Saturday, 26 February 2022

Sindh History (February 27, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (27th FEBRUARY)
27th February
BIRTH DATES
1. Baba Shankardas (Karachi > Ajmir/saint/ birth 27th February 1900),
2. Sobhraj ‘Fani’ (Poet & Freedom Fighter/ birth 27th February 1883),
3. Asan Sabuldas Larkano/Saint/ birth 27th February 1922),
4. Dhani Bux Channo (Post Mehar/Folklore Poet/ birth 27th February 1930),
5. Saqib Ketvi b(Keti Bandar/Poet/ birth 27th February 1943),
6. Muhammad Soomar Chonno (Mehar Vesar/Folklore Poet/ birth 27th February 1945),
7. Riazat Buriro (Kambar/Writer/ birth 27th February 1970).
27th February
DEATH DATES
1. Akhtar Halai (Poet/ death 27th February 1959),
2. Moulana Din Muhammad ‘Adeeb’ Ferozshahi (Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/ death 27th February 1973).
EVENT
27th February
1846: Gowher Khan Nizamai is granted Sannad of Jageer of his father Talu Khan who died in October 1844.
1857: The Government of Bombay is taking steps for Railway communication and Boat service. The Sindh Commissioner is requested to take measures for investigating on the subject of boat traffic on the Indus.
1884: The Karachi Paper, Sindh Gazette (Later on known as the Daily Gazette) in its editorial condemns the apathy and lukewarm response of the Bombay Government to development schemes of Sindh pertaining to Port, the Steam Tramway etc. Such type of criticism by local and vocal press paves way for formation of opinion to get rid of Bombay presidency.
1922: The meeting of the Managing Committee of the ‘Karachi Social Service League’ it is resolve to send resolution to educational authorities demanding that ‘ the Sindhi language be recognized as a Second Language for B.A and M.A Degree Examinations in the same way as Gujrati, Marathi and Kanares are recognized’.
1944: Moulana Ali Anwar presides over literary and poetic sitting organized by Sindhi Sudhar Society and Bazim Mushara at Larkano.
1953: Eleven members of the Action Committee of the Anti-Qadyani Movement demand removal of Sir Zafarullah Khan from ministry.
1967: Z.A.Bhutto decides to quit Conventional Muslim League and intends to form his own political party.
1989: Recognition of interim Afghan Government would be premature, says Benazir Bhutto.
1991: China confirms the supply of nuclear power plant to Pakistan.
 
[سنڌ سان محبت جي تقاضا اها آھي ته سنڌ جي تاريخ پڙھو ۽ سنگت کي پڙھايو]
27.2.2022 تي آئون اوهان جو خادم دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جو تحفو کڻي اوهان کي 27 فيبرورئ جي حوالي سان سنڌ جي تاريخ ٻڌائڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. هن سان گڏ ڪجھ وقت اڳ رڪارڊ ڪيل پنهنجي وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو.
***************
توجھ طلب واقعا
******-*****-***
27.2.1857:
ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته جيسين سنڌ ۾ ريلوي سروس وڏي پئماني تي شروع ٿئي, تيسيتائين اسان کي سنڌوندئ کي آبي آمدرفت جو ذريعو بڻائڻ گهرجي. ان ڪري تون سنڌوندئ ۾ ٻيڙين ۽ آگبوٽن ھلائڻ بابت تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪل.
27.2.1884:
ڪراچئ جي انگريزي اخبار "سنڌ گزيٽ“ اڄ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ صوبائي/ممبئي سرڪار جي سنڌ بابت ويڳئ ماء واري سلوڪ جي ندا ڪندي لکيو ته ڪيتري وقت کان ڪراچي بندر ۽ سنڌ ۾ ٻاڦ تي هلندڙ ٽرام بابت منصوبا سرڪار جي سردخاني ۾ پيا آھن ۽ انھن جو اڪلاء نه پيو ڪيو وڃي.
ياد رهي ته واپاري برادرئ صوبائي حڪومت تي اهڙيون تنقيدون ڪيون ته سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي حق ۾ عام راء جڙڻ لڳي ۽ پوء انھئ هڪ زوردار تحريڪ جو روپ ورتو.
27.2.1922:
ڪراچئ جي اين.جي.او "ڪراچي سوشل سروس ليگ" تعليم کاتي ۽ ممبئي يونيورسٽئ کان مطالبو ڪيو ته سنڌئ کي بي.اي ۽ ايم.اي جي امتحانن ۾ ”سيڪنڊ لئنگويج" طور منظور ڪيو ته جيئن اهي امتحان سنڌئ ۾ ڏئي سگهجن.
27.2.1953:
قاديانين خلاف جوڙيل ائڪشن ڪميٽئ جي 11 ميمبرن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سر ظفر الله خان قادياني آھي, ان ڪري کائنس وزارت کسي وڃي.
27.2.1967:
ذوالفقار علي ڀٽي "ڪنوينشنل مسلم ليگ" تان استعيفا ڏني. هئ صدر ايوب جي پارٽي هئي ۽ ڀٽو 1958 کان سندس حڪومت ۾ وزير رهندو آيو هو.
27.2.1991:
سنڌ ۾ پيپلز پارٽئ جي اسيمبلي ميمبرن تي ڏکيا ڏينھن اچي ويا ۽ سندن گرفتارين ٿيڻ لڳيون ته پي.ڊي.اي قومي سنڌ جي اهڙين حالتن تي ڳڻتئ جو اظھار ڪيو ۽ اڄ قومي اسيمبلئ جي اجلاس جو بائڪاٽ ڪيو.
***************
{27 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
27 فيبروري 1883ع شاعر ۽ تحريڪ آزادي جي اڳواڻ سوڀراج فاني جي پيدائش ٿي .
27 فيبروري 1900ع سماجي ڪارڪن بابا شنڪرداس (ڪراچي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
27 فيبروري 1930ع سگهڙ ڌڻي بخش چنا (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
27 فيبروري 1943ع شاعر ثاقب ڪيٽوي (ڪيٽي بندر) جو جنم ڏينهن آهي.
27 فيبروري 1945ع سگهڙ محمد سومار فقير چنا جو جنم ڏينهن آهي.
27 فيبروري 1953ع مزاحيه اداڪار رشيد چارڻ جي دادو ۾ پيدائش ٿي.
27 فيبروري 1970ع ليکڪ، شاعر ۽ محقق رياضت ٻرڙو(قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
27 فيبروري 1959ع شاعر اختر هالائي جو انتقال ٿيو.
27 فيبروري 1973ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي وفات ٿي.

