Monday, 23 March 2026
SINDH in history today (24th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز عليءَ ڪيو۔۔
Sindh in history today (24th March).
Research by Dr.Pathan.
24 مارچ سان لاڳاپيل 1).”واقعاتي تاريخ“, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء صبح جو سلام,
هن چوڻ ۾ الزام نه پر سچائي آھي ته اسان پاڻ کي عقل جا اڪابر, ڏيه جا ڏاها ۽ ملڪ جا مدبر ته سڏايون ٿا, پر اسان جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا ۽ حالتن کي بدلائڻ جون حڪمت عمليون درست ڪونهن. ان ڪري اسان پاڻ لاء عذاب ۽ سنڌ لاء سور ئي پيدا ڪندا آھيون:
1). ڪراچئ طرف رخ ڪري لانگ مارچ ڪرڻ درست ناهي, اسان کي پنهنجي ڳوٺن شھرن ڏي منهن ڪرڻ گهرجي.
2). سياسي, سماجي, نالي ماتر مذھبي يا روحاني آدرشن ۽ سندن آڪهين جي پوڄا ڪرڻ درست ناهي. اهي دوڪان داريون بند ڪجن.
3). يارن ۽ ٻارن جي تربيت ڪري انهن کي دودو, هيمون, هوشو يا آدرش بنائڻ وارو اسان جو تربيتي نظام درست ناھي. ٻارن ۽ يارن کي غلام بنائڻ بدران ”پاڻ سڃاڻڻ“ جو درس ڏجي.
4). اسان جي نظرياتي بيهڪ ٻڌ سڌ تي ٻڌل آھي ۽ ٻئي کي پڙھون ڪونه ٿا.
ان ڪري روز چوندو لکندو آھيان ته پنهنجي تاريخ پڙھو, ٻڌو ۽ سبسڪرائيب ڪريو.
تاريخ اوهان سان وڏي واڪ ڳالهائڻ گهري ٿي:
24.3.1839:
شاه شجاع جي نمائندي شڪارپور واري فرنگي سفارتڪار اليگزينڊر برنس کي لکيو ته ڪمپني حڪومت جو حڪم آهي ته خيرپوري مير مبارڪ اسان کي ست لک ڏن ڏيندو ۽ ٻين ميرن جيان فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ھڪ لک روپيا الڳ ڏيندو. سو تون ان سلسلي ۾ ڪمپني حڪومت جي حڪم جي پوئواري ڪر, دير نه ڪر.
24.3.1843:
دٻي مان اڄ نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي مير شير محمد سان جوٽيل جگ ۽ فتح حاصل ڪرڻ جو تفصيل ڏنو. هن کي ۾ هو گورنر جنرل کي هوشو شيدئ جي بهادرئ ۽ وطن تان جان قربان ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. (هن خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوشو شيدي 24 مارچ تي شھيد ٿيو).
24.3.1924:
ڪراچئ ۾ ٻارن جو قومي ڏينهن“ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مختلف ڏينهن تي مختلف هنڌن تي ٻارن لاء ٻارن جا فنڪشن ٿيا.
24.3.1935:
سنڌ ۾”انڊين نئشنل ليگ“ جي شاخ کلي. ان جو تفصيلي ذڪر منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي (انهئ ويب سائيٽ جي لنڪ شيئر ڪرڻ تي سنڌ دشمنن جي رپورٽن موجب فيس بوڪ تي پابندي لاڳو ٿيل آھي. ڪي سنڌ دوست فيس بوڪ انتظاميه کان اها پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا. مان روز سنڌ جي هسٽرئ تي ڊزائين ٿيل سلائيڊ رکندو آھيان, ان ۾ ويب ايڊريس لکيل هوندي آھي).
24.3.1941:
جي.ايم.سيد نه هجي ها ته ڪو ٻيو سياستدان سنڌ کي تمام وڏئ مشڪل سان پاڪستان ۾ شامل ڪرائي سگهي ها.
اڄ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ جي.ايم.سيد مسلم ليگي هجوم کي پاڪستان سان وفادارئ جو قسم کڻايو ۽ پاڪستان لاء وڏي کان وڏي قرباني گهري وئي ته ڏبي.
24.3.1948:
ڍاڪا يونيورسٽئ جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته اڙدو ملڪ جي ”ڪامن لئنگويج“ ٿيندي. (نوٽ ڪرڻ جي ڳاله آھي ته ملڪ جي بانئ
Common Language
جا لفظ ڪم آندا ۽ پوء ڪن اردو کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ جو پڪو په ڪيو).
24.3.1955:
“راولپنڊي سازش ڪيس“ جي ملزمن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو.
24.3.1965:
وفاقي ۽ مغربي پاڪستان حڪومتن جي وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي ۽ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ٿيا.
24.3.1968:
اگرتله سازش ڪيس ۾ اڃا وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون.
24.3.1971:
شيخ مجيب اعلان ڪيو ته وڌيڪ ڳالهين جي گنجائش ڪانهي.
24.3.1972:
ارباب سڪندر خان کي سرحد ۽ مير غوث بخش بزنجي کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو.
24.3.1977:
ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد حڪومت سان ڳالهائڻ کي رد ڪيو. حيدرآباد جي امن امان هي بگڙيل صورت کي سنڀالڻ لاء فوج کي گهرايو ويو.
24.3.1985:
محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو.
*************
_______24 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
24 مارچ 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر هدايت الله پريم(روهڙي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1972ع صحافي ذوالفقار واهوچو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1976ع شاعر گلشير پرديسي جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1978ع ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1979ع باليووڊ اداڪار عمران هاشمي جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪ محبوب سنڌي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1982ع ليکڪا صائمه مگسي (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي.
24 مارچ 1984ع صحافي فيض لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
24 مارچ 1932ع ديني عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولوي حاجي احمد ابڙولاڏاڻو ڪري ويو.
24 مارچ 2014ع سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي شاعر راشد مورائي وفات ڪري ويو.
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Do you want anybody to withdraw her/his contact, connection and relation and leave or replace you? Give her/him loan, do good with her/him, or assure her/him of your love. You will find yourself in a state of humiliations facing sorrows & longings. Respect anybody, you will earn disregard & disrespect. It only happens in my society. Let it happen, so what? Lovers have to love and sincerely have to serve. It also happens in my society.]
لالڻ سان لاڳاپا ٽوڙڻ ٿو چاهين؟ قرض ڏي احسان ڪر يا هن سان پيار ڪر,
نفرتن جا ۽ عداوتن جا جيئن دل ڪڍئي تون اڻ-ڳڻيا ۽ اڻ-ميا جهول ڀر,
نيڪي ڪري درياه ۾ لوڙهين ان کان اڳي ئي ۾ لڙهندين پيو هن ڀر,
پيار سان وڃ ڪنهنجي در, ساه ڪڍندئي ڀل نياز سان تون دعا سلام ڪر.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (24th March)
24th March
BIRTH DATES
Asha Chand Punjabi (Mumbai/Artist/ Born 24th March 1951),
Gulsher ‘Pardesi’ (Dubi Masti/Poet/ Born 24th March 1976),
Mahboob Sindhi (Dadu/Poet/ Born 24th March 1982),
Saima Magsi (Gul Muhammad Magsi/Writer/ Born 24th March 1982),
Faiz Laghari (Lalhar/Writer/ Born 24th March 1984).
DEATH DATES
Hosh Muhammad Shidi (Originator of ‘Marvesoon Sindh na desson’, sacrificed his life while defending Sindh/ Death 24th March 1843).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Governor-General of India narrating battle between him and Mir Sher Muhammad. This letter has been written from Dubba, four miles from Hyderabad. It is important in a way also that it has indicated the death date of Hosho Shedi in this battle on 24th of March 1843.Whereas it is said and believed that HoshoShedi lost his life in the battle of Minani. Charles Napier writes: ‘ The forces under my command marched this morning at day-break. About half past 8 0’s clock we discovered and attacked the army under the personal command of the Mir Sher Muhammad, consisting of 20,000 men of all arms….. After a combat of about three hours, the enemy was wholly defeated with considerable slaughter, and the loss of all his standards and cannon.’ Napier ends his letter that:’Three Belochee chiefs fell in the action; one of them was the great promoter of the war,-- HOCHE Mahmud SEEDEE.’
1924: It was announced that the ‘National Baby Week’ will be celebrated in Karachi at various places and eminent Congress leader R.K.Sidhva will be its coordinator. In this connection the first program is held today at Lyari – the place, where people are witnessing heavy rains of bullets daily now. As per announcement, other programs will be held on 26.3.1924 at Old Town, on 30.3.1924 at Sadar and on 1.4.1924 at Kiamari.
1935: The branch of Indian National League is opened in Karachi. Details about its office-bearers and Aims & Objects are available at Gul Hayat website..
1941: In the public meeting held at Khalikdina Hall of Karachi, G.M.Syed presides over ‘Oath and Pledge Ceremony’ in the support of Pakistan. He starts reading it and is followed by participants. In that PLEDGE, it is said that we Muslims are different Nation and created by Allah with special Assignment, for translating it we need Pakistan. In this PLEADGE it is further said that any kind of sacrifice that is required by /for the cause will be made without any condition and objection.
1948: Urdu should be a common language of the country, says the founder of Pakistan, while addressing Annual Convocation of the Dhaka University.
1968: More arrests are made in connection with Agartala conspiracy. This drama was staged for years and none of accused was awarded any penalty or punishment. It is said that the script of that drama was written in West Pakistan as Bangladesh Flag was designed here and 6-poits were drafted here. It is said that some politicians of West Pakistan had decided to get rid of East Pakistan.
1985: Muhammad Khan Junijo is sworn in as the Prime Minister of Pakistan.
Sunday, 22 March 2026
SINDH in history today (23rd March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
Author Dur Muhammed Pathan & Translator his son Mumtaz Ali.
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd March}.
Post consists of:
1). My Good Day Wish,
2. Events from history,
*************
****
23.3.1840:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪراچي ۽ سکر ۾ فوج جي سپهسالاري سيڪنڊ ڪلاس برگيڊرن جي حوالي ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون ته ٻنھي هنڌن کي فوج کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ انھئ فوج کي ڪم آندو وڃي.
23.5.1841:
پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام اڄ تفصيلي خط لکي پنهنجئ سرڪار کي حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سرڪارين جا احوال ڏيندي لکي ٿو ته مير شير محمد سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. ھن جا هندو صلاڪار کيس اسان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مير شير محمد حيدرآبادي ميرن تي ڪاوڙيو ويٺو آھي ته هنن سندس پرڳڻن تي ناجائز قبضو ڪيو آھي. جي مير شير محمد چيو ته مان سندن فيصلو ڪندس.
23.3.1843:
نيپيئر اڄ حيدرآباد مان مير شير محمد کي لکيو ته وقت نه وڃاء هڪ دم اچي جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ مون اڳيان پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ سڀاڻي منھنجو انتظار ڪر ۽ جنگ کي منھن ڏي.
23.3.1863:
ساڌو هيرانند پٽ راء بهادر ديوان شوقيرام حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1883 ۾ بي. اي ڪئي. "سنڌ سڌار" اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. "سنڌ سڀا" جي نمائندي طور 1886 ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. 1887 ۾ حيدرآباد ۾ سماجي ڪم شروع ڪيائين.1888 ۾ ”يونئن اڪيڊمي/ اين.ايڇ.اڪيڊمي" اسڪول کوليائين. 1890 ۾ ”سڌار پتريڪا" ۽ "سرسوتي" رسالا جاري ڪيائين. ڌئ کي پڙھائڻ لاء وٺي وڃي رهيو هو ته 13 جولاء 1893 تي بيڪانير ۾ گذاري ويو. پنھنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ, صحافي ۽ سياستدان هو.
23.3.1923:
ڪراچئ ۾ سيٺ رامچند فتحچند جي صدارت ۾ ”شڌي سڀا" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ سنجوڳي شيخن کي وري هند بنائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. "شڌي سڀا" ان جي سرگرمين سنڌ ۾ ھندو-مسلم اختلافن وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ويو.
23.3.1930:
ميهڙ ۾ وڏي پئماني واري "سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. هن شهر تحريڪ آزادئ ۾ مثالي حصو ورتو پر شهر جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي تاريخ تي ڪم نه ڪيو ويو آھي.
23.3.1931:
ڀڳت سنگ ۽ سندس ساٿين کي سرڪار ڦاهي ڏني. سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انھئ سوڳ ۽ سرڪار جي مذمت ۾ ھڙتال ٿي.
23.3.1938:
سنڌ ۾ خانبھادر الله بخش سومري "اتحاد پارٽئ" جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪانگريس جي مدد سان حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ پاڻ خزاني ۽ داخلا جا کاتا کنيائين, پير الاهي بخش کي روينيو جو کاتو ڏنائين ۽ پي.ڊبليو.ڊي ۽ پبلڪ هيلٿ جا کاتا نهچلداس کي ڏنائين.
23.3.1940:
آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء“ پاس ٿيو. ان ۾ سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: حاجي عبدالله هارون, جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙو, علي محمد شاه راشدي, شيخ عبدالمجيد سنڌي, ايم.اي.خالق, سيد حسن بخش شاه محرابپور وارو, حاجي دوست محمد (لاڙڪاڻو), خانصاحب حق نواز (شڪارپور), امير احمد (لاڙڪاڻو), غلام محي الدين, عبدالحئي صديقي (سکر), منير احمد (لاڙڪاڻو), عبدالروف (ڪراچي), محمد اسلم (ڪراچي), محمد هاشم جوڻيجو, محمد رمضان, محمد علي چوڌري (ٿر), مقبول احمد (ٿر), چوڌري رحمت الله(ٿر), مرزا رحمان بيگ (سکر), ۽ رئيسئ افضل خان کيڙو (مورو).
23.3.1941:
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "پاڪستان ڊي" ملهايو ويو.
23.3.1946:
اقتدار منتقل ڪرڻ بابت سياسي اڳواڻن جي ويچارن کي ٻڌڻ لاء ”ڪئبينيٽ مشن" ڪراچئ پهتو. سنڌي جي سمورن هندو ۽ مسلمان سياستدانن مان ڪنهن به سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي ڳالھ نه ڪئي. پر مسلمانن مسلم ليگ ۽ هندن ڪانگريس جي ڳالھ ڪئي. حالانڪ ان وقت سنڌ جي مطلق آزادئ بابت عوامي ۽ گروهي وايو منڊل جڙي چڪو هو.
