Monday 16 September 2024

Sindh in history today (17th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

17th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (17th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. EVENTS 1838: Colonel Pottenger advises his Government that Indus should be treated as proper channel for communication and transportation of British troops and it is advisable to occupy Karachi. (Source: Letter No.108) 1846: Collector of Hyderabad recommends case of re-granting of Jageers to Mir Muhammad Ali and Mir Mubarak Khan son of Ghulam Shah Khanai. (Source: letter No.692). 1922: Turkey’s victory on various war sectors is celebrated by lokal branches of Khilafat Committee at Mullan Abra, near Baqrani; Ali Khan Kambar; Fazul Kalhoro of Dokri Taluka and Wagan. Speeches are made and services of Ghazi Kamal Ataturk are praised. (Source: The Al-Wahid, Karachi) 1955: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested on violation onf ban on his entry in Baluchistan. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute.) 1957: An ugly idea of making more provinces out of existing provinces has dominated hearts and minds of those politicians and people in power, who never accepted the ‘Two Nation Theory’ of their Father of nation and wants to disintegrate Pakistan into pieces. It has been announced by the Government today, that a Commission will be set up very soon to consider creation of Provinces. (Source: Newspapers). 1962: East Pakistan reacts on ‘Sharif Commission’, strike is observed in the length and breadth of east wing and Commission’s recommendations are termed as an act of snatching historical, constitutional, social and educational status from all provincial languages. (Source: Newspapers). 1964: Fatima Jinnah agrees to become Presidential Candidate on behalf of joint opposition from. She was closely related to his brother- founder of Pakistan and was witness to hijacking of power, democracy and freedom from people. She was deprived of seeing his brother who was breathing his last on Drug Road!. Now she desire to see country on the path of democracy. (Source: Newspapers). 1966: General Moosa is appointed as the Governor of West Pakistan, and General Yahya Khan becomes Commander in Chief of the Army. (Source: ibid). 1972: Urdu Quomi Council is formed in Karachi. (Source: Newspapers). 1975: Hearing of reference against NAP is completed. (Source: ‘Source-Material on NAP’, compiled by Gul Hayat Institute). ************ Dr. Pathan wishes you Good Day. [Beautiful world has become seat of sorrows & longings and unhappy valley for all, including you & me. Because, it is minus your love & beauty, vision & wisdom. As for as you will avoid to share but, insist to occupy, my world will remain ugly] دنيا ڳولھي دادلا جي دلين کي ڏين دان، مون جئين ماروئڙن کي اھنج گھٹا ارمان. ڌرتي دک جي نگري ھت غربت ٻيا گھمسان، خوشيون گھرجن خان سرت ۽ سلام سان TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: "سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ ۾ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(17 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق." [ڪجھ واقعا] 17.9.1838: ڪرنل پاٽينجر سنڌ مان خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته ميرن شاه شجاع کي سنڌ مان لنگهڻ جي مخالفت شروع ڪئي آھي. اسان جي سرڪار کي گهرجي ته سنڌ ۾ فوج موڪلي ۽ ڪراچئ تي قبضو ڪري. (حوالو: پاٽينجر جو خط 108). 17.9.1922: جنگ دوران ترڪئ کي يونان خلاف ڪاميابي ملي ته سنڌي مسلمانن ان تي مٺايون ورهايون. قمبر لڳ علي خان ۾ خلافت ڪميٽئ طرفان جشن ملهايو ويو. ان موقعي تي مولوي محمد دائود ۽ قاضي عزيزالله فرنگي سرڪار جي بدنيتئ تي زوردار تقريرون ڪيون ۽ حاضرين کي تاڪيد ڪيو ته ترڪن سان همدردي ڪجي ۽ فرنگي سرڪار جي مذمت جاري رکجي. جشن جا ساڳيا ميڙاڪا تعلقي ڏوڪرئ جي ڳوٺ فاضل ڪلهوڙي ۽ وڳڻ شھر ۾ به ٿيا.(حوالو: اخبار "الوحيد"). 17.9.1934: تعلقي قمبر جي ڳوٺ حاصل ۾ مغرب جي نماز کان پوء جلسو ٿيو, جنھن ۾ مولوي محمد ابراهيم بٺوئ ۽ مولوي عبدالڪريم بٺوئ تقريرون ڪيون. آخر ۾ ٺھراء پاس ڪري هند اسيمبلئ لاء اميدوار سيٺ حاجي عبدالله هارون ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اميدوار شيخ عبدالمجيد سنڌئ جي حمايت ڪئي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 17.9.1955: پاڪستان سرڪار خان عبدالغفار خان تي بلوچستان وڃڻ تي پابندي مڙھي هئي. پر هو نه مڙيو ۽ بلوچستان ويو ۽ ان تي کيس گرفتار ڪيو ويو. 17.9.1962: "شريف ڪميشن“ جي سفارشن خلاف اوڀر پاڪستان ۾ شديد هڙتال ٿي. سنڌ ۾ به چڙ ۽ ڪاوڙ جو مظاهرو ٿيو, پر اسان سنڌي فيصلو قبول ڪري ويٺاسين. ٻولئ جي بچاء لاء بنگالين جوڌا جوان ماريا. پر اسان تحريڪ هلائي ليڪن سرن جا سودا نه ڪيا. ان ڪري ٻولئ جي تاريخي, تدريسي ۽ آئيني حيثيت نه بچائي سگهياسين. 17.12.1972: ڪراچئ ۾ اڄ “اردو قومي ڪائونسل" جوڙي وئي. 1947 کان وٺي هندستان کان لڏي آيلن پاڻ کي ڪراچئ ۾ منظم ڪرڻ ۽ ڪراچئ جي مالڪي وٺڻ لاء مسلسل پاڻ کي منظم ڪندا رهيا. 17.9.2006: مهين جي دڙي مان مهرن جي چورئ خلاف ڏوڪرئ جي سنڌي ادبي سنگت, جسقم ۽ جسمم ڏوڪرئ ۾ جلوس ڪڍيو. ياد رهي ته 1936۾ “سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" هندستان جي آرڪيالاجئ جي ڊائريڪٽر جنرل کان مطالبو ڪيو هو ته سنڌ صوبائي حيثيت وٺي چڪي آھي. اوهان هاڻي مهين جي دڙي مان لڌل شيون واپس ڪريو. ان تي هن جواب ڏنو ته ٻلهڙيجي ۽ ڀر پاسي چور رهن ٿا,اوهان کي اصل شيون ڏبيون ته چوري ٿيڻ جو انديشو آھي. اها 1936 واري ڳالھ 2006 ۾ ثابت ٿي ته ڪي سنڌي ماڻھو عظيم تاريخي ورثي جي چوري ڪري سگهن ٿا. هسٽاريڪل سوسائٽئ جو خط ۽ ان کي مليل جواب اصل صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھن {17 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1880ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ بئريسٽر عبدالرحمان(هالا). 1883ع سياستدان شيما رام وزيراڻي (ٺٽو). 1906ع ليکڪ، شاعر ۽ تعليمدان محمد اسماعيل عرساڻي(هالا). 1924ع اسڪالر پوپٽي هيراننداڻي(حيدرآباد / بمبئي). 1936ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير اختر علي جي قاضي. 1953ع سياستدان ۽ ايم ڪيو ايم جي باني الطاف حسين. 1968ع اداڪار عبدالحسين ساريو. [وڇوڙو]: 1590ع مخدوم نوح هالائي. 1966ع مشهور شخصيت عبدالستار جان سرهندي. 1990ع مذهبي اسڪالر پير غلام رسول سرهندي(مٽياري).

No comments:

Post a Comment