Monday, 14 March 2022

Sindh History (March 15, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (15th March)
15th March
BIRTH DATES
Moulana Allah Bux ‘Abojho’ (Punjab > Sindh/Sindh Madressah Teacher & Founder Secretary of the Sindh Muhammadan Association/ Born 15th march 1846)
, Moulana Muhammad Sadiq (Khada Karachi/Religious Scholar & Freedom Fighter/ Born 15th March 1874),
Hari Sundar Roopchand (ocial Worker & Singer/ Born 15th March 1897),
Rasool Bux Akhund (Rohri/Educationist/ Born 15th March 1897),
Habibullah ‘Fikri’(Karachi/Poet/Poet & Journalist/ Born 15th March 1907),
Amar Lal Sadhwani (Dadu > New Delhi/Poet/ Born 15th March 1913),
Muhammad Ibrahim ‘Anees’ Maheri (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 15th March 1918),
Saleem Garhvi (Garhi Mori/Poet/ Born 15th March 1925),
Lakhmichand ‘Preem’ (Garhi Yaseen/Poet/ Born 15th March 1928),
Dr.Ghulam Ali Allana (Tar Khowaja/Research Scholar & Ex-V.C/ Born 15th March 1930),
Allah Warao Siddiqui (Shikarpur/Journalist/ Born 15th March 1935),
Rahmatullah Soomro (Shikarpur/Journalist/ Born 15th March 1938),
Teckchand ‘Mast’ (Chohar Jamali > Ulhasnagar/Poet/ Born 15th March 1938),
Manohar Bajlani (Larkano > Ulhasnagar/Poet/ Born 15th March 1939),
Laxman Dubi (Village Shar > India/Poet/ Born 15th March 1942),
Sarwech Soomro (Tharri Muhabat/Poet/ Born 15th March 1949),
Noor Ahmad ‘Nashad’ (Bahadurpur/Poet/ Born 15th March 1949),
Hussain Bux ‘Khadim; Sarwari (Poet & Singer/ Born 15th March 1951),
Nazir Naz (Poetess & Publisher/ Born 15th March 1953),
Abid soomro (Goth Bohar/Writer/ Born 15th March 1953),
Pir Mushtaq Rashdi (Jhudo/Poet/ Born 15th March 1960),
Qalandar ‘Baghi’ (Talpur Wada/Poet/Poet/ Born 15th March 1963),
Noor Hussain Bhatti (Tando Muhammad Khan/Journalist/ Born 15th March 1968),
Riaz Ahmad Bharchood (Daro Illahi Bux/Journalist/ Born 15th March 1975),
Attaullah ‘Sagar’ Abro (Mathelo/Poet/ Born 15th March 1980),
Akmal Mathelvi (Mathelo/Poet/ Born 15th March 1983),
Imran Jilani (Badah/Writer/ Born 15th March 1983),
DEATH DATES
Sobhraj ‘Fani’ (Poet & Freedom Fighter/ Death 15 March 1956)
, Dr.Shahnawaz Sodhar (Larkano/Scholar/ Death 15 March 2001),
EVENTS
1884: Consequent upon developing differences with Dyaram and Sadhu Hiranand Hindu members of the Sindh Hindu Sabha, Hassan Ali Effendi forms ‘Sindh Muhammadan Association’ and with the result that later on Sindh stood divided in Hindu and Muslim camps. Sindh Muhammadan Association remained active till the separation of Sindh from Bombay Presidency.
1919: 2 day Sindh Educational Conference starts at Sukkur. Hindus and Muslims participated.
1920: Sindh Upkark, an anglo-sindhi Journal of Shikarpurstrats writing against Islam. The Journal damaged Hindu-Muslim unity for some time.
1925: Jamiat-ul-Ulema Sindh in its meeting held at Sukkur elects its new office-bearers. They are; Syed QaziAsadullh Shah of Tukhar (President), Moulana Muhammad Sadiq of Khada&Moulana Mir Muhammad Nauragzado (Both Vice Presidents) and Dim Muhammad ‘Wafai’ (Secretary).
1938: Smallpox causes 9 deaths in Larkana district. Due to ever increasing cases festivals are banned. Muhammad Yaqoob Agha and syedAltafHussainTrimzi, both Mukhtyarkars are appreciated by the District Local Board for their valuable services rendered in this regard.
1953: Sindh AwamiMahaz invites application for party tickets to contest election. The meeting is presided over by G.M.Syed, whereas it is attended by seven members of the Parliamentry Board
1955: Kotri Barrage is inaugurated by the Governor-General Ghulam Muhammad.
1973: PirPagaro is elected to head opposition’s United Democratic Front Action Committee.
1995: Mir Murtaza Bhutto assumes the office of the chairman of PPP (SB).
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
15.3.2022 تي دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون کڻي اوهان کي اوهان جي تاريخ ٻڌائڻ آيو آھيان. اڄ 15 مارچ جي حوالي سان تاريخ اوهان سان ڳالهائڻ چاهي ٿي. هن سان مون پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي آھي.
اڄوڪي تاريخي واقعن مان سنڌ جي سياسي اڳواڻن جي باهمي اختلافن جي مثالن سان ڀريا پيا آھن. مثال ”سنڌ سڀا" ٽٽي ۽ ”سنڌ محمدن ائسوسيئشن" نالي ٻي جماعت قائم ٿي. "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽئ" عهدن تي اختلافن ٿيڻ ڪري ٽٽي ته " سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽي" نالي ٻي جماعت ٺھي. "پيپلز پارٽي" ڀاء ڀيڻ جي اختلافن ڪري ٻن پارٽين ۾ ورهائجي وئي. مختصر لفظن ۾ ايئن چئجي ته سياسي اڳواڻن تاريخ جي اڪثر دورن ۾ سنڌ ۾ ”سياسي مفاهمت ۽ اتحاد“ بدران سياسي اختلاف پيدا ڪري قومي قوت ۽ سنڌ کي نقصان ڏنو. اسان جي دور ۾ سنڌ سطح تي ساڳين مقصدن لاء گهڻين پارٽين جو هجڻ به انھئ سلسلي جي ڪڙي آھي.
اڄوڪي تاريخ اهو به سبق ڏئي ٿي ته ڌارين اسان مان ئي ماڻھون چونڊي, اسان خلاف استعمال ڪرڻ جي روايت رکي, جيڪا اڄ تائين قائم آھي. اهڙا ٽي مثال اڄ تاريخ ڏنا آھن ۽ هتي شامل آھن.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
15.3.1835:
پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي سنڌ جي صورتحال کان باخبر ڪرڻ لاء لکي ٿو ته: 1). پيرو کوسي مير نور محمد کي دانهن ڏني ته بلمير ۾ فرنگي فوجي ڪمانڊر سندس پئ کي ڌمڪيون پيو ڏئي, ان جي واهر ڪريو. پر مير هن کي مايوس ڪن موٽ ڏني, 2). راجا رنجيت سنگ پنهنجو وڪيل چنيلال ڪابل موڪليو آھي ته ڏسي ٻڌي اچي ته اتي ڇا پيو وهي واپرجي, 3). مير نور محمد پنھنجي طرفان مرزا محمد باقر کي قلات موڪليو هو ته جيئن اتي حڪمرانن سان دوستئ جو معاهدو ڪري اچي. مرزا اهو معاهدو ڪري سنڌ موٽي آيو آھي, 4). جيسلمير جي حاڪم پنهنجي طرفان هڪ وڪيل ۽ سلامتراء منشي مير نور محمد ۽ مير نصير خان ڏي موڪليا آھن. اهي تحفا به کڻي آيا آھن.
15.3.1841:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ لوئر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي اجازت ڏني ته تون ڀلي سيد سليمان شاه ۽ سندس خاندان کي ڏوڪڙ ڏئي هٿ رک. ان سان حيدرآبادي دربار بابت گهڻو ڪجھ پتو پئجي ويندو.