23.3.1955:
خان عبدالغار سرڪار کان گهر ڪئي ته ون-يونٽ ڏنڊي جي زور تي مسلط ڪرڻ بدران عوام کان ووٽ زريعي رضامندو وٺو.
23.3.1956:
ايسٽ بنگال جو نالو مٽائي "اوڀر پاڪستان" ۽ فيڊرل ڪورٽ جو نالو بدلائي "سپريم ڪورٽ" رکيو ويو.
23.3.1985:
محمد خان جوڻيجي پاڪستان جي وزير اعظم طور عهدو سنڀاليو.
*************
{23 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
*************
[جنم ڏينهن:]
23 مارچ 1844ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان غلام صديق (شهداد ڪوٽ ) جي پيدائش ٿي.
23 مارچ 1863ع سماجي ورڪر ۽ صحافي ساڌو هيرانند (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1898ع ليکڪ آچاريه آسودومل گِدواڻي(ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1893ع آزادي پسند اڳواڻ گهنشام شِوِداساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1912ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1924ع ليکڪ وشنداس آسراڻي (شڪارپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1929ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1951ع اديبه آشا چاند(سندري ۽ اتم جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1959ع شاعر آصف مٺياڻوي جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1963ع صحافي احمد رضا بروهي(بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1968ع ليکڪ سردار چنا (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1974ع صحافي شاهد مهيسر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مارچ 1978ع ليکڪ امداد ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1984ع شاعر سجاد حسين سجاد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1986ع ليکڪ اسلم پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
23 مارچ 1988ع شاعر انتظار ابڙو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
23 مارچ 1809ع اسڪال مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي وفات ٿي.
23 مارچ 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد ڀڳت سنگه کي ڦاهي ڏني وئي.
23 مارچ 1958ع صوفي سوامي رام فقير (دادو / اجمير) جي ديهانت ٿي.
23 مارچ 1992ع ليکڪ عادل سخيراڻي (دادو) جو انتقال ٿيو.
23 مارچ 1998ع گلوڪار استاد وحيد علي خان
جو لاڏاڻو ٿيو.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress]
ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ،
ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء.
*************
Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. SINDH IN HISTORY TODAY (23rd March) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress]
ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ،
ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء.
*************
SINDH IN HISTORY
EVENTS:
1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan that if you choose to meet me tomorrow, as I march to attack you at the head of army; if you will surrender yourself as a prisoner without any other conditions than that your life will be safe, I will receive you.
1923: The meeting of ShudiSabha is held at Parbati Pati Sukkdani Mandar it is presided over by Seth RamchandFatihchand. The strategy regarding reconverting New Muslims (Sanjogi Shaikhs) to Hinduism was finalized.
1930: Sindh Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by eminent Khalfat Leaders.
1931: Sindh observe complete hartal to protest against execution of Bhagatsing and others.
1935: R.D.Bell, Home Member assures Indian Legislative Assembly that the Government has decided to order enquiry into Karachi firing in which more that 40 Muslims were killed by the military firing.
1938: The Leader of the ‘Itad Party’, K.B.AllahBux Soomro forms Sindh Government. PirIllahiBux and Nihchaldas are inducted as ministers.
1940: Those who participated in All-India Muslim League session of Lahore and favored/supported ‘Pakistan Resolution’ are: G.M.Syed, K.B.Khuhro, M.A.Khaiq, Syed HussainBux Shah (Mirabpur), Haji Dost Muhammad of Larkano, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Amir Ahmad of Larkano, Muneer Ahmad of Larkano, K.B.Haqnawaz (Shikarpur), GhulamMahuddin, Abdul Hai Siddiqui (Sukkur), Abdul Rauf (Karachi), Muhammad Aslam (Karachi), Muhammad HashimJunijo, Muhammad Ramzan, Muhammad Ali Choudhri (Thar), Maqbool Ahmad (Thar), ChooudhriRahmatullah (Thar), Mirza Rahman Beg (Sukkur), RaisAfzal Khan Khero (Moro).
1941: All the branches of Sindh Muslim League observe Pakistan Day.
1946: The Cabinet Mission reaches at Karachi.
1951: Muhammad AyubKhuhro is sworn in as the Chief Minister of Sindh.
1956: Bengal is renamed as East Pakistan and Federal Court as Supreme Court.
1965: Ayub is sworn as the President of Pakistan for another five years. Z.A.Bhutto is inducted as minister. Malik Amir Muhammad Khan and Abdul Monem khan are appointed Governors of West Pakistan and East Pakistan respectively.
Saturday, 21 March 2026
SINDH in history today (22nd March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies & priorties, like & dislikes and tradions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believeing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* سڄڻ سائين! هي هڪ ڏينهن جو نه پر حياتئ جو ليکو آھي. جيسين زنده آھيان تيسين اوهان کي دعائون پيون ڏبيون ۽ تاريخ پئي ٻڌائبي. منهنجي مئي کان پوء اوهان کي هينئن تفصيل سان تاريخ ڪوئي ڪونه ٻڌائيندو. ان وقت ياد ڪندا, آئون ڪونه هوندس, پر انٽرنيٽ هي تاريخي مواد هوندو ۽ منهنجا تاريخ بابت يوٽيوب تي وڊيو ٽاڪس هندا. ان وقت اوهان کي بار بار اهو نه چوندس ته منهنجا وڊيو ٽاڪس سبسڪرائيب ڪريو. اڄ اوهان لاء کڻي آيو آھيان: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء دعا سلام, 4). سنڌ جي تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* 1.واقعاتي تاريخ: 22.3.1836: انگريزن منافقئ تي ٻڌل سفارتڪارئ سان ميرن سان يارئ جو معاهدو ڪيو, جنهن جي هڪ شق اها به هئي ته مير ڪنهن ٻئي ملڪ سان اسان جي ٻڌائڻ کان سواء ناتو نه ڳڍيندا. انگريزن کي شڪ ٿيو ته مير ايران سان لاڳاپا وڌائي رهيا آھن. ان تي ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن جي ايران سان يارئ وارئ ڳالھ ڏاڍو چيڙائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ميرن کي سمجهاء ته معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪن, اسان سندن اهڙئ بي وفائئ تي خاموش نه رهنداسين. 22.3.1948: قائد اعظم ڍاڪا ويو ته اسيمبلئ جي هندو ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريائون ته پاڪستان اسان جو وطن آھي ۽ اسان پاڪستان سرڪار سان غير مشروط سهڪار ڪنداسين. (جڏهن بنگلاديش ٺھيو ته بهارين کيس چيو ته اسان بنگلاديش کي نه ٿا مڃون, اسان کي پاڪستان موڪل). 22.3.1949: ايوب کهڙو ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ تي مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي سرڪار ۽ خاص طور تي وزير اعظم کي ناراض ڪيو. سرڪار سبب ۽ جواز ڳولهي مٿس پابندي مڙھائي ته کهڙو ٽي سال سياست ۾ حصو نه وٺندو. (سنڌ ۾ انهئ انياء تي ڀرپور وائويلا نه ٿي. ان تي کهڙي جو من مٽجي ويو هو ) 22.3.1956: پاڪستان کي نئين آئين جا ڳه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا پاراياڌويا. 22.3.1971: ڍاڪا ۾ ڀٽي ۽ مجيب وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. صدر ٻين سياستدانن کي به چيو ته مجيب سان مليو ۽ کيس سمجهايو. 22.3.1977: ڀٽي چيو اسان پي.اين.اي وارن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيون پر هو تصادم ڪرڻ گهرن ٿا. هڏانهن وري پي.اين.اي وارن دانهون ڪيون ته ڀٽي سرڪار اسان جا ڏه هزار ورڪر گرفتار ڪيا آھن (اڄوڪي حڪومت ۽ عمران به ساڳي موڙ ۽ حالتن کي پهتا آھن). 22.3.1978: مصر, شام, ايران, قطر, بحرين, ڪئناڊا ۽ انڊونيشيا ضياء الحق کي ڀٽي جان بخشڻ لاء اپيلون ڪيون.(ڇا جا ملڪي مفاد ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي. ضياءالحق جو ذاتي ۽ گروهي مفاد ان ۾ هئو ته ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙھجي) ************* 22 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 22 مارچ 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي ولادت جو ڏينهن آهي. 22 مارچ 1918ع شاعر اندر ديو ڀوڄواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1938ع شاعر عبدالغفور سڪايل جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1944ع شاعر عباس علي بيگ عباس (ٽنڊو آغا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1954ع شاعر بلبل کورواهيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1980ع صحافي مصطفيٰ جروارجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 مارچ 1805ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان مطلوي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 مارچ 1866ع بزرگ پير علي محمد قريشي غوثپوٽو جو انتقال ٿيو. 22 مارچ 2005ع اداڪار رشيد خمار ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies , like & dislikes and traditions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd March) EVENTS: 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger that apprise Sindh Rulers of views of British Government that the Government is surprised to know that they have submitted themselves to the Court of Persia and it has become matter of concern for the Government of India. 1948: Hindu members of Assemble holds meeting Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah at Dhaka to discuss and review the situation created by the partition and its impact/effect on Hindu community. 1949: Muhammad AyubKhuhro is disqualified for three year and now cannot take part in politics and political activities. 1951: Sindh Chief Minister Kazi Fazul-Ullah resigns. !956: The new constitution is promulgated in Pakistan. 1971: Bhutto is holding meeting with Mujeeb in Dhaka. General Yahya asks Doultana, Sardar Shoukat Hayat, Muti Mahood, Wali Khan and GhousBuxBizinjo to holds talks with Mujeeb to resolve important political matters. 1977: Z.A.Butto blames PNA for avoiding negotiating vital political issues with his Government.PNA blames and claims arrest of its ten thousand workers. 1978: Heads of States and Governments of Egypt, Syria, Iran, Indonesia, Qatar, Bahrain and Canadian House of Commons appeal to Zia to commute Z.A.Bhutto’s death sentence. Qadafi sends Special emissary. British, U.S and India refuse to comment *************
Friday, 20 March 2026
SINDH in history today (21st March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
WISH YOU A HAPPY EID Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. DR.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st March}
1). My Good Day Wish,
2). Events from history,
*************
Dur Muhammed Pathan: 21 مارچ جي حوالي سان اوهان سان هنن موضوعن تي ڳالھ ٻولھ ٿيندي:
1). واقعاتي تاريخ,
2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون,
3). منهنجو سلام,
*************
EVENTS FROM SINDH HISTORY (21st March) By: Dr. Pathan
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن ليڪچر پروگرام منعقد ڪرايو، جنهن ۾ آر ڊي ڪرمارڪر هندستان جي ستارن واري علم جي عنوان تي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته ان دور ۾ مختلف اين جي اوز ليڪچر پروگرام منعقد ڪرائينديون هيون ۽ هر اڱاري جي ڏينهن تي اهڙا پروگرام ٿيندا هئا.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۾ منعقد ٿيل آل انڊيا مسلم ڪانفرنس ۾ سنڌ مان شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ حاجي عبدالله هارون شرڪت ڪئي، ڪانفرنس جي صدارت علامه اقبال ڪئي، ڪانفرنس ۾ آيل ماڻهن تمام گهڻو گوڙ ڪيو ۽ پروگرام کي متاثر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڪجهه ماڻهن کي علامه اقبال جي سياسي ڪردار تي اعتراض هو، شيخ عبدالمجيد سنڌي ڪانفرنس ۾ اٿي بيهي چيو ته منهنجا دوستو! مهرباني ڪري خاموش ٿي وڃو، ان ماڻھن جا آواز آيا ته ”سنڌي ڪو سنو, سنڌي ڪو سنو“. ان کانپوءِ خاموشي ٿي وئي ۽ پروگرام جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي. واضح رهي ته شيخ عبدالمجيد جي نالي پويان سنڌي جو لفظ انهيءَ ڪانفرنس کانپوءِ پيو.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبليءَ ۾ ڪراچي رتوڇاڻ تي ڳالهائيندي سنڌ جي ميمبر لالچند نولراءِ چيو ته سنڌ ۾ رهندڙ هندو ۽ مسلمان هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، مسلمانن ۽ هندن ۾ ڀائيچارو آهي، ڪجهه ماڻهو انهن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن پر اهي ڪامياب نه ويندا.
** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان راولپنڊي سازش ڪيس جي مک جوابدار جو نالو ظاهر ڪيو، هڪ تقريب ۾ ڳالهائيندي لياقت علي خان چيو ته راولپنڊي سازش جو ماسٽر مائينڊ ميجر جنرل اڪبر آهي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چيف جسٽس محمد منير جي سربراهي ۾ فيڊرل ڪورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي مولوي تميز الدين جي ڪيس ۾ ڏنل فيصلي کي برقرار نه رکيو.
** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته ڀارت تاشقند معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل يحيٰ خان ۽ شيخ مجيب الرحمان وچ ۾ ٿيل ڳالهيون ناڪام ٿي ويون، جنهن کانپوءِ جنرل يحيٰ خان ذوالفقار علي ڀٽو کي ڍاڪا ۾ طلب ڪيو، کيس چيو ويو ته هو ڳالهين جي ڪاميابي ۽ صورتحال جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پونم جي حيدرآباد ۾ ٿيل جلسي ۾ وفاقي حڪومت کي چتاءُ ڏنو ويو ته جيڪڏهن ننڍن صوبن کي حق نه ڏنا ويا ته پوءِ ملڪ ۾ جهيڙو ٿيو ۽ ملڪ ٽٽي ويو ته ذميوار پنجاب پاڻ هوندو. پنجاب جو حڪمران طبقو مظلوم قومن جا حق ڦٻائي ويٺو آهي.
