Saturday, 28 May 2022

Sindh in History( May 29, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (29th MAY) 29th May BIRTH DATES 1. Lokram Sharma (Journalist & Freedom Fighter/ birth 29th May 1890. It is amazing to note that his birth and death dates are same) 2. Ghulam Ali 'Mithal' Channo (Chak/Poet/ birth 29th May 1944). 29th May DEATH DATES 1. Mir Noor Ali Shah Rizvi (death 29th May 1785), 2. Lokram Sharma (death 29th May 1933), 3. Makhdoom Abu Bakar Mahesar (Rahro/Religious Scholar/ death 29th May 1938 ) 4. Mir Haji Muhammad Bux Talpur (Mir Sher Muhammad/Writer/ death 29th May 1985). Sindh in History Today (29th May). [Chronological history of Sindh covering two hundred years and three ruling periods] Research & Video Talk by Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat Institute29th May EVENTS Part1 1843: The Governor of Sindh informs the Govt. of India that a servant of Mir Sher Muhammad has been executed for murdering a man. Perhaps this is the first ever execution taking place in Sindh. 1857:Mir Amir Bux son of Mir Faiz Muhammad Talpur is offered Govt. service as requested by him. 1927: The Resolution adopted by the All - India Congress is discussed in the meeting of the Sindh Provincial Hindu Sabhaheld at Hyderabad. It was also decided to launch public awareness movement in favour of anti -separation. 1930: In the meeting of Sindhi Muslim politicians held in Karachi with Sir Shahnawaz Khan Bhutto, it is resolved to hold Sindh Azad Conferences in District Head Quarters so the case and cause of the s[...] Part2 1950: Crack down on farmers starts in Multan. So many are arrested to give them tough time for conflicting their Landlords. 1952: Hassan Mahmood forms first ever Muslim League Ministry in Bahawalpur State. Sardar Muhammad Ajmal Laghari and Rao Hafiz -u- Rahman are taken as ministers. 1962: Begam G.Allana and other six ladies are elected as National Assembly members. 1963: Pakistan and Afghanistan agree to re- establish diplomatic relations. 1973: National Assembly disapproves demand for trial of the Ex - President Gen. Yahya Khan. 1979: Begam Nusrat Bhuttoand Benazir Bhutto is released 1988: President Gen. Zia dissolves National Assembly and removes Junijo cabinet. Prime Minister Junijo was on foreign visits. He found everything changed as he landed at Islamabad! چوندا آھن ته اڳي پکي پکڻ, جھنگ جا جناور, وڻ ٽڻ مطلب ته ڪائنات جو ذرو ذرو ڳالهائيندو هو ۽ انسان ٻڌندا هئا. اهي اڄ به ڳالهائن ٿا, پر انسانن شيهو پرٽي پنهنجا ڪن بند ڪري ڇڏيا آھن. ان ڪري انھن مان ڪيترا ڌرتئ جي دانھن به نه ٿا ٻڌن ۽ ڌرتئ جي تاريخ به نه ٿا ٻڌن. پر, اوهان ته سپورنج ۽ ساڃھ-وند آھيو. ٻڌو ته تاريخ اوهان سان ڇا ٿي ڳالهائي. هنن واقعن جي لفظن کي ٻڌو, انھن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي غور ڪريو. ان لاء منهنجو اڄوڪو وڊيو ٽاڪ ٻڌو, جنھن ۾ ٻڌڻ لائق ٻيو به گهڻو ڪجھ آھي. ڪن دوستن يوٽيوب تي سبسڪرائيب نه ڪرڻ جو ڄڻ فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. ڀلي مون سان نفرت ڪريو, پر سنڌ جي تاريخ سان نفرت ته نه ڪريو. اصولن ۽ قدرن سان عشق ڪريو, شخصيت پرستئ کان پاڻ ۽ ٻيا بچايو. ************** توجه طلب واقعا *************** 29.5.1843: اڄ سنڌ جي فرنگي گورنر پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌايو ته هن مير شير محمد جي هڪ نوڪر کي قتل ڪرڻ جي ڏوه ۾ ڦاهئ جي سزا ڏني آھي. ڪيپٽن هينڊ کي قتل ڪرڻ تي به هن کان اڳ سنڌين کي موت جي سزا ملي هئي. پر هئ مير شير محمد جي نوڪر واري سزا پهريون غير سياسي ۽ نج انتظامي قدم هو. 29.5.1855: شاهبندر تعلقي جي ڪهڙن چانگن, جمالين, نظاماڻين ۽ نوحاڻين کي جاگيرون ملڻ گهرجن, ان بابت جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر اڄ تفصيلي رپورٽ ٺاهي ڪمشنر ڏي ڏياري موڪلي. 29.5.1927: حيدرآباد ۾ ”سنڌ پراونشل هندو سڀا" جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ بابت ڪانگريس جي پاليسئ تي بحث ڪيو ويو ۽ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي علحدگئ واري تحريڪ جي هر محاذ تان مخالفت ڪبي. 29.5.1930: ڪراچئ ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت هيٺ مسلمان سياستدانن جي غير رسمي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ واري بيداري آڻڻ لاء ”سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ڪرايون وڃن. 29.5.1973: نئشنل اسيمبلئ ڪن سياستدان جي اها گهر رد ڪئي ته اڳوڻي صدر جنرل يحيا خان تي ڪيس هلايو وڃي. 29.5.1979: نصرت ڀٽو ۽ سندس نياڻئ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو. 29.5.1988: جنرل ضياء الحق اڄ قومي اسيمبلئ کي ٽوڙيو ۽ محمد خان جوڻيجي جي حڪومت به ٽوڙي ڇڏي. *************** {29 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي. [سندس ولادت ۽ وفات جي تاريخ ساڳي آھي ۽ سال ٻيا آھن] 29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغارئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 29 مئي 1970ع ليکڪا، شاعره ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو(شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو. 29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئرجو انتقال ٿيو. 29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما ديهانت ڪري ويو. 29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلانئ جو لاڏاڻو ٿيو. 29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو.

