Sunday 15 September 2024

SINDH in history today (15th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

16th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (16th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is for love and beloved. Without both, it is all in vain. Dear! Why don't you understand it? My life without you, your beauty, vision and wisdom is my death. Be cause for my life and be aim of life. Distance and differences are not affordable for me.] هئ حياتي هوتن لاء ۽ بره بنا سا جيئن آھي موت, اهو هنئين هنڊائي هوت, تہ گهنگهر گهڻو نہ گهاريان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {16th SEPTEMBER} EVENTS from history 1843: Sindh Governor, Sir Charles Napier informs the Government of India that Yar Muhammad, Ruler of Heart has sent his Vakeel for making treaty with the Government. (Source: Letter No.115). 1922: Two important events took place on this date. First was of political nature and second Social. At Goghari, a public meeting is held by the local branch of Khilafat Committee in connection with vicories of Turky on various war sectors. In this meeting people are asked to take part in politics. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi) Another event took place at Karachi. 36th Annual fuction is held by ‘Arya Samaj’. On this occasion, it is told that last year the organization provided financial help of Rs.100/ per month to Girls School namely ‘Putri Patshala’, resulting 80 girls got education free of cost. D.V.A School was aided Rs.200/ per month for catering of 75 students. Rs.100/ per month was given to Gujrati School for educating 75 students. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Sindh observes ‘Sindh Separation Day’. Muslims took active part. Processions were taken out and public meetings were held in the length and breadth of Sindh. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Two important events of the date are staging of Drama at Kambar and meeting of the ‘Masjid Manzilgah Restoration Committee’. Muhammad Ayub Khuhro takes over as the Chairman of the Restoration Committee replacing Haji Abdullah Haroon. The Restoration Committee is renamed as ‘War Council’. The Drama staged at Kambar by Hindus of Sukkur was aimed at to indicate weaknesses of Allah Bux Soomro’s Government. (Source: The Daily Al-Wahid and The Daily Gazette, Karachi). 1942: Shri Birham Khastri Co-Operative Stores are opened in various Muhallas of Karachi so as to provide commodities to people on cheap rates, because economy of the country was very much badly affected by the World War and people were to be helped accordingly. (Source: The Daily Gazette, Karachi). SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ( 16 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 16.9.1838: گورنمينٽ آف انڊيا پنهنجي سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي اڄ لکيو ته تو جيڪي پرشيا جي بادشاه ڏي لکيل مير نور محمد جا خط پڪڙي موڪليا آھن, انهن مان ثابت ٿئي ٿو ته اسان سان سچو آھي. اسان هنن حالتن جي روشنئ ۾ ميرن کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکڻي پوندي. 16.9.1839: سنڌين کان ٻيٽ ويا ۽ ڪراچي شهر ويو. اسان جا وڏڙا ۽ سنڌ ڄڻ اڌورا ۽ اڻپورا ٿي پيا. پر عوام پنهنجي وسان ڪين گهٽايو. خاص طور تي اتر سنڌ ۾ فرنگي فوجين سان ڪنهن نه ڪنهن بھاني سان وڙھندا رهيا ۽ جهيڙا ڪندا رهيا. اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جو سيڪريٽري اتر سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته اهي جو حل هن ۾ آھي ته اپر سنڌ ۾ فرنگي فوج جي ڇانوڻي قائم ڪجي. (حوالو: سيڪريٽري ٽو گورنر جنرل ٽي.ايڇ.ميڊاڪ جو مراسلو). 16.9.1843: سنڌ دوست کوسن ڪڇ ۽ ڀڄ وارا رستا 1832 کان انگريزن لاء حرام ڪري رکيا ۽ فرنگين کي پريشان ڪندا ۽ لٽيندا رهيا. سنڌ تي فرنگين جو قبضو ٿيو ته حالتن هنن جو ساٿ نه ڏنو. اڄ انهئ پاسي جي ڪجھ کوسن جي سردارن فرنگي سرڪار اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. (حوالو: گورنمينٽ آف انڊيا جو مراسلو نمبر 137). 16.9.1922: قمبر تعلقي جي ڳوٺ گهوگهاري ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان ترڪن جي يونان تي فوجي ڪاميابئ تي جشن ملهايو ويو. تقرير ڪندڙن فرنگي سرڪار جي ترڪن خلاف پاليسئ جي مذمت ڪئي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1922: ڪراچئ ۾ 36 سال اڳ “آريا سماج" نالي مذھبي ۽ سماجي تنظيم قائم ٿي, جنهن پوء سياست ۾ به پنهنجا رنگ ڏيکاريا ۽ هندو-مسلم اختلافن کي هوا ڏني. اها سياست ۾ جهڙوڪ نيم دهشتگرد تنظيم ٿي اڀري. هن هندن ۾ تعليمي بيداري آڻڻ جو ڪم ٿيو. اڄ ھن تنظيم پنهنجي ڪارڪردگئ جي سالياني رپورٽ پڌري ڪئي. ان مان پتو پئي ٿو ته پتري پاٽشالا [گرلس اسڪول] کي 100 روپيا مهينو, گجراتي اسڪول کي در ماه 100 روپيا ۽ ڊي.اي.وي اسڪول کي در ماه 200 روپيا امداد ۾ ڏنا. ( حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 16.9.1932: سنڌ ۾ اپر ڪلاس مسلمانن جي رضا سان هلايل ممبئي کان علحدگئ واري تحريڪ طرفان سڄئ سنڌ ۾ “ سنڌ جدائي جو ڏينھن" ملهايو ويو. هنڌين ماڳين ميڙاڪا ۽ جلسا ٿيا ۽ سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرائڻ جا وچن ڪيا ويا. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 16.9.1939: انگريزن جي زماني ۾ ليکڪ وڏئ جرئت سان سرڪار تي سخت تنقيد ڪندا هئا. لالچند امڏنيمل "عملدار, ڪين رعيت آزار" ڊرامو لکيو. ڪنهن "موڳو ماجسٽريٽ" ڊرامو لکيو. اڄ قمبر ۾ “اسيمبلي" نالي سان سکر جي هندو ڊراماٽڪ سوسئٽئ ڊرامو اسٽيج ڪيو ۽ اهو ڪيترا ڏينھن ڏيکاريو ويو. هن ڊرامي ۾ “اسيمبلي" ۾ ٿيندڙ غير ضروري قانونسازئ تي طنز ڪئي وئي هئي. 16.9.1939: مسجد منزل گاه تحريڪ مان سرمائيدار طبقي اڳواڻئ تان هٿ کنيو. هاڻي ان جي قيادت وڏيرن جي هٿ ۾ آئي. اڄ “ريسٽوريشن ڪميٽئ" جو نالو بدلائي "وار ڪائونسل" رکيو ويو ۽ حاجي عبدالله هارون جي جاء تي خانبهدادر کهڙو ان جو چيئرمن چونڊيو ويو. (حوالو: "الوحيد" اخبار). {16 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1845ع سياستدان، سماجي اڳواڻ ۽ تعليمي ميدان ۾ خدمتون سر انجام ڏيندڙ نور محمد لاکير (باني نور محمد هاء اسڪول) . 1904ع تعليمي ماهر آغا تاج محمد خان. 1946ع شاعر منور علي منور (آگاڻي) . 1948ع سياستدان عبدالحق ڀرٽ. 1949ع گلوڪار ديپڪ سيراڻي (ڪراچي / احمد آباد). 1961ع ليکڪ خادم چانگ. 1970ع گلوڪاره شازيه خشڪ. 1974ع ڪهاڻيڪار ۽ شاعر مشتاق ڀرڳڙي. 1983ع ڪهاڻيڪار عباس ڪوريجو. [وڇوڙو]: 1982ع پير گل حسن آف لنواري شريف. 1997ع سياستدان اعجاز علي جتوئي(ٻيٽو جتوئي). 2002ع ليکڪ امداد علي سرائي

Saturday 14 September 2024

Sindh in history today (15th September). Author dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

15th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (15th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Dr.Pathan's unque work on Historical Research SINDH IN HISTORY TODAY (15th SEPTEMBER) 15th September BIRTH DATES Moulvi Muhammad Aqil (Religious Scholar/ birth 15th September 1851), Abdul Rahim ‘Abd’ Junijo (Poet/ birth 15th September 1906), GangaramSamrat (Dadu> Ahmadabad/Journalist & Research Scholar/ birth 15th September 1918), MuneerChanno (Writer/ birth 15th September 1922), Ahmad Khan Siyal (Ganja/Writer/ birth 15th September 1930), Shamsher-ul-Hyderi (Kadhan/Journalist & Poet/ birth 15th September 1932), Syed Nadir Ali ‘Firaq’ (Tharoshah/Poet/ birth 15th September 1935), Muhammad UsmanMangi(Khairodero/Social worker & Founder ManikMotiTanzeem/ birth 15th September 1942), EshwarKirpalani (Tando Adam >Ajmir/Writer/ birth 15th September 1943), Abdul HaqBhart (Bharoti/Ex-Sindh Minister & PPP leader/ birth 15th September 1948) AmanullahShaikh (Larkano/Writer & Political Activist/ birth 15th September 1949), Arz Muhammad ‘Sher’ (MenhoonFaqirShar/Poet/ birth 15th September 1952), Rajib Azad (Sita/Poet/ birth 15th September 1961) Manzoor Ali ‘Sahar’ Soomro (Sehwan/Poet/ birth 15th September 1963) Mashkoor Mustafa Panhwar (Dadu/Poet/ birth 15th September 1968) NooruddinSitai (Sita Village/Writer/ birth 15th September 1972) Muhammad UsmanKhatti (Kadhan/Artist/ birth 15th September 1977). DEATH DATES Pir Syed RashiduddinShahSalis (PirJhando/Religious Scholar/ death 15th September 1899), Haji Jalaluddin (PirPutho/Sajadahnasheen/ death 15th September 1930), Moulvi Din Muhammad Buthvi (Buthi/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 15th September 1931), MoulviMianMahmood (Bora Lakhr/Religious Scholar/ death 15th September 1944), Faqir Muhammad (Vehar/Saint/ death 15th September 1956), BhimandasManvani (Chachak>Ajmir/Freedom Fighter/ death 15th September 1966) MoulanaGhulam Muhammad ‘Girami’ (Mehar/Poet & Editor Quarterly Mehran/ death 15th September 1976) EVENTS 1922: A public meeting is held at Ratodero by the local branch of Khilafat Committee. Speakers ask people to boycott foreign made items and article. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1923: Shaikh Muhammad Ramzan, Secretary Khilafat Committee is sentenced to 12 months imprisonment by the court of the Deputy Collector of Larkano. He was arrested under 108 Criminal Procedure Code for delivering anti-government speech. (Source: The Daily Al-Wahid. Karachi). 1948: Noor-ul-Amin cabinet takes oath in East Bengal [East Pakistan]. He was pro-Pakistani politician and was appointed Prime Minister of Pakistan in Yahya regime. Bhutto was appointed Deputy Prime Minister. (Source: Newspapers). 1972: NAP is involved in anti-Pakistan activities, says President Z.A.Bhutto (Source; ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Sardar Shoukat Hayat demands postponement of general election. Such type of politicians helped Zia to take decision regarding postponement. (Source: Newspapers) Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء TRANSLation of the post into sindhi ( 15 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 15.9.1922: لاڙڪاڻي ضلعي جي شهر نئين ديري تي شاهنواز خان ڀٽي جو اثر هو. ان ڪري اتي خلافت ۽ ڪانگريس بدران مهاسڀا ۽ امن سڀا کي سرگرم ٿيڻ جو موقعو مليو. البته نئين ديري ڀرسان شاه جو ڳوٺ ۽ رتوديرو ۾ خلافت تحريڪ زور پڪڙيو. اڄ رتيديري ۾ خلافت تحريڪ طرفان هڪ وڏو عوامي جلسو ٿيو, جنهن ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته دين ۽ ڌرتئ جي مفاد ۾ هڪ ٿي فرنگي حڪومت خلاف هر تحريڪ ۾ قول ۽ فعل سان حصو وٺو. 15.9.1923: لاڙڪاڻي شھر جي خلافت ڪميٽئ جي سيڪريٽرئ شيخ محمد رمضان کي سرڪار خلاف تقريرون ڪرڻ تي "ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ جي قلم 108 " هيٺ گرفتار ڪري مٿس ڪيس هلايو ويو. اڄ لاڙڪاڻي جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي ڪورٽ کيس ٻارهن مهينا سخت پورهيئي سان سزا ڏني. 15.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچي ڪيترن سان ڦٽايو. نيئشنل عوامي پارٽي به سندس نشانو بڻي. اڄ ڀٽي بيان ڏنو ته اها پارٽي پاڪستان خلاف سرگرميون ڪري رهي آھي [ياد رهي ته هن پارٽئ تي پوء پابندي مڙي وئي ۽ ان جي اڳواڻن تي ملڪ دشمنئ جا ڪيس هلايا ويا. ليڪن پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ ملڪ دشمنئ ۽ بغاوت جا ڪيس کوڙ ماڻھن تي هليا. ليڪن سزا ڪنھن کي به نه ملي ۽ سرڪار اهي لڳايل ڪيس پاڻ ئي واپس ورتا. ان جو سبب اهو ته حڪومت ڪوڙا ڪيس مڙھيا] 15.9.1977: زمانو ضياء الحق جي ظلم ۽ مارشل لا جو آھي. ضياء ڪنهن به صورت ۾ چونڊن ڪرائڻ جي حق ۾ ڪونه هو. پر اهڙو جواز کيس سياستدانن پيدا ڪري ڏنو. مولانا مفتئ بيان ڏيڻ شروع ڪيا ته "اڳ ۾ احتساب,پوء انتخاب". اڄ ھڪ ٻئي مڃيل سياستدان سردار شوڪت حيات مطالبو ڪيو ته هن گنڀير سياسي حالتن ۾ چونڊن نه ڪرايو. *************** 15 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 15 سيپٽمبر 1851ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1906ع شاعر عبدالرحيم عابد جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1918ع اسڪالر گنگا رام سمراٽ (سن / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1922ع ليکڪ منير چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1930ع ليکڪ احمد خان جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1932ع شاعر، صحافي، ڊراما نگار ۽ ليکڪ شمشير الحيدرئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1935ع شاعر ۽ صحافي نادر علي شاهه فراق (ٺارو شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1943ع ليکڪ اشور ڪرپلاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1947ع صحافي، ليکڪ ۽ شاعر ساز ڪاظمي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1949ع قانوندان ۽ سياستدان امان الله شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1952ع شاعر عرض محمد شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1956ع سياستدان ارباب غلام رحيمجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1960ع سماجي ورڪر بيربل گناڻي (سنجهورو) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1961ع شاعر رجب آزاد (سيتا) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1963ع شاعر منظور سحر (سيوهڻ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ مشڪور مصطفى جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع ليکڪ نورالدين سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1972ع عالم، ليکڪ ۽ تعليمي ماهر آغا بدرالدين(جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 15 سيپٽمبر 1977ع اداڪار ايم مصطفى کٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 15 سيپٽمبر 1899ع مذهبي عالم پير راشد الدين (ٽيون) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1919ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل( ميهڙ) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1930ع حاجي جلال الدين (سجاده نشين پير پٺو) جو انتقال ٿيو. 15 سيپٽمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد بٺوي جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 1944ع مذهبي اسڪالر مولانا ميان محمود جو لاڏاڻو ٿيو. 15 سيپٽمبر 1974ع صحافي، ايڊيٽر ۽ شاعر مولانا غلام محمد گرامئ جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2007ع سياستدان ارباب امير حسن(کيتلاري) جي وفات ٿي. 15 سيپٽمبر 2013ع مشهور ليکڪا ۽ شاعره ريٽا شهاڻي(حيدر آباد / پونا) جي ديهانت ٿي.

