Friday, 27 February 2026
SINDH in history today (28th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali.************************************** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th February} & My Good Day Wish.
*****
سڄڻ سائين! اسان ڌارين جي دشمنئ جو ذڪر ته زور شور سان ڪيون ٿا, پر جئ ۾ جهاتي پائي اهو نه ڏسڻ چاهيون ته ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻيڻ سان ڪيترو ظلم ڪيو آھي. اسان جي ڪيترن دانشورن ۽ سياستدانن ”ڊرل ماسٽرن“ اسان کي پنهنجين ضرورتن موجب ”رائيٽٽرن“, ”ليفٽ ٽرن“ ۽ ”ابائوٽ ٽرن“ پئي ڪرائي آھي. اسان سنڌي ماڻھن کي انهن يارن ”شخصيت پرستئ“ جا درس پئي ڏنا آھن. جڏهن اها شخصيت مري ٿي وڃي ته پوء وري قبر پرستي ٿا ڪرائن.
تاريخ هنن جيان ڌوڪا نه ڏيندي آھي, پر سچ واٽ ”ڏيکاريندي آھي. اچو ته اها پڙھون:
** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر اسسٽنٽ ريزيڊنٽ ليفٽيننٽ ايسٽ وڪ ڪمانڊر ان چيف آف آرمي سر جون ڪين کي ٻڌايو ته سندس سربراهي ۾ سنڌ ۾ آيل فوجي اهلڪارن کان سنڌي ماڻهو ڦرلٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته کائڻ جي مختلف شين ۽ جنسن جون قيمتون تمام گهڻيون وڌايون ويون آهن، ان ڪري اسان کي اهي جنسون ۽ شيون خريد ڪرڻ ۾ ڏکيائي ٿي رهي آهي.
1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي انگريز حڪومت فيصلو ڪيو ته سڀني سرڪاري کاتن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن کي سنڌي ٻولي جو امتحان لازمي پاس ڪرڻو پوندو ۽ اهو به فيصلو ٿيو ته انهن ملازمن کان سندن پوسٽنگ وارن شعبن بابت به پڇيو ويندو.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي جي خلافت ڪاميٽي 450 رپين جو چندو گڏ ڪيو ۽ سنڌ خلافت ڪاميٽي جي اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايو.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هوم رول ليگ تنظيم جي حيدرآباد شاخ جا عهديدار چونڊيا ويا، ناليواري ليکڪ ڄيٺمل پرسرام کي صدر چونڊيو ويو، جڏهن ته ٻولچند ڪوڏومل سيڪريٽري، سنتداس منگت راءِ، هيرانند سنتوڪ رام ۽ ڪيول رام ديارام کي مئنيجنگ ڪاميٽي جو ميمبر چونڊيو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد هاشم گزدر ڪٽوتي جي رٿ پيش ڪئي، هن ڄاڻايو ته سکر بئراج جي فالتو سامان ۽ مشنري جي وڪري لاءِ رکيل عملي کي 63 هزار 825 رپيا ڏيڻ بدران کين فارغ ڪيو وڃي، انهيءَ رٿ جي شيخ عبدالمجيد سنڌي، سيد ميران محمد شاهه، محمد ايوب کهڙي، خانبهادر الهه بخش سومرو ۽ سنڌ جي ٻين ميمبرن حمايت ڪئي، جنهن کانپوءِ ايوان ۾ انهيءَ رٿ تي ووٽنگ ڪرائي وئي، 39 ميمبرن رٿ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته رڳو 25 ميمبرن حمايت ۾ ووٽ ڏنو، جنهن ڪري اها رٿ ناڪام ٿي وئي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي نوابشاهه ڪانگريس ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي صدارت مولوي محمد معاذ ڪئي، سالياني گڏجاڻي ۾ نوان عهديدار چونڊيا ويا.
**1943ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بزم مشاعره ۽ سنڌي سڌار سوسائٽي طرفان مشاعرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ناليوارن شاعرن شرڪت ڪئي، هن تقريب کي بعد ۾ اديب سنڌ نالي اخبار ۾ ڇاپيو ويو.
******
اڄوڪي ڏينهن 28 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
28 فيبروري 1928ع شاعر مسرور ڪافي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي .
28 فيبروري 1928ع ليکڪ علي محمد راهمون جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1931ع ليکڪ ڊاڪٽر عزيز الرحمان ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1932ع شاعر محمد عيدن ناز ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1949ع ناليواري اداڪار صلاح الدين تنيو جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1953ع اسڪالر خدا بخش ميربحر (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1957ع شاعر اقبال احمد اقبال جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1965ع صحافي، ڪهاڻيڪار ۽ ويب انجنيئر زاهد ميراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
28 فيبروري 1983ع شاعر ادنى ضياء مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
28 فيبروري 1974ع صحافي ۽ سياستدان حاجي شاهنواز پيرزادي جو انتقال ٿيو.
28 فيبروري 2013ع ڀلوڙ شاعر حميد شهيد هالائي انتقال ڪري ويو۔
28 فيبروري 2016ع شاعره، ليکڪا ۽ سنڌي ادبي سنگت جي عورت جوائنٽ سيڪريٽري پروفيسر آپا مهر النساءَ لاڙڪ لاڏاڻو ڪري وئي.
1.Dr.Pathan wishes you Good Day
[Be trustworthy, you will avail hope and trust. Be sincere and dedicated, you will get love and respect. Give something, you will receive a lot in return. Get rid of ego, hatred and discrimination, you will get peace of mind. Be kind, you will find beauty before you]
جي اٿئي اعتبار, عشق ۽ آدم سندو احترام،
تان سک سڪون سندء روح وجود لاء انعام،
انا, نفرت ۽ متڀید تو لاء بٹجي پوندا حرام،
سدا ايندء پوء آرام، سرت, سونھن سلام مان.
SINDH IN HISTORY TODAY (28th February)
28th February
BIRTH DATES
Masroor Kaifi (Karachi/Poet/1928), Dr. Aziz-u-Raman Bughio (Karani/Scholar/1931), Muhammad Edan ‘Naz’ (Darvesh Naich/Poet/1932), Fazul Karim ‘Ada’ (Poet/1939), Salah-u-din Tunio (Dhani Bux/Artist/1949), Dr.Khuda Bux Mirbahar (Dadloi/Agriculyural Scientist/1953), Iqbal Ahmad ‘Iqbal’ (Poet/1957), Majid Rahi (Larkano/Poet/1982), ‘Adna’ Zia Mahesar (Muhammad Arif Mahesar/Poet/1983).
DEATH DATES
Shaikh Nooh Bakhri (Religious Scholar/1238), Haji Shahnawaz Pirzado (Kandyaro/Journalist & Politician/1974), Rawal Pahore (Hyderabad/Politician/1990).
EVENTS
1839: Lieutenant Eastwick, Assistant Resident in Sindh informs Sir John Keane, Commander-in-Chief of the army of the Indus that that the army in his (Eastwick) command had been plundered by Sindhi people and the price of commodities had been kept so high that the camp followers were unable to purchase sufficient grain.
1922: The Larkana Khilafat Committee collects and deposits with Sindh Khilafat Committee the donation of Rs.450/
1923: Hyderabad branch of the Home Rule League elects office-bearers. Eminent writer Jethmal Parsram is elected as the president. Whereas Boolchand Kodomal is elected Secretary. Santdas Mangatrai, Hiranand Santokram and Kewalram Dayaram are elected as members of the Managing Committee.
1934: Muhammad Hashim Gazdar, in the Bombay Legislative Council, moves cut- motion to omit Rs.63,825 earmarked for the staff which is looking after and trying to sell Sukkur barrage machinery that is now unnecessary. Mr.Gazdar, Shaikh Abdul Majeed, Syed Miran Muhammad Shah, Muhammad Ayub Khuhro, K.B.Allah Bux , Sindh members and several members of the nationalist benches deplores continuation of expenditure on the staff which the government gave an undertaking to disband last year. Cut-motion is defeated by 39 against 25 votes.
1939: Moulvi Muhammad Muaz presides over the annual meeting of the Nawabshah Congress Committee. The election for new office-bearers is held on this occasion also.
1943: The Bazim-i- Mushaera and Sindhi Sudhar Society held literary and poetic sitting. The contribution of poets presented on this occasion was published in the Adeeb-i-Sindh, later on.
Thursday, 26 February 2026
SINDH in history today (27th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali.****** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th February} & Good Day Wish.
چو ته تاريخ جو مطالعو ڪريون:
** 1857ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي حڪومت سنڌ ۾ ريلوي جي پٽڙي
وڇائڻ ۽ ٻيڙي سروس تي ڪم شروع ڪري ڏنو، سنڌ جي ڪمشنر
کي چيو ويو ته هو سنڌو درياءَ ۾ فيري سروس هلائڻ جي حوالي سان قدم کڻي.
** 1884ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان نڪرندڙ اخبار
”سنڌ گزيٽ“ جنهن جو نالو بعد ۾ روزاني گزيٽ رکيو ويو،
ان پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ بمبئي حڪومت جي سنڌ جي ترقياتي
رٿائن خاص طور تي پورٽ، اسٽيم ٽرام وي بابت بيحسي واري
رويي جي مذمت ڪئي، اهڙي تنقيد کانپوءِ آهستي آهستي اها
راءِ قائم ٿي ته سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسي کان ڌار ٿيڻ گهرجي.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي سوشل سروس ليگ نالي
جماعت جي مئنيجنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾
اهو فيصلو ڪيو ويو ته تعليم کاتي جي اختيارين کي ٺهراءُ موڪليو
ويندو ته سنڌي ٻولي کي بي اي ۽ ايم اي جي امتحانن ۾ ٻيو
نمبر ٻولي طور لاڳو ڪيو وڃي، جيئن گجراتي،
مراٺي ۽ ٻين ٻولين کي لاڳو ڪيو ويو آهي.
** 1944ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻي ۾ سنڌي سڌار سوسائٽي
۽ بزم مشاعره طرفان ادبي تقريب ۽ مشاعرو ڪرايو ويو،
جنهن جي صدارت مولانا علي انور ڪئي،
هن ادبي پروگرام ۾ وڏي تعداد ۾ سنڌي اديبن ۽ شاعرن شرڪت ڪئي.
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اينٽي قادياني موومينٽ جي
ايڪشن ڪاميٽي جي 11 ميمبرن مطالبو ڪيو ته سر
ظفرالله خان کي وزارت مان هٽايو وڃي.
** 1967ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ايوب خان
جي ڪنوينشن مسلم ليگ کان الڳ ٿيڻ جو فيصلو ڪيو،
هن هڪ نئين عوامي پارٽي ٺاهڻ تي غور ويچار ڪيو،
جنهن کانپوءِ هن اڳتي هلي پاڪستان پيپلزپارٽي جو قيام عمل ۾ آندو.
** 1989ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم بينظير ڀٽو افغانستان
جي حوالي سان چيو ته اتان جي نگران حڪومت کي تسليم ڪرڻ
جو معاملو وقت کان اڳ جي ڳالهه آهي، ان معاملي تي اڳتي هلي غور ڪيو ويندو.
** 1991ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي چين پاڪستان کي ايٽمي پاور
پلانٽ فراهم ڪرڻ جي تصديق ڪئي
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[My Heart! Do not be disappointed if you find empty minds without vision & wisdom of human-love & respect. Be happy that you hate hatred and love beauty. Share it without discrimination]
منجھ نہ من موڳو نہ ٿي، جي مروت محبت ماٹھن ۾ ناھي،
تو وٽ سا جي سرس سرت، سونھن ۽ سچائي سان آھي،
تون افسوس ۽ انا جا بت ڊاھي، متڀید بنا ونڊ سلامن سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (27th FEBRUARY)
27th February
BIRTH DATES
1. Baba Shankardas (Karachi > Ajmir/saint/ birth 27th February 1900),
2. Sobhraj ‘Fani’ (Poet & Freedom Fighter/ birth 27th February 1883),
3. Asan Sabuldas Larkano/Saint/ birth 27th February 1922),
4. Dhani Bux Channo (Post Mehar/Folklore Poet/ birth 27th February 1930),
5. Saqib Ketvi b(Keti Bandar/Poet/ birth 27th February 1943),
6. Muhammad Soomar Chonno (Mehar Vesar/Folklore Poet/ birth 27th February 1945),
7. Riazat Buriro (Kambar/Writer/ birth 27th February 1970).
27th February
DEATH DATES
1. Akhtar Halai (Poet/ death 27th February 1959),
2. Moulana Din Muhammad ‘Adeeb’ Ferozshahi (Religious Scholar, Poet & Freedom Fighter/ death 27th February 1973).
EVENT
27th February
1846: Gowher Khan Nizamai is granted Sannad of Jageer of his father Talu Khan who died in October 1844.
1857: The Government of Bombay is taking steps for Railway communication and Boat service. The Sindh Commissioner is requested to take measures for investigating on the subject of boat traffic on the Indus.
1884: The Karachi Paper, Sindh Gazette (Later on known as the Daily Gazette) in its editorial condemns the apathy and lukewarm response of the Bombay Government to development schemes of Sindh pertaining to Port, the Steam Tramway etc. Such type of criticism by local and vocal press paves way for formation of opinion to get rid of Bombay presidency.
1922: The meeting of the Managing Committee of the ‘Karachi Social Service League’ it is resolve to send resolution to educational authorities demanding that ‘ the Sindhi language be recognized as a Second Language for B.A and M.A Degree Examinations in the same way as Gujrati, Marathi and Kanares are recognized’.
1944: Moulana Ali Anwar presides over literary and poetic sitting organized by Sindhi Sudhar Society and Bazim Mushara at Larkano.
1953: Eleven members of the Action Committee of the Anti-Qadyani Movement demand removal of Sir Zafarullah Khan from ministry.
1967: Z.A.Bhutto decides to quit Conventional Muslim League and intends to form his own political party.
1989: Recognition of interim Afghan Government would be premature, says Benazir Bhutto.
1991: China confirms the supply of nuclear power plant to Pakistan.
Tuesday, 24 February 2026
SINDH in history today (25th February). By. Dr.Pathan & Mumtaz
اوهان لاء اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو۔
**********************
اچو ته 25 فيبرورئ جي حوالي سان ڪن واقعن بابت غور فڪر ڪريون:
1835 اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار کي رپورٽ موڪلي ته افغاني بادشاهه شاهه شجاع الملڪ حيدرآباد پهتو آهي، جنهن تي ٽالپر حڪمرانن پنهنجو ردعمل پڻ ظاهر ڪيو آهي.اهي شجاع الملڪ جي اچڻ تي ايترا خوش ناهن.
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار ڪيپٽن پريڊي ۽ ڪرنل بليو جي هدايتن تي سيٺ نائومل سردار صاحب خان ڇٽو سان رابطو ڪيو ته جيئن انگريزن جي مال ملڪيت جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
** 1844ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندستان جي انگريز سرڪار خيرپور رياست ۾ پنهنجي عملدارن جي رهائش لاءِ برٽش ريزيڊنسي منصوبي لاءِ 1500 رپيا منظور ڪيا.
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خيرپور جي هزهائنس مير علي مراد خان ٽالپر بابت معاملي جي جاچ لاءِ انگريز حڪومت سنڌ جي ڪمشنر، اپر سنڌ فرنٽيئر جي پوليٽيڪل سپرنٽينڊنٽ ميجر جيڪب ۽ ڪاٺياواڙ جي پوليٽيڪل ايجنٽ ميجر لينگ تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي ڇڏي، مير علي مراد تي اهو ڪوڙو الزام لڳايو ويو هو ته هن معاهدي ۾ پنهنجي طرفان ڪيتريون ئي تبديليون ڪري ڇڏيون آهن.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ سنڌ نيشنل بئنڪ جو قيام عمل ۾ آندو ويو، جنهن جي شروعاتي سيڙپ 10 لک رپيا هئي، بئنڪ جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز ۾ ڀائي سوڀراج جهمٽ مل، مکي گوبندرام پريتمداس، ڀائي گوبندرام هسارام، مکي بيگو مل هوتچند، ڀائي هسو مل چيلارام، ڀائي ڪدومل بصرمل، ٻولچند چنديرام واسواڻي، ڀائي جئرام داس گرداسمل، هوتچند گوپلداس ۽ تهليرام بصرمل شامل هئا.
** 1938ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ ڊيموڪريٽڪ ڪوليشن پارٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي سر غلام حسين هدايت الله جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي 11 ميمبرن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙي وئي.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حوالي سان خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ رهندڙ سڀني شهرين کي برابر حق ملندا، اقليتن سان پڻ ٻين شهرين وانگر ورتاءُ ڪيو ويندو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو ويسٽ پاڪستان جي ايم اين ايز کي ايسٽ پاڪستان جي شهر ڍاڪا ۾ 3 مارچ تي اسيمبلي جي سڏايل اجلاس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، هن چيو ته اجلاس ملتوي ڪيو ويندو.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Dear! Look at me with your inner eyes, and not with eyes of others. You will realize and believe that there is no difference, but distance between you & me. Peep into your heart. It is full of eternal beauty, love & peace, and it is very much needed by me and my society ]
گھرجي نظر سندء اندر جي، نرمل ! نیٹن سان نہ نھار،
سوچن لوچن ساھ سریر ۾ ، تون ڏس تہ کٹي هڪوار،
دوست دليئون ڪين ڌڪار، آھي ان پار سونهن سلام جي.
*************.
SINDH IN HISTORY TODAY (25th FEBRUARY)
25th February
BIRTH DATES
1. Kishinchand ‘Bewas’ (Larkano/Poet/ birth 25th February 1885),
2. Kumari Satio Malkani (Hyderabad/Educationist/ birth 25th February 1927),
3. K.C.Mohan (Hyderabad/Freedom Fighter/ birth 25th February 1929),
4. Sushelo Panjwani (Sukkur > Mumbai/Actor/ birth 25th February 1939),
5. Akram Borrai (borri/Poet/ birth 25th February 1936),
6. Aijaz Mangi (Journalist/ birth 25th February 1965),
7. Abdul Ghaffar Ghanghro (Writer/ birth 25th February 1967),
8. Munawar Dayo (Matiari/Journalist/ birth 25th February 1976),
9. ‘Ajiz’ Ashiq Tunio (Loung Tunio/Poet/ birth 25th February 1981),
10. Nandlal Menghwar (Misri Shah/Poet/ birth 25th February 1984).
25th February
DEATH DATES
1. Dr.Jemi Sethna (Freedom Fighter/ death 23th February 1935),
2. Muhammad Hashim Gazdar (Karachi/Politician, Ex-Minister Sindh/ death 23th February 1965),
3. Nazar Lakhani (Wada Lakha/Poet/ death 23th February 2007).
EVENT
25th February
1835: Colonel Pottenger informs his Government that on arrival of Shah Shuja-ul-Mulk at Hyderabad, Mirs with relations and children paid their respect to him and gave presents to him.
1843: on behalf and instructions of Captain Preedy and Colonel Bileau, Seth Naumal approaches Sardar Sahib Khan Chhuto of Shah Bilawal to help Government in ensuring the protection of property and life of people.
1844: Rs.1, 500 are sanctioned by the Government for the construction of the British Residency in Khairpur State.
1849: His Highness Mir Ali Murad Khan ruler of Khairpur, who remained trustworthy friend of the British Government of India and kept himself away from happenings in Hyderabad/Lower Sindh regarding intrigues of British to usurp Sindh, is blamed by the British Government for making interpolations and additions in the treaty of ‘Noornihar’ between Mir Rustam Khan and Mir Naseer Khan. Today, the Governor of Bombay issues instructions to the Sindh Commissioner that Government would not agree with Sindh Commissioner in his suggestion that Mir Ali Murad Khan be pronounced guilty of the charge of forgery, however, the Government appoints a Committee composed of Commissioner, Major Jacob (Political Superintendent of Upper Sindh Frontier) and Major Lang (Political Agent of Kathiawar) to investigate the matter.
1935: ‘The Sindh National Bank Limited’ is established at Hyderabad with Rs. One million as its Capital investment. Its Board of Directors consists of Bhai Sobhraj Jhamatmal, Mukhi Gobindram Pritamdas; Bhai Gobindram Hasaram; Mukhi Bagomal Hotchand; Bhai Hasomal Chelaram, Bhani Kudomal Basarmal; Bulchand Chandiram Wasvani; Bhai Jeramdas Gurdasmal; Hotchand Gopaldas and Tahlram Basarmal.
1938: Sir Ghulam Hussain Hidayatullah presides over the meeting of ‘Democratic Coalition Party’. It is attended by 11 members including K.B. Muhammad Ayub Khuhro and Haji Amir Ali Lahori. The Finance Bill is discussed at length.
1945: ‘Bazim-i-Mushaera’ of Larkano arranges Poetic Sitting. It is organized by Qadri Family of poets and poetry presented on the occasion is published in the Journal ‘Adeeb Sindh’ latter on.
1947: While defining the attitude towards the minorities, Muhammad Ali Jinnah says in Karachi that ‘the minorities to whichever community they belong must be treated fairly and justly and that every effort should be made by majority community to create in them a sense of security and confidence.’
1971: Z.A.Bhutto threatens to physically thrash those MNAs from West Pakistan who would go to Dhaka to attend the 3rd March session. Suggest that National Assembly session be postponed or time limit for constitution making be removed.
Monday, 23 February 2026
SINDH in history today (24th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th February} & My Good Day Wish for YOU.
*************
*****
24 فيبرورئ جي حوالي سان
ڪي اهم واقعا
*************
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي، آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
*************
ڏينهن 24 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
*************
جنم ڏينهن:
24 فيبروري 1304ع مشهور مسلمان سياح ابنِ بطوطهجي مراڪش ۾ پيدائش ٿي.
24 فيبروري 1940ع ليکڪ مظهر قريشي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1971ع ليکڪ فيروز اختر جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1976ع ليکڪ فيروز ڪلهوڙي جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1981ع ڪرڪيٽر محمد سميع جو جنم ڏينهن آهي.
24 فيبروري 1985ع شاعر ناشاد احسان ملاح (نندو) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
24 فيبروري 1943ع شاعر نواب غلام حيدر لغاري جي وفات ٿي.
24 فيبروري 2005ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر محمد صالح گوپانگ جو انتقال ٿيو.
24 فيبروري 2018ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره سري ديوي جي وفات ٿي
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love]
دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي،
ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي،
گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي،
سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،
پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،
لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان.
*************SINDH IN HISTORY TODAY (24th FEBRUARY)
24th February
BIRTH DATES
1. Moulvi Abdul Hai Marfani Chandio (Drigh Soomar Khan Chandio/Founder of Shah Latif College of Kambar and father of Jami Chandio/ birth 24th February 1927),
2. Mazhar Qureshi (Jonani/writer/ birth 24th February 1940),
3. Feroz Akhtar (Baharpur/Poet/ birth 24th February 1971),
4. Feroz Kalhoro/Sardar Shah/Writer/ birth 24th February 1976).
24th February
DEATH DATES
1. Nawab Ghulam Hyder Laghari (Tando Tajpur/Poet/ death 24th February 1943)
EVENT
24th February
1916: The process of political awakening has started in Sindh and people have started making their concepts about the ‘Leadership’. Today Advocate Khemchand Gopaldas delivers lecture on the topic of the ‘Wanted a leader’. It is organized by the NGO of Karachi.
1922: The Weekly ‘Sindh Zamindar’ is founded in Sukkur. The motive behind starting of this paper is to damage the political cause of the Khilafat Movement, block the way of Daily Al-Waheed to propagate political awakening and make the masses to believe and observe loyalty of the British. In its last days, Sindh Zamindar helped the Muslim League in propagating its cause for Pakistan. Its founder editor was Master Abdul Wahab and Ahmad Ali Aleg, Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, pir Husammudin Shah Rashdi;Agha Nazar Ali; Moulvi abdul Ghafoor Sitai; Dur Muhammad Awesi and Hafiz Khair Muhammad Odhi remained its editors.
1923: A public meeting is held at village Drigh Bala of Taluka Johi by the local branch of Khilafat Committee. Moulvi Din Muhammad and others speak on the occasion and advise people to take part in politics religiously.
1945: The Ministry/Government of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah is defeated in the session of the Sindh Legislative Assembly. The move is made by G.M.Syed.
1946: The Convention of the Sindh Coalition Party is held at Sunn.
1954: ‘The Baghdad Pact’ is signed by Pakistan, Turkey and Iran.
1960: The Federal cabinet decides to name new capital of Pakistan as “Islamabad’.
1971: Shaikh Mujeeb rules out question of adjustment on 6-points, however assures fair and at par treatment for West Pakistan.
1979: The court starts hearing of the review petition. Yahya Bakhtyar pleads the reduction of sentence for Z.A.Bhutto in Muhammad Ahmad case on the basis of split decision.
1986: Zia rejects opposition demand for mid-term polls and vacating COAS post.
Sunday, 22 February 2026
SINDH in history today (23rd February). By. Dr.Pathan & his son Mumtazz
Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz SINDH IN HISTORY TODAY (23rd February) & Good Day Wish by Dr.Pathan. TODAY {23rd February} & My Good Wish for YOU.
*************
اچو ته تاريخ جا ورق ورايون:
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بمبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۾ ايس ايس تولاڻي جو خانگي بل پيش ڪيو ويو، جيڪو سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽس ايڪٽ ۾ ترميم جو بل هو، سنڌ جي سڀني ميمبرن بل جي مخالفت ڪئي، بل ۾ اهو ڄاڻايو ويو هو ته آخري اپيل جو اختيار ڪمشنر کان واپس وٺي ڊسٽرڪٽ جج کي ڏنو ويندو، سر غلام حسين هدايت الله پڻ انهيءَ بل جي سخت مخالفت ڪئي.
** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا اينٽي ڪميونل ايوارڊ ڪانفرنس نئين دهلي ۾ شروع ٿي، سنڌ مان لالچند نول راءِ ۽ ڀائي پرمانند شرڪت ڪئي، ڪانفرنس ۾ ڪميونل ايوارڊ ۽ انڊيا بل کي رد ڪيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته سڄي هندستان ۾ احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
** 1939ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي خانبهادر الهه بخش سومرو جي ڪابينا ۾ شامل ٻن وزيرن نچلداس ۽ ڏيئل مل استعيفائون پيش ڪري ڇڏيون.
** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي محمد علي جناح ڪراچي ۾ اهو اعلان ڪيو ته مسلم ليگ پاڪستان جي معاملي تي پنهنجي موقف کان هڪ انچ به پوئتي نه هٽندي، هندستان ۾ 10 ڪروڙن کان وڌيڪ مسلمان رهن ٿا ۽ اتي انهن جي قربانين کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي، ان ڪري اسان جو مطالبو آهي ته مسلمانن لاءِ الگ پاڪستان رياست قائم ڪئي وڃي.
** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستاني پارليامينٽ جو اجلاس ڪراچي ۾ شروع ٿيو، جنهن جي صدارت گورنر جنرل قائداعظم محمد علي جناح ڪئي، اجلاس ۾ مولوي تميز الدين کي پارليامينٽ جو نائب صدر چونڊيو ويو، ايوان ۾ مهاتما گانڌي جي قتل تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان ڍاڪا ۾ اٽڪل 50 لک ماڻهن جي وڏي ميڙ کي خطاب ڪندي مطالبو ڪيو ته ون يونٽ واري معاملي تي ريفرنڊم ڪرايو وڃي ۽ سڌي ريت خودمختيار پارليامينٽ جي چونڊ ڪئي وڃي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو صدر ايوب خان طرفان مليل هلال پاڪستان جو اعزاز احتجاج طور واپس ڪري ڇڏيو.
** 1978ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي غلام مصطفيٰ جتوئي بينظير ڀٽو کي پيپلزپارٽي جي چيئرپرسن بڻائڻ واري فيصلي جي مخالفت ڪئي.
** 1983ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي جي ويسٽ واري علائقي ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو ۽ فوج ڪنٽرول سنڀالي ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي.
*************
ڏينهن 23فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
*************
جنم ڏينهن:
23 فيبروري 1931ع شاعر ضياء الحق اسلم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 فيبروري 1950ع اداڪار ۽ ڊانسر جئي سري نر سنگهاڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
23 فيبروري 1964ع سگهڙ پناهه علي عرف رب رکيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 فيبروري 1989ع شاعر عبدالله آس هنڱورجو جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
23 فيبروري 1831ع بزرگ فيض الله شاهه جيلاني (گهوٽڪي) جو لاڏاڻو ٿيو.
23 فيبروري 1950ع شاعر غلام احمد نظامي جو انتقال ٿيو.
23 فيبروري 1969ع دلين تي راڄ ڪندڙ اداڪاره مڌوبالا جو انتقال ٿيو.
23 فيبروري 2008ع ناليواري براڊڪاسٽر محمد انور هڪڙو لاڏاڻو ڪري ويو.
23 فيبروري 2015ع سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج رٽائرڊ جسٽس ڀڳوانداس
ديهانت ڪري ويو.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Is it not amazing that everybody claims to be the most beautiful and wisest one in the world, and in spite that he/she is in problem and is problem himself/herself?. It is because, we expect & demand for ourselves, but regret to love & respect and give & forgive others]
بکیو ھر ڪو ھت برہ جو، پر سڀ ڪو حسن عقل- ڌٹي،
ڪجه بہ ایئن ناھي ملٹو، جي نہ قبوليون ڳڻ اوڳڻ گڏ کٹي،
پوءِ ڇو ڪجي نہ ھنڌ ھٹي، معافيءَ تلافيءَ دعا سلام سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (23th FEBRUARY)
23th February
BIRTH DATES
1. Bedn Powel (Founder of Scouting/ birth 23th February 1887),
2. Zia-ul-Haq ‘Aslam’ (Mai Shahil/Poet/ birth 23th February 1931),
3. Jaisheri Narsinghani (Ahmadabad/Dancer & writer/ birth 23th February 1950),
4. Panah Ali alies Rab Rakhio (Mengho Faqir Shar/Folklore Poet/ birth 23th February 1964).
23th February
DEATH DATES
Fazul-ullah Shah Jilani (Ghotki/Saint/ death 23th February 1831)
EVENT
23th February
1912: The NGO ‘Arya Young Men’s Association’ of Karachi arranges Religious Debate on the topic of ‘the evils of flesh eating’.
1934: The Bombay Legislative Council takes up non-official Bill of S.S.Tolani to amend the ‘Sindh Encumbered Estates Act’. It is lost after a considerable discussion. All members from Sindh oppose the bill and speeches generally followed communal lines. The Bill was intended to shift the final appellate power in suits from Commissioner to the District Judge. Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, leader of the House vehemently opposes the bill.
1935: All India Anti-Communal Award Conference starts in New Delhi. Lalchand Nawalrai and Bhai Parmanad participate. Both are from Sindh.
1939: Two Hindu Ministers – Nihchaldas and Dealmal- of K.B.Allah Bux Soomro’s ministry tender their resignation.
