Sunday, 18 January 2026
SINDH in history today (19th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
19 جنورئ جي هئ ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علئ پٺاڻ ڪيو. اسان جي هئ محنت ۽ منهنجي محبت قبول پئي}
19th January
SINDH (including Pakistan) in history today with Good Day Wish.
***************
1. Good Day Wish:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Life is not everlasting. It has to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful.
If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.]
ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان,
جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي,
بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء,
اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ئي ڄاڻي,
سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري,
سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي,
محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي,
سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان.
***************
توجه طلب واقعا
***************
19.1.1832:
فرنگي نمائندو پاٽينجر جڏهن سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽ پهتو ته ماڻھن ھن کي ڪٽڪو به ڪڍيو ۽ هن کان سامان به ڦري ورتو, ڇو ته هي وطن دوست ماڻھو نه پيا چاهين ته ڪنهن ڌاريئي غير جا پير ڌرتئ تي پون ۽ وطن ڦورن جي ور چڙھي وڃي. پاٽينجر ساڻس ٿيل جٺ جي دانھن ميرن جي مهندار کي ڏني.
19.1.1849:
ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ ڊڪشنري ۽ گرامر لکيو, ان ڪم ۾ هڪ سنڌي پنڊت وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌ سرڪار کي لکيو ته سندس ڪتابن جو ملھ به مقرر ڪيو وڃي ۽ پنڊت کي به ڪجھ ڏوڪڙ ڏنا وڃن.
19.1.1932:
ڪانگريس حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته سرڪار وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاء ”امرجنسي پاورس آرڊيننس 1932" جي سيڪشن 35 مطابق سنڌ جي ماجسٽريٽن کي اختيار ڏنا.
19.1.1955:
اڄ کان ڪراچئ ۽ لنڊن وچ ۾ ھوائي سفر جي شروعات ٿي ۽ پي.آء.اي جي پهرين پرواز لنڊن رواني ٿي.
19.1.1957:
انقره ۾ ايران, ترڪئ ۽ پاڪستان جي وزير اعظمن جي ملاقات ٿي ۽ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
19.1.1969:
ايوب-شاهئ مان جند ڇڏائڻ لاء مخالف ڌر جي شروع ڪيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ حڪومت کان مطالبا مڃڻ لاء ”دستخطي مهم" ھلائي وئي.
19.1.1972:
بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ بينظير کي هڪدم ڪراچي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو.
19.1.1985:
حڪومت مخالف "ايم.آر.ڊئ" اڄ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
19.1.1989:
پاڪستان ۾ پي. ايل.او مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو.
***************
جنم ڏينهن:
***************
19 جنوري 1924ع ناليواري ليکڪ تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر اياز قادري جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1936ع شاعر راحم صديقي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1937ع سياستدان رسول بخش انڙ جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1939ع صحافي غلام رسول ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1951ع صحافي حڪيم رحمت الله (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1973ع شاعر انور منصور مڱريوجو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1988ع شاعر وفا غلام علي اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1990ع شاعر غلام مرتضى شيخ(سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
***************
وڇوڙو:
19 جنوري 1951ع مذهبي اسڪالر مولانا نبي بخش جي وفات ٿي.
19 جنوري 1996ع فلمي اداڪار سڌير جي وفات ٿي.
19 جنوري 2003ع اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواري شيرين امير بيگم ڀٽوجي وفات ٿي.
19 جنوري 2013ع گلوڪاره مهناز بيگم جي وفات ٿي.
2. Events from history :
***************
1832: On his arrival at the mouth of Indus, Colonel Pottenger is beaten and his baggage is snatched by Sindhi people. It was not an act of crime, but Sindhis were politically conscious and that that presence of an English man is high risk for the independence of Sindh. Colonel Pottenger lodges protest with ‘Mihandar’ of Talpurs.
1849: First ever Dictionary in Sindhi and Grammar is compiled by Captain Stack, Dy. Collector. He approaches the Government for fixing of the price for books and remuneration for Pandit , who helped him in this task.
1931: Round Table Conference ends in London.
1932: Under Section 35 of the Emergency Powers Ordinance, 1932 (2 of 1932) Magistrates in Sindh are invested with powers of Special Magistrates to combat Non – Co – Operation movement launched by the Congress.
1955: Karachi – London PIA service is inaugurated by the Prime Minister of Pakistan, M.A.Bogra.
1957: Matter of mutual interests are discussed by Premiers of Pakistan, Turkey and Iran in Ankra.
1969: A campaign to obtain signatures of the citizens in support of 8 – points program of DAC is launched in Karachi. Opposition is determined to get rid of Ayub – Shahi.