*************
21 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 مارچ 1903ع ليکڪ ۽ پبلشر پرڀ داس برهمچاري جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1919ع سياسي اڳواڻ حاجي محمد ابراهيم هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1928ع شاعره راڻي نماڻي جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1936ع شاعر عابد انصاري (باجارا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1936ع امداد الله انڙ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1940ع اسڪالر ۽ سائين جي ايم سيد جي نياڻي جيجي درشهوار سيدجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مارچ 1943ع شاعر مولا بخش مولائي (نبي بخش جتوئي) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1955ع صحافي بشير احمد ميمڻ (هالا پراڻا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1961ع صحافي عبدالڪريم ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1965ع ليکڪ خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
21 مارچ 1978ع باليووڊ اداڪاره راني مکرجيجو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
21 مارچ 1953ع مذهبي شخصيت حافظ غلام احمد مهيسر (ساجن مهيسر) جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مارچ 1970ع سياستدان ڪامريڊ حاجي محمد پيرزادي جو انتقال ٿيو.
21 مارچ 2014ع تي شهيد بشير قريشي جي ڀاءُ مقصود قريشي ۽ سلمان وڌو کي گوليون هڻي شهيد ڪرڻ کانپوء گاڏيء کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. کين ميهڙ کان دادو ويندي اغوا ڪيو ويو جڏهن ته سندن سڙيل گاڏي ڀريا لنڪ روڊ تان ملي جنهن ۾ سندن لاش پيل هئا.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Dear! Neither you are any shadow, nor any unknown person. You are not figment of imagination, but reality with body & soul. You are a complete & colourful personality with golden heart and beautiful mind. You are an ideal and role-model. Know your Self, your strength and power. You are not subject of desires, traditions and out-dated values, but ruler of love & beauty. Dear! Be, what you are. Don't deprive us of your greatness & kindness and vision & wisdom please.]
پرین !تون نہ پاڇو نہ تماشو نہ شخص مگر شخصیت،
ڪوہ نہ ڄاٹین ۽ ماٹین پنھنجي حیثیت اصلي طاقت؟
تنھنجي طلبیان محبت, ڳائیان عظمت سرت سلام سان.
*************
DR.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Dear! Neither you are any shadow, nor any unknown person. You are not figment of imagination, but reality with body & soul. You are a complete & colourful personality with golden heart and beautiful mind. You are an ideal and role-model. Know your Self, your strength and power. You are not subject of desires, traditions and out-dated values, but ruler of love & beauty. Dear! Be, what you are. Don't deprive us of your greatness & kindness and vision & wisdom please.]
پرین !تون نہ پاڇو نہ تماشو نہ شخص مگر شخصیت،
ڪوہ نہ ڄاٹین ۽ ماٹین پنھنجي حیثیت اصلي طاقت؟
تنھنجي طلبیان محبت, ڳائیان عظمت سرت سلام سان.
*************
21st March 2026
Sindh History (March )
SINDH IN HISTORY TODAY (21st March)
EVENTS:
1917: The Sindh Graduates Association arranges lecture program and R.D.Karmarkar delivers his lecture on the topic of ‘Indian Astronomy’. This may kindly be kept in mind that these NGOs arranged so many lecture programs and those were held on every Tuesday. Prof. Shahani gave his lecture on Gentanjali’ of Tagore and Prof. Dhopeshwarkar spoke on ‘Time and Free Will’. All lectures delivered in these programs arranged by NGOs during British Period, if collected and compiled, can surprise so many people.
1932: Haji Abdullah Haroon and Shaikh Abdul Majeed participate in the All-India Muslim Conference held at Lahore. The Conference is presided over by AllamaIqbal. Audience is not calm and wants to disturb the function. Perhaps they want to show their resentment on Allama Iqbal’s political approach. The situation is deteriorating. Shaikh Abdul Majeed appears at stage and starts speaking. Audience start raising voices: LISTEN TO SINDHI. FRIENDS ! BE CALM AND QUITE. Every, body is seated and situation is under control and proceedings are started peacefully and accordingly. Shaikh Abdul Majeed earns name and later on he is called and known ‘SINDHI’.
1935: While speaking on the motion on the Karachi killings, Lalchand Nawalrai says in the Indian Legislative Assembly that in Sindh, Hindus and Muslims are two sides of one coin and it was due to policy of ‘Divide & Rule’ that another Third party is pushing them in battle with each other.
1951: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan discloses the name of key- leader of the Rawalpindi Conspiracy. He is Major General Akbar.
1955: The Federal Court headed by Chief Justice Muhammad Munir set aside judgment of the Sindh Chief Court in Moulvi Tamizuddin Khan’s petition.
1966: Z.A.Bhutto says that India is violating Tashkent Declaration.1971: Yahya-Mujeeb talks fail, Z.A.Bhutto is invited by Yahya Khan to reach Dhaka for playing his role in the situation.
Thursday, 19 March 2026
SINDH in history today (20th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{20th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
*************SINDH IN HISTORY TODAY (20th March). Dr. Pathan wishes you Good Day from Gul Hayat Institute, Arija
[My ideological leaders like Shah Latif, Sachal and Sami did their level best to teach me Self -knowing. But, I never took seriously. Hence, I now most obedient "Good Yes Man" and I am and in future can be ruled and ruined by so called leaders, ideals and pillars of my society ]
هوء جا صدا اچي پئي صدين کان تہ آھين “تون ئي تون“,
سا نہ ٻڌي سمجهي مون, ان لاء تہ آئون گولو غلام آھيان.
************* EVENTS: 20.3.1843:
سنڌ تي قبضي ڪرڻ کان پوء گورنري نڀاڳي نيپئر کي ڏني وئي. اڄ ميجر جنرل سيمپسن کي سنڌ ۾ ”سيڪنڊ ڪمانڊ“ طور مقرر ڪيو ويو.
20.3.1858:
سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ مان فوجي هٽائي پوليس رکي وڃي.
20.3.1920:
لاڙڪاڻه خلافت ڪميٽئ سياسي ڪارڪنن تي سرڪار طرفان ٿيل ڏاڍ ڏمر جا انگ اکر گڏ ڪرڻ لاء پير تراب علي شاه, جان محمد جوڻيجي, گوبند بخش ۽ ٽھلرام تي ٻڌل هڪ ڪميٽي جوڙي.(اسان جي دور جون قوم پرست پارٽيون به اهڙا انگ اکر گڏ ڪري عوام آڏو آڻن ته ڪيڏو نه سٺو ٿئي).
20.3.1924:
ٿرپارڪر ضلعي جي ”جميعت العلماء سنڌ“ جي گڏجاڻئ ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ جي وفات تي تعزيتي ٺھراء پاس ڪيو ۽ مولانا محمد صالح کي وطن دوستئ لاء ڏنل قبانين تي مباڪون ڏنيون. گڏجاڻئ جي صدارت مولوئ محممد ابراهيم ڪئي.
20.3.1936:
هالا ۾ ”سنڌ آزاد پارٽي“ قائم ڪئي وئي, جنهن لاء حاجي پير محمد کي صدر, قاضي احمد علئ کي سيڪريٽري, ميان محمد جمن کي جوائنٽ سيڪريٽري ۽ حاجي غلام محمد کي خزانچي بڻايو ويو.
20.3.1950:
وفاقي وزير ڊاڪٽر اي.ايم. ملڪ پارليامينٽ کي ٻڌايو ته اسان جاکوڙي رهيا آھيون ته ڪراچئ کي “عظيم تر ڪراچي“ بڻايون. (اسان جي اڳواڻن اهو ٻڌو پر سمجهيو ڪونه).
20.3.1952:
مولانا مودودئ ملڪ جي لساني مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته اڙدو پاڪستان جي بقاء ۽ تشخص جو ذريعو آھي.
2O.3.1954:
ملڪ جي وزير اعظم محمد علي بوگري اره زورائئ سان چيو ته جيتوڻيڪ مسلم ليگ کي چونڊن ۾ جاتي ڪاٿي شڪست اچي رهي آھي, پر مرڪز ۾ سندس حڪومت کي ڪو لهر لوڏو ڪونهي.
20.3.1972:
سنڌ مان ڪمشنري نظام ختم ڪيو ويو.
20.3.1969:
ون يونٽ لاڳو ڪرڻ کان پوء اولھ پاڪستان ۾ سنڌين کي گورنر ڪري رکڻ شايد معيوب سمجهيو ويو ۽ الائي ڪٿان ۽ ڪيترا همراه پڪڙي گورنر بڻايا ويا. پر جڏهن سياسي حالتون بگڙيون ته اڄ يوسف هارون کي اولھ پاڪستان جو گورنر بڻايو ويو.
20.3.1974:
روس حامي ڀري ته اهو ملڪ ڪراچئ وارئ اسٽيل مل لاء مشينري خريد ڪرڻ لاء پاڪستان کي 3200 ملين روپيا ڏيندو.
20.3.1993:
نواز شريف جي پروگرام مطابق 18000 ماڻھن کي ”ييلو ڪيب” ٽيڪسيون ڏنيون ويون.(سنڌين کي الائي ڪيتريون مليون).
2.ڏينهن 20 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
20 مارچ 1923ع اردو جي ناليواري نثر نگار شوڪت صديقي جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1925ع گلوڪار رامچند ناٿاڻي (روهڙي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1932ع ليکڪ سعد الله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1940ع ليکڪ محمود سنڌي (ڪرمپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1946ع شاعر اميد علي وفا جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1948ع صحافي ظهور احمد (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1952ع شاعر ۽ گلوڪار وير ڀان جيسواڻي (جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1966ع هندستان جي مشهور گلوڪاره الڪا ياگنڪجو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1979ع شاعر ساحر ٿهيم (چوڪنڊي) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مارچ 1987ع باليووڊ اداڪاره ڪنگنا رناوتجو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
20 مارچ 1943ع سورهيه بادشاهه شهيد صبغت الله شاهه پير صاحب پاڳاريکي انگريز سرڪار ڦاهي ڏئي شهيد ڪري ڇڏيو.
20 مارچ 1958ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالباري انڍڙ جو لاڏاڻو ٿيو.
20 مارچ 1996ع سياستدان غلام علي عباسي جو انتقال ٿيو.
20 مارچ 2014ع مشهور ڀارتي صحافي، ليکڪ، ناول نگار ۽ مصنف خشونت سنگههدهلي ۾ انتقال ڪري ويو.
20 مارچ 2018ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سياستدان اياز سومرو لاڏاڻو ڪري ويو
Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th March}.
Post consists of:
1). My Good Day Wish,
2). Events from history.
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day from Gul Hayat Institute, Arija
[My ideological leaders like Shah Latif, Sachal and Sami did their level best to teach me Self -knowing. But, I never took seriously. Hence, I now most obedient "Good Yes Man" and I am and in future can be ruled and reuined by so called leaders, ideals and pillars of my society ]
هوء جا صدا اچي پئي صدين کان تہ آھين “تون ئي تون“,
سا نہ ٻڌي سمجهي مون, ان لاء تہ آئون گولو غلام آھيان.
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th March}
EVENTS:
1843: Major General Sampson is appointed as Second Command to the Governor in Sindh.
1856: The Commissioner Sindh request the Bombay Government for reducing the Baloch Regiment in Sindh so as to increase police force.
1920: The District Khilafat Committee of Larkanoconstitute a committee consisting of PirTurab Ali Shah, Jan Muhammad Junijo, GobindBux and Tahilram so as to collect figures and facts about highhandedness of the Government and victimization of party workers.
1924: The District TharparkarJamiat-ul-Ulema Sindh condoles death of eminent Freedom Fighter and politician RaisGhulamMuhammadBhurgri and offers congratulations to Moulana Muhammad Salih for sacrifices made by him for the cause of theMotherland.The meeting is presided over by Moulana Muhammad Ibrahim.
1936: The branch of the Sindh Azad Party is opened at New Hala. Haji Pir Muhammad, Qazi Ahmad Ali and Mian Muhammad Juman and Haji Ghulam Muhammad are elected President, Secretary, Joint Secretary and Treasurer.
1947: Ali Akbar Khan Jalbani and Mumtaz Ali Jaffri, both of Larkana District get sanad for legal practice.
1950: ‘Karachi will emerge as a Greater Karachi and we are working on it’, the Parliament is told by Federal Minister Dr.A.M.Khan
1952: ‘Urdu is our identification and source of progress’, says MoulanaMoudoodi.
1969: YousifHaroon is sworn in as the Governor of the West Pakistan.
1972: The post of Commissioner is abolished in Sindh.
1977: PNA leaders Asghar Khan, MoulanaNoorani, Sherbaz Khan Mazari and Prof. Ghafoor are released.
Wednesday, 18 March 2026
SINDH in history today (19th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{19th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
*************SINDH IN HISTORY TODAY (19th March). "سنڌ جي واقعاتي تاريخ"
[19 مارچ جي حوالي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو تحقيقي پورهيو.]
19.3.1832
ڀڄ جي فرنگي ايڪٽنگ ريزيڊنٽ ميرن سان خط ذريعي اسلام ڪوٽ جي کوسن جي دانھن ڏني ته اهي ڀڄ جي حدن ۾ اچي ڦرلٽ ڪري ڀڄي وڄن ٿا.
انھئ دور ۾ کوسا سنڌ کان ٻاهر ڌاڙا به هڻندا ھئا ۽ سنڌ جي سرحدي پٽئ تي سنڌ ايندڙ فرنگين کي به ڦريندا ھئا.
19.3.1843
نيپيئر, اڄ مير شير محمد خان کي خط لکيو ته " تون هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ جنگي قيدئ طور اچي پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ تو سان جنگ آھي ۽ مان تو تي ڪاهي ايندس".
19.3.1850
هن دور ۾ فرنگي حڪومت پاڻ کي بچائڻ ۽ ڪنھن ممڪن هنگامي حالت کي منھن ڏيڻ لاء سنڌ جي وڏن شھرن ۾ ڪئنٽونميٽ ايريا ( ڇانوڻي ايراضيون) مخصوص ڪرڻ شروع ڪيون. اڄ برگيڊيئر-جنرل ڪمانڊنگ سنڌ ڊويزن ۽ سنڌ ڪمشنر وچ ۾ شڪارپور ۾ ڇانوڻي جي حدبندئ تي خط و ڪتابت ٿي.
19.3.1920
سمورئ سنڌ ۾ " ٻيو خلافت ڊي" ملهائيو ويو. ان موقعي تي جلسن جلوسن ۽ احتجاجي گڏجاڻين ۾ ڪنٽربري ۽ يارڪ جي آرچ بشن, لارڊ برائيس, لارڊ رابرٽ سيسل ۽ آمريڪي پادرين جي اسلام دشمني ۽ ترڪئ کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ واري اتحادي ملڪن جي بدنيتئ جي مذمت ڪئي وئي.