1947: M.A.Jinnah declares at Karachi that ‘ the Muslim League will not yield an inch in their demand for Pakistan. Whatever the Hindu may do, we shall ever remain generous and good to all. Our demand is just and is the only way to liberate the ten crores of Muslims in India. The sacrifices that the Muslims have undergone elsewhere only show more clearly that we have a separate State of Pakistan’.
1948: The first session of the Pakistan Parliament begins with the Governor-General of Pakistan in chair. Moulvi Tamizuddin Khan is elected Dy. President of the Parliament. The House mourns the death of Gandhi.
1965: U.S Defense Secretary Mc.Namara accuses China of trying to drive a wedge between Pakistan and U.S.A.
1969: Shaikh Mujeeb, while addressing a half million people in Dhaka demands directly elected sovereign parliament and referendum on One-Unit.
Bhutto renounces his ‘Hilai-i-Pakistan’ title awarded to him by Ayub Khan.
1978: Rais Ghulam Mustafa Jatoi opposes Benazir Bhutto’s chairpersonship of PPP.
1983: Curfew is imposed in Karachi District West and army takes over area.
Saturday, 21 February 2026
SINDH in history today (22nd February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
22 جنورئ جي تاريخ آھي ۽ ان جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علئ ان جو ترجمو ڪيو آھي. ڪوشش اها رهندي ته سج اڀريئي کان اڳ يا ستت پوء هئ خدمت محبت سميت اوهان جي خدمت ۾ پهچي. شام کان اڳ ”سنڌ جي تاريخ تصويرن/سلائيڊن ۾“ ۽ شام کان پوء وري سنڌ جي تاريخ تي ”وڊيو ٽاڪ“ اوهان سان ونڊبا.
*****
22nd January
SINDH in history today & my Good Day Wish
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
اڄ 22 جنورئ آھي ۽ آئون دعائون, سلام ۽ نيڪ تمنائون کڻي اوهانجي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. ٽن سالن کان روز اوهان کي سنڌ جي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيندو ٿو اچان. ساڳيون ڳالهيون ورجائي ور ور ڏئي نه ٿو ٻڌايان. پر اڳ ٻڌايل ڳالهين ۾ اضافا ۽ واڌارا به ڪندو ٿو رهان. ڪنهن خاص تاريخ جي حوالي سان واقعا ڳولهڻ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات ڏيڻ ڪو آسان ڪم ڪونهي. پر سنڌ جي عشق ۽ اوهان جي عقيدت ۾ هي ڏکيو ڪم به مون کي آسان لڳي ٿو. اوهان جي تاريخ آھي. دل لڳائي پڙھو ۽ هنئين سان لڳايو. ان ۾ اسان لاء کوڙ سارا پيغام موجود آھن:
**************
22.1.1843:
نيپيئر امام ڳڙھ جو قلعو ڊاهڻ کان پوء پنهنجي فوجي طاقت ۽ ڏاڍ جي زور تي سنڌ جي ميرن کي خيرپور ۾ گهرايو, جن آئوٽرام سان نئين معاهدي تي ڪانفرنس ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ ٿيل ڳالهين جو رڪارڊ سنڌ جي سياسي تاريخ جو هڪ اهم رڪارڊ آھي. اهو گل حيات ۾ موجود آھن
22.1.1843:
نيپيئر پير ابوبڪر کان پنهنجي گورنر کي مراسلو موڪلي ٻڌائي ٿو ته مون امام ڳڙه کان موٽي هتي پهتو آھيان ۽ هاڻي حيدرآباد وڃڻ لاء سانڀاها آھن. ھن پاسي واري ٿر کان انڊيا وڃڻ جو رستو ڳولهڻ لاء مون هڪ ليفٽيننٽ ڪم سان لڳايو آھي. کيس ٽي سنڌي گهوڙيسوار به ڏنا اٿم. انھن گهڙيسوارن مان هر هڪ کي چار آنا ڏهاڙي ڏبي. ليفٽيننٽ کي ڏهاڙي چار روپيا ڏبا ۽ ان جي اجازت ڏيو.
22.1.1844:
سرڪار کي خيال ٿيو ته شڪارپور جي پراڻي قلعي کي ڊاهي يا ان ۾ ڦير گهير آڻي "سول جيل" ٺھرائجي. سنڌ جي گورنر نيپيئر اڄ مرڪزي فرنگي سرڪار کان اهڙي اجازت گهري ۽ سرڪار کي ٻڌايو ته چار بيرڪون ٺھرائبيون ۽ هڪ هڪ بيرڪ ۾ 50 قيدي رکي سگهبا.
22.1.1897:
ڪراچئ ۾ ٿياسافيڪل سوسائٽي قائم ڪئي وئي.
22.1.1928:
نارائڻداس آنند جي صدارت ۾ ڪراچي ڪانگريس جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ سوامي گوندانند, محمد خان, سيٺ حاجي عبدالله هارون, پروفيسر جهمٽمل, شيخ عبدالمجيد, مير محمد بلوچ, آر.ڪي.سڌوا ۽ نرسنگ لال شرڪت ڪئي. گڏجاڻئ ۾ 23 فيبرورئ تي "سائمن ڪميشن" خلاف احتجاج ڪرڻ بابت حڪمت عملي تيار ڪئي وئي.
سائمن ڪميشن ھندستان ۾ آئيني سڌارن آڻڻ لاء ڏيهي سياستدانن سان ڳالھ ٻوله ڪرڻ لاء انگلنڊ کان اچي رهي هئي. جيئن ته انھئ ڪميشن ۾ ڪنهن ڏيهي سياستدان کي ميمبر نه ڪيو ويو هو, ان ڪري سياسي پارٽين فيصلو ڪيو ته انھئ ڪميشن خلاف احتجاج ڪيو ويندو.
22.1.1965:
ڀٽو, پاڪستان جو اهو واحد پرڏيهي وزير هو, جنهن ڪشمير جي مسئلي تي گهڻو ڳالهايو. هن ڪشمير جي مسئلي تي سياست ڪئي ۽ ان جي ڏڍ تي پنجاب خواه فوج ۾ نالو ڪمايو. اڄ انھئ مسئلي تي اقوم متحده جي جنرل اسيمبلئ ۾ زوردار تقرير ڪري, انڊيا تي ڪشميرين جا حق ڦٻائڻ جي ڳالھ ڪيائين. شملا معاهي کان پوء ڪشمير بابت سندس حڪمت عملئ تي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت آھي.
22.1.1969:
ايوب-شاهئ خلاف عوام جي غصي ۾ ڪمي ڪانه آئي. مغربي خواه مشرقي پاڪستان جي اڪثر وڏن شھرن ۾ سياسي ڪاڪنن ۽ پوليس جي اک ٻوٽ جاري رهي.
22.1.1971:
پاڪستان ۾ ٻولئ بابت وڳوڙن ۾ پاڪستان جي ابتدائي دور پهريون بنگالي گوء کڻي ويا ۽ مادري ٻولئ لاء جان قربان ڪرڻ جا مثال قائم ڪيائون. ملڪ ٽٽڻ ۽ ڀٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ کان پوء پناهگيرن اسيمبلئ مان پاس ڪيل سنڌي ٻولئ واري بل کي گلين ۽ گهٽين ۾ رد ڪري ڏيکاريو. رئيس امروهئ جهڙي مشھور شاعر قطعو لکي ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ باه ٻاري ڏيکاري. ٻولئ جي مسئلي تي پناهگير مزاحمت تي لھي آيا ۽ اسان سنڌي دفاعي حڪمت عملي اختيار ڪري ويٺاسين. اڄ حيدرآباد ۾ لساني وڳوڙ ٿيا. فوج کي گهرايو ويو ۽ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا.
22.1.1992:
اڄ ”ائنٽي ڪالاباغ ڊيم فرنٽ“ قائم ٿيو. افضل خان, جيڪو قومي اسيمبلئ ۾ مخالف ڌر جو ڊپٽي ليڊر هو, سو ھن فرنٽ جو ڪنوينر ٿيو. فرنٽ ٺاهڻ وارن ۾ رسول بخش پليجو, عبداحفيظ پيرزادو, لطيف آفريدي ۽ فتحياب علي خان شامل هئا.
***************
{22 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
22 جنوري 1263ع مشهور عالم دين ابنِ تيمه جي شام ۾ پيدائش ٿي.
22 جنوري 1888ع عالم دين پير آغا عبدالله جان سرهنديجي ۾ پيدائش ٿي.
22 جنوري 1901ع گلوڪاره جيوڻي ٻائئ جو جنم ڏينهن آهي. سندس وفات به 22 جنورئ تي ٿي هئي.
22 جنوري 1905ع مذهبي اسڪالر پير محمد هاشم جان سرهندئ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
22 جنوري 1916ع شاعر داغ ٽکڙائي جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1921ع سماج سڌارڪ موٽو مل چترامل جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1922ع شاعر ۽ افسانا نگار ڪشور پهوجا جيوڻ (جيڪب آباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1935ع شاعر سڪايل پهنور جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1941ع گلوڪاره انيتا جئيسنگهاڻي (حيدرآباد / احمدآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1959ع گلوڪاره ۽ ڊانسرگيتا چندناڻي (لکنئو) جو جنم ڏينهن آهي.
22 جنوري 1962ع شاعر عاجز عبدالله ٻگهيو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
22 جنوري 1942ع سماجي ۽ سياسي شخصيت سيد ٻڍل شاهه(نوابشاهه) جو انتقال ٿيو.
22 جنوري 1942 تي جيوڻي ٻائئ جي وفات ٿي.
22 جنوري 1973ع مذهبي اسڪالر مولانا ثناء الله سنگهر جو انتقال ٿيو.
22 جنوري 2002ع اسڪالر ۽ لوڪ ادب جي ماهر شيخ محمد اسماعيل جو انتقال ٿيو.
22 جنوري 2004ع اديب ۽ انفارميشن کاتي جو عملدار نصرت حسين ابڙوجي وفات ٿي.
***************
1. Good Day Wish:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Eyes are of no use, if heart is blind and not able to see beauty & love. If heart is chained in doubts and misunderstandings, than soul cannot feel free.If vision & wisdom to take care of personal interest, it cannot be understood that a single moment passed in human respect, service and love is better than centuries of piousness]
دید نہ پئي جي دل سندي، پوء ڪبو ڪاڏي اکین جو نور؟
روح ڀلا ڪیئن راضي پاضي، جي من ماٹھوء جو مجبور؟
امرت-ڌارا پیار جو پور، گھٹو سرور سرت سونھن سلام ۾.
2. Events from history:
1844: Sindh Governor sends plan and proposal to the Governor – General for converting the old fort of Shikarpur into jail and request for permission to erect four ranges of Barracks, each sufficient to accommodate 50 prisoners.
1897: The Karachi Theosophical Society is chartered. It paved way for starting of Home Rule League in Sindh that dominated Sindh politics for long time.
1928: Naraindas Anandji presides over the meeting of Karachi Congress. It is decided to observe strike on 3rd of February to protest against Simon Commission. The meeting is attended by Swami Govindanand, Muhammad Khan; seth Haji Abdullah Haroon, Prof. Jhamatmal; Manilal Viyas; Shaikh Abdul Majeed; Mir Muhammad Baloch; R.K.Sidhwa and Narsinghlal.
1965: Foreign Minister of Pakistan, Z.A.Butto speaking in U.N. General Assembly charges India with increasing repression in Kashmir. Also meets Secretary General to apprise him of the situation.
1966: Pakistan and India arrive at an agreement over a plan of disengagement along with border.
1968: Pakistan denies reports that it is interested in forming security arrangements in the Persian Gulf area to fill the gap created by U.K’s withdrawal.
1969: Police – mob clashes continue in all major cities of East and West Pakistan. People are on roads to restore democracy in the country.
1992: APC demands for national government. Meeting is held in Karachi.
1994: Kazi Hussain Ahmad quits as Chief of JI due to criticism from old guards of the party.
Friday, 20 February 2026
SINDH in history today (21st February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali.
SINDH IN HISTORY TODAY (21st February) & Good Day Wish By. Dr.Pathan. By: Dr. Dur Muhammad Pathan
** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين ليجسليٽو اسيمبلي جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي مان چونڊيل ميمبر لالچند نول راءِ ريلوي بورڊ خلاف ميمبر مترا جي رٿ جي حمايت ڪئي.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان ساڌو ڪالاڻي جي ايڊيٽر شپ ۾ هفتيوار اخبار ”سنڌ واسي“ جي شروعات ٿي وئي.
** 1935ع ۾اڄوڪي تاريخ تي لاڙڪاڻو ڊسٽرڪٽ لوڪل بورڊ جي گڏجاڻي نبي بخش خان ڀٽو جي صدارت ۾ ٿي، جنهن ۾ محمد صديق وڳڻ، قادر بخش تنيو، الهداد تنيو، پير بخش کهاوڙ، فقير محمد انڙ، عبدالهادي ٻگهيو، پرڀداس تولاڻي، احمد خان ڀٽو، فريدالدين جتوئي، حسن علي اسراڻ، علي گوهر لاهوري، گوگلداس ۽ عبدالحق ڀٽو شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سر شاهنواز ڀٽو جي لاڙڪاڻي آمد جي موقعي تي کيس آجياڻو ڏنو ويندو.
** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ليجسليٽو اسيمبلي جي ڪانگريس ميمبر موهن داس دولترام خانبهادر الهه بخش سومرو خلاف عدم اعتماد جي رٿ پيش ڪئي.
** 1952ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ احتجاج دوران اٽڪل 36 شاگرد مارجي ويا، اهو احتجاج بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏيڻ خلاف ڪيو ويو، ايسٽ پاڪستان اسيمبلي بنگالي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پڻ پاس ڪيو هو پر پوءِ به وفاقي حڪومت بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو نه ڏنو، جنهن ڪري پرتشدد احتجاج شروع ٿي ويا.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آئين ساز اسيمبلي اهو فيصلو ڪيو ته ڪراچي تيستائين وفاقي گادي وارو شهر برقرار رهندو، جيستائين پارليامينٽ ڪو فيصلو نٿي ڪري.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر ايوب خان ريڊيو تي قوم کي خطاب ڪندي اعلان ڪيو ته هو ايندڙ اليڪشن ۾ حصو نه وٺندو ۽ اقتدار جي منتقلي جو عمل پرامن نموني مڪمل ڪندو.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايم آر ڊي مطالبو ڪيو ته جنرل ضياءُالحق فوري طور استعيفيٰ ڏئي هليو وڃي، جڏهن ته ملڪ ۾ آمريت خلاف 23 مارچ تي سڄي ملڪ ۾ عام هڙتال جو سڏ پڻ ڏنو ويو. اڄوڪي ڏينهن 21 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 فيبروري 1857ع شاعر، سماج سڌار ۽ سياستدان شمس الدين بلبل ( ميهڙ) جي پيدائش ٿي.
21 فيبروري 1886ع هالا جي بزرگ شخصيت مخدوم غلام محمد جو جنم ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1904ع ليکڪ ۽ صحافي پرڀداس برهمچاري (نوشهرو فيروز) جو جنم ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1924ع ليکڪ آتم رام لالواڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1930ع ناليواري قانوندان، اديب، مفڪر ۽ سياستدان رسول بخش پليجو جي پيدائش ٿي.
21 فيبروري 1951ع فلم ڊائريڪٽر سيد نور جو جنم ڏينهن آهي.
21 فيبروري 1956ع شاعر عنايت ميمڻ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1965ع صحافي خادم حسين شيخ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1970ع شاعر محمد علي سهتو (صدر جون ڀٽيون) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1980ع ليکڪ خالد سعيد پهنور (مڪلي) جو جنم ڏينهن آهي۔
21 فيبروري 1980ع ليکڪ جمال ساگر گهانگهرو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي۔
وڇوڙو:
21 فيبروري 1870ع شاعر ۽ ملٽري آفيسر ٽالپر رياست سردار نواب احمد خان لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.
21 فيبروري 1934ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ايسر داس منسوخاڻي ديهانت ڪري ويو.
21 فيبروري 1977ع صحافي مقبول ڀٽي جي وفات ٿي.
21 فيبروري 1958ع ناليوارو مفڪر، عالم دين ۽ سياستدان مولانا ابوالڪلام آزاد دهليء ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
21 فيبروري 1959ع شاعر امام الدين ضامن جو لاڏاڻو ٿيو.
21 فيبروري 1981ع شاعر عبدالله خواب جو انتقال ٿيو.
21 فيبروري 1985ع شاعر اظهر ريلائي جو انتقال ٿيو.
21 فيبروري 2000ع موسيقار امداد حسين جو انتقال ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day.
[I have been advocating and following your vision & wisdom based upon your beauty and my love since centuries. In spite of that I remain encircled with sorrows & longings. Dear! Tell me, where is the fault and why is it?]
ساري دنیا چئي ۽ دل چئي، تنھنجو مان آھیان،
تنھنجئ سرت ۽ سونھن کي، وڏي وٿ ڀائیان،
ڪنڌ ڪپائي سیس نمائي، بار بره جو لاھیان،
پر سور سڏایان، سڪان صدین کان سلام لاء
SINDH IN HISTORY TODAY (21st February)
21st February
BIRTH DATES
Hazrat Makhdoom Nooh (Religious Scholar, Saint and founder of Dargah Hala/21th of Ramzan 911 A.H=1506/), Shamisuddin ‘Bulbil’ (Mehar/Freedom Fighter, Journalist & Poet/1857), Makhdoom Ghulam Muhammad hole (Hala/Saint/1886),Pibhdas Brihamchari (Naushero Feroz > Ajmir/Freedom Fighter & Journalist/1904), Atmaram Lalwani (Writer/1924), Inayat Memon (Larkano/Writer/1956), Khadim Hussain Shaikh (Kadhan/Journalist/1965), Muhammad Ali Sahto (Sadar Joon Bhatyoon/Poet/1970), Khalid Saeed Panhwar (Makli/Writer/1980), Jamal Saghar Ghanghro (Sukkur/Writer/1988).
DEATH DATES.
Syed Mubarak Shah Sani (Ghotki/Saint/1858), Sardar Nawab Ahmad Khan Laghari (Diplomat of Talpur Era/1870), Essardas Munsukhani (Karachi/Politics/1934), Maqbool Bhatti (Journalist & Writer/1977), Abdullah ‘Khuwab’ (Hyderabad/Poet/1981), Azhar Relai (Dargah Pir Rakhyal Shah/Poet/1985).
EVENTS
1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Allahabad Dhakhan of Taluka Dadu and Moulvi Haji Abdullah, Rais Arz Muhammad and Mulla Abdul Majid are elected President, Secretary and Treasurer respectively.
1933: In the session of the Indian Legislative Assembly Lalchand Nawalrai of Larkano supported Mr. Mitra’s plea against the Railway Board whose uselessness was proved by the fact that any complaint made against Railway administration was referred to Railway Agents.
1934: Weekly ‘Sindhwasi’ is founded in Sukkur under the editorship of Sadhu Kalani.
1935: The Quarterly meeting of the Larkano District Local Board is held under the presidency of Nabi Bux Khan Bhutto and it is attended by Muhammad Sidik Wagan, Qadir Bux Tunio; Allahdad Tunio; Pir Bux Khuhawar; Faqir Muhammad Unar; Abdul Hadi Bughio; Pirbhdas Tolani; Ahmad Khan Bhutto; Diwan Bhojraj; Fariduddin Jatoi; Hassan Ali Isran; Ali Gohar Lahori ; Gokaldas and Abdul Haq Bhutto. The Board decides to present an Address to Sir Shahnawaz Bhutto on the eve of his Larkano visit.
1940: The Congress member of the Sindh Legislative Assembly, Mr . Mohandas Doulatram brings No-Confidence Motion against K.B.Allah Bux , the Premier of Sindh, in the Assembly.
1952: Thirty-Six students are killed in East Pakistan protesting the rejection of Bengali as one of Pakistan’s national languages. The East Pakistan Assembly passes resolution favoring Bengali as official language.
1956: The Constituent Assembly of Pakistan decides that Karachi will continue to be the Federal Capital till such time as Parliament by law decides the area of the Federal Capital.
1969: The President Ayub, while addressing the Pakistani nation on Radio announces not to contest next elections and promises peaceful transfer of power.
1972: PPP sweeps polls for women seats in all the provincial assemblies.
1978: Sectarian clash during Milad-ul-Nabi (P.B.U.H) procession leave eight dead in Karachi.
1981: MRD demands Gen.Zia’s resignation and announces General Strike on 23rd of March.
Wednesday, 18 February 2026
SINDH in history today (19th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th February} & My Good Wish for YOU. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali
************
*******
واقعاتي تاريخ
*************
19.2.1968:
رڻ ڪڇ جي مالڪئ تي پاڪستان ۽ انڊيا وچ ۾ جنگي جهڙپون به ٿيون, پر ٻنهي ملڪن مسئلي جي حل لاء ”انٽرنئشنل آربيٽرل ٽريبيونل“ ۾ ڪيس ڪيو. انهئ ٽرابيونل پاڪستان کي رڻ ڪڇ جي اتر واري حصي ۾ ساڍا ٽي سو هم چورس ميل ڏنا. پاڪستان جي گهر ساڍا ٽيه هزار چورس ميلن جي هئي. (ياد رهي ته ٽرابينل جو فيصلو ۽ بحث ڪن وڏن جلدن تي مشتمل آھي ۽ گل حيات کان سواء سنڌ جي ڪنهن لائبررئ ۾ موجود ڪونهي).
19.2.1969:
ڀٽي, ڀاشانئ ۽ ڪجھ ٻين سياستدانن فيصلو ڪيو ته هو انهئ رائونڊ ٽيبل ڪانفرنس ۾ شامل نه ٿيندا, جيڪا ايوب-حڪومت سان سياسي مونجهارن بابت ويهي ويچاريندي.
19.2.1974:
لاهور ۾ ٻن ڏينهن واري مسلمان ملڪن جي پرڏيهي وزيرن واري ڪانفرنس شروع ٿي.
19.2.1982:
اڄ ڪابل طرف کان پاڪستان ۾ قائم ٿيل افغاني مهاجرن جي ڪئمپ تي بم وسايا ويا.
19.2.1989:
پاڪستان ۾ قائم ٿيل ”افغان سپريم ڪائونسل“ فيصلو ڪيو ته افغانستان ۾ جيڪا عبوري حڪومت جوڙي ٿي وڃي, اها انجنيئر احمد خان جي سربراهئ ۾ قائم ڪجي.
19.2.1996:
ڪراچئ ۾ دهشتگردن هٿان ٿيل هنگامي ۾ 7 بيگناه ماڻھون ماريا ويا.
************
19 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
19 فيبروري 1879ع ليکڪ ۽ تعليمي ماهر جڳت راءِ ايسرداس (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر پرمانند جيسرام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1919ع گلوڪار ۽ شاعر هريرام پهوجا (جيڪب آباد / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1949ع سياستدان ۽ عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ اسفنند يار ولي جو جنم ڏينهن آهي.
19 فيبروري 1951ع مذهبي اسڪالر علامه طاهرالقادري جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
19 فيبروري 1952ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪن مولانا محمد علي جوڻيجو جي وفات ٿي.
19 فيبروري 1974ع ليکڪ ۽ فريڊم فائيٽر نارائڻ داس ملڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو.
19 فيبروري 1998ع پاڪستان جي 450 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪندڙ فلمي اداڪار آغا طالش جو انتقال ٿيو.
19 فيبروري 2008ع ليکڪ، صحافي رام ڪرشن هيرانند راهي بمبئي ۾ ديهانت ڪري ويو.
19 فيبروري 2015ع ليکڪ، ماهر تعليم ۽ سنڌي لغت سائل ڪوش جوڙيندڙ پروفيسر سترامداس سائل جڙيا سنگهاڻي احمد آباد ۾ ديهانت ڪري ويو.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Though, my dear is different and not difficult, but distance and differences have made everything difficult. I accepted her/him as a human-being, but he/she is always behaving like an Angel. Whereas, angels never believe in human contacts, connections and relations. Therefore, dear can't dare to listen, understand and accept me. Reciprocation is not in his/her nature. Again and again I have to make him/her believe that he/she is love & beauty, but have found him/her abiding by hatred and discrimination.]
جن کي سمجهيوسين ماڻھون سي تان نڪتا فرشتا,
خبر ڪهڙي فرشتن کي تہ آھن ڇا روح سندا رشتا,
ان لاء سمجهن ڪو نہ سپرين سور پنهنجا سربستا,
پرين ڪو نہ پرتا, تان جو ڪياسين سلام سرت سان.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (19th February)
19th February
BIRTH DATES
Jagatrai Essardas (Hyderabad/Educationist & Writer/1879),
Parmanand Jesaram (Kanya Kalhora > Ajmir/Educationist/1916),
Hariram Pahoja (Jacobabad> Indore/Poet & Singer/1919).
DEATH DATES
Moulvi Muhammad Ali Junijo (Ghumori/ Religious Scholar & Freedom Fighter/1952),
Naraindas Malkani (Hyderabad/Freedom Fighter & Writer/1974)
EVENTS
1847; The Collector of Hyderabad is directed by the Sindh Government to resolve the issue of Boundary line between Hyderabad Collect orate and Khairpur state and it should be kept in mind that land is exchanged on equal terms of produce.
1915: It was proposed by Moulana Obedullah Sindhi to revolt against British Government throughout united India, on this date. He sent that secret message and was disclosed to the police in Punjab. With the result that Moulana Muhammad Sadiq of Khada was arrested and was sentenced to rigorous imprisonment. So many other peoples were also arrested. This initiate is known as ‘Tahreek Reshmi Roomal’ in the history of our Freedom Movement.
1935: ‘Anti-Separation Conference’ is held at Hyderabad. But, it was too late now. Muslim Upper Class has won the political game and Sindh as to be separated from the Bombay Presidency.
1974: The Governor of Punjab, keeping in view the possibility of outbreak of communal violence, promulgates an ordinance to empower the Punjab Government to deal with communalists with Iron hand.
1954: Treaty of Friendship is signed between Turkey and Pakistan. Both countries will cooperate in spheres of politics, economics and culture.
1968: International Arbitral Tribunal awards to Pakistan 350 square miles against claim over 3500 square miles in the north part of the disputed Rann Jo Kutch.
1974: Two-day Islamic Foreign Ministers Conference begins in Lahore.
1996: Seven are killed in Karachi violence
Monday, 16 February 2026
Sindh in history today (17th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Dur Muhammad Pathanand Translator his son Mumtaz Ali.
SINDH IN HISTORY TODAY (17th February) & Good Day Wish by Dr.Pathan SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th February} & My Good Wish.
*************
تاريخ جو نياپو:
تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ ۽ سنڌين ماضئ ۾ ٻه دفعا اهڙا اهڙا لوڏا کاڌا, جو وري پاڻ سنڀالئ انھئ حيثيت کي حاصل ڪري نه سگهيا. پهريون دفعو مهين جي تباهي ۽ ٻيو دفعو ميرن جي انگريزن هٿان شڪست.
مهين جي دڙي کان اڳ مهين جي تهذيب ايترو ته وڏي اوج تي هئي جو جنھن جو مثال دنيا جون تهذيبن جي تاريخ مان نه ٿو ملي. هن حادثي اسان کي اهڙو ڪاپاري ڌڪ ھنيو, اڄ تائين پاڻ سنڀالي نه سگهيا آھيون. اهو ئي سبب آھي جو سنڌي ماڻھون سائنس, ٽيڪنالاجئ ۽ هر علم ۾ ڪو وڏو ڪارنامو سرانجام ڏئي نه سگهيو آھي. اهڙئ ريت 17 فيبرورئ 1834 تي اسان کي دائمي غلامئ جا زنجير ڳچين ۾ وڌا ويا ۽ جن کي اسان پيرن جا گهنگهرو بڻائي اڄ به نچندا رهون ٿا.
اڄ 17 فيبروري آھي. اهو سنڌ جي تاريخ جو هڪ تاريڪ ڏينھن آھي. شايد ڪيترن کي ياد به نه هجي. پر تاريخ اسان کي اهڙيون يادگيريون ڏياريندي آھي. اچو ڏسو ته اڄ تاريخ اسان کي ڇا ٿي ياد ڏياري.
*************
توجھ طلب واقعا
*************
17.2.1832:
پاٽينجر جيڪو ميرن سان معاهدو ڪرڻ لاء سنڌ آيل هئو, سو اڄ خط لکي پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد ۾ عوام هن جي خلاف پيو سوچي ۽ سندن رويو مون سان درست ناهي. ان ڪري مير مراد علئ صلاح ڏني آھي ته ڪڇ موٽي وڃ. هن منھنجي حفاظت جو ڪم احمد خان ۽ بخش علئ کي سونپيو آھي ۽ چئي ٿو ته جيڪڏهن خيرپور وڃڻو اٿئي ته اهي تو سان گڏ هلندا.
17.2.1835:
سنڌي عملدارن کي جڏهن فرنگي سفارتڪارن جي نيتن تي شڪ ڪيو ته اهي لکپڙھ جي حوالي سان فرنگين کي موٽ ڏيڻ ۾ رخنو وجهڻ لڳا. اها ڳالھ محسوس ڪندي پاٽينجر پنهنجي عملي کي چيو ته جيڪڏهن ميرن سان لکپڙھ يا رابطو قائم ڪرڻ گهرو ته اهو ڪم منشي ڄيٺانند معرفت ڪريو. ان سان ڪنهن ڪم ۾ اجائي دير نه لڳندي.
پاٽينجر ميرن سان "انڊس ٽول ٽريٽي" (سنڌو ندئ ذريعي واپاري سامان موڪلڻ تي لڳندڙ معاضي بابت ٺاه) ممبئي سرڪار کي موڪلي ڏنو ته جيئن اها مختلف زبانن ۾ سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪري ته جيئن واپارين کي پتو پئي.
17.2.1843:
مياڻئ وٽ نيپيئر اره زورائي ڪري ميرن مٿان جنگ مڙهي. مير نصير خان جي اڳواڻئ ۾ حيدرآبادي حڪمرانن حڪومت ۽ ملڪ بچائڻ جي ڪوشش ڪئي مگر ان ۾ ناڪام ويا. ميرن کي شڪست ملي ۽ نڀاڳو نيپيئر ڪامياب ويو.
17.2.1947:
اسان جي وڏڙن علم ادب ۽ تاريخ جي خدمت ڪرڻ وقت معيار کي آڏو رکيو. هنن ڪڏهن به ذات پات, دين ڌرم يا ڪنهن ٻئي رشتي کي بنياد نه بڻايو. مانڪ پٿاوالا هڪ وڏو عالم هو. هن جو ڪراچئ تي جاگرافئ وارو انگريزئ ۾ لکيل ڪتاب تمام اهم ڪتاب آھي. هن انھئ ڪتاب ۾ شامل مواد کي "سنڌ هسٽاريڪل سوسائٽئ" ۾ انعامي چٽاڀيٽئ لاء پيش ڪيو هو. اڄ هسٽاريڪل سوسائٽئ جي سيڪريٽرئ کيس خط لکي ٻڌايو ته تنھنجو قلمي پورهيو معياري ناهي. ان ڪري مئنيجنگ ڪائونسل ان کي انعامي چٽاڀيٽئ ۾ شامل نه ٿي ڪري.