1972: The Council of Pakistan Newspapers Editors (CPNE) demands repeal of repressive press laws 1978: Begum Nusrat Bhutto is put under house – arrest and Benazir Bhutto is asked to leave Karachi.
1985: MRD decides to boycott general elections.
1989: PLO mission in Pakistan gets embassy status.
Saturday, 17 January 2026
SINDH in history today (18th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
18 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هن پوسٽ ۾ سنڌئ سان گڏ انگريزئ ۾ به ”واقعاتي تاريخ“ ڏني وئي آھي}
18th January
Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish.
***************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
تاريخ کي هنئين سان نه هنڊائڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اسان مان ڪيترا اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته سندن وڏا عربستان کان يا افغانستان کان آيا, بخارا کان آيا يا ڀارت کان آيا. ڪي ذات پات ۾ سماٽ بدران پاڻ کي غير سماٽ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. اسان جون سوچون ۽ رويا اهڙا هوندا ته سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماضئ سان محبت ڪير ڪندو. انھئ سوچ نفسياتي طور تي سنڌ کي "دائمي يتيم خاني" بنائڻ ۽ قبول ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. پوء اهي ڪهڙي منھن سان 1947 کان اڄ تائين اتر, اولھ ۽ اوڀر کان آڪهيون گهلي ايندڙن تي ميارون رکندا ته هو سنڌ جي شاندار ماضئ جا ڇو منڪر آھن ۽ سنڌي ٻولئ خواه ثقافت سان نفرت ڇو ٿا ڪن. پنهنجئ وڍئ جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان پنهنجي سوچن ۽ روين سان پاڻ سان, سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماضئ سان دشمني ڪئي آھي.
انھن سوچن ۽ روين کي مٽائڻ لاء اسان کي ماضئ سان محبت ڪرڻي پوندي.
مان ماضئ ۽ ماروئڙن جي ياري رکرائڻ لاء جتن ڪيان ٿو ۽ روز تاريخ مان ورق کڻي ٻڌايان ٿو ته صدين کان وٺي اسان جا حال ۽ افعال ڪونه مٽيا آھن. حڪمران شير شاه جي شڪرن جهڙا مليا آھن ۽ اسان سيس نمائڻ واري شخصيتون پرست مخلوق پئي رهيا آھيون.صدين جي غلامئ جي اها دز ڇنڊڻ لاء اسان کي صدين جي تاريخ پڙھڻي پوندي. تاريخ نه پڙھڻ, غلامئ جي وڏي نشاني آھي.
***************
18.1.1843:
آزاد سنڌ جي غلامئ ۾ باقي ٿورا ڏينھن پيا آھن. نيپيئر وڏئ فوج سميت افغانستان مان ته پادر کائي موٽيو, سنڌ ۾ ڏٺائين ته ميرن کي گهران لڳي پئي آھي. ان ڪري هن ميرن جي باهمي اختلافن ۽ پنهنجئ بدنيتئ مان فائدو وٺندي مير حڪمرانن تي پنهنجئ مرضئ جا ٺاه مڙھڻ شروع ڪيا. سندس ئي زيردست آئوٽرام هن سان ٺاه جي ڪن شقن تي اختلاف ڏيکاريو. اهي شقون هيون ته سنڌ ۾ سڪو جاري ڪبو,جنهن تي راڻئ جي تصوير هوندي. ٻي شق هئي ته مير ٺٽو فرنگين حوالي ڪندا.
18.1.1844:
ڦليلي واه تي حيدرآباد ۾ جيڪي پليون آھن, اهي ميرن جي دور ۾ ڪونه هونديون هيون. اڄوڪئ تاريخ تي سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي پل ٺاهڻ لاء مراسلو موڪليو. اتان منظوري آئي ته ڪم شروع ٿيو.
18.1.1912:
انگريزن جو زمانو ڌارين جو زمانو هو ۽ هن زماني ۾ سنڌ جي قيادت تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهيو ۽ تعليمي ادارن ۾ تنهن دور جون وڏيون شخصيتون اينديون هيون. اسان جي دور ۾ اها روايت گهٽجي وئي ته هاڻي ادارا الائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتا آھن.
اڄوڪي ڏينھن تي سر آغا خان سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو ۽ اتي شاگردن خواه استادن کي خطاب ڪيائين.
18.1.1938:
سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي جي.آر. پوليٽيڪل ائنڊ مسيلنس ڊپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-S
ڊريعي سنڌ جي لوڪلبورڊن ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن. ”سنڌئ“ جو مطلب ته 1). جيڪو سنڌي ڳالهائي, 2). سنڌ ۾ رهندڙ ھجي ۽ 3). سنڌ ۾ ڄائو هجي.