Friday, 25 February 2022

Sindh History (February 26, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (26th FEBRUARY)
26th February
BIRTH DATES
1. Tirath Sabhani (Larkano > Mumbai/Journalist & Writer/ birth 26th February 1906),
2. Kundanlal ‘Nachez” (Rohri > Bhopal/Poet/ birth 26th February 1923),
3. Hafiz Shah ‘Natiq’ (Poet/ birth 26th February 1926),
4. Bhgwan Bhawnani (Hyderabad > Mumbai/Poet & Musician/ birth 26th February 1928),
5. Akhund ‘Zakhmi’ Halai (Poet/ birth 26th February 1938),
6. Akash Amar (Poet/ birth 26th February 1975),
7. Kashif Bukhari (Sukkur/Poet/ birth 26th February 1989).
26th February
DEATH DATES
1. Abdul Rahman Muhammad Yaqoob (Karachi/Freedom Fighter/ death 26th February 1943),
2. Makhdoom Amir Ahmad (Scholar/ death 26th February 1971),
3. Ghulam Abbas ‘Josh’ Qadri (Larkano/Poet/ death 26th February 1962).
EVENT
26th February
1835: British commander attacks Balmere and Mir Noor Muhammad protest with Colonel Pottenger against this action. However helps them to suppress Khosas and other predatory tribes on the border of Cutuch.
1901: Besant Hall of Hyderabad is chartered. It has the best building consisting of a Reading Room, a good library and nice guest house. Khubchand Mewaram is elected its first Secretary. The lodge is after name of Ainne Besant, eminent Theosophist and politician.
1920: ‘Anjuman Ylema-i-Sindh’ issues Fatwa (Judgment) and asks people to boycott with those who participated in ‘Victory Celebrations’ arranged by Government. The defeat of Turkey is defeat of Muslims, they declared. The Fatwa advices participants of celebration to beg pardon to avoid boycott of the people.
1921: The meeting of the ‘Sindh Khilafat Committee’ is held at Larkano. It is decided to amend Rules of the Party, conduct election, and invite application from schools for financial aid/support.
1922: Mr. Taunton, Assistant Collector presides over the public meeting held by Aman Sabha of Garhi Yasin. R.B.Bhai Gokaldas , Bhai Lalsing and Roohullah in their speeches advises people not to join Khilafat.
1940: The vote of the Speaker saves K.B.Allah Bux’s Government. The vote of ‘No-confidence’ cannot be carried out.
1947: lord P. Lawrence, Secretary of State declares on the floor that ‘if the parties did not arrive at the main decision and agreement by the fixed date, it will be possible for British to hand over power to provincial Government.
1969: President Ayub hand over the Government/power to Army Chief General Yahya Khan. Martial law is imposed, assemblies are dissolved and political activities are banned.
 