Friday 13 September 2024

SINDH in history today (14th Septembe). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

14th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (14th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr. Pathan wishes you Good Day. ماریئي پنھنجي رمزن سان اٿئي پارت ھاٹي اسان مئا تنهنجي وس، مئي بہ ناھي مون ڪئي بس، تنھنجي برہ سونھن سرت سلام کان. [ TRANSLATION: Your love chained my heart and your beauty snatched everything from me, even life. Now, I am empty handed, even without heart, mind and soul. In spite of this situation, I have not forgotten you. You are my dream and destination.] ************ SINDH IN HISTORY TODAY {14th SEPTEMBER} EVENTS: 1838: Captain Burns informs Colonel Pottenger that he would reach Bukhar by the end of this month and it will be in the interest of requirements of contact with Mirs of Khairpur, if information is provided to him about the country, people and society of Khairpur. (Source: Burns’ letter of 14th September, 1838). 1843: Matter relating to judicial system is discussed between Governor-General of India and Sir Charles Napier, Sindh Governor.Governor of Sindh is advised to continue the system, that has been introduced by him [Sindh Governor], that is trial by Military Courts. However, he is asked to appoint Chief Magistrate/Commissioner as soon as it can be done. (Source: Correspondence between Sir Charles Napier and the Governor-General). 1887: The Governor-General of India lays foundation stone of the building of Sindh Madressah-tul-Islam at Karachi. The construction work was completed in 1890 and it costed Rs.1, 97,188/. Its map and design was prepared by James Strachan. (Source: Dr.Mumtaz Bukhari’s Ph.D thesis on Sindh Madressah). 1935: His Highness Sir Agha Khan is not happy with the League of Nations. He says that ‘India was troubled by the League’s lack of universality and by the thin representation of Indians. She was troubled by the great preponderance the League devotes to European interests’. (Source: The Daily Gazettee, Karachi). 1948: Khowaja Nazim-u-ddin takes over as the Governor-General of Pakistan. He was from East Bengal [East Pakistan] where was had remained Premier also (Source: Newspapers). 1953: Mir Ghulam Ali Khan Talpur is elected as the Speaker of Sindh Assembly. (Source: Newspapers). 1964: Dr.Razi-u-ddin Siddiqui is appointed as Vice Chancellor of Sindh University. It was during his tenure that Hamid Sindhi and his contemporary writers/poets held Sindhi Conference in Hyderabad and Dr.Razi-u-ddin Siddiqui was invited there. In this conference and in response to demand by organizers and speakers, the Vice Chancellor announced the establishment of Sindhi Academy and later on this ‘Sindhi Academy’ took the shape of Institute of Sindh ology. 1978: Fazul Ilahi resigns as the President of Pakistan and he is replaced by Zia-ul-Haq.(Source: Newspapers). 1991: Biharis must not create backlash in Sindh, says Benazir Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute) TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH IN HISTORY TODAY {14th SEPTEMBER} EVENTS ( 14 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 14.9.1838: فرنگي سفارتڪارن کي سنڌ جي سرڪار مان ته ڪو خطرو ڪونه هو, عوام کان ڊڄندا هئا, ڇو ته ماڻهون سندن پٽڪي لاهڻ ۾ دير نه ڪندا ھئا. ڪئپٽن برنس کي سکر مان فرنگي فوج ۽ اٺن لاء اناج ۽ گاه به وٺڻو ۽ خيرپوري ميرن کان بکر جو قلعو به وٺڻو هو, سو اڄ پاٽينجر کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته هن مهيني جي آخر ۾ اوڏانھن ويندس. ان ڪري ٻڌايو ته اوهان اتان جي ميرن سان ڇا ڳالهايو آھي ۽ اتان جون حالتون ڪيئن آھن. (حوالو: برنس جو خط). 14.9.1840: سنڌ جي حڪمرانن هن دور ۾ اڪثر ڪري عجب ۾ وجهندڙ ڳالهيون ڪيون. جڏهن پاڻ ۾ اختلاف ٿين ته فرنگين جي سفارتڪارن کان فيصلا ڪرايائون. حيدرآبادي ميرن ۽ ميرپور واري مير شير محمد جي وچ ۾ ملڪي حدن بابت مامرو پيدا ٿي پيو ته هنن ڏکڻ سنڌ لاء فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي گذارش ڪئي ته تون امين ٿي اسان جي اختلافن جو ڇينھرو ڪر.(حوالو: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 14.9.1843: سنڌ جي گورنر نيپيئر ۽ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وچ ۾ سنڌ ۾ عدالتي نظام بابت خط و ڪتابت ٿي. نيپئر کيس ٻڌايو ته هو وقتي طور تي ملٽري ڪورٽس قائم ڪري ڪيسن جو اڪلاء ڪري ٿو. گورنر جنرل کيس چيو ته ٺيڪ آھي ڪم کي ڀلي ايئن هلاء پر ستت چيف ماجسٽريٽ/چيف ڪمشنر مقرر ڪري عدالتي نظام قائم ڪر. 14.9.1887: هن سال سنڌ جي تعليمي تاريخ ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا. سنڌ ڊي.جي.ڪاليج به قائم ٿيو ۽ ٻه سال اڳ قائم ڪيل سنڌ مدرسي جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر اڄ رکيو ويو. اها اسم گورنر جنرل لارڊ ڊفرن ادا ڪئي. عمارت 1890 ۾ ٺھي راس ٿي ۽ ان تي هڪ لک ستانوي هزار ۽ هڪ سو اٺاسي روپيا, ڏه آنا ۽ ڇه پايون خرچ آيو. عمارت جو نقشو جيمس اسٽريچن ٺاهيو هو. 14.9.1948: خواجا ناظم الدين کي پاڪستان جو گورنر جنرل بڻايو ويو. 14.9.1953: مير غلام علي خان ٽالپور سنڌ اسيمبلئ جو اسپيڪر چونڊيو ويو. 14.9.1978: چوڌري فضل الاهئ کان استعيفا ورتي وئي ۽ ضياء الحق چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر سان گڏ پاڪستان جو صدر به ٿيو. 14.9.1991: بينظير ڀٽو سنڌ ۾ بهارين جي هلت کان ناخوش ٿي چيو ته کين پنهنجي ماضئ وارو ماحول هتي پيدا ڪرڻ نه گهرجن. {14 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1922ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ صحافي سراج الحق. 1923ع نامياري قانوندان ۽ سياستدان رام ڄيٺ ملاڻي شڪارپور . 1928ع شاعر ڄيٺانند تاب (حيدر آباد / بمبئي). 1933ع سنڌ جي اڳوڻي گورنر ايئر مارشل محمد عظيم دائودپوٽو. 1949ع سياستدان پير مظهرالحق. 1952ع شاعر ۽ صحافي علي گل سانگي. 1953ع قومي ڪارڪن ۽ سماجي ورڪر عبدالڪريم چانڊيو (سچل ڳوٺ). 1957ع مشهور شاعر آسي زميني(ٽنڊو قيصر). 1962ع سياستدان سيد جلال محمود شاهه. 1962ع صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماجي ورڪر ادريس جتوئي. 1965ع سماجي ورڪر ۽ صحافي سيد جاويد اختر (مٺو جتوئي). 1975ع شاعر گل حسن ساگر. [وڇوڙو]: 1966ع شاعر رئيس ضياء الدين ايس بلبل. 2004ع ليکڪا ثريا سوز ڏيپلائي.

Thursday 12 September 2024

Sindh in history today (13th Sptember). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

13th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (13th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Pathan wishes you Good Day. Subuh-ba-Khair. Sada Salamat. [Most of people are in sorrows & longings because they live in Past, Present and Future at same time . But, I am no any where. I am misplaced. I am away from past , present and future and more away from time, place and circumstances. However, where I am, I feel and believe that you are in my heart, eyes and mind. Dear! Save my soul and protect and place me under the shelter of your beauty & love and vision & wisdom, please.] ڪي غم ۾ تہ ڪي ڪم ۾ پر تون اسان جي دم دم ۾، نرمل نشانیون تنهنجي نینھن سنديون آھن لڱ لحم ۾، رکج پرین ڀرم ۾، مون کي سرت سونھن سلام سان. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {13th SEPTEMBER} EVENTS from history 1847: The Resident at Khairpur request for permission from Sindh Commissioner to approach His Highness Mir Ali Murad Khan to get site out of city for the construction of Residency at Khairpur. (Source: Letter No. 69 from Resident at Khairpur) . 1848: During operation against Bugtis, some arrests are made at Shikarpur and Hyderabad and they are declared as prisoners of war. In Shikarpur, they are handed over to the Collector and Magistrate and in lower Sindh, they are stationed at Tando Ghulam Ali. (Source: Commissioner’s letter No.2437). 1857: A Bengali Birahman informs Government that Regiment No.21 has planned to revolt against the Government at midnight. Search opretion is started soon after the information is received and revolutionaries are arrested. Seth Naumal plays vital role in collecting information about mutiny. (Source: Memoirs of Seth Naumal and other books). 1948: Hyderabad Dakhan losts its independence. It is occupied by India. (Source: History of Dakhan). 1952: The Security Council discusses the membership proposal of Pakistan for U.N.O. (Source: Newspapers). 1958: Khan Abdul Ghaffar Khan is arrested. (Source: ‘Source-Material on ANP’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Lahore High Court orders release of Z.A.Bhutto on bail. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute). TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY {13th SEPTEMBER} ( 13 سيپٽيمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 13.9.1847: باقي سنڌ تي ته انگريزن جو قبضو ۽ راڄ شروع ٿي ويو, ليڪن خيرپور جي حيثيت هڪ الڳ رياست جي رهي, جتي مير علي مراد خان حڪمران ٿيو. هن جي رياست ۾ فرنگي سفارتڪار/ريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو. اڄ انھئ ريزيڊنٽ سنڌ جي ڪمشنر کان اجازت گهري ته هو مير علي مراد سان ڳالهائي, خيرپور شھر کان ٿورو ٻاهر "ريزيڊنسي" ٺاهڻ جي منظوري وٺي. 13.8.1848: فرنگي سرڪار شڪارپور ۽ ان جي ڀر پاسي ۾ فوجي آپريشن ڪري بگٽي قبيلي جي ڪيترن ماڻھن کي پڪڙي ورتو. اهي شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ ڏوهي ڪاروايون ڪري واپس جبلن ۾ ھليا ويندا هئا. انهن قيدي بگٽين کي شڪارپور ۽ حيدرآباد ۾ ڪئمپون ٺاهي اتي رکيو ويو. حيدرآباد سندن ڪئمپ ٽنڊو غلام علئ ۾ قائم ڪئي وئي هئي. 13.9.1857: هڪ بنگالي برهمڻ فرنگي سرڪار کي ٻڌايو ته اوهان خلاف ڏيهي فوجي بغاوت جي سٽي رهيا آھن. خبر ملندي ئي ڪمشنر فوجين جي پريڊ ڪرائي هنن کان هٿيار ڦري ورتا ۽ شڪي فوجين کي گرفتار ڪري ورتو. سيٺ نائونمل هوتچند هن نازڪ ۾ فرنگي سرڪار جي وڏي مدد ڪئي. ان ڪري بغاوت کان اڳ ئي حالتن تي ضابطو ڪيو ويو. 13.9.1948: حيدرآباد دکن پنهنجي آزاد رياست جي حيثيت وڃائي وٺي. انڊيا انھئ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ضم ڪري ڇڏيو. 13.9.1958: خان عبدالغفار خان کي گرفتار ڪيو ويو. [مرڪزي حڪومت اتر پاڪستان مان خان عبدالغفار خان ۽ ڏکڻ پاڪستان مان جي.ايم.سيد کي سک جو ساه گهٽ ئي کڻڻ ڏنو. گرفتاريون ۽ نظربنديون, ٻنھي سياستدان جي زندگئ جو اٽوٽ رنگ بڻجي ويو] 13.7.1977: لاهور هاء ڪورٽ اڄ ذوالفقار علي ڀٽي کي ضمانت تي آزاد ڪيو. *************** 13سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 13 سيپٽمبر 1933ع پي پي اڳواڻ ۽ سابق وزير اعلى سنڌ سيد قائم علي شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي وفات 13 سيپٽمبر 2004ع پروڊيوسر محمد بخش سميجو جي وفات ٿي