18.1.1969:
ڍاڪا يونيورسٽي ڪئمپس تي سرڪار شديد ٽيئر گيس شيلنگ ڪرائي. ان زماني جي اوڀر پاڪستان جمهوريت جي بحالئ کان وٺي ويندي آزادئ لاء بي مثال قربانيون ڏنيون. هنن پنهنجي يونيورسٽين کي بارود جا گدام نه بڻايو پر انھن مان سرڪار طرفان استعمال ڪيل بارود ۽ ٽيئر گيس جي دپ وڏي عرصي تائين وڌندي رهي.
18.1.1986:
ملڪي سطح تي سنڌين ڪڏهن موقعا مليا ته ڪڏهن ڳڙ چٽائي ڪاٺ سندن ڪلهن تي رکيو ويو. انھن ٻنھي سببن مان هڪ سبب هئو جو محمد خان جوڻيجو پاڪستان مسلم ليگ جو صدر بڻيو.
18.1.1989:
پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف صوبي جي گورنر جنرل ٽڪا خان جا ڪن کڻايا ته تون پنھنجي پاڻئ کان نه نڪر ۽ صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ ٽنگ نه اٽڪاء.
***************
{ڏينهن 18 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
18 جنوري 1886ع سياستدان کيمچند امرت راءِ (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1916ع اداڪار خوشي مولواڻي (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1940ع سياستدان سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1944ع ليکڪ عزيز جعفراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1948ع صحافي ديانند ڪرپلاڻي (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1949ع ليکڪ خليل مورياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1952ع اداڪار پرڪاش اڀيچنداڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1952ع سياستدان مير غلام الله خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1964ع ليکڪ الطاف باگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.[وڇوڙو:]
18 جنوري 1881ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات ٿي.
18 جنوري 1955ع اردو جي ناليواري افسانه نگار سعات حسن منٽوجي وفات ٿي.
18 جنوري 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.
18 جنوري 1961ع ليکڪ حڪيم محمد صادق راڻيپوري وفات ويو.
18 جنوري 2010ع ليکڪ ۽ محقق غلام رباني آگرو انتقال ڪري ويو.
18 جنوري 2011ع ليکڪ، اديب ۽ شاعر منٺار سولنگي انتقال ڪري ويو.
18 جنوري 2019ع ڊرامن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو وڇڙي ويو.
1.Good Day Wish:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Beauty without quality of accepting love, is a colourful flower without fragrance. Love without sincerity and sacrifice is fraud. Human-love & respect it is self-respect & love. To promote peace is better than to protect ego, hatred & discrimination]
سونھن تہ ھجي پر سا جي بره بغیر،
سھٹو گل جیئن پوء سرھاڻ سواء،
قرب ھجي پر قرباني جي ڪانھي،
محبت-وند ماٹھو پوء ڪين سڏاء,
پرین پاڻ جي بدران تون پیار پڏاء،
دنیا کي ٻڌاء، ساز سرت سلام سندو.
***************
2. Events from history (18th January):
18th January
1844: Sir Charles Napier, Sindh Governor sends three drawings of bridge to be constructed over the Fullei to the Governor – General of India and request for approval one of them and permission to start work.
1858: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case of Ali Akbar s/o late Ghulam Shah Laghari to give up 1/3 of the land of his Jageer in lieu of paying a fixed assessment of Rs.49 per cent mensem.
1924: New NGO ‘Arya Yovk Samaj’ is formed in Karachi and Biharilal Sahinji (President), Chamanlal (Vice President), Mohan Lal (Secretary), Bhagatram (Assistant Secretary), Puran Chand (Treasurer), Khairatiram (Library Incharge) and Karamchand (Auditor) are elected as its founder office – bearers. This NGO remained active for so many years.
1938: Sindh Government, vide its Directive No G.R.Political Department, asks Local Bodies and other organizations to appoint ‘Sindhis’ in their services. It also defines that Sindhi means a person born in Sindh and speaks Sindhi.
1965: ‘Pakistan does not want see differences between Indonesia and Malaysia. Will help solve dispute, if asked and desired for.’ Says Z.A.Bhutto, Foreign Minister.
1966: Pakistan to export rice to Soviet Union and import Road building and agricultural machinery. Agreement is signed between both countries.
1967: Advisory Committee to the USA President arrives in Pakistan to make a first - hand check on American Aid Program.
1972: ‘I am willing to step aside and prepared to do ant thing, if Pakistan can be kept one and united’, says Z.A.Bhutto, President of Pakistan.