17.2.1955:
سنڌ جي چيف ڪورٽ فيصلو ڏنو هو ته گورنر جنرل جيڪو پاڪستان آئين ساز اسيمبلئ جو حڪم نامو ڪڍيو هو, سو غلط آھي. اڄ وفاقي حڪومت ۽ ان جي 9 وزيرن انھئ فيصلي خلاف وفاقي ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو.
17.2.1981:
سنڌي ساهت سال جي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنگت جهول پاران ضلع سانگهڙ ۾ ان جي شروعات پير بخش ڊٺڙي واري جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهڻ سان ڪئي، انهي سلسلي ۾ سنڌي ادبي سنت جهول، شهدادپور، شاهپور چاڪر، ٽنڊو آدم ۽ ساگهڙ جي دوستن کانسواءِ سنڌ گريجوئيٽ ائسوسيئيشن سانگهڙ جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي. ڪهچري مزار حسين بخش تي ٿي، جنهن جي صدارت درگاهه جي گادي نشين نبن شاهه ڪئي. ڪچهري ۾ ضلع جي مختلف علائقن کان آيل جن دوستن پنهنجا ڪلام ۽ ڪهاڻيون پهڙيون، اهي هي آهن. عاجز اڄڻ، الهورايو اداسي، شاد لغاري، اشوڪ ڪمار، ساگر ناريجو، عليڏنو شاهي، عزيز گوپانگ ۽ ٻين شعر پڙهيا ۽ ڪهاڻين ۾ آفتاب نظاماڻي ۽ الياس ابڙو ڪهاڻيون پڙهيون ۽ محمد حسين لغاري ۽ پير حسن بخش شاهه جي شاعريءَ تي خوبصورت مقالو پڙهيو. آخر ۾ استاد منظور علي خان جي ڀاءُ وزير علي ۽ جڙيل شاهه پنهنجي آواز سان آيل دوستن کي خوب وندرايو. هن پروگرام جي منتظم محترم معصوم ڪالاڻي واضح ڪيو ته اهو سال سڄو پوري سانگهڙ صلع ۾ پروگرام تحت ملهايو ويندو.
17.2.1990:
رينجرس وارن ڪراچئ ۾ ايم ڪيو ايم طرفان ٺاهيل ڪيترا ٽارچر سيل پڪڙيا.
17.2.1992:
نواز شريف جي حڪومت کي ڊاهڻ ۽ لاهڻ لاء اي.پي.سئ جي فيصلي موجب اڄ کان بينظير ڀٽو پنجاب جي مختلف شھرن ۾ احتجاجي جلوسن ڪڍرايا.
************
{17 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
17 فيبروري 1924ع اسڪالر ڊاڪٽر حبيب الله مرزا (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 فيبروري 1937ع ليکڪ لڪشمڻ ڀمڀاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
17 فيبروري 1976ع شاعر غني غمدل جو جنم ڏينهن آهي۔
17 فيبروري 1977ع ليکڪ اعظم ککراڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
[وڇوڙو:]
17 فيبروري 1830ع پير صغبت الله شاهه جو لاڏاڻو ٿيو.
17 فيبروري 1859ع درويش پير محمد ياسين راشدي جو انتقال ٿيو.
17 فيبروري 1929ع سياسي اڳواڻ ارباب حاجي خميسو ميمڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
17 فيبروري 1935ع سماجي ورڪر ديوان سنگهه مرچنداڻي (حيدرآباد) ديهانت ڪري ويو.
17 فيبروري 1988ع سماجي ورڪر رحم علي جعفري (لاڙڪاڻو) لاڏاڻو ڪري ويو.
17 فيبروري 1989ع شاعر حاجي فتح محمد لغاري جو انتقال ٿيو.
17 فيبروري 2019ع انجنيئرنگ جو پارکو ۽ مھراڻ يونيورسٽيءَ جو پھريون وائيس چانسلر ايس ايم قريشي لاڏاڻو ڪري ويو.
1. Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Minus YOU, peace is figment of imagination and love & beauty are without meaning & importance. You are an ideal and role model. Only you can set trend in sincerity & sacrifice and devotion & dedication. You can make us to believe in hope & trust. If you are lost, our everything is lost including human values and traditions of soul & heart]
تون موجود تان حق موجود،
ھر پل ھر ھنڌ ھو موجود،
تون ھوندین ھوڪو ڏیندین،
ناحق کي تون ڪري نابود،
تو بن جاني تان درد-درود،
اٹپورو وجود, روح سلام بنا.
*************
SINDH IN HISTORY TODAY (17th FEBRUARY)
17th February
BIRTH DATES
1. Dr.Habibullah Mirza (Hyderabad/ Scholar/ birth 17th February 1924),
2. Laxman Bhambhani (Writer/ birth 17th February 1937),
3. Ghani ‘Ghamdil’ (Rustam/Poet/ birth 17th February 1976),
4. Azam Khakhrani (Ali Khan/Writer/ birth 17th February 1977).
17th February
DEATH DATES
1. Pir Sabghatullah Shah Tajar Dhani (Pir Goth/Saint/ death 17th February 1830),
2. Pir Muhammad Yasin Rashdi (Thullah/Saint/ death 17th February 1859),
3. Arbab Haji Khamiso (Politician/ death 17th February 1929),
4. Diwan Hirasing Mirchandani (Social Worker/ death 17th February 1935),
5. Raham Ali Jaffri (Larkano/Social Worker/ death 17th February 1988),
6. Haji Fatah Muhammad Laghari (Lal Laghari/Poet/ death 17th February 1989).
EVENT
17th February
1832: Colonel Pottenger, Political Agent in Sindh, is given O.K and his way of dealing with Sindh affairs is approved by the Government of India.
1835: The Political Agent of the East India Company Government. Colonel Pottenger directs his Native Agents not to write or try to contact Sindh rulers directly, but always address them through Munshi Jethanand to avoid delays and subterfuges on the part of Talpurs.
1843: It is black day in the history of Sindh. Charles Napeir , with troops consisting of 2800 defeated Talpurs at Meani. They were in 17000 in number. Soon after the fall of Sindh, Jack flag was hosted on the Hyderabad fort and British troops started plundering in city and fort. Proclamation is issued by Charles Napeir and Jageerdars and fighting Balochi groups are advised to refrain from taking risk of fighting British troops, return to their homes and assure their friendly attitude and get their Jageers re-restored. In Karachi, Muhammad Sadiq, Diwan Tekchand and Diwan Mulchand- all responsible officers of Talpurs are arrested and Captain Preedy declares Karachi of becoming a British Town by a proclamation and Seth Naumal is placed at authority.
1916: People of Sindh find it fit to revise and re-assign religious duties of their Religious leaders. Young Amil Association of Karachi arranges gathering and Rewachand Vassanmal delivers lecture on the topic of ‘What should our Pandits do’?
1919: The year 1919 was landmark in the history of Sindh and Hind. It proved to be beginning of politics of agitation and violence. Keeping in view the turning of situation, the Governor of Bombay addresses the Darbar at Sukkur, consisting of Jageerdars, Landlords and Sardars from Sukkur, Larkano and Jacobabad. He speaks about construction of Sukkur Barage, promoting of Education for Muslims and construction of roads in all these three districts.
1931: The Branch of the Sindh Azad Party is opened at Village Siyal near Dadu and Moulvi Mian Muhammad Hassan (President), Sirai Mian Muhammad Hassan (Vice President), Moulvi Muhammad Salih Abbasi (Secretary) and Qazi Mian Haji Ahmad (Treasurer) are elected as office-bearers.
1949: Sindh Legislative Assemble mourns death of Quaid-i-Azam and Sir Ghulam Hussain Hidayatullah. Condolence resolution is passed. Where as Pakistan Parliament passed Bill for the establishment of an Industrial Finance Corporation.
1955: An appeal is filed in the Federal Court on behalf of the Federation of Pakistan and nine ministers against the Sindh Chief Court’s decision , which declares the dissolution of the Constituent Assembly, illegal.
1964: The Chief delegates of the Pakistan- China Joint Boundary Commission chalk out scheme for joint survey and mapping.
1990: Sindh Rangers unearthed several Torture Cells in Karachi
Sunday, 15 February 2026
SINDH in history today (16th ) February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Sindh in history today (16th February) Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali.
سورنهين تاريخ فيبرورئ تي اچي پهتس آنء,
تون به اچ ته پڇون تاريخ کان قوميت جو ڏانء.
*************
پرين پيارا ! پهريون عجز ۽ نياز سان ڀريل سلام قبول ڪريو ته پوء اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو نياپو پهچايان:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If heart is not there in mind, then it is impossible to understand sorrows of souls. If there is no beauty & love in mind, then there will be neither peace, nor progress in hearts and society. In such a situation, people strive to know others, but never self and situation]
جي ناھي دل دماغ اندر، تان پوء من مطلب سندو محتاج،
دوکي دلبي فریب سواء، رانول سمجھي ڪين رواج،
سو سورن منجھ سماج، جو پري سونھن سرت سلام کان.
*************
“واقعاتي تاريخ“ جي حوالي سان سوچڻ ۽ لوچڻ بابت اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو سنهو:
16.2.1839:
پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصلي خط لکيو آھي, جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته مير نور محمد خان نياپو ڪيو آھي ته منوڙو ٻيٽ اوهان انگريزن کي آيو ۽ اهو ڀلي موٽائي نه ڏيو. پر منهنجي اها ڳالھ هتي ڪنهن سان نه ڪجان.
16.2.1856:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪو ڄاڻو تجربيڪار فوٽو گرافر سنڌ ۾ مقرر ڪبو, جيڪو سنڌ جي شاندار عمارتن جا فوٽو ڪڍندو ته سنڌ جي فن عمارتسازئ کي تصويرن ذريعي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي.
16.2.1857:
سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان شڪاپور ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ۽ مالي مدد وٺڻ لاء اڄ لکپڙھ ڪئي.
16.2.1857:
سنڌ جي ڪمشنر ممبئئ جي صوبائي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ جي ٻيلن کي واڍئ ۽ قبضن کان بچائڻ لاء نئين انتظامي جوڙڪ ڪري, سڌئ طرح ڪمشنر جي نگرانئ ۾ رکجن سندس ماتحت ” ٻيلن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر“ مقرر ڪجي.
16.2.1969:
ايوبي حڪومت ملڪ مان امرجنسي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر وارن مطالبو ڪيو ته هاڻي سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ته پوء سرڪار سان ڳالهيون ڪبيون.
16.2.1971:
ذوالفقار علي ڀٽي شرط رکيو ته قومي اجلاس ۾ تڏهن وڃبو, جڏهن شيخ مجيب سان سندس ڇهن پوائنٽن واري سياسي فارمولا تي ڳالهيون ڪامياب ٿين.
16.2.1972:
صدر ذوالفقار علي ڀٽي بلوچستان ۾ قائم عطاالله منيگل جي حڪومت ڊاٿي ۽ نئشنل عوامي پارٽئ سان واسطو رکندڙ ٻن گورنرن (بلوچستان وارو گورنر غوث بخش بزنجي ۽ سرحد جي گورنر ارباب سڪندر حيات) کي لاهي, اڪبر بگٽئ کي بلوچستان ۽ اسلم خٽڪ کي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو. مفتي محمود احتجاج طور سرحد جي وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني.
16.2.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي جو اڳوڻو سياسي عاشق اصغر خان اڄ چيو ته چونڊن جا نتيجا ڀلي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ جي حق ۾ اچن, پر ڀٽي جي اختيار جو هي آخري سال آھي. ( مطلب ته فيصلو ٿي چڪو هو ته هاڻي ڀٽي ۽ سندس اقتدار جي پڄاڻي ٿيندي).
16.2.1993:
نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي ايندڙ ويهن سالن تائين برقرار رکڻ جو فليصلو ڪيو ويو.
16.2.1996:
ڪراچئ جي ڪورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي پوليس سان چڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ 8 ايم ڪيو ايمي دهشتگرد ماريا ويا.
*************
16فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو پيدا ٿيو.
16 فيبروري 1920ع صحافي ۽ ايڊيٽر محمد عظيم مهر جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1929ع موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ڪشنچند ”غافل“ (سکر / مدراس) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1929ع شاعر مرزا سلطان بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1934ع صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1934ع سگھڙ حسين بخش شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1938ع شاعر قادر بخش ”قلندر“ جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1941ع شاعر ”نواز“ عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1948ع ليکڪ دوست علي ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1948ع ليکڪ ۽ ريڊيو انائونسر وينا شرنگي (شهدادڪوٽ / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1955ع اداڪاره راجني تيجاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1984ع شاعر آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
16 فيبروري 1914ع بزرگ پير هدايت الله شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
16 فيبروري 1928ع فريڊم فائيٽر هرچند راءِ وشنداس ديهانت ڪري ويو.
16 فيبروري 1938ع سياستدان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو.
16 فيبروري 1965ع شاعر نور محمد شاهه ”نورل“ وفات ڪري ويو.
16 فيبروري 1966ع صوفي شاعر سنت رگهومل چوهڙ مل ديهانت گذاري ويو.
16 فيبروري 1988ع ناليوارو صحافي ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي(سکر) لاڏاڻو ڪري ويو.
16 فيبروري 1997ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر راهي چنا گذاري ويو.
16 فيبروري 2016ع ناميارو اديب پروفسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.
سورنهين تاريخ فيبرورئ تي اچي پهتس آنء,
تون به اچ ته پڇون تاريخ کان قوميت جو ڏانء.
*************
پرين پيارا ! پهريون عجز ۽ نياز سان ڀريل سلام قبول ڪريو ته پوء اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو نياپو پهچايان:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If heart is not there in mind, then it is impossible to understand sorrows of souls. If there is no beauty & love in mind, then there will be neither peace, nor progress in hearts and society. In such a situation, people strive to know others, but never self and situation]
جي ناھي دل دماغ اندر، تان پوء من مطلب سندو محتاج،
دوکي دلبي فریب سواء، رانول سمجھي ڪين رواج،
سو سورن منجھ سماج، جو پري سونھن سرت سلام کان.
*************
“واقعاتي تاريخ“ جي حوالي سان سوچڻ ۽ لوچڻ بابت اوهان کي سنڌ جي تاريخ جو سنهو:
16.2.1839:
پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصلي خط لکيو آھي, جنهن ۾ ھو لکي ٿو ته مير نور محمد خان نياپو ڪيو آھي ته منوڙو ٻيٽ اوهان انگريزن کي آيو ۽ اهو ڀلي موٽائي نه ڏيو. پر منهنجي اها ڳالھ هتي ڪنهن سان نه ڪجان.
16.2.1856:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر جي گذارش قبول ڪندي فيصلو ڪيو ته ڪو ڄاڻو تجربيڪار فوٽو گرافر سنڌ ۾ مقرر ڪبو, جيڪو سنڌ جي شاندار عمارتن جا فوٽو ڪڍندو ته سنڌ جي فن عمارتسازئ کي تصويرن ذريعي تاريخ جي ورقن ۾ محفوظ ڪجي.
16.2.1857:
سنڌ جي ڪمشنر صوبائي حڪومت کان شڪاپور ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي منظوري ۽ مالي مدد وٺڻ لاء اڄ لکپڙھ ڪئي.
16.2.1857:
سنڌ جي ڪمشنر ممبئئ جي صوبائي سرڪار کان اجازت گهري ته سنڌ جي ٻيلن کي واڍئ ۽ قبضن کان بچائڻ لاء نئين انتظامي جوڙڪ ڪري, سڌئ طرح ڪمشنر جي نگرانئ ۾ رکجن سندس ماتحت ” ٻيلن لاء اسسٽنٽ ڪمشنر“ مقرر ڪجي.