15.3.1841:
ڪمپني سرڪار سنڌ ۾ سندن پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر آئوٽرام کي لکيو ته سنڌ جو نقشو ٺاهي موڪل.
15.3.1843:
نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي لکي ٿو ته پتو پيو آھي ته مير شير محمد ٽيھ هزار فوجي گڏ ڪري ورتا آھن. پر خبر نه ٿي پئي ته هن وٽ نه ايترو پئسو آھي نه پاڻي. پوء ھو ايڏي فوج ڪيئن سنڀالي سگهندو. جيڪڏهن ضرورت پئي ته مون کي فيروزپور مان فوج گهرائڻي پوندي, پر ايڏو خرچ نه ڪندس. مان پنهنجئ فوج سميت هن لاء ڪافي آھيان.
15.3.1847:
سنڌ جي ڪمشنر ۽ ڪراچئ جي ڪليڪٽر وچ ۾ ھيٺ ڏسيل هنڌن تي پيئڻ جي پاڻئ جي مستقل بندوبست ڪرڻ بابت لکپڙھ ٿي:
ٺٽو, سونڊا, ڪياماڙي, منوڙو ۽ گذري.
15.3.1884:
حسن علي افندئ "سنڌ محمدن ائسوسيئيشن" جي نالي سان جماعت ٺاهي, جيڪا 1935 تائين فعال رهي.
15.3.1919:
سکر ۾ مسلمانن طرفان وڏي پئماني تي تعليمي ڪانفرنس ٿي جيڪا ٻه ڏينھن هلي.
15.3.1925:
سکر ۾ "جمعيت العلماء سنڌ" جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سنڌ جي برک عالمن شرڪت ڪئي. انھئ موقعي تي پارٽئ جا ھن ريت عهديدار چونڊيا ويا:
قاضي اسدالله شاه ٽکڙائي (صدر), مولانا محمد صادق کڏي وارو ۽ مولانا مير محمد نورنگزادو (ٻئي نائب صدر) ۽ مولانا دين محمد وفائي (سيڪريٽري).
15.3.1930:
حافظ مولوي عبدالرحمان جي دستاربندئ جي موقعي تي وڳڻ ۾ لاڙڪاڻي جي "جمعيت العلماء سنڌ" جو ميڙاڪو ٿيو. هن گڏجاڻئ ۾ پارٽئ کي وڌيڪ فعال بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان کان سواء ”شارڌا ائڪٽ“ خلاف ٺھراء پاس ڪيو ويو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته بئراج جي کوٽائئ وقت مسجدن جي حرمت کي ڪو نقصان نه پهچي.
15.3.1838:
لاڙڪاڻي ضلعي ۾ جنورئ 1938 کان ماتا جي وبا پکڙي. اڄوڪي تاريخ تائين 106 ڪيس ٿيا, جن مان 9 مريض مري ويا. سرڪار انھئ گنڀير صورتحال کي ڌيان ۾ رکندي ضلعي اندر ميلن ملاکڙن تي پابندي مڙھي ڇڏي.
15.3.1936:
ڪراچئ ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ”سنڌ مسلم پوليٽيڪل پارٽئ" جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ پارٽئ کي وڌيڪ فعال بنائڻ ۽ چونڊن ۾ ڀرپور حصي وٺڻ بابت فيصلا ڪيا ويا.
15.3.1934:
ايس.ايف.گولوالا "ڪراچي ايئرو ڪلب" جو ميمبر هو. هن هندستان جي تاريخ ۾ پهريون هوائي چڪر ڏيندي ڪراچي, ممبئي, احمد نگر,سچيندرآباد, بئنگلور, مدراس, ڪلڪتي, الله آباد, ڪانپور, آگري, دهلي, جوڌپور ۽ حيدرآباد جو هوائي سفر 48 فلائينگ اورس ۾ پورو ڪيو.
15.3.1953:
جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”سنڌ عوامي محاذ“ جي پاليامينٽري بورڊ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ڪامريڊ صوڀي ۽ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ به شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ چونڊن ۾ ھن پارٽئ جي ٽڪيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺندڙ خواهشمند پنهنجون درخواستون جلد موڪلي ڏين.[ ياد رهي ته پاڪستان جي قيام کان وٺي ون يونٽ جي ٽٽڻ تائين جي.ايم.سيد پاليامينٽري سياست ڪئي, بلڪ پنھنجئ پارٽئ جي قيادت ڪئي.]
15.3.1955:
گورنر جنرل ڪوٽڙي بئراج جو افتتاح ڪيو.
15.3.1969:
محمد موسا جي جڳه تي يوسف هارون کي اولھ پاڪستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. اهڙي تبديلي هن ڪري وقت جي تقاضا هئي ته ڀٽو سنڌ مان سياسي حيثيت بڻجي اڀري رهيو هو ۽ وڏي سرڪار کي انهئ موجهاري جو ڪجھ نه ڪجھ حل ڪڍڻو هو.
15.3.1973:
پير پاڳاري کي مخالف ڌر جي سياسي پارٽين جي اتحاد " يونائيٽيڊ ڊيموڪريٽڪ فرنٽ" جي ائڪشن ڪميٽئ جو سربراه بڻايو ويو.
15.3.1981:
پاڪستاني جهاز ڀڄائي ويندڙن مسافرن کي آزاد ڪيو ۽ جهاز مان هٿ ڪڍيا. سندن اهم مطالبو مڃيندي, پاڪستان 54 قيدن آزاد ڪري چڪي هئي.
15.3.1995:
مير مرتضا ڀٽو پيپلز پارٽي (ش.ڀ) جي چيئرمني سنڀالي.
***************
[ڏينهن 15مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
15 مارچ 1874ع مشهور مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ مولانا محمد صادق کڏيواري جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع سماجي ورڪر هري سُندر روپچند جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع تعيلمي ماهر رسول بخش آخوند جي ولادت ٿي.
15 مارچ 1907ع شاعر حبيب الله فڪري جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1913ع شاعر امر لال ساڌواڻي (دادو / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1925ع ناليواري شاعر سليم ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1928ع شاعر لکمي چند پريم (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1930ع اسڪالر، لسانيات جي ماهر ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر غلام علي الانا جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1935ع صحافي الله ورايو صديقي (شڪار پور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع صحافي رحمت الله سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع شاعر ٽيڪچند مست (چوهڙ جمالي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1939ع شاعر منوهر بجلاڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1944ع ليکڪ سيد حبيب الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر نور احمد ناشاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر سرويچ سومرو (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع ليکڪ جاويد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1953ع شاعره، ليکڪا ۽ پبلشر نذير ناز جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1961ع ليکڪ فاروق احمد ڀٽو (بنگل ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1963ع شاعر قلندر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1968ع صحافي نور ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1969ع اديب استاد نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1975ع صحافي رياض ڀرچونڊ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر عطا الله ساگرابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر اڪمل ماٿيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيم جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1982ع شاعر تنها اصغرجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1983ع ليکڪ عمران جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
15 مارچ 1956ع شاعر سوڀراج “فاني” جو انتقال ٿيو.
15 مارچ 2001ع ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو انتقال ٿيو.