1989: Punjab Chief Minister, Nawaz Sharif asks Punjab Governor Tikka Khan to desist from violating constitution.
1991: Pakistan Government expels the Press Counselor of Iraqi Embassy in Islamabad for recruiting mercenaries.
Friday, 16 January 2026
SINDH in history today (17th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
سنڌ-دوست سپورنج ساٿيو! 17 جنورئ تي دعا سلام سان گڏ ”واقعاتي تاريخ“ پيش ڪجي ٿي. اها مون لکي ۽ ان جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو آھي. شروعات ۾ سنڌئ لکت آھي ۽ ان بعد انگريزئ ۾ به ڏني وئي آھي ته جيئن سنڌي نه ڄاڻندڙ به سڳورئ سنڌ جي تاريخ پڙھي سگهن. اوهان پاڻ به پڙھو ۽ پنهنجئ سنگت ۾ به ونڊيو. ايئن تاريخ جي پرچار واري تحريڪ جو حصو بڻجو.
*****
17th January
SINDH (including Pakistan) in history today & Good Day Wish:
17.1.1887:
ممبئي پريزيڊنسي جي گورنر لارڊ ري اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ آرٽس ڪاليج" (ڊي.جي. ڪاليج) کلڻ جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج ٺٽئي ڪمپائونڊ ۾ هڪ مسواڙي جاء ۾ قائم ڪيو ويو آھي. پهرين ڏينھن تي 28 شاگر ڪاليج ۾ داخل ٿيا.
17.1.1912:
سر آغا خان ڪراچئ ۾ ”سنڌ مدرسي" جو دورو ڪيو, ۽ ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيو.
17.1.1920:
سنڌ صوبي جي ڪانگريس ڪميٽئ جليانوالا باغ ۾ ماڻھن تي سڌيون گوليون هلائڻ جي مذمت ڪئي متآثرين لاء هڪ فند قائم ڪيو.
17.1.1942:
محراب پور جي پير ۽ وڏيري پير سيد حسن شاه جي صدارت ۾ قمبر ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ جي.ايم.سيد, ايوب کهڙو, قاضي فضل الله, آغا نظر علي, مولوي محمد اسماعيل, مولوي غلام رسول ميهڙ واري, بٺئ جي مولوي محمد ابراهيم, مولوي عبدالڪريم ميڻائي, محبوب تئيئ جي مولوي محمد دائود, بڪاپور جي حڪيم سيد علي محمد شاه, اهيرئ جي مولوي محمد خان, ٿرڙي محبت جي مولوي سيد تاج محمد شاه, درگاه نورنگ شاه جي سيد ڇٽل شاه, مولوي عبدالڪريم بروهئ, وڏيري علي حسن هڪڙي, حڪيم عبدالرشيد, رئيس مٺل خان لاکي, رئيس حاجي در محمد, رئيس محمد يعقوب, مولوي محمد عظيم شيدا, غلام محمد اسراڻ ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي حق ۾ تقريرون ڪيون.
17.1.1978:
نئين سياسي منظر جي روشنئ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاء ارباب سڪندر اڄ جي. ايم.سيد سان مليو ۽ رحيم بخش سومري وري مولانا مودودئ سان ملاقات ڪئي.
***************
اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1906ع شاعر حادن فقير جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردارجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه/جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪليجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اخترجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو.
وڇوڙو:
17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي.
17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي.
17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا(شڪارپور) جي ديهانت ٿي.
17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي.
17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي۔
17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهوکي شهيد ڪيو ويو.
17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو.
17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي.
17 جنوري 2014ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو.
1. Good Day Wish:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty.
Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please]
تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء،
نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء،
تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء,
پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟
2. Events from history (17th January):
1887: The Governor of Bombay Presidency, Lord Reay performs the opening ceremony of the Sindh Arts College (D.J.Sindh). The College is opened with 28 students on the roll. The college is housed in a small building at the site known as Thattat Compound.
1912: His Highness Sir Agha Khan visits Sindh Madressah and addresses the faculty and students.
1920: The Sindh Provincial Congress Committee deplores the tragedy of Jallianwala Bagh and decides to raise fund for to help affected families in Punjab.
