Tuesday, 19 July 2022

Sindh in history today (20th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (20th JULY) 20th July BIRTH DATES Santdas Jhangyani (Hyderabad > New Delhi/Scholar/ birth 20th July 1926), Saqi Halai (Manjhand/Poet/ birth 20th July 1932), Hakim Ghulab Khan ‘Mahjoor’ (Rasool Bux Brohi/Poet/ birth 20th July 1934), Haresh ChandarJethmilani (Shikarpur> Baroda/Writer/ birth 20th July 1936), GirdharilalRatnani (Shikarpur> Ulhasnagar/Singer/ birth 20th July 1939), Muneer Gozai (LalBuxRahooja/Writer/ birth 20th July 1941), Padan Sharma (Mirpur>Mumbai/Writer/ birth 20th July 1942), Dr. Sahir Imdad (Hyderabad/Scholar & Poetess/ birth 20th July 1951), Razaq Mahar (Mahar/Writer/ birth 20th July 1954), Anwar Memon (Sukkur/Writer/ birth 20th July 1956), Pahlaj Jewani (Daharki/Poet/ birth 20th July 1959), Ramzan Naval (Moro/Writer/ birth 20th July 1961), DEATH DATES Mir Syed Ghulam Ali ‘Mail’ (Thatta/Poet/ date 20th July 1859), Ghulam Muhammad (Karachi/Sindhi Cricketer who participated in many Matches of international level/ date 20th July 1966), Wali Daudpoto (Writer/ date 20th July 1979) NOTE: BIRTH DATE OF NASIR MIRZA IN SOME SOURCES WAS RECORDED AS 19th AND IN SOME SOURCES AS 20th OF JULY. EVENTS 1849: The Sindh Commissioner request the Bombay Government to supply copy of rules and practice on the subject of marrying, baptizing and burying Christian members of civil establishment. (Source: Commissioner’s letter No.1523). 1920: The Al-Wahid, Karachi, in the course of its editorial advocates ‘Non-Co-Operation Movement’ and advises people to join hands with Khilafat Tahrik. The editor of this Newspaper on contributing this earned imprisonment. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1932: On behalf of the Sindh Azad Jamait, Muhammad Ayub Khuhro presents Memorandum to the Joint Parliamentary Committee in London requesting for separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Al-Wahid). 1947: NWFP decides by vote to join Pakistan. (Source: Newspapers) 1954; The Constituent Assembly of Pakistan resolves to make Karachi as permanent Capital of Pakistan (Source: ibd). 1973: It is very difficult to work with Z.A.Bhutto. Baluchistan has been badly victimized in his tenure, says Attaullah Khan Mengal. (Source: Newspapers). [ السلام عليڪم/نمستي/صبح بخير/ Good Morning. جگ جگ جيئو] "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(20 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 20.7.1849: سنڌ ۾ مسيحت جي تشخص کي برقرار رکڻ لاء سنڌ جي ڪمشنر ممبئي حڪومت کي درخواست ڪئي ته سول اسٽيبلشمينٽ جي مسيحي ميمبرن لاء شادي ، دين قبولڻ ۽ دفن ڪرڻ بابت ضابطن ۽ قاعدن جي ڪاپي فراهم ڪئي وڃي. (ذريعو: ڪمشنر جو خط نمبر 155). 20.7.1855 مير محمد خان ٽالپور کي فرنگي سرڪار پينشن ڏيندي هئي. سندس وفات 4 مارچ 1855 تي ٿي. ان ڪري سنڌ سرڪار صوبائي حڪومت کي سفارش ۽ گذارش ڪئي ته هاڻي اها پينشن مير محمد خان جي فرزند مير شاهنواز خان کي ڏني وڃي. ياد رکجي ته فرنگي حڪومت ڪيترن ميرن ۽ سندن عملدارن کي پينشن ڏيندي هئي ته جيئن سندن همدرديون ۽ وفاداريون سرڪار سان دائم ۽ قائم رهن. 20.7.1920: "الوحيد" اخبار ، پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ عوام کي ”عدم تعاون تحريڪ“ ۾ ڀرپور حصي وٺڻ تي زور ڀريو ۽ خلافت تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جي صلاح ڏني. انهي ايڊيٽورل کي سرڪار تحريري بغاوت سمجهي اخبار جي ايڊيٽر کي جيل جي سزا ڏني (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 20.7.1932: سنڌ آزاد پارٽئ طرفان محمد ايوب کهڙو ، لنڊن ۾ گول ميز ڪانفرنس جي گڏيل پارلياماني ڪميٽي کي يادداشت پيش ڪري ، ممبئي پريزيڊنسي کان سنڌ کي ڌار ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي گذارش ڪئي. (ذريعو: روزانه الوحيد) 20.7.1947: سرحد صوبي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ڪيو. (ذريعو: اخبارون) 20.7.1949 ون يونٽ ٺھيو ته ان جي ڊھڻ تائين مغربي پاڪستان جي گورنر ٿيڻ جو موقعو سنڌين کي گهٽ مليو. اڄ سردار عبدالرب نشتر کي مغربي پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 20.7.1950 پاڪستان جو وزير اعظم لياقت علي خان انڊيا جي دوري تي ويو. پناهگيرن جا مسئلا ۽ ڪشمير جو مسئلو اتي ڳالهين ڪرڻ لاء سندس خاص موضوع رهيا. 20.7.1954: پاڪستان جي قانون ساز اسيمبلي ڪراچيءَ کي پاڪستان جو مستقل دارالحڪومت بڻائڻ جو فيصلو ڪيو. ياد رکڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته جڏهن پاڪستان ٺھڻ جي پڪ ٿي ته مسلم ليگ سوچيو ته لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچئ مان ڪنهن کي دائمي طور تي گادئ جو شھر بڻائجي. ڪراچئ جي چونڊ ۾ انھن ڌرين ڪرائي, جن جي نيت ۾ ھئ ڳالھ ھئي ته اتي پناهگيرن جي وڏي پئماني تي لڏپلاڻ ڪرائي "چونڊن جو مخصوص ۽ محفوظ حلقو" قائم ڪري سگهجي ٿو. 20.7.19 [جنم ڏينهن]: 20 جولاءِ 1926ع اسڪالر سنت داس جهانگياڻي (حيدرآباد / دهلي). 20 جولاءِ 1932ع شاعر ساقي هالائي. 20 جولاءِ 1934ع شاعر گلاب خان مهجور. 20 جولاءِ 1939ع گلوڪار گرڌاري لال رتناڻي (شڪارپور / الهاسنگر). 20 جولاءِ 1941ع ليکڪ منير گوزئي. 20 جولاءِ 1942ع ليکڪ پدن شرما (ميرپور / ممبئي) 20 جولاءِ 1956ع ليکڪ، براڊڪاسٽر ۽ شاعر نصير مرزا 20 جولاءِ 1959ع شاعر پهلاج جيواڻي (ڏهرڪي) . 20 جولاءِ 1961ع ليکڪ رمضان نول (مورو). [وڇوڙو]: 20 جولاءِ 1859ع شاعر غلام علي مائل ٺٽوي. 20 جولاءِ 1979ع ليکڪ ولي دائودپوٽو.