 
[سنڌ جو عاشق سنڌ جي تاريخ جو به عاشق ٿيندو آھي. سنڌ جي تاريخ پڙھو ۽ سنگت کي پڙهايو]
26.2.2022 تي آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جي جهولي ڀري, تاريخ مان 26 فيبرورئ جو ورق کڻي اوهان سان ونڊڻ آيو آھيان.
تاريخ اسان کي "صبح ڪاذب" ۽ "صبح صادق" جو مثالن سان سبق سيکاريندي آھي. تاريخ اسان کي ”منڍئ-مٽ“ ۽ "حالتن-مٽ“ جو سبق سيکاريندي آھي. تاريخ اسان کي سچن ۽ نقلي آدرشن جي فرق امجهائيندي آھي. اهڙا مثال اسان کي اڄ بيان ڪيل واقعن ۾ نظر ايندا. اچو ته تاريخ غور سان پڙھون ۽ سمجهي سبق پرايون. وڊيو ٽاڪ/لنڪ به شامل ڪريان ٿو.
***************
ڌيان طلب واقعا
***************
26.2.1835:
فرنگين بلمير تي حملو ڪيو ته مير نور محمد اڄ انھئ اره زورائئ تي پاٽينجر سان احتجاج ڪيو. پر انھئ جي فرنگين کي اجازت ڏنائين ته فرنگي سنڌ ۽ ڪڇ وارئ سرحد تي کوسن خلاف ڀلي مهم جوئي ڪن. [کوسا فرنگين ۽ سندن واپارين کي لٽيندا ڦريندا هئا ته جيئن اهي سنڌ ۾ پنهنجا پير ڄمائي نه سگهن.]
26.2.1901:
حيدرآباد شهر "ايني بسنت هال" جي نالي سان هڪ خوبصورت عمارت جو اڄ اضافو ٿيو. هن عمات ۾ ريڊنگ روم, لائبرري ۽ مهمان خاني جي گنجائش رکي وئي آھي. خوبچند ميوارام کي ان جو پهريون سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.
[46 سال هن لائبررئ ۾ انمول ڪتابن جو اضافو ٿيو. هتي ڪيترا فنڪشن ٿيا ۽ 1947 کان پوء سنڌي هن عظيم ورثي جي حفاظت نه ڪري سگهيا].
26.2.1920:
ترڪئ کي شڪست ڏئي پاش پاش ڪرڻ کان پوء فرنگي سرڪار هڪ پورو هفتو جشن ملهايو ۽ ان ۾ سنڌ جي مٿئين طبقي ۽ ٻين ڪيترن سرڪار-پرست ماڻھن شرڪت ڪئي ھئي. اڄ ”انجمن علماء سنڌ" هڪ فتوا جاري ڪئي ته انھئ فنڪشن ۾ شرڪت ڪندڙ خدا ۽ قوم کان معافي وٺن. ٻئ صورت ۾ سندن سوشل بائڪاٽ ڪيو وڃي.
26.2.1921:
لاڙڪاڻي ۾ سنڌ خلافت ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي. ان ۾ پارٽئ جا نوان قاعدا ۽ قانون منظور ڪيا ويا ۽ فيصلو ڪيو ويو ته جن خانگي خواه غير سرڪاري تعليمي ادارن فرنگي سرڪار کان مالي مدد وٺڻ کان انڪار ڪيو آھي, انھن جي پارٽي مالي مدد ڪندي ۽ ان لاء خواهشمندن کان درخواستون گهرايون وڃن.
26.2.1922:
ڳڙھي ياسين ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر مسٽر ٽئنٽن جي صدارت ۾ ”امن سڀا" طرفان فنڪشن ڪرايو ويو. ان ۾ راء بهادر گوڪلداس, ڀائي لالسنگ ۽ روح الله خلافت تحريڪ خلاف تقريرون ڪيون.
26.2.1941:
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ طرفان شام جو ستين وڳي ڊي.جي.ڪاليج ۾ ادبي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ ايڇ.ٽي. لئمبرڪ “ڪوهستان محال ۾ آڳاٽي تاريخ جا آثار" جي موضوع تي پنهنجو تحقيقي مقالو پڙھيو.
انھئ کان اڳ سوسائٽئ جي سالياني جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ نئين سال لاء ھن ريت ميمبر چونڊيا ويا: ايڇ.ٽي.لئمبرڪ (صدر), سهراب ڪي.ايڇ. ڪيٽرڪ (نائب صدر), اين.ايم. بليموريا (سيڪريٽري ۽ خزانچي), اي.بي. آڏواڻي (جوائنٽ سيڪريٽري) ۽ هي مئنيجنگ ڪميٽئ جا ميمبر: ڊاڪٽر هوتچند گربخشاڻي, ڊاڪٽر ڊئريٽ, ڊاڪٽر دائود پوٽو ۽ چيتن ماڙيوالا.
26.2.1947:
برطانيه جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ لارڊ لارينس پارليمينٽ ۾ بيان ڏنو ته جيڪڏهن هنستان جون وڏيون سياسي جماعتون اسان سان ڳالهين ۾ نه ٿيون ٺھن ته اسان اقتدار صوبن حوالي ڪنداسين.
26.2.1984:
ڪوئيٽا ۾ سنڌي نوجوانن جي گڏجاڻي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي برانچ کولي وئي، جنهن لاءِ عارضي طور تي سرپرست اخترڪاڪيپوٽو، صدر محمد علي لاکو، نائب صدر اسد محمود پٺاڻ نظم، جنرل سيڪريٽري عبدالباري منگي، جوائنٽ سيڪريٽري آغا سعيد، پريس سيڪريٽري الطاف ڦلپوٽو، خزانچي مختيار ابڙو چونڊيا ويا. تنقيدي نشست ۾ آغا سعيد غزل ۽ نظم، اسد محمود نظم، الطاف ڦلپوٽي وائي پڙهي. تنقيد ۾ امتياز سومرو، قيس ابڙو، پروفيسر برڪت علي، امداد ڪلوڙ، ظفر سومر ۽ ٻين حصو ورتو.
26.2.1969:
نيٺ ايوب عوامي طاقت اڳيان جهڪي پيو. اڄ هن اقتدار آرمي چيف جنرل يحيا حوالي ڪيو, جنهن ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو ۽ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙھي ڇڏي. هئ اهڙي منڍئ-مٽ ٿي, جنهن ملڪ کي ٽوڙي ڏيکاريو.
***************
{26 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
26 فيبروري 1906ع ليکڪ ۽ پبلشر تيرٿ ساڀاڻي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش ٿي .
26 فيبروري 1923ع شاعر ڪندن لال ناچيز (روهڙي / ڀوپال) جو جنم ڏينهن آهي.
26 فيبروري 1926ع شاعر حافظ شاهه ناطق جو جنم ڏينهن آهي.
26 فيبروري 1928ع شاعر ۽ موسيقار ڀڳوان ڀاوناڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
26 فيبروري 1938ع شاعر آخوند زخمي هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
26 فيبروري 1943ع شاعر ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر لال نارنگ (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
26 فيبروري 1943ع ناليواري سياسي ۽ سماجي ڪارڪن عبدالرحمان محمد يعقوب(ڪراچي) جو انتقال ٿيو.
26 فيبروري 1962ع شاعر غلام عباس جوش قادري جي وفات ٿي.
26 فيبروري 1971ع اسڪالر مخدوم امير احمد جو انتقال ٿيو.
26 فيبروري 1984ع سگهڙ باغ محمد بيشڪ جوکيو (جنگشاهي) جو انتقال ٿيو.
26 فيبروري 2015ع ناميارو راڳي صادق فقير هڪ روڊ حادثي ۾ مڪي مڪرمه سعودي عرب ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Thursday, 24 February 2022