Sunday, 13 March 2022

Sindh History (March 14, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (14th March)
14th March
BIRTH DATES
Veeromal Tahilyani (Padedan > Ajmir/Freedom Fighter/ Born 14th March 1910),
Lal Bin Yousif (Hyderabad/Poet/ Born 14th March 1920),
Bardo Sindhi (Makan Kori/Poet/ Born 14th March 1922),
Miral Joyo (Abdul Rasool Joyo/Poet/ Born 14th March 1930),
Doulat Thanwani (Shahdadpur > Ajmir/Artist/ Born 14th March 1935),
Sarwech Sujawali (Ibrahim Tarro/Poet/ Born 14th March 1937),
Nashtar Nathanshahi (Garhi/Poet/ Born 14th March 1939),
Syed Shabir ‘Hatif’ (Thukhar/Poet/ Born 14th March 1940),
Moulana Azizullah Bohiyo (Khair Muhammad Bohiyo/Religious Scholar & Politician/ Born 14th March 1946),
Adeeb Inqlabi (Gahi Khan/Writer/ Born 14th March 1959),
Qaimuddin Sahito (Folklore Poet/ Born 14th March 1960),
Khadim Sodhar (Khairpur Nathanshah/Poet/ Born 14th March 1976),
Aijaz Qadir Mahar (Poet/ Born 14th March 1979),
Raja Wasim Abro (Hothi/Poet/ Born 14th March 1980),
Imtiaz Khaskheli (Berani/Poet/ Born 14th March 1985),
Hosh Muhammad ‘Dard’ Abro (Jeal Kolab/Poet/ Born 14th March 1989),
EVENTS
1843: The Government of India announces to prepare Standards of three colours of Military Ribbon of India, inscribed with words ‘Hyderabad 1843’ to be presented to ‘Sindh Horse’ for defeating enemy in battle of Meanee.
1932: Under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), Congress Committees of Karachi and Nawabshah and their branches are declared unlawful.
1944: The Sindh Provincial Muslim League elects G.M.Syed as president and Syed GhulamHyder Shah of Mirpurkhas as General Secretary.
1951: Cash prize of Rs.5000 is announced by the Government for proving information regarding where about of Syed SajjadZaheer, the master mind of the Rawalpindi conspiracy.
1952: Urdu is and will remain official language in Sindh, says Khuhro, the president of Sindh Muslim League,
1954: Governor’s rule is imposed in East Pakistan.
1969: Moulana Moudoodi asks his party men to fight against menaces of Socialism.
1975: Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan inaugurates Larkana Sughar Mills.
1977: PNA is on roads. Processions are taken out in various cities of Punjab.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سڄڻو! 14.2.2022 جي تاريخ آھي. آئون دعائن,سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان سج ۽ صبح سان گڏ اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. دعا آھي ته اهو صبح ٿئي جنهن ۾ صدين جي اونداهي سوجهري ۾ بدلجي وڃي ۽ سونھن ۽ سچ جي روشني ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پکڙجي وڃي ۽ امن امان, سک ۽ سڪون اسان جو در ئي نه ڇڏن.
اڄ مان 14 مارچ جي حوالي سان اوهان کي اوهان جي تاريخ جا ڪجھ واقعا ۽ ٻي معلومات ٻڌائيندس. پنهنجو وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم.
تاريخ ٻڌائي ۽ سمجهائي ٿي ته اسان جا حاڪم ۽ حڪمران ڏکين حالتن کي بهادرئ سان منھن ڏئي نه سگهيا. پنهنجي مفاد لاء سنڌ ۽ سنڌين کي قربانئ جو ٻڪرو بڻائيندا رهيا. پوء وري اسان مٿان اهڙو وقت آيو ته اسان پنهنجي حاڪمن, اقتدار-ڌڻين ۽ اڳواڻن جي غير مشروط پوڄا ڪرڻ شروع ڪئي. مئن ۽ زنده آدرشن کي مافوق الفطرت هستيون ڄاڻي عبادت ڪرڻ, نظرين ۽ قدرن کان اتم ۽ اهم ڄاڻڻ شروع ڪيو. اهو ئي اڄ به اسان جي زندگئ جو عظيم مقصد آھي. انھئ داخلي غلامئ مان دڳ ڪڍڻ لاء اسان کي تاريخ مان سبق وٺڻو پوندو, پاڻ کي بدلائڻو پوندو نه ته حالتون ڪونه بدلبيون
***************
توجه طلب واقعا
***************
14.3.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ شڪارپور ۾ مقرر ڪيل سياسي مامرن کي سنڀالڻ واري عملدار کي هدايت ڪئي ته هر هڪ مير کان شاه شجاع لاء ست ست لک روپيا ڏن وٺ. جيئن ته مير رستم علئ اسان کي مفت ۾ بکر جو قلعو ڏنو آھي, ان ڪري هن کان ڪجھ به نه وٺبو. ليڪن مير مبارڪ خان کان ست لک روپيا ڏن ضرور وٺبو.
14.3.1839
پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي تفصيلي خط لکي سنڌ بابت حال احوال ڏئي ٿو. ان جون خاص ڳالهيون هئ آھن: 1). مير شير محمد اسان سان ڀلو نه ٿو هلي. پر پڪ آھي ته اسان جڏهن حيدرآبادي ميرن سان وڙھنداسين ته هي انھن جو به ساٿ نه ڏيندو, 2). اسان جي فوج هن جي جڏهن گذري پئي ته انھن مان ڪيترن لٽيو ويو ھو, 3), حيدرآبادي ميرن نواب احمد خان لغاري کي مون ڏي موڪليو. هن جي ڳالهين مان لڳو ته هو ۽ حيدرآبادي مير اسان کي شڪ جي نگاه سان ڏسن ٿا. مون کي ٻڌايو ته مير اسان کان چورئ ايران سان دوستي رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
14.3.1928:
لاڙڪاڻي جي سيشن جج ڊي. آر. نارمن ڪيس نمبر 84, سال 1927 ۾ فيصلو ڏيندي اڄ
انھن سمورن مسلمان ملزمن کي آزاد ڪيو, جن کي هندو-مسلم هنگامن ڪري لاڙڪاڻي ۾ گرفتار ڪيو ويو هو. هي هنگاما هندن طرفان مسلمان مائي ڀڄائي ان کان دين مٽرائي گم ڪرڻ تي ٿيا هئا.
14.3.1944:
صوبه سنڌ مسلم ليگ چونڊيون ٿيون, جنهن ۾ جي. ايم.سيد کي ٻيهر صدر چونڊيو ويو ۽ ميرپورخاص واري سيد غلام حيدر شاه کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
14.3.1951:
ملڪي سرڪار اعلان ڪيو ته جيڪو ڪميونسٽ ليڊر سجاد ظھير کي پڪڙڻ ۾ مدد ڪندو يا معلومات ڏيندو, ان کي 5000 روپيا انعام ڏنو ويندو.
14.3.1952:
سنڌ مسلم ليگ جي صدر محمد ايوب کهڙي بيان ڏنو ته اردو سنڌ ۾ سرڪاري زبان آھي ۽ رهندي. [سنڌ,سنڌين ۽ سنڌي زبان تي سنڌي اقتدار-ڌڻين اهڙا ۽ ايئن احسان ڪيا].
14.3.1969:
مولانا مودودئ پنهنجن پوئلڳن کي هوشيار ڪيو ته سوشلزم جي مصيبت کي مڙس ٿي منھن ڏيو.
14.3.1977:
ڀٽي-حڪومت خلاف ڌڪڙ تي اٽو لڳو. پي.اين.اي وارن اڄ پنجاب جي وڏن شھرن ۾ جلوس ڪڍيا. مفتي محمود اعلان ڪيو ته هاڻي ڀٽي سان ڳالهيون نه ٿينديون.
14.3.1980:
عشر ۽ زڪوات وارو آرڊيننس لاڳو ڪيو ويو. هن کان پوء پهرين رمضان تي بينڪ ۾ رکيل رقم مان زورئ زڪوات ڪٽجڻ شروع ٿي.
14.3.1981:
الذوالفقار تنظيم جي مطالبي کي مڃيندي پاڪستان سرڪار 54 ماڻھون خاص جهاز ذريعي شام ملڪ موڪلي ڏنا. اهي ماڻھون مختلف جيلن ۾ قيد هئا.
***************
{14 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
**************
[جنم ڏينهن:]
14 مارچ 1879ع مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائين جي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1900ع صحافي ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاري(احمد آباد / لاڙڪاڻو) جي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1920ع شاعر لعل بن يوسف (حيدرآباد) جي ولادت ٿي.
14 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1930ع شاعر ميرل جويو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1935ع آرٽسٽ دولت ٿانواڻي (شهدادپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1937ع ناليواري شاعر سرويچ سجاولي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1939ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1946ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولانا عزيز الله ٻوهيو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1976ع شاعر خادم سوڍر (ڪي اين شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 مارچ 1979ع شاعر اعجاز قادر مهر جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1980ع شاعر راجا وسيم ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1985ع شاعر امتياز خاصخيلي (ٻيراڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1989ع شاعر هوش محمد درد ابڙو (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1990ع شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
14 مارچ 1883ع فلاسافر، ماهر معاشيات، ماهر سماجيات، صحافي ۽ تاريخدان ڪارل مارڪس جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1890ع ايسرداس پرمانند ديهانت ڪري ويو.
14 مارچ 1940ع ميان عبدالرحيم ولد ميان ولي محمد درس جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1954ع شاعر قادر بخش بشير جي وفات ٿي.
14 مارچ 1976ع مولوي قاضي دوست محمد جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1987ع ليکڪ، اديب ۽ سياستدان پير علي محمد راشدي جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 2018ع عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ وفات ڪري ويو.

Saturday, 12 March 2022

Sindh History (March 13, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (13th March)
13th March
BIRTH DATES
Moulana Akhud Ghulam Hyder Soomro (Religious Scholar/ Born 13th March 1899),
Dev Sabhani (Larkano > India/Writer/ Born 13th March 1911),
Anees Maheri (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 13th March 1918),
Parshotam ‘Chand’ (Karachi > Mumbai/Singer & Artist/ Born 13th March 1927),
Abdul Ghafar Sidiqui (Shikarpur/Journalist/ Born 13th March 1941),
Umar Sanjrani (Writer/ Born 13th March 1945),
Tirath Chandwani (Hyderabad > Jonagarah/Poet/ Born 13th March rch 1946),
Dr.Mazhar Mughul (Larkano/Nationalist/ Born 13th March rch 1955),
Bashir Ahmad Abro (Tharecha/Folklore Poet/ Born 13th March 1955),
Noor Hussain Bhatti (Tando Muhammad Khan/Journalist/ Born 13th March 1968),
Zahid Jam ro (Ghulam Jaffar/Poet/ Born 13th March 1975),
Arif Kanasro (Karachi/ Born 13th March 1995),
DEATH DATES
Mian Abdul Rahim (Mulan Katyar/Saint/ Death 14 March 1940).
Qadir Bux ‘Bashir’ (Poet/ Death 14 March 1954),
Pir Ali Muhammad Shah Rashdi (Bihman/Jornalist, Freedom Fighter,
Sindh Minister & Writer/ Death 14 March 1987)
EVENTS
1843: Charles Napier is feeling threat in northern Sindh. He has asked the Bombay Government to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur. But, he is advised to contact Naval officers at Karachi to send guns and mortars.
1907: The British Empire League, Karachi branch celebrates its first anniversary. The function is presided over by its Vice President M.de.Web. New office-bearers for the next year are also elected on the occasion. The details of the meeting and the Karachi branch of British Empire League are available at Gul Hayat website .
1929: Soon after offering celebration of EidRamzan, a public meeting is held at Amrote and it is decided to launch movement for saving demolition of mosques during construction work of canals.
1932: The Governor of the Bombay Presidency declares Congress Committees of Hyderabad and Nawabshah Districts . This action is taken under Indian Criminal Law (Amendment) Act of 1908.
1934: Jageerdars of Sindh decides to hold ‘Sindh Zamindar and Jageerdar Conference’ in April at Hyderabad so as discuss the situation created by Sukkur Barrage.
1949: The Hari Committee in its meeting held at Hyderabad with HyderBuxJatoi in chair demands abolition of Jageerdari system in Sindh.
1952: Sindh Judicial court is upgraded as Chief Court.
1972: Thirteen hundred civilian officers are per-maturely retired.
1977: PPP Government offers unconditional talks with PNA.
 
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
اڄ 13.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سميت اوهان کي سنڌ جي تاريخ مان 13 مارچ جو ورق کڻي تاريخي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل آھي.
تاريخ جو ورق ورق اسان سان وڏي واڪ ڳالهائيندو آھي. اڄ تاريخ اسان کي پنھنجي هڪ وڏي خامي ٻڌائي ٿي ته اسان جي هر دور جي حاڪمن پنهنجئ ڪرسي بچائڻ يا ڌارين سان پڳ مٽي ياري رکڻ جي خفت ۾ سنڌ ۽ سنڌي عوام کي ٻٽئ غلامئ ۾ ڦاسايو. ان ڪري سنڌ ۽ سنڌي اڪثر دورن ۾ سورن ۽ عذابن ۾ رهيا.
***************
توجه طلب واقعا
***************
13.3.1839:
ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ "سيڪريٽ ڪميٽئ" کي سنڌ بابت هڪ طويل رپورٽ پيش ڪري ٿو, جنھن جو خاص ڳالهيون هي آھن: 1). سکر ۾ درياھ مٿان ٻيڙين جو پليون ٺھي رهيون آھن, هاڻي اسان جي فوج کي شڪارپور پهچڻ ۾ آساني ٿيندي, 2). خيرپوري ميرن بکر قلعو رضا خوشئ سان سولي معاهدي مطابق اسان حوالي ڪري ڇڏيو آھي, 3). مير نور محمد ۽ مير نصير خان ايران جي بادشاه سان خط و ڪتابت ڪري,اسان خلاف محاذ ٺاهڻ جي ڪوشش پيا ڪن. مون پاٽينجر کي هدايتون ڏيون آھن ته هو ڏکڻ سنڌ ۾ جاسوسئ جو نظام فعال ڪري ته جيئن حيدرآبادي ميرن جي هر چال تي نظر رکجي, 4). مان سوچيان ٿو ڏکڻ سنڌ ۾ "مددگار فوج" رکڻ لاء ميرن کان ان جو مڪمل خرچ وٺڻ بدران ٿورو خرچ وٺجي ۽ ان جي معوضي طور هنن کان ٺٽو وٺجي, 5). شاه شجاع جي فوج شڪارپور ڇڏي لاڙڪاڻي تي قبضي ڪرڻ لاء نڪتي آھي. ان سان مير کيس ڏن ڏيڻ ۾ ويرم ئي ڪونه لائيندا.
13.3.1843:
نيپيئر اڄ حيدرآباد منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مون کي ميرن سان ڪو ذاتي ساڙ ڪونهي. منهنجي هنن سان ذاتي دشمني به ڪونهي. هنن پنهنجو پاڻ سان دشمني ڪئي آھي. انهئ روش هنن کي کي حاڪمن مان محڪوم بڻايو. هي بي اعتبارا آھن. مير صوبدار ظاهر ۾ اسان سان يارئ جي دعوا پيو ڪري, پر هن جي پنج هزار سپاهي جنگ جي ميدان ۾ اسان سان وڙھي رهيا هئا.
مون هتي سنڌ ۾ پهرين ڦاهئ جي سزا ڏني آھي. خونئ هڪ پارسئ کي ماريو هو. ملڪ ۾ ٺاپر اچي رهي آھي ۽ ويڙھ لاء آيل ماڻھون پنهنجي ڳوٺن ڏي موٽي رهيا آھن. ميرن پاڻ جيڪي پنهنجون تلوارون مون اڳيان آڻ مڃي ڦٽي ڪيون هيون, سي کين موٽائي ڏنيون اٿم. هو انھن تلوارن هوندي پنھنجو ملڪ بچائي نه سگهيا, ان ڪري مون کي هنن مان ڪو خطرو ڪونهي. انھن تلوارن هوندي به هو پاڻ به بچائي نه ٿا سگهن هاڻي جنگي قيدي آھن.
13.3.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل اڄ سيڪريٽ ڪميٽئ کي سنڌ تي قبضي ڪرڻ بابت خبر ۽ جواز ڏيندي لکيو ته افغانستان مان مليل ڦٽ اڃان ڇٽا ئي ڪونه هئا ته ڏکڻ سنڌ جي ميرن جي سازشن اسان کي پريشان ڪري وڌو. مون ٽي مهينا اڳ نيپيئر کي چيو هو ته سنڌ پنهنجي هٿن ۾ وٺجي. هن جي تدبر ۽ مهارت کي جس هجي جو هن اڻ هوند مان هوند ڪئي ۽ سگهارن ويڙھاڪ ٻروچن کي حڪمت عملئ سان شڪست ڏني. هاڻي سنڌوندي اسان جي واپار ۽ فوجي مفادن لاء ڪم ايندي ۽ اسان سنڌ وٽان هڪ ناقابل شڪست طاقت ۽ حيثيت جا مالڪ بڻجي ويا آھيون.
13.3.1849:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌ ۾ ممبئئ وارو سول جسٽس جو انتظام لاڳو ڪيو.
13.3.1907:
"برٽش سنڌ امپائير ليگ" جي ڪراچي شاخ جي پهرين سالياني گڏجاڻي نائب صدر ايم.ڊي.ويب جي صدارت ۾ ٿي. هن ليگ ۾ ميمبرن جي اڪثريت گورن عملدارن جي هوندي هئي. ليگ جي ڪارڪردگئ جو تفصيلي احوال گل حيات جي ويب تي موجود آھي.
13.3.1929:
رمضان شريف جي عيد نماز پڙھڻ کان پوء امروٽ ۾ خلافت تحريڪ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. انھئ زماني ۾ بئراج جي تعمير دوران ڪن مسجدن کي شھيد ڪرڻ لاء ڳالهيون هلي رهيون هيون. تقريرون ڪندڙن حڪومت کي چتاء ڏنو ته ڪابه مسجد شھيد نه ڪئي وڃي, ٻئ صورت ۾ سخت تحريڪ هلائي ويندي.
13.3.1932:
ممبئي صوبي جي گورنر "انڊين ڪرمنل لا امينڊمينٽ ائڪٽ (X11 of 1908)" هيٺ سنڌ ۾ ڪانگريس ڪميٽين ۽ انھن جي ذيلي شعبن کي غير قانوني قرار ڏئي بندش وڌي.
13.3.1934:
سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن طرفان اخبارن ۾ دعوت نامو ڇپيو جنهن ۾ لکيو ويو ته اپريل ۾ حيدرآباد ۾ ڪانفرنس سڏرائي بئراج کلڻ کان پوء پيدا ٿيل مسئلن تي ويچاريو ويندو. هن دعوت نامي ۾ سنڌ جي مکيه جاگيردارن ۽ زميندارن جا نالا به ڏنل آھن.
13.3.1949:
ڪراچئ ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ جي صدارت هيٺ ھاري ڪميٽئ جو اجلاس ٿيو, جنھن ۾ ٺھراء ذريعي سرڪار کان جاگيرن ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
13.3.1952:
سنڌ جڊيشل ڪورٽ جو درجو وڌائي ان کي چيف ڪورٽ بڻايو ويو.
13.3.1972:
1300 سرڪاري عملدارن کي وقت کان اڳ زورئ رٽائير ڪيو ويو.
13.3.1977:
ڀٽي جي حڪومت اڄ مڃيو ته مخالف ڌر پي.اين.اي سان غير مشروط ڳالهين لاء تيار آھيون.
13.3.1984:
ليفٽيننٽ جنرل کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
13.3.1995:
حقيقي ايم ڪيو ايم جا 13 ورڪر ايم ڪيو ايم جي ٻئي ڌڙي آفيس تي حملو ڪري ماري ڇڏيا.
***************
{13 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
13 مارچ 1828ع مغربي محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپ جي جرمنيءَ ۾ پيدائش ٿي.
13 مارچ 1911ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ پبلشر ديو ساڀاڻي جي پيدائش ٿي.
13 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1927ع شاعر ۽ گلوڪار پرشتم چاند (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1941ع صحافي عبدالغفار صديقي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1946ع شاعر تيرٿ چاندواڻي (حيدرآباد / جهونا ڳڙهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع سگهڙ بشير ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1963ع ناليواري شاعر حليم باغي(روحل واء لڳ عمرڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1968ع صحافي نور حسين ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1976ع سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ، ليکڪ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي باني محمد سليمان وساڻ جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 مارچ 1857ع بزرگ خواجه ناظم الدين جي وفات ٿي.
13 مارچ 1935ع غلام حسين فقير شيخ (شڪارپور / شيخ اياز جو والد) جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2007ع سينيئر صحافي احمد علي خان جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2016ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو انتقال ٿيو.

Friday, 11 March 2022

Sindh History (March 12, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (12th March)
12th March
BIRTH DATES
Choharmal Hinduja (Writer/ Born 12th March1902),
Mahboob Ali Channa (Sehwan/Writer/ Born 12th March1922),
Faqiryani Mai Begam (Singer/ Born 12th March1924),
Jamaluddin ‘Jogi’ (Poet/ Born 12th March1935)
, Shiv ‘Shama’ Bodani (Sukkur > Ulhasnagar/Poet and Artist/ Born 12th March1944),
Ghulam Nabi Mughal (Hyderabad/Fiction Writer/ Born 12th March1944),
Qazi Khizir Hayat (Ratodero/Writer & Artist/ Born 12th March1945),
Aashiq Dadvi (Dadu/Poet/ Born 12th March1958),
Rajib Bughio (Sehwan/Writer/ Born 12th March1963),
Rabnawaz Kamalani (Kambar/Journalist/ Born 12th March1967),
Idress Nahrio (Banbha Nahrya/Poet/ Born 12th March1971),
Shaman Lashari (Wahi Pandhi/Writer/ Born 12th March1972),
Naematullah Jonijo (Larkano/Compare/ Born 12th March1972),
Malik Waheed (Dadu/Writer/ Born 12th March1981)
DEATH DATES
Khowaja Nizamuddin (Shikarpur/Saint/ Death 13 March 1958),
Ghula Hussai Shaikh ‘Faqir’ (Shikarpur/Poet/Father of Shaikh Ayaz/ Death 13 March 1935),
Moulana Abdul Karim Dero (Raza Muhammad Dero / Religious Scholar & Writer/ Death 13 March 1945),
Habib Jalib (Urdu Poet/ Death 13 March 1993),
EVENTS
1843: The Governor-General of India declares Sindh as the part of their Government of India.
1919: Sir W. Vincent moves consideration of Select Committee Report on Rowlaat Bill in Imperial Legislative Council. A hot debate starts, non-official Indians opposes the Bill in one voice.
1930: Gandhi starts his March to Mandvi to offer civil disobedience through violation of the provisions of the Salt Law.
1932: In Bombay Legislative Council, Sir Shahnawaz Bhutto opposes motion demanding Government to hold conference of the leaders of various parties to get feedback and guidance for the Round Table Conference and its Sub-Committees.
1935: Seth Haji Abdullah Haroon’s cut motion protesting against ‘repression in Balochistan’ is carried by the Bombay Legislative Council.
1936: The smaller states of Gujrat and Kathiwar wish to have confederation of their own instead of their amalgamation with larger Indian States.
1942: Public meetings arranged by the local branches of the Sindh Muslim league at Kambar, Dokri and Gatahar declare that they will not accept any move minus Pakistan.
1948: Karachi is declared as the capital of Pakistan. Kelat asks for three months to decide amalgamation with Pakistan.
1952: Joint Secretary, Department of Defense, Government of Pakistan, is appointed as first ever Chief Commissioner of Karachi.
1955: increasing of regional and international responsibilities have increased liabilities of our army, and we have to improve our professionalism, says Defense Minister General Ayub Khan.
1965: Faiz Ahmad Faiz is released from ShahiQila.
1972: Chief Martial Law Administrator Z.A.Bhutto issues Martial Law Regulation for implementation of Land Reforms.
1977: PNA demands resignation of Bhutto Government, dissolution of the Election Commission and formation of interim government.
1981: Pakistan Government agrees to release 55 prisoners demanded by the hijackers of PIA plane.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان اڄ 12.3.2022 تي اوهان لاء سنڌ جي تاريخ مان 12 مارچ جو ورق کڻي ڪجھ واقعا ٻڌائڻ ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪئي اٿم ته جيئن اوهان موضوع تي وڌيڪ ڳالهيون ٻڌي سگهو.
اڄ تاريخ جا ورق اوهان کي شاهدين ثابتين سان سنڌ لاء ڪراچئ جي اهميت بيان ڪري ٻڌائيندا. مورڙيئي جو هن شھر جي سنڌين وارثي ۽ مالڪي ڪئي ته ان کي ايشيا جي راڻي بڻائي ڏيکاريو. پر ڪراچي جڏهن جڏهن سندن هٿن مان نڪتي ته انهن هٿن ۾ غيرن ٽانڊا وڌا ۽ سنڌين کي بي بسي بي پاڙئ ول جيان وڪوڙي وئي. اهو آئون نه ٿو چوان, اهو تاريخ ٻڌائي ٿي. اچو پنهنجي تاريخ پڙھون.
***************
توجه طلب واقعا
***************
12.3.1919:
امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ "روولٽ بل" بابت سليڪٽ ڪميٽئ جي رپورٽ تي بحث شروع ٿيو. غير سرڪاري ميمبرن ان جي مخالفت ۾ نھن چوٽئ جو زور لڳايو.
12.3.1930:
گانڌئ مانڊوي طرف مارچ شروع ڪيو ته جيئن اتي پهچي "لوڻ جي قائدن" کي ٽوڙي حڪومت خلاف عدم تعاون جي تحريڪ جي شروعات ڪري. ياد رهي ته "لوڻ جي قائدن ٽوڙڻ واري تحريڪ" ۾ سنڌي ڪانگريسين ڀرپور حصو ورتو ۽ ڪيترا جيلن ۾ ويا.
12.3.1932:
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ راء بهادر ڪالي جي موشن تي بحث ھليو ته سرڪار سياسي پارٽين جي اڳواڻن جي ڪانفرنس سڏائي ته جيئن "گول ميز ڪانفرنس" جي سب ڪميٽين جي ڪم کي وڌيڪ بهتر بڻائجي.
سر شاهنواز ڀٽي انھئ موشن جي مخالفت ۾ ڳالهائيندي چيو ته اڳواڻن جي ڪانفرنس گول ميز ڪانفرنس جي سب ڪميٽين جي ڪم ۾ مونجهارا پيدا ڪندي. ان ڪري اڳواڻن جي ڪانفرس نه ڪوٺائجي.
12.3.1942:
ڏوڪري, محبوب تنيئي, گهٽھڙ ۽ قمبر جي مسلم ليگ جي برانچن عوامي ميڙاڪا ڪرايا ۽ اتي ٺھراء پاس ڪري هندستان جي وائسراء کي چتاء ڏنو ته مسلمان اهڙئ جوڙجڪ کي قبول نه ڪندا, جيڪا آل انڊيا مسلم کي قبول نه هوندي. [مطلب ته اسان کي پاڪستان کپي. سنڌي پاڪستان چاهڻ ۽ ٺاهڻ لاء اهڙيون کوڙ تاريخي شاهديون ۽ ثابتيون ڏئي سگهن ٿا.]
12.3.1948:
انگريزن جي دور ۾ اسان جي وڏڙن ڪراچي فرنگين جي حوالي ڪئي ۽ پوء سنڌ سندن پيرن هيٺان کسڪي وئي, اها 7 فيبروري 1839 جي تاريخ هئي. اڄ وري ڪراچي وفاقي حڪومت جي گادي بڻائي وئي. پوء جيڪي رنگ اڀريا, انھن سان تاريخ ڀري پئي آھي.
12.3.1952:
پاڪستان ڊفينس جي جوائنٽ سيڪريٽرئ کي ڪراچئ جو پهريون چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. سنڌ مان کين ڪو لائق ماڻھون نظر نه آيو.
12.3.1955:
ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان چيو ته علاقائي ۽ بين الاقوامي حالتن جي تقاضا آھي ته فوج انھن حالتن ۽ ذميوارين مطابق پنهنجي تربيت ڪري.
12.3.1965:
مشهور شاعر فيض احمد فيض کي آزاد ڪيو ويو.
12.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي حڪومت کان استعيفا ڏيڻ ۽ عبوري حڪومت ٺاهڻ جي گهر ڪئي. ان کان سواء اليڪشن ڪميشن کي نئين سر جوڙڻ جو مطالبو ڪيو.
12.3.1978:
بيگم نصرت ڀٽي کي گرفتار ڪيو ويو.
12.3.1981:
جنرل ضياء الحق جي حڪومت جهاز ڀڄائي ويندڙن جو مطالبو مڃي ورتو ته انھن 55 قيدين کي آزاد ڪيو ٿو وڃي, جن لاء مطالبو ڪيو ويو هو.
12.3.1991:
سکر ضلعي جي مختلف هنڌن تان 20 ماڻھون اغوا ٿي ويا.
***************
{12مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
12 مارچ 1902ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مارچ 1922ع اسڪالر محبوب علي چنا (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1924ع صوفي راڳ جي مشهور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جي پيدائش ٿي.
12 مارچ 1935ع شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1944ع شاعر ۽ اداڪار شيوا شمع بوداڻي (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1944ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ اديب غلام نبي مغل جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1945ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 مارچ 1958ع ليکڪ عاشق دادوي جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1963ع شاعر رجب ٻگهيو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1967ع صحافي ربنواز ڪمالاڻي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1972ع ليکڪ شمن لاشاري (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي.
12 مارچ 1981ع ليکڪ ملڪ وحيد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
12 مارچ 1925ع صوفي فقير موهن لال آهوجا ديهانت ڪري ويو.
12 مارچ 1992ع شاعر ۽ فنڪار حسين بخش خادم جو انتقال ٿيو.
12 مارچ 1993ع انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جي وفات ٿي.

Thursday, 10 March 2022

Sindh History (March 11, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (11th March)
11th March
BIRTH DATES
Syed Miran Muhammad Shah ‘Mahjoor’ (Tukhar/Freedom Fighter, Speaker Sindh Legislative Assembly & Poet/ Born 11th March 1898),
Lal Bux Chandio (Ladhan/Folklore Poet/ Born 11th March 1910),
Himoon Kalani (Sukkur/Freedom Fighter/ Born 11th March 1924.
Note: in some documents his Birth Date is given as 21th and 23rd and year is given as 1923),
Kodomal ‘Kod’ (Poet/ Born 11th March 1935),
Mohan Mihrchandani (Dara Khan Marri > Jaipur/Stage Director/ Born 11th March 1943),
Dr.Deedar Hussain Shah Rizvi (Thatto/Economist/ Born 11th March 1948),
Saman Dherwani (Rajkot/Poet & Novelist/ Born 11th March 1951),
‘Majboor’ Memon (Veji/Poet/ Born 11th March 1960),
Noor Rahojo (Lal Rahojo/Journalist & Writer/ Born 11th March 1963),
Jamil Shahzad (Sukkur/Poet/ Born 11th March 1968),
Jami Chandio (ThoriBum ijar/Social worker & Writer/ Born 11th March ch 1969),
Zubair Masroor Buriro (Mirpur Buriro/Poet/ Born 11th March 1971),
Khadim Satani (Satani Chandia/Poet/ Born 11th March 1980),
DEATH DATES
Makhdoom Fatahullah Bhatti (Hala/Religious Scholar/ Death 11 March 1712),
Major Outram (Political Agent in Sindh/ Death 11 March 1863),
Akhund Rahamatullah Sanwni (Hala/Religious Scholar/ Death 11 March 1887),
Hussain Bux ‘Khadim’ Sarwari (Khatian/Poet & Singer/ Death 11 March 1992).
EVENTS
1836: Colonel Pottenger, Political Agent of the Government of India, in Sindh, informs his Government that he has discussed the Draft of new treaty with Mir Noor Muhammad Khan.
1850: On behalf of Governor-General of India, presents are made to His Highness Mir Ali Murad Khan by the Collector of Shikarpur and on this occasion a horse and camel is presented to the Governor-General by His Highness and is received by the Collector. Presents given by His Highness were sold in Rs.2973 at Hyderabad and amount was deposited in Government Treasury.
1917: 4th Sindh Provincial Conference starts at Shikarpur. It is the great political event in the political history of Shikarpur. Hindus and Muslims are with one Agenda to serve Sindh and her people. Details of this Conference are available on the Gul Hayat website (http://www.gulhayat.com/)
1923: It is Sunday today and a big public meeting is held at Ubaoro with Moulvi Ali Sher in chair. The function is organized by the local branch of Khilafat Committee so as to create political awareness.
1931: Addressing a gathering of students at the Arabic College, New Delhi, MrsSarojini Naidu referring to the Muslim demand for safeguards, says that it shows that Muslims were weak and afraid of other communities. This is an entirely erroneous idea. Muslims with their culture and traditions, courage and virility could never be weak.
1945: The Central Parliamentary Board of the All-India Muslim League calls upon the Sindh Premier to tender the resignation of the whole cabinet and to reconstitute a Coalition Ministry in which there should not be any Muslim who is not a Muslim Leaguer.
1952: The ‘Sindh Sudhar League’ demands Sindhi as an official language.
1955: Sindh Chief court declares appointment of AyubKhuhro as illegal.
1969: Political Pandits doubts about imposition of Martial Law and beginning of destruction.
1971: Foreign nationals start leaving East Pakistan due to critical political situation.
1981: Hijackers of a PIA plane give list of 55 persons , to be released from Pakistani prisons.
1984: No room for Western Democracy in Pakistan, declares Zia-ul-Haq. As an Agenda is being set for Talibanization.
 