16.2.1969:
ايوبي حڪومت ملڪ مان امرجنسي هٽائڻ جو فيصلو ڪيو ته مخالف ڌر وارن مطالبو ڪيو ته هاڻي سمورا سياسي قيدي آزاد ڪيا وڃن ته پوء سرڪار سان ڳالهيون ڪبيون.
16.2.1971:
ذوالفقار علي ڀٽي شرط رکيو ته قومي اجلاس ۾ تڏهن وڃبو, جڏهن شيخ مجيب سان سندس ڇهن پوائنٽن واري سياسي فارمولا تي ڳالهيون ڪامياب ٿين.
16.2.1972:
صدر ذوالفقار علي ڀٽي بلوچستان ۾ قائم عطاالله منيگل جي حڪومت ڊاٿي ۽ نئشنل عوامي پارٽئ سان واسطو رکندڙ ٻن گورنرن (بلوچستان وارو گورنر غوث بخش بزنجي ۽ سرحد جي گورنر ارباب سڪندر حيات) کي لاهي, اڪبر بگٽئ کي بلوچستان ۽ اسلم خٽڪ کي سرحد جو گورنر مقرر ڪيو. مفتي محمود احتجاج طور سرحد جي وڏ-وزارت تان استعيفا ڏني.
16.2.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي جو اڳوڻو سياسي عاشق اصغر خان اڄ چيو ته چونڊن جا نتيجا ڀلي ڀٽي ۽ سندس پارٽئ جي حق ۾ اچن, پر ڀٽي جي اختيار جو هي آخري سال آھي. ( مطلب ته فيصلو ٿي چڪو هو ته هاڻي ڀٽي ۽ سندس اقتدار جي پڄاڻي ٿيندي).
16.2.1993:
نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم کي ايندڙ ويهن سالن تائين برقرار رکڻ جو فليصلو ڪيو ويو.
16.2.1996:
ڪراچئ جي ڪورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ورڪرن جي پوليس سان چڪري ٿي ۽ نتيجي ۾ 8 ايم ڪيو ايمي دهشتگرد ماريا ويا.
*************
16فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
16 فيبروري 1916ع تعليمي ماهر غلام رضا ڀٽو پيدا ٿيو.
16 فيبروري 1920ع صحافي ۽ ايڊيٽر محمد عظيم مهر جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1929ع موسيقار، گلوڪار ۽ شاعر ڪشنچند ”غافل“ (سکر / مدراس) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1929ع شاعر مرزا سلطان بيگ (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1934ع صحافي ۽ شاعر پروانو ڀٽي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1934ع سگھڙ حسين بخش شر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1938ع شاعر قادر بخش ”قلندر“ جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1941ع شاعر ”نواز“ عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1948ع ليکڪ دوست علي ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1948ع ليکڪ ۽ ريڊيو انائونسر وينا شرنگي (شهدادڪوٽ / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1955ع اداڪاره راجني تيجاني (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
16 فيبروري 1984ع شاعر آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
16 فيبروري 1914ع بزرگ پير هدايت الله شاهه راشدي لاڏاڻو ڪري ويو.
16 فيبروري 1928ع فريڊم فائيٽر هرچند راءِ وشنداس ديهانت ڪري ويو.
16 فيبروري 1938ع سياستدان ڀوڄ سنگهه پهلاجاڻي (سکر) ديهانت ڪري ويو.
16 فيبروري 1965ع شاعر نور محمد شاهه ”نورل“ وفات ڪري ويو.
16 فيبروري 1966ع صوفي شاعر سنت رگهومل چوهڙ مل ديهانت گذاري ويو.
16 فيبروري 1988ع ناليوارو صحافي ۽ ليکڪ رشيد ڀٽي(سکر) لاڏاڻو ڪري ويو.
16 فيبروري 1997ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر راهي چنا گذاري ويو.
16 فيبروري 2016ع ناميارو اديب پروفسر فتح الله صديقي لاڏاڻو ڪري ويو.
SINDH IN HISTORY TODAY (16th February)
16th February
BIRTH DATES
Ghulam Raza Bhutto (Educationist/1916),
Muhammad Azim Mahar (shikarpur/Journalist/1920),
Kishinchand ‘Ghafil’ (Sukkur > Madras/Poet & Singer/1929),
Mirza Sultan Beg (Hyderabad/Poet/1929),
Parwano Bhatti (Poet/1934),
Hussain Bux Sgar (Husain Bux/Folklore Poet/1934),
Teyoon Mouji (Dadu > Ulhasnagar/Poet/1938),
Qadir Bux ‘Qalandar’ (Veji/Poet/1938),
‘Nawaz’ Abbasi (Arz Muhammad/Poet/1941),
Veena Shringi (Shahdadkot > New Delhi/Radio Announcer, Poetess & Writer/1948),
Dost Ali Bhatti (Writer/1948),
Rajni Tejwani (Ahmadabad/Actress/1955),
‘Asi’ Badar Channa (New Kaleri/Poet/1984).
DEATH DATES
Pirates Hidyatullah Rashdi (Thullah/Religious Scholar/1914),
Harchandrai Vishindas (Karachi/Freedom Fighter/1928),
Bhojsing Pahlajani (Sukkur/Politician/1938),
Nooral Shah ‘Nooral’ (Mori Mangar/Poet/1965),
Sant Raghomal Choharmal (chak/Poet & Freedom Fighter/1966),
Rashid Bhatti (Sukkur/Journalist, Writer/1988),
Rahi Channa (Johi/Poet/1997),
EVENTS
1843: Major Outram writes to Charles Napier that ‘ The account I received this morning led me to conclude that Talpurs are moving up to Galleeanee and Meeanee shikargahs, which by night will double be filled by Balochees, whom it would be difficult to dislodge from such dense jungles, and certainly could not be effected without serious loss. I would, therefore, beg to propose that you allow me to drop down in the steamers tomorrow morning, to fire both shikargahs, which can be done easily from the river, under the steamers’ gun, should opposition be offered; or we could do in this evening, if you prefer it ; only by the morning all the enemy may be collected in shikargahs, which perhaps they may not be in the evening’.
1857: Collector of Upper Sindh submits to the Sindh Commissioner, the proposal f establishing Vernacular and English School at Shikarpur. The Commissioner requests the Government of Bombay to sanction a grant-in-aid of Rs.100 per mensem for running of school.
1917: Shaikh Abdul Aziz Muhammad Suleman starts publication of ‘Sindh Muslim’ weekly from Sukkur.
1933: In the Bombay Legislative Council, Shaikh Abdul Majeed draws attention of the President to certain criticism published in ‘Times of India’ regarding the proceedings of the council and asks whether it was fair and justified.
1969: State of Emergency is withdrawn. DAC (Opposition Parties) accepts President Ayub’s offer of talks and suggests that Moulana Bhashani, Z.A.Bhutto, Asghar Khan and Azam Khan be also invited for talks.
1971: Chairman Bhutto says that PPP has decided to boycott the National Assembly session, unless substantive adjustments on foreign trade, currency and taxation are not made.
1973: President Bhutto removes NAP Governors Ghous Bux Bizinjo (Baluchistan), Arbab Sikandar Khan (NWFP) and Attaullah Mengal Government in Balochitan. Mufti Muhamood Government of NWFP resigns in protest.
1977: PNA leader Air Martial (R) Asghar Khan, while addressing election meeting says that 1977 is the last year of PPP Government, irrespective of election results.
Saturday, 14 February 2026
SINDH in history today (15th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
اوهان لاء ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو۔
EVENTS FROM SINDH HISTORY (15th February)
By: Dr. Dur Muhammad Pathan
“واقعاتي تاريخ", سلائيڊن/تصورن ذريعي تاريخ" ۽ ”وڊيو ٽاڪ" مون کي روز ٽي موقعا فراهم ڪن ٿا ته مان ماروئڙن سان اهي ڳالهيون ڪيان, جن مان ثابت ٿئي ته ٻين ته سنڌ ۽ سنڌين سان دشمني ڪئي, پر سنڌ سان قهر ڪرڻ ۾ اسان به ڪونه گهٽايو آھي. جيڪي ماڻھون سنڌ جون ڳالهيون ڪري ٿڪبا ئي نه هئا, تن کي موقعو مليو ته ملڪ ڇڏي وڃي ڏيساور ۾ آباد ٿيا. سياسي طور پاڻ کي زنده رکڻ لاء ڪو سيمينار ڪندا يا ورسي/سالگره ملهائيندا ۽ نچي ٽپي چوندا ته ثقافت کي پيا زنده رکون. اتي آباد سنڌين کان چوڻ باوجود ڪونه پڳو ته "سنڌ ساهتا بين الاقوامي فند" قائم ڪن, اسڪالرشپون قائم ڪري نوجوانن کي گهرائي تعليم ڏيارن ۽ سنڌ بابت اتي ڪتبخانن ۾ موجود مواد ڪڍي پنهنجي ويب سائيٽ تي رکن.
پرڏيهي سنڌين مان ڪيترن جا اهي پرڪار, ڏيھ ۾ رهندڙ پاڻ کي نظرياتي ڏاها سڏائيندڙ وري پنهنجي پنهنجي آدرش جي چڳ وڍيل چيلن ۽ غلامن ٺاهڻ ۾ مصروف. الله پاڪ پنهنجي پيغمبرن لاء فرمائي ته اهي پيغمبر اوهان جهڙا ماڻھون آھن, پر نام نھاد سياسي ڏاها چون ته اسان جو آدرش بيمثال ۽ مافوق الفطرت انسان آھي. مطلب ته اهي نه پنهنجي آدرش کي ماڻھو ٿيڻ/ڏسڻ گهرن ٿا ۽ نه اسان کي ماڻھون سمجهن ٿا. مطلب ته اسان سنڌ ۾ ماڻھپي وارو ماحول ڏسڻ ۽ پيدا ڪرڻ نه ٿا گهرون. اسان جي انھئ نفسيات جون پاڙون جنهن پاتال ۾ کتل آھن, ان کي تلاش ڪرڻ لاء اسان کي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. 15 فيبرورئ جي حوالي سان ”واقعاتي تاريخ“ جو ورق اوهان لاء حاضر آھي:
** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريز عملدار چارلس نيپيئر هالا پهچڻ بعد ميجر آئوٽرام کي خط لکيو ته آئون حيدرآباد طرف اچي رهيو آهيان، حيدرآباد جي حڪمرانن سان ٺاهه نه ڪيو ويندو، انهن تي حملو ڪنداسين، ڇاڪاڻ ته هاڻي وقت گذري چڪو آهي.
** 1910ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ تاريخي سنڌ مدرسي ۾ حسن علي آفندي هائوس جي تعمير جو ڪم مڪمل ڪيو ويو، اهو ڪم 1909ع ۾ عيسيٰ خان نالي ڪانٽريڪٽر شروع ڪيو هو جيڪو هڪ سال اندر مڪمل ڪيو ويو.
** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ممبئي ۾ آل انڊيا خلافت ڪانفرنس شروع ٿي، جنهن جي صدارت رئيس غلام محمد ڀرڳڙي ڪئي، جڏهن ته ڪانفرنس ۾ محمد علي جناح، سيٺ حاجي عبدالله هارون، پير رشدالله شاهه، حسرت موهاني، مولانا ظفر علي خان، مولانا ابوالڪلام آزاد ۽ مولانا عبدالباري فرنگي شرڪت ڪئي.
** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ آزاد پارٽي طرفان شڪارپور، ٺل ۽ ڳوٺ مولوي عبدالله لغاري ۾ وڌيڪ برانچون قائم ڪيون ويون، شڪارپور ۾ حاجي مولا بخش کي صدر بڻايو ويو، جڏهن ته عبدالرحمان سرڪي ۽ مولوي عبدالڪريم صدر ۽ خزانچي چونڊجي ويا، ڳوٺ مولوي عبدالله ۾ مولوي محمد حسن کي صدر بڻايو ويو.
** 1934ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آل انڊيا مسلم ڪانفرنس جي گڏجاڻي ۾ هز هائينس آغا خان نواب سر محمد احمد سعيد خان کي چيئرمين ۽ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي پارٽي جو سيڪريٽري نامزد ڪيو.
** 1965ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جو اوڀر ۽ ڏکڻ ايشيا بابت نائب پرڏيهي وزير ٽالبوٽ ڪشمير جي تڪرار کي هڪ جذباتي اشو قرار ڏنو، جنهن جي پاڪستان مذمت ڪئي.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ذوالفقار علي ڀٽو، ولي خان، مير رسول بخش ٽالپر، اجمل خٽڪ ۽ شيخ اياز کي آزاد ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور ۾ مخالف ڌر جي ٿيل اجلاس ۾ ايوب خان جي ڳالهين واري آڇ تي غور ڪيو ويو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ڦاهي واري سزا تي عمل روڪيندي 24 فيبروري کان اپيل ٻڌڻ جو فيصلو ڪيو.
15 فيبرورئ تي جنم وٺندڙ ناميارين شخصيتن کي گل حيات طرفان مبارڪون
15فيبروري 1887ع شاعر ڀاون علي شاهه “ساقي”
15 فيبروري 1919ع ليکڪ ۽ تعليمدان عبدالرحيم ڏيٿو
15 فيبروري 1919ع بزنيس مين منگهارام ونجاڻي (درٻيلو / اجمير)
15 فيبروري 1923ع ليکڪ عبدالله گنڌرو
15 فيبروري 1925ع صحافي شيخ علي محمد جو جنم
15 فيبروري 1930ع شاعر ۽ گلوڪار آزاد صوفي (خيرپور / اجمير)
15 فيبروري 1932ع اداڪار رام لهيجا (ڪراچي / بمبئي)
15 فيبروري 1933ع شاعر غلام قادر ”سوز“ سومرو
15 فيبروري 1935ع تعليمي ماهر ڊاڪٽرمير نور محمد ٽالپر
15 فيبروري 1935ع شاعر ۽ صحافي ڪرشن لال پرديپ (ڳڙهي ياسين / الهاس نگر)
15 فيبروري 1938ع محقق، تاريخدان ۽ آرڪيالاجسٽ سيد حاڪم علي شاهه بخاري
15 فيبروري 1941ع مٽياري سان تعلق رکندڙ سياستدان سيد ذاولفقار علي شاهه ڄاموٽ
15 فيبروري 1948ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ سنڌو ميراڻي
15 فيبروري 1951ع صحافي فتح چند ڪالرا (جيڪب آباد)
15 فيبروري 1955ع ليکڪ مشتاق پهنور
15 فيبروري 1960ع شاعر پرڪاش سيوڪ آهوجا (الهاس نگر / پونا)
15 فيبروري 1964ع ليکڪ صدف حسيني (دادو)
15 فيبروري 1965ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ ليکڪ اظهر هيسباڻي
15 فيبروري 1966ع ليکڪ ذوالفقار باڊاهي
15 فيبروري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ بهادر صحافي شهيد اميربخش بروهي
15 فيبروري 1973ع شاعر اياز لاکير
15 فيبروري 1974ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ محقق احسان دانش.
15فيبرورئ تي وفات ڪندڙ ناميارين شخصيتن کي گل حيات انسٽيٽيوٽ سڪ سان ساري ٿو.
فيبروري 1869ع اردو جي ناليواري شاعر مرزا اسد الله غالب
15 فيبروري 1881ع آخوند اميد علي ٿانوي
15 فيبروري 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر هيرانند آڏواڻي
15 فيبروري 1935ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر سيد حاجي حاڪم شاهه
15 فيبروري 1967ع تعليمي ماهر رحيم بخش
15 فيبروري 1979ع مذهبي اسڪالر مولوي عبدالهادي چانڊيو.