Friday, 27 May 2022

Sindh in History( May 28, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (28th MAY) 28th May BIRTH DATES 1. Muhammad BuxJohar (Hyderabad/Journalist & Writer for Child Literature/ birth 28th May 1918), 2. Qimat Kamal (Larkano> Thana/Poet/ birth 28th May 1926), 3. Allahyar ‘Ulfat’ (Sahibdino/Poet/ birth 28th May 1953), 4. NaranjanAsrani (Mumbai/Artist/ birth 28th May 1955), 5. Dr.Zulfiqar Siyal(Faridabad/Poet & Scholar/ birth 28th May 1957) 28th May DEATH DATES 1. Moulana Ghulam Siddiq Shahdadkoti (Religious Scholar/ death 28th May 1905), 2. Khanchand Partabrai (Hyderabad/Freedom Fighter/ death 28th May 1924), 3. Muhammad Alam Shah ‘Alam’ (Poet/ death 28th May 1955), 4. Haji Khan Muhammad Abbasi (Valid/Social worker/ death 28th May 1962), 5. Elsa Kazi (Poetess/1967), 6. Mir Sikandar Khoso (Politician/ death 28th May 1975) 28th May EVENTS 1917: The Citizens’ Association of Hyderabad elects its office-bearers, and they are Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (President), Mukhi Jethanand (Vice President), Gopaldas Jhamatmal (Hon.Secretary),Sarnanad (Join Secretary), Dharamdas Belaram (Treasurer). 1921: A public meeting is held by Non-Co-Operators at Sukkur. Moulana Taj Mahmood Amroti and Veromal Begraj are the important speakers of the event.The meeting is arranged in the Wara/building of Bhai Nanumal, because Anti-Non-Cooperators were determined to disturb the meeting if it is held in any open ground. 1931: Moulvi Sir Muhammad Yaqub contacts Sindhi leaders to organize Muslim League in Sindh. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, who was the Secretary of the Sindh Muhammadan Association accepts his appeal and starts work on the agenda. 1944: Bazim Mushira of Larkano arranges Poetic Sitting with Ghous Bux in Chair. 1948: The crisis of power-politics ends in Punjab with resignation of Mian Mumtaz Doultana and Shoukat Hayat. 1950: Moulana Moudoodi, who was arrested for making objectionable speech on Kashmir, is released. 1953: Malik Sikandar Khan, Pir Ghulam Rasool Shah, Shafqat Hussain Shah, Mir Ahmad Khan Talpur are appointed Parliamentary Secretaries by Chief Minister, Pirzada Abdul Sattar. 1955: Election for the Constituent Assembly will be held on 21st of June. Province-wise seats are allocated. Punjab 21 (20 Muslims + 01 Non-Muslim), East Pakistan (40 (31 Muslims+ 09 Non-Muslims), Sindh 05 (04 Muslims+ 01 Non-Muslim), NWFP 04, Karachi, Khairpur and Balochistan 01 for each. 1957: Five thousand acres of land in Ghulam Muhammad Barrage is on the disposal of the Government for distribution. 1963: U.S.A is taking interest to help Pakistan in construction of Tarbila Dam. 1964: Z.A.Bhutto attends the funeral ceremony of Indian Prime Minister Pandit Jawahrlal Nehru. Though , he attended so many such type of funeral ceremonies, but nobody attended his funeral ceremony, even Wife Nusrat Bhutto and daughter Benazir Bhutto. Sindh in History Today (28th May). Research & Video Talk by Dr.Pathan. صدين کان پنهنجي سورن جا مذڪور بدليا ناهن. تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان هڪ ٻئي کي سمجهي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنداسين. تاريخ-فهمي به سوچن ۽ لوچن ۾ سگھ پيدا ڪندي ٻوڙي ٻڌي آچار ڪرڻ جي صلاح ڏيندي آهي. ان ڪري دوستن کي هي وڊيو ٽاڪ ٻڌڻ گهرجي ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ گهرجي. اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ ڪجھ ڌيان-طلب واقعن جو ذڪر آھي. گل حيات جي ميڙئ چونڊئ ۽ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل موجود آھن. جن واقعن تي ويڊيو ٽالڪ ۾ مون انھن جي پس منظر ۽ پيش منظر تي تفصيل سان ڳالهايو آھي, انھن مان ڪجھ واقعا ھي آھن: :28.5.1848: ميرن سنڌ کي خانداني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو. پوء به شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن جا حصا هوندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر ضروري ڄاتو ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ مير علي مراد خان سان بائونڊرئ بابت ڳالهيون ڪجن. اڄ ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ لکپڙھ ٿي. 28.5.1849: جيڪب آباد ۾ ميجر جيڪب کي بااختيار بڻايو ويو ته جيئن هو شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي جابلو قبيلن جي حملن کان بچائي سگهي. جيڪب ان سلسلي ۾ جامع منصوبه بندي ڪئي ته جابلو حمله آور (مري, کيتران, بگٽي, جکراڻي ۽ ڊومڪي وغيره) قبيلن جي ڏنگن فردن تي سختي ڪجي ۽ انھن جي باقي ماڻھن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري ڪجي. سندس اها حڪمت عملي اڄ ڪمشنر مٿيئن سرڪار کي ڏياري موڪلي. 28.5.1917: حيدرآباد جي سماجي ۽ شھري تنظيم "سٽي ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" جي چونڊن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), مکي ڄيٺانند (نائب صدر), گوپالداس جهمٽمل (سيڪريٽري), سرنانند (جوائنٽ سيڪريٽري), ۽ ڌرمداس ٻيلارام (خزانچي) چونڊيا ويا. هن تنظيم جي ڪارڪدگئ ۽ باقي تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. تنظيم هندو-مسلم اتحاد جو مثال هئي. 28.5.1917: "ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽئ" جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سابق شاگردن مان: ريجهومل آڏواڻئ ۽ پروفيسر ٽي.ڪي.شاهاڻئ کي ۽ موجوده شاگردن مان: منگهارام ملڪاڻئ کي سوسائٽئ تي رکيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو " فيروز دل افروز"ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. اڳي تعليمي ادارا اهڙيون مثبت سرگرميون ڪندا هئا. 28.5.1921: سنڌ ۾ 1923 جي اڌ تائين هندو توڙي مسلمانن هٿ هٿ ۾ ڏئي ڪلهو ڪلهي سان ملائي گڏجي سياست ڪئي. سياست ۾ مذھبي ڪٽرپڻي پوء پنھنجا پير کپايا. خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس فرنگي حڪومت خلاف ”عدم تعاون جي تحريڪ" هلائي ته ھندو توڙي مسلمان اڳواڻ گڏجي هڪ پليٽفارم تان عوام ۾ سياسي بيداري آڻيندا هئا. اڄ سکر ۾ ڀائي نئنومل جي واڙي ۾ ”عدم تعاون" جي تبليغ لاء جلسو ٿيو. ان ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ ۽ ويرومل بيگراج زوردار تقريرون ڪيون. 28.5.1940: سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽرئ سيد علي محمد شاه راشدئ " مسجد منزلگاه تحريڪ" جي مئي مهيني بابت رپورٽ لکي, جنهن ۾ ڪيسن جي اڪلاء بابت معلومات ڏنل آھي. سنڌ جي سياست ۾ خلافت تحريڪ " هجرت تحريڪ" هلائڻ جو هاڃيڪار فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ " مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائڻ جو نقصانڪار فيصلو ڪيو. 28.5.1944: لاڙڪاڻي جي قادري خاندان سالن جا سال ٻولئ جي جهولي ڀري ۽ علم ادب جي آبياري ڪئي. هنن طرفان جاري ڪيل رسالي شاعرئ جي اوسر ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ اڙدو ٻولئ/شاعرئ کي پاڪستان ٿيڻ کان اڳ سنڌ ۾ مقبول بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. لاڙڪاڻي ۾ قادرين جي ميزبانئ ۾ ”سنڌي سڌار سوسائٽئ" ۽ "بزم مشاعره" جي گڏيل ڪوششن سان مشاعرا ٿيندا هئا. اڄ غوث بخش جي صدارت ۾ مشاعرو ٿيو, جنهن لاء طرح ھئي: "خموشي گفتگو ۽ بي زباني آ زبان منھنجي". 28.5.1953: پيرزادي عبدالستار جي چيف منسٽري جا ڏينھن آھن. اڄ ملڪ سڪندر خان, پير غلام رسول شاه, شفقت حسين شاه ۽ مير احمد خان ٽالپور کي پاريامينٽري سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 28.5.1955: پاڪستان سرڪار حڪم نامو جاري ڪندي چيو ته 21 جون تي "آئين ساز اسيمبلئ" جون چونڊون ڪرائبيون ۽ ان ۾ ھر هڪ صوبي مان هن تعداد ۾ ميمبر چونڊيا ويندا: پنجاب مان 20 مسلمان ۽ 01 غير مسلم, اوڀر پاڪستان مان 31 مسلمان ۽ 09 غير مسلم, سنڌ مان 04 مسلمان ۽ 01 غير مسلم, سرحد مان 04 ۽ ڪراچئ مان 01, بلوچستان مان 01 ۽ خيرپور مان 01 ميمبر. 28.5.1957: سرڪار پڌرو ڪيو ته ”غلام محمد بئراج" مان پنج هزار ايڪڙ زمين جلد ورهائي/ڏني ويندي. 28.5.1977: سرڪاري ذريعن پڌرو ڪيو ته سڀاڻي کان پيپلز پارٽئ ۽ پي.اين.اي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿينديون. *************** {28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي. 28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو. 28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو. 28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو. 28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو. 28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضئ جو لاڏاڻو ٿيو. 28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙجي وفات ٿي. 28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙي جو لاڏاڻو ٿيو۔

Thursday, 26 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan ( May 27, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (27th MAY)

27th May
 BIRTH DATES

 

1. Abdul Fatah ‘Faiq’ (Poet/ birth 27th May 1908),

2. Syed ManzoorNaqvi (Poet/ birth 27th May 1924),

3. Asha Birjlal (Simla/Artist/ birth 27th May 1947),

4. AzharJiskani (BaryaPanhwar/Poet/ birth 27th May 1973)

 

 

 

27th May
DEATH DATES

 

1. Habibullah Sindhi Nausherai (Religious Scholar/ death 27th May 1823),

2. Syed Miran Muhammad Shah (Halani/Mufti of Khairour State/ death 27th May 1925),

3. Dr.Khan Muhammad Panhwar (Aarazi/Journalist, Social worker & Scholar/ death 27th May 1999)

 

 

 

27th May

EVENTS

 

1843: The Governor-General of India directs Charles Napier that ‘ The separation of the women from Amirs appears so extraordinary and unnatural……It is essential to our character, that they should be treated with all respect and honor’.
1950:Who so ever Sindhi Hindu migrant desires to return back to Sindh, will be accepted. Government of Pakistan agrees.
1953: The decision of Tribunal regarding the Rawalpindi Conspiracy case is challenged in the Federal Court by accuesed in the case.
1959: Dr.Raziuddin Sidiqui takes over as the Vice Chancellor of Sindh University.
1964: Pakistan mourns death of Indian Prime Minister Pandit Nehru, who breathed his last today.
1969: Budget for the next financial year will be presented by the President and Governors.
1971:Divisional and Taluka Councils are dissolved in Sindh.
1976: Federal Minister for Industries & Kashmir affairs, Syed Qaim Ali Shah lays foundation stone of 1oo kw Radio station at Khairpur.
1977: PNA is doing Table Work for talks with the Government; it is announced by the party spokesman.
1987: Former Balochistan Governor, Mir Ghous Bux Raisani and his five guards are killed in Karachi.
1990: Forty five in Hyderabad and Twenty two in Karachi are killed. Curfew is imposed.
1980:High Courts are bar

 

Sindh in History Today (27th May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
قومون ڪهڙن سببن ڪري تباه ٿينديون آھن ۽ عظيم قومون ڀيانڪ حالتن جو ڪيئن مڙسئ سان مقابلو ڪنديون آھن ؟ اها خبر تاريخ جي مطالعي مان پوندي آھي. ماضئ جا واقعا وڏي-واڪ ڳالهائيندا آھن. پر ڪو کين ٻڌڻ, پرکڻ ۽ سمجھڻ وارو هجي.
مان روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي, اڄوڪي دور تائين اوهان جي خدمت ۾ ڪن واقعن, افراد ۽ ادارن بابت اوهان سان ويچار ونڊيندو آهيان.
***************
27 مئي جي حوالي سان ڪي واقعا
***************
27.5.1841:
ٻيٽ منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن جون اکيون شڪارپور ۾ آھن. اڄ آئوٽرام پنهنجي سرڪار کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان اها ڳالھ پڌري آھي ته:1. مير نصير خان اصولي طور تي شڪارپور مان پنهنجو حصو ڌارين حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, رڳو کيس اپت جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. 2. فرنگي سفارتڪار,سيد زين العابدين شاه ۽ سندس عزيزن کان خائف آھن. سيد گهراڻو شڪارپور ۽ ڪراچئ جي انتظام ۽ سياست تي وڏو عمل دخل رکندو هو ۽ ان ڪري انگريزن لاء مسئلا ٿي ٿيا. ان ڪري فرنگي ميرن جا ڪن ڀريندا ۽ سيدن جي شڪايت ڪندا رهيا. مطلب ته ڌاريا, اول عوام ۽ حڪومت جي خيرخواهن خلاف ٿي بيهندا آھن.
27.5.1843:
نيپيئر جي انتظام ۽ ڪارڪردگئ بابت ليفٽيننٽ رٿبورن جي رپورٽ تي ڪمپني حڪومت اطمينان جو اظھار ڪندي, نيپيئر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ غلامئ وارئ رسم ۽ تجارت خلاف جوڳا اپاء وٺي.
27.5.1936:
ڪراچئ ۾ ” سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي" جوڙي وئي ته جيئن بامبي يونيورسٽئ طرفان سنڌي ٻولئ سان ٿيندڙ ماٽيلئ ماء واري سلوڪ خلاف آواز اٿارجي ۽ سنڌئ جي تاريخي, سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت ڪجي. هن تحريڪ ۾ پرنسپال شاهاڻي, ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد اڳواڻ ھئا.
27.5.1971:
سنڌ ۾ ڊويزنل ۽ تعلقي ڪائونسلن کي ٽوڙيو ويو.
27.5.1980:
" هاء ڪورٽون مارشل لا ريگيوليشنس خلاف ڪو حڪم ڏئي نه سگهنديون"- سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو.
وڊيو ٽاڪ ۾ ٻيو به گهڻو ڪجھ ٻڌي سگهندا. دوست يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪرڻ ۾ نه لهرائن.
ملڪ جي سياسي ڀونچال ڪري پيدا ٿيل خطرناڪ صورتحال کان پاڻ کي محفوظ رکجو. قرب.

Wednesday, 25 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan ( May 26, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (26th MAY)

26th May
 BIRTH DATES

 

1. Ramchand Bachani (Tando Adam/Journalist & Freedom Fighter/ birth 26th May 1904),
2. Mustafa Hyder Jatoi (Bakhodero/Writer/ birth 26th May 1934),
3. Khalid Khokhar (Badani/Journalist/ birth 26th May 1965).

 

 

 

26th May
DEATH DATES

 

1. Khatanmal alies Swami Tilokdas (Abdo - Ulhasnagar/Poet & Politician),
2. Mirza Ajmalbeg Mirza(Tando Thorho/Poet/
death 26th May 1984).

 

                              

 

 

26th May

EVENTS

 

Part1

1843: The Governor - General of India directs to the Governor of Sindh that Karachi be made Capital of the British Sindh and Water for Karachi be obtained from the Ghizree hills and measures be adopted for communication between Karachi and Hyderabad.
1849: Lord Bishop of Calcutta is granted custody of churches and burial grounds.
1895: Weakly 'Aftab Sindh' is founded by Haji Abdul Rahman Memon at Sukkur. Rais Shamsuddin 'Bulbl' is first editor. The played role in encountering propangda by Arya Samaj and Christanity.
1930: Ayub Khuhro compiles 'Sufferings ofSindh'. That proved to be better Presentation in favour of separation of Sindh from Bombay Presidency.

Part2

1949: Pakistan demand plebiscite in Hyderabad Dhakan.
1950: Journalists take out protest procession in Larhore against Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, the president of PNEC.
1953: U.K's pro - Indian policy on Kashmir issue is compelling Pakistan to revise herrelations with that country, say Prime Minister Bogra.
1956: Maj. Gen. Iskandar Mirza, president of Pakistan, imposes President's rule in East Pakistan.1958: Russia doubts misuse of U.S.A base in Pakistan against her integration. Pakistan denies it.
1975: Opposition is violating 6th Feruary Agreement, say Z.A.Bhutto.
1977: Acceptance of our basic demands has paved way for opposition - Govt. talks, says Pir of Pagaro, Acting President of PNA.
1979: Begam Nusrat Bhutto is elected as PPP Chairperson.

 

Sindh in History Today (26th May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
سج به روزانو اڀري, صبح به روزانو ٿئي ۽ مان به روزانو اوهان جي حاضري ڀرڻ اچان. اچي ٻه سال ٿيندا جو روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ مان ڪي واقعا کڻي اوهان جي دل ۽ دماغ جي در تائين پهچائيندو آهيان.
اڄ جن واقعن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي مون راء ڏني آهي, ان جو لفظ لفظ اوهان سان ڳالهائيندو. وڊيو ۾ شخصيتن/ادارن/ پارٽين/ ولادتن ۽ وفاتن بابت به معلومات موجود آھي. يوٽيوب تي وڃي سبسڪرائيب ڪرڻ ۾ سنگت سستئ جو مظاهرو نه ڪري.
***************
اڄوڪا ڪي واقعا:
***************
26.4.1832:
ممبئي سرڪار ڪرنل پاٽينجر کي اها منظوري ڏني ته هو سنڌ جي حڪمرانن کان مدد وٺي ٿرپارڪر طرف ڌاڙيلن خلاف ڪو مناسب قدم کڻي. ياد رهي ته انھئ طرف فرنگين کي ڏوهارين ٿوڙي وطن-دوستن ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو هو.
26.5.1843:
گورنر جنرل اڄ خط لکي سنڌ جي لٽيري گورنر نيپيئر کي اجازت ڏني ته ڀلي ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ بڻائي. ڪراچئ لاء پاڻي گذرئ مان هٿ ڪجي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ آمدرفت جي ذريعن وسيلن کي سڌاريو وڃي.
26.5.1930:
سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ دوران ڪيترن هندو, پارسي ۽ مسلمان سياستدانن ڪتاب/ڪتابڙا لکيا.
اڄ محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب " مصائب سنڌ"
Sufferings of Sindh
شايع ٿيو. جنهن ۾ تاريخي, ثقافتي ۽ سماجي بنيادن تي سنڌ جي الڳ تشخص کي ثابت ڪيو ويو.
ايوب کهڙي پوء وري سنڌ کي ون-يونٽ جا زنجير پهرايا.
26.5.1950:
پير علي محمد شاه راشدي هنن ڏينهن ۾ PNEC جو صدر هو. لاهور جي صحافين اڄ ھن جي خلاف شديد احتجاج ڪيو.
26.5.1956:
اولھ پاڪستان کي ون-يونٽ جي ڳٽ سان سوڙھو ڪرڻ کان پوء اوڀر پاڪستان کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء صدر جنرل اسڪندر مرزا اتي اڄ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو.
26.5.1975:
" مخالف ڌر وارا 6 فيبرورئ واري ٺاه جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن. اسيمبلئ ۾ نه ٿا اچن ته مستعفي ٿين"- وزير اعظم ڀٽي جو بيان.
26.5.1979:
بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽئ جي چيئرپرسن بڻايو ويو.
26.5.1990:
حيدرآباد ۾ ڪرفيو جي ڇانو ۾ دهشتگردن سڄي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون. اتحاد ۽ عوم-دوست اڳواڻئ کان سواء پنهنجي وطن/شھرن ۾ پنهنجو ايئن به حشر ٿيندو آيو آھي.

***************
{26 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
26 مئي 1904ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رامچند بچاڻي (ٽنڊو آدم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1934ع ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1965ع صحافي خالد کوکر جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
26 مئي 1984ع شاعر مرزا اجمل بيگ(ٽنڊو ٺوڙهو) جو لاڏاڻو ٿيو

Tuesday, 24 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan( May 25, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (25th MAY)

25th May
 BIRTH DATES

 

1. Pir Muhammad Rashid Rozay Dhani (Pir Jo Goth/Religious Scholar, Saint and founder of ‘Pagara’ school of that/ birth 25th May 1757),

2. Kirshan Rahi (Larkano>Mombai/Journalist & Poet/ birth 25th May 1932),

3. Taj Baloch (Poet & Editor of ‘Sojhro’/ birth 25th May 1940),

4. Dr.Dur Muhammad Pathan (Khair Muhammad Arija/Founder Gul Hayat Institute/ birth 25th May 1945),

5. Zulf Chang (Ghindan/Poet/ birth 25th May 1974).

 

 

 

 

25th May
DEATH DATES

 

1. Janullah Shah ‘Shaiq’ (Rohri/Poet// death 25th May 1839),

2. Mustafa HyderJatoi (Bakhodero/Writer/ death 25th May 1975),

3. Arban Noor Muhammad Palijo (Nationalist Politician/ death 25th May 1979)

4. JaffarPanhwar (Dhamraha/Poet/ death 25th May 1984),

5. ‘Udasi’ Amir Bux (Kachho/Poet/ death 25th May 1994).