Dr Pathan: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
صبح ٿئي ۽ سج اڀري ته آئون به اچي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيان. اڄ 11.3.2022 آھي ۽ اوهان کي 11 مارچ جي حوالي سان تاريخ مان واقعا ٻڌائڻا آھن ۽ ٻي وڌيڪ معلومات ڏيڻي آھي. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
اڄ تاريخ وڏي واڪ ٻڌائي ٿي ته جڏهن ڪراچي ۽ ٻيٽ ڌارين جي هٿ ۾ آيا ته سنڌ هٿن مان هلي وئي. انهن ٻنھي ماڳن وڃائڻ سان اسان حاڪم هوندي به ڌارين جي نظر ۾ محڪوم ٿي وياسين.
اڄ تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته سنڌي ماڻھن پاڻ کي دين ڌرم, ذات پات ۽ رنگ نسل کي پاسيرو رکي فقط سنڌي بڻجي متحد ٿيا ته فيل مست فرنگي حڪومت کي نڪ ۾ دم ڏنائون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
11.3.1836:
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته هن مير نور محمد سان ملاقات ڪري ساڻس معاهدي بابت ڳالھ ٻوله ڪئي آھي.
11.3.1839:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جو گورنر پنهنجي سيڪريٽرئ معرفت پاٽينجر کي لکي ٿو ته اسان اهو چاهيون ته مير اسان جا "زيردست وفادار" ٿي رهن ۽ سنڌوندئ جي آبي آمدرفت اسان جي هٿ هيٺ هجي ته جيئن ان مان اسان فوجي ۽ واپاري فائدا وٺي سگهون. ڪراچي اسان فتح ڪئي آھي, ان ڪري مير ان جي مالڪئ ۽ وارثئ جو سوچي به نه ٿا سگهن. نئين معاهدي ۾ مير اهڙو شرط رکن ته تون ڳالهين دوران رد ڪري ڇڏجان.
11.3.1840:
حيدرآبادي ميرن پنهنجي طرفان سيد محمد جعفر شاه کي موڪليو ته هو ممبئي وڃي صوبائي گورنر سان ملي ۽ ميرن طرفان تحفا به ڏئي ۽ ياراڻا لاڳاپا رکڻ جو به يقين ڏياري. گورنر هن سان نه مليو ۽ هن تي چڙ ڏيکاريائين ته ميرن پوليٽيڪل ايجنٽ معرفت وڪيل جي ملڻ جي اجازت ڇونه ورتي.
ياد رهي ته پاٽينجر صوبائي گورنر کي کان ميرن جي وڪيل جي ساڻس ملڻ جي گذارش ڪئي هئي. پر پاٽينجر ويو ته چارج آئوٽرام کي ملي ۽ انھئ گذارش جي پوئواري نه ٿي هئي. ميرن پوء آئوٽرام معرفت گورنر کان معافي ورتي.
سنڌ جي حاڪمن جي هٿن مان جڏهن منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي هليا ويا ته ميرن کي انگريز محڪومن واري نظر سان ڏسڻ لڳا هئا.
11.3.1843:
نيپيئر اڄ جوکين جي سردار مهر علئ کي لکيو ته هاڻي تنھنجئ چال چلت ۾ جيڪا بهتري آئي آھي, اها مان گورنر جنرل کي ٻڌايان ٿو ۽ پوء ڏسون ته هو تنھنجي آزادئ بابت ڪهڙو ٿو حڪم ڪڍي. اوهان جي گهر ڀاتياڻين کي اجازت آھي ته هو جيڏانھن وڃڻ چاهن ته وڃن. سندن عزت ۽ احترام ۾ اسان طرفان ڪا ڪمي ڪانه ايندي.
11.3.1850:
شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ گورنر جنرل پاران مير علي مراد خان کي تحفا ڏنا. ان جي موٽ ۾ مير وري هڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ گورنر جنرل کي تحفي ۾ ڏيڻ لاء ڪليڪٽر حوالي ڪيا. اهي ٻئي جانور 2973 روپين ۾ حيدرآباد ۾ وڪرو ڪري رقم سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي وئي.
11.3.1917:
انگريزن جي زماني ۾ شروع کان وٺي 1930 تائين هندن ۽ مسلمانن هٿ هٿ ۾ ڏئي ساڳين پليٽ فارمن تان گڏجي سياست ڪئي. انھي ايڪي ۽ اتحاد واري زماني ۾ 1920 تائين سنڌ ۾ ”سنڌ پراونشل ڪانفرنس" جي نالي سان هنن سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ڪانفرنسون ڪيون. اڄ انھئ سلسلي جي چوٿين ڪانفرنس شڪارپور ۾ ٿي. ڪانفرنس جي مڪمل ڪاروائي گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
11.3.1923:
اوٻاڙي ۾ مولوي علي شير جي صدارت ۾ خلافت تحريڪ جو جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙ حڪومت جي عوام ۽ اسلام دشمن پاليسئ جي مذمت ڪئي.
11.3.1945:
آل انڊيا مسلم ليگ جي سينٽرل پارليامينٽري بورڊ سنڌ جي وزير اعظم کي استيفا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ته جيئن سنڌ ۾ ”گڏيل حڪومت" ٺاهي سگهجي.
11.3.1952:
"سنڌ سڌار ليگ" مطالبو ڪيو ته سنڌي ٻولئ کي سنڌ جي "دفتري ٻولي" بڻايو وڃي. ياد رهي ته انگريزن سنڌئ کي دفتري ٻولي بڻايو, پر 1947 جي سياسي تبديلئ کان پوء سنڌي ٻولئ کان اهو حق کسجي ويو. بنگالين جي ٻولئ تي اهڙو ڏکيو دور آيو ته هنن پنهنجي جوڌن جوانن جي قرباني ڏئي اهو حق واپس ورتو. ليڪن اسان مطالبن ڪرڻ ۽ جلوسن ڪڍڻ تي ئي ڳنڍ ٻڌي ٻولئ کي انھئ حق کان محروم ڪندا رهيا آھيون.
11.3.1971:
اوڀر پاڪستان جي وڳوڙي حالتن کي ڌيان ۾ رکندي, اتي رهندڙ ٻين ملڪن جا ماڻھون پنهنجي پنهنجي وطن ورڻ لڳا.
11.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي اسٽرائيڪ ڪئي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو. ڪالھ پوء به چونڊون ٿيون. پيپلز پارٽئ سنڌ ۾ سو في صد, پنجاب ۾ 240 سيٽن مان 232, سرحد ۾ 80 مان 69 ۽ بلوچستان ۾ 40 مان 34 سيٽيون کٽيون.
11.3.1981:
پاڪستاني جهاز ڀڄائي ويندڙن اڄ پاڪستان سرڪار کي 50 ماڻھن جي نالن جي لسٽ ڏني ته کين مختلف جيلن مان آزاد ڪري ٻاهرين ملڪن ۾ وڃڻ جي آزادي ڏيو.
11.2.1992:
ملڪ جي وزير اعظم اڄ غلام مرتضا جتوئئ کي پنهنجي وزارت مان ڪڍي ڇڏيو.
***************
{11 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
11 مارچ 1898ع ليکڪ ۽ سياستدان ميران محمد شاهه جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1910ع سگهڙ لعل بخش چانڊيو جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1924ع فريڊم فائيٽر شهيد هيمون ڪالاڻي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1935ع شاعر ڪوڏومل ڪوڏ جي ولادت ٿي.
11 مارچ 1943ع اسٽيج ڊائريڪٽر موهن مهرچنداڻي (دريا خان مري / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1951ع شاعر سمن ڌيرواڻي (راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1960ع شاعر مجبور ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1963ع ليکڪ نور راهوجو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1968ع شاعر جميل شهزاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1969ع ليکڪ ۽ سوشل ايڪٽوسٽ جامي چانڊيي جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1971ع شاعر زبير مسرور ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1980ع شاعر خادم ستاڻي (ستاڻي چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
11 مارچ 1712ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم فتح الله ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1863ع سنڌ ۾مقرر برطانيه جي پوليٽيڪل ميجر آوٽرام جو انتقال ٿيو.
11 مارچ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر آخوند رحمت الله سانواڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1993ع صداڪار ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي اهم شخصيت ايم بي انصارئ جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 2013ع ناميارو راڳي غلام علي سنديلو لاڏاڻو ڪري ويو.

