain Young, Judge Advocate-General in Sindh. (Source: Memoirs of Seth Naumal). 1909: Shri Swami Hasnsaswaroopji Mahraj, the well-known Hindi orator and preacher delivers his first lecture in Hindi on ‘Hindu Religion’ on the invitation of ‘Sanatan Dharm Sabha’, in its office situated on Lid bitter Road, Karachi. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1922: Propaganda Secretary of the Larkano Khilafat Committee is arrested in Ratodero under Section 108 C.P.C (Source: The Daily Alwahid). 1934: ‘Sindh Young Congress ties League’ is formed at Karachi. Miss Nirmala Lalwani is its founder president. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1976: Foundation stone lying ceremony of the Bin Qasim Portis performed by Z.A.Bhutto (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1992: Privatization task to continue despite opposition, declares Nawaz Sharif.(Source: ‘Source-Material on PMLN’, compiled by Gul Hayat Institute). 1993: Mir Murtaza Bhutto, now in Syria, applies for the allotment of an election symbol different from PPP. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (5th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 5 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 5.8.1832: ملڪ اسان جو ۽ حڪمران پنهنجا ٽالپور, پر سنڌ جو نقشو انگريز ٿا ٺاهن ۽ اسان جي وڏڙن جي نه ڪن نه جن. پاٽينجر ۽ ڊلهوسٽ پاڻ ۾ گڏجي سنڌ جو نقشو ٺاهي ورتائون, جيڪو اڄ ڪمپني سرڪار کي موڪلي ڏنائون. 5.8.1843: سيٺ نائونمل هوتچند پنهنجي پئ جي پلاند وٺڻ خاطر سنڌ جي آزادئ کي ڇيهو رسايو ۽ انگريزن جي وڏي مدد ڪئي. هو آئوٽرام جو وفادار يار هو. جڏهن نيپيئر سنڌ تي قبضو ڪري گورنر ٿيو ته هن سيٺ نائومل کي تنگ ڪيو ۽ هن تي ڪيس هلايو. سيٺ نائونمل اڄ سنڌ جي جج-ايڊووڪيٽ جنرل اڳيان پنهنجي بچاء ۾ بيان رڪارڊ ڪرايو. [سنڌ جي آزادئ ۽ مختيارئ وارن ڏينھن ۾ سيٺ نائونمل ۽ مير علي مراد خان انگريزن سان حد کان وڌيڪ سٺو ساٿ ڏنو. انگريز اقتدار ۾ آيا ته سڀ کان اول انھن کي تڪليفون ڏنائون ۽ ڪيسن ۾ اٽڪايائون] 5.8.1851: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ڪن سالن جي رڪارڊ ۽ شاهدين کي آڏو رکي ٻڌايو ته سنڌ ۾ غير معمولي ٻوڏيون ڪڏهن اينديون آھن ۽ ان جا ڪهڙا خاص ڪارڻ ٿي سگهن. سنڌ جي سپريڊنٽ انجنيئر سمورن ضلعن مان معلومات وٺي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي, جنهن اڄ ممبئي سرڪار کي موڪلي ڏني. 5.8.1934: ڪراچئ ۾ ”نوجوان ڇوڪرين جي ڪانگريس ليگ" نالي ڪانگريس جي ذيلي شاخ کولي وئي. مس نرملا لالواڻئ کي هن ليگ جو صدر/چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. [ياد رهي ته سنڌ ۾ اڳ ئي ڪانگريس جا ست اٺ شعبا هئا. هن شعبي سان نوجوان ڇوڪريون منظم نموني سان ڪانگريسي سياست جي تانڃي پيٽي ۾ شامل ٿيون] 5.8.1976: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ ”بن قاسم پورٽ" جي پيڙه جو ڀٿر رکيو. [ڀٽي پنهنجي دور ۾ جيڪي ملون هڻايون ۽ ڪارخانا لڳرايا, انھن جي ضياء الحق جي زماني کان عمران جي حڪومت تائين منظم نموني سان ڀينگ ڪئي. حڪمرانن ڀٽي جي دشمنئ سان سنڌ کي وڏو نقصان ڏنو] 5.8.1992: ”مخالف ڌر کي جيڪو وڻي سو ڪري, هن جي دانھن ڪوڪن کي نه ٻڌبو. ادارن/ڪارخانن/بينڪن خانگائڻ / کپائڻ جو عمل جاري رهندو"- نواز شريف جو نادري ارادو ۽ اعلان. 