 

 

 

25th May

EVENTS

 

1835: Colonel Pottenger writes to Government of Bombay acknowledging receipt of a copy of their letter to Muhammad Rahim Shirazi relating to opening the trade by the Indus anf informing that the best time of the year for navigation was in end of February, March and April as the southerly winds blew regularly. 
1843: Further information about Hyderabad Darbar is sent to the Government of India by Charles Napier. He writes that nearly all chiefs had made their Salam and that Right Bank of the Indus was as obedient as the left.
1895: The weekly ‘Aftab Sindh’ is founded at Sukkur by Haji Abdul Rahman Memon with Shamisuddin ‘Bulbul’ as its editor. The paper defended Islamic cause in Upper Sindh for years.
1900: Kotri bridge is opened and it was first important communication link not only in Sindh but very important for Punjab also.
1919: Shiva Mandli is formed in Garhi Yaseen. This NGO of Hindus remained active and functional for years. 
1948: India and Pakistan agree to start trade on Barter System.
1952: Protest Day against ‘Security Act’ is observed by various Journalists’ organizations throughout country.
1955: Pakistan to provide protection to interests and investing institutions of U.S.A in country. Agreement is signed in Washington.
1956: East Pakistan political situation is discussed in the Federal cabinet meeting.
1960: The Presidential cabinet approves the preliminary Master Plan for the new capital in Islamabad.
1969: G.M.Syed and Mumtaz Doultana discuss ‘One-Unit’ issue in their meeting.
1971: Pakistan lodges protest with India against threat of armed conflict with Pakistan by Indian Prime Minister.
1992: Law enforcing agencies cordon off all exit and entry points of Sindh Capital.

25.5.2022
سڄڻو! ننڍڙائپ ۾ ھڪ دفعي زندگئ جو حساب ڪيم ته جيڪڏهن آئون 80 سال ڄمار ماڻيان ٿو ته انھئ حساب سان 40 سال ننڊ ڪبي, 10 سال ٻالپڻي ۾ ويندا, 25 سال پڙھائئ ۾ ويندا, 3 سال ٻارن ۽ يارن ملن ته 80 سالن پٺيان منھنجي صافي عمر صرف 2 سال بچندي. انهئ حساب مون کي پريشان ڪري ڇڏيو. منجهي پيس ته ٿورئ عمر ۾ وڏو ڪم ڪيئن ڪبو. پوء مون ننڊ گهٽائي عمر وڌائي. ٿوري سمهڻ ۽ ٿوري کائڻ جي پاڻ ۾ ھير وڌم ۽ گهڻي ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪيم. 1964 کان شاعري ڪيم, 1975 کان بلا ناغي مسلسل لکندو اچان ٿو ۽ سنڌ جي تاريخي اهميت وارو ايترو مواد گڏ ڪيو اٿم جو ان کي سانڍڻ/رکڻ لاء 1990 ۾ گل حيات انسٽيٽيوٽ ٺاهيم. اڄ زندگئ جا 77 سال پورا ٿيا. پر نه ته حسرتون پوريون ٿيون ۽ نه ڪم پورا ٿيا. پر مڃڻ مڃرائڻ جي ڳالھ ڪانھي. ليڪن هئ حقيقت آھي ته ڏينھن ۽ رات, عيب ۽ ثواب ۽ زندگئ ۽ موت مون لاء هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا بڻجي ويا ۽ مان انھن جي تضادن کان پاڻ آجو ڪري چڪو آھيان.

Sindh in History Today (25th May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan.
اڄوڪي وڊيو ٽاڪ ۾ اضافي معلومات کان سواء ھيٺ ڄاڻايل ڪجھ واقعن جا پس منظر ۽ پيش منظر بيان ڪيا ويا آھن:
:25.5.1835:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ محمد رحيم شيرازئ کي سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت ڪرڻ جي اجازت ڏني ۽ ان بابت پاٽينجر کي اطلاع ڏنو.
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته فيبرورئ کان اپريل اهڙا مهينا آھن جو سنڌوء ذريعي واپار لاء ڪنھن تڪليف کان سواء ملتان/پنجاب وڃي سگهبو.
25.5.1842:
اڄ ليفٽيننٽ پوسٽنس شڪارپور مان سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته ڪابل ۾ جيڪا اسان جي ڀينگ ٿي آھي, انھن خبرن سنڌ ۾ اسان لاء ابتر ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ميرن جا اهڙا لاهور ۽ ملتان ڏانھن لکيل خط پڪڙيا اٿم جن مان ظاهر ٿئي ته هو اسان خلاف وڏيون کڏون کوٽي رهيا آھن.
25.3.1843:
لڳاتار ٽن ڏينهن کان نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي "حيدرآباد درٻار" جو احوال موڪليندو رهيو آھي. اڄ لکي ٿو ته سنڌوندئ جي ٻنھي پاسن کان سمورن جاگيردارن ۽ سندن وڏيرن انگريز حڪومت جي اچي سياسي بعيت ڪئي آهي.
25.5.1895:
سکر مان حاجي عبدالرحمان ميمڻ, شمس الدين بلبل جي ايڊيٽرئ ۾ هفتيوار "آفتاب سنڌ" اخبار جاري ڪئي. هن اخبار سالن تائين مسلم سياست ۽ تشخص لاء ڪم ڪيو.
25.5.1900:
ڪوٽڙي پل کولي وئي. سنڌ جي آمد و رفت جي تاريخ ۾ ان سان وڏي تبديلي آئي.
25.5.1956:
وافاقي ڪابينه هڪ طويل ۽ تفصيلي گڏجاڻئ ۾ اوڀر پاڪستان جي سياسي صورتحال تي بحث ڪيو. مطلب ته" مل معشوقان مصلحت ڪيتي....."
25.5.1969:
جي.ايم.سيد ۽ ممتاز دولتانه ون-يونٽ جي مامري تي تفصيلي گڏجاڻي ڪئي, جنهن ۾ جي.ايم.سيد پنهنجو دليلن ۽ شاهدين سان موقوف بيان ڪيو ته ون-يونٽ کي ٽوڙيو وڃي.
25.5.1992
سنڌ جي گادئ ڏانھن ايندڙ ۽ ويندڙ سمورن رستن تي ڪڙو چاڙھيو ويو ته جيئن قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسون منظم نموني سان سان آپريشن ڪلين اپ ڪري سگهن.
{25 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
25 مئي 1757ع روحاني شخصيت پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي ولادت ٿي۔
25 مئي 1932ع ليکڪ ۽ صحافي ڪرشن راهي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 مئي 1940ع ناليواري شاعر تاج بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1945ع ليکڪ، محقق، تعليمدان ۽ شاعر ۽ گل حيات انسٽيٽيوٽ جي باني ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي۔
25 مئي 1974ع شاگرد ذلف چانگ جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1991ع سنڌ حڪومت جي وزير مخدوم محبوب الزمان جي جنم جو ڏينھن آھي.
[وڇوڙو:]
25 مئي 1839ع روهڙي سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر جان الله شاهه عاشق جو وڇوڙو ٿيو۔
25 مئي 1975ع ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو۔
25 مئي 1979ع قومپرست اڳواڻ ارباب نور محمد پليجو جي وفات ٿي۔
25 مئي 2004ع شاعر اداسي امير بخش (ڪاڇو) جو لاڏاڻو ٿيو۔