Sindh History (February 25, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (25th FEBRUARY)
25th February
BIRTH DATES
1. Kishinchand ‘Bewas’ (Larkano/Poet/ birth 25th February 1885),
2. Kumari Satio Malkani (Hyderabad/Educationist/ birth 25th February 1927),
3. K.C.Mohan (Hyderabad/Freedom Fighter/ birth 25th February 1929),
4. Sushelo Panjwani (Sukkur > Mumbai/Actor/ birth 25th February 1939),
5. Akram Borrai (borri/Poet/ birth 25th February 1936),
6. Aijaz Mangi (Journalist/ birth 25th February 1965),
7. Abdul Ghaffar Ghanghro (Writer/ birth 25th February 1967),
8. Munawar Dayo (Matiari/Journalist/ birth 25th February 1976),
9. ‘Ajiz’ Ashiq Tunio (Loung Tunio/Poet/ birth 25th February 1981),
10. Nandlal Menghwar (Misri Shah/Poet/ birth 25th February 1984).
25th February
DEATH DATES
1. Dr.Jemi Sethna (Freedom Fighter/ death 23th February 1935),
2. Muhammad Hashim Gazdar (Karachi/Politician, Ex-Minister Sindh/ death 23th February 1965),
3. Nazar Lakhani (Wada Lakha/Poet/ death 23th February 2007).
EVENT
25th February
1835: Colonel Pottenger informs his Government that on arrival of Shah Shuja-ul-Mulk at Hyderabad, Mirs with relations and children paid their respect to him and gave presents to him.
1843: on behalf and instructions of Captain Preedy and Colonel Bileau, Seth Naumal approaches Sardar Sahib Khan Chhuto of Shah Bilawal to help Government in ensuring the protection of property and life of people.
1844: Rs.1, 500 are sanctioned by the Government for the construction of the British Residency in Khairpur State.
1849: His Highness Mir Ali Murad Khan ruler of Khairpur, who remained trustworthy friend of the British Government of India and kept himself away from happenings in Hyderabad/Lower Sindh regarding intrigues of British to usurp Sindh, is blamed by the British Government for making interpolations and additions in the treaty of ‘Noornihar’ between Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Today, the Governor of Bombay issues instructions to the Sindh Commissioner that Government would not agree with Sindh Commissioner in his suggestion that Mir Ali Murad Khan be pronounced guilty of the charge of forgery, however, the Government appoints a Committee composed of Commissioner, Major Jacob (Political Superintendent of Upper Sindh Frontier) and Major Lang (Political Agent of Kathiawar) to investigate the matter.
1935: ‘The Sindh National Bank Limited’ is established at Hyderabad with Rs. One million as its Capital investment. Its Board of Directors consists of Bhai Sobhraj Jhamatmal, Mukhi Gobindram Pritamdas; Bhai Gobindram Hasaram; Mukhi Bagomal Hotchand; Bhai Hasomal Chelaram, Bhani Kudomal Basarmal; Bulchand Chandiram Wasvani; Bhai Jeramdas Gurdasmal; Hotchand Gopaldas and Tahlram Basarmal.
1938: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah presides over the meeting of ‘Democratic Coalition Party’. It is attended by 11 members including K.B. Muhammad Ayub Khuhro and Haji Amir Ali Lahori. The Finance Bill is discussed at length.
1945: ‘Bazim-i-Mushaera’ of Larkano arranges Poetic Sitting. It is organized by Qadri Family of poets and poetry presented on the occasion is published in the Journal ‘Adeeb Sindh’ latter on.
1947: While defining the attitude towards the minorities, Muhammad Ali Jinnah says in Karachi that ‘the minorities to whichever community they belong must be treated fairly and justly and that every effort should be made by majority community to create in them a sense of security and confidence.’
1971: Z.A.Bhutto threatens to physically thrash those MNAs from West Pakistan who would go to Dhaka to attend the 3rd March session. Suggest that National Assembly session be postponed or time limit for constitution making be removed.
 