Monday, 18 July 2022

Sindh in history today (19th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (19th JULY) 19th July BIRTH DATES ParwatiChavila (Karachi >Mumbai/Singer/ birth 19th July 1932), S.Kumar (Nasirabad>Mumbai/Stage Director/ birth 19th July 1941), SitalHemrajani (Writer/ birth 19th July 1941), QaziShafiq Ahmad Mahesar (Arif Mahesar/Politician/ birth 19th July 1947), Muhammad ShafiQureshi (Dadu/Journalist/ birth 19th July 1950), ParwanoSehwani (Sehwan/Poet/ birth 19th July 1958), Dr.Sakhi Qabool Muhammad 1V (Daraza/Gadi Nasheen/ birth 19th July 1962), Nasir Mirza (TandoThorho/Poet/ birth 19th July 1956), Ali Bux ‘Raza’ (Mirzapur/Poet/ birth 19th July 1960), DEATH DATES MunshiUdharamThanwardas (Text Book writer & Educationist/ date 19th July 1883), Syed ‘Miskeen’ Hajan Shah (Khahi/Poet/ date 19 July 1937), Moulvi Abdul Haq (Pad eidan/Religious Scholar & Freedom Fighter/ date 19th July 1958), EVENTS 1909: Mr. Wright, Educational Inspector of Sindh presides over Conference in N.J.V.High School at Karachi in which Course Outline for Anglo-Vernacular schools was discussed. The Conference is also attended by the principals of N.H. Academy of Hyderabad and Nau Vidyala of Hyderabad including Head Masters of A.V. schools. (Source: The Daily Sindh Gazette, Karachi) 1910: The Sindh Commissioner directs to the District Local Board Larkano to open Dispensaries at Dadu, Bubak and Warah (Source: Commissioner’s letter No 1416). 1920: First Karwan of Sindhi migrants reaches Jalalabad. They migrated on the call of Khilafat Committee and in protest against Government’s anti-Turkey and anti-Islam policy. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1921: Aman Sabha is formed at Ladyoon and our upper class of the area is in fron row of the Sabha. Khair Muhammad Chandio (President), Metharam Ajit Sing (Vice Presidnt), Varomal Parmanand (Secretary) and Bulchand Bhupatrai (Treasurer) are elected as office-bearers. There is lengthy list of members of the Working Committee.(Source: The Daily Gazette, Karachi). Aman Sabha will guide people to be faithful, loyal and sincere subjects of the Government and remain away from freedom fighters. 1936: The Socialist Conference is held at Karachi and attended by Pandit Jawaharlal Nehru. In this conference the attitude of the Socialists towards Congress is explained and Congress is advised to include socialism in its program )Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1936). 1950: We want to make Pakistan a America of East, says Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan (Source: Newspapers). 1958: General elections are postponed till February 1959. (Source: Official Announcement). 1969: Shaikh Mujeeb was not author of 6-points, but it was assignment for him designed by Government officer, says Chowdhri Muhammad Ali in an interview. (Source:The Chittan, journal). [ السلام عليڪم. صبح بخير. نمستي. جگ جگ جيئو. اسان جا وڏڙا ڏکين حالتن ۾ ڪيئن ڦاٿا ۽ ڪيئن انھن مان جند ڇڏايائون, اهو سبق سکڻ لاء تاريخ پڙھڻ ضروري آھي. اسان جي وڏڙن اسان لاء گل پوکيا يا ڪنڊا پوکيا ۽ اسان ايندڙ نسلن لاء ڇا پيا پوکيون, اهو سمجهڻ لاء تاريخ جو مطالعو ضروري آھي. اچو ته پنهنجي تاريخ پڙھو] ”سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ"-(19 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ واقعا ] 19.7.1851 اڄ برگيڊيئر جنرل ۽ سنڌ جي ڪمشنر وچ ۾ خان ڳڙھ (جيڪب آباد) شھر ۾ ڪئنٽونمينٽ ايريا جي حدن بابت لکپڙھ ٿي. ياد رهي ته فرنگين عوام ۽ امن امان تي گرفت رکڻ لاء لڳ ڀڳ سمورن وڏن شهرن ۾ ڪئنٽومينٽس ٺاهيون. 19.7.1855 مير حڪمرانن ميهڙ ۽ ٽڳڙ تعلقن ۾ ڪنهن کي جاگيرون, باغ ۽ جو ٻيو ڪجھ ڏنو هو, انھن بابت جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر رپورٽ تيار ڪري, سنڌ جي ڪمشنر کي ڏياري موڪلي. ياد رهي ٽڳڙ آڳاٽو تعلقو هو, ان منجهان لب درياه تعلقو قائم ٿيو, جنهن کي پوء ڏوڪري تعلقو نالو ڏنو ويو. هاڻي ڏوڪري تعلقي کي ٽوڙي ان مان باڪراڻي تعلقو ٺاهيو ويو آھي. 19.7.1909: مسٽر رائيٽ) Wright) ، سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر, صدارت هيٺ اين جي وي هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ ڪانفرنس ٿي ته جيئن اينگلو ورنيڪيولر اسڪولن جي لاءِ ڪورس/ نصاب تي غور ڪجي. ڪانفرنس ۾ اين ايڇ اڪيڊمي حيدرآباد جي پرنسپال ۽ حيدرآباد جي نو ودياليه سميت ڪيرن پرنسپالن به شرڪت ڪئي. (ذريعو/مآخذ: ڊيلي سنڌ گزيٽ ، ڪراچي) 19.7.1920: افغانستان ڏانھن هجرت ڪندڙ سنڌي مهاجرن جو پهريون ڪاروان جلال آباد پهتو. اهي خلافت ڪميٽي جي سڏ تي ۽ حڪومت جي ترڪي- مخالف ۽ اسلام دشمن پاليسي جي خلاف احتجاج ۾ لڏي ويا ھئا. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 19.7.1921: امن سڀا نالي تنظيم سرڪار-پرستن جي سوچ جو نتيجو هو. اهڙئ تنظيم ٺاهڻ جو مقصد هو ته جيئن فرنگي سرڪار سان وفادارئ ڪرڻ جي عملي ثابتي ڏجي. اڄ لاڏيون ۾ امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن جا عهديدار ٿيا: خير محمد چانڊيو (صدر) ، ميٺارام اجيت سنگ (نائب پريزيڊنٽ) ، ويرومل پرمانند (سيڪريٽري) ۽ بولچند ڀوپتراء (خزانچي), (ذريعو: دي ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). 19.7.1936: ڪراچئ ۾ سوشلسٽ ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت پنڊت جواهر لال ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ڪانگريس تي بار رکيو ويو ته اها پنهنجي پروگرام ۾ سوشلزم کي شامل ڪري. (مآخذ/ انڊين ائنيول رجسٽر, سال 1936, واليوم ٻيو) نوٽ: انڊين ائنيوئل رجسٽر پهريون ٽماهي ۽ پوء ڇهماهي رسالو هو. 1919 کان شروع ٿيو هو ۽ ان جو هڪ هڪ واليوم 500 صفحن جيترو هو. گل حيات انسٽيٽيوٽ ان جي 1919 کان 1947 تائين انڊيڪس ٺاهي رکي آھي. 19.7.1950: "اسان پاڪستان کي اوڀر جو آمريڪا بڻائڻ چاهيون ٿا" ، پاڪستان جي وزير اعظم لياقت علي خان جو عزم. (ذريعو: اخبارون). 19.7.1969: "شيخ مجيب 6 پوائنٽس جو ليکڪ نه هو ، پر اها سوچ مغربي پاڪستان جي سياستدانن ۽ حڪمرانن جي هني. "ڇه پوانٽس" هڪ حڪومتي آفيسر طرفان تيار ڪيا ويا هئا" - چوڌري محمد علي جو انٽرويو ۾ اظھار. (ذريعو: چٽان, رسالو). 19.7.1992 آرمئ جي ترجمان برگيڊيئر آصف هارون چيو ته انٽيليجنس جي آڌار تي پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته ايم ڪيو ايم جناح پور يا اردو ديس جي نالي سان آزاد رياست ٺاهڻ گهرن جو ارادو رکن ٿا. [جنم ڏينهن]: 19 جولاءِ 1932ع گلوڪاره پاروتي چاولا (سيوهڻ / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع ليکڪ سيتل هيمراجاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1941ع اسٽيج ڊائريڪٽر ايس ڪمار (نصير آباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1947ع سياستدان قاضي شفيق احمد مهيسر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1950ع صحافي محمد شفيع قريشي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1958ع ليکڪ پروانو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 19 جولاءِ 1962ع درگاهه سچل سرمست جي گادي نشين سخي قبول محمد فاروقي (چهارم) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 19 جولاءِ 1883ع ليکڪ منشي اوڌارام جي وفات ٿي. 19 جولاءِ 1937ع شاعر مسڪين حاجن شاهه جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1958ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالحق (پڊ عيدن) جو انتقال ٿيو. 19 جولاءِ 1969ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولوي احمد ملاح جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday, 17 July 2022