Wednesday 11 September 2024

Sindh in history today (12th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

12th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (12th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY ) Dr.Pathan wishes you Good Day. [Communication gap creates misunderstandings, differences & distances. Whoever is not ear is not fair and is in fear. In such a situation love & respect, care & cause has to loose its impact & value. It is state of affairs in my society] جي من ۾ رھن سپرین، سي ئي منھن چڙھیا ڪین، پاڻ نہ پڇیئون ڪڏھین، تان ڪیئن گذارن غمگین، اسان جي مسڪین، ڳنڍیون رشتا سرت سلام سان. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {12th SEPTEMBER} EVENTS from history 1855: Jageer rolls in respect of Shikarpur, Ubaoro, Naushero Abro, Sukkur and Ghotki talukas are prepared by the Assistant Commissioner for Jageers. (Source: Letter No.190) 1920: Statement is issued by Rais-ul-Muhajreen Jan Muhammad Junijo from Peshawar that migration to Afghanistan by Sindhis stands stopped/suspended due to unfavorable climate and reaching of 40,000 migrants in Afghanistan. It is further said that suspension order has been issued by the Afghan Government on plea that it has become impossible for the Government to accommodate more migrants there. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi). 1939: Haji Abdullah Haroon meets K.B.Allah Bux Soomro, Premier of Sindh and discussed the issue of Masjid Manzilgah with him. Soon after the meeting, Haji Abdullah Haroon issued press statement blaming the Premier that he is not serious in resolving the matter. (Source: The Daily Al-Wahid,Karachi). 1956: Suharwardi Cabinet takes oath. It is combination of the Republican and Awami League. The only Sindhi minister is Mir Ghulam Ali Talpur. (Source: Newspaper). 1971: Bhutto and Yahya meet to discuss political situation. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1972: Debate on ‘London Plan’ irritates opposition in the National Assembly. Opposition members stage walkout. (Source: Newspapers). 1978: Akbar Bugti is disqualified. He cannot take part in parliamentary politics for next seven years. (Source: Newspapers) SINDHI TRANSLATION: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(12 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق". [ڪجھ واقعا] 12.9.1839: شاه شجاع,ڪن مير حڪمرانن ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ وچ ۾ معاهدو ٿيو هو ته مير شاه شجاع کي اٺاويھ لک روپيا ڏن به ڏيندا ۽ کيس سنڌ مان لنگه به ڏيندا.اڄ گورنر جنرل ۽ شاه شجاع جي وزير وچ ۾ خط و ڪتابت ٿي. جنهن ۾ شاه شجاع جي وزير کي ٻڌايو ته حيدرآباد جا مير شاه شجاع کي ايڪيه لک ڏيندا. باقي ميرن سان ڳالهيون ڪري ست لک وٺي ڏبا.(حوالو: گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط). 12.9.1856: انگريزن سنڌ ۾ جاگيرن جو هڪ الڳ کاتو جوڙيو. ان کاتي معرفت ئي ماڻھن کي جاگيرون ڏنيون وينديون هيون. هن کاتي جو اهو ڪم به هوندو هو ته سنڌ جي ضلعن ۽ تعلقن جي حساب سان جاگيردارئ جو رڪارڊ مرتب ڪري سرڪار کي پيش ڪن ته جيئن انھئ رڪارڊ جي روشنئ ۾ جاگيرن ڏيڻ جو فيصلو ڪري. اڄ جاگيرن جي اسسٽنٽ ڪليڪٽر شڪارپور, اوٻائڙي, نوشھرو ابڙو, سکر ۽ گهوٽڪي تعلقن جي جاگيرن جا رول [رڪارڊ] ٺاهي ڪمشنر کي اماڻيو. (حوالو: مراسلو نمبر 190). 12.9.1920: خلافت تحريڪ مذھبي جذبي ۽ جنون جي آڌار تي هجرت ڪرڻ لاء ماڻھن کي تيار ڪيو. اهو هڪ غلط ۽ ڀيانڪ سياسي فيصلو هو, جنھن نه فقط سادن سٻاجهن سنڌين کي دربدر ڪيو, پر "ملڪ ڇڏڻ“ جي غلط رسم جو رواج پيدا ڪيو ۽ 1947 کان پوء غير سنڌين انھئ آڌار تي هندستان مان سنڌ ڏي اچڻ شروع ڪيو ۽ اسان جي ڀينگ ٿي وئي. اڄ هڪ سنڌي مهاجر جو ڪابل مان لکيل خط "الوحيد" اخبار ۾ شايع ٿيو. هو لکي ٿو ته افغانستان جي حڪومت هجرت بند ڪئي آھي ۽ چيو ٿو وڃي ته مهاجرن جو تعداد وڌي ويو آھي. اڳ ۾ سندن آبادڪاري ڪجي, پوء ٻيا مهاجر اچن. في الحال ڪو به نه اچي. اخبار جي ساڳي ئي پرچي ۾ رئيس المهاجرين جان محمد جوڻيجي جو پشاور مان لکيل خط شايع ٿيو آھي. هو به وڌيڪ سنڌي پناهگيرن کي اچڻ کان منع ٿو ڪري. 12.9.1939: اسان جا وڏا ڪي ڪم ڪري ويا جڏا. هڪ ماڻھوء [الله بخش شھيد] کي هٽائڻ ۽ غير مسلم ليگي حڪومت کي ڊاهڻ لاء مسجد منزل گاه جي بحالئ جي تحريڪ هلائي, ڪيترا بي گناه ماڻھون مارائي وڌائون. اڄ ھن تحريڪ جو اڳواڻ حاجي عبدالله هارون سنڌ جي وڏي وزير الله بخش سومري سان مليو ۽ منزلگاه مسجد جي مامري تي ڳالهائڻ بعد بيان ۾ چيو ته وڏو وزير مسلمانن جي جذبن کي نظرانداز ڪري رهيو آھي. (حوالو: اخبار "الوحيد"). 12.9.1948: ڪالھ گذاري ويل پاڪستان جي بانئ ۽ پهرين گورنر جنرل کي ڪراچئ ۾ دفنايو ويو. سندس جنازي جي نماز مولانا شبير احمد عثمانئ پڙھائي. سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي هڪ ليڪچر پروگرام ۾ ھاشم رضا ليڪچر ڏنو. هو جناح جي تدفين جو منتظم هو. مون کانئس پڇيو ته "مون تلاش ڪرڻ باوجود قائد اعظم جي آخري ديدار واري تصوير ڪانه ڏٺي آھي. ڇا اها اوهان وٽ آھي ۽ ڏيکاري سگهندا". هاشم رضا منجهي پيو ته ڪاوڙ ۾ الائي ڇا مان ڇا ڳالهائين. 12.9.1954: " ادا ته پاڪستان کي جمهوري ملڪ ڏسڻ پئي گهريو"- ملڪ جي انوکي سياسي ڪلچر کي ڏسندي فاطمه جناح پنهنجي خيالن جو اظھار ڪيو.(حوالو: اخبارون). 12.9.1971: پاڪستان جي سياسي ڪلچر ۾ اڪثر ڪري ڊڪٽيٽرن کي ڪجھ سياستدانن ۽ سياستدانن کي ڊڪٽيٽرن جي سهڪار جي ضرورت رهي آھي. اڄ ذوالفقار علي ڀٽي ۽ يحيا خان جي ملڪي سياسي صورتحال تي تفصيلي ڳاله ٻوله ٿي. 12.9.1978: نواب اڪبر بگٽئ تي پاريامينٽ جي ميمبر ٿيڻ تي پابندي لڳائي وئي. [جنم ڏينهن]: 1876ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مرزا نواز علي بيگ ”خروي“. 12 سيپٽمبر 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1912ع شاعر محمد يعقوب ”جليس“. 1921ع ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو والد حاجي گل محمد پٺاڻ. 1933ع سياستدان سيد قمرالزمان شاه. 1955ع ليکڪ هير سنڌو. 1965ع شاعر سلطان بخاري جي پيدائش. 1968ع شاعر ظفر ناٿن شاهي. 1969ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار انور شيخ. 1973ع شاعر لال ڪٽو . [وڇوڙو]: 1957ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ ڊاڪٽر چئوترام گدواڻي. 1968ع مذهبي عالم مولانا محمد صالح سمون. 1984ع شاعر نجف علي شاهه ”ڪمتر“. 2005ع تعليمدان شيخ واحد بخش.

Tuesday 10 September 2024

Sindh in history tdy (11th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

11th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (11th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY ) Dr.Pathan wishes you Good Day. [Communication gap creates misunderstandings, differences & distances. Whoever is not ear is not fair and is in fear. In such a situation love & respect, care & cause has to loose its impact & value. It is state of affairs in my society] جي من ۾ رھن سپرین، سي ئي منھن چڙھیا ڪین، پاڻ نہ پڇیئون ڪڏھین، تان ڪیئن گذارن غمگین، اسان جي مسڪین، ڳنڍیون رشتا سرت سلام سان ************* SINDH IN HISTORY TODAY {11th SEPTEMBER} EVENTS from history 1919: It is notified by the Government of India, Army Department that following persons rendered valuable services for the Government during 1st World War: Diwan Tekchand O.B.E, Indian Services (Karachi), Takurdas Jagasia (Karachi); Hotchand Jattani (Karachi); Kishorilal (Karachi); G.Rahumal (Karachi); Keharsing Jawaharsing (Zamindar), B.Naraindas (Zamindar); Ramditomal Lala Jawaharmal (Zamindar) and Vazirmal Utamsing Govinda Bux (Bar-at-Law). 1948: The father of Pakistani nation and first Governor-General of Pakistan Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah breathed his last. He was born in Jhirk, near Thatta and that time Thatta was part of the district of Karachi. It is officially told that he was born in Wazir Mension, Karachi. 1960: It is notified by the Government that Karachi will be given status of a Division with effect from 1st of October 1960. 1965: Pakistan Army captures Khemkaran and Gadaro. War between India and Pakistan is on high peak. (Source: Newspapers). 1988: Mr. Justice5 (Retired) Qadiruddin replaces General (Retired) Rahimuddin as the Governor of Sindh. (Source: Government Notification). 1991: Benazir Bhutto addresses a big public meeting at Karachi and demands for formation of a National Government and holding of fair and free election. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute) TRANSLATION OF THE POST INTO SINDHI: SINDH IN HISTORY TODAY {11th SEPTEMBER} EVENTS from history "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(11 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 11.9.1842: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ميجر جنرل چارلس کي افغانستان ۾ فوجي ڪاروائي ڪرڻ لاء سنڌ موڪليو هو.هن پوء سنڌ ۾ رڻ ٻاريو. اڄ گورنر جنرل پنهنجي سيڪريٽرئ ذريعي آئوٽرام کي هدايت ڪئي ته تون سر چارلس نيپيئر کي پنهنجي تجربن ۽ مشاهدن جي بنياد تي سنڌ جي حڪمرانن ۽ سندن روين بابت سمورا تفصيل نيپيئر کي پيش ڪر ۽ کيس ٻڌاء ته اسان ميرن سان ڪهڙا ڪهڙا معاهدا ڪيا آھن ۽ ميرن انھن جي ڪيتري پوئواري ڪئي آھي ۽ ڪٿي ڪٿي ويساه-گهاتيون ڪيون آھن. گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ نيپئر ڏي به انهئ خط جي ڪاپي موڪلي ۽ کيس چيو ته سنڌ جي صورتحال ۽ سنڌ جي حڪمرانن بابت رايو قائم ڪري, سرڪار کي باخبر ڪر. (حوالو: سيڪريٽرئ جا خط). 11.9.1919: پهرين مهاڀارئ لڙائئ ۾ ڪيترن انگريز-پرست سنڌين فرنگي سرڪار جي مدد ڪئي. سرڪار انهن جا نالا نوٽيفيڪيشن جي روپ ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ ڇپيندي هئي. انھن سمورن جا نالا گل حيات گڏ ڪيا آھن. اڄوڪئ گزيٽ ۾ جن جا نالا ڏنا ويا آھن, اهي آھن: ديوان ٽيڪچند [ڪراچي], ٺاڪرداس جگيسيا [ڪراچي], هوتچند جتاڻي [ڪراچي], ڪشوري لال [ڪراچي], جي. راهومل [ڪراچي], خيرسنگ جواهرسنگ [زميندار], بي. نارائڻداس [زميندار], رامڏنومل جواهر مل [زميندار] ۽ وزيرسنگ اتم سنگ 11.9.1935: 1919 کان وٺي سنڌي ماڻھن خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽ فارمن سنڌ ۽ هند جي سياست کان سواء پرڏيهي سياست تي به نظر رکي ۽ ان بابت پنهنجن ويچارن جو ڀرپور اظھار به ڪندا رهيا. خلافتي سياستدانن ترڪئ ۽ فلسطين جي مسئلن تي ئي سياست ڪئي. ڪانگريسي سنڌين به بين الاقوامي سياست کي نظرانداز نه ڪيو. اڄ ڪراچي ڪانگريس ڪميٽئ جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ مسيلوني حڪومت جي حبش خلاف جارحانه حڪمت عملئ خلاف مذمتي ٺھراء پاس ڪيو ويو. (حوالو: "ڊيلي گزيٽ“ اخبار). 11.9.1948: پاڪستان جي تاريخ ۾ سياسي قتلن جيان خود ملڪ جي بانئ جي موت جي به سچي ۽ درست حقيقت عوام اڳيان ڪانه آئي. ملڪ جو باني جو موت اڄ به معمو آھي. اڄ سندس وفات جي تاريخ آھي. هو زندگئ ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ ھئو ته وقت تي کيس ٻي ايمبولنس نه ملي. وزير اعظم انھئ ڏکئ مهل هن وٽ نه پهتو, پر هڪ سفارت خاني جي فنڪشن ۾ شريڪ رهيو. 11.9.1960: سرڪاري طور تي پڌرو ڪيو ويو ته پهرين آڪٽوبر کان ڪراچئ کي ڊويزن جو رتبو ڏنو ويندو. 11.9.1988: اڄ جسٽس (رٽائيرڊ) قديرالدين سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 11.9.1991: ڪراچئ ۾ پي.ڊي.اي جي وڏي جلسي کي خطاب ڪندي, بينظير عبوري حڪومت ٺاهي نئين چونڊن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. 11.9.1996: اها سنڌي ماڻھونء جي فطرت رهي آهي ته هو ظلم جي خلاف به ٻارڻ ٻاريندو آھي ته بي انصافئ خلاف پاڻ به ٻرڻ ۽ سڙڻ کان ڪونه لهرائيندو آھي. اڄ, انصاف ۽ حق نه ملڻ تي حيدرآباد ۾ مائي زينب ۽ مائئ حاڪم زادئ نالي ٻن ڀينرن پاڻ کي باه ڏني. هنن ڏکوئيل نياڻين جا ٻه ڀائر ٽنڊي بھاول جي انهن شھيدن ۾ شامل هئا, جن کي "را" جو ايجنٽ چئي ۽ ٻيا الزام هڻي بي گناه ماريو ويو هو. پاڻ ساڙيندڙ مائين اڳواٽ اهڙو اطلاع حڪومت کي به ڏنو هو. ليڪن سرڪار ڪو جوڳو قدم نه کنيو ۽ مظلومياڻن کي سڙي مرڻ جو ماحول پيدا ڪري ڏنو. (حوالو: اخبارون). {11 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1921ع اسڪالر تاج صحرائي. 1931ع اسڪالر ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي. 1957ع ليکڪ عاجز يوسفاڻي. 1957ع اسٽيج ڊائريڪٽر کيمچند لاکياڻي. 1974ع صحافي ۽ ليکڪا ڊاڪٽر سنڌو راشدي 1982ع ليکڪ اسد سومرو. [وڇوڙو]: 1916ع شاعر مرزا مراد علي بيگ “ٻڍل”. 1931ع خلافت تحريڪ سان لاڳاپيل سياستدان پير امام الدين راشدي. 1933ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان بولچند آڏواڻي. 1948ع باني پاڪستان قائد اعظم محمد علي جناح. 1982ع مذهبي عالم مولانا جان محمد ڀٽو.