 
[ سنڌ جي تاريخ نه فقط پاڻ پڙھو, پر سنگت کي به پڙهايو.]
25.2.2022 تي مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, سنڌ جي تاريخ مان 25 فيبرورئ جو ورق کڻي, ڪي واقعا ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ٻڌائڻ آيو آھيان.
مان اوهان دل وندرائڻ لاء ڳالهيون ڪونه ٻڌائيندو آھيان. پر اوهان جي ذھن کي جهنجهوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آھيان ته جيئن اسان ماضئ جو مطالعو ڪري ڏسي سگهون ته اسان ڪنڊن جي راه تان گذري رهيا آھيون, اهي ڪنڊا اسان جي رستي تي ڪنهن رکيا. اها وڏن کان غلطي ٿي آھي يا اسان پنهنجي لاء آزار پيدا ڪري رهيا آھيون. اسان پنهنجي مسئلن کي سائنسي بنيادن تي حل ٿا ڪريون يا هوا ۾ لٺيون ٿا هڻون. مثال 21 فيبرورئ تي اسان "مادري ٻولين جو ڏينھن" هڪ رسم طور ملهايو. مونن ۾ منهن وجهي اهو ڪونه سوچيوسين ته "سنڌي ٻولي قومي ٻولي" ڪيئن ٿي سگهندي. ٻولئ کي اها منزل وٺي ڏيڻ لاء اسان فقط مطالبا ڪيا ۽ جلوس ڪڍيا. ڪا ٻي نتيجا ڏيندڙ حڪمت عملي جوڙي نه سگهياسين. تاريخ جي ورقن ۾ اهو لکيو ويندو ته هن دور ۾ سنڌ ۾ هڪ جلوسي ۽ مطالباتي نسل پيدا ٿيو, جيڪو ڊاڙ ھڻندو ته هن ٻولئ کي حق وٺي ڏيڻ جي وڏي تحريڪ هلائي.
ڪا تحريڪ هلي ۽ نتيجو نه نڪري ته ان جو مطلب ٿيو ته اسان جي سوچ ۽ لوچ ۾ ڪا وڏي غلطي آھي.
اسان جا وڏا به اهڙيون تحريڪون هلائي ويا يا انھن تحريڪون هلائي مقرر ڪيل مقصد حاصل ڪيا. انھئ سوال جي جواب حاصل ڪرڻ لاء اچو ته تاريخ جا ورق ورايون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
25.2.1835:
ڪرنل پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته شاه شجاع حيدرآباد پهتو ته ميرن سندس بادشاه وارو استقبال ڪيو. کيس تحفن مٿان تحفا ڏنائون.
25.2.1843:
هن ئي مهيني ۽ سال ۾ سنڌ فرنگين جي قبضي ۾ آئي, پر سنڌي عوام کين دل سان ڪونه قبوليو. ڪراچئ ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ انگريز عملدار ٻاهر نڪري ساه کڻي نه سگهندا هئا ۽ سنڌين هڪ اڌ فوجي ماري وڌو. اھڙئ سنگين صورتحال ۾ ڪئيپٽن پريڊئ سيٺ نائومل کي پنهنجي اثر رسوخ هلائڻ لاء چيو. سيٺ نائونمل وڃي شاه بلاول وڃي سردار صاحب خان ڇٽي سان مليو ۽ پارت ڪيائيس ته هن ڏکيئي وقت ۾ انگريزن جي مدد ڪر.
25.2.1844:
سنڌ سرڪار خيرپور ۾ برٽش ريزيڊنسي وارئ عمارت تعمير ڪرائڻ لاء 1500 روپيا منظور ڪيا.
25.2.1948:
مير علي مراد خان انگريزن سان ساٿ ڏيندي وڏيون قربانيون ڏنيون ۽ پنهھجا مٽ مائٽ به ناراض ڪيا. انگريزن جي آسانئ سان سنڌ تي حڪمراني ٿي ته سڀ کان پهريون مير علي مراد کي نشانو بڻايائون. مٿس الزام مڙهيو ويو ته هن پنھنجي ڀاء مير رستم علي خان سان جيڪو "نونھار وارو معاهدو" ڪيو هو, ان ۾ ڦير گهير ڪئي هيائين. اڄ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ انھئ جي انڪواري ڪرڻ لاء هڪ ڪميٽي ٺاهي. ان ڪميٽئ ۾ سنڌ جو ڪمشنر ميجر جيڪب ۽ ميجر لانگ کي کنيو ويو.
25.2.1935:
حيدرآباد ۾ ھڪ ملين روپين جي موڙئ سان "سنڌ نئشنل بينڪ" قائم ڪئي وئي. ان جو بورڊ آف ڊائريڪٽر هنن ماڻھن تي ٻڌل هو: ڀائي صوڀراج جهمٽمل, مکي گوبندرام پريتمداس, ڀائي گوبندرام هاسارام, مکي بگومل هوتچند, ڀائي هاسومل چيلارام, ڀائي ڪوڏومل بصرمل, بولچند چنديرام واسواڻي, ڀائي جئرامداس گرداسمل, هوتچند گوپالداس ۽ ٽھلرام بصرمل.
25.2.1945:
سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي ادبي گڏجاڻئ ۾ ڪو هڪ ليکڪ هڪ پيپر پڙھندو هو ۽ ان تي ٽيڪاٽپڻي ٿيندي هئي, سوال جواب ٿيندا ھئا ۽ ڪي صلاحون ڏنيون وينديون هيون. ان جي روشنئ ۾ ليکڪ پنهنجي پيپر تي نظرثاني ڪندو هو ۽ پوء اهو آرٽيڪل سوسائٽئ جي رسالي ۾ ڇپبو هو. اڄ بي.ڊي.ميرچنداڻئ "سنڌ 1809 ۾“ جي موضوع تي پيپر پڙھيو. اهو گل حيات ۾ ۽ ان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي.
25.2.1947:
مسلم ليگ جي قائد محمد علي جناح ڪراچئ ۾ اقليتن بابت بيان ڏيندي چيو ته اقليتن جو ڪهڙي به فرقي سان تعلق هجي, انھن سان بهتر ۽ انصاف تي ٻڌل رويو رکيو وڃي. اڪثريت وارن جو اهو فرض آھي ته هو ٿورائئ وارن ۾ تحفظ ۽ اعتماد کي پختو بڻائن.
[ هي بيان پاڪستان ٺھڻ کان اڳ جو آھي. ان مان صاف ظاهر آھي ته هن بيان جو مطلب ڪانگريس کان مطالبو ڪرڻ به هو ته اهي مسلم اقليت جو خيال رکن. هن جو اهو به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته لڏ پلاڻ ڪنھن جي وهم گمان ۾ نه هئي ۽ ان جي ورهاڱي واري منصوبي ۾ ڪا گنجائش ڪانه هئي]
25.2.1971:
ذوالفقار علي ڀٽي قومي اسيمبلئ جي 3 مارچ واري اجلاس جي مهمل ڪرڻ يا آئين سازئ لاء ان جي وقت وڌائڻ جو مطالبو ڪندي ڌمڪي ڏني ته جيڪو ميمبر هتان مغربي پاڪستان مان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ ويندو ته هن جون ٽنگون ٻاهون ڀڃندس
25.2.1985:
پاڪستان ۾ غير-پارٽي بنيادن تي چونڊون ٿيون. وڏين پارٽين ان جو بائڪاٽ ڪري, سياسي سوچ ۽ ساڃھ نه رکندڙ ماڻھن کي ايوانن ۾ پهچڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. انھن چونڊن جو فقط پارٽين کي ئي بائڪاٽ نه ڪرڻو هو پر کين عوام کي به چونڊن کان پري رکڻو هو. اهو ڪم پارٽين نه ڪيو.
25.2.1974:
لاهور ۾ ٿيل اسلامڪ سمٽ پڌرنامو جاري ڪيو, جنهن ۾ اها ڳالھ به شامل هئي ته "ٽيئن دنيا" لاء ھڪ "نيو ورلڊ آرڊر" هئڻ گهرجي. [پر, ڪانو مئا ته ڪونه هئا جو لولا حج تي پيا وڃن].
25.2.1990:
آفتاب شعبان ميراڻي سنڌ جو وڏو وزير ٿيو.
[سنڌ ۾ حڪومتن ڊھڻ ۽ ٺھڻ جي جي تاريخ ۾ خاص ڳالھ ھئ رهي آھي ته مرڪز طرفان ڪراچئ جي مسئلي, ون يونٽ ٺاهڻ ۽ امن امان جي نالي تي حڪومتون بدلبيون رهيون. پيپلز پارٽئ به مرڪز ۾ ويهي سياسي سمجهوتن ۽ مجبورين ڪري پئي وڏا وزير بدلايا ۽ پنهنجي ئي ڪجھ وڏن وزيرن کي مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو].
25.2.1995:
پاڻ کي سنڌين کان وڌيڪ ديندار چورائيندڙ دهشتگردن ڪراچئ ۾ ٻن مسجدن کي نشانو بڻايو ۽ نتيجي ۾ 20 ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا.
***************
{25 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
25 فيبروري 1885ع مشهور شاعر ڪشنچند بيوس جي لاڙڪاڻي ۾ پيدائش ٿي .
25 فيبروري 1997ع سياسي ڪارڪن ڪماري ستيو ملڪاڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1926ع تعليمي ماهر ڀڳوانداس مير چنداڻي(حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1929ع سياستدان ڪي سي موهن (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1936ع شاعر اڪرم ٻورائي جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1939ع اداڪاره سشيلو پنجواڻي (سکر / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1941ع پروفيسر ڊاڪٽر عبدالرحيم ملڪ جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1942ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ ابرار قاضي جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1967ع ليکڪ عبدالغفار گهانگهرو جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1976ع صحافي منور دايو جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1981ع شاعر عاجز عاشق جو جنم ڏينهن آهي.
25 فيبروري 1984ع شاعر نند لال مينگهواڙ (مصري شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
25 فيبروري 1935ع فريڊم فائيٽر ڊاڪٽر جيمي سيٺنا (ڪراچي) ديهانت ڪري ويو.
25 فيبروري 1965ع محمد هاشم گزدر (ڪراچي) جي وفات ٿي.
25 فيبروري 2007ع شاعر نذر لاکاڻي انتقال ڪري ويو.

Wednesday, 23 February 2022

Sindh History (February 24, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (24th FEBRUARY)
24th February
BIRTH DATES
1. Moulvi Abdul Hai Marfani Chandio (Drigh Soomar Khan Chandio/Founder of Shah Latif College of Kambar and father of Jami Chandio/ birth 24th February 1927),
2. Mazhar Qureshi (Jonani/writer/ birth 24th February 1940),
3. Feroz Akhtar (Baharpur/Poet/ birth 24th February 1971),
4. Feroz Kalhoro/Sardar Shah/Writer/ birth 24th February 1976).
24th February
DEATH DATES
1. Nawab Ghulam Hyder Laghari (Tando Tajpur/Poet/ death 24th February 1943)
EVENT
24th February
1916: The process of political awakening has started in Sindh and people have started making their concepts about the ‘Leadership’. Today Advocate Khemchand Gopaldas delivers lecture on the topic of the ‘Wanted a leader’. It is organized by the NGO of Karachi.
1922: The Weekly ‘Sindh Zamindar’ is founded in Sukkur. The motive behind starting of this paper is to damage the political cause of the Khilafat Movement, block the way of Daily Al-Waheed to propagate political awakening and make the masses to believe and observe loyalty of the British. In its last days, Sindh Zamindar helped the Muslim League in propagating its cause for Pakistan. Its founder editor was Master Abdul Wahab and Ahmad Ali Aleg, Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, pir Husammudin Shah Rashdi;Agha Nazar Ali; Moulvi abdul Ghafoor Sitai; Dur Muhammad Awesi and Hafiz Khair Muhammad Odhi remained its editors.
1923: A public meeting is held at village Drigh Bala of Taluka Johi by the local branch of Khilafat Committee. Moulvi Din Muhammad and others speak on the occasion and advise people to take part in politics religiously.
1945: The Ministry/Government of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is defeated in the session of the Sindh Legislative Assembly. The move is made by G.M.Syed.
1946: The Convention of the Sindh Coalition Party is held at Sunn.
1954: ‘The Baghdad Pact’ is signed by Pakistan, Turkey and Iran.
1960: The Federal cabinet decides to name new capital of Pakistan as “Islamabad’.
1971: Shaikh Mujeeb rules out question of adjustment on 6-points, however assures fair and at par treatment for West Pakistan.
1979: The court starts hearing of the review petition. Yahya Bakhtyar pleads the reduction of sentence for Z.A.Bhutto in Muhammad Ahmad case on the basis of split decision.
1986: Zia rejects opposition demand for mid-term polls and vacating COAS post.
 
 
[هئ اسان جي تاريخ آھي. پاڻ پڙھو ۽ سنگت کي موڪلي ڏيو.]
24.2.2022 تي آئون ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ سنڌ جي تاريخ مان 24 فيبرورئ جي حوالي سان ٿيل واقعن, ولادتن ۽ وفاتن جي معلومات ڏيڻ آيو آھيان.
تاريخ ٻڌائي ٿي ۽ اهو ئي سچ آھي ته سنڌ ڪا ذات ناهي, قبيلو ناهي ۽ ڪا پارٽي يا گروه ناهي. پر سڀ رهندڙ ذاتيون, قبيلا ۽ گروه ملي سنڌي قوم ٺاهن ٿيون. ان ڪري ذاتين, گروهن, قبيلن ۽ پارٽين جي مسئلن ۽ مامرن کي قومي مسئلا نه چئبو. قومي مسئلا سڀني جا مسئلا ٿيندا آھن ۽ انھن کي حل ڪرڻ لاء سڀني کي متحد ٿيڻو پوندو آھي. موجوده سنڌ جا مسئلا ان ڪري حل ڪري نه ٿا سگهون جو اسان گڏ ٿيڻ بدران گروهن, ذاتين ۽ پارٽين جي بنيادن تي اختلاف پيدا ڪيون ٿا. سياستدان اديب کي نه ٿو مڃي ۽ سماج سڌارڪ سياست کان وون ٿو وڃي. هاڻي هر ڪنهن کي پنهنجي هڪ سر جي مسيت آھي ۽ ڪو ڪنهن ڏي وڃي ئي نه ٿو. ڌارين انگريزن کان جان ڇڏائڻ ۾ اهي سڀ هڪ ۽ متحد هئا. سياسي پارٽيون ۽ سماجي تنظيمون اديبن ۽ دانشورن کي مان ڏئي گهرائي ليڪچر ڪرائي کين ٻڌنديون هيون ۽ ادب شاعرئ کي قومي راء ٺاهڻ جو ذريعو سمجهنديون هيون. پر هاڻي ڳاله ان جي برعڪس آھي. قوم کي نجات ڏيڻ جي دعوا ڪندڙ ئي قوم ۾ نفاق وجهن ٿا. استاد, ٻار جي شخصيت ٺاهيندو آھي ۽ اديب شاعر ان ۾ نظرياتي رنگ ڀريندو آھي. پر اسان استاد ۽ اديب/شاعر کي سياسي برادرئ تڙي ڇڏيو آھي. هن وقت سنڌ ايئن نفاق جي انگاس تي لٽڪائي وئي آھي. سنڌ ته هڪ آھي, پر پارٽين جو شمار ڪونھي ۽ انھن مان ڪيتريون هڪ ٻئي خلاف آھن. "گهڻين مردين گهر ڪيئن هلندو". اچو ته تاريخ جي ورقن ۾ جهاتي پائي ڪو دڳ ڳولهي ڪڍون.
***************
توجھ طلب واقعا
***************
24.2.1846:
"انڊس فلوٽلا" نالي سرڪاري ڪمپني سنڌوندئ ۾ ٺٽي > جهرڪن > ڪوٽڙئ > سکر کان ملتان ۽ مٺڻ ڪوٽ تائين آگبوٽ ھلائيندي هئي. اڄ ڪمپنئ جي ڪمانڊر سنڌ سرڪار کي گذارش ڪئي ڪمپنئ جي استعمال لاء سکر ۾ پارسين جي پيسٽنجي ائنڊ ڪمپنئ کان جايون/عمارتون وٺي ڏيو.
24.2.1916:
انگريزن جي دور ۾ اديبن ۽ سماجي سڌارڪن ئي سياستدانن لاء ماحول ٺاهيو ۽ ذھن بدلايا. اڄ کيمچند گوپالداس ڪراچئ جي هڪ اين.جي.او جي پليٽ فارم تان "قيادت جي ضرورت" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو ۽ ٻڌايو ته اڳواڻن کان سواء تحريڪون نه هلائي سگهبيون آھن ۽ هڪ سچي اڳواڻ ۾ ڪهڙيون ڳالهيون هجڻ گهرجن.
24.2.1922:
سکر مان هفتيوار "سنڌ زميندار" اخبار جاري ٿي. اخبار جاري ڪرڻ جو اهم مقصد هئ هو ته خلافت تحريڪ, جنهن فرنگي حڪومت خلاف باه ٻري ڇڏي هئي, انھئ جي مخالفت ڪجي. هن اخبار اڳتي هلي مسلم ليگ ۽ پاڪستان تحريڪ کي وڏي هٿي ڏني. هن اخبار جي ايڊيٽرن ۾ ماستر عبدالوهاب, احمد علي عليگ, پير علي محمد شاه راشدي, پير حسام الدين شاه راشدي, آغا نظر علي, مولوي عبدالغفور سيتائي, در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي ذڪر لائق آھن. انھن تحريڪ پاڪستان ۾ ”قلمي سپاهي" بڻجي ڪم ڪيو.
24.2.1923:
ڊرگھ بالا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جو خاص مقرر مولوي دين محمد هو.
24.2.1935:
"سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" جي ادبي بيٺڪ ٿي ان ۾ اي.بي.آڏواڻئ "شھيد هوش محمد شيدئ" بابت پنهنجو تحقيقي مقالو پڙھيو.
24.2.1945:
جي.ايم.سيد جي تحرڪ سان اڄ سنڌ اسيمبلئ جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله جي حڪومت کي شڪست آئي
24.2.1946:
سن ۾ جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۾ ”سنڌ ڪوئليشن پارٽئ" جو ڪنوينشن ٿيو.
24.2.1954:
پاڪستان, ايران ۽ ترڪئ اڄ ”بغداد پئڪٽ“ تي دستخط ڪيون.
24.2.1960:
وفاقي ڪابينه اڄ فيصلو ڪيو ته ملڪ جي نئين گادئ واري شھر جو نالو "اسلام آباد" هوندو.
24.2.1986:
" نه مڊ-ٽرم چونڊون ڪرائيندس ۽ نه وري چيف آف آرمي اسٽاف وارو عهدو ڇڏيندس."- ضياء الحق جو ضد.
***************
{24 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
24 فيبروري 1304ع مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطه جي مراڪش ۾ پيدائش ٿي.
24 فيبروري 1940ع ليکڪ مظهر قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1971ع ليکڪ فيروز اختر جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1976ع ليکڪ فيروز ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1985ع شاعر ناشاد احسان ملاح (نندو) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
24 فيبروري 1943ع شاعر نواب غلام حيدر لغاري جي وفات ٿي.
24 فيبروري 2005ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو انتقال ٿيو.

Tuesday, 22 February 2022

Sindh History (February 23, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (23th FEBRUARY)
23th February
BIRTH DATES
1. Bedn Powel (Founder of Scouting/ birth 23th February 1887),
2. Zia-ul-Haq ‘Aslam’ (Mai Shahil/Poet/ birth 23th February 1931),
3. Jaisheri Narsinghani (Ahmadabad/Dancer & writer/ birth 23th February 1950),
4. Panah Ali alies Rab Rakhio (Mengho Faqir Shar/Folklore Poet/ birth 23th February 1964).
23th February
DEATH DATES
Fazul-ullah Shah Jilani (Ghotki/Saint/ death 23th February 1831)
EVENT
23th February
1912: The NGO ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi arranges Religious Debate on the topic of ‘the evils of flesh eating’.
1934: The Bombay Legislative Council takes up non-official Bill of S.S.Tolani to amend the ‘Sindh Encumbered Estates Act’. It is lost after a considerable discussion. All members from Sindh oppose the bill and speeches generally followed communal lines. The Bill was intended to shift the final appellate power in suits from Commissioner to the District Judge. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, leader of the House vehemently opposes the bill.
1935: All India Anti-Communal Award Conference starts in New Delhi. Lalchand Nawalrai and Bhai Parmanad participate. Both are from Sindh.
1939: Two Hindu Ministers – Nihchaldas and Dealmal- of K.B.Allah Bux Soomro’s ministry tender their resignation.
1947: M.A.Jinnah declares at Karachi that ‘ the Muslim League will not yield an inch in their demand for Pakistan. Whatever the Hindu may do, we shall ever remain generous and good to all. Our demand is just and is the only way to liberate the ten crores of Muslims in India. The sacrifices that the Muslims have undergone elsewhere only show more clearly that we have a separate State of Pakistan’.
1948: The first session of the Pakistan Parliament begins with the Governor-General of Pakistan in chair. Moulvi Tamizuddin Khan is elected Dy. President of the Parliament. The House mourns the death of Gandhi.
1965: U.S Defense Secretary Mc.Namara accuses China of trying to drive a wedge between Pakistan and U.S.A.
1969: Shaikh Mujeeb, while addressing a half million people in Dhaka demands directly elected sovereign parliament and referendum on One-Unit.
Bhutto renounces his ‘Hilai-i-Pakistan’ title awarded to him by Ayub Khan.
1978: Rais Ghulam Mustafa Jatoi opposes Benazir Bhutto’s chairperson ship of PPP.
1983: Curfew is imposed in Karachi District West and army takes over area.