Sindh in history today (18th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (18th JULY) 18th July BIRTH DATES NanikChawla (Ulhasnagar/Singer/ birth 18th July 1948), BarkatBaoch (Hussainabad/Poet/ birth 18th July 1953), DEATH DATES Moulana Muhammad Ali Shah (Khairpur/Religious Scholar/ date 18th July 1967), MushtaqBhurgri (Poet/ date 18th July 2007) EVENTS 1914: Hindus are serious in reconstruction of their society by virtue of forming NGOs of their own. Today, ‘Shri Barhma Khastri Sahitya Mandli’ is established in Karachi. Seth Naraindas Variram Chapter, Dr.Narsidas Pitambardas Sodho; Jamnadas Vilabhdas Sadani; Rochiram Gangaram Sadani; Maniklal Maghomal Jethmilani and Pahlajrai Haromal are its founder members. This may kindly be noted that Rochiram Sadani was an outstanding writer and it was his initiate to form NGO of this type. (Source: Annual Report of the Mandli). 1926: All-India Cow Conference is held in Calcutta in which Government is urged to regulate salaughter og cattle by legislation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1926). 1931: The Bengal Provincial Hindu Conference held at Burdwan under presidency of Mahraj Srish Chandra Nundy of Kasimabad passes the resolution on the issue of separation of Sindh from Bombay Presidency. The text of the resolution is :’ The question is utter disregard of determined opposition of the Hindus of Sindh who will have to bear a large proportion of the inevitable increased taxation in relation to their population, as compared with Moslems of Sindh’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Prof. J.S.Kriplani of Sindh and Director of the Gandhi Ashram is sentenced to six months’ imprisonment under Section 17 (A) of the Criminal Law Amendment Act. He will be placed in ‘A’ class. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1935: The Daily Al-Wahid of Karachi in the course of its editorial criticizes G.M.Syed and other leaders for not taking interest in enrolment of peasants as qualified voters. The editorial blames that leaders of upper class formed HARI COMMITTEE a few years ago for protection of their own interests, where as they have nothing to do with welfare of working class. It is time to create vote-bank of this lower class, but our leaders are now avoiding and depriving lower class of their Right of vote. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1936: Indian States Peoples’ Conference is held at Karachi and attitude of subjects of States was discussed and defined. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1936) 1939: Sj. Subash Chandra Bose deploring the policy of Congress says that ‘ a wave of intolerance is now sweeping over higher ranks of Congress leadership. The slightest criticism of any action of their throws them into a rage and the whole machinery of propaganda in their hands is at once put in operation. In this way the ordinary Congressman is terrorized into silence’. (Source; The Indian Register, Vol-11,1939). 1947: First Special train reaches Karachi. It is beginning of the greatest migration of Indian Muslims to Sindh and wave continued after reaching of Biharis in 1972 and onward. (Source: Newspapers). 1948: By virtue of promulgation of an ordinance, clause 92 A is added in the interim Constitution of Pakistan that empowers Governor-General to dissolve any provincial government.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that very drastic decisions are taken when Quaid-i-Azam is in Ziyarat and health is in serious condition. 1955: Government of Pakistan files a petition praying for special leave to appeal against the judgment of a Full Bench of Lahore High court in the habes corpus petitions filed on behalf of ex-Major General Akbar Khan and other Rawalpindi Conspiracy Case prisoners including Faiz Ahmad Faiz. (Source: Newspapers). 1993: Entire political setup in the Pakistan is changed. Assemblies are dissolved. President Ishaq and Prime Minister Nawaz quit their offices. World Bank Vice President Moeen Qureshi is sworn in as care taker Prime Minister. National Assembly polls will be on 6th of October and Provincial Assemblies polls are due on 9th October.(Source: ibid) TRANSLATION INTO SINDHI " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(18 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 18.7.1842 اڄ آئوٽرام کي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ خط لکي ٻڌايس ته تنهنجي اها صلاح ته سبزل ڪوٽ ميرن کان کسي ۽ سنڌ کان ڪٽي بهاولپور اسٽيٽ سان ملائجي/ڏجي, گورنر جنرل کي پسند آئي ۽ ھاڻي تو لاء حڪم آھي ته سبزل ڪوٽ جي اهميت ۽ آمدنئ بابت تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪل. ياد رهي ته فرنگين ميرن کي مات ڏيڻ لاء سڀ ڪجھ ڪيو: هنن تي خراج مڙھيو, پاڻ ۾ اختلاف پيدا ڪرايا, هنن کان پرڳڻا کسيا. 18.7.1842 اڄ مير رستم علي خان, اسسٽنٽ پوليٽيڪل ايجنٽ ليفٽيننٽ برائون کي خط لکي ٻڌايو ته مير علي مراد ڪا ڳاله ٻڌڻ مڃڻ لاء تيار ڪونهي سو مان هن سان هڪ هڪاڻي ڪرڻ لاء پنهنجي فوج وٺي خيرپور پهچان ٿو. ڏسو ڪيڏي نه ڏک جي ڳالھ آهي جو هڪ ننڍڙي فرنگي ملازم کي ايترو بااختيار ۽ منصف ڄاڻي, هن سان سور سليو وڃي. جڏهن ڌرتئ-دشمنن کي ايئن معتبر ڪبو آھي ته اهي ڪمزورين مان فائدا وٺندا آھن ۽ ڀينگ ڪندا آھن. 18.7.1848 سيٺ نائونمل ۽ مير علي مراد حدون اورنگهي به انگريزن سان وفاداري ڪئي. ڪم لٿي کان پوء ٻنھي کي انگريزن تڪليفون ڏنيون. سيٺ نائونمل ڀاڳ وارو جو سندس قدردان گورا پيدا ٿي پيا. نيپيئر هن سان ذاتي وير وڌو, ڇو ته نائونمل آئوٽرام جي ويجهو هو ۽ آئوٽرام نيپيئر جو مخالف هو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي جج ايڊوڪيٽ جنرل کي خط لکي هدايت ڪئي ته هو نائونمل کي گهرائي پنهنجئ صفائئ پيش ڪرڻ جو موقعو ڏئي. 18.7.1914: اهو هڪ تاريخي سچ آھي ته سنڌو هندن کي پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن ڏيکارڻ جو بهتر موقعو پهريون دفعو انگريزن جي دور ۾ مليو. هن پاڻ کي زندگئ جي هر شعبي ۾ منظم ڪرڻ جو آغاز ڪيو. هنن انگريزن جي دور ۾ ڪيتريون ئي سماجي تنظيمون ٺاهيون. انھن مان فقط هندن کي ئي فائدو نه ملندو هو, ليڪن سڀني مذھبن وارا انھن مان لاٻ پرائيندا هئا. اڄ ڪراچي ۾ ‘شري برھما کشتري ساھتيه منڊلي’ قائم ٿي آهي. سيٺ نارائنداس ويرام چٽپار ، ڊاڪٽر نرسيداس پتامرداس سوڊو ؛ جمناس ولابداس سڏاڻي؛ روچيرام گنگارام سڏاڻي ؛ ماڻڪلال منگھومل جيٺملاڻي ۽ پهلاجراء هرومل ان جا باني ميمبر ٿيا. (ذريعو: منڊلي جي سالياني رپورٽ). 