Monday 9 September 2024

Sindh in history today (10th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

10th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (10th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {10th September} and my Good Day Wish for YOU. ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [If you are on Right Path, then you are not all alone. Because, you will be guided, supported and helped by any ideal, beyond your imagination & expectation. Be, what you are. Equip your heart & mind with hope, trust and belief in human love & beauty] جي ھلندین حق جي راھ تي، تان تون ناھین اصل اڪیلو، غیر متوقع مدد ملندء گھٹي، ان لاء ڪو ایندء البیلو، تون بٹائي برہ سندو بتیلو، گھم سمنڊ سرت سلام جو. ************* SINDH IN HISTORY TODAY {10th SEPTEMBER} EVENTS from history. 1835: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, informs his Government that Mir Noor Muhammad Khan has asked for medical officer to be sent by the Government of India to Hyderabad for his treatment. He has also promised that in future no molestation would be offered to the merchants of India trading by Indus. Pottenger also informs his Government that Mirs were in great tribulation about Ranjeetsing attacking Shikarpur. (Source: Pottenger’s letter No. 63). 1847: Mir Ali Murad Khan is returning from England to home by Trieste and Mr. Coffey is conducting/attending him. Mr. Coffey sends letter to the Government of India that Mir was not happy with the attitude of the Government of India regarding his claim and case about restoration of the rank of ‘Rais’ and of a portion of his territory. During his vest of England, Mir Ali Murad Khan submitted petition to the Queen on the subject. But, he was told that matter will be resolved by the Government of India on the investigation and report of the Sindh Commissioner. (Source: Letter No. 1847 from Secret Committee). 1920: Since the occupation of Sindh by the Government of India, Dramatic Companies visited Sindh and stage their dramas in Karachi. Today, such a company, namely ‘H.B.Waring’s Company’ has arrived at Karachi to stage dramas in English there. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1921: In a public meeting held under presidency of Shahnawaz Khan Bhutto, the Ratodero Aman Sabha is formed with following office-bearers: Shahnawaz Khan Bhutto (President), Rai Bahadur Mulchand (Vice President), Diwan Bhojraj (Secretary), Hardasmal (General Secretary). A Committee of 40 members is also formed to propagate and discourage Non-Co-Operation Movement launched by Khilafat and Congress against the Government. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1939: In the General meeting of the Muslim League held at Dadu, in the Factory of Haji Muhammad Yaqub, Mian Shamsuddin is elected as the chairman of the branch Muslim League. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1947: It is the first day of the first session of the Pakistan Constituent Assembly today. The session starts at Karachi and it is attended by 40 members from East Bengal, !7 from Punjab; 3 from NWFP; 01 from Baluchistan and 4 from Sindh. Quaid-i-Azam is elected President, whereas Moulvi Tamizuddin as Deputy President. (Source: Newspapers). 1953: Sanghar is created as new District. It consists of Sanghar, Sinjhoro; Pethoro and Shadadpur talukas. (Source: Government Notification). 1974: Pakistani POWs have to face War Crime Cases at any cost, says Shaikh Mujeeb. (Source: Newspapers). 1977: Ten people are sentenced to imprisonment besides, lashing. They were involved in disturbing PNA meetings (Source: Newspapers). 1981: Detention of Benazir Bhutto is extended for another 3 months. She is sent back to Karachi. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1990: PDA is formed. It consists of PPP, Muslim League (Malik Qasim Group); Tahrik-i-Istaqlal and TJFP. (Source: Newspapers). 1991: Attack on Benazir Bhutto. Sindh Assembly rules ‘motion’ out of order. (Source: Newspapers) TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY {10th SEPTEMBER} EVENTS from history. ( 10 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 10.9.1835: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته مير نور محمد خان بيمار ٿي پيو آھي ۽ گذارش ڪئي اٿائين ته ايسٽ انڊيا ڪمپني ڪو گورو ڊاڪٽر موڪلي ڏئي ته منھنجي دوا ڪري. پاٽينجر وڌيڪ لکي ٿو ته مير مون کي پڪ ڏياري آھي ته اڳتي سنڌ ۾ فرنگين جي واپارين کي سنڌي ماڻھون تنگ نه ڪندا ۽ واپارين جي وڻج خواه ٻيڙن جي ڀرپور حفاظت لاء اسان جي سرڪار سخت قدم کڻندي. پاٽينجر لکي ٿو ته سنڌ جا سمورا مير حڪمران پريشان آھن ته متان رنجيت سنگ شڪارپور تي ڪاهي نه اچي. 10.9.1847: خيرپور جي حاڪم مير علي مراد خان پنهنجا ناراض ڪري انگريزن سان دوستي رکي ۽ ڏکيئي وقت ۾ فرنگين سان نڀايو. پر "ڪم لٿو ڊکڻ وسريو" مصداق, جڏهن فرنگي سنڌ جا حڪمران ٿيا ته هن کي ئي نشانو بڻايائون ۽ سندس رتبو گهٽايائون ۽ زمينون کسيائون. مير علي مراد خان اها دانھن کڻي انگلنڊ ويو ته وڃي راڻئ اڳيان دانھين ٿئي. پر ملاقات ته نه ٿيس, ويتر جواب مليس ته اوهان جو فيصلو ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪندي. ان ڪري انھئ آڏو پنهنجو ڪيس وڃي پيش ڪيو. [مير علي مراد پاڻئ واري جهاز Triste ذريعي واپس ٿي رهيو ۽ اهو احوال کيس ساٿ ڏيندڙ مسٽر Coffey پنهنجي خط ۾ لکيو آھي] 10.9.1920: انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته ان جي فوجين پنهنجئ وندر ورونهن لاء ڊراماٽڪ سوسائٽيون ٺاهيون, جيڪي انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ڪنديون هيون. پوء ڏيهي ماڻھن به ناٽڪ منڊليون ٺاهيون. جڏهن ڊرامو وندر جو وڏو ذريعو بڻيو ته هندستان جون ناٽڪ منڊليون ۽ ڪمپنيون سنڌ ۾ اچڻ لڳيون. اهو سلسلو تيسيتائين هليو, جيسيتائين سنڌ ۾ سئنيما گهر ٺھيا ۽ ڊرامن جي جاء فلمن ورتي. اڄ ھندستان جي "ايڇ.بي.وارننگ ڪمپني" ڪراچئ آئي, جنهن ڪيترا ڏينھن ڊراما اسٽيج ڪيا. 10.9.1921: شاهنواز خان ڀٽي جي ڪوششن سان رتيديري شھر ۾ سرڪار جي وفادارن جي تنظيم "امن سڀا" قائم ٿي. ان جا هن ريت عهديدار مقرر ڪيا ويا: شاهنواز خان ڀٽو (صدر), راء بهادر مولچند (نائب صدر), ديوان ڀوڄراج (سيڪريٽري) ۽ هرداس مل (جنرل سيڪريٽري). ان کان سواء 40 ميمبرن ٻڌل هڪ ڪميٽي به ٺاهي وئي ته اهي در در وڃي ماڻھن کي سمجهائن ته اهي خلافت يا ڪانگريس کان پاسو ڪن ۽ فرنگي سرڪار جا وفادار ٿي رهن. 10.9.1939: دادوء ۾ حاجي محمد يعقوب واري ڪارخاني وارئ جاء ۾ مسلمانن جو ميڙاڪو ٿيو ۽ ان موقعي تي مسلم ليگ جي شاخ کولي ميان شمس الدين کي ان جو چيئرمن چونڊيو. 10.9.1947: پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ جو اجلاس ٿيو. اهو پهرين اجلاس جو پهريون ڏينھن هئو. اجلاس ۾ اوڀر بنگال مان 40, پنجاب مان 17, ڪي.پي.ڪي مان 3, بلوچستان مان 1 ۽ سنڌ مان 4 ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس قائد اعظم کي صدر ۽ مولوي تميزالدين کي پنهنجو نائب صدر چونڊيو. 10.9.1974: شيخ مجيب اعلان ڪيو ته پاڪستان جي فوج اوڀر پاڪستان ۾ جنگي ڏوه ڪيا آھن. ان ڪري جنگي قيدي تي ڪيس هلائبا. 10.9.1977: فوجي حڪومت انھن ماڻھن کي ڳولهي ڳولهي ڦٽڪا هنيان ۽ سزائون ڏنيون, جن ڀٽي جي حڪومت دوران مخالف ڌر جا جلسا ڦٽايا هئا. 10.9.1981: بينظير جي قيد/نظربندئ ۾ ٽن مهينن جو اضافو ڪيو ويو. 10.9.1990: ملڪ ۾ پي.ڊي.اي جي نالي سان سياسي اتحاد جڙيو. انھئ ۾ پيپلز پارٽئ, مسلم ليگ (ملڪ قاسم گروپ), تحريڪ استقلال ۽ ٽي.جي.ايف.پي پارٽيون شامل ٿيون. *************** اڄوڪيڏينهن 10سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر اڪن فقير اڍاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر محمد دائود تاج ٽکڙائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1938ع شاعر ديورت پياسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1952ع اداڪاره پونم روپاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1960ع شاعر امام علي ”مختيار“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1965ع شاعر رحيم بخش مهر ”خادم“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1968ع ليکڪ عبدالستار هڪڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع شاعر گل خاصخيلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 10 سيپٽمبر 1970ع ليکڪ نياز شيخ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 10 سيپٽمبر 1920ع شاعر شمس الدين شاهه ”شمن“ جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday 8 September 2024