Monday, 21 February 2022

Sindh History(February 22, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (22nd February)
22nd February
BIRTH DATES
Muhammad Juman Halo (Hala > Karachi/Poet/1911), Shiwaram Tilokchand (Bhrya > Ajmir/Social worker/1917), Biharilal Chhabra (Writer/ Sindh > India/1923), Hafiz Shah ‘Hafiz’ (Thukhar/Poet/1923), Amrat Kumar (Rohri > Ajmir/Educationist/1933), ‘Sikayal’ Panhwar (Phulji Station/Poet/1935), Abdul Majeed ‘Suhail’ Abbasi(Bali Shah/Poet/1975), ‘Aas’ Abdullah Hingorjo (Bughar/Poet/1989), Hakim Leghari Bihar Ali Leghari/Journalist/1995).
DEATH DATES
Ghulam Ahmad ‘Nizami’ (Larkano > Karachi/Poet/1950), Younis Khonharo (Alam Khonharo/Poet/1984), Jaisinghani ‘Sam’ (Larkano/Poet, Social worker/1988).
EVENTS
1832: Government of India updates Colonel Pottenger, its Political Agent, in Sindh about contact with
Conduct in the difficult and troublesome discussion with Ruler of Hyderabad and his officers. Pottenger informs his Government that he has been asked by Mir Murad Ali to quit Hyderabad at once and proceed to Khairpur.
1914: Religious and Social organization ‘Bandhu Mandal’ of Karachi celebrates its fourth anniversary. Seth Jasraj chairs the function, whereas Mohanji Varma, Dr.K.B.Patel, and Ramji Manji Vadera speak on the occasion.
1941: The meeting of the Executive Committee of the Sindh Muslim League is held at Sunn with G.M.Syed in Chair, and it is decided that the party be popularized in the province.
1955: The Federal Court of Pakistan headed by Justice Muneer issues orders for stay against the decision of the Sindh Chief Court restoring Moulvi Tamizuddin to his office. The decision remained the topic of talk for a long time.
1969: Agartalla conspiracy case is withdrawn by the Government. Shaikh Mujeeb and other 33 accused persons are released.
1974: Islamic Summit Conference starts in Lahore. It is being attended by 22 Heads of states and Governments. President Fazul Illahi inaugurates and it is presided over by Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan.
1978: Moulana Kausar Niazi criticizes the move for naming Benazir Bhutto as Party chairperson.

Sunday, 20 February 2022

Sindh History (February 21, 2022)

SINDH IN HISTORY TODAY (21st February)
21st February
BIRTH DATES
Hazrat Makhdoom Nooh (Religious Scholar, Saint and founder of Dargah Hala/21th of Ramzan 911 A.H=1506/), Shamisuddin ‘Bulbil’ (Mehar/Freedom Fighter, Journalist & Poet/1857), Makhdoom Ghulam Muhammad hole (Hala/Saint/1886),Pibhdas Brihamchari (Naushero Feroz > Ajmir/Freedom Fighter & Journalist/1904), Atmaram Lalwani (Writer/1924), Inayat Memon (Larkano/Writer/1956), Khadim Hussain Shaikh (Kadhan/Journalist/1965), Muhammad Ali Sahto (Sadar Joon Bhatyoon/Poet/1970), Khalid Saeed Panhwar (Makli/Writer/1980), Jamal Saghar Ghanghro (Sukkur/Writer/1988).
DEATH DATES.
Syed Mubarak Shah Sani (Ghotki/Saint/1858), Sardar Nawab Ahmad Khan Laghari (Diplomat of Talpur Era/1870), Essardas Munsukhani (Karachi/Politics/1934), Maqbool Bhatti (Journalist & Writer/1977), Abdullah ‘Khuwab’ (Hyderabad/Poet/1981), Azhar Relai (Dargah Pir Rakhyal Shah/Poet/1985).
EVENTS
1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Allahabad Dhakhan of Taluka Dadu and Moulvi Haji Abdullah, Rais Arz Muhammad and Mulla Abdul Majid are elected President, Secretary and Treasurer respectively.
1933: In the session of the Indian Legislative Assembly Lalchand Nawalrai of Larkano supported Mr. Mitra’s plea against the Railway Board whose uselessness was proved by the fact that any complaint made against Railway administration was referred to Railway Agents.
1934: Weekly ‘Sindhwasi’ is founded in Sukkur under the editorship of Sadhu Kalani.
1935: The Quarterly meeting of the Larkano District Local Board is held under the presidency of Nabi Bux Khan Bhutto and it is attended by Muhammad Sidik Wagan, Qadir Bux Tunio; Allahdad Tunio; Pir Bux Khuhawar; Faqir Muhammad Unar; Abdul Hadi Bughio; Pirbhdas Tolani; Ahmad Khan Bhutto; Diwan Bhojraj; Fariduddin Jatoi; Hassan Ali Isran; Ali Gohar Lahori ; Gokaldas and Abdul Haq Bhutto. The Board decides to present an Address to Sir Shahnawaz Bhutto on the eve of his Larkano visit.
1940: The Congress member of the Sindh Legislative Assembly, Mr . Mohandas Doulatram brings No-Confidence Motion against K.B.Allah Bux , the Premier of Sindh, in the Assembly.
1952: Thirty-Six students are killed in East Pakistan protesting the rejection of Bengali as one of Pakistan’s national languages. The East Pakistan Assembly passes resolution favoring Bengali as official language.
1956: The Constituent Assembly of Pakistan decides that Karachi will continue to be the Federal Capital till such time as Parliament by law decides the area of the Federal Capital.
1969: The President Ayub, while addressing the Pakistani nation on Radio announces not to contest next elections and promises peaceful transfer of power.
1972: PPP sweeps polls for women seats in all the provincial assemblies.
1978: Sectarian clash during Milad-ul-Nabi (P.B.U.H) procession leave eight dead in Karachi.
1981: MRD demands Gen.Zia’s resignation and announces General Strike on 23rd of March.