18.7.1931: مهراج سريش چندر نندي جي صدارت هيٺ" بنگال صوبائي هندو ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ ممبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي واري مسئلي تي قرارداد پاس ڪئي وئي, جنهن ۾ چيو ويو ته ' سنڌ جي هندن جي پرعزم مخالفت کي قطعي نظرانداز ڪندي سنڌ کي ڌار صوبي بنائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ، جيڪڏهن سنڌ الڳ ٿي ته ھندن کي ناگزير وڌندڙ ٽيڪس جو وڏو حصو برداشت ڪرڻو پوندو'. (ذريعو : ڊيلي گزيٽ ، ڪراچي). ان دور جي هندو توڙي مسلمان سنڌ سان هن ڪري زيادتي ڪئي جو هنن ٻين ماڻھن ۽ پارٽين کي سنڌ جي اندروني مسئلن ۾ مداخلت ڪرڻ جو موقعو ڏنو, جن سنڌي هندو توڙي مسلمانن کي پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪيو. 18.7.1932: سنڌ جي ڪانگريسي اڳواڻ پروفيسر جي. ايس ڪرپلاڻئ کي فوجداري قانون جي ترميمي ايڪٽ جي سيڪشن 17 (اي) تحت 6 مهينن جي قيد جي سزا ٻڌائي وڃي ٿي. کيس. ھو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر به هو. (ذريعو: Indian Annual Register, 1932, Voll-11). 18.7.1935: روزاني "الوحيد" ڪراچئ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ، جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن تي هارين جا نالا ووٽرس لسٽ ۾ داخل ڪرائڻ واري ڪم ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي تنقيد ڪئي. ايڊيٽوريل الزام مڙهيو ته اعليٰ طبقي جي اڳواڻن پنهنجي مفادن جي تحفظ لاءِ ڪجھ سال اڳ هاري ڪميٽي ٺاهي هئي ، حالانڪ انهن جو زرعي پورهيت طبقي جي ڀلائي سان ڪو به واسطو نه آهي. هي وقت هن هيٺين طبقي جو ووٽ بينڪ ٺاهڻ جو آهي ، پر اسان جا اڳواڻ هاڻي لوئر طبقي کي انهئ حق کان محروم ڪري رهيا آهن. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 18.7.1936: ڪراچي ۾ "انڊين اسٽيٽس پيپلز ڪانفرنس" منعقد ٿي, جنهن ۾ رياستن جي رعيت بابت روين تي بحث ڪيو ويو ۽ اهو رايو جوڙيو ته رياستي رعيت کي بنيادي حق به حاصل ڪونھن ۽ باشعور ماڻھون سندن حق لاء جاکوڙ ڪندا ۽ عوامي شعور کي اڀاريندا. (ذريعو: Indian Annual Register, 1936, Voll-11) 18.7.1939: سباش چندر بوس ڪانگريس جي تنقيد نه برداشت ڪرڻ وارئ پاليسئ تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ‘عدم برداشت جي لهر هاڻي ڪانگريس قيادت جي اعليٰ صفن مٿان ڇانيل آهي. انهن جي ڪنهن به عمل جي معمولي تنقيد انهن کي ڪاوڙ ۾ اڇلائي ٿي ۽ انهن جي هٿ ۾ پروپيگنڊا جي سموري مشين هڪدم آپريشن ۾ اچي وڃي ٿي. اهڙي طرح سان عام ڪانگريسي ڪارڪن خاموشي ۾ دهشت زده ٿي وڃي ٿو ’. (ذريعو: Indian Annual 1939,Register,) 18.7.1947 پناهگيرن جي پهرين خاص ٽرين ڪراچي پهتي. ان سان هندستاني مسلمانن جي سنڌ ۾ سڀ کان وڏي لڏپلاڻ جي شرعات ٿي (ذريعو: اخبارون). 18.7.1948: هڪ آرڊيننس جي پاڪستان جي عبوري آئين ۾ شق 92 اي شامل ڪئي وئي آهي جيڪو گورنر جنرل کي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به صوبائي حڪومت کي تحليل ڪري سگهي ٿو. (ذريعو: اخبارون) ڌيان ۾ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته ان وقت سخت فيصلا ڪيا وڃن ٿا جڏھن قائداعظم زيارت ۾ آھي ۽ سندس صحت خراب حالت ۾ آھي. 18.7.1993: پوري پاڪستان ۾ سياسي جوڙجڪ تبديل ٿي وئي. صدر اسحاق ۽ وزيراعظم نواز پنهنجن عهدن کي ڇڏي ڏنو. ورلڊ بينڪ جو نمائندو معين قريشي سنڀاليندڙ وزيراعظم جو حلف کڻي ورتو. هن اعلان ڪيو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر تي ٿينديون ۽ صوبائي اسيمبلي جون چونڊون 9 آڪٽوبر تي ٿيڻيون آهن. [جنم ڏينهن:] 18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1927ع شهنشاهه غزل مهدي حسنجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد(جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽوکي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. 18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو.

Saturday, 16 July 2022

Sindh in history today (17th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (17th JULY) 17th July BIRTH DATES NawabGhulamHyderLaghari (Tajpur/Poet/ birth 17th July 1871), Prof. LalsingAjwani (Khairpur> India/Scholar/ birth 17th July 1899), TilokTulsyani (Darbelo>Ajmir/Journalist/ birth 17th July 1910), Jethanand ‘Betab’(Hyderabad > Hyderabad Dakan/Poet/ birth 17th July 1921), PiralKambar (Poet/ birth 17th July 1933), Yar Muhammad Jhangi (Dadu/Writer/ birth 17th July 1936), Sadhu Ram ‘Ajib’ (Sukkur> India/Poet/ birth 17th July 1936), EishwarBharthi (Tando Adam > Ahmadabad/Writer/ birth 17th July 1942), DEATH DATES Syed Ali Akbar Shah Janshahi (Saint/ date 17th July 1923), HasaramPamnani (Rohri/Freedom Fighter, Social Worker/ date 17th July 1940), Chhutal Khan ‘Miskeen’ (Poet/ date 17th July 1974), Shah Muhammad Noonhani (Kangoro/Poet/ date 17th July 1978), Fakir Muhammad Lashari (Warah/Journalist/ date 17th July 1993), EVENTS 1854: First ever Annual Report of the Karachi Municipality is made public. It reveals that last year the annual income of the Municipality was Rs.13514 and the Development works included digging of new Wells, Water supply to Bunder Road area, construction of a school building and purchase of a plot for Hospital etc (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1909: Harchandrai Vishindas, the president of Sindh Hindu Sabha sends telegram to the Viceroy of India protesting against demand of Sindh Muslims regarding representation in reformed Legislative Councils. He writes that the demand of Muslims is causing deep resentment among other communities. (Source: The Daily Gazette, Karachi) 1920: Munshi Allah Bux, Moulvi Muhammad Azim; Qazi Azizullah; Wadero Muhammad Amin and Haji Ghulam Muhammad Hakro , all belonging to Buthi village were suppose to appear in person before Deputy Collector of Ratodero for explaining their position regarding advocating Non-Co-Operation, but they remained absent on plea that they were not bound to obey orders of the Government that is anti-Islam and anti-people. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1928: The eminent leaders of Hindu and Muslim communities and other minorities of Sindh enter into a ‘Communal understading and Pact’ agreeing to the separation of Sindh from Bombay Presidency. (Source: The Daily Gazette,Karachi). 1932: The Prime Minister’s award regarding communal representation in Indian Provincial councils is announced simultaneously in England and India. It proposes separate electorate. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1934: A public meeting is held at village Hasul of taluka Kamber after Sun set. Moulvi Muhammad Ibrahim Buthvi and Moulvi Abdul Karim Buthvi advised people to vote for Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed Sindhi candidates for Bombay Legislative Council. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1948: KalatState National Party formed in 1930 is declared unlawful. (Source: Newspapers). 1955: Khan Abdul Ghafar Khan launches anti-One-Unit movement. (Source: ibid). 1976: 159 Jining factories, 35 Flour mills;675 Rice mills of Sindh are nationalized. (Source: Newspapers). 1993: President Ishaq and Prime Minister Nawaz Sharif agree to step down from their offices. (Source: ibid) سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(17 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا] 17.7.1854: ڪراچي ميونسپالٽئ جي سڀ کان پهرين سالياني رپورٽ پڌري ڪئي وئي. اها ظاهر ڪري ٿي ته گذريل سال ميونسپالٽئ جي سالياني آمدني 13514 روپيا هئي ۽ جيڪي ترقياتي ڪم ڪرايا ويا انھن ۾ نوان کوه جي کوٽائڻ ، بندر روڊ واري پاسي ڏانهن پاڻي جي فراهمي ، اسڪول جي عمارت جي تعمير ڪرڻ ۽ اسپتال لاءِ پلاٽ جي خريداري وغيره شامل آھن (ذريعا/مآخذ: ڊيلي گزٽ اخبار، ڪراچي). 17.7.1909: هرچندراء وشنداس ، سنڌ هندو سڀا جي صدر ، اڄ انڊيا جي وائسراء ڏانهن ٽيليگرام موڪلي ته سنڌي مسلمانن جي سڌاريل قانون ساز ڪائونسلن ۾ وڌيڪ نمائندگي گهرڻ سان ٻين برادرين جي وچ ۾ سخت ناراضگي جو سبب بڻجي رهيو آهي. ان ڪري انھن ڪائونسلن ۾ مسلمانن کي سندن مطالبي مطابق وڌيڪ سيٽون نه ڏنيون وڃن. (ذريعو: ڊيلي گزيٽ اخبار ، ڪراچي) 17.7.1920: لاڙڪاڻي ضلعي جي ڳوٺ بٺئ جي رهواسين, هر هڪ :منشي الله بخش ، مولوي محمد عظيم ؛ قاضي عزيز الله؛ وڏيرو محمد امين ۽ حاجي غلام محمد هڪڙي کي رتوديري جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي اڳيان پيش پئي صحائي ڏيڻي هئي ته عدم سهڪار وارئ تحريڪ ۾ ڇو حصو ورتو. مگر اهي ڏسي وائسي غير حاضر رهيا ۽ ان جواز ڏنائون ته اسلام مخالف ۽ عوام دشمن حڪومت جو حڪم نه مڃيو ويندو . (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1928: سنڌ جي تاريخ جو هڪ روشن ڏينھن آھي. اڄ هندو, مسلم برادرين ۽ سنڌ جي ٻين اقليتن جي نامور اڳواڻ بمبئي پريزيڊنسي کان سنڌ جي عليحدگي تي راضي ٿي هڪ ٺاه ڪيو (ذريعو: روزاني گزيٽ ، ڪراچي). 17.7.1932: "صوبائي ۽ مرڪزي ڪائونسلن ۾ اجتماعي/گڏيل نمائندگئ بدران مذھبي (Communal) بنيادن تي چونڊون ٿينديون"- برطانه جي وزير اعظم جو بيان انگلنڊ ۽ هندستان ۾ هڪ وقت جاري ڪيو ويو (ذريعو: Indian Annual Register,1932, Voll 2nd). 17.7.1934: سج لٿي کان پوءِ تعلقي قمبر جي ڳوٺ حاصل ۾ هڪ عوامي گڏجاڻي منعقد ٿي. مولوي محمد ابراهيم بٺوئ ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوي ماڻهن کي ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي چونڊن ۾ حاجي عبدالله هارون ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌي کي ووٽ ڏيڻ جي صلاح ڏني. (ذريعو: روزانه الوحيد ، ڪراچي). 17.7.1948: "قلات اسٽيٽ نيشنل پارٽي" جيڪا 1930 ۾ ٺاهي وئي هئي, اڄ ان کي سرڪار غيرقانوني قرار ڏنو. (ذريعو: اخبارون). 17.7.1976: سنڌ جي 159 جيننگ فيڪٽريز ، 35 فلور ملز ؛ 675 رائيس ملز کي سرڪار نئشنلائيزڊ ڪري پنھنجئ تحويل ۾ ورتو. (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن]: 17 جولاءِ 1871ع شاعر نواب غلام لغاري (تاجپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1910ع صحافي ۽ آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن تلوڪ تلسياڻي(ڪنڊيارو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1921ع شاعر ڄيٺانند بيتاب (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1933ع شاعر پيرل قمبرجو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع ليکڪ يار محمد جهانگي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1936ع شاعر ساڌورام عجيب (سکر) جو جنم ڏينهن آهي. 17 جولاءِ 1942ع شاعر ايشور ڀارتي (ٽنڊو آدم / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 17 جولاءِ 1816ع اسڪالر حافظ ابو محمد سالم جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1940ع آزادي تحريڪ جي اڳواڻ حسارام پمناڻي (روهڙي) جي وفات ٿي. 17 جولاءِ 1974ع شاعر ڇٽل خان مسڪين جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1978ع شاعر شاهه محمد نوحاڻي جو انتقال ٿيو. 17 جولاءِ 1993ع ناليواري صحافي فقير محمد لاشارئ جي روڊ حادثي ۾ وفات ٿي. 17 جولاءِ 2007ع اداڪار وفا ڀٽي جي وفات ٿي.

Friday, 15 July 2022

Sindh in history today (16th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (16th JULY) 16th July BIRTH DATES LaxmandasArya( Sahita>Ajmir/AryaSamaji Activist/ birth 16th July 1909), Veena Wadhvani (Hyderabad >Mumbai/Singer/ birth 16th July 1932), Rahim Bux ‘Roshan’ (Poet/ birth 16th July 1941), Veena Shrigi (Shahdadkot> New Delhi/Poetess, writer & Radio Announcer/ birth 16th July 1948), Hafiz Habib Sindhi (Writer/ birth 16th July 1957) DEATH DATES Ali Khan Abro (Sangi/Scholar/ date 16th July 1954), Veromal Begraj (Sukkur/Freedom Fighter & Journalist/ date 16th July 1956), Ali Muhammad ‘Saqi” (Poet/ date 16th July 1980), Dr.Allahdad Bohio (Scholar/ date 16th July 1994), Masoom Sanghrai (Poet/ date 16th July 2004) EVENTS 1857: The Commissioner Sindh asks Superintending Surgeon in Sindh to examine the place named ‘Lakhan’ on western side of ‘Hubb’ River about 60 miles from Karachi and report it fitness as a sanitarium. This may kindly be noted that Dr.Hunter submitted his report that the hill did not possess any of requisites to render it for a sanitarium. (Source: Letter No. 1115 from the Commissioner). 1901: Under section 7 of the Bombay Revenue Code, Notification is issued for creation of the Larkano District. It is signed by J.V.P. Muir Mackenzie, Chief Secretary to the Government of Bombay. (Source: Bombay Government’s Notification Number 4942 & 4942 A). 1919: The event of victory by Allies makes so many people in India. Pandit Panchandas Shiwala of Larkano and Personal Landlord of Shahdadpur share their happiness with the Government and send message of congratulation to the Government of Bombay. (Source: The Sindh Offical Gazette). 1921: The Hyderabad District Congress Committee invites applications from deserving students of the District for three scholarship of Rs.15/ each for getting education in AligarahUniversity and Gujrat Vidya Pith. (Source: ‘Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1943: ‘Trade Day’ is observed by Sindh on the call of Sindh Muslim League. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute). 1946: Sindh Minister for PWD, Muhammad Ayub Khuhro delivers his lecture on the topic of ‘Sindh Ploitics’ in D.J.Sindh college. The program is chaired by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, ex-Finance Minster of Sindh. (Source: Newspapers). پنهنجو ڪر پاڻ کي, ڀلي منھنجو نه ٿئ; سرت جي ستي پئ, هٿ ڪڍ آپي انا مان. ******* پاڻ سڃاڻو, سنڌ سڃاڻو ۽ پنھنجو ماضي سڃاڻو. ******** "سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(16 جولاءِ)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 16.7.1840 فرنگين بلاشڪ ٺڳئ ۽ فريب سان سنڌ تي قبضو ڪيو, پر ان لاء ھن گڏهن کان وڌيڪ محنت ڪئي, پنهنجو رت ولولڙو ۽ اڻ-ٿيڻيون ڳالهيون ڪري ڏيکاريون. سنڌ تي 1843 تي قبضو ڪيائون. هئ 1840 جو سال آھي ۽ ان ۾ سنڌ جي واٽن,رستن ۽ حدن جي سروي جو ڪم ڪيائون. اهو ڪم ڪئپٽن جي عهدي واري لي ميزيورئر ڪيو. 16.7.1901: بمبئي روينيو ڪوڊ جي سيڪشن 7 تحت ، اڄ لاڙڪاڻي ضلعي ٺاهڻ لاءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو. (ذريعو: ممبئي حڪومت جو نوٽيفڪيشن نمبر 4942 & A 4942 ). ياد رهي ته انگريزن پھريون ڪراچي,حيدرآباد ۽ شڪارپور ڪليڪٽوريٽ بڻايا ۽ ان وقت لاڙڪاڻو شڪارپور ڪليڪٽوريٽ ۾ ھو. پوء سکر ضلعو ٺھيو ته لاڙڪاڻو ان ۾ شامل ڪيو ويو. اڄ 1901 تي لاڙڪاڻي جي نالي سان نئون ضلعو قائم ٿيو, جنهن ۾ دادو به شامل هو. 16.7.1919: پهرين مهاڀاري جنگ ۾ ترڪي کي شڪست آئي ۽ برطانيه ۽ ان جي اتحادين کي فتح ملي. انھئ فتح تي وڌيڪ خوشي سرڪار پرست چاپلوسڙين کي ٿي, جن سرڪار کي مبارڪن ڏيڻ جو اڻ-کٽ سلسلو شروع ڪري ڏنو. سنڌ جا هندو توڙي مسلمان هڪ ٻئي کان گوء کٽڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويا. اڄ لاڙڪاڻي جي پنڊت پنچنداس شوالا ۽ شھدادپور جي زميندار پيرومل تارون موڪلي فتح تي سرڪار کي مبارڪون ڏنيون. جنهن جنهن سرڪار کي مبارڪون ڏنيون, انھن جا نالا گل حيات ۾ موجود آھن. (ذريعو: دي سنڌ آفيشيل گزيٽ). 16.7.1921: اڳي سياسي پارٽيون سنڌ جي تعليمي ترقئ لاء ايئن پاڻ پتوڙيديون هيون ته مستحق غريب شاگردن کي اسڪالرشپس ڏينديون هيون. اڄ حيدرآباد ضلعي ڪانگريس ڪميٽي عليڳڙه يونيورسٽي ۽ گجرات وديا پٿ ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جي خواهش رکندڙ شاگردن کان درخواستون گهرايون ته جيئن لائق شاگردن کي 15 روپيا در ماه اسڪالرشپ ڏجي (ذريعو/مآخذ: Source-Material on Sindh Congress, Compiled by Gul Hayat Institute). 16.7.1943: سنڌ مسلم ليگ جي سڏ تي سنڌ ۾ مان ’ ڏيهي واپار/تجارت جو ڏينهن‘ ملهايو ويو. (ذريعو/مآخذ: Source-Material on Sindh Muslim League,Compiled by Gul Hayat). 16.7.1946: تعليمي ادارن ۾ سياست تي ڳالهائڻ کي اسان جي وڏڙن غلط نه ڄاتو. اڄ پي ڊبليو ڊي سنڌ جي وزير محمد ايوب کهڙي ڊي جي سنڌ ڪاليج ڪراچئ ۾ ‘سنڌ پلاٽڪس’ جي موضوع تي پنهنجو ليڪچر ڏنو. پروگرام جي صدارت شيخ عبدالمجيد سنڌي ، سنڌ جي سابق فائنانس منسٽر ڪئي. (ذريعو: اخبارون). [جنم ڏينهن]: 16 جولاءِ 1909ع سياسي ورڪر لڇمڻداس آريا. 16 جولاءِ 1932ع گلوڪاره وينا واڌواڻي (حيدرآباد). 16 جولاءِ 1941ع شاعر رحيم بخش روشن . 16 جولاءِ 1957ع ليکڪ حافظ حفيظ سنڌي. 16 جولاءِ 1965ع شاعر بشير بيوس اوٺو(مٺي) [وڇوڙو:] 16 جولاءِ 1954ع اسڪالر علامه علي خان ابڙو(سانگي). 16 جولاءِ 1956ع صحافي ۽ آزادي جي تحريڪ جي ورڪر ويرومل بيگراج . 16 جولاءِ 1980ع شاعر علي محمد ساقي. 16 جولاءِ 1994ع اسڪالر، اديب، شاعر ۽ ماهر لسانيات ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو. 16 جولاءِ 2000ع سنڌ صوبي جو اڳوڻي گورنر اشرف ڊبليو تابانيجي. 16 جولاءِ 2004ع شاعر معصوم سانگهڙائي

Sindh in history today (15th July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (15th JULY) 15th July BIRTH DATES Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (Dengan/Freedom Fighter/ birth 15th July 1887), Narayan Shyam (KhaiRahu>India/Poet/ birth 15th July 1922), Ali Nawaz Soomro (Wagan/Journalist/ birth 15th July 1934), Fakir HadiBuxAbro (Shikarpur/Journalist/ birth 15th July 1942), MueshisGilani (Ghotki/Poet, Journalist & Political Activist/ birth 15th July 1942), AltafAbbasi (Writer/ birth 15th July 1942), Srichand ‘Jani’ (Sindh > Ahmadabad/Poet & Singer/ birth 15th July 1945), Saewar Nawaz Bughio (DhaniBux/Poet & Political Activist/ birth 15th July 1948), BakhshalShahani (Moondar/Poet/ birth 15th July 1951), Sajan Sindhi (Dokri/Singer & Political Activist/ birth 15th July 1952), Inam Azad Larik (Panjodero/Poet/ birth 15th July 1953), AmanRahi (Larkano/Poet/ birth 15th July 1955), Ashraf ZamanPirchandami (Writer/ birth 15th July 1962), NisarShaheen (Pathan/Writer& / birth 15th July 1963), Zulfiqar ‘Niaz’ Panhwar (ShadiPali/Poet & Journalist/ birth 15th July 1965), Suhail Pirzado (Writer/ birth 15th July 1971), Raz Shahani (Johi/Journalist/ birth 15th July 1976), Hameed Soomro (Karachi/Journalist/ birth 15th July 1977), Abid Sehwai (Sehwan/Writer/ birth 15th July 1978), DEATH DATES Moulvi Dr.Umar (Religious Scholar/ date 15th July 1968), EVENTS 1921: The Karachi Congress Committee appeals to the Business community of Sindh not to import more foreign-made cloth. (Source: “Source-Material on Sindh Congress’, compiled by Gul Hayat Institute). 1924: Delhi, Nagpur and other cities of India witnesses Hindu-Muslim riots on the eve of Bari Eid. Muslims are blamed for slaughtering Cows. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1940: In the Punjab Legislative Assembly, the first secret Session in the history of Indian Legislatures commenced when the Assembly by 91 to 48 accepted the motion of Sir Sikandar Hayat Khan , Premier that proceedings of the day be held in camera. (Source: The Indian Annual Register, Vol-!1, 1940). 1947: Indian Independence Bill is passed by the House of Lords.(Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1947), 1950: Jamait-i-Islami opts fpr politics.Moulana Moodudi announces 14-point Manifesto of the Party that is going to contest polls. (Source: ‘Source-Material on Jamait-I Islami’, compiled by Gul Hayat Institute). 