Sindh in history today (9th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

9th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (9th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {9th September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr. Pathan wishes you Good Day . هوت تون ڪنهن هڪ لاء نہ پر سچ سونهن حق لاء آھين, تون خود خوبين ڀري ڪائنات آھين فقط فرد ناهين ناهين, هوا پاڻئ روشنئ بنا متڀيد سڀ لاء تيئن تون بہ سائين, پوء ڇو دليون دکائين؟ اجايو ٿو لنوائين سرت سلام کان. Translation [ It is right that you are an individual, but not only for self or for any individual. You are a Complete Universe within this Universe. Hence, universality is your real identification and status.status. Don't hide Self, your identification and status under the Shadow of fear and danger of out dated tradions, values and teachings. Sun shines for all and Air freshes all without distrimination. In such a way don't chain your vision & wisdom, beauty & love and talent & potentialities with hated and discrimination, please.] ************** SINDH IN HISTORY TODAY {9th SEPTEMBER} EVENTS from history. 1842: It is much before the fall of Hyderabad and Talpurs are still rulers of Sindh. Dispute has taken place between Mir Ali Murad Khan, Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Captain Brown, British Agent has been trusted with resolving the problem. Today, he receives letter from Mir Ali Murad Khan complaining the conduct of Mir Naseer Khan. (Source: Letter of dated 9th September, 1842). 1851: The Collector of Karachi compiles report on the Ancient Monuments of the Karachi District. (Source: Letter No.1841). 1857; In Hyderabad artillerymen belonging to ‘Native Artillery Battery’ are captured by the Government. They were blamed for organizing revoult/mutiny against the Government. All face court martial and eight of them are blown away from the gun and eight others were sentenced to transportation of life. (Source: Dr.Azimusan’s Ph.D thesis). 1922: It is the first day of 2-Day Khilafat Conference held at Kambar. It is being presided over by Moulana Abdul Karim Chisti of Shikarpur. Handsome number of local Congress leaders and workers attended the conference. (Source: Daily Al-Wahid, Karachi) 1947: Karachi is made Head Quarter of the Pakistan Navy. (Source: Government Notification). 1952: One thousand Indian Muslim migrants are refused to settle in Sialkot, the city of Dreamer of Pakistan. (Source: Newspapers). 1960: Bhambhore site is excavated. Human skeletons are found. (Press Release of the Archaeological Department) 1965: Sialkot Sector is war-place between Pakistan and India. It is terrible day. (Source: Newspapers). 1974: Indian press terms action to announce Qadyanis as Non-Muslims a bold step by Bhutto Government. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, by Gul Hayat Institute). 1986: Benazir Bhutto is released. (Source: ‘Source-Material on the Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amina Institute). TRANSLATION IUNTO SINDHI; Sindh in history today (9th September). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research by Dr.Pathan. ( 9 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 9.9.1842: سنڌ ملڪ جا حڪمران آزاد ۽ خودمختيار هوندي به پنھنجا مامرا پاڻ سلجهائڻ بدران فرنگي ايجنٽن کي امين بڻائي, انھن کان حل ڪرائيندا رهيا. فرنگين ميرن جي انھن باهمي اختلافن ۽ ڪمزورين مان ڀرپور فائدو ورتو. اڄ مير علي مراد خان ڪئپٽن برائون کي دانھن ڏني ته مير نصير خان جو هن سان رويو درست ناهي. ڪئپٽن برائون مير علي مراد خان جو پاسو وٺندي مير نصير خان ۽ مير رستم خان جي مخالفت ڪئي ۽ ڪن ڳوٺن جي مالڪئ تي مير علي مراد خان جي حق کي تسليم ڪيو. (حوالو: ڳوٺن جي مامري تي ڪئپٽن برائون جي خط و ڪتابت). 9.9.1851: فرنگي هئا ته ڌاريا, پر هنن سنڌ جي ماضئ, تاريخ ۽ قديم آثارن تي وڏو ڪم ڪيو. اڄ سنڌ جي ڪمشنر پنهنجي مراسلي نمبر 1841 ذريعي ڪمپني حڪومت کي ڪراچئ ۽ ان جي ڀر پاسي وارن آڳاٽن ماڳن بابت تفصيلي رپورٽ موڪلي ڏني. اها رپورٽ ھٿ ڪري,جيئن جو تيئن ڇپرائڻ گهرجي. ان جي ڪاپي ممڪن آھي ته سنڌ آرڪائيوز يا انڊيا آفيس لائبررئ ۾ موجود هجي. 9.9.1857 ڪالھ ڳالھ ٿي هئي ته حيدرآباد ۾ فوجين بغاوت جو منصوبو جوڙيو, پر ان تي عمل ڪرڻ کان اڳ پڪڙجي پيا. اڄ ان جا وڌيڪ تفصيل ڏجن ٿا. جن فوجين کي پڪڙيو ويو هو. انھن جو تعلق Native Artillery Battery سان هو. انھن جي اڳواڻي حوالدار ڪمارسنگ ٿي ڪئي. هن کي توب جي منھن ۾ ڏئي اڏايو/ماريو ويو هو. باقي اٺن ڄڻن کي ڦاهي ڏني وئي هئي. 9.9.1922: قمبر ۾ ٽن ڏينھن واري خلافت ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت شڪارپور جي مولانا عبدالڪريم چشتئ ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ھندو توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان ۾ مرد به هئا ته عورتون به هيون. عورتن مان دمنتي ديوئ جو نالو ذڪر ڪرڻ لائق آھي. ڪانفرنس ۾ سمرنا ۾ ڪمال پاشا جي فوجي فتح تي کيس مباڪون ڏنيون ويون. ياد رهي ته سنڌ خلافت ڪميٽئ "سمرنا فند" قائم ڪري, چندو وٺي ڪيترا ڏوڪڙ ترڪن ڏي ڏياري موڪليا هئا. هن ڪانفرنس خلافت تحريڪ جي سياسي اسيرن جي قربانين کي واکاڻيندي کين مباڪون پڻ ڏيون. (حوالو: الوحيد). 9.9.1947: ڪراچئ کي پاڪستان جو نيول هيڊڪورٽر بڻايو ويو. 9.9.1952: پاڪستان جي خواب ڏسندڙ علامه اقبال جي شهر سيالڪوٽ وارن هڪ هزار انڊين پناھگيرن کي شھر ۾ آباد ڪرڻ کان جواب ڏنو. 9.9.1986: سياسي قيدڻ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو. [جنم ڏينهن]: 1867ع تعليم دان پريمچند اوتراءِ. 1897ع حيدرآباد واسي سماج سڌارڪ ڪيول رام شهاڻي. 1907ع شاعر خليفو محمد امين پلي. 1909ع صحافي ۽ ڪانگريسي اڳواڻ ٻلديو گاجرا. 1931ع ليکڪ الله نور بروهي. 1929ع پاڪستان مان ڪوڙهه جي مرض کي ختم ڪرڻ لاءِ پوري عمر ارپيندڙ جرمن عورت ڊاڪٽر رٿ ڦائو. 1933ع شاعر آنند کيماڻي. 1940ع شاعر ناطق ڳيريلاني. 1949ع شاعر الله ڏنو “صبا” . 1958ع شاعر آسي نظاماڻي. 1973ع شاعر مقيم جلباڻي. 1974ع شاعر وفا عبدالجبار. [وفاتون]: 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ امام الدين راشدي. 1960ع خلافت تحريڪ جو اڳواڻ شمس الدين قاضي. 1968ع بزرگ حافظ امام بخش سومرو. 1980ع ناليواري راڳي استاد منظور علي خان

Saturday 7 September 2024

Sindh in history today (8th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

8th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (8th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. 1838: Government of India writes to Colonel Pottenger that in view of deep duplicity displayed by Meer Noor Muhammad Khan, his unjustifiable conduct in other respects, and owing to distracted state of unwarrantable enmity and jealousy with which he appeared to be regarded by some of the Chiefs, it was essential that a British force of 500 men should advance without delay for occupation of Shikarpur or any other place deemed suitable for facilitating operations beyond Indus. Colonel Pottenger is also told that Captain Burns had been deputed to visit Khairpur and if necessary to enter into new treaty with Meer guaranteeing his independence and assuring him protection of British Government against all external enemies. (Source: Letter of 8th September 1838) 1857: Sindh Railway Company shows its desirability for the construction of rail road to Shikarpur and Jacobabad from Sukkur. (Source: Letter No.250). 1947: Indian Muslim Employees of the Government of Pakistan attack Government House in Karachi and demand transportation of their families and relatives from India to Pakistan (Source: Newspapers). 1950: ‘Japan Peace Treaty’ is signed by representatives of 49 nations, including Pakistan. (Source: ibid). 1956: Muhammad Ali Bogra resigns as the Prime Minister of Pakistan and from Muslim League. (Source: ibid). 1964: Fatima Jinnah agrees to contest Presidential election. The decision is taken to challenge dictatorship and promote democracy. (Source: Biography of Fatima Jinnah). 1965: It is a terrible day of Indo-Pak history. India and Pakistan are fighting war between each other. (Source: Newspapers). 1972: President Bhutto meets Moulana Moudoodi and discuss political situation of the country. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). 1977: Z.A.Bhutto has been arrested on my orders, sufficient evidence supported me to take this decision, says Zia. (Source: Newspapers). Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء SINDHI TRANSLATION: ( 8 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 8.9.1838: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ سنڌ ۾ سفارتڪاري ڪندڙ ڪرنل پاٽينجر سان خط ذريعي هم خيال ٿيو ته مير نور محمد خان ٽالپور اسان جي رستي ۾ روڙا اٽڪائي رهيو آھي ۽ ٻين حاڪمن سان ڳالهيون ڪري اسان خلاف سازشون سٽي رهيو آھي. حالتن ۽ اسان جي مفادن جي تقاضا آھي ته اسان سنڌ ۾ موجود پنهنجي فوج مان 500 جي نفري موڪلي شڪارپور يا اهڙي شھر/هنڌ تي قبضو ڪريون, جتان سنڌوندئ جي ساڄي پاسي واري علائقي تي نظر رکي سگهو ۽ ڪنھن اوچتي خطري کي منهن ڏئي سگهون. گورنر جنرل کيس اها به صلاح ڏئي ٿو ته ڪئپٽن برنس کي ترت خيرپور موڪلي, اتان جي حاڪم سان دوستئ جو معاهدو ڪرڻ گهرجي. ان سلسلي ۾ گورنر جنرل وڌيڪ صلاح ڏئيس ٿو ته ڪئپٽن برنس خيرپوري حڪمران کي اهو يقين ڏياري ته ٿيندڙ معاهدي جي روشنئ ۾ اسان جي ياري خيرپور حڪومت ۽ علائقي جي حفاظت جي ضمانت ڏيندي. 8.9.1857: "سنڌ ريلوي ڪمپنئ" سنڌ سرڪار سان راضپو ڏيکاريو ته سکر کان جيڪب آباد تائين وايا شڪارپور ريل جي پٽڙي وڇائڻ جو ڪم ترت شروع ڪيو ويندو. 8.9.1947: ڪراچئ ۾ پناهگير سرڪاري ملازمن وڏو وڳوڙ ڪيو ۽ سرڪار کان گهر ڪئي ته سندن ٻارن ٻچن کي هڪدم انڊيا مان گهرائي ساڻن گڏ ڪراچئ ۾ آباد ڪيو وڃي. [حڪومتي وهنوار ۽ ڪم ڪار هلائڻ لاء سنڌ حڪومت کان ڊيپوٽيشن تي ملازم وٺڻ بدران, پناهگير سرڪاري ملازمن جو وڏو انگ انڊيا مان گهرائڻ جو ڪو ٻيو مقصد هو ته ڪراچئ جي سماجي توازن کي بگاڙيو وڃي] 8.9.1956: پاڪستان ۾ ھڪ بااختيار قوت جنم وٺي چڪي هئي, جيڪا ڪنھن کي اقتدار جي ڪرسئ تي ويهاري يا ان تان لاهي پئي سگهي. محمد علي بوگري جي خيال ۾ به نه هو ته هن کي سڏي ملڪ جو وزير اعظم بڻايو ويندو. هو وزير اعظم ٿيو, پر اڄ ھٿ-ٻڌل ۽ بي اختيار وزير اعظم هجڻ مان تنگ اچي استعيفا ڏنائين ۽ مسلم ليگ جو پنهنجو ڌڙو قائم ڪيائين. 8.9.1964: ايوب جهڙي طاقتور آمر سان چونڊن ۾ مقابلي ڪرڻ لاء مخالف ڌر وارن وڃي محترمه فاطمه جناح کي گذارشون ڪيو ته ايوب سان صدارتي چونڊن ۾ مقابلو ڪر. محترمه سندن ڳالھ قبول ڪئي. 8.9.1965: 6 سيپٽمبر کان پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ جنگ جي دونھين دکي ۽ اڄ انھئ هڪ ڀيانڪ جنگ جو روپ ورتو. 8.9.1972: ذوالفقار علي ڀٽي اڄ مولانا مودودئ وٽ وڃي ساڻس ملڪي سياسي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪئي. 8.9.1977: جنرل ضياء الحق پنهنجي بيان ۾ ظاهر ڪيو ته ڀٽي جي گرفتاري سندس حڪم تي ٿي آھي. ************** 8 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 8 سيپٽمبر 1814ع شاعر قطب علي شاهه “قطب” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1921ع شاعر ۽ راڳي واڌو مل “شائق” جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1934ع شاعر انور عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1942ع موسيقار ارجن ڀمڀاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1955ع ليکڪ رتيش ساگر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8سيپٽمبر 1959ع شاعر سونو خان سونو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1963ع راڳي حنيف لاشارئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1967ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ابن مهزون جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 سيپٽمبر 1975ع راڳي واحد لاشاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 8 سيپٽمبر 1984ع راڳي مصري فقير “مخمور” سروري جو لاڏاڻو ٿيو. 8 سيپٽمبر 2019ع ھند سنڌ جو ناميارو قانوندان ۽ بيباڪ سياستدان رام ڄيٺملاڻي دھليءَ ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.