SINDH IN HISTORY TODAY (15th February)
15th February
BIRTH DATES
Bhawan Ali Shah ‘Saqi’ (Poet/1887),
Abdul Rahim Thebo (Educationist & Writer/1919),
Shaikh Ali Muhammad (Journalist/1925),
Azad Soofi (Poet/1930),
Bhagwandas Doultani ;Hosh’ (Mirpur Mathelo/Poet/1931),
Ram Laheja (Writer/1933),
Ghulam Qadir ;Souz’(Poet/1933),
Dr. Mir Noor Muhammad Talpur (Scientist/1935),
Kirshan Deep (Poet/1935),
Hakim Ali Shah Bukhari (Archeologist/1938),
Ahmad Hussain ‘Ahmad’ (Poet/1948),
Sindhu Mirani (Writer/1952),
Muhammad Sidiq Sario (Folklore Poet/1952),
Mushtaq Panhwar (Writer/1955),
Ghulam Mustafa alies Naeem Malik (Faiz Muhammad Malik/Journalist/1964),
Azhar Hisbani (Mehar/Poet & Artist/1965),
Koural ‘Qurbdar’ (Faiz Bijrani/Poet/1971),
Ahsan ‘Danish’ (Larkano/Poet & Scholar/1974),
Faqir Niaz Samijo (Manbai Jo Tar/Journalist/1981).
DEATH DATES
Hasanand Masnad (saint/1930),
Nangar Soomro (Poet/1948),
Rahim Bux Shaikh (Educationist/1967),
Syed Abdul Hakim (Tando Muhammad Khan/1935),
Moulana Abdul Hai Chandio (Religious Scholar/1979),
Makhdoom Ali Ahmad Derbelai alies Pir Photal(1993).
EVENTS
1843: Charles Napier writes to Major Outram from Hala that ‘I reached this ground yesterday. Do not pledge yourself to anything whatever. I am in full march to Hyderabad, and will make no peace with Amirs. I will attack them instantly, whenever I come up to their troops. They need send no proposals. The has passed, and I will not receive their messages.’
1910: The construction work of the Hassan Ali House in Sindh Madressah is completed by the contractor Essa Khan. The work was started in 1909.
1920: Thre-day All-India Khilafat Conference starts at Mombai. It is presided over by Rais Ghulam Muhammad Bhurgri and is attended by Moulana Abdul Bari of Firangi, Moulana Abu-ul-Kalam Azad, Moulana Zafar Ali Khan, Dr.Saifuddin, Hasrat Mohani and Muhammad Ali Jinnah.
1931: Branches of Sindh Azad Party are opened at Shikarpur, Thul and Village Moulvi Abdullah Leghari. I Shikarpur Haji Moula Bux (President), Moulvi Fazlullah (Vice President), Moulvi Abdul Karim Chishti (Secretary), Khair Muhammad Faqir (Treasurer) are elected as office bearers. In Thul Abdul Rahman Sarki and Moulvi Abdul Karim are elected as President and Treasurer respectively. In Village Moulvi Abdullah, Moulvi Muhammad Hassan (President), Suleman Khan (Secretary) and Ghazi Khan (Treasurer) are elected as office bearers.
1934: In the meeting of the All-India Muslim Conference, His Highness he Agha Khan gives his nominates Nawab Sir Muhammad Ahmad Saeed Khan of Chatri as Chairman and Seth Haji Abdullah as Secretary of the Party.
1965: US Assistant Secretary of state for Near East & South Asia, Talbot describes Kashmir dispute as an ‘emotional issue’.
1969: Z.A.Bhutto, Wali Khan, Rasool Bux Talpur, Ajmal Khatak & Shaikh Ayaz are released.
1979: Supreme court stays Z.A.Bhutto’s execution to hear review plea from February 24.
Friday, 13 February 2026
SINDH in history today (14th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH [including Pakistan] IN HISTORY TODAY (14th February). Author Dr. Pathan and Translator his son Mumtaz Ali.
ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. سنڌ جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته سنڌ دشمن قوتن جا سنڌ ۽ سنڌين بابت حڪمت عمليون سدائين هڪ جهڙيون رهيون آھن. اهي سنڌي عوام سان سڌي ٽڪر کائڻ بدران, سندن حاڪمن ۽ اڳواڻن کي لٺ يا چٺ ڏيکاري پنهنجا مقصد آسانئ سان حاصل ڪندا آھن. انگريزن ميرن جي دور ۾ به ايئن ڪيو ته پنهنجي حڪمرانئ جي دور ۾ ايئن ڪيو. 1947 کان پوء وري سنڌ جي حڪومتن ڊاهڻ, سنڌ جي سياسي اڳواڻن کي ڪرپشن, ايبڊو, ڊي پي آر ۽ ٻين قلمن جي لٺ سان جاڏي چاهيو اوڏي منھن ڪري بيهاريو. وفاقي سطح ڏنڊي جي زور تي ڪرسئ تي قبضي ڪرڻ وارن پاڻ کي چونڊائڻ جون نئيون روايتون قائم ڪيو.
حالتون ايئن ئي هر دور ۾ پير کڻنديون آيون آھن ۽ اسان جي اڳواڻن انھن کي بدلائڻ بدران پاڻ کي حالتن مطابق پئي بدلايو آھي. اهي ان وقت تائين پاڻ نه بدلائيندا, جيسيتائين عوام پاڻ نه ٿو بدلائي. اهي منھنجون سوچيون نه آھن, پر اهو تاريخ ٻڌائي ٿي. اچو ته تاريخ کي ٻڌون. اچو ته 14 فيبرورئ جي ورق کي پڙھون.
***************
غور طلب واقعا
***************
14.2.1835:
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي افغانستان ۾ شاه شجاع کي شطرنج جي مهري طور بادشاه بڻائي رکڻ جي ضرورت انھئ ڊپ ڪري ٿي ته اهو ملڪ ٽپي ڪا ٻاهرين طاقت هنستان تي نه قبضو يا حملو ڪري. ان ڪري فرنگين سنڌ جي ميرن کان لکين روپيا وٺي هن کي خراج طور ڏنو. اڄ شاه شجاع لڏي لمي اچي حيدرآباد پهتو. حيدرآبادي ميرن سندس بادشاه طور آڌرڀاء ڪيو. شاه شجاع کانئن شڪارپور پنهنجي لاء گهري مگر کيس کتو جواب مليو.
14.2.1843:
نيپيئر اڄ سعيد آباد مان آئوٽرام کي خط لکي ٿو ته مان ھالا پهچڻ وارو آهيان ۽ اميد ته 17 يا 18 تاريخ تي حيدرآباد ۾ ملاقات ٿيندي. تون ٻه ٽي ڏينھن پنهنجو بچاء ڪجانء.
14.2.1843:
آئوٽرام اڄ نيپيئر کي لکيو ته ٻه ڏينھن اڳ تنھنجي خط مان پتو پيو ته جيڪب 25 مري پڪڙيا آھن, جيڪي سندس ڪئمپ تي حملو ڪرڻ آيا هئا. در اصل اهي مير محمد خان جا وفادار آھن. اها خبر عام ٿيندي ته ٻروچ جتان گذرندا, سنڌين کي لتاڙيندا ۽ نقصان ڪندا. ٿلهي ليکي منهنجو رايو هئ آھي ته مير جنگ ڪرڻ لاء تيار ڪونهن. ان ڪري مون ٺٽي ۽ ڪراچئ ۾ مقيم پنهنجئ فوج کي چيو آھي ته اتي ئي هجي ۽ حيدرآباد اچڻ جي ضرورت ڪانھي.
مون حيدرآبادي ميرن کي چتاء ڏنو آھي ته ڪنهن به اسان تي حملي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان جا اگرا نتيجا اهي ئي ڀوڳيندا. مير رستم علئ جا ماڻھون ايئن ڪري سگهن ٿا ۽ حملن کان پوء ميرپور يا امرڪوٽ ڀڄي ويندا.
14.2.1843:
آئوٽرام حيدرآبادي ميرن کي لکيو ته اوهان جيڪڏهن اسان تي حملو ڪيو يا حملو ڪندڙ خيرپوري ميرن جي مدد ڪئي ته پوء اوهان اسان جي قهريلي جنگ کان حيدرآباد بچائي نه ٿا سگهو. آئوٽرام کي مير شھداد خان ماڻھو موڪلي يقين ڏياريو ته مان فرگين جو وفادار دوست آھيان. ان جي موٽ ۾ آئوٽرام چوائي موڪليس ته پنهنجئ زبان تي قائم رهجان. جيڪڏهن تنھنجي هڪ به ماڻھونء اسان سان وڙھڻ جي ڪوشش ڪئي ته سڄو ڳڙو توتي ڪرندو.
خابرن آئوٽرام کي خبر ڏني ته مير نصير خان باغ ۾ ٻروچ ميڙي انھن کان قرآن تي هٿ رکرائي پڪ پيو وٺي ته جنگ ٿي ته هو مير نصير خان سان ويڙھ ۾ گڏ هوندا. خابروء اها به خبر ڏنس ته جيڪڏهن جنگ لڳي ته مير صوبدار خان مير نصير خان کان الڳ ٿي ويندو ۽ سندس ساٿ نه ڏيندو.
14.2.1848:
اتر سنڌ جي فرنگي فوجي عملدار ڪمشنر کي لکيو ته ڪنڌڪوٽ ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جي سخت ضرورت آھي ۽ اوهان مير علي مراد کي لکي, هن کان اجازت به وٺي ڏيو ۽ زمين به وٺي ڏيو.
14.2.1853:
حيدرآباد جي ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي خط لکي ٻڌايو ته مير ڪريم علي خان جي وڏي گهر ڌياڻي بيبي بندي گذاري وئي آھي ۽ اسان جي سرڪار طرفان کيس 500 روپيا پينشن ڏني ويندي هئي. ڪليڪٽر گذارش ڪيس ته اها پينشن بند نه ڪئي وڃي پر ٻين گهر ڌياڻن کي ڏجي.
14.2.1971:
عوامي ليگ جي سينٽرل ڪميٽئ وري پنهنجئ ڳالھ کي ورجايو ته اسان جون 6 پوائنٽس ۽ شاگردن جون 11 پوائنٽس ئي نئين پاڪستاني آئين جو بنياد ٿينديون.
14.2.1960:
بنيادي جمهورت جي 80 هزار ميمبرن اڄ صدر ايوب تي اعتماد ڪرڻ يا نه ڪرڻ تي ووٽ وڌا. ان سان نقلي چونڊن ڪرائڻ جي پاڪستان ۾ روايت قائم ٿي. جنرل ضياء به ساڳي منطق ۽ طريقي سان پنهنجي حق ۾ پوء ايئن رفرينڊم ڪرايو هو.
14.2.1969:
ايوب شاهئ خلاف مغربي ۽ مشرقي پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي هنگاما ٿيا. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ ھڪ هڪ ماڻھون پوليس فائرنگ ۾ مري ويو.
14.2.1973:
سنڌ جي گورنر مير رسول بخش ٽالپور پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني ۽ بيگم رعنا لياقت علي خان کي سنڌ جو نئون گورنر بڻايو ويو.
14.2.1990:
مخالف ڌر جي اتحاد سي.او.پئ مرڪزي سرڪار کان گهر ڪئي ته سنڌ سان گورنر راڄ لاڳو ڪيو وڃي.
14.2.1995:
ڪراچئ ۾ دهشتگردن جي قهري ڪارواين ۾ ڪمي ڪانه آئي. اڄ 11 بي گناه انسان موت جو شڪار ٿيا.
***************
{14 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
14 فيبروري 1483ع مغل بادشاهه ظهيرالدين بابر جي پيدائش ٿي.
14 فيبروري 1886ع تي هالا سان تعلق رکندڙ بزرگ شاعر مخدوم غلام محمد جنم ورتو۔
14 فيبروري 1908ع تي سياستدان جعفر خان جمالي جنم ورتو۔
14 فيبروري 1924ع تي ليکڪ قاضي غلام محمد قريشي (هالا) جنم ورتو۔
14 فيبروري 1925ع گلوڪار رامچند نارو ڀڳت (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي۔
14 فيبروري 1930ع صحافي سک لال پنجواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
14 فيبروري 1933ع باليووڊ اداڪاره مڌو بالا جو جنم ڏينهن آهي۔
14 فيبروري 1946ع تي سياستدان محمد خان گوپانگ (حيات گوپانگ) جنم ورتو۔
14 فيبروري 1947ع تي رتوديرو سان تعلق رکندڙ شاعر سيد غضنفر راجه جنم ورتو۔
14 فيبروري 1957ع تي ليکڪ مقبول احمد مارو جنم ورتو۔
14 فيبروري 1960ع صحافي غلام مصطفى لاشاري (گاجي کهاوڙ) جو جنم ڏينهن آهي۔
14 فيبروري 1961ع دادو سان واسطو رکندڙ ليکڪ اعظم چنڪو جنم ورتو۔
14 فيبروري 1981ع ليکڪ اعجاز مهيسر جو جنم ڏينهن آهي۔
[وڇوڙو:]
14 فيبروري 1873ع صوفي درويش بيدل فقير وفات ڪئي .
14 فيبروري 1934ع تي آزادي واري تحريڪ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ سياسي ليڊر ولي محمد حسن علي آفندي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
14 فيبروري 1997ع ناليواري راڳي استاد محمد يوسف جو انتقال ٿيو.
14 فيبروري 2005ع لبناني صدر رفيق الحريري بيروت ۾ هڪ بم ڌماڪي ۾ 22 ماڻهن سميت قتل ٿي ويو.
14 فيبروري 2015ع شاعر ۽ ليکڪ قاضي مقصود گُل لاڏاڻو ڪري ويو.
14th February
BIRTH DATES
Makhdoom Ghulam Muhammad ‘Maghmoom’ (Hala/Saint & Poet/1886),
Qazi Ghulam Muhammad Qureshi (Hala/Writer/1924),
Ramchand Naro Bhagat (Larkano > Ajmir/Singer/1925),
Sukhlal Punjwani (Chak > Kota/Journalist/1930),
Muhammad Khan Gopang (Hayat Gopang/ Local politician/1946),
Syed Ghazanfar ‘Raja’ (Ratodero/Poet & Politician/1947),
Maqbool Ahmad ‘Maro’ (Matli/Poet/1957),
Azam Chhinko (Dadu/Writer/1961),
Aijaz Mahesar (Khondi/Writer/1981).
DEATH DATES
Syed Hussain Shahmurad Shirazi (Thatto/Saint/1488),
‘Bedil’ Faqir ( Rohri/Saint & Poet/1873),
Wali Muhammad Hassan Ali Effendi (Karachi/Politician/1934)
EVENTS
1843: Majour Outram, Political Agent writes to Mir Shahdad Khan that ‘Your Munshi Metharam, has brought your message to this effect that you are the friend of the British, and, if it is my wish, will come personally to reside in the Agency for my protection; and that your people shall not join in approaching disturbance, and will not oppose the British. This I have understood, and this is my reply: That if your behave as you say, no blame will upon your Highness; but, if a single follower of yours does join in hostilities against the English, the penalty will be yours,; and if any of your people are implicated, it cannot be concealed from me, for, depend upon it, I will make a thorough investigation.’
1926: Dr. Annie Besant presides over political conference held at Karachi. Speakers throw light on the importance of the ‘Commonwealth of India Bill’ introduced by Dr. Annie Besant in Assembly.
1933: Haji Mir Muhammad Baloch moves adjournment in the Bombay legislative Assembly to discuss the Government’s policy underlying opening of liquor shops in Karachi and Ahmadabad. The president disallows the motion.
1935: ‘The India Bill’ is debated in the House of Commons. Colonel Wedgwood opposes the separation of Sindh from Bombay Presidency.
1945: The Sindh Muslim League meets at Karachi to discuss the awarding of Party Tickets to candidates.
1947: Sj. L. B. Bhopatkar, President of All-India Hindu Maha Sabha at a press conference in New Delhi says that the Muslim League’s boycott of the Constituent Assembly had made it incumbent on it to vacate its seats in the interim Government and if the Muslim League refuses to do, it was up to Governor- General to compel it to this course of action.
1948: At the annual Darbar at Sibi, the Quaid-i-Azam announces to constitute an ‘Advisory Council’ for Baluchistan.
1969: Complete strike is observed throughout Pakistan and meetings are held demanding acceptance of DAC’s 8-points. Two people are killed in Karachi and Lahore each.
1971: Awami League Central Committee reiterates Party’s 6-points and 11-points of students’ council as the basis of new constitution.
1990: COP Leaders demand of President to impose ‘Governor’s rule in Sindh. It is amazing to note the the Governor’s rule in Sindh was always demanded when PPP is in power.
1995: Eleven people are killed in fresh outburst of violence in Karach
Thursday, 12 February 2026
Sindh in history today (13th February). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Sindh (including Pakistan) in history today.
Author Dr. Pathan and translator his son Mumtaz Ali.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اڄ 13 فيبرورئ تي اوهان لاء دعائن سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري ۽ تاريخ جي خزاني مان ٻڪ ڀري حاضر ٿيو آھي.
تاريخ جي مطالعي گهٽ ھجڻ ڪري ماڻهون "داخلي غلامئ" جي چڪڻ ۾ ڦاسندو نجو پجو غلام ٿي پوندو آھي. هن کي اصل ۽ نقل خواه ڪوڙ ۽ سچ جي فرق جي خبر نه پوندي آھي. ان ڪري نقلي نظرياتي اڳواڻ ڪوڙن آدرشن کي آڏو آڻي معصوم عوام جو رت ست چوسيندا آھن. ھن دور ۾ اسان انھن ياجوجن ماجوجن جي ور چڙھي ويا آھيون. ان ڪري اسان جي ادارن ۾ اونده لڳي پئي آھي ۽ اڪثر تنظيمن ۾ ڀينگ لڳي پئي. ان ڪري اسان کي پاڻ بدلائڻو آھي. پاڻ بدلائڻ لاء اسان کي تاريخ جو مطالعو ڪرڻو پوندو. تاريخ اسان جي اندر جون اکيون کولي ٿي ۽ اسان ۾ سچ ڪوڙ ۽ پنهنجي پرائي جي تميز پيدا ڪري ٿي. پهريون پنهنجن ويرن کي منھن ڏبو ته پوء ڌارين ويرين سان وڙھي سگهبو. وڌيڪ ڳالهين ڪرڻ کان اڳ مان اوهان جي خدمت ۾ سلام ٿو پيش ڪريان:
Dr.Pathan wishes you Good Day
[ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love]
دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي،
پر فقط ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي،
گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي،
سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،
پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،
لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان.
************
اچو ته هاڻي 13 فيبرورئ جي حوالي سان تاريخ تي نظر رکون.
************
ڌيان طلب واقعا
*************
13.2.1839:
پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر کي تفصيلي خط لکيو, جنھن جون خاص ڳالهيون هي آھن:1). ڊسمبر جي 24 تاريخ تي اسان جي فوج سر جان ڪين جي اڳواڻئ ۾ وڪر مان هلي ۽ 28 تاريخ تي ٺٽي پهتي. اتي مير جان خان ٽالپور ۽ نواب احمد خان لغارئ سندن استقبال ڪيو, 2). ميرن کي معاهدي جو متن پهچايو آھي. نواب احمد خان لغاري کين چئي ٿو ته اکيون ٻوٽي معاهدي ۾ انگريزن جون سڀ ڳالهيون نه مڃجن,3). ٺٽي ڪئمپ ۾ ھڪ ٻروچ ڪچو شراب اسان کان چورئ وڪڻڻ آيو. مون سوچيو ته کيس پڪڙي ميرن ڏي موڪليان, پر هو ڀڄي ويو ۽ ڪئمپ ۾ اسان جي سپاهئ هٿان مري پيو, 4). اسان جي فوج جو حصو جهرڪن ۾ ڪئمپ ٺاهي رهڻ لاء نڪتو ته سنڌي ماڻھن مٿن حملو ڪري نقصان پهچايو. مون اھڙي شڪايت ميرن سان ڪئي آھي, 5). مير صوبدار خان جو پٽ مير فتح علي, ان کان سواء مير شھداد, مير حسين ۽ مير محمد سر جان ڪين سان ملڻ آيا ۽ معزت ڪيائون ته هنن ڪن سببن ڪري اچي آڌرڀاء ڪرڻ ۾ دير ڪئي, 6). ميرن شاه شجاع لاء خراج ڏيڻ شروع ڪيو آھي ۽ پهرين قسط ۾ ڏه لک روپيا مون کي ڏئي ويا آھن.
13.2.1843:
ميجر آئوٽرام اڄ حيدرآباد مان نيپيئر ڏي هڪ تفصيلي خط لکيو, جنهن جون خاص ڳالهيون هي آھن: 1). اتر سنڌ جي ميرن سواء مير نصير خان خيرپورئ جي سمورن نئين ٺاه تي دستخط به ڪئي ۽ پنهنجي پنهنجي مهر به لڳائي. مير نصير خان سڀاڻي مهر هڻندو, 2). مير رستم خان بيشڪ تو سان ڪيترين ڳالهين ۾ ڪوڙو ثابت ٿيو آھي, پر هن کي هيسائڻ ۽ ڀڄائڻ ۾ مير علي مراد جو هٿ آھي. هن ان مان فائدو ورتو آهي, 3). ميرن جو مجموعي رايو آھي ته ٺاه جي نالي ۾ کين لٽيو ويو آھي. سندن رويئي ۾ آڻ مڃڻ واري تبديلي اچي وئي آھي, 4). مان اوهان کي تڪڙي پيش قدمئ کي روڪڻ جي گذارش ڪريان ٿو. ميرن کي پڪ ڏياري اٿم ته اوهان حيدرآباد بدران آگبوٽ ۾ سڌا ڪراچئ هليا ويندا. پر هنن کي انھئ ڳاله جي پڪ نه ٿي اچي, 5). هاڻي هاڻي خبر پئي آھي ته سنڌي عوام رات اسان کي اڦٽ مارڻ جو رٿيو هو پر ميرن اسان جي ڀرپور حفاظت جو بندوبست ڪري اسان کي بچايو.
هو ٻئي خط ۾ لکي ٿو ته ميرن/حڪمرانن ۾ نه پر ٻروچن ۾ وڏو شور آھي. هو قسم قران تي گڏجي جنگ جي حالت ۾ ڇتي ويڙھ ڪرڻ جا پھ پچائي رهيا آھن. اهو به خطرو آھي ته اهي مڇريل ٻروچ اسان تي حملو ڪن, پر اسان پنهنجي بچاء جو بندوبست ڪري ڇڏيو آھي. ميرن وري ضد تي بيٺا آھن ته جيڪو پرڳڻو مير علي مراد پنهنجي ڀاء مير رستم خان جو زورئ قبضي ۾ ورتو آھي, اهو مير رستم خان کي واپس ڪرايو وڃي. مير اها به ڪوشش ڪن ٿا ته مڇريل ۽ گڏ ٿيندڙ ٻروچن کي سمجهائي پنھنجي پنهنجي ڳوٺ واپس ڪن. تون هالا کان اڳتي فوج نه آڻجان. ان سان حالتون خراب ٿي سگهن ٿيون.
13.2.1843:
سڪرنڊ مان نيپيئر اڄ آئوٽرام کي لکي ٿو ته تنهنجي چوڻ تي مان ٻه ٽي ڏينھن رڪيو آھيان. پر خبرون ٿيون پون ته هتان کان حيدرآباد تائين هر ڪنهن شهر ڳوٺ ۾ ھٿياربند ٻروچ چرپر پيا ڪن. مان سڀاڻي سعيدآباد ۽ ٻئي ڏينھن هالا ويندس. وچ تي ٻروچ منھن چڙھيا ته هنن سان ٺاهوڪو حساب ڪتاب ڪندس.
13.2.1969:
لاڙڪاڻي واري گهر ۾ قيد ڀٽي اڄ کان امرجنسي هٽائڻ تائين بک هڙتال شروع ڪئي. انھئ دوران اصغر خان هن سان پنج ڪلاڪ ملاقات ڪئي. اصغر خان هن دور ۾ ڀٽي جو شيدائي رهيو. پر جڏهن ڀٽو اقتدار ۾ آيو ته ڦري سندس وڏو سياسي دشمن ٿي پيو.
13.2.1984:
سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جون چونڊون سال 1984ع لاءِ مرڪز جي نگراني ۾ ٿيون. جنهن ۾ مالڪ کوسو سيڪريٽري، رحميداد راهي سومرو جوائنٽ سيڪريٽري، خزانچي محمد نواز سومرو ۽ آڊيٽر هاديبخش سومرو کي بنا مقابلي ڪامياب قرار ڏنو ويو. جوائنٽ سيڪريٽري ۽ خزانچي کان علاوه محسن علي شاهه موسوي کي ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان انتخابي سب ڪميٽي ۾ مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج جويو سنڌي ادبي سنگت چڪ جو هارون چنو، چانڊڪا ميڊيڪل جو حفيظ الله حفيظ موجود هئا. آخر ۾ ڪامياب ٿيڻ وارن اميدوارن کي سيڪريٽري جنرل مبارڪباد ڏني. ۽ اميد ظاهر ڪئي ته هو محنت ۽ جذبي سان ڪم ڪندا رهندا.
13.2.1984:
سنڌي ادبي سنگت ڪوٽڙيءَ جي گڏجاڻي قمر عباسي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ اسير ملاح مضمون، گل محمد ترجمو، دين محمد اڪرم نظم، منگل فاني غزل، غلام رسول غرق وائي ۽ قمر عباس غزل پيش ڪيو. تنقيد ۾ مٿين کانسواءِ ميوو، منور چانڊئي، جاويد جوکئي ۽ روشن علي حصو ورتو.
13.2.1984
سنڌي ادبي سنگت ڏهرڪي جو تنظيمي ميڙ الهورايو راڄڙ جي صدارت ۾ ٿي گذريو، جنهن ۾ ڊاڪٽر لياقت ڀٽو، علي حسن جمالي، شمس الدين ڀٽو، راجڪمار، ڊاڪٽر ظفر ڀٽو، پنهل ڏهر،علي انور سومرو، رشيد ۽ شبير بيدار ڀٽو شامل ٿيا. اجلاس ۾ هن ڳالهه تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو ته شهيد هوش محمد شيدي جي قبر تي ڪجهه ماڻهن بئڪري تيار ڪري قبر جي بي حرمتي ڪئي آهي، ۽ سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪئي آهي. تنهن ڪري مطالبو ڪيو ويو ته شهيد جي قبر مٿان اڏيل بئڪري ڊاهي نئين سر قبر ٺاهي وڃي. قبر جي چوڌاري ديوار ڏياري وڃي ۽ اهڙي حرڪت ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.
13.2.1994:
بنظير ڀٽو بي.بي.سئ کي انٽرويو ڏيندي مڃيو ته هن سکن واري تحريڪ کي ڪچلڻ ۾ انڊيا جي وزير اعظم راجيو گانڌئ جي مدد ڪئي هئي.
13.2.1995:
ڪراچئ ۾ دهشتگردن هٿان هنگامن جي اڄوڪئ لهر ۾ 11 ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا.
13.2.1996:
سانگهڙ مان گئس جا ذخيرا لڌا ويا.
*************
{13 فيبروري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
13 فيبروري 1911ع اردو ٻولي جي ترقي پسند شاعر فيض احمد فيض جو جنم ڏينهن آهي.
13 فيبروري 1931ع ليکڪ قمر سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
13 فيبروري 1933ع ليکڪ هري همٿاڻي (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
13 فيبروري 1942ع سگهڙ پيرل ماڇي جو جنم ڏينهن آهي.
13 فيبروري 1949ع سياستدان مخدوم خليق الزمان (هالا) جو جنم ڏينهن آهي۔
13 فيبروري 1957ع شاعر، ليکڪ ۽ گلوڪار ٻلديو نند لال ڪالرو(شڪارپور / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي۔
13 فيبروري 1977ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪالم نگار رضوان گُل جو جنم ڏينهن آهي۔
[وڇوڙو:]
13 فيبروري 1865ع بزرگ سيد موسى شاهه ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
13 فيبروري 1947ع مذهبي اسڪالر پير الهيار شاهه جو انتقال ٿيو. سندن عرس هر سال 21 ربيع الثاني تي ملهايو ويندو آهي .
13 فيبروري 1979ع نامياري صحافي قاضي محمد اڪبر جو لاڏاڻو ٿيو.
13 فيبروري 2007ع شاعر الهنواز نواز رڪڻائي هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو.
13 فيبروري 2008ع شاعر عبدالرئوف منصور ويراڳي(هالا) جو انتقال ٿيو.
13 فيبروري 2016ع برصغير جي نامياري موسيقار روبن گوش جو ڍاڪا ۾ انتقال ٿيو.
13 فيبروري 2018ع صوفي راڳي شير شاهه جي وفات ٿي.
SINDH IN HISTORY TODAY (13th February)
13th February
BIRTH DATES
Hari Himthani (Hesab > Ajmir/Novelist/1930
Piral Machi (Haji Mashori/Folklore Poet/1942),
Baldev Kalro(Shikarpur > Mumbai/Singer/ poet/1947),
Makhdoom Khaliquzaman (Hala/Politician/1949),
Amar Ansari (Badn/Poe/1968),
Rizwan Gul (Larkano/ Writer & Poet/1977).
DEATH DATES
Altf Abbadi (Writer/2007),
Nawaz Ruknai (Poet/2007).
EVENTS
1928: Muhammad Ayub Khuhro is vested powers of Special Honorary Third Class Magistrate in his area, Larkano.
1931: The branches of Sindh Azad Party are opened at Chak and Deh 22 Nusrat of Tharparkar. For Chak branch K.B.Mir Muhammad Pathan, Pir Bux Khan, Abu Shoukat Hamzo and Allah dino are elected as President, Vice President, Secretary and Treasurer respectively. Whereas in Deh Nusrat Syed Jamal Shah (President), Moulvi Muhammad Moosa (Vice President), Syed Qabool Muhammad (Secretary) and Syed Hussain Shah (Treasure) are elected as office bearers.
1933: Sir Samuel in his statement in the House of common says that there could be no question of release Mr. Gandhi or other Civil Disobedience prisoners until Government had convincing reasons to believe that their release would not be followed by a revival of Civil Disobedience.
1939: a public meeting is held in Khalikdina Hall of Karachi with Haji Abdullah Haroon in chair. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi presented the Progress report. Whereas Muhammad Ayub Khuro spoke on the political situation of Sindh.
1969: Chairman PPP Z.A.Bhutto start hunger strike till lifting of emergency from the country. Asghar Khan hold talks with him for five hours in Larkano.
1977: Moulana Jan Muhammad Abbasi’s petition against Z.A.Bhutto’d unopposed election is dismissed by Election Commission of Pakistan for lack of sufficient evidence.1993: Supreme Court of Pakistan summons former COAS General (Rtd) Mirza Aslam Beg on contempt of court charges.
1994: In an interview with BBC Benazir Bhutto admits having helped Indian Prime Minister control Sikh uprising.
Subscribe to:
Comments (Atom)