Wednesday, 9 March 2022

Sindh History (March 10, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (10th March)
10th March
BIRTH DATES
Moulana Obedullah Sindhi (Religious Scholar, Revolutionary and Founder of Sindh Jamina Nirbda Sagar Party/ Born 10th march 1872),
Allah Bux alies Sunhno Saeen (Khanwahan/Saint/ Born 10th march 1910),
Chandomal ‘Pardesi’ (Shikarpur > Ulhasnagar/Poet/ Born 10th march 1913),
Sundardas Chandnani (Sukkur > Ajmir/Social Worker/ Born 10th march 1923),
Zaib Bhatti (Tando Muhammad Khan/Poet/ Born 10th march 1932),
Gul Parohat (Karachi > Ulhasnagar/Poet & Singer/ Born 10th march 1935),
Bashir Moriani (Shikarpur/Poet & Short Story writer/ Born 10th march 1935),
Shahzado Gulfam (Artist/ Born 10th march 1935),
‘Zigham’ Hyderi (Hala/Poet/ Born 10th march 1939),
Zulfikar Rashdi (Shah Goth/Poet/ Born 10th march 1938),
Imdad Hussaini (Tukhar/Poet/ Born 10th march 1940),
Ghulam Sarwar ‘Masroor’ Bhatti (Ganwal Khan/Poet/ Born 10th march 1947),
Aasha Sainani (Poono/Artist/ Born 10th march 1952),
Adil Sakhirani (Pir Ganio/Writer/ Born 10th march 1957),
Illahi Bux Chachar (Qadirpur/Journalist/ Born 10th march 1964),
Wazir Mangi (Waso Kalhoro/Writer/ Born 10th march 1968),
Razia Leghari (Poetess/ Born 10th march 1969)
Amar Malah (Sita Road/Poet/ Born 10th march 1973),
Haji Ghafoor Chhuto (Ghari Jageer/Poet/ Born 10th march 1974),
Farzana Sindhu (Writer/ Born 10th march 1976),
Zafar Ahmad Lahbar (Piyaro Station/Writer/ Born 10th march 1982),
shafiqAhmad Shaikh (Dadu/Writer/ Born 10th march 1984).
DEATH DATES
Comrade Taj Muhammad Abro (Larkano/Judge & Politician/Social Worker/Writer/ Death 10th March 1986).
EVENTS
1923: Moulvi Muhammad Hashim presides over public meeting at Mirpur Mathelo. It is organized bt the local branch of the Khilafat Committee.
1940: The construction work of the building of the Sindh Legislative Assembly starts. Foundation stone lying ceremony held with Sindh Governor as the chief guest.
1943: The Sindh Assembly Muslim League Party decides to ask Government for imposing ban on local made Wine and take appropriate steps to curbs social evils.
1950: Pir Illahi Bux is expelled from Muslim League for five years.
1951: NWFP Governor I.I. Chundrigar dissolves the provincial Assembly.
1952: Fatima Jinnah criticizes low process in constitution-making. Addresses public meeting.
1954: Head of Ahamadis Mirza Bashiruddin is attacked by his follower in Rabwah.
1969: Government-Opposition talks starts in Rawalpindi. Bhutto, Bhashani and General Azam refused to participate. Opposition team consists of MoulanaMudoodi, Doultana, Nawabzada Nasrullah, Mufti Mahood, Sardar Shoukat and others.
1989: The dissolution of the National Assembly on May 29, 1988 was unconstitutional, says Supreme Court.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڄ 10.3.2022 تي دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ اوهان لاء 10 مارچ جي حوالي سان تاريخي واقعن ۽ ولادتن وفاتن بابت معلومات کڻي آيو آھيان. هن سان گڏ وڊيو ٽاڪ/لنڪ به حاضر آھي.
قومن جي مقدر مٽائڻ ۾ واپار ۽ تجارت جو اهم ڪردار رهيو آھي. ايسٽ انڊيا ڪمپني بنيادي طور واپاري ڪمپني هئي, پوء واپار جي ڏڍ تي حڪومت قائم ڪري ورتائين ۽ پنهنجئ انھئ حيثيت بچائڻ لاء جنگيون جوٽيائين. تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا حڪمران قومن کي غلام ڪري, انھن ملڪن مان ڪچو مال ڍوئيندا, آمدنئ جي ذريعن وسيلن تي قبضو ڪندا ۽ نشو يا اسلحو اتي عام ڪندا. سنڌ ۾ انگريزن جي زماني ۾ به ايئن ٿيو ۽ پوء به ايئن ٿيو.
***************
توجه طلب واقعا
***************
10.3.1843:
انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ سنڌ ۾ غلامن جو ۽ آفيم جو واپار وڏي پئماني تي هلندو هو. غلامن جو وڪرو سنڌ ۾ ٿيندو هو, ليڪن آفيم سنڌ کان سواء ڏيساور به موڪليو ويندو هو. انگريزن آفيم جي واپار تي هڪ هٽي قائم ڪئي. ابته غلامن واري واپار کي تڪڙي بند ڪرڻ بدران ان تي نظر رکي ته انھئ غلامن جي واپار مان فرنگين کي ڪهڙو فائدو ٿي سگهي ٿو. اڄ ڪمپني حڪومت نيپيئر کي هدايت ڏني ته غلامن جي واپار تي نظر رک.
ياد رکڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته اڳتي هلي انگريزن غلامن واري واپار تي بندش وڌي. ڇو ته اڪثر ڪري شيدي غلام سنڌي سماج جو وفادار قبيلو ٿيڻ ۾ ٻين کان اڳرو هو. انگريز هوش محمد شيدئ جون اکيون اڳ ئي ڏسي چڪا هئا.
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ بلاشڪ حڪومت ٺاهي, پر واپار ۽ تجارت ان جو اولين مقصد هو. آفيم جي واپار تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ سان انگريزن کي ٻه وڏا فائدا ٿيا. هڪ ته انھن جي آمدني وڌي, ٻيو ته انھن ملڪن کي "آفيمي ملڪ" بڻايو.
10.2.1923:
ميرپور ماٿيلي ۾ مولوي محمد هاشم جي صدارت هيٺ خلافت جو وڏو جلسو ٿيو. تقريرن ۾ مسلمانن کي مذھبي ۽ سياسي تشخص برقرار رکڻ لاء عملي قدمن کڻڻ جي صلاح ڏني وئي ۽ حڪومت جي اسلام دشمن پاليسين جي مذمت ڪئي وئي.
10.3.1943:
سنڌ اسيمبلئ جي مسلم ليگي ميمبرن جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ ٺھراء پاس ڪري گهر ڪئي وئي ته: 1). سنڌ ۾ گانچي جي وڪري تي پابندي وڌي وڃي, 2). رشوت بند ڪرڻ لاء عملدار مقرر ڪيا وڃن, ۽ 3). بدامنئ جي ڪارڻن معلوم ڪرڻ لاء سرڪار هڪ ڪميٽي جوڙي.
10.3.1940:
سنڌ اسيمبلئ جي عمارت جي اڏڻ جي ڪم شروع ڪرڻ لاء سنڌ جي گورنر اڄ پيڙھ جو پٿر رکيو.
10.3.1950:
پير الاهي بخش کي پنجن سالن لاء مسلم ليگ مان ڪڍيو ويو.
10.3.1959:
صدارتي حڪم نامو جاري ٿيو ته بدعنوان عملدارن خلاف جاچ پڙتال شروع ڪبي ۽ ڪنهن کي به اپيل ڪرڻ جو حق نه هوندو.
10.3.1969:
راولپنڊئ ۾ حڪومت ۽ مخالف اڳواڻن وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. ڀاشانئ, ڀٽي ۽ جنرل اعظم شرڪت نه ڪئي, البته مولانا مودودي, شيخ مجيب, دولتانه, نوابزادي نصرالله, مفتي محمود ۽ سردار شوڪت شرڪت ڪئي.
10.3.1977:
پاڪستان ۾ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون ٿيون. ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي انھن چونڊن جو بائڪاٽ ڪيو.
10.3.1992:
سنڌي ادبي سنگت جي صابو راهو شاخ عهديدار چونڊ ڪئي, جنهن ۾ فدا حسين سنجراڻي (سيڪريٽري), عبدالرحمان سائر (جوائنٽ سيڪريٽري) , ذاڪر حماد الله (آڊيٽر), ديدار علي سائر (پريس سيڪريٽري), عبدالجبار لاکو (خزانچي) منتخب ٿيا.
10.3.1995:
دهشتگردن هٿان هاڻي ديني جائيون به محفوظ نه رهيون. ڪراچئ ۾ مسجد ٻاهران بم ڦاٽو, جنهن 12 بيگناه ماڻھن کي اجل جو شڪار بڻايو.
***************
{10 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
10 مارچ 1872ع مولانا عبيدالله سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
10 مارچ 1910ع صوفي الله بخش عرف سهڻو سائين جي خانواهڻ ۾ پيدائش ٿي.
10 مارچ 1913ع شاعر چندومل پرديسي (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1923ع سماجي ورڪر سندرداس (سکر / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1932ع شاعر زيب ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1933ع شاعر ۽ ليکڪ بشير مورياڻي(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1935ع شاعر ۽ گلوڪار گل پروهت (ڪراچي / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1935ع آرٽسٽ شهزادو گلفام جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1938ع شاعر ذوالفقار راشدي (شاهه ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1939ع شاعر ضيغم حيدري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1941ع مشهور شاعر امداد حسيني(ٽکڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1945ع ليکڪ ڀڳوان اٽلاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1947ع شاعر غلام سرور مسرور جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1957ع ليکڪ عادل سخيراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1964ع صحافي الاهي بخش چاچڙ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1965ع ليکڪ وزير منگي (واسو ڪلهوڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1973ع ليکڪ امر ملاح (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1974ع شاعر حاجي عبدالغفور ڇٽو جو جنم ڏينهن آهي.
10 مارچ 1976ع ليکڪا فرزانه سنڌو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
10 مارچ 1986ع سياستدان، جج ۽ صحافي ڪامريڊ تاج محمد ابڙو جو انتقال ٿيو.
10 مارچ 1995ع صوفي راڳي موهن ڀڳت لاڏاڻو ڪري ويو.