Friday 6 September 2024

SINDH in history today (7th September). Author Dr.Pathan & Traslator Mumtz Pathan

7th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (6th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Your heart and your door is shelter for my wandering soul and displaced heart. It is impossible to leave my shelter. Your distance and differences have isolated me and because of that I am at hit list of sorrows & longings. Protect me with your beauty, vision and wisdom. I want to live a wonderful life.] ‏[میں کیسے تیری دامن چھوڑوں اور تیرے در پے آنا بند کروں؟ جب کہ تیرے سوا میرا کوئی بھی نہیں. تم ساتھ نہیں ہو اس لیئے دنیا اور دکھ درد نے بسمل کردیا ہے اور میں زندہ لاش بن چکا ہوں. مجھے اپنی محبت اور توجہ سے پہر سے زندہ کردو۔ میں جینا چاہتا ہوں] آئون ڪیئن ڀڃندس ڀیرو؟ پيو ايندس تو در ساجھر سویرو اوھان جاني اڇا اجرا آئون آھيان نھن کان چوٽئ تائین میرو، تو بن دنیا دکن ڳترا ڳترا ڪري ماريو سار لھي مئو ڪر جیئرو، آس يقين سان کٹي پیرو، ایندس پيو تو در سونھن سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1886: It is decided in the meeting chaired by Sindh Commissioner that a college will be started in Sindh as an aided institution and it will be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, government nominees and representatives of the local bodies who would contribute to the college Fund. (Source: Dr.Pathan and Dr.Azimushan’s Ph.D thesis) 1922: Kotri Khilafat Committee celebrates ‘Victory Day’ to pay regards to Ghazi Kamal Mustafa for his courage and leadership. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1931: The Federal Structure Committee of the Round Table Conference meets to discuss ‘Simon Commission Report’ and ‘Nehru Report’. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11, 1931). 1952: Punjab Kisan Conference demands abolition of Zamindari system. (Source: Newspapers). 1955: Flood and heavy rains take lives of 15 persons in Thatta. (Source: ibid) 1958: Sultan of Muscat handed over Guwadar to Pakistan as a gesture of Good-Will (Source: ibid). 1959: A commission is constituted to prepare plan for the new capital of Pakistan. (Source: ibid). It is interesting to note that change of capital indicates change of minds of people in power. On the eve of creation of Pakistan, the proposals of making Lahore or Dhaka were rejected and Karachi was selected for that purpose. Mass migration from India and mishandling of problems of Muhajreen inducted lawlessness in the city and it became difficult for ‘rulers’ to rule the country peacefully in Karachi. Hence, Karachi was thrown into fire. 1992: PDA boycotts session of the Parliament during Prime Minister’s speech. However, return back when President of Iran stood for address. (Source: Newspapers) TRANSLATION INTO SINDHI: *********** SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: ( 7 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 7.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر گڏجاڻي سڏائي ته جيئن سنڌ ۾ ڪاليج کولجي. فيصلو ڪيو ويو ته جيڪو ڪاليج کولينداسين, ان کي هڪ ڪميٽي هلائيندي. انھئ ڪيمٽئ ۾ ڪجھ ميمبر سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڪجھ ميمبر چندو ڏيندڙ شخصن ۽ ادارن (ضلعي ڪائونسل/لوڪل باڊيز) مان کنيا ويندا. ياد رهي ته ڏيارام ڄيٺمل سڏڻ باوجود هن گڏجاڻئ ۾ شريڪ نه ٿيو هو. ڇوته هو اندازو لڳائي چڪو هو ته سرڪار گڏجاڻين سڏائڻ کان سواء ڪجھ نه ڪندي. هن مڙسي ڪري 1887 ۾ ”ڊي.جي.ڪاليج" کوليو. 7.8.1922: غازي ڪمال پاشا/ترڪئ کي ڪن جنگي محاذن تي ڪاميابي ملي ته انھئ خوشئ ۾ ڪوٽڙئ جي خلافت ڪميٽئ عوامي ميڙاڪو ڪيو, جنهن ۾ غازي ڪمال پاشا کي مبارڪون به ڏنيون ويون ۽ ساڻس سياسي خواه اخلاقي سهڪار ڪرڻ جو يقين به ڏياريو. 7.9.1931: اڄ لنڊن ۾ ”رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس" جي "فيڊرل اسٽرڪچر ڪميٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ ”سائمن ڪميشن" ۽ "نهرو رپورٽ" تي غور ويچار ڪيو ويو. 7.9.1955: سنڌ ۾ پوندڙ شديد بارشن جي نتيجي ۾ ٺٽي ۾ 15 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. 7.9.1958: مسقط جي سلطان اڄ يارئ باشئ ۾ گوادر پاڪستان جي حوالي ڪيو. 7.9.1959: پاڪستان ٺھڻ کان اڳ مسلم ليگ ٽن شهرن تي سوچيو هو ته اتي نئين ملڪ جي گادي قائم ڪجي. اهي هئا: لاهور, ڍاڪا ۽ ڪراچي. مخصوص مقصدن کي ڌيان ۾ رکي ڪراچئ کي گادي بنائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اتي لڏي آيل پناهگيرن جي آڌار تي "چونڊ-حلقو" قائم ڪرڻ انھن مقصدن مان هڪ اهم مقصد هو. ڇوته پاڪستان جو پهريون وزير اعظم خود پاڪستان ۾ شامل ڪنهن صوبي يا "چونڊ-تڪ" مان چونڊيل ڪونه هو. لياقت علي خان به هئ جهان ڇڏي ويو ۽ آيل پناهگيرن مان ڪيترن ڪراچئ جي امن امان وارين حالتن کي خراب ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ڪو ڏينھن وڳوڙ کان سواء نه پيو گذري. مرڪزي حڪومت ان ۾ پنهنجي خيرت ڄاتي ته ڀڄي جند ڇڏائي ۽ گادي هنن وڳوڙين کان ڪوهين دور قائم ڪري. اڄ مرڪزي سرڪار گادئ جي هنڌ بدلائڻ لاء ھڪ ڪميشن ٺاهي. 7.9.1992: پي.ڊي.اي ڌر اڄ پارليامينٽ اجلاس جو وقتي بائڪاٽ ڪيو. جڏهن ايران جو صدر خطاب ڪرڻ وارو هو, مخالف ڌر اجلاس ۾ موٽي آئي. *************** 7 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 7 سيپٽمبر 1861ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عمر ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1894ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول عباسي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1909ع ليکڪ تيرٿ وسنت جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1927ع ليکڪ ڪرشن کٽواڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1930ع اسڪالر مرليڌر جيٽلي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1949ع ليکڪ مالڪ ڌار منٺار جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1957ع ليکڪ، ڪهاڻيڪار، ڊراما نگار، شاعر، ڪالم نگار، مترجم ۽ ڪمپيئر زيب سنڌئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1968ع صحافي عزيز ڪاڇيلو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 7 سيپٽمبر 1979ع شاعر انور سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 7 سيپٽمبر 1618ع بزرگ هستي شاهه خير الدين سکري فاضلاڻي جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1953ع شاعر جمع خان غريب جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 1988ع شاعر عبدالله همدم جو لاڏاڻو ٿيو. 7 سيپٽمبر 2014ع سياستدان مير عنايت علي ٽالپرجو انتقال ٿيو.

Thursday 5 September 2024

Sindh in History today (6th September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

6th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (6th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. SINDH(including Pakistan) IN HISTORY TODAY {6th September} and my Good Day Wish for YOU. *********** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Neither all will be happy with you, nor you can please everyone. Because, you cannot face ego and expectations of others. Your soul and instincts need love & beauty and peace & tranquility. Therefore, please your Self.] تو مان سڀئي راضي ھجن، اھو ناممڪن ڪٺن ڪم، راضي ڪري ڪين سگھین، تان جو لاھین پنھنجو چم، نہ ڪر ڳٹتي ڳاراٹو يا غم، رھ راضي سرت سلام سان. *********** SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: 1838: Colonel Pottenger provides information to his Govt. that Shah Shuja - ul - Mulk has approached Talpur rulers for his support. 1840: One thousand and forty camels and six hundred bullocks of the East India Company Govt. have been stolen near Kahun. 1847: Baloch Sardars could not get Jageers, till debt dues are not cleared. Meanwhile their Jageers will be placed in the hands of Trustees appointed by the concerned, decides Govt. 1851: The Rule is promulgate to make it compulsory condition to qualify in Sindhi language for any Civil employment in Sindh Govt. 1886: In a meeting headed by Sindh Commissioner, it is decided that the college be started in Sindh as an aided institution to be managed by a committee consisting of the representatives of the subscribers, Govt. nominees and local bodies' representatives who would contribute fund. 1922: Karachi Social Service League makes its Annual Report public that reveal that it awarded prizes to girls students, rehabilitate Makrani refugees who reached Karachi due to famine in Makran. 1947: Designated Prime Minister of Pakistan, Nawabzado Liaquat Ali reaches Karachi by chartered aero plane. 1955: Major - General Iskandar Mirza is appointed as Acting Governor - General of Pakistan. IS IT NOT AMAZING THAT GOVERNOR - GENERALS WERE APPOINTED WITHOUT ANY DEMOCARATIC PROCEEDURE. 1965: Khan Abdul Ghaffar Khan accepts Indian Govt.'s invitation for the visit of India. 1973: The action of PNA will pave way for counter - action by PPP,warns Prime Minister Z.A.Bhutto SINDHI TRANSLATION: SINDH IN HISTORY TODAY EVENTS from history: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(6 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 6.9.1838: اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ سنڌ ۾ مقيم پنهنجي ريزيڊنٽ کي تفصيلي ٻه خط لکي هدايتون ڏنس ته: 1.ميرن جا پرشيا جي بادشاه ڏانھن لکيل خطن مان ظاهر ٿئي ٿو ته اسان کي ميرن بابت پنھنجي حڪمت عملي بدلائڻ گهرجي ته جيئن مير اسان جي دوستئ بدران اسان جي دشمنن سان ياري نه رکن, 2. گورنر جنرل سوچي رهيو آھي ته سنڌ ۾ اسان پنهنجي فوج رکون, جيئن مير ان جو نفسياتي اثر قبول ڪري, اسان خلاف ٻين سان اتحاد نه ڪن,3. خيرپوري حڪمران اسان سان ساٿ نڀائي رهيا آھن, هنن کان بکر جو قلعو وٺڻ گهرجن, 4. شاه شجاع جي فوج جي چر پر ميرن تي دٻاء وجهندي, مير مدد لاء اسان جي ويجهو ٿيندا ۽ شاه شجاع کي خراج ڏيڻ ۾ سستي نه ڪندا. 6.9.1840: سنڌ ۾ مقيم فرنگي ايجنٽن جي گهر ۾ ماتم آھي ۽ هو پريشان آھن, ڇو ته مري جبلن ۾ برائون کي پڪڙيو ويو هو. ھن کي آزاد ڪرڻ لاء ڪئپٽن ڪبورن کي موڪليو ويو هو. پر جابلو ماڻھن فرنگين کان هڪ هزار چاليه اٺ ۽ ڇه سو ڏاند ڦري ورتا. (حوالو: سکر واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ جو مراسلو نمبر 1840). 6.9.1847: سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي هدايت ڪئي ته مقروض بلوچ سردارن کي في الحال جاگيرون نه ڏجن. پر قرض لاهڻ تائين اهي امينن Trustees جي نظر هيٺ ڏجن. (حوالو: مراسلو نمبر 2545). 6.9.1851: سنڌ جي ڪمشنر اڄ صوبائي سرڪار کي تفصيل سان خط لکي ٻڌايو ته سنڌي لپئ لاء عربي رسم الخط ڇو ضروري آھي. (حوالو: مراسلو نمبر 1814). 6.9.1886: سنڌ جي ڪمشنر جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ ڪاليج کولڻ لاء گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انھئ ڪاليج هلائڻ وارئ ڪميٽئ ۾ چندو ڏيندڙ, لوڪل باڊيز جا نمائندا ۽ سرڪار طرفان ٿاڦيل ميمبر رکيا ويندا. هن گڏجاڻئ ۾ ڏيارام ڄيٺمل کي به سڏيو ويو هو, پر هو ان ۾ شامل نه ٿيو. ڇو ته هو سرڪار جي اڌوري ڪاليج بدران پنهنجو ڪاليج کولڻ چاهي پيو. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 6.9.1955: ميجر جنرل اسڪندر مرضا کي پاڪستان جو وقتي گورنر جنرل مقرر ڪيو ويو. 6.9.1973: " پي.اين.اي وارا جيڪو ڪجھ ڪن ٿا, ان جي ردعمل ۾ پيپلز پارٽي به گهڻو ڪجھ ڪري سگهي ٿي"- وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي جو بيان. {6 سيپٽمبر تي جنم يا وفات وٺندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1867ع سياستدان چينراءِ بولچند (حيدرآباد). 1909ع سياسي اڳواڻ ايل داس راءِ سنگهاڻي. 1954ع ليکڪ ۽ شاعر تاج جويو (سڪرنڊ). 1962ع شاعر حنيف عاطف (جهڏو). 1964ع سگهڙ صدورو عباسي. 1969ع ليکڪ ۽ شاعر قاضي مقصود احمد(مٽياري). 1978ع شاعر خالد اختر راجپر (محراب پور). [وڇوڙو]: 1992ع سنڌي فلمساز ۽ اداڪار حسين شاهه فاضلاڻي

Wednesday 4 September 2024

SINDH in history today (5th Septembee). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