5.8.1993: ذوالفقار علي ڀٽي جي وڏي پٽ مير مرتضا ڀٽي شام ۾ هوندي چونڊ وڙھڻ لاء اليڪشن ڪميشن کان پيپلز پارٽئ کان مختلف چونڊ-نشان جي گهر ڪئي. *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** 5 آگسٽ تي جنم وٺندڙ مشهور شخصيتون 5 آگسٽ 1905ع ليکڪ، سياستدان ۽ صحافي پير علي محمد راشدي جو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1921ع ليکڪ گوبند مالهي(ٺارو شاهه/ بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1935 ليکڪ حليم بروهي (حيدر آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1942ع گلوڪار جڳديش موهناڻي (ڪوئيٽ / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1942ع ليکڪ اميد علي شاهه رضوي جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1952ع اداڪار چندر پارواڻي (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1953ع سياستدان ۽ پبلشرحافظ محمد صديق ميمڻ (ڪنڊيارو) جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1958ع اداڪار انيل آڏواڻي (بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1969ع صحافي ساجد اعواڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1970ع دانشور، ليکڪ، نصير ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1970ع اديب حڪيم اعجاز حسين چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 5 آگسٽ 1975ع ليکڪ عبدالخالق ميڻو (قنبر) جو جنم ڏينهن آهي.

Thursday, 3 August 2023

SINDH in history today (4th August). Post in English by Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

View Dr.Dur Muhammad’s profile Dr.Dur Muhammad Pathan Dr.Dur Muhammad Pathan 4:37 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th August} and Good Day Wish ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beauty in behaviour is more valuable than beauty of body. Boldness is more important than to bow before out-dated values & traditions. Whoever is acting against human nature and instincts, has to face distance & difference in his/her own heart and mind. He/She is a wandering soul and divided personality without peace & love and vision & wisdom] سرت ۽ سونهن سندء ساجن سچا سفير, سندء فطرت ۽ رويا تنهنجا امير ۽ وزير, تون پاڻ ئي آھين پنهنجو مقدر ۽ تقدير, جي ريتن رسمن بڻائيا هت روح اسير, اهي بي پير, مڃن نہ سونهن سلام کي. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (4th AUGUST) EVENTS: 1940: The Board of the Independent Muslims (Azad) Conference meets in New Delhi under the presidency of K.B. Allah Bux Soomro to discuss the questionnaire regarding rights of the minorities. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1940). 1947: Special Military Command Punjab Boundary Force is set up to ensure law & order in 12 districts where disturbances have started. (Source: Newspapers). 1948: Abdul Samad Achakzai is house arrested. (Source: Newspapers), 1954: The Government of Pakistan approves the National Anthem written by Hafiz Jalandhri and composed by Chagla. Sindh’s contribution is visible. Hafiz Jalandhri had remained Court Poet in Khairpur and Chagla was from Karachi (Source: ibid). 1955: Women Rights Commission is constituted by the Government to revise and recommend amendments in Family Law. (Source: ibid). 1959: Not people, but now 80,000 BDs Members will elect President and Parliament of Pakistan. The decision is taken in this regard. (Source: ibid). 1971:Pakistan accepts proposal of the Secretary General of U.N.O to appoint representatives of U.H High Commission for refugees on both sides of East Pakistan and Indian border. (Source: ibid). 