Tuesday, 8 March 2022

Sindh History (March 9, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (9th March)
9th March
BIRTH DATES
Rano Chandarsing (Politician & Ex-Minister/ Born 9th march 1931),
Mumtaz Mahar (Journalist & Politician/ Born 9th march 1942),
Manzoor Mashori (Larkano/Writer/ Born 9th march 1961),
Muhammad Aslam Soomro (Daro/Journalist/ Born 9th march 1963),
Saeed Shah (Writer/ Born 9th march 1969),
Abdul Karim ‘Awaz’ Chawro (Dargah Hassan Shah/Poet/ Born 9th march 1978)
DEATH DATES
Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (Dengan/Freedom Fighter/ Death 9th March 1924),
Hidayat Ali ‘Tariq’ Najfi (Lalu Rank/Poet/ Death 9th March 1939)
EVENTS
1917: A. Jeejibhoy speaks in a lecture program arranged by ‘Karachi Citizen’s Association’. Topic was the ‘Commerce and its cultivation’.
1945: The dismissal of Sardar Shukat Hayat Khan in Punjab is discussed and debated in the Punjab Assembly and action of the Governor is termed as unconstitutional.
1949: The Sindh Assembly appoints ‘Select Committee’ consisting of three ministers and five MPAs to discuss “Tenancy Act’. Select Committee members are Mir Ghulam Ali Talpur (Minister), Kazi Fazul-ullah (Minister), Agha Ghulam Nabi Pathan (Minister), Moula Bux Soomro, GhulamRasoolJatoi, NabiBux Bhutto, Jaffar Khan Jamali and TahilramTeckchand.
1951: Prime Minister Liaquat Ali Khan discloses conspiracy against Government; it gives birth to ‘Rawalpindi Conspiracy case’. Case is registered against Major General Akbar Khan, Brigd. Latif, Faiz Ahmad Faiz and others. It was first strong action against Communists in Pakistan.
1956: Moula Bux Soomro is inducted as state minister.
1972: Martial Law will be lifted on August 14. Bhutto makes announcement on Radio and T.V network.
1981: President Zia contacts Hafiz al-Asad of Syria on telephone to seek his help for release of PIA plane and passengers.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ.
[تاريخ پڙھو ۽ ڀيانڪ حالتن جي چڪڻ مان چڙھو]
اڄ 9.2.2022 جي تاريخ آھي. هر روز جيان اڄ به سج اڀرندو, صبح ٿيندو ۽ دعائن سلامن سان در محمد اوهان جي در تي ايندو. آئون تاريخ جو نمائيندو ۽ ترجمان ٿي اوهان کي 9 مارچ جا واقعا, ولادتن ۽ وفاتن جي معلومات عرض رکان ٿو.
دوستو! قوم جڏهن قدرن ۽ نظرين بدران شخصيتن کي مٿاهون سمجهنديون آھن ته اهي فرسودي نظام بدلائڻ بدران "منڍئ-مٽ" ڪنديون آھن. اهي حڪومتون ته بدلائي سگهنديون آھن, پر پاڻ يا پنهنجو مقدر نه بدلائي سگهنديون آھن. تاريخ ٻڌائي ٿي ته اسان صدين کان نظام بدلائڻ جي ڪوشش ڪانه ڪئي آھي. ان ڪري اسان جي سورن جا مذڪور کٽا ڪين آھن.
***************
توجه طلب واقعا
***************
9.3.1851:
سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري جبلن ۾ ڀڄي ويندڙ قبيلن جهڙوڪ بگٽي, مري, ڊوڪي ۽ کيتران وغيره تي فرنگي حڪومت مهم جوئي ڪري گرفتار ڪيو ۽ پوء انھن کي ڪئمپون ٺاهي آباد ڪيو ته جيئن کين سنڌي سماج جو اٽوٽ انگ بڻائجي. بگٽين جي هڪ ڪالوني لاڙڪاڻي ۾ ٺاهي وئي هئي. اسلام خان بگٽئ کي اتر سنڌ ۾ رکيو ويو پر سندس وني ۽ ٻار لاڙڪاڻي ڪئمپ ۾ رکيا ويا هئا. اڄ اسلام خان بگٽئ سرڪار کي استدعا ڪئي ته سندس ونئ ۽ ٻارن کي اجازت ڏيو ته مون سان رهن.
9.3.1917:
اسان جي وڏڙن انگريزن مان جند ان ڪري ڇڏائي جو انھن انھئ عظيم مقصد لاء پنهنجو پنهنجو ڪم ڪيو. انھئ دور ۾ سماجي ۽ سياسي پارٽيون ڄڻ هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا هيون. انھن عام راء ٺاهڻ ۾ هڪ جيترو ڪم ڪيو. هي اهو وقت هو جو عوام کي ٽڪي جي نوڪري ڪري سرڪاري غلامئ بدران ماڻھن ۾ هنر ۽ تجارت ڪرڻ جو جذبو پيدا ڪيو ويو.
اڄ ڪراچئ جي "سٽيزنس ائسوسيئيشن" تجارت ۽ واپار جي اهميت تي ليڪچر ڪرايو
9.3.1918:
"الحق" اخبار اڄ پنهنجي ايڊيٽريل ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻ سياستدانن جي روش تي سخت تنقيد ڪئي ۽ لکيو ته اسان جي مسلماني فقط نالي فقط نالي جي مسلماني آھي. مسلمانن کي قومي ڪمن ۾ ڪا دلچسپي ڪانهي... پاڻ پنهنجي مدد نه ٿا ڪريون, پر ٻين اڳيان مدد لاء ھٿ ٽنگيون ٿا.
9.3.1946:
سنڌ ممبئئ کان الڳ ٿي ۽ سنڌين پنهنجيون حڪومتون ٺاهيون ته انهن مان الله بخش سومري ۽ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومتن کي عوامي مفادن مطابق ڪم نه ڪرڻ واري جواز تي جي.ايم.سيد جهڙي سگهاري ۽ پارليامينٽري سياست تي اثرانداز ٿيندڙ سياستدان هٿان شديد مخالفت ڏٺي. هن دور ۾ حڪومتون ڊاهيون ۽ ٺاهيون ويون.
اڄ "قرباني" اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ لکيو ته :"اڄ سنڌ جي وڏي کان وڏي ضرورت ۽ تقاضا اها آھي ته موجوده بي جوابدار ۽ نالائق وزارت کي ڊاهي ان جي بجاء ھڪ ذميوار, ايماندار ۽ پبلڪ جي خيرخواه وزارت قائم ڪئي وڃي." ياد رهي ته هئ اخبار جي.ايم.سيد جي هئي.
9.3.1949:
اڄ ٽن وزيرن ۽ پنجن اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل هڪ سليڪٽ ڪميٽي ٺاهي وئي ته جيئن "سنڌ ٽينھسي ايڪٽ“ بابت پنهنجي راء ڏين. ان جا ميمبر هئا: مير غلام علي ٽالپور (وزير), قاضي فضل الله (وزير), آغا غلام نبي پٺاڻ (وزير), مولا بخش سومرو, غلام رسول جتوئي, نبي بخش ڀٽو, جعفر خان جمالي ۽ ٽهلرام ٽيڪچند.
9.3.1951:
ملڪي وزير اعظم انڪشاف ڪيو ته حڪومت خلاف وڏي سازش پڪڙي وئي آھي. ان جي پوئواري ڪندي فيض احمد فيض, ميجر جنرل اڪبر ۽ برگيڊيئر لطيف کي ٻڌو ويو.
ياد رهي ته وزير اعظم کي پهريون روس دعوت ڏني هئي, پر هن روس بدران آمريڪا جو دورو ڪيو هو. اها ڳالھ اڳتي هلي ملڪ ۾ ڪميونسٽ سوچ رکندڙن خلاف وئي.
9.3.1981:
جڏهن "الذوالفقار" تنظيم پاڪستان جو هائجيڪ ٿيل جهاز افغانستان مان اڏائي دمشق پهتا ته جنرل ضياء الحق اڄ حافظ الاسد سان فون تي ڳالهائي مامري سلجهائڻ ۾ مدد گهري.
***************
{9 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
9 مارچ 1846ع شاعر آخوند فقير محمد ”عاجز“جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1931ع سايستدان راڻا چندر سنگهه جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1942ع ليکڪ، نقاد ۽ صحافي ممتاز مهرجي پيدائش ٿي.
9 مارچ 1961ع ليکڪ منظور مشوري جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1963ع صحافي محمد عالم سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
9 مارچ 1969ع ليکڪ سعيد شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1975ع صحافي صفدر وڳڻ جو جنم ڏينهن آهي.
9 مارچ 1978ع شاعر عبدالڪريم آواز چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
9 مارچ 1924ع سياستدان رئيس غلام محمد ڀرڳڙي جي وفات ٿي.
9 مارچ 1939ع شاعر فقير هدايت علي نجفي تارڪ جو انتقال ٿيو.
9 مارچ 1985ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر جي الانا جو انتقال ٿيو.
9 مارچ 2000ع سرائيڪي زبان جو ناميارو لوڪ راڳي پٺاڻي خان انتقال ڪري ويو.
9 مارچ 2010ع شاعر، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر ملڪ نديم جو انتقال ٿيو.