Monday, 23 May 2022

Sindh in History by Dr Dur Muhammad Pathan( May 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th MAY)

Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan

 

BIRTH DATES:

24thMAY

Dali Nawani (Delhi/Actress/ birth 24th May 1962),

 Dr.KaramHussainWadho (Chakiani/Scholar/ birth 24th May 1971) ,

DoulatramKhatri (Mithi/Writer/ birth 24th May 1976).

 

DEATH DATES:

24thMAY

 

SrichandMewaram (Pad Edan>Ajmir/Freedom Fighter/ death 24th May 1967),

Shaikh Abdul Majeed Sindhi (Freedom Fighter, Journalist & Sindh Minister// death 24th May 1978),

Moulvi Abdul GhafoorSitai (Journalist & Freedom Fighter// death 24th May 1981)

 

EVENT DATES:

24h May

 

1838: Colonel Pottenger writes to Mir Noor Muhammad Khan informing him that he has been appointed as Resident in Sindh and Captain Mellwill as his assistant by the Government of India.
1851: Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier, suggest to the Commissioner of Sindh that if reseonable amount of assistance is given to Bugtis, it would help us to allow them to retire to their former country.
1844: Government of India advise Sindh Administration that restore and maintain ancient supermacy of Thakurs and Chiefs of Thar District over people so as to get their assistance in law & order situation in that area and create loyal class there.
1921: Jairamdas Doulatram, Dr.Choithram Gidwani and Kisomal alongwith Khilafati leaders address a big public meeting at Badin and advise people to take part in Non-Co-Operation Movement religiously.
1922: Moulvi Abdul Aziz of ‘Hyderabad Latifi Madressah’ exhorts the people in the public meeting organized by the Badin Aman Sabha. Loyality songs are sung and leaflets of the Publicity Committee are distributed. Dalpatrai, Dingomal (Secretary of Aman Sabha), Khemchand Ambratrai spoke on the occasion.
1941: District Sukkur Muslim League Conference is held at Sultankot under presidentship of Makhdoom Mureed Hussain of Multan. It is largly attended big show of the party there.
1949: Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan disapproves Punjab Muslim League’s demand about replacing of non-muslim Governor of Punjab.
1950: Fifty thousand Indian Muslim Migrants have reached Pakistan with in last five months, it is announced by the Government. This may kindly be noted that number of migrants raised later on and it was not so high in early days.
1954: Parliament to debate the motion of Mian Iftkharuddin that Military-aid pact singed between U.S.A and Pakistan will not be in grater interests of the country.
1963: Pak-Afghan talks start in Iran. Pakistani team is headed by Z.A.Bhutto, Foreign Minister .
1968: Air Force station Maripur is renamed as “Masroor Air Force Station”.
1971: Awami League intended to arrested me, discloses President Yaya Khan.
1977: Riaz-ul-Khatib, Saudi Ambassador meets Bhutto and Mufti in connection with resolving political differences between them.

 

Dr Pathan: Sindh in history today (24th May). Research & Video Talk by. Dr.Pathan, Founder, Gul Hayat Institute.
***************
ڪنهن کان وطن-دوستئ جو جذبو کسڻو هجي ته هن کي تاريخ کان پري رکو. پوء ماڻھو ذات/قيبلي پرست ٿي پوندو ۽ قدرن نظرين جي پيروي ڪرڻ بدران شخصيت پرست ٿي پوندو.
اسان جي صورتحال اهڙي ئي آھي. اسان جي ذھنن ۾ گند ڀريو ويو آھي ته تاريخ پڙھڻ قبرن کوٽڻ وارو ڪم آھي. اسان کي شڪ ۾ وڌو ويو آھي ته تاريخ ۾ ته فقط حڪمرانن جون ڪهاڻيون آھن ۽ اها اڌوري ۽ اڻ پوري آھي. منھنجو چوڻ آھي ته اسان وٽ تاريخ آھي ڪٿي. ڪنھن به دور جي جامع تاريخ لکي ئي ڪانه وئي آھي. تاريخ اسان کي لکڻي آھي. هر جي عوامي تاريخ مرتب ڪرڻي آھي ۽ ان ۾ زندگئ جي هر شعبي جو ذڪر ڪرڻو آھي.
جامع, مستند ۽ غيرجانبدارانه تاريخ تڏهن لکي سگهبي, جڏهن پهريون مواد ۽ معلومات گڏ ڪجي. آئون اهو ئي مواد گڏ ڪندو آھيان ۽ ان مان ڪي واقعا اوهان اڳيان پيش ڪندو آھيان. اڄ 24 مئي جي ٿورن واقعن واقعن بابت لکان ٿو. انهن تي وري تفصيل سان وڊيو ٽاڪ ۾ ڳالهايو اٿم. ٿورو وقت ڪڍو ۽ ڏسو ته زنده قومون ڪيئن تباه ٿينديون آھن ۽ تباه ٿيندڙ قومون ڪيئن پاڻ سنڀالينديون آھن.
***************
توجه طلب واقعا
***************
24.5.1838:
مير نور محمد خان کي اطلاع ڏنو ويو ته ڪمپني حڪومت ڪرنل پاٽينجر کي سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو آھي ۽ ڪئپٽن ميل ول سندس اسسٽنٽ ھوندو.
24.5.1841:
آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکي ٻڌائي ٿو ته مير شير محمد سان نئين معاهدي ڪرڻ ۾ مون کي نئين حڪمت عملي جوڙڻي پوندو. هن مير ۽ حيدرآبادي ميرن جو ڪن علائقن جي مالڪئ جو مسئلو آھي. انھن علائقن تي هن وقت مير شير محمد جو قبضو آھي. هن سان ڪو ٺاه/معاهدو ڪبو ته هو علائقن جي قبضي کي جائز ڪرڻ لاء معاهدي ۾ شرط رکرائيندو, جيڪو مان نه ٿو چاهيان. هن جي قبضي کي جائز قرار ڏبو ته حيدرآبادي مير ان جو برو ڀائيندا ۽ اها ڳالھ اسان جي حق ۾ نه ويندي.
24.5.1843:
سنڌ جي تاريخ جو نهايت منحوس ڏينھن هو. اڄ نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء پهريون دفعو حيدرآباد ۾ درٻار سڏائي. اهو راڻي وڪٽوريا جي جنم جو ڏينھن به ڪري ملهايو ۽ هن درٻار ۾ لڳ ڀڳ سنڌ جي سمورن جاگيردارن ۽ وڏن وڏن وڏيرن شرڪت ڪئي. هنن نيپيئر کي هن موقعي تي فرنگي سرڪار سان وفادارئ ۽ تعبيدارئ جو يقين ڏياريو. جن اچي سلامي ڀري تن کي جاگيرون واپس ڪرڻ جون سندون ڏيون ويون.
24.5.1843:
نيپيئر سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء ميرن کي باندي بڻائي سنڌ کان جلاوطن ڪيو ته ميرن جا ڪيترا يار ۽ وفادار به ساڻن گڏ ويا. پوء جڏهن جلاوطنئ ۽ فرنگين جي بي رخئ جا ڏکوئيندڙ رنگ ڏٺائون ته سرڪار کي وطن واپس ورڻ جون درخواستون ڏنائون. سنڌ جي ڪنهن تاريخدان اهڙن ”شوقيه قيدين" جا نالا گڏ نه ڪيا آھن, پر اهي سرڪاري رڪارڊ ۾ محفوظ آھن.
مير شھداد خان سان گڏ جيڪي نوڪر چاڪر ايئن قيد ٿي ويا, انھن مان احمد فقير ۽ عبدالغفور ممبئئ جي گورنر کي لکيو ته اسان کي واپس سنڌ موڪليو. ان تي ممبئئ جي گورنر وري سنڌ جي گورنر کي لکيو ته ٻڌايو ته جنگي ڏهاڙن ۾ انھن جي فرنگين سان چال چلت ڪهڙي رهي ۽ ڇا انھن کي سنڌ ڏانھن واپس موڪلجي. نيپئر سندن واپسئ تي ڪو اعتراض نه اٿاريو.
24.5.1844:
ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي اختيار ڏنو ته هو پاڻ حالتن کي نظر ۾ رکي ٿرپارڪر جي ٺاڪرن بابت ڪا حڪمت عملي جوڙي ۽ سندن تاريخي روايتن کي نظرانداز نه ڪري. مطلب ته هنن کي جيئن وڻي ان مطابق پنهنجي ماڻھن/عوام سان هلن ۽ ان ۾ فرنگي حڪومت ڪا مداخلت نه ڪري.
24.5.1851:
اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب اڄ ڪمشنر کي لکيو ته ڏوهاري ۽ پڪڙيل بگٽين کي سنڌي سماج ۾ ضم ڪري هتي مسئلا ۽ مونجهارا پيدا ڪرڻ بدران هن تجويز تي به غور ڪجي ته انھن کي ڪجھ ڏوڪڙ ڏئي پنھنجي وطن واپس موڪلجي.
24.4.1921:
اڄ جئرامداس دولترام, ڊاڪٽر چوئٿرام ۽ ڪيسومل مسلمان خلافتي اڳواڻن سان بدين پهتا ۽ ميڙاڪو ڪري حڪومت خلاف هلايل "عدم تعاون تحريڪ" ۾ حصي وٺڻ جي تبليغ ڪيائون.
24.5.1922:
بدين ۾ ”امن سڀا" طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ دلپتراء ڊنگومل (سيڪريٽري) ۽ کيمچند امبرتراء خلافت تحريڪ ۽ عدم تعاون تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون. حيدرآباد مان مولوي عبدالعزيز کي خاص طور تي گهرايو ويو هو, جنھن خلافت تحريڪ خلاف جوشيلي تقرير ڪئي. هن موقعي تي سرڪار جي وفادارئ ۽ تعبيدارئ بابت شعر پڙھيا ويا ۽ امن سڀا طرفان پمفليٽ ورهايا ويا.
24.5.1941:
سلطان ڪوٽ م وڏي پئماني واري "سکر ضلعو مسلم ليگ ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت ملتان جي مخدوم مريد حسين ڪئي.
24.5.1950:
سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته گذريل پنجن مهينن ۾ 50 هزار پناهگير پهچي چڪا آھن.
24.4.1971:
صدر يحيا سورهيائپ سان ڳاله ڪئي ته اوڀر پاڪستان ۾ عوامي ليگ وارا مون کي گرفتار ڪرڻ پيا گهرن
24.5.1973:
مرلي ميرچنداڻئ, پي.بي.چاند, آوت دوداڻئ ۽ سي.رام. جوتئ گڏجي ممبئئ ۾ ”جوتي ڪلا مندر" قائم ڪيو. هن طرفان ڪيترائي ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا.
***************
{24 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
24 مئي 1962ع اسڪالر ڊاڪٽر ڪرم حسين وڌو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 مئي 1976ع مٺيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ دولت رام کتري جو جنم ڏينهن آهي.
24 مئي 1949ع شاعر ۽ اديب امير علي چانڊيو(قمبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 مئي 1967ع آزادي واري تحريڪ جو اڳواڻ سريچند ميوارام ديهانت ڪري ويو.
24 مئي 1978ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌئ جو انتقال ٿيو.
24 مئي 1981ع صحافي ۽ آزادي پسند مولانا عبدالغفور سيتائي جو انتقال ٿيو.
24 مئي 2005ع سياستدان مير الهبچايو ٽالپر(جهڏو) لاڏاڻو ڪري ويو.

Sunday, 22 May 2022

Sindh in History( May 23, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (23rd MAY)

23rd May
 BIRTH DATES

 

1. Makhdoom Abu Muhammad Halai (Religious Scholar/ birth 23rd May 1577),

2. Abdullah Chano (Literature-lover Revenue officer/ birth 23rd May 1902),

3. Nathan Raj ‘Pinto’ (Khairpur>Dholya/Artist/ birth 23rd May 1923),

4. Ghulam Hyder ‘Hyder’ (Poet/ birth 23rd May 1935),

5. Haresh Kakwani (Ajmir/Writer/ birth 23rd May 1951),

6. Kamlesh Gangwani (New Delhi/Singer/ birth 23rd May 1955),

7. Abdul Aziz Memon (Karachi/Journalist/ birth 23rd May 1957)

 

 

 

23rd May
DEATH DATES

 

1. AkhundLufufullah (Poet/ death 23th May 1902),

2. MoulviNazirHussainJatoi (Religious Scholar & Politician/ death 23th May 1974),

3. HabibSangi (Sujawal/Poet/ death 23th May 2007).

 

                              

 

 

23rd May

EVENTS

 

1843: Charles Napier apprises the Governor-General of India about Darbar that he conducted at Hyderabad. He reports that 8,000 chiefs, with their followers attended it. He had pardoned all Jagerdars who had not made their salam before and that the Jager of those fell in battle had been given to their children subject to the payment of rent. The result of the greatest assembly of about 20,000 men was very gratifying. Wali Chandio was presented with a gold cimetar for his loyalty and fidelity.
1932: More than 600 people are participating in a meeting held at Malir of Karachi, in the garden of Haji Pir Bux Baloch. The meeting is presided over by Sardar Jam Bijar Khan, First Class Jagerdar and in this meeting ‘Malir Zamindar Association & Bus Service’ is formed. It is decided to purchase 12 buses and start Bus Service in Karachi.
1952: City Magistrate of Delhi issues warrants against Yousif Haroon, Pakistani High Commissioner in Australia.
1955: Fatima Jinnah warns people in power that foreign influence is overshadowing democracy in the country. Uprising will take birth, if civil rights are restored without fail.
1972: Z.A.Bhutto assures full support and protection to traders, bankers and industrialists. Addresses their gathering in Karachi.
1977: Pakistan Communist Party takes re-birth. It was declared unlawful in 1953 and ban on the party was withdrawn in 1971.
1996: IMF demands lowering of the budget deficit and introduction of General Sales Tax besides, Agricultural Income Tax as loan conditionality

.