5th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (5th September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. EVENTS: 1844: Lieut. Colonel Outram had started giving tough time to Sir Charles Napier and raised very serious questions and objections on Napier’s Sindh policy before fall of Hyderabad. Today, The Governor-General informs Charles Napier that his appeal had been transmitted to the Home authorities and that Outram had been already called upon through the Bombay Government for an explanation of his conduct. (Letter No.586) 1922: In a meeting of Religious Scholars at Shikarpur, presided over by Moulana Taj Mahood Amroti, the District branch of Sindh Jamiat-ul-Ulema is opned and Moulana Hamadullah (President), Moulvi Hafiz Noor Muhammad (Vice President), Moulvi Ali Sher (Assistant Secretary) and Moulvi Muhammad Hashim (Treasurer) are elected as its office-bearers. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1947: riots erupt in Delhi. Thousands of Muslims take protection in old fort. (Source: Newspapers). 1951: Sindh Chief Court orders release of Ghulam Muhammad Laghari and Moulvi Azizullah Jarwar. (Source: Newspapers). 1959: Another sea port near about 90 miles away from Karachi is under consideration, says President Ayub. (Source: ibid). Perhaps closer of Suez Canal was the reason to make the country Gate-Way to Hot-Waters for Russia, China and Central Asia, and it created problems, those we are facing now a days from North to South , from Afghanistan to Baluchistan. 1964: Pakistan is an independent country. We will not take dictation from any country, says Z.A.Bhutto.[Not dictation, but he got Death ] 1971: Some of Assembly Members belonging to Awami League meet Z.A.Bhutto in Karachi. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat AMINA Institute). Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life cannot be allowed to drag us as it desires, but we must set direction and select colours for it. Let us make it 'motive & 'pressure-free'. Let it be symbol of sincerity & sacrifice. Dear! Let it be your beauty and my love] من محبن یا مطلب جو، ڪنهن جو رهندين تون محتاج؟ یا برھ بي لوثئ ایثار جو، پنھنجي سر تي رکندي تاج؟ یا سرت سلام جو سماج، ڪندين قائم پرين پیار سان؟ SINDHI TRANSLATION: "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(5 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪي واقعا ] 5.9.1844: نيپيئر افغانستان وارئ شرمناڪ موٽ کان پوء پنهنجي پت بچائڻ لاء سنڌ کي پنهنجي ڏاڍ, ڏمر ۽ ٺڳئ جو نشانو بڻايو. سنڌ تي جنگ مڙھڻ جو هن وٽ ڪو واضح جواز ڪونه هو. ليفٽيننٽ ڪرنل آئوٽرام هن کي صلاحون ڏيندو رهيو ته سنڌ تي جنگ مڙھڻ بدران حڪمرانن سان ڳالهيون ڪجن. نيپيئر نه مڙيو ۽ سنڌ تي قبضو ڪيائين. آئوٽرام هن جي انھئ پاليسئ تي سخت تنقيد ڪئي ۽ هندستان جي اخبارن ۾ ليک لکيا. اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي خط لکي آٿت ڏنو ته دلجاء ڪر ۽ آئوٽرام تي سرڪاري طور تي قدم کنيو پيو وڃي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 586). 5.9.1848: سيٺ نائونمل انگريزن جي ڏکيئي وقت ۾ وڏي مدد ڪئي. افغانستان ويندڙ فرنگي فوج لاء اناج ۽ گاه ورتو, اٺ ورتا ۽ جاسوسي ڪئي. انگريزن سنڌ تي قبضو ڪيو ته نائونمل کي نيپيئر نشانو بڻايو. نائونمل ۽ سندس مائٽ ڪاردار هئا. نيپيئر هنن کان نوڪريون کسيون ۽ ڪرپشن جي الزام ۾ مٿن وڏا ڏنڊ مڙھيا. نيپير ويو ته نائونمل سک جو ساه کنيو. هن جي ڪيس جي وري جاچ پڙتال ٿي. اڄ ڪراچئ جي ڪليڪٽر سرڪار کي ٻڌايو ته نائونمل تي مڙھيل الزام ڪوڙا آھن.(حوالو: ڪليڪٽر جو مراسلو نمبر 999). 5.9.1922: ڪراچئ ۾ “ڪراچي سوشل سروس ليگ" نالي هڪ اين.جي.او هوندي هئي. اها هر سال رپورٽ پڌري ڪري عوام کي پنهنجي ڪارڪردگئ کان واقف ڪندي هئي. اڄ به انھئ رپورٽ شايع ڪئي, جنھن جي پڙھڻ مان پتو پئي ٿو ته مڪران ۾ وڏو ڏڪر آيو ۽ اتان ڪيترا مڪراني لڏي اچي ڪراچئ ۾ آباد ٿيا. هن تنظيم انھن جي مدد ۽ آبادڪارئ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. گذريل سال ڪراچئ جي ملير ۾ وڏي ٻوڏ آئي هئي. ان وقت به هن ليگ متآثر ماڻھن جي مدد ڪئي. (حوالو: تنظيم جي سالياني رپورٽ). 5.9.1922: مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ شڪارپور شھر ۾ اتر سنڌ جي ناميارن ديني عالمن جو ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ “جمعيت العلماء سنڌ" جي شڪارپور ضلعي جي شاخ کولي وئي. ان لاء مولانا حمادالله کي صدر, مولوي حافظ نورمحمد کي نائب صدر, مولوي علي شير کي نائب سيڪريٽري ۽ مولوي محمد هاشم کي خزانچي مقرر ڪيو ويو.(حوالو: الوحيد اخبار). 5.9.1947: هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ ٻه ملڪ وجود ۾ آيا. دهلئ جي لال قلعي ۾ اتان جا مسلمان اچي مڙيا ته جيئن پاڻ بچائڻ لاء پاڪستان وڃي سگهن. (حوالو: اخبارون). 5.9.1951: سنڌ ۾ هاري ڪميٽئ جا اڳواڻ سرڪاري عتاب جو نشانو بڻيا. ڇو ته اهي جاگيرداري نظام خلاف ڪم پيا ڪن ۽ حڪومت تي وري جاگيردار ۽ سرمائيدار حاوي ھئا. ڪامريڊ غلام محمد لغاري ۽ مولوي عزيزالله جروار کي ٻڌو ويو هو. اڄ سنڌ جي چيف ڪورٽ سندن آزادئ جو حڪم جاري ڪيو. (حوالو: هاري تحريڪ تي گل حيات طرفان گڏ ڪيل مواد). 5.9.1959: تڏهوڪي پاڪستاني صدر اعلان ڪيو ته ڪراچئ کان 90 ميل اولھ ۾ اسان ھڪ نئون بندر ٺاهينداسين. (حوالو: اخبرون). { 5 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1916ع ليکڪ ڪريم بخش چنا (پاٽ) . 1927ع سياسي اڳواڻ عبدالرزاق سومرو (رتوديرو). 1935ع شاعر هريڪانت ڄيٺواڻي (جيڪب آباد / دهلي). 1939ع ليکڪ ونود لاکياڻي (سمي / راجڪوٽ). 1940ع ليکڪ جهامن ڇڳاڻي (حيدر آباد / انڊيا). 1958ع سماج سڌارڪ عبدالغفار ملڪ (پڊ عيدن). 1959ع شاعر نيڪ سروري. 1966ع ليکڪ شيخ جمال آزاد. 1966ع شاعر حسن درس. 1980ع ڪمپيئر ثاقب ابڙو(هالا). 1981ع شاعر عبدالستار آزاد. [وڇوڙو]: 1773ع روهڙي سان تعلق رکندڙ شاعر مير قلندر شاهه رضوي. 1939ع مذهبي اسڪالر مولانا نور محمد ڇڇر. 1997ع نوبل انعام يافته سماج سڌارڪ مدر ٽريسا

Tuesday 3 September 2024

Sindh in history today (4th September). Author Dr.Pathan & Translator By Mumtaz Pthan

4th September. The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan) Sindh in history today (3rd September ). Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Me, my Motherland and her people are not on the agenda of your heart. Hence, our all requests & appeals, demands & desires are in vain. It is irony of fate that you are not ready to pay heed but, terrible conditions have started weeping on it ] پرين پنھنجئ مرضئ جو مختيار اسان جيئن ليکي منجھ ناھيون. چري دل ڪنھن جي در دانھيون؟ سور سٹايون سرت سلام سان؟ ************** SINDH IN HISTORY TODAY {4th Sept} EVENTS: 4th September 1841: Lieutenant Terry is assigned duty to carry out the survey in Shikarpur district. (Source: letter No.918). This may kindly be note that in those days Sindh was still under rule of Talpurs, but Political Agents and Assistant Agents like Lieutenant Postans and Major Outram were given free hand to that extent that they were taking policy decisions like conducting of survey and investigating merits of Indus for navigation, etc. 1843: The Governor-General in Council asks Sir Charles Napier that one of three guns be captured after the battle of Miani would be sent to England to be kept on the terrace at Windsor and other two to be placed at the foot of the monument at Bombay and also send fourth one which would be placed in front of the Government House at Calcutta. (Source: letter No.359). 1954: Feroz Khan Noon, Chief Minister of Punjab suggests Federation of West Pakistan. (Source: Newspapers). 1959: Basic Democracy system will ensure participation of people in power, claims President Ayub. (Source: Newspapers). 1965: The Secretary General of the U.N.O doubts a big clash between India and Pakistan. (Source: ibid). 1973: Release of political workers is inter-related with political dialogue, declares Z.A.Bhutto. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Amia Institute) SINDHI TRANSLATION OF THE POST: ************ SINDH IN HISTORY TODAY {4th Sept} "سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(4 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 4.9.1841: سنڌ تي انگريزن اڃان قبضو ڪونه ڪيو آھي ۽ سنڌ هڪ آزاد ملڪ آھي, پر فرنگي وڌيڪ آزاد آھن ته اهي سنڌ جي ڳوٺن ۽ شھرن جي پنهنجئ مرضئ مطابق سروي ڪن. ليفٽيننٽ ٽيري شڪارپور ۽ ان جي ڀرپاسي جي سروي ڪرڻ لاء مقرر ڪيو ويو. (حوالو: ليفٽيننٽ پوسٽن جو ميجر آئوٽرام ڏانھن موڪليل مراسلو نمبر 918). 4.9.1843: اڄ گورنر جنرل نيپيئر کي آگاه ڪيو ته مياڻئ جي جنگ ۾ ميرن جون جيڪي توبون اسان کي هٿ آيون آھن, انھن مان هڪ انگلنڊ موڪليو ته اتي ونڊسر جي آڳڙ تي رکي ويندي, هڪ اسان ممبئئ ۾ رکنداسين ۽ هڪ ڪلڪتي ۾ گورنمينٽ هائوس ۾ رکبي. (حوالو: گورنر جنرل جو مراسلو نمبر 359). 4.9.1954: جمهوريت ۾ اڪثريت جي حڪمراني ٿيندي آھي. جڏهن به پاڪستان ۾ چونڊن جي ڳالھ ٿيندي ته بنگالين جي اڪثريت اوس ئي ٿيندي. ان ڪري بنگالين کي اقتدار-ڌڻي ڏسڻ وارا سياستدان گهٽبا ويا. هر ڪو انھئ پس منظر ۽ نيت سان ٻولڻ لڳو. اڄ پنجاب جي وڏي وزير فيروز خان نون حاڪمن کي صلاح ڏني ته اوله پاڪستان جي فيڊريشن قائم ڪئي وڃي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1959: پاڪستان ۾ جنهن به اقتدار تي قبضو ڪيو, ان پنهنجو نظام آندو. ايوب "بنيادي جمهوريت" جو نظام آندو. ان لاء اڄ چئي ٿو ته هئ نظام عوام جي اقتدار ۾ شرڪت جي ضمانت آهي. (حوالو: اخبارون). 4.9.1973: "منھنجئ سرڪار جيڪي سياسي ورڪر قيد ڪيا آھن, انهن جي آزادي مخالف ڌر جي سياستدانن سان ڳالهين سان مشروط آھي."- ذوالفقار علي ڀٽو. { 4 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} [جنم ڏينهن]: 1936ع ليکڪ امداد علي سرائي. 1941ع گلوڪار گرمک نانڪاڻي (نوابشاهه / هندستان). 1942ع اداڪار منگهو ڌرمداساڻي (ڪنڊيارو / احمد آباد). 1951ع صحافي ۽ ليکڪ فقير محمد لاشاري. 1951ع ليکڪ علي محمد رمدي 1961ع شاعر ڪنعيو شيواڻي(ڀوپال). 1958ع صحافي محمد عاشق پٺاڻ. [وفاتون]: 1906ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد آگرو. 1936ع شاعر علي اڪبر مجروح. 1955ع شاعر مرزا امام علي بيگ. 1967 شاعر سيٺ محب علي محب. 1987ع شاعر سليم ڳاڙهوي. 1984ع لوڪ گلوڪار مصري فقير. 2002ع گلوڪاره فوزيه سومرو