1957: Dr.Khan Sahib resigns as the Chief Minister of the West Pakistan (Source: Newspapers). 1963: U.S.A has started supporting separationists in East Pakistan,. Reports are appearing in the press. (Source: Newspapers). 1969: Makhdoom Muhammad Zaman Talib-ul-Moula joins PPP. (Source: Newspapers). 1971: Pakistan has played a praise-worthy role in bringing U.S.A and China near to each other, says U.S President Nixon. (Source: ibid). سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(15 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق" [ ڪي واقعا ] 15.7.1839 منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن پنهنجئ مرضئ وارو معاهدو ميرن تي مڙھڻ گهريو. مير ان ۾ ڪنهن تڪڙ ڪرڻ کان لهرائي رهيا هئا. پر انھئ ڪم تي رکيل ليفٽيننٽ ليڪي Leckie سنڌ جي ريزيڊنٽ کي خط ذريعي ٻڌائي ٿو ته مير صوبدار خان سڀ کان پهريون نئين معاهدي کي مڃيو ۽ دستاويز تي دستخط ڪيائين. باقي مير هن تي ڏمريا ته ضرور پر هنن لاء ٻيو چارو ئي نه بچيو ته هو معاهدي مڃن. ڌيان طلب ڳالھ اها آھي جڏهن سنڌواسين اجتماعي هم خيالي, ايڪي ۽ اتحاد کي ڇڏيو ته ڌارين کي من ماني ڪرڻ جو موقعو مليو. 15.7.1843 سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان اڳ فوج,فوجي سامان ۽ تجارتي شين کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ تائين پهچاهڻ لاء فرنگين سنڌو ندئ جي آبي آمد رفت مان به ڪم ورتو ۽ اٺ به ڪم آندا. نيپئر جڏهن سنڌ جو گورنر ٿيو ته هن Camel Crops اٺن وارا فوجي دستا ٺاهڻ چاهيا ۽ پنهنجئ وڏئ سرڪار کان منظوري گهري, جيڪا کيس اڄ ڏني وئي. 15.7.1921 ڪراچي ڪانگريس ڪميٽئ سنڌ جي ڪاروباري برادري کي اپيل ڪئي ته غير ملڪي ڪپڙو درآمد نه ڪيو. پارٽئ جو اهو فيصلو هڪ طرف ڏيهي صنعت کي ترقي ڏيڻ لاء ھو ته ٻئي طرف حڪومت سان عدم تعاون تحريڪ جي ڪڙي هو (مآخذ Source Material on Sindh Congress, compiled by Gul Hayat Institute). 15.7.1923 جميعت العلماء سنڌ جي ايگزيڪيوٽو ڪميٽئ جي مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ سکر ۾ گڏجاڻي ٿي. هن گڏجاڻئ ۾ عوام ۾ سياسي شعور پيدا ڪرڻ لاء تبليغ ڪرڻ واري ڪم بابت ويچاريو ويو. 15.7.1924 هندو-مسلم فسادن کي سنڌ ايترا وڏي پئماني تي نه ٿيا, جيترا سنڌ کان ٻاهر ٿيا. ان مان هئ ڳالھ ظاهر ٿئي ٿي ته مسلمانن ٻين هندن تي نه ته پاڻ سڪون سان رهيا, نه ٻين کي سڪون سان هلڻ ڏنائون. ٻاڪري عيد جي موقعي تي دهلئ, ناگپور ۽ هندستان جا ٻين شهرن هندو مسلم فسادن ٿيا. (مآخذ: Indian Annual Register, Vol:2nd.1924). 15.7.1944 ورهاڱي کان اڳ سنڌ ۾ جيڪي ادبي تنظيمون وڌيڪ فعال رهيون, "سنڌو ساهت منڊل" انھن مان هڪ هو. هئ تنظيم "سنڌو" رسالي جي انتظاميه ۽ هم خيال اديبن جي ڪوششن سان قائم ٿي هئي. اڄ ھن منڊل طرفان ڪاراچئ ۾ ليڪچر پروگرام ٿيو, جنھن ۾ ديوان سوڀراج نرملداس فانئ سنڌي شاعرئ بابت ليڪچر ڏنو. [جنم ڏينهن]: 15 جولاءِ 1878ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ غلام محمد ڀرڳڙي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1929ع سياستدان ڄام ڪرم الدين جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1934ع صحافي علينواز سومرو (وڳڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر مرشد گيلاني (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع صحافي هادي بخش ابڙو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1942ع شاعر الطاف عباسي(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ گلوڪار سريچند جاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1948ع شاعر سرور نواز ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1951ع ليکڪ بخشل شاهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1952ع راڳي سڄڻ سنڌي(ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1953ع شاعر انعام آزاد لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1955ع شاعر امان راهي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1956ع ريڊيو پروڊيوسر آغا محمد عليجو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1962ع ليکڪ اشرف زمان جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع شاعر ۽ صحافي نياز پهنور (شادي پلي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1963ع ليکڪ نثار شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1971ع صحافي سهيل پيرزادو (ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1976ع شاعر راز شاهاڻي (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1977ع صحافي حميد سومرو (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 15 جولاءِ 1978ع ليکڪ عابد سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي.

Thursday, 14 July 2022

Sindh in history today (14t July). By. Dr.Pathan

SINDH IN HISTORY TODAY (14th JULY) 14th July BIRTH DATES Gobindram Bakhro (Writer/ birth 14th July 1914), Abdullah ‘Asar’ (BeroChandio/Poet/ birth 14th July 1920), ParmAbechandani (Khairpur> New Delhi/Writer/ birth 14th July 1926), Syed Madad Ali Shah ‘Manzar’ (Poet/ birth 14th July 1942), Asghar Khaskhili (Bhirya/Poet/ birth 14th July 1937), Syed Zafar Hussain (Hyderabad/Professor & writer/ birth 14th July 1937), Mahtab Mahboob (Karachi/Writer/ birth 14th July 1945), Ahmad Ali Chandio ‘Sabir’ (Shahdadkot/Poet & Artist/ birth 14th July 1952), Mir Inayat Ali Talpur (Tando Muhammad Khan/Politician/ birth 14th July 1952), Muzafar Hussain ‘Tayab’ (Hala/Poet/ birth 14th July 1957), Muhabati Manzoor Zardari (Jam Zardari/Poet/ birth 14th July 1961), Shah Khalid Bukhari (BukhariBerri/Poet/ birth 14th July 1979), Imam Bux ‘Aajiz’ Jamali (Shahbeg Jamali/Poet/ birth 14th July 1984), DEATH DATES Moulvi Muhammad Hashim Ansari (Phulji/Religious Scholar/ date 14th July 1962). EVENTS 1909: Brahamu Samaj Mandil celebrates Sadhu Hiranand Memorial Day at Khalikdina Hall. Seth Harchandrai is in chair. Prof. S.C.Shahani and Prof.T.L.Wasvani pay homage to the founder of Brahma Samaj, Social reformer, founder of N.H. Academy of Hyderabad- Sadhu Hiranand. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1920: The Daily Al-Wahid, Karachi carries the report about departure of Special Train booked by Jan Muhammad Junijo and other for Sindhi migrants. It is told that more than 50000 people were present at Larkana Railway station on this occasion. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1924: Chaudhri Lal, minister of Punjab is unseated for procuring votes by false personation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1924). 1930: In a meeting of Hindus and Muslims of Kambar taluka, Non-Cooperation Movement launched by Khilafat & Congress is condemned at length and it is resoled to ask Government to take proper steps for separating Sindh from Bombay Presidency. Mukhi Gobindram- the Mukhi of 74 Hindu Panchayats takes active part. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1940: The important meeting of the Working Committee of the Sindh Muslim League held at Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair resolve to hold Sindh Provincial Muslim League Conference at Larkana and Sir Sikandar Hayat, Premier of Punjab be requested to preside. (Source: ‘Source-Material on Sindh Muslim League’, compiled by Gul Hayat Institute) 1942: The All-India Congress Committee passes ‘Quit-India Resolution’. 1945: The official announcement of the failure of the leaders conference is made by Lord Wavell when the conference resumed its sitting at Simla for the last time.”On final examination and analysis of the Wavell Plan we found that it was a snare. There was the contribution of Gandhi Hindu Congress, who stand for Indian’s Hindu National independence as one India”, says M.A.Jinnah. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1945). 1955: Muslim League adopts resolution ‘One-Unit’ resolution. (Source: Newspapers). 1972: Larkano witnesses ugly language riots. Curfew is imposed. (Source: ibid) 1977: Civil war had knocked doors of our society , my action was timely and it will pave way for restoration of peace in the country, says Zia in its first Press Conference. (Source: Newspapers). " سنڌ جي ڪمال ۽ زوال جي واقعاتي تاريخ-(14 جولاء)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 14.7.1909 ساڌو هيرانند ۽ سندس خاندان "برهمو سماج" کي سنڌ ۾ منظم ڪيو. ڪراچئ ۾ "برهمو سماج منڊل" نالي تنظيم انھئ اثر هيٺ قائم ٿي. انھئ منڊل طرفان اڄ سيٺ ھرچند وشنداس جي صدارت ۾ خالقڏني هال ۾ ساڌو هيرانند جو ڏينھن ملهايو ويو. پروفيسر شھاڻئ ۽ ٽي.ايل. واسواڻئ ساڌو هيرانند جي سماجي, صحافتي ۽ مذھبي خدمتن تي روشني وڌي. 14.7.1920 تاريخ جا ورق ٻڌائن ٿا ته ڪيترن سنڌي ماڻھن "جتي پڄي نه سگهجي,اتي ڀڄڻ ڪم وريامن جو" جي غلط منطق تي عمل ڪري, سنڌ ۽ سنڌي قوم سان بي انصافي پئي ڪئي آھي. انھن مڙس ٿي حالتن کي منھن نه ڏنو. عرب آيا ته ڪيترن هندن ملڪ ڇڏيو. ارغون ۽ ترخان آيا ته ڪيترا سنڌي لڏي ويا. انگريزن سان اسان جا خلافتي وڏڙا ڪاوڙيا ته انھن افغانستان هجرت ڪئي. اهو هڪ غلط سياسي فيصلو هو, جن نه فقط ڪيترا خاندان تباه ڪرايا, پر سياسي مقصدن لاء لڏ پلاڻ ڪرڻ جي روايت قائم ٿي. رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جي قيادت مان هجرت ڪندڙن جي پهرين اسپيشل ٽرين لاڙڪاڻي مان نڪتي ته پنجاه هزار ماڻھن کين الوداع ڪيو. انھئ واقعي جا تفصيل اڄ "الوحيد“ اخبار ۾ شايع ٿيا. 14.7.1921 قمبر ۾ ھندن توڙي مسلمانن جي گڏيل گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ خلافت ۽ ڪانگريس طرفان حڪومت خلاف هلندڙ تحريڪن جي مذمت ڪئي وئي ۽ سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي الڳ صوبي بنائڻ لاء تحرڪ وٺي. هن موقعي تي امن سڀا قائم ڪئي وئي, جنهن لاء رئيس قائم خان شيخ کي صدر ۽ مکي گوبندرام کي نائب صدر چونڊيو ويو. 14.7.1940 حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ ڪراچئ ۾ سنڌ مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪميٽئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته عنقريب لاڙڪاڻي ۾ صوبائي مسلم ليگ ڪانفرنس ڪوٺرائي ويندي, جنھن جي صدارت پنجاب جي وڏي وزير سر سڪندر حيات کان ڪرائبي. 14.7.1940 "الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ مسجد منزل گاه انڪواري ڪورٽ جي ڪاروائي ڇپي. ان مطابق علي محمد شاه راشدئ ان ۾ ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته خانبهادر الله بخش سومري پاڻ اهڙي سياست کيڏي, جنهن جي نتيجي ۾ مسجد منزل گاه وارا فساد ٿيا. هن طرف وري مسٽر لولا اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته مسلم ليگ جي سياست ۽ ذھنيت ئي فسادن جو ڪارڻ ھئي. مسلم ليگ کي فقط سومري جي وڏ-وزارت/حڪومت کي ڊاهڻو هو,انھئ معمولي ڪم لاء ھنن غير معمولي فساد ڪرايا. 14.7.1942 آل انڊيا ڪانگريس "هندستان ڇڏيو" تحريڪ بابت ٺھراء پاس ڪيو. سنڌ هن تحريڪ ھلڻ کان پوء پنهنجو مثالي ڪردار ادا ڪيو ۽ نتيجي ۾ ڪيترا سنڌي ڪانگريسي جيلن ۾ ويا.هن موضوع تي گل حيات ۾ معياري ۽ مقداري مواد موجود آھي. 14.7.1950 لڳ ڀڳ هزار پناهگيرن وزير اعظم لياقت علي خان جو گهر اڳيان اچي دانھون ڪوڪون ڪيون ته هو اميدن ۽ آسرن تي هتي اچي پهتا آھن, سندن واهر ڪريو. 14.7.1955 مسلم ليگ "ون-يونٽ“ جي حق ۾ ٺھراء پاس ڪيو. 14.7.1972 لساني فسادن لاڙڪاڻي کي پنهنجئ لپيٽ ۾ ورتو. ڪراچئ ۾ اتر ڪراچي ان آگ ۾ جلندي رهي. ڀٽي اڄ پراڻن ۽ نون سنڌين وچ ۾ ٿيل ٺاھ جا تفصيل اعلان ڪيا. 14.7.1977 ضياء الحق پهرين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته گهرو لڙائي ملڪ ۾ در کڙڪائڻ تي هئي ۽ مون مارشل لا لڳائي وقت تي انھئ جو رستو روڪيو آھي. 14.7.2003 سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالحق صديقئ جي صدارت هيٺ نسيم کرل جي ورسي ملهائي وئي. هن موقعي تي حميد سنڌئ, غلام نبي مغل, تاج بلوچ وغيره نسيم کرل جي زندگئ ۽ ادبي خدمتن تي روشني وڌي. [جنم ڏينهن]: 14 جولاءِ 1907ع ليکڪ غلام اصغر ونڊير جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1919ع سماج سڌارڪ ۽ قانوندان آخوند الهه بچايو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1914ع ليکڪ گوبندرام جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1920ع شاعر عبدالله اثر (ٻيڙو چانڊيو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1926ع ليکڪ پرم اڀيچنداڻي (خيرپور / دهلي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع ليکڪ سيد ظفر حسن (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1937ع شاعر اصغر خاصخيلي (ڀريا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1942ع شاعر مدد علي شاهه منظر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1945ع ليکڪا مهتاب محبوب جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع شاعر احمد علي صابر چانڊيو (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1952ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1957ع شاعر مظفر حسين طيب (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1961ع شاعر محبتي منظور زرداري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1979ع شاعر شاهه خالد بکري جو جنم ڏينهن آهي. 14 جولاءِ 1984ع شاعر امام بخش عاجز جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو]: 14 جولاءِ 1962ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هاشم انصاري (ڦلجي اسٽيشن) جو لاڏاڻو ٿيو. 14 جولاءِ 1975ع برصغير جو مشهور موسيقار مدن موهن ديهانت ڪري ويو. 14 جولاءِ 1978ع سنڌي ادب جي مشهور ڪهاڻيڪار نسيم کرل(خيرپور) کي قتل ڪيو ويو. 14 جولاءِ 2005ع سياستدان ۽ ڪلاسيڪل وڏيري شاهنواز جوڻيجي جو انتقال ٿيو۔