19.3.1920
سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ خلافت ڊي ملهايو ويو ۽ اخبارن تفصيل سان شهرن ڳوٺن بابت احوال ڇپيا. گل حيات ۾ ھنن ھنڌن بابت معلومات موجود آھي: ڳڙھي ياسين, ٺٽو, سن, سکر, نوشيرو فيروز, نواب شاه, ماڪن سڪني, ميروخان, مورو, ماتلي,لاڙڪاڻو, شڪارپور, سيوهڻ, سونڊا, سجاول, هالا, ڏوڪري, قنبر ۽ خير محمد آريجا
19.3.1933
ڪاله غازي عبدالقيوم جو لاش کڻي ويندڙ جلوس تي پوليس سڌي گولي هلائي ڪيترا ماڻهون ماريا.
اڄ ان جي ردعمل طور سنڌ جي مختلف شھرن ۾ وڳوڙ ٿيو. هندن ۽ مسلمانن وچ ۾ جهيڙا نه ٿيا, پر ٻنھي مذھب وارن رياستي ڏاڍ خلاف آواز بلند ڪيو.
19.3.1934
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي اجلاس ۾ سر غلام حسين هدايت الله ۽ محمد ايوب کهڙي سنڌ جي مسئلن تي ڳالهايو. ايوب کهڙي زميندارن جي حقن ۽ مسئلن تي ڳالهايو
19.3.1935
انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ڪي.ايل.گابا ڪراچئ ۾ پوليس/فوج هٿان 40 مسلمانن مارڻ تي مذمتي ٺھراء پيش ڪيو
19.3.1971
شيخ مجيب ۽ صدر جنرل يحيا جي پاڻ ۾ سياسي بحران ختم ڪرڻ بابت ملاقات ٿي
19.3.1992
نواز شريف اڄ رئيس غلام مصطفا جتوئئ کي آء.جي.آء مان ڪڍي ڇڏيو.
اڄوڪي ڏينهن 19 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
19 مارچ 1406ع عظيم تاريخدان ۽ فلاسافر ابن خلدون جي تيونس ۾ پيدائش ٿي.
19 مارچ 1885ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ڪشنچند بيوس جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1886ع تاجپور جي نواب ۽ شاعر نواب خداداد خان ثاني جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1898ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سيد ميران محمد شاهه مير جي پيدائش ٿي.
19 مارچ 1933ع شاعر ۽ گلوڪار ساجنداس ڪندناڻي (ڀنڀور / بيلاسپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 مارچ 1933ع شاعر عبد بٺورائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مارچ 1975ع شاعر غلام رسول سماٽ (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
19 مارچ 1937ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي محمد دائود ٽکڙائي جي وفات ٿي.
19 مارچ 1963ع مذهبي عالم ۽ فريڊم فائيٽر مفتي محمد حسين جي وفات ٿي.
19 مارچ 1973ع مٺي سان تعلق رکندڙ اديب ڀڳت کيمچند جي ديهانت ٿي.
19 مارچ 1979ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مصور گُل محمد کتري جو انتقال ٿيو.
19 مارچ 2006ع ناليواري فلمي اداڪار محمد علي جو انتقال ٿيو.
Dr. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE.
SINDH IN HISTORY TODAY (19th March) & GOOD DAY WISH.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ If your Dear is in your heart and your eyes are waiting to see him/her, you are with noble cause of loving human beings. You will love the love and hate the hatred & discrimination]
نشو پرین جي نینھن جو، جن نیٹن ٿیو نصیب،
سوچن لوچن سپنن اندر، دل ۾ دوست حبیب،
ساري دنیا سندن رقیب، پر ساریندس سلام سان.
*************
2.
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (19th March)
EVENTS:
1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad of Mirpurkhas that ‘I will make no terms with you, except unconditional surrender, and security for your person, as other Amirs have received. We were at peace with you; we made no war with you; you have made unprovoked war upon us, and have cut off our dawks. If you do not surrender yourself as prisoner of war before the 23rd instant, I will march against you and give you battle’.
1913: The Sindh Scout is awarded affiliation by the Head Quarter, London and the document is signed by Lt. General Sir Robert Beden Powel. The Commissioner is made Patron of the organization. The Sindh Scout started with 12 Scouts and this year the number reaches to 31.
1916: The NGO Karachi Social Service League stages drama so as to earn and collect money for the benefit of children studying in Municipal Schools of Karachi.
1920: On the initiate and call of RaisGhulam Muhammad Bhurgri and Seth Haji Abdullah Haroon Sindh observes 2nd Khilafat Day. People were asked to remain peaceful and avoid to create law & order situation. As it was Friday, therefore, Muslims hold meetings soon after offering Juma Prayers. The Day was observed in length and breadth of Sindh.
1934: Ghulam Hussain Hidayatullah and Muhammad AyubKhuhro while taking part in the debate during the session of the Bombay Legislative Council demand protection of rights of landlords of Sindh.
1935: The Indian Legislative Council carries the motion of K.L.Gauba censuring the Government regarding Karachi firing and killing about 40 persons by Military.
1982: Life-term punishment for desecration of the Holy Quran, an Ordinance is promulgated.1992: Nawaz Sharif expels NPP of Rais Ghulam Mustafa Jatoi from IJI.
*************
Tuesday, 17 March 2026
SINDH in history today (18th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{18th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
*************SINDH IN HISTORY TODAY (18th March). Dr.Pathan wishes you Good Day.
[It is hypocrisy that snatches eyes & ears and makes people cool-tempered. Therefore, they cannot see light, listen cries and speak a word in support or favor . They stood thrown before wolves of ego, hatred & discrimination] .واقعاتي تاريخ:
*************
سنڌ جي تاريخ اسان کي ٻڌائي ٿي ته:
1. "جڏهن سنڌ جو عوام سنڌ-دشمن قوتن لاء خطرو بڻبو آھي ته حڪمران ڌارين کي خوش ڪرڻ لاء سنڌ-دوستن خلاف قدم کڻندا آھن". 1835 ۾ کوسن فرنگين کي ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو ته حڪمرانن کين حڪم ڏنو ته ٿرپارڪر ڇڏي, باقي سنڌ ۾ وڃي ڪٿي به رهو.
2. " سنڌين جا پاڻ ۾ اختلاف ٿيندا ته فائدو سنڌ-دشمنن کي ملندو". نٿورام کي عبدالقيوم ماريو ته هندن نه مگر انگريز حڪومت جلوس تي گوليون وسائي 40 مسلمان ماري, هندو-مسلم اختلاف وڌايو.
3. تاريخ اهو به ٻڌائي ٿي ته ٻين لاء ڀلي آسمان مان تارا لاهي اچو, پر ڪا غلطي ٿي ته اهي ڪڏهن معاف نه ڪندا". ڀٽي کي اڄوڪئ تاريخ تي موت جي سزا ٻڌائي وئي.
تاريخ اوهان سان ڳالهائي ٿي. ان کي ٻڌو.
ان لاء 18 مارچ جي حوالي سان ھي واقعا پڙھو ۽ انهن تي غور فڪر ڪريو:
**1835ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي مخبرن هندستان جي سرڪار کي اها معلومات فراهم ڪئي ته مير نور محمد خان ٽالپر انگريزن خلاف ڏوهي سرگرمين ۾ ملوث کوسا برادري جي ماڻهن کي ٿر مان نيڪالي ڏئي ڪنهن ٻئي هنڌ وڃڻ جو حڪم ڏنو آهي، اهي ماڻهو انگريزن خلاف ڪاررواين سان گڏ مقامي ٿري ماڻهن سان زيادتيون ڪري رهيا هئا.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي برطانوي سرڪار سرچارلس نيپيئر کي خط لکي مياڻي جي جنگ ۾ فتح حاصل ڪرڻ تي سندس ڪارڪردگي جي تعريف ڪئي ۽ مٿس اعتماد جو اظهار ڪيو، انهيءَ جنگ ۾ برطانوي فوج جي ڪيترن ئي ڪميشن ۽ نان ڪميشن آفيسرن حصو ورتو، جڏهن ته هن جنگ ۾ پرائيويٽ ماڻهن پڻ حصو ورتو، ساڳئي ڏينهن تي چارلس نيپيئر قيدي بڻايل سنڌ جي حڪمرانن کي خط لکيو ته مير شير محمد خان ٽالپر مون کي هڪ وڏي ڊيل ڏني آهي، توهان جيڪي غلط ڳالهيون ٻڌايون آهن، ان تي مون کي حيراني ٿي آهي، مستقبل ۾ اهڙو رويو برداشت نه ڪندس، جيڪڏهن توهان وڌيڪ مسئلا پيدا ڪيا ته ان جي ذميواري توهان تي هوندي.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الله بخش سومرو پنهنجي حڪومت تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، هو 23 مارچ 1938ع کان اقتدار ۾ هو، مير بنده علي خان سنڌ جي نئين حڪومت ٺاهي، جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي، نچلداس وزيراڻي، آر بي گوڪلداس ۽ قاضي فضل الله وزير طور شامل ڪيا ويا.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خاران، مڪران ۽ لسٻيلا رياستون پاڪستان ۾ شموليت لاءِ راضي ٿي ويون.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مولانا عبدالحميد ڀاشاني سرمائيدارن خلاف تحريڪ جو اعلان ڪيو، ڪراچي ۾ عوامي گڏجاڻي کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام هن تحريڪ ۾ ڀرپور ساٿ ڏئي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڪرفيو لڳايو ويو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد احمد خان قصوري ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، ذوالفقار علي ڀٽو سميت 4 ڄڻن کي موت جي سزا ٻڌائي وئي، هاءِ ڪورٽ جو اهو فيصلو اڪثريت راءِ سان آيو. ذوالفقار علي ڀٽو لڳايل الزامن کي رد ڪيو.
2. 18 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور
شخصيتون:
جنم ڏينهن:
18 مارچ 1878ع سجاول سان تعلق رکندڙ مذهبي اسڪالر سيد عبدالرحيم شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مارچ 1885ع شاعر پير ميان غلام سرور سرور (هالا) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1907ع سياسي اڳواڻ آنند هنڱوراڻي جي سنڌ ۾ پيدائش ٿي.
18 مارچ 1918ع شاعر عبدالرحمان نسيم (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1938ع باليووڊ اداڪار ششي ڪپورجو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1940ع شاعر غلام حسين مجبور (چڪ) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1956ع اسٽيج هدايتڪار پرڪاش پنجابي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1960ع ليکڪ، براڊڪاسٽر، ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار جبار آزاد منگي(نصيرآباد)جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1975ع شاعر ساجد سومرو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1975ع ليکڪ اسحاق سميجو(فضل پور) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مارچ 1982ع شاعر سڪايل اعظم لغاري جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
18 مارچ 1972ع فريڊم فائيٽر مولانا عبدلڪريم مگسي جو انتقال ٿيو.
18 مارچ 1986ع بزرگ گهمڻ فقير کوسو (ڪرم گوپانگ) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مارچ 1993ع سياستدان ۽ اڳوڻي وزير اعظم محمد خان جوڻيجو انتقال ڪري ويو.
18 مارچ 1994ع مشهور سنڌي اداڪار محبوب عالم انتقال ڪري ويو.
18 مارچ 1995ع ليکڪ قاضي شفيع محمد قريشي (ٽڳا) جو انتقال ٿيو.
ھئ ماٹھن-دشمن منافقي،
بٹائي ماٹھون گونگا ۽ ٻوڙا،
وجھي ڳچین منجه ٽوڙھا،
نفرت انا بغض ۽ متڀید جا.
*************
Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. SINDH IN HISTORY TODAY (18th March) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th March}.
Post consists of:
1). My Good Day Wish,
2). Events from history,
3).Link of my Video Talk on history.
*************
Dr.Pathan wishes you Good Evening.
[It is hypocrisy that snatches eyes & ears and makes people cool-tempered. Therefore, they cannot see light, listen cries and speak a word in support or favor . They stood thrown before wolves of ego, hatred & discrimination]
ھئ ماٹھن-دشمن منافقي،
بٹائي ماٹھون گونگا ۽ ٻوڙا،
وجھي ڳچین منجه ٽوڙھا،
نفرت انا بغض ۽ متڀید جا.
*************
SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (18th March)
EVENTS:
1835: British informers informs the Government of India that Mir Noor Muhammad has ordered some Khosas to leave Thar and reside elsewhere in Sindh. They were involved in criminal activities against British people and even Tharis.
1843: The Governor-General while writing to Charles Napier expresses his satisfaction on the services rendered in the battle of Miani by several officers, non-commissioned officers and privates.
On the other side on this day and date, Charles Napier writes to prisoner rulers of Sindh that;’ I have received your letter this day. You must recollect that your intrigues with Mir Sher Muhammad give me a great deal to do. I am also much surprised by the falsehoods which you tell. I will no longer bear this conduct; and if you give me any more trouble, by stating gross falsehoods, as you have done in your two letters, I will cast you into prison as you deserve.’
1935: Twenty-Three are killed and seventy injured in Karachi, police firing on the Muslim procession proceeding towards grave yard to burry Abdul Qayoom who was sentenced to death because of killing Nathoram. Nathoram translated and printed a book that was against Hazrat Muhammad (P.B.U.H).
1940: K.B.AllahBuxSoomro government/ministry resigns. He was in power since March 23, 1938. Mir Bandah Ali Khan forms third Ministry of Sindh. G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi; NihchaldasVazirani, R.B.Gokaldas and QaziFazul-Ullah are included as ministers.
1948: Kharan, Lasbela&Makran states accede to Pakistan.
1969: Moulana Abdul HameedBhashani of East Pakistan asks people to start uprising against Capitalists and Imperialists. He addresses a public meeting in Karachi.
1971: We must hit back if anyone strikes us in the course of the current movement of realization of freedom, says Shaikh Mujeeb.
1977: Curfew is imposed in Karachi after PNA protesters become high-risk for law & order situation.
1978: Verdict in Muhammad Ahmad Khan murder case is announced. Z.A.Bhutto and four others are sentenced to death. It is unanimous decision of the Lahore High Court.