Monday 2 September 2024

SINDH in history today (3rd September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd September} and my Good Day Wish for YOU. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [ We all believe that we are second to none in beauty, vision and wisdom. In spite of that most of us are illiterate in Human-love, trust and dedication. Love and peace is not in our hearts, minds and society. Because, Everybody believes that not others, but only he/she is fault -free, without mistakes and above limitations. Therefore , we don't unite on common agenda of love & peace. ] ڪوتاھیون ڪمزوریون ۽ ھي جي سورن جا مذڪور، جڙیل ھر ڪنھن جئ سان ۽ آھن انھن جا سڀ کي پور، وڃڻان نہ آھن اھي ناسور، سرت سونھن سلام سواء. ************** EVENTS from history. 1832: Colonel Pottenger sends letter to Lieutenant Colonel Litchfield, Commanding Sindh Force advising him some ways and means for taking action against free booters of Parkar. Provides him some contact so as to get help/information/cooperation during expedition and informing him that strength of the enemy was estimated at 2000 fighting men and the Khosas were adherents of the Kalhora Rulers and will not bow before Talpurs are our Force and can give tough fight during expedition. That Meanas, who formed the most infamous body of Parkar robbers, lived in Wands –temporary villages along the Northern edge of Parkar. (Source: letter No.164). This may kindly be noted that Thar and Parkar remained burning places for East India Company Government. Though, some of people were involved in criminal activities, but most of people like Khosas, Thakurs and Means gave tough time to the East India Company Government to make way for entering in Sindh. It is still untold history of our freedom movement. 1843: Government of India approves the orders of Sindh Governor that the allowances of Deputy Collectors be Rs. 700 without any special remuneration when travelling. It is also advised that uncontrolled authority of the Kardars [Mukhtyarkars] be checked properly. (Source: letter No.353). 1844: Government of India replies to the complaint made by Sindh Governor, Sir Charles Napier against Lt. Colonel Outram. The Governor is told that Outram’s conduct and his own had been placed in the hands of Government and in those of the highest authorities in England. (Source: letter of dated 3rd Sept.1844). 1921: ‘Gujrati Literary Society’, formed recently organizes lecture program in the D.J.Sindh College where Professor Tridev delivers lecture on the history of Gujrati Literature. 1922: Local Khilafat Committee holds public meeting at Shah Jo Goth near Naudero. Moulvi Khuda Bux presided over the function. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1955: For the first time people will use Sui gas. Supply to Karachi starts. (Source: Newspapers). 1964: Urdu is made official language by the Punjab University. (Source: ibid). 1971: 144 members of the East Pakistan Provincial Assembly and 44 High ranking officers from East Pakistan are asked to appear before Military Court. (Source: Newspapers). 1977: Z.A.Bhutto, ex-President, Prime Minister and Chief Martial Law Administrator is arrested in the Nawab Muhammad Ahmad murder case. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute). TRANSLATION OF THE POST NTO SINDHI: ( 3 سيپٽمبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.) *************** توجه طلب واقعا *************** 3.9.1832: فرنگي, سندن جاسوس ۽ واپاري ٿرپارڪر ۽ اوڀر سنڌ کان زميني رستي ذريعي سنڌ ۾ داخل ٿيندا هئا. کوسن ۽ ٺاڪرن من سنڌ دوست ۽ ڪن ڦورو ماڻھن ھنن کي ڦريندا هئا ته جيئن فرنگي ۽ سندن ڪارندا سنڌ ۾ پير نه پائن. کوسا سنڌ جي سابق حڪمرانن ڪلهوڙن جا شيدائي هئا ۽ هنن تي ٽالپورن جو ايترو حڪم نه هلندو هو. فرنگين ۽ سندن ماڻھن کي ڦرڻ جا واقعا وڌي ويا ته ڪرنل پاٽينجر مير حڪمرانن کي مڃرائي ورتو ته کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فرنگي فوجي آپريشن ڪن. پاٽينجر کي سندس سرڪار به اهڙي اجازت ڏني ۽ کيس فوجي مهم جو اڳواڻ مقرر ڪيو. پاٽينجر اڄ سنڌ ۾ موجود فرنگي فوج جي ڪمانڊر ليفٽيننٽ ڪرنل لچفيلڊ کي کوسن ۽ ٺاڪرن خلاف فوجي آپريشن ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ کيس ٻڌايو/صلاح ڏني ته کوسن ۽ ٺاڪرن جي ويڙهاڪن جو تعداد ٻن هزار ماڻھن کان مٿي به ٿي سگهي ٿو ۽ اسان جي سرڪار خواه ميرن جي چوڻ تي انھئ پاسي جا ڪيترا سردار/قبيلائي اڳواڻ انھئ فوجي مهم ۾ فرنگين جي مدد ڪندا. 3.9.1843: ڪمپني حڪومت سنڌ جي گورنر کي اجازت ڏني ته سنڌ ۾ مقرر ڪيل ڊپٽي ڪليڪٽرن 700 روپيا در ماه الائونس/پگهار ڏيو. کيس تاڪيد ڪيو ويو ته ڪاردار/مختيارڪار وڏي پئماني تي پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪن ٿا, انھن تي ڪرڙي نگاه رکي وڃي. 3.9.1922: رتيديري لڳ شاه جو ڳوٺ ۾ اتان جي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ خدا بخش ڪئي. جلسي ۾ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو ته قول ۽ فعل ذريعي فرنگي حڪومت جي مذمت ڪن ۽ سرڪار سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪن. 3.9.1955: ڪراچئ کي سئي گيس جي سهولت ڏني وئي. 3.9.1971: اوڀر پاڪستان اسيمبلئ جي 144 ميمبرن ۽ 44 وڏن عملدارن کي حڪم ڏنو ويو ته اهي ملٽري ڪورٽ اڳيان پيش پون. [اهي غيرتمند ۽ بنگال پرست جوڌا هئا, جن پنهنجي صوبي جي مفاد لاء ڏک ڏوجهرا ڏٺا. سنڌ ۾ صورتحال ان جي ابتڙ رهي آھي. سنڌ ۾ جڏهن به بارش, ٻوڏ ۽ وبا عوام کي آزاريو آھي ته صوبائي ميمبرن جي اڪثريت عوام يا صوبي جي پرگهور ته نه لڌي آھي, پر فند ۽ امداد کي پاڻ هڙپ ڪري, پنهنجئ ملڪيت ۾ اضافو ڪيو آھي ۽ عوام جي آزارن ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو آھي] 3.9.1977: ملڪ جي اڳوڻي صدر, وزير اعظم ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ 90 هزار جنگي قيدي واپس گهرائيندڙ ذوالفقار علي ڀٽي کي نواب محمد احمد کي مارائڻ واري الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو. *************** 3 سيپٽمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 3 سيپٽمبر 1936ع گلوڪاره رام نواڻي (ميرپور خاص / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1946ع شاعر ڪوثر ناٿن شاهي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1957ع صحافي غلام سرور سنجراڻي (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع ليکڪ حفيظ سرمد (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1967ع شاعر فدا سنجراڻي جو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1964ع پاڪستاني گلوڪار / نعت خوان جنيد جمشيدجو جنم ڏينهن آهي. 3 سيپٽمبر 1969ع شاعر غلام حسين بيتاب (نئون ديرو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 3 سيپٽمبر 1941ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد عاقل جو لاڏاڻو ٿيو.

Sunday 1 September 2024

SINDH in history today (2nd September). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Pathan

2nd September The Movement of creating awareness, interest & affection about Sindh History at Gross root and Micro level by an individual (Dr. Dur Muhammad Pathan since the last forty years] SINDH IN HISTORY TODAY (2nd SEPTEMBER) 2nd September BIRTH DATES Moulana Dur Muhammad ‘Khak’ (Kandhra/Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/ birth 2 September 1895), Sakhomal Bagai (Tando Bago>Mombai/Poet/ birth 2 September 1917), Totaram Valechha (Ratodero>Adhipur/Journalist/ birth 2 September 1921), Mangharam ‘Dewano’ (Matli>Jetpur/Poet/ birth 2 September 1939), Ali Muhammad Parvez (Lakha/Poet/ birth 2 September 1945), LeloPanjwani (Sukkur>Mumbai/Singer/ birth 2 September 1945), Ali Murtaza Dharejo (Larkano/Writer/ birth 2September 1950), Muhammad RafiqMemon (Mirpurkhas/Journalist/ birth 2 September 1957), Ali Dost ‘Ajiz’ (Fareedabad/Poet/ birth 2 September 1964) Razaq Sarohi (Ali BuxSarohi/Journalist/ birth 2 September 1965) DEATH DATES Mian Noor Muhammad Kalhoro (Sindh Ruler/ death 2 September 1762), Makhdoom Muhammad Zaman ‘Sarkar’ (Hala/Saint & Poet/ death 2 September 1913), Usman Ali Ansari (Shikarpur/Educationist & writer/ death 2 September 1962). EVENTS 1846: Captain Scott, Superintendent of Canals submits his report to the Government of Sindh on the method of clearance of Canals in Sindh. He suggests that Deputy Collectors and Kardars should have opportunity to interfere with the Canal Department and laborers working on the clearance of Canals be made payment half in money and half in grain. (Source: letter No.225). 1845: Malik Boola Khan Noomrio submits his petition to the Collector of Karachi for compensation of losses sustained by him due to abolition of town duties in Unarpur. He claims the ‘Kana’ [weighing fees] as well as ‘Dhull’ on measurement. (Source: Dy.Collector of Kotri’s letter No.257) 1857: The Government of Bombay asks Sindh Commissioner to prepare report on the ‘Commercial Fairs in Sindh and their effects on Sindhi society’. It is advised that Brigadier General Jacob be asked to give his input. (Source: 4039). 1919: On the victory of the Allies, Karachi Municipality sends its resolution as a message to the Government of Bombay. It is history in a way that such type of Institutions also wanted to please Government. The Resolution reads: ‘That Karachi Municipality express profound thankfulness and heartfelt joy and tenders sincerest congratulations to His Majesty the King-Emperor on the successful termination by the Allied Nations of the gigantic World War and the conclusion of a just and glorious treaty of Peace which they trust usher in a long era of peace, prosperity, and progress throughout the world in which the city of Karachi and whole of the country will participate.’ (Source: KMC record). 1921: Vishno Sharma, editor of ‘Hindu’ is arrested under Section 124 of the Indian Penal Code for writing against the Government. He was awarded two years imprisonment in this case. (Source: The Daily Gazette, Karachi). Sindh Journalism played a vital role in the Freedom Movement but, it has been ignored while compiling history. 1922: The Sindh Khilafat Tahreek proved to be most popular and active political party. Three important and big public functions are held in Goth Panhwar, near Nasirabad; Goth Talh and Tando Muhammad Khan. Function at Tando Muhammad Khan is presided over by Qazi Asadullah Shah. (Source: Al-Wahid, Karachi). 1924: “Hindi Sahtya Bhavan’, an organization for the progress and development of Hindi literature formed in 1912, celebrates if Annual function with T.L.Vaswani in Chair. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: First ever ‘Sindh Bar Council’ takes birth. Election was held yesterday evening in the Judicial Commissioner’s Court premises. The Registrar is its Presiding Officer. 218 votes were recorded. Result is notified today. Mr. Dipchand Chandumal tops the list and other elected members are: Fatihchand Assudomal, Tolasing K. Advani, Kimatrai Bhojraj; Khanchand Gopaldas ; Motiram Idanmal [all from Karachi]; Parsram Tolaram Bhavnani; Gopaldas Jhamatmal,; Tejomal Hassamal and Santdas Mangharam [all from Hyderabad]. None from Sukkur and Larkano get elected. (Source: The Daily Gazette, Karachi). Dr.Pathan wishes you Good Day. [Either it is door of dear, or desert or sea. It seems to be beautiful, but terrible in experience. You will not find your dear near to you. No will be there to save your soul. Only sorrows and longings will be with you. Day & night, sin & crime will lost their traditional identification there. Only sacrifice can protect you in trouble situation there] برہ، بحر، بر ۽ ھو جو چون سونھن-نگر، پھتین تان ڏسندين پنھنجو حشر نشر، نيڻان وسائیندین وڏ-ڦڙو ھوندء غم گذر، سک، سور جو تون کٹجان خلوص ثمر، اتي ملي ھڪ ٿین ڏینھن رات پل پھر، ات نہ ھوت نہ موت نہ گناھ ثواب ڏمر ، متان ٿئي اثر، جي لونين لات سلام جي. ‏‎ TRANSLATION INTO SINDHI: سنڌ جي ڪمال ۽ قوميت جي زوال جي واقعاتي تاريخ-(2 سيپٽمبر)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". [ ڪجھ واقعا ] 2.9.1839: فرنگي گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ اڄ سنڌ ۾ مقيم پنھنجي ريزيڊنٽ تي خط لکي هدايتون ڏنيون, جن مان ڪي هي آھن: 1. مير فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ٽي لک روپيا ساليانو خرچ ڏيندا. اهو "حيدرآبادي روپيئي" ۾ نه هوندو پر “ڪمپني روپيئي" ۾ هوندو, 2. مير ڪنهن خوشفهمئ يا اميد ۾ نه رهن ته ڪو ڪراچي شهر هنن کي واپس ملندو. ڪراچي هاڻي اسان انگريزن جو شھر آھي, 3. نئين معاهدي تي دستخط ڪرڻ ۾ ڪن ميرن ڪيٻايو آھي, ان تي پريشان نه ٿبو. اڳي پوء سڀ دستخط ڪندا, 4. شاه شجاء لاء ڪن ميرن ڏن/خراج جي پهرين قسط ڏني آھي, کين هوشيار ڪر ته باقي رهت ڏيڻ ۾ ٽال مٽول نه ڪن. (حوالو: گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ جو خط- متن گل حيات ۾ موجود آھي). 2.9.1857: اڄ صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته هو سنڌوندئ ذريعي واپاري ۽ تجارتي سامان آڻڻ نيڻ تي ڪيترو ڀاڙو ورتو وڃي ٿو ۽ ان جا واپار ۽ تجارت تي ڪهڙا منفي يا مثبت اثر پون ٿا. (حوالو: صوبائي حڪومت جو مراسلو نمبر 4039). 2.9.1919: برطانيه ۽ ان جي اتحادين طرفان ترڪئ تي فتح ۽ پنهنجئ مرضئ مطابق ٺاه مڙھڻ تي اڄ ڪراچي ميونسپالٽئ ٺھراء پاس ڪري, فرنگي سرڪار کي مبارڪ ڏني. (حوالو: ڊيلي گزيٽ اخبار). 2.9.1921: وشنو نئنارام شرما ڪانگريس جي ڌر سان واسطو رکندڙ تحريڪ آزادئ جو پرچارڪ صحافي ۽ سياسي ڪارڪن هو. هن پنهنجي اخبار “ھندو" ۾ سرڪار خلاف ايڊيٽوريل لکيو. کيس گرفتار ڪري I.C.P جي قلم 124 موجب ڪيس هلايو ويو. اڄ کيس ٻن سالن جي ٽيپ ڏني وئي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). 2.9.1922: اڄ ڳوٺ پنھور لڳ نصيرآباد, ڳوٺ ٿالھ ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽين طرفان عوامي ميڙاڪا ٿيا. هنن جلسن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ عوام کي مقامي صنعت کي زور وٺرائڻ جو تاڪيد ڪيو ويو. ٽنڊي محمد خان واري جلسي جي صدارت قاضي اسدالله شاه ٽکڙائئ ڪئي.(حوالو: الوحيد اخبار). 2.9.1924: ڪراچئ ۾ 1912 ۾ “ھندي ساهتيه ڀون" نالي ادبي تنظيم قائم ٿي ته جيئن هندي ادب ۽ ٻولئ جي خدمت ڪري سگهجي. اڄ ان جو ٻارهون سال ملهايو ويو. هن فنڪشن جي صدارت ٽي.ايل.واسواڻئ ڪئي. (حوالو: ڊيلي گزيٽ). [جنم ڏينهن]: 1879ع مذهبي اسڪالر مولانا خليل الله مهر. 1895ع شاعر در محمد خاڪ ڪانڌيلوي. 1917ع شاعر سکو مل باگائي (ٽنڊو باگو / بمبئي). 1921ع صحافي طوطا رام وليچا (رتوديرو / آديپور). 1924ع مشهور لائبريرين ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر انيس خورشيد. 1939ع شاعر منگهارام ديوانو (ماتلي / انڊيا) . 1941ع سنڌ ڄائي باليووڊ اداڪاره ساڌنا شوداساڻي. 1945ع شاعر علي محمد پرويز . 1950ع ليکڪ علي مرتضى ڌاريجو (لاڙڪاڻو). 1957ع صحافي محمد رفيق ميمڻ (ميرپور خاص). 1964ع شاعر علي دوست عاجز(فريد آباد). 1965ع صحافي رزاق سروهي. 1976ع شاعره ۽ آرٽسٽ بختاور پليجو. [وڇوڙو]: 1762ع سنڌ جي اڳوڻو حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو . 1913ع شاعر مخدوم محمد زمان سرڪار. 1962ع تعليمي ماهر عثمان علي انصاري