1972: Shimla Agreement comes into force with the exchange of the instruments of ratification. (Source: ibid). 1991: PDA, including Benazir Bhutto observes token hunger-strike throughout country and alleged political victimization by IJI government. (Source: ‘Chronology of PPP’, compiled by Gul Hayat Institute). Sindh in history today (4th August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 4 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 4.8.1940: اڄ "(آزاد) مسلمانن جي آزاد بورڊ" جي ڪانفرنس ٿي. نئين دهلئ ۾ ٿيل هن ڪانفرنس جي صدارت خانبهادر الله بخش سومري ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ اقليتن جي حقن بابت سوالن تي بحث ڪيو ويو. هئ پارٽي جي نظرياتي سوچ گڏيل هندستان جي حق ۾ هئي. ان ڪري گڏيل هندستان ۾ مسلمان به اقليت ۾ شمار ٿين پيا. [هن ڪانفرنس جو مطلب اهو ته ڀلي گڏيل هندوستان آزاد ٿئي, پر ان ۾ اقليتن جا حق محفوظ ھجڻ گهرجن] (حوالو: "انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليم -11 ، سال 1940). 4.8.1945: محمد ايوب کهڙي, سندس ڀاء ۽ ٻين ٻن جوابدارن کي ڪورٽ الله بخش شھيد ڪيس مان آزاد ڪيو. کهڙي جي رهائئ تي "الوحيد" ايڊيٽريل لکيو ۽ کيس مبارڪ ڏني. کهڙو "لاهور ميل"ذريعي ڪراچئ پهتو ته کيس جلوس ۾ سندس گهر تائين آندو ويو. 4.8.1947: سنڌ جي بارڊر کان پناهگيرن جي آمد جو تعداد هن ڪري آسان ۽ پر امن هئو, جو سنڌ جي انھئ پٽي ۾ پناهگيرن جي ڦرلٽ نه پئي ٿئي ۽ عورتون نه پيون ڀڄايون وڃن. پر پنجاب جي بارڊر تي خوني واقعا ٿيا ۽ عورتون ڀڄايون ويون. ان ڪري اڄ اتي پنجاب جي 12 ضلعن ۾ امن و امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص فوجي ڪمانڊ باؤنڊري فورس قائم ڪئي وئي. (حوالو: اخبارون). 4.8.1948: ملڪ ٺھيو ئي مس ته معمولي سياسي مخالفن لاء غير معمولي قدم کنيان ويا. اڄ عبدالصمد اچڪزئي کي گرفتار ڪيو ويو. (حوالو: اخبارون)، 4.8.1954: اڄ حڪومت پاڪستان حفيظ جالنڌرئ جو لکيل ۽ چاگلا پاران ڌن ڏيل قومي ترانو منظور ڪيو.[ ياد رهي ته حفيظ جالنڌري خيرپور ۾ درٻاري شاعر رهي چڪو هو ۽ چاگلا ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌي هو. سنڌ ايئن پاڪستان جي قومي تراني ٺاهڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. 4.8.1959: هاڻي عوام نه ، پر 80،000 بي ڊي ميمبر پاڪستان جي صدر ۽ پارليامينٽ کي چونڊيندا. ملڪي سرڪار جو فيصلو (حوالو: اخبارون). 4.8.1972: اڄ پاڪستان ۽ انڊيا وچ شمله معاهدي وارن دستاويزن جي مٽاسٽا ٿي ۽ معاهدي تي عمل شروع ٿيو. (حوالو: اخبارون) 4.8.1991: آء.جي.آء حڪومت پاران شروع ڪيل سياسي ڏاڍ ۽ مخالف-دشمنئ خلاف اڄ PDA وارن علامتي هڙتال ڪئي. بينظير به ھڙتال تي ويٺي. (حوالو: گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ پي.ڊي.اي بابت گڏ ڪيل مواد). *************** ولادتون ۽ وفاتون *************** [جنم ڏينهن]: 4 آگسٽ 1899ع اردو جي مشهور شاعر تبسم صوفي. 4 آگسٽ 1919ع ليکڪ ليکو تلسي. 4 آگسٽ 1922ع ڪميونسٽ اڳواڻ ڪامريڊ امام علي نازش. 4 آگسٽ 1929ع اداڪار ۽ ڊانسر رميش جنجاڻي (خيرپور / بمبئي). 4 آگسٽ 1939ع شاعر، سياستدان ۽ مخدوم نوح جي گادي جو اڳوڻو گادي نشين مخدوم محمد امين فهيم. 4 آگسٽ 1939ع شاعر مستانو محمد شاهه. 4 آگسٽ 1939ع اردو جي ناليواري شاعر، ڊراما نگار ۽ ليکڪ امجد اسلام امجد. 4 آگسٽ 1945ع صحافي غلام محمد کهڙو (ڦلجي اسٽيشن). 4 آگسٽ 1948ع سياستدان مير مشتاق علي ٽالپر. 4 آگسٽ 1950ع شاعر جڳديش نماڻو (بمبئي). 4 آگسٽ 1956ع صحافي شير محمد ملڪاڻي. 4 آگسٽ 1967ع شاعر زاهد ابڙو. 4 آگسٽ 1986ع شاعر ساگر شهزاد جاگيراڻي (لاڙڪاڻو). [وڇوڙو]: 4 آگسٽ 1991ع ليکڪ ۽ قومي ڪارڪن عرفان مهدي. 4 آگسٽ 1999ع گلوڪار اخلاق احمد. 4 آگسٽ 2000ع اداڪار محمود صديقي. 4 آگسٽ 2015ع شاعر ۽ اديب ڊاڪٽر موتي پرڪاش