Monday, 16 March 2026
SINDH in history today (17th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{17th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
*************SINDH IN HISTORY TODAY (17th March). Research by Dr.Pathan.
" سنڌ جي واقعاتي تاريخ"
[ 17 مارچ تي سنڌ جي تاريخ ۾ ڪهڙا واقعا ٿيا. اچو ته ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق جو مطالعو ڪريون].
17.3.1832
هي اهو دور آھي جڏهن فرنگي نمائندا مير مراد علي خان سان دوستئ ڪرڻ ۽ ھن کان واپاري سهولتون وٺڻ لاء سرگرم ھئا.
اڄ ڪمپني حڪومت پاٽينجر کي لکيو ته: 1. ٺاه ۾ ڦير گھير ڪري موڪلجي ٿو, ان تي مير راضي ڪر, 2. ميرن کي يقين ڏيار ته اسان جي شڪارپور يا ڪنهن ٻئي شھر کي ڦٻائڻ جي نيت ڪانھي.
17.3.1839
ٻيٽ تي قبضو ٿيو ۽ پوء ڪراچئ تي قبضو ٿيو ته سنڌ-دشمنن جي مڳي وڌي وئي. شاه شجاع جي نمائندي پاٽينجر کي لکيو ته ميرن کان ڏن وٺي دير نه ڪيو. پاٽينجر وري پنھنجي اسسٽنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ تي اهو بار رکيو; ڇو ته هو سنڌ ڇڏڻ وارو هو
17.3.1851
سنڌ جي ڪمشنر ڪراچئ, حيدرآباد ۽ شڪارپور جي ڪليڪٽرن کي لکيو ته انهن سمورن ڳوٺن/شھرن جي لسٽ تيار ڪري موڪليو, جن جي آدمشماري پنج هزار ماڻھن تي مشتمل آھي. ان وقت سنڌ ۾ اهي 3 ڪلوڪريٽس هنيون ۽ ڪمشنر جو حڪم جهڙوڪ آدمشمارئ ڪرائڻ برابر هو.
17.3.1920
جي.ايم.سيد جي ڪوششن سان سن ۾ وڏي ۽ شاندار خلافت ڪانفرنس ٿي, جنھن جي صدارت حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ ڪئي. انھئ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, ڊاڪٽر شيخ نور محمد, مولوي محمد سليمان, مولوي عبدالقيوم ۽ ٻين چوٽئ جي سياستدانن شرڪت ڪئي. جي.ايم.سيد تي سرڪار زور وڌو ته ڪانفرس نه ڪراء. پر هن اهو اثر نه ورتو ۽ سرڪار جي پرواه نه ڪئي
17.3.1922
ڪالھ اسان پرنس آف ويلس جي دوري جي ڳالھ ڪئي هئي. هو 17 مارچ تي سنڌ ۾ آيو. هن جي دوري لاء سمورئ سنڌ مان 8 لک 31 هزار روپيا چندو ڪيو ويو ۽ انگريز-پرست هندو توڙي مسلمانن دل کولي چندو ڏنو. مسلمانن هڪ لک 81 هزار روپيا ڏنا. 17.3.1933
برٽش سرڪار هندستان کي ڪهڙا آئيني سڌارا ڏيندي, ان لاء " وائيٽ پيپر" شايع ڪريو. پڌري ٿيل هن وائيٽ پيپر ۾ ڄاڻايو ويو ته سنڌ کي صوبائي حيثيت ڏني ويندي.
17.3.1940
الله بخش-حڪومت مستفعي ٿي. سندس ئي وزير مير بنده علي خان نئين حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ جي.ايم.سيد, شيخ عبدالمجيد سنڌي, نھچلداس وزيراڻي, راء بھادر گوڪلداس ۽ قاضي فضل الله وزير ٿيا.
17.3.1952
ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ھوائي سروس شروع ٿي.
17.3.1965
پاڪستان جي وزير خارجه ذوالفقار علي ڀٽي پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ ويجهڙائپ ۾ جنگ ٿيڻ جو انديشو ڏيکاريو. هن مارچ ۾ اها ڳالھ ڪئي ۽ سيپٽمبر ۾ جنگ لڳي.
17.3.1981
" سچل سرمست ادبي سنگت", خيرپور طرفان مختيار ملڪ جي ڪتاب " ٽم ٽم ٽانڊاڻا" جي رونمائئ جي تقريب ٿي, جنھن جي صدارت رشيد ڀٽئ ڪئي, جڏهن ته ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو خاص مهمان ٿيو.
17.3.2009
شڪارپور جي جڳن ناٿ لائبررئ ۾ شاعرن ۽ ليکڪن جي وفد صوبائي صلاحڪار امتياز شيخ سان ملاقات ڪري مطالبو ڪيو ته روڊن, رستن وغيره تي رکيل نون نالن کي ختم ڪري, پراڻا نالا رکيا وڃن
***
اڄوڪي ڏينهن 17 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
17 مارچ 1920ع بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي پيدائش ٿي.
17 مارچ 1919ع سماجي ورڪر ديالداس چتواڻي (سنڌ / اجمير) جي پيدائش ٿي.
17 مارچ 1921ع شاعر گلوڪار ۽ موسيقار قيمت راء ڪاتب (ٽنڊو آدم / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مارچ 1955ع شاعر غلام رسول مسرور (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
17 مارچ 1961ع شاعر سيف الله سيف جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
17 مارچ 1938ع فريڊم فائيٽر پير تراب علي شاهه (قنبر) جو انتقال ٿيو.
17 مارچ 1980ع صحافي منشي عبدالشاڪر (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
17 مارچ 1994ع مشهور اديب ۽ عالم ڪلياڻ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
SINDH IN HISTORY TODAY (17th March). By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayay Institute. EVENTS
17thMarch
1832: government of India while writing letter to His Highness Mir Murad Ali Khan, assures that they will not take Shikarpur in their possession and integrity of Sindh dominions will be respected.
1850: The Sindh Commissioner asks the Collector of Hyderabad that prisoners should be taught habits of industry and mode to maintain themselves by their own cultivation.
1917: RewachandVasanmal, Advocate, delivers his lecture on the topic of ‘Amil economic’. The lecture program is organized by the ‘Young Amil’s Association’, Karachi.
1920: Khilafat Conference is held at Sunn, with Hakim Fatih Muhammad Sehwani as its President. Shaikh Abdul Majeed Sindhi, Dr. Noor Muhammad Shaikh, Shaikh Abdul Aziz, Moulvi Muhammad Suleman, and Moulvi Abdul Qayoom participate and deliver speeches. G.M.Syed was the host.
1922: On the eve of the arrival of the Prince of Walles, complete hatral is observed in Karachi. MehrajLokram Sharma and KesomalJhangyani are arrested for instigating people to observe strike. Later on Sharma earned 18 months imprisonment, whereas Kesomal is awarded 30 months imprisonment.
1933: White Paper issued by the British Government indicates that Sindh is going to be separated from the Bombay Presidency.
1952: Air flight service starts between Karachi and Hyderabad.
1954: Anti-Muslim League Day is observed in many cities of Pakistan. It is encouraged so as to minimize the political and party pressure on governance and to pave way for taking birth of any puppet party by people in power, for people in power and of people in power.
1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto doubts Indian attack on Pakistan. Later on the War took place between both countries. Very difficult to differentiate between ‘political vision’ and ‘political strategy’
1992: No option for Pakistan to go for nuclear, due to ever increasing Human Rights violation in Kashmir, says Syed Ghous Ali Shah, Defense Minister of Pakistan. 17thMarch
BIRTH DATES
1. Dayaldas Chhatwani (Sindh > Ajmir/Freedom Fighter/Born 17 March 1919),
2. Qimatrai ‘Katib’ (Tando Adam > Ajmir/Poet & Singer/Born 17 March 1921),
3. Ghulam Rasool ‘Masroor’ (Karachi/Poet/Born 17 March 1955),
4. Saifullah ‘Saif’ (Poet/Born 17 March 1961),
5. ashok ‘Azad’ Chandnani (Qazi Ahmad/Poet/Poet/Born 17 March 1971),
6. Zulfkar Korai (Pano Aqil/Poet/Born 17 March1971).
17thMarch
DEATH DATES
1. Pir Turab Ali Shah Rasdi (Kamber/Freedom Fighter/Death 17 March 1938),
2. Munshi Abdul Shakoor (Hyderabad/Journalist/Death 17 March 1980),
3. Data Vilayat Ali Shah (Himbah/Poet/Death 17 March 1982). Dr. Pathan wishes you Good Day:
[Terrible conditions are created when we neither understand, nor abide by Human values and requirements of instincts and natural norms. Scared souls can't understand ground realities. Closed hearts can't accept vision & wisdom and love & beauty. Ego will distance & differences. It is the problem of our society and by our society]
بيزاري جي بره کان پوء رهندي دنيا سان جنگ,
پاڻ کان پرين کان پوء پنهوارن کان رهبو تنگ,
رهڻَ ڪٺن پوء سنگ, سرت سونهن سورن سان
Sunday, 15 March 2026
SINDH in history today (16th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]Events from history. ************* * 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي ڪراچي ۾ ينگ عامل ايسوسيئيشن جي برنس روڊ واري آفيس ۾ ٿي، جنهن ۾ تنظيم جي قاعدي، قانون ۽ مقصدن جي منظوري ڏني وئي. ** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ميڊيا صوبي جي عوام کي اپيل ڪئي ته تاج برطانيا جي شهزادي پرنس آف ويلس جي سنڌ اچڻ تي سندس آجيان واري پروگرام جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي قانونساز ڪائونسل جي ميمبر علي محمد دهلوي پاران سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي کانپوءِ سنڌ سان تعلق رکندڙ ميمبرن جي مان ۾ الوداعي پارٽي ڏني. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آءِ ايم ايف جي اختيارين پاڪستان کي ناڻي جا ذخيرا بهتر بڻائڻ جي مد ۾ 37،500،000 رپين جو قرض جاري ڪري ڇڏيو. ** 1966ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان جي هاءِ ڪورٽ ڊي پي آر تحت مخالف ڌر جي اڳواڻن جي نظربندي خلاف داخل ڪيل آئيني پٽيشن کي رد ڪري ڇڏيو. ** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گڏيل قومن جا ماهر ڍاڪا ڇڏي واپس روانا ٿي ويا، جڏهن ته مولانا ڀاشاني شيخ مجيب الرحمان جي بنگالي قوم لاءِ ڪيل جدوجهد جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪري ڇڏيو. ** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عراق جي صدر صدام حسين ڪردن جي علائقي تي زهريلي گئس سان حملو ڪري ڏنو، جنهن ۾ هزارين شهري مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.عراق جي هلابجا شهر تي اٽڪل 20 جهازن سان زهريلي گئس وارن بمن سان حملو ڪيو ويو. حملي ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به زخمي ٿي پيا. انهيءَ حملي تي صدام حسين خلاف سڄي دنيا ۾ مذمت ڪئي وئي. ** 1999 ۾ اڄوڪي تاريخ تي پنڊيءَ جي احتساب عدالت ۾ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو خلاف ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي ته بينظير ڀٽو پاڻ به پيش ٿي، ان موقعي تي بينظير ڀٽو ۽ جج ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي، هن جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪيترائي جج هن سان تعصب رکن ٿا، جج کيس جواب ڏنو ته اوهان کي هروڀرو اعتراض ڪرڻ جي عادت ٿي وئي آهي، بينظير ڀٽو چيوته ريفرنس جي ٻڌڻي ڪندڙ ججن تي اعتماد ناهي، ان ڪري اوهان مان انصاف جي اميد نٿي رکان. 2. ولادتون/وفاتون: ڏينهن16 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 16 مارچ 1891ع ليکڪ مرزا نادر بيگ (حيدرآباد) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1903ع ليکڪ آغا عبدالنبي آلگ (شڪار پور) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1909ع مشهور مزاحيه شاعر امام الدين ضامن(دٻي / ميهڙ) جي پيدائش ٿي. 16 مارچ 1938ع ليکڪ ۽ سابق سياستدان محمد بچل تنيو (لاڙڪاڻو) جي ولادت ٿي. 16 مارچ 1907ع مشهور ليکڪ ليکڪ ولي رام ولڀ(اسلام ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عطا ميمڻ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1952ع ليکڪ عبدالرحمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1955ع اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ميداساڻي (ناگپور) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع سگهڙ نظام عالماڻي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1958ع ليکڪ لال لڪياري (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع صحافي راشد راڄڙ (رمضان راڄڙ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1964ع شاعر سائل سنڌي (ڪنهري) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1975ع شاعره ارم محبوب(مهتاب محبوب جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع ليکڪ طارق عالم شيخ (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 16 مارچ 1980ع شاعر ابل اداس ٻٻر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 مارچ 1914ع مذهبي اسڪالر پير حاجي هدايت الله راشدي جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1961ع ليکڪ قاضي محمد قاسم (مورو) جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1982ع بزرگ سيد ولايت شاهه جيلاني جو انتقال ٿيو. 16 مارچ 1996ع ناليواري راڳي فوٽو خان زرداري انتقال ڪري ويو. 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am human-being. Hence, no one should expect, treat & term me as an Angel or Satan. It will create problems for me and others, if I am behaving against and violating human instincts. It will be more terrible for me and others, if I refuse to recognize & apply and follow & promote human love & respect and beauty & peace. Because, human is by that, of that and for that cause] آئون تان آھیان آدمي، ڇو ٿیان فرشتو یا شیطان؟ جا جا جبلت اندر ۾، تن جو ڪوہ ڪیان اپمان؟ ڇو ٿیان مان پریشان، پري رھي سونھن سلام کان؟ ************* Dur Muhammed Pathan: SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {16th March}. It cosists of: 1. My Good Day Wish, 2. Events from history, 1. Dr.Pathan wishes you Good Day. [I am human-being. Hence, no one should expect, treat & term me as an Angel or Satan. It will create problems for me and others, if I am behaving against and violating human instincts. It will be more terrible for me and others, if I refuse to recognize & apply and follow & promote human love & respect and beauty & peace. Because, human is by that, of that and for that cause] آئون تان آھیان آدمي، ڇو ٿیان فرشتو یا شیطان؟ جا جا جبلت اندر ۾، تن جو ڪوہ ڪیان اپمان؟ ڇو ٿیان مان پریشان، پري رھي سونھن سلام کان؟ ************* 2.SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (16th March) EVENTS: 1916: The meeting of the Sindh Graduates Association is held in the office of Young Amils’ Association, Burns Road Karachi to fix Aims & objects and to pass Rules & bye-laws. 1922: Sindhi Press asks people to boycott all official events to be organized to welcome Prince of Wales on the eve of his visit to Sindh. 1936: Ali Muhammad Delhvi, the President of Bombay Legislative Council arranges Farewell Party in honour of members from Sindh. As due to separation of Sindh, they ceased to be members of the Bombay Council. 1965: IMF authorizes Pakistan to draw amount of 37,500,000 over the next 12 months to better its balance of payment situation. 1966: West Pakistan High court dismisses petitions challenging the detention of opposition leaders under DPR. 1971: U.N experts leave Dhaka and Moulana Abdul Hameed Bhashani declares his full support to Shaikh Mujeeb in his Bengali nation struggle. 1972: NED and Tando Jam colleges are upgraded as universities. 1977: PNA’s protest rallies defy legal ban on demonstrations. PNA workers court arrested. 1996: Prime Minister Benazir Bhutto performs ground breaking ceremony of the Karachi Hass Transits project.
Saturday, 14 March 2026
SINDH in history today (15th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{15th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[I got rid of ego much before proceeding towards your door. Still on the way, there are so many hurdles. But, I am trying to remove them with trust & hope and sincerity & sacrifice. May my efforts bring result and I can reach near to your heart & mind and love & beauty]
مون انا ڪري فنا، پوء پڇیو تنھنجو در،
عجز نیاز ایثار جو، کڻي سارو ساڻ وکر،
ھیو شھر بحر یا بر، ساریم سرت سلام سان.
*************
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (15th March)
EVENTS:
1884: Consequent upon developing differences with Dyaram and Sadhu Hiranand Hindu members of the Sindh Hindu Sabha, Hassan Ali Effendi forms ‘Sindh Muhammadan Association’ and with the result that later on Sindh stood divided in Hindu and Muslim camps. Sindh Muhammadan Association remained active till the separation of Sindh from Bombay Presidency.
1919: 2 day Sindh Educational Conference starts at Sukkur. Hindus and Muslims participated.
1920: Sindh Upkark, an anglo-sindhi Journal of Shikarpurstrats writing against Islam. The Journal damaged Hindu-Muslim unity for some time.
1925: Jamiat-ul-Ulema Sindh in its meeting held at Sukkur elects its new office-bearers. They are; Syed QaziAsadullh Shah of Tukhar (President), Moulana Muhammad Sadiq of Khada&Moulana Mir Muhammad Nauragzado (Both Vice Presidents) and Dim Muhammad ‘Wafai’ (Secretary).
1938: Smallpox causes 9 deaths in Larkana district. Due to ever increasing cases festivals are banned. Muhammad Yaqoob Agha and syedAltafHussainTrimzi, both Mukhtyarkars are appreciated by the District Local Board for their valuable services rendered in this regard.
1953: Sindh AwamiMahaz invites application for party tickets to contest election. The meeting is presided over by G.M.Syed, whereas it is attended by seven members of the Parliamentry Board
1955: Kotri Barrage is inaugurated by the Governor-General Ghulam Muhammad.
1973: PirPagaro is elected to head opposition’s United Democratic Front Action Committee.
1995: Mir Murtaza Bhutto assumes the office of the chairman of PPP (SB).
SINDHI VERSION OF THE POST:
EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th March)
** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر ۾ سنڌ ايجوڪيشن ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن ۾ ناليوارن تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي. اها ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد سنڌ ۾ تعليمي ماحول کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ هو.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ ماتا جي بيماري ڦهلجڻ سبب 9 ماڻهو فوت ٿي ويا، مريضن جو تعداد وڌڻ سبب سڀني فيسٽيولز تي پابندي لڳائي وئي، ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ مرض جي روڪٿام لاءِ ڪوششون ورتيون، ٻن مختيارڪارن محمد يعقوب آغا ۽ سيد الطاف حسين ترمذي ان حوالي سان خاص ڪوششون ورتيون. انتظاميا اعلان ڪيو ته پهرين هن بيماري کي مات ڏيڻي آهي، ان کانپوءِ ٻيا پروگرام ٿيندا.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ عوامي محاذ چونڊن ۾ حصو وٺڻ لاءِ اميدوارن کان درخواستون گهرايون، ان حوالي سان جي ايم سيد جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ پارلياماني بورڊ جي ميمبرن شرڪت ڪئي.
** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪوٽڙي بئراج جو افتتاح گورنر جنرل غلام محمد ڪيو، واضح رهي ته ڪوٽڙي بئراج جو رڪارڊ ۾ نالو به غلام محمد بئراج آهي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پير پاڳاري کي اپوزيشن جماعتن جي اتحاد ڊيموڪريٽڪ فرنٽ ايڪشن ڪاميٽي جو سربراهه چونڊيو ويو. جنهن حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو.
** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو موڀي پٽ مير مرتضيٰ ڀٽو پ پ شهيد ڀٽو جو چيئرمين ٿي ويو.
** 2007ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي القاعده اڳواڻ خالد شيخ 11 سيپٽمبر حملن توڙي آمريڪي صحافي ڊينيئل پرل قتل جو ڏوهه قبول ڪري ورتو، خالد شيخ کي پاڪستان مان گرفتار ڪري آمريڪا حوالي ڪيو ويو هو.
*************
ڏينهن 15مارچتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
15 مارچ 1874ع مشهور مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي ويڙهه وڙهندڙمولانا محمد صادق کڏيواري جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع سماجي ورڪر هري سُندر روپچند جي پيدائش ٿي.
15 مارچ 1897ع تعيلمي ماهر رسول بخش آخوند جي ولادت ٿي.
15 مارچ 1907ع شاعر حبيب الله فڪري جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1913ع شاعر امر لال ساڌواڻي (دادو / نئين دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌيجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1925ع ناليواري شاعر سليم ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1928ع شاعر لکمي چند پريم (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1930ع اسڪالر، لسانيات جي ماهر ۽ اڳوڻي وي سي ڊاڪٽر غلام علي الاناجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1935ع صحافي الله ورايو صديقي (شڪار پور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع صحافي رحمت الله سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1938ع شاعر ٽيڪچند مست (چوهڙ جمالي / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1939ع شاعر منوهر بجلاڻي (لاڙڪاڻو / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1944ع ليکڪ سيد حبيب الله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر نور احمد ناشاد جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
15 مارچ 1949ع شاعر سرويچ سومرو (ٿرڙي محبت) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع شاعر ۽ راڳي حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1951ع ليکڪ جاويد بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1953ع شاعره، ليکڪا ۽ پبلشر آپا نذير ناز جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1961ع ليکڪ فاروق احمد ڀٽو (بنگل ديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1963ع شاعر قلندر باغي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1968ع صحافي نور ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1969ع اديب استاد نظاماڻيجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1975ع صحافي رياض ڀرچونڊ جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر عطا الله ساگرابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع شاعر اڪمل ماٿيلوي جو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1980ع ليکڪ ۽ ڪهاڻيڪار عبد السلام ٿهيمجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1982ع شاعر تنها اصغرجو جنم ڏينهن آهي.
15 مارچ 1983ع ليکڪ عمران جيلاني جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
15 مارچ 1956ع شاعر سوڀراج “فاني” جو انتقال ٿيو.
15 مارچ 2001ع ماهر لسانيات ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر جو انتقال ٿيو.
Friday, 13 March 2026
SINDH in history today (14th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{14th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]***Dr.Pathan wishes with Good Day.
[Dear! Your beauty is a magnificent and magic. It combines head with sword to create life. It makes life lovely love. It has entered in my heart with all its colours and fragrance. Now, my soul is satisfied and I feel myself protected from hatred, discrimination and ego. Now, I believe that I am a human-being in all respects]
جا خوشبوء سندء روح هن وجود سندي،
جا تنھنجی صورت مورت ذاتي ۽ صفاتي،
امر بٹائيو عشق کي ھئ هٻڪاري حیاتي،
ملائي ٻن مان هڪ ڪيائين ڪنڌ ڪاتي,
سندء سونهن سرير ۾ جئ ۾ جھاتي پاتي,
لئون اسان لاتي, تو سان سرت سلام سان.
*************
SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY (14th March)
EVENTS:
1843: The Government of India announces to prepare Standards of three colours of Military Ribbon of India, inscribed with words ‘Hyderabad 1843’ to be presented to ‘Sindh Horse’ for defeating enemy in battle of Meanee.
1932: Under Section 16 of the Indian Criminal Law Amendment Act, 1908 (X1V of 1908), Congress Committees of Karachi and Nawabshah and their branches are declared unlawful.
1944: The Sindh Provincial Muslim League elects G.M.Syed as president and Syed Ghulam Hyder Shah of Mirpurkhas as General Secretary.
1951: Cash prize of Rs.5000 is announced by the Government for proving information regarding where about of Syed SajjadZaheer, the master mind of the Rawalpindi conspiracy.
1952: Urdu is and will remain official language in Sindh, says Khuhro, the president of Sindh Muslim League,
1954: Governor’s rule is imposed in East Pakistan.
1969: Moulana Moudoodi asks his party men to fight against menaces of Socialism.
1975: Z.A.Bhutto, the Prime Minister of Pakistan inaugurates Larkana Sugar Mills.
1977: PNA is on roads. Processions are taken out in various cities of Punjab.
SINDHI VERSION OF THE POST:
هاڻي کان ھڪ ڪلاڪ اڳ جڏهن ڪارئ رات ۾ ننڊ ۾ هئس ته خواب ۾ درياه باشاه سان ملاقات ٿي۔ سنڌوء ڏاڍو ڳالهايو,بلڪ ٻٺپيون ٻڌايائين۔ چيائين:
ميران محمد شاه اول ” چانڊوڪي رات ۾ درياه جو سئر“ جي عنوان سان هڪ هڪ مضمون لکيو هو,جيڪو تو درسي ڪتابن ۾ پڙهيو هوندو۔ غفلت جي ننڊ ۾ آهين, جڏهن سجاڳ ٿئين ته تون ”حالتن جي اونداهئ رات ۾ درياه جو سئر” جي عنوان سان هڪ مضمون لکجان, جيڪو ايندڙ دور جا نسل پڙهندا۔
درياء چڙ ۾ هئو ۽ چيائين ته :
حاجي حج تان موٽندو آهي, گهوٽ شادي ڪندو آهي يا ڪو مري ويندو آهي ته هن تي گل ورکا ڪيا ويندا آهن۔ مان نه حاجي آهيان ۽ نه ڪو گهوٽ آهيان۔ منهنجئ نڙئ تي ننهن آهي۔ مون مان ڪئنال ڪڍي مون کي بي موت ماريو پيو وڃي۔ اوهان منهنجي دوا نه ٿا ڪريو, پر لاش سمجهي مون تي گل پيا وجهو ۽ ميلا پيا ڪريو! اوهان منهنجئ ڪنڌئ تي اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو پيا ڪريو۔ پر جن اڳيان اوهان کي طاقت جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي, اوهان کي ٻرو ٿو ٿئي ته اتي طاقت جو مظاهرو ڪريو۔
سنڌ جي واقعاتي تاريخ.
*************
14.3.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل شڪارپور واري پنهنجي سفارڪار کي لکيو ته اهو اسان جو فيصلو آھي ته حيدرآبادي ميرن مان هرڪو ست لک روپيا شاه شجاع کي ڏن ڏين. جيئن ته مير رستم علي اسان سان سٺو هليو آهي, ان ڪري هن کان ايتري ڏن وٺڻ کان کيس معاف ڪيو آھي. پر تون هن سان ڳالهاء ته هو ڪيترو ڏن ڏيندو.
14.3.1839:
ڏکڻ سنڌ جي فرنگي سفارتڪار پاٽينجر اڄ ھڪ تفصيلي خط لکي پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌايو ته هن مير شير محمد سان ڳالهيون هلايون آھن. هن جو ديوان اچي يقين به ڏياري ٿو ته مير شير محمد فرنگين سان ياري رکڻ تي آماده آھي.
14.3.1843:
ڪمپني سرڪار فيصلو ڪيو ته ٽن رنگن واري فوجي ربن ٺھرائي ان تي ”حيدرآباد-1843“ لکرائي ”سنڌ هارس“ جي انهن فوجي سپاهين کي مانائتي نموني سان لڳايا ويندا, جن مياڻئ جي جنگ وڙھي. (فرنگي فوجي ڪرائي جا قاتل هئا, ان هوندي به سرڪار سندن قدر ڪيو. اسان ته هوشوء جي قبر به گم ڪري ڇڏي ۽ سنجيدگئ سان مياڻئ خواه دٻي جي شهيدن جي نالن جي لسٽ به ٺاهي سگهيا آھيون. اسان سنڌ دوست سڏائڻ ۾ ته فخر محسوس ڪريون ٿا, پر سنڌ جي تاريخ سان ويساه گهاتي ڪريون ٿا.
14.3.1932:
ڪراچئ ۽ نواب شاه ضلعن جي ڪانگريس ڪميٽين ۽ انهن جي ذيلي شاخن کي 1908 واري ڪرمنل لا امينڊمينٽ ايڪٽ X1V جي سيڪشن 16 هيٺ پابندي لڳائي وئي.
14.3.1944:
جي.ايم.سيد کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر ۽ ميرپور خاص واري سيد غلام حيدر شاه کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. (ياد رهي ته 1943 ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ مان ضورئ پاڪستان جي ٺھراء پاس ڪرائڻ کان پوء جي.ايم.سيد مسلم ليگ جو سگهارو اڳواڻ بڻجي ويو. اڄوڪئ چونڊ تي جي.ايم.سيد جي حريفن کيس تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ”سيد پرست“ جو الزام هڻي پروپيگنڊا ڪئي ته جي.ايم.سيد ”سنڌ مسلم ليگ“ کي ”سنڌ سيد ليگ“ بڻائي ڇڏيو آھي).