Sindh in History Today (23rd May).
Research & Video Talk by Dr.Pathan
[ ساري پڙھجي تاريخ کي, جيڪا اسان کي روز پئي ساري,
جو آئيني ۾ نه نھاري, سو ڏسي نه پنھنجئ سونھن کي.]
***
دوستو ! اچو ته تاريخ جي آئيني ۾ پنهنجو ۽ پنهنجي وڏڙن جو چھرو ڏسون. اڄوڪي 23 مئي واري وڊيو ٽاڪ ۾ ٻئ کوڙ سارئ معلومات کان سواء شامل آهي:
1. ڌاريئي سان ڪيترو به سچو ٿي هلجي, پر هو ڪڏهن سچو ڪونه ٿيندو. سٻاجهن ميرن ۽ نڀاڳن انگريزن جو مثال موجود آھي.
2. ڌارين سان وفاداري ڪرڻ ۽ پنهنجن کي انھئ دڳ سان لائڻ ڪو اسان جي اپر ڪلاس کان سکي. وڊيو ۾ مثال موجود آھن.
3. ڪراچئ ۾ خانگي موٽر بس سروس ملير جي ماڻھن شروع ڪئي, پر اڄ ڪلھ انھئ شعبي ۾ اسان جو پنڊئ تي به نالو ڪونهي.
4. اسان سنڌي ماضي قريب ۾ حيدرآباد شھر ۾ پنھنجئ ئي ڌرتئ تي پناهگير ٿياسين ۽ ڪيترن پاڙن/محلن کي ڪرفيوء جي حالتن ۾ لٽيو ڦريو ويو.
پنهنجي تاريخ ٻڌو, شيئر ڪريو ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪريو.
پنهنجو, خاندان جو ڌرتئ جو خيال رکجو.

***************
توجه طلب واقعا
***************
23.5.1839:
ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي خوش خبري ڏني ته شاه شجاع قنڌار تي قبضو ڪري چڪو آھي ۽ هن جي پيش قدمئ جو سنڌ جي صورتحال تي اثر پوندو.
23.5.1842:
آئوٽرام اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مان جلد ڪوئٽيا وڃي رهيو آھيان ته جيئن پتو لڳايان ته مير نصير خان ۽ سندس نالي ڀائي خيرپوري ڪهڙيون اسان خلاف سازشون ڪري رهيا آھن ۽ ان جو هتي ڪهڙو اثر پيو آھي. ڪئپٽن برائون کي اتان لاء هدايتون ڏئي جلدي موٽي ايندس.
23.5.1843:
سنڌ تي فريب ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته درٻار لڳائي سنڌ جي اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائڻ لاء مان اڃا حيدرآباد ئي ڪونه پهتس ته مون کان اڳ اتي سنڌ جا 8000 چيف پهچي چڪا هئا. ولي چانڊيو پنهنجي 80 وڏيرن سان حاضري ڏيڻ لاء پهتل هو.
23.5.1846:
سنڌ جي فرنگي حڪومت وڏن شھرن ۾ ”بازار ماسٽر" مقرر ڪيا هئا, جيڪي شين جي اگهن, چور بازارئ ۽ امن امان جي صورتحال تي نظر رکندا هئا. اڄ ممبئي سرڪار کين پنهنجو جاري ڪيل سرڪيولر ڏياري موڪليو ته جيئن انھئ مثال کي آڏو رکي "بازار ماسٽر" ڏوهين کي اتي جو اتي ڦڪن هڻڻ جي سزا ڏئي سگهن.
23.5.1932:
ملير جي فرسٽ ڪلاس جاگيردار سردار ڄام بجار خان جي صدارت ۾ حاجي پير بخش بلوچ جي باغ م گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 600 ماڻھون شريڪ ٿيا. گڏجاڻئ ۾ ”ملير زميندارس ائسوسيئيشن ائنڊ موٽر بس سروس ڪمپني" جوڙي وئي. فيصلو ڪيو ويو ته ڪمپنئ جي موڙي 50 هزار هوندي ۽ شيئر 10 روپين جو هوندو. وڌ ۾ وڌ 10 شيئر وٺي سگهبا. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 12 بسون خريد ڪيون وينديون ۽ اهي ڪراچئ ۽ ملير وچ ۾ ھلائبيون.
23.5.1955:
ملڪ جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڳڻتئ جو اظھار ڪيو ته ملڪ ۾ بيروني اثر رسوخ وڌي رهي آھي ۽ اهو ملڪ لاء ھاڃڪار ثابت ٿيندو.
23.5.1971:
پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي ڪميونسٽن تي ڪات ڪهاڙا کڻي, 1953 ۾ ڪمينسٽ پارٽئ تي پابندي وڌي وئي هئي. اڄ اها پابندي هٽائي وئي.
23.5.1979:
داموندر لعل مورجاڻئ جي ايڊيٽرئ ۾ انڊيا جي احمدآباد مان "سماج سڌا" نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي.
23.3.2009:
شڪارپور سنڌي ادبي سنگت اڄ قمر شھباز جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي. ممتاز منگئ, ضياء الدين سومري, سعيد سومري, عديل مهر, همير چانڊيئي, خليل مورياڻئ ۽ مسعود ابڙي مرحوم شاعر جي شخصيت ۽ شاعرئ تي روشني وڌي.
{23 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
23 مئي 1577ع مذهبي اسڪالر ابو محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1902ع ليکڪ عبدالله چنا (زينت چنا جو مڙس) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1923ع اسٽيج ڊائريڪٽر ناٿن راج پنٽو (خيرپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1935ع شاعر غلام حيدر ”حيدر“ جو جنم ڏينهن آهي.
23 مئي 1951ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ڪاڪواڻي (اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مئي 1955ع گلوڪار ڪمليش گنگواڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
23 مئي 1902ع ليکڪ آخوند لطف الله لاڏاڻو ڪري ويو.
23 مئي 1974ع سياستدان مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.