Wednesday, 2 August 2023

SINDH in history today (3rd August). Post in English By Mumtaz Pathan & in Sindhi by Dr.Pathan

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd August} andebele Good Day Wish. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Though, my dear is different and not difficult, but distance and differences have made everything difficult. I accepted her/him as a human-being, but he/she is always behaving like an Angel. Whereas, angels never believe in human contacts, connections and relations. Therefore, dear can't dare to listen, understand and accept me. Reciprocation is not in his/her nature. Again and again I have to make him/her believe that he/she is love & beauty, but have found him/her abiding by hatred and discrimination.] جن کي سمجهيوسين ماڻھون سي تان نڪتا فرشتا, خبر ڪهڙي فرشتن کي تہ آھن ڇا روح سندا رشتا, ان لاء سمجهن ڪو نہ سپرين سور پنهنجا سربستا, پرين ڪو نہ پرتا, تان جو ڪياسين سلام سرت سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {3rd AUGUST} EVENTS: 1838: Mir Rustam Khan is approached by the Government of India to put the frantic Nasr-u-ddin in confinement and to hold him responsible for mischief committed by him with Diplomats of their Government. (Source: Letter of dated 3rd August 1838). 1844: Sir Charles Napier, Governor of Sindh makes complain to Government of India against Lieutenant Colonel Outram that he had published a libel in the public prints reflecting on his character as Governor of Sindh and demands protection against the libel in question. (Source: Governor’s letter of 3rd August 1844). 1949: Sindh Commissioner issues orders that English year be adopted in revenue proceedings and accounts. Source: Order/Circular No.1536). 1920: In response to the call of the Sindh Khilafat Committee for Non-Co-Operation with the Government, Mulan Muhammad Bachal of Muhammad Hassan Jalbani village announces not to apply or accept Government aid for his Maktab/School in future. (Source: Al-Wahid, Karachi) 1939: The 89 political prisoners who were on hunger-strike in the Dum Dum and Alipur jails since July 7, decided to suspend their fast for two months. The decision followed an appeal by Sj. Subahas Chandra Bose. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1939). 1947: Governor-Generals for India and Governors for Provinces are appointed. M.A. Jinnah is appointed as the Governor-General of Pakistan whereas Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is appointed as Sindh Governor. (Source: Newspapers). 1971: Z.A. Bhutto demands quitting of Pakistan from Common Wealth. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: It is turning point in the history of Sindhi Journalism. The ‘Kawish’ is founded by Ali Qazi at Hyderabad . It is breakthrough in the field of readers approach. Now Sindhi people and Journalism are near and dear to each other. 1992: Despite threats of mass resignations by the PDA, my Government will complete its term, claims Nawaz Sharif. (Source: ‘Source-Material on PML-N’, compiled by Gul Hayat Institute) منهنجا سانگي ستل صدين کان, اڄ ڪلھ جاڳندي پڻ ستل; مٿن حالتن جي ڌرتي متل, وسن مصيبت جا مينهن ان ڪري. ************* Sindh in history today (3rd August ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 3 آگسٽ جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتن جي واقعاتي تاريخ". ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.8.1838: مير رستم خان کي ڪمپني گذارش ڪئي ته نصرالدين کي پڪڙي گرفتار ڪيو وڃي. هو ڪمپني حڪومت جي سفارتڪارن سان اڍنگو هليو آھي ۽ سنڌ ۾ اسان (فرنگين) جي مفادن خلاف ڪم ڪري رهيو آھي . (حوالو: فرنگي سرڪار جو 3 آگسٽ 1838ع جو خط). 3.7.1839: فرنگين سنڌوندئ ۾ آگبوٽ ھلائڻ شروع ڪري ڇڏيا هئا. آگبوٽن جي اينڌن لاء ڪاٺ جي پوڻ لڳي ته اڄ پاٽينجر صلاح ڏني ته سنڌ جي ٻيلن جو بچاء ڪجو. باقي ٺيڪي يا ٻئي طريقي سان آگبوٽن لاء ڪاٺ جو بندوبست ڪجو. (حوالو: پاٽينجر جو ليفٽيننٽ ليڪئ کي خط). 3.8.1844: سر چارلس نيپئر ، سنڌ جو گورنر جي حيثيت ۾ گورنر جنرل کي اڄ خط لکي دانھن ڏني ته ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام مون بابت اخبارن ۾ باه ٻاري ڏني آھي. هن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ مون کي سندس شر کان بچايو وڃي (حوالو: نيپيئر جو 3 آگسٽ 1844 وارو خط). 3.8.1849: سنڌ ڪمشنر آرڊر جاري ڪيا ته روينيو جي ڪارروائين ۽ اڪائونٽس ۾ هاڻي عيسوي سال اختيار ڪيو وڃي. (حوالو: ڪمشنر جي آفيس جو آرڊر / سرڪيولر نمبر 1536). 3.8.1920: اڄ حڪومت سان عدم تعاون ڪرڻ واري سنڌ خلافت ڪميٽي جي سڏ جي جواب ۾ ، محمد حسن جلباڻي ڳوٺ جي مولانا محمد بچل مستقبل ۾ پنهنجي مڪتب / اسڪول لاءِ سرڪاري امداد وٺڻ يا قبول نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو. (ذريعو: الوحيد ، ڪراچي). ياد رهي ته هن تحريڪ دوران بيشمار سنڌين سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو ۽ سرڪاري نوڪريون ڇڏيون ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا. انھن سمورن ماڻھن جي قربانين جو تفصيل گل حيات گڏ ڪري Sorrows & Longings of Freedom Fighters جي نالي سان ڪتاب ٺاهي ويب سائيٽ تي رکي ڇڏيو آھي. 3.8.1939: 89 سياسي قيدي جيڪي 7 جولاءِ کان دم دم ۽ علي پور جيلن ۾ بک هڙتال تي هئا ، انهن سباش چندر بوس جي گذارش تي, ٻن مهينن لاء بک ھڙتال معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. (حوالو: انڊين ائنيوئل رجسٽر ، واليوم -ٻيو ، سال 1939). 3.8.1947: پاڪستان ۽ انڊيا لاءِ گورنر جنرل ۽ باقي صوبن لاءِ گورنر مقرر ڪيا ويا. ايم اي جناح کي پاڪستان جو گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو آهي جڏهن ته سر غلام حسين هدايت الله کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو آهي. (حوالو: سرڪاري نوٽيفيڪيشنس). 3,8.1971: ذوالفقار علي ڀٽي مطالبو ڪيو ته پاڪستان "ڪامن ويلٿ" مان ٻاهر نڪري.(حوالو: ‘ڀٽي خاندان بابت گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب/گڏ ڪيل مواد). 3.8.1990: اڄ سنڌي صحافت جي تاريخ ۾ هڪ اهم موڙ آيو جو حيدرآباد مان روزنامه ‘ڪاوش’ اخبار ڪڍي وئي. 3.8.1992: " پي ڊي اي پاران وڏي پئماني تي استعيفيٰ جي خطرن جي باوجود ، منهنجي حڪومت مدو پورو ڪندي"- ، نواز شريف جي دعويٰ. (حوالو: ‘مسلم ليگ ن' تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پاران مرتب/گڏ ڪيل مواد). [ولادتون]: 3 آگسٽ 1934ع شاعر غازي ٽکڙائي. 3 آگسٽ 1952ع ليکڪ جڳديش ڀاٽيا (الهاسنگر). 3 آگسٽ 1953ع شاعر کيمچند شرما (ٿاڻو بولاخان). 3 آگسٽ 1955ع سياستدان جنيد سومرو (شڪارپور). 3 آگسٽ 1967ع ليکڪ قادر شيخ (لاڙڪاڻو). 3 آگسٽ 1968ع شاعر غوث پيرزادو. 3 آگسٽ 1968ع شاعر جوش منگي (پنجوديرو). 3 آگسٽ 1969ع ليکڪ زاهد سومرو (پڊ عيدن). [وفاتون]: 3 آگسٽ 2008ع صحافي ۽ سماجي ڪارڪن امان الله بلوچ. 3 آگسٽ 2014ع سياستدان بيگم ڊاڪٽر اشرف عباسي.