14.3.1951:
پاڪستان سرڪار اعلان ڪيو ته جيڪو ڪميونسٽ ليڊر سجاد ظھير جو پتو ڏيندو ته کيس پنج هزار روپيا انعام ڏبو. ( پاڪستاني وزير اعظم لياقت علي خان روس جي دعوت کي رد ڪري آمريڪا وڃي دوستي رکي ۽ آمريڪا کي راضي ڪرڻ لاء ملڪي ڪميونسٽ اڳواڻڻ خلاف سخت قدم کنيا. ”راولپنڊي سازش ڪيس“ ان ڪري ٺھيو)
14.3.1952:
سنڌ مسلم ليگ جي صدر محمد ايوب کهڙي چيو ته ”سنڌ جي سرڪاري زبان اردو آھي ۽ رهندي“.
14.3.1954:
اوڀر پاڪستان ۾ گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو. (سنڌ ۽ اوڀر پاڪستان کوڙ دفعا گورنر راڄ جا ڏينهن ڏٺا).
14.3.1969:
ذوالفقار علي ڀٽي عوامي همدردي ۽ ووٽن وٺڻ لاء اسلامي سوشلزم جو شوشو ڇوڙيو ته جماعت اسلامئ وارا مٿس ڏمرجي پيا. اڄ مولانا مودودئ پنهنجي پوئلڳن کي چيو ته سوشلزم کي روڪڻ لاء تيار ۽ هوشيار ٿيو.
14.3.1975:
ذوالفقار علي ڀٽي ”لاڙڪاڻه شگر مل“ جو افتتاح ڪيو (اها شگر مل هن کان پوء ٿيندڙ پاڪستاني حڪمرانن کي ”مرچن واري مل“ لڳي.
14.3.1977:
ملڪ ۾ سياسي ڌماچوڪڙي شروع ٿي ۽ پي.اين.اي وارا ڀٽو حڪومت خلاف روڊن رستن تي نڪري آيا.
*************
14 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
14 مارچ 1879ع مشهور سائنسدان البرٽ آئنسٽائينجي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1900ع صحافي ۽ ڪميونسٽ رهنما ڪامريڊ جمال الدين بخاري(احمد آباد / لاڙڪاڻو) جي پيدائش ٿي.
14 مارچ 1920ع شاعر لعل بن يوسف (حيدرآباد) جي ولادت ٿي.
14 مارچ 1922ع شاعر بردو سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1930ع شاعر ميرل جويو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1935ع آرٽسٽ دولت ٿانواڻي (شهدادپور / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1937ع ناليواري شاعر سرويچ سجاوليجو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1939ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1940ع شاعر شبير حاتف جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1943ع ليکڪ ٽيڪم ڀاوناڻي جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1946ع مذهبي اسڪالر ۽ سياستدان مولانا عزيز الله ٻوهيو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1965ع باليووڊ اداڪار عامر خان جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1976ع شاعر خادم سوڍڙ (ڪي اين شاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
14 مارچ 1979ع شاعر اعجاز قادر مهر جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1980ع شاعر راجا وسيم ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1985ع شاعر امتياز خاصخيلي (ٻيراڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1989ع شاعر هوش محمد درد ابڙو (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي.
14 مارچ 1990ع شاعر ۽ ايڊيٽر زاهد ڄامڙو جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
14 مارچ 1883ع فلاسافر، ماهر معاشيات، ماهر سماجيات، صحافي ۽ تاريخدان ڪارل مارڪسجو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1890ع ايسرداس پرمانند ديهانت ڪري ويو.
14 مارچ 1940ع ميان عبدالرحيم جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1954ع شاعر قادر بخش بشير جي وفات ٿي.
14 مارچ 1976ع مولوي قاضي دوست محمد جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 1987ع ليکڪ، اديب ۽ سياستدان پير علي محمد راشدي جو انتقال ٿيو.
14 مارچ 2010ع صحافي احمد علي خانجو انتقال ٿيو.
14 مارچ 2018ع عظيم سائنسدان اسٽيفن هاڪنگ وفات ڪري ويو.
Thursday, 12 March 2026
SINDH in history today (13th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY
{13th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
**********Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Paulo Coelho says that "Love is an untamed force. When we try to control it, it destroys us. When we try to imprison it, it enslaves us. When we try to understand it, it leaves us feeling lost and confused".But, we are a nation, that has nothing to do with human love and respect. We see beauty in ourselves only and love our own interests. We respect ego, hatred and discrimination. Human-being is Social animal, but we are animals and not social. We have lost ourselves and values]
بره بنا هئ بي رنگي دنيا ان ۾ ناهي رات يا ڪو ئي ڏينهن,
انا نفرت متڀيد جي جنڊ ۾ تن من روح جي پينهان پينهن,
وسن نہ هت وڏ-ڦڙا ڪي محبت مروت ماڻھپي جا مينهن,
گدڙ بہ ڏر تي شينهن, پر اسان بي همتا سونهن سلام سان.
************* EVENTS FROM SINDH HISTORY (13th March) By: Dr. Pathan
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چارلس نيپيئر اتر سنڌ ۾ خطرو محسوس ڪندي پنهنجي حڪومت کي آگاهي ڏني، هن بمبئي حڪومت کي خط لکي درخواست ڪئي ته فوج جي انفينٽري ڊويزن جون 2 ريجمينٽ موڪليون وڃن، جڏهن ته هڪ آرٽلري سکر موڪلي وڃي، هن اهو به چيو ته ڪراچي ۾ موجود نيول ڪمانڊرن سان رابطو ڪري انهن کي بندوقون ۽ بارود موڪليو وڃي.
** 1929ع ۾ اًڄوڪي تاريخ تي امروٽ ۾ اهم گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ مسجدن کي شهيد ڪيو پيو وڃي، اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي. واضح رهي ته ان دور ۾ ڪئنالن جي تعمير دوران رستي ۾ ايندڙ مسجدن کي شهيد ڪيو پئي ويو.
** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي پريزيڊينسي جي گورنر حيدرآباد ۽ نوابشاهه ضلعن جي ڪانگريس ڪاميٽين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو، بمبئي سرڪار اهو قدم انڊين ڪرمنل لا (ترميمي) ايڪٽ آف 1908ع جي قانون تحت کنيو.
** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ هاري ڪاميٽي جي گڏجاڻي ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي صدارت ۾ ٿي، گڏجاڻي ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ مان جاگيرداري نظام جو خاتمو آندو وڃي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي جوڊيشل ڪورٽ کي اپ گريڊ ڪري سنڌ چيف ڪورٽ بڻايو ويو.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جي 1300 اعليٰ ڪامورن کي وقت کان اڳ رٽائرڊ ڪيو ويو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت پي اين اي کي ڳالهين جي غير مشروط آڇ ڪئي، جنهن تي پي اي اي اڳواڻن چيو ته اهي ڳالهين لاءِ تيار آهن، پر مطالبا ساڳيا رکيا ويندا.
*************
ڏينهن 13 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
13 مارچ 1828ع مغربي محقق ۽ لطيف جي پارکو ڊاڪٽر ارنيسٽ ٽرمپجي جرمنيءَ ۾ پيدائش ٿي.
13 مارچ 1911ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ پبلشر ديو ساڀاڻي جي پيدائش ٿي.
13 مارچ 1918ع شاعر انيس مهيري (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1927ع شاعر ۽ گلوڪار پرشتم چاند (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1941ع صحافي عبدالغفار صديقي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1946ع شاعر تيرٿ چاندواڻي (حيدرآباد / جهونا ڳڙهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع قومپرست اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1955ع سگهڙ بشير ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 مارچ 1963ع ناليواري شاعر حليم باغي(روحل واء لڳ عمرڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1968ع صحافي نور حسين ڀٽي (ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي.
13 مارچ 1976ع سوشل ميڊيا ايڪٽيوسٽ، ليکڪ ۽ سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي باني محمد سليمان وساڻجو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
13 مارچ 1857ع بزرگ خواجه ناظم الدين جي وفات ٿي.
13 مارچ 1935ع غلام حسين فقير شيخ (شڪارپور / شيخ اياز جو والد) جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2007ع سينيئر صحافي احمد علي خانجو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2009ع فلمي اداڪار ڪيفي جو انتقال ٿيو.
13 مارچ 2016ع قومپرست سياستدان ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ جو انتقال ٿيو.
*************
Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Paulo Coelho says that "Love is an untamed force. When we try to control it, it destroys us. When we try to imprison it, it enslaves us. When we try to understand it, it leaves us feeling lost and confused".But, we are a nation, that has nothing to do with human love and respect. We see beauty in ourselves only and love our own interests. We respect ego, hatred and discrimination. Human-being is Social animal, but we are animals and not social. We have lost ourselves and values]
بره بنا هئ بي رنگي دنيا ان ۾ ناهي رات يا ڪو ئي ڏينهن,
انا نفرت متڀيد جي جنڊ ۾ تن من روح جي پينهان پينهن,
وسن نہ هت وڏ-ڦڙا ڪي محبت مروت ماڻھپي جا مينهن,
گدڙ بہ ڏر تي شينهن, پر اسان بي همتا سونهن سلام سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY
EVENTS:
1843: Charles Napier is feeling threat in northern Sindh. He has asked the Bombay Government to send two regiments of infantry and one of artillery to Sukkur. But, he is advised to contact Naval officers at Karachi to send guns and mortars.
1907: The British Empire League, Karachi branch celebrates its first anniversary. The function is presided over by its Vice President M.de.Web. New office-bearers for the next year are also elected on the occasion. The details of the meeting and the Karachi branch of British Empire League are available at Dr.Pathan`s website
1929: Soon after offering celebration of EidRamzan, a public meeting is held at Amrote and it is decided to launch movement for saving demolition of mosques during construction work of canals.
1932: The Governor of the Bombay Presidency declares Congress Committees of Hyderabad and Nawabshah Districts . This action is taken under Indian Criminal Law (Amendment) Act of 1908.
1934: Jageerdars of Sindh decides to hold ‘Sindh Zamindar and Jageerdar Conference’ in April at Hyderabad so as discuss the situation created by Sukkur Barrage.
1949: The Hari Committee in its meeting held at Hyderabad with HyderBuxJatoi in chair demands abolition of Jageerdari system in Sindh.
1952: Sindh Judicial court is upgraded as Chief Court.
1972: Thirteen hundred civilian officers are pre-maturely retired.
1977: PPP Government offers unconditional talks with PNA.
Wednesday, 11 March 2026
SINDH in history today (12th March) . By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******* Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. *****[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] **** Dr.Pathan wishes you Good Day. [None of us is Supernatural or subordinate. We are equal in all respects. Every body deserves love & beauty and respect & regards. Accept & respect all without discrimination. It is the real vision & wisdom, philosophy & ideology that we need] ماٹھو سمجھ ماٹھوء کي، ان کان مٿي نہ ھیٺ، عزت لائق ھر ڪو آدمي، چاھي محبت ۽ میٺ، وارو ملندو نیٺ، برھ برابرئ سرت سلام کي. ***** SINDH IN HISTORY TODAY (12th March) EVENTS: 1843: The Governor-General of India declares Sindh as the part of their Government of India. 1919: Sir W. Vincent moves consideration of Select Committee Report on Rowlaat Bill in Imperial Legislative Council. A hot debate starts, non-official Indians opposes the Bill in one voice. 1930: Gandhi starts his March to Mandvi to offer civil disobedience through violation of the provisions of the Salt Law. 1932: In Bombay Legislative Council, Sir Shahnawaz Bhutto opposes motion demanding Government to hold conference of the leaders of various parties to get feedback and guidance for the Round Table Conference and its Sub-Committees. 1935: Seth Haji Abdullah Haroon’s cut motion protesting against ‘repression in Balochistan’ is carried by the Bombay Legislative Council. 1936: The smaller states of Gujrat and Kathiwar wish to have confederation of their own instead of their amalgamation with larger Indian States. 1942: Public meetings arranged by the local branches of the Sindh Muslim league at Kambar, Dokri and Gatahar declare that they will not accept any move minus Pakistan. 1948: Karachi is declared as the capital of Pakistan. Kelat asks for three months to decide amalgamation with Pakistan. 1952: Joint Secretary, Department of Defense, Government of Pakistan, is appointed as first ever Chief Commissioner of Karachi. 1955: increasing of regional and international responsibilities have increased liabilities of our army, and we have to improve our professionalism, says Defense Minister General Ayub Khan. 1965: Faiz Ahmad Faiz is released from ShahiQila. 1972: Chief Martial Law Administrator Z.A.Bhutto issues Martial Law Regulation for implementation of Land Reforms. 1977: PNA demands resignation of Bhutto Government, dissolution of the Election Commission and formation of interim government. 1981: Pakistan Government agrees to release 55 prisoners demanded by the hijackers of PIA plane. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th March} & Good Wish By. Dr.Pathan. ***** I have been telling history to my people since last decade with new additions, updating and interpretations. It is Single man`s humble and unique work. ***** Dr.Pathan wishes you Good Day. [None of us is Supernatural or subordinate. We are equal in all respects. Every body deserves love & beauty and respect & regards. Accept & respect all without discrimination. It is the real vision & wisdom, philosophy & ideology that we need] ماٹھو سمجھ ماٹھوء کي، ان کان مٿي نہ ھیٺ، عزت لائق ھر ڪو آدمي، چاھي محبت ۽ میٺ، وارو ملندو نیٺ، برھ برابرئ سرت سلام کي. ***** ( 12 مارچ تي رونما ٿيندڙسنڌ جي تاريخ جا واقعا, ولادتون ۽ وفاتون) ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي گورنر جنرل سنڌ کي هندستاني حڪومت جو حصو قرار ڏئي ڇڏيو، هن ڄاڻايو ته سنڌ تي به هندستان جي حڪومت هوندي، واضح رهي ته ان وقت ۾ انگريزن سنڌ تي قبضو ڪري ورتو هو. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سر ڊبليو ونسيٽ روولاٽ بل بابت سليڪٽ ڪاميٽي جي رپورٽ تي نظرثاني لاءِ رٿ پيش ڪئي، امپيريل ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ان رٿ تي گرماگرم بحث ٿيو. ** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مهاتما گانڌي مانڊوي طرف مارچ شروع ڪيو، هن حڪومت خلاف سول نافرماني تحريڪ جو آغاز ڪيو هو، ان حوالي سان هن احتجاجي مارچ شروع ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ سر شاهنواز ڀٽو گول ميز ڪانفرنس ۽ ان جي سب ڪاميٽين بابت رهنمائي حاصل ڪرڻ لاءِ سڀني پارٽين جي اڳواڻن تي ٻڌل ڪانفرنس ڪوٺائڻ واري معاملي جي مخالفت ڪئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ بلوچستان جي معاملي بابت سيٺ حاجي عبدالله هارون جي رٿ پيش ڪئي وئي. ** 1936ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي گجرات ۽ ڪاٺياواڙ رياستن هندستان سان الحاق ڪري ڇڏيو. ** 1942ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ مسلم ليگ طرفان قمبر، ڏوڪري ۽ گٽهڙ ڳوٺ ۾ گڏجاڻيون ڪوٺايون ويون، جن ۾ اهو مطالبو ڪيو ويو ته مائنس پاڪستان واري ڪنهن به اڳڀرائي کي قبول نه ڪيو ويندو. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي کي ملڪ جي گادي جو شهر قرار ڏنو ويو، جڏهن ته قلات کي اهو چيو ويو ته پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ٽن مهينن جو وقت آهي، تيستائين حتمي فيصلو ڪيو وڃي. ** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي دفاع واري وزارت جي جوائنٽ سيڪريٽري کي پهريون ڀيرو ڪراچي جو چيف ڪمشنر مقرر ڪيو ويو. ** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري شاعر فيض احمد فيض کي شاهي قلعي مان گرفتار ڪيو ويو. ** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سول چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ذوالفقار علي ڀٽو زميني سڌارا آڻڻ لاءِ مارشل لا ريگيوليشن جاري ڪري ڇڏيو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان نيشنل الائنس (پي اين اي) مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت استعيفا ڏئي، اليڪشن ڪميشن کي ٽوڙيو وڃي ۽ غير جانبدار نگران حڪومت قائم ڪئي وڃي ***** 12مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 12 مارچ 1902ع ليکڪ چوهڙ مل هندوجا جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مارچ 1922ع اسڪالر محبوب علي چنا (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1924ع صوفي راڳ جي مشهور ڳائڻي بيگم فقيرياڻي جي پيدائش ٿي. 12 مارچ 1935ع شاعر جمال الدين جوڳي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1944ع شاعر ۽ اداڪار شيوا شمع بوداڻي (سکر / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1944ع ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نويس ۽ اديب غلام نبي مغلجو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1945ع ليکڪ ۽ آرٽسٽ قاضي خضر حيات (رتوديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مارچ 1958ع ليکڪ عاشق دادوي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1963ع شاعر رجب ٻگهيو (سيوهڻ) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1967ع صحافي ربنواز ڪمالاڻي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1972ع ليکڪ شمن لاشاري (واهي پانڌي) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مارچ 1981عليکڪ ملڪ وحيد (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 12 مارچ 1925ع صوفي فقير موهن لال آهوجاديهانت ڪري ويو. 12 مارچ 1992ع شاعر ۽ فنڪار حسين بخش خادمجو انتقال ٿيو. 12 مارچ 1993ع انقلابي ۽ باغي شاعر حبيب جالب جي وفات ٿي
Tuesday, 10 March 2026
SINDH in history today (11th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan)
{11th March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner]
**********
*************
11.3.1836:
پاٽينجر, جيڪو سفارتڪارئ سبب سنڌ ۾ موجود هو, تنهن اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌايو ته هن مير نور محمد خان سان نئين معاهدي تي ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي.
11.3.1839:
سنڌ ۾ موجود فرنگي سفارتڪارن کي اڄ ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل وڏو هدايت نامو موڪليو ته ميرن سان نرمئ بدران سختئ سان پيش اچو. ميرن جي ڪراچئ وارن سپاهين لنگرانداز ٿيڻ وقت اسان جي پاڻئ واري فوجي جهاز تي معمولي فائرنگ ڪري ناعاقبت انديشئ جو مظاهرو ڪيو. هو هدايتنامي ۾ وڌيڪ لکي ٿو ته اوهان ميرن کي ٻڌايو ته اسان ڪراچي فتح ڪئي آھي ۽ هاڻي هو اتي ڪو عمل ڪندا ته کين ڀوڳڻو پوندو. گورنر جنرل جو هدايت نامو تمام وڏو آھي ۽ ان ۾ ھن سنڌ ۾ موجود پنهنجن نمائندن کي 68 هدايتون ڪيون آھن.
11.3.1839:
ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل آڪلنڊ اڄ مير نور محمد ۽ ٻين ميرن ڏي ڪاوڙ ۾ خط لکيو ته اوهان اسان جي افغان حڪمت عملئ خلاف ڪم ڪري رهيا آهيو. سنڌي ماڻھن کي موقعو ملي ٿو ته اسان جي ماڻھن سان وڙھن ٿا. اوهان پنهنجي روين تي نظرثاني ڪريو.
11.3.1840:
معاهدي تي پنهنجا اعتراض ٻڌائڻ ۽ ٻين مسئلن تي وضاحتون ڏيڻ لاء ميرن پنهنجي طرفان سيد محمد جعفر شاه کي سفير وڪيل بڻائي ممبئئ موڪليو ته اتي فرنگي سرڪار سان وڃي ملي. هو ملي ته نه سگهيو, پر ميرن تي فرنگي سرڪار ڪاوڙجي پئي. ان تي ميرن معافي وٺي مامرو ختم ڪيو. ميرن جو ماڻهو پاڻ سڌو وڃڻ بدران سنڌ ۾ مقيم فرنگي سفارتڪار معرفت فرنگي سرڪار سان ملي ٿي سگهيو, پر سيد محمد جعفر شاه وڃي سڌو پاڻ ملڻ جي ڪوشش ڪئي هئي.
11.3.1850:
شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ گورنر جنرل طرفان خيرپور جي والئ مير علي مراد خان کي تحفا پهچايا. مير وري موٽ ۾ ھڪ گهوڙو ۽ هڪ اٺ سوکڙئ طور گورنر جنرل لاء ڪليڪٽر جي حوالي ڪيا. انهن جانورن کي حيدرآباد ۾ 2973 روپين ۾ وڪرو ڪري ڏوڪڙ سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرايا ويا.
11.3.1917:
سنڌ جي چوٿين صوبائي ڪانفرنس شڪارپور ۾ شروع ٿي. ڪانفرنس جو سمورو احول گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکيل آھي ۽ اتان پڙھي سگهجي ٿو. ياد رهي ته اهي ڪانفرنسون ڪراچئ, لاڙڪاڻي, جيڪب آباد ۽ سکر ۾ ٿيون. اهي هر سال ٿينديون هيون ۽ 1920 تائين ٿيون. انهن ۾ هندو توڙي مسلمان شريڪ ٿيندا هئا ۽ سنڌ جي مسئلن تي ويچار ونڊيندا هئا.
11.3.1923:
اٻاڙو ۾ اتان جي ”خلافت ڪميٽئ“ طرفان وڏو جلسو ٿيو, جنهن جي صدارت مولوئ علي شير ڪئي.
11.3.1945:
آل انڊيا مسلم ليگ سنڌ جي وڏي وزير کي استعيفا ڏئي, نئين ”گڏل حڪومت“ ٺاهڻ لاء چيو ۽ هن کي اهو تاڪيد به ڪيو ته مسلمانن کي ئي وزير طور کڻو, پر ڪو غير ليگي وزير نه کڻجو (سنڌ جا مسلمان سياستدان جو وڏو انگ فرمانبردائ ۽ مسلم ليگ جو پوئلڳ بڻجي چڪو هو ۽ ھنن پاڻ فيصلا ڪرڻ بدران ٻين جي فيصلن کي قبول ڪرڻ پسند ڪيو).
11.3.1952:
”سنڌ سڌار ليگ“ سرڪار کان مطالبو ڪيو ته سنڌئ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي بڻايو وڃي. (اسان سڌي ٻولئ کي تعليمي, تدريسي ۽ تاريخي حق وٺي ڏيڻ لاء شروع کان وٺي فقط بيان بازئ تي ئي ڀاڙيو آھي ۽ هڪ اڌ جلوس ڪڍي سمجهندا آھيون ته پنهنجو فرض پورو ڪيوسين).
11.3.1955:
سنڌ چيف ڪورٽ فيصلو ڏنو ته محمد ايوب کهڙي جي وڏي وزير طور ٿاڦيل مقرري غير قانوني آھي.
11.3.1971:
اسان جي حاڪمن جي حماقتن ڪري اوڀر پاڪستان جون حالتون ايتريون ته بگڙجي ويون, جو غير ملڪي ماڻھن اوڀر پاڪستان ڇڏڻ شروع ڪيو.
11.3.1977:
ڀٽو-مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي جي سڏ تي ملڪ ۾ جزوي هڙتال ٿي. انهئ اتحاد چونڊن جي نتيجن کي رد ڪيو ۽ حڪومت تي ڌانڌلئ جو الزام لڳايو. (ياد رهي ته صوبائي اسيمبلين جي چونڊ-نتيجن مطابق پنجاباسيمبلئجي 240 سيٽن مان پيلپز پارٽئ 232 سيٽون کٽيون هيون. سرحد ۾ 80 سيٽن مان 69, بلوچستان جي 40 سيٽن مان 34 سيٽون ۽ سنڌ مان سو فيصد سيٽون کٽيون).
11.3.1981:
پي.آء.اي جو جهاز ڀڄائيندڙن پاڪستان سرڪار کي 55 ماڻھن جي نالن جي لسٽ ڏئي, کين جيلن مان آزاد ڪرڻ ۽ ملڪ کان ٻاهر موڪلڻ جو مطالبو ڪيو.
11.3.1984:
ضياء الحق واضح ڪيو ته ملڪ ۾ مغربي جمهوريت جي قطعي گنجائش ڪانهي. هتي مذھبي سياست قائم ڪرڻ ڪريون پيا.
*************
11 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
11 مارچ 1898ع ليکڪ ۽ سياستدان ميران محمد شاهه جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1910ع سگهڙ لعل بخش چانڊيو جي پيدائش ٿي.
11 مارچ 1924ع فريڊم فائيٽر شهيد هيمون ڪالاڻي (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1935ع شاعر ڪوڏومل ڪوڏ جي ولادت ٿي.
11 مارچ 1943ع اسٽيج ڊائريڪٽر موهن مهرچنداڻي (دريا خان مري / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1951ع شاعر سمن ڌيرواڻي (راجڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1960ع شاعر مجبور ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1963ع ليکڪ نور راهوجو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1968ع شاعر جميل شهزاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1969ع ليکڪ ۽ سوشل ايڪٽوسٽ جامي چانڊيي جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1971ع شاعر زبير مسرور ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 مارچ 1980ع شاعر خادم ستاڻي (ستاڻي چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
11 مارچ 1712ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم فتح الله ڀٽي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1863ع سنڌ ۾مقرر برطانيه جي پوليٽيڪل ميجر اوترام جو انتقال ٿيو.
11 مارچ 1887ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر آخوند رحمت الله سانواڻي جو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 1993ع صداڪار ۽ براڊ ڪاسٽنگ جي اهم شخصيت ايم بي انصاريجو لاڏاڻو ٿيو.
11 مارچ 2013ع ناميارو راڳي غلام علي سنديلولاڏاڻو ڪري ويو
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Whoever cannot knock his/her own door for resolving his/her problems, will underestimate his/her own status, honour & dignity and will knock other doors. Whoever cannot and will not believe in his/her own beauty, will beg for love from everybody]
تون پاڻ نہ ڪرین داد فریاد، ان لاء در در پیو دانھین،
ایڏي نفرت تو کي پاڻ کان ! جو تون پاڻ نہ ٿو پرچائین،
قیدي انا نفرت جو ناھین، آھين سرت سونھن سلام پرین.
************
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Whoever cannot knock his/her own door for resolving his/her problems, will underestimate his/her own status, honour & dignity and will knock other doors. Whoever cannot and will not believe in his/her own beauty, will beg for love from everybody]
تون پاڻ نہ ڪرین داد فریاد، ان لاء در در پیو دانھین،
ایڏي نفرت تو کي پاڻ کان ! جو تون پاڻ نہ ٿو پرچائین،
قیدي انا نفرت جو ناھین، آھين سرت سونھن سلام پرین.
************
EVENTS from history:
1836: Colonel Pottenger, Political Agent of the Government of India, in Sindh, informs his Government that he has discussed the Draft of new treaty with Mir Noor Muhammad Khan.
1850: On behalf of Governor-General of India, presents are made to His Highness Mir Ali Murad Khan by the Collector of Shikarpur and on this occasion a horse and camel is presented to the Governor-General by His Highness and is received by the Collector. Presents given by His Highness were sold in Rs.2973 at Hyderabad and amount was deposited in Government Treasury.
1917: 4th Sindh Provincial Conference starts at Shikarpur. It is the great political event in the political history of Shikarpur. Hindus and Muslims are with one Agenda to serve Sindh and her people. Details of this Conference are available on our website
1923: It is Sunday today and a big public meeting is held at Ubaoro with Moulvi Ali Sher in chair. The function is organized by the local branch of Khilafat Committee so as to create political awareness.
1931: Addressing a gathering of students at the Arabic College, New Delhi, Mrs.Sarojini Naidu referring to the Muslim demand for safeguards, says that it shows that Muslims were weak and afraid of other communities. This is an entirely erroneous idea. Muslims with their culture and traditions, courage and virility could never be weak.
1945: The Central Parliamentary Board of the All-India Muslim League calls upon the Sindh Premier to tender the resignation of the whole cabinet and to reconstitute a Coalition Ministry in which there should not be any Muslim who is not a Muslim Leaguer.
1952: The ‘Sindh Sudhar League’ demands Sindhi as an official language.
1955: Sindh Chief court declares appointment of AyubKhuhro as illegal.
1969: Political Pandits doubts about imposition of Martial Law and beginning of destruction.
1971: Foreign nationals start leaving East Pakistan due to critical political situation.
1981: Hijackers of a PIA plane give list of 55 persons , to be released from Pakistani prisons.
1984: No room for Western Democracy in Pakistan, declares Zia-ul-Haq. As an Agenda is being set for Talibanization.
Subscribe to:
Comments (Atom)