1942: Pakistan Conference is held at Kambar. It is presided over by Pir Syed Hassan Bux Shah, landlord of Mirabpur of District Nawabshah . It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro, Qazi Fazalullah, Agha Nazar Ali, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Ghulam Rasool of Mehar, Moulvi Muhammad Ibrahim of Buthi, Moulvi Abdul Karim Menai, Moulvi Muhammad Daud Of Mahboob Tunio, Hakim Syed Ali Muhammad Shah Baqapuri,Moulvi Muhammad Khan of Aheri, Moulvi Syed Taj Muhammad Shah of Manah Tharrai, Syed Chhatal shah of Dargah Nourang Shah, Moulvi Abdul Karin Brohi, Wadero Ali Hassan, Hakim Abdul Rashid, Rais Mithal Khan Lakho, Rais Haji Dur Muhammad, Rais Muhammad Yaqub, Moulvi Muhammad Azim ‘Sheda’, Ghulam Muhammad Isran, Agha Ghulam Nabi and others. The event is an eye – opener for those, who do not see the role played by Sindh in creation of Pakistan. The events carry another lesson also and it is that the trio of Pir, wadero & Moulvi has brought Big Changes as desired and required by them.
1952: The Soviet Union in its first major intervention in the Kashmir dispute charges Britain and USA with maneuvering for transform Kashmir into a military springboard against the Soviet and China.
1978: Politicians are busy in one to one meetings. Arbab Sikandar meets G.M.Syed and Soomro meets Moulana Maudoodi.
1971: President Yahya and Z.A.Bhutto holds talks on political situation in Larkano.
Thursday, 15 January 2026
SINDH in history today (16th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
”واقعاتي تاريخ" اوهان لاء پيار ۽ پاٻوه مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هئ اوهان کي هڪ ئي پوسٽ ۾ پهريون سنڌئ ۽ پوء انگريزئ ۾ گڏ و گڏ ڏجي ٿي ته جيئن سنڌي نه سمجهندڙ انگريزئ ۾ اها پڙھي سگهن.]
SINDH (including Pakistan) in history today [16th January] & Good Day Wish
***************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
شخصيتن جا پوڄاري آدرشن جي پوئواري ڪونه ڪندا آھن. حال جي حالتن کان داغدار ٿيل چهرا ماضئ جو آئينو ڪو ڏسندا آھن. آئيني ڏسڻ وارا داغ مٽائي سگهندا آھن ۽ آدرشن/نظرين/قدرن جا پوئلڳ پنهنجا گم ٿيل رستا ڳولهي وٺندا آھن. اسان به جيڪڏهن چڪڻ مان چڙھڻ گهرون ٿا ته پوء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو پوندو.
انھئ مطالعي لاء مان تاريخ مان 16 جنورئ جو ورق کڻي آيو آھيان. انھن ۾ واقعن, ولادتن ۽ وفاتن جو ذڪر آھي.
***************
[ڪجھ واقعا]
***************
16.1.1841:
هن کان اڳ سنڌوندئ ۾ ڪاٺ مان جوڙيل آگبوٽ ھلايا ويندا هئا. هاڻي فيصلو ٿيو ته لوه مان ٺاهيل آگبوٽ به سنڌ ۾ هلائجن.
16.1.1854:
هن کان اڳ 1850 ۾ حيدرآباد ميونسپالٽئ سان ايڪٽ ته لاڳو ڪيو هو. پر ان لاء قائدا قانون ڪونه جوڙيا ويا هئا. اهي حيدرآباد جي ڪليڪٽر اڄ سرڪاري منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏنا.
16.1.1909:
ممبئئ صوبي جي گورنر سر جارج سيڊنھام ڪليرڪ سنڌ مدرسي ۾ ”حسن علي هائوس" [هاسٽل] جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر رکيو. هن عمارت تي آيل خرچ جو اڌ سنڌ جي عوام ڀريو ۽ اڌ سرڪار ڏنو. هئ جاء فيبروري 1910 ۾ ٺھي راس ٿي.
16.1.1920:
تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تنيئي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. ان جي صدارت مولانا محمد اسماعيل ڪئي. آزادئ جو مال ملالا کائي ويا. باقي سنڌ تحريڪ آزادئ دوارن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ تحريڪون هلائي انگريز حڪومت کي نڪ ۾ دم ڏنو. سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت کي سلام آھي.
16.1.1921:
نواب شاه ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو. تقرير ڪندڙن پوليس جي ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ سياسي ڪارڪنن جي بيجاء وٺ پڪڙ تي پنهنجي بي چينئ جو اظھار ڪيو.
16.1.1931:
سنڌ جاڳي پئي. هڪ ئي ڏينھن ۽ ساڳئ تاريخ تي هي جلسا ٿيا: * مولوي عبدالعزيز جي صدارت ۾ امروٽ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, * جمعيت نظام المسلين طرفان ڪراچئ ۾ جلسو ٿيو, * قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگئ, مولوي محمد سليمان واعظ, مولوي محمد صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ "انجمن اصلاح المسلمين" نالي تنظيم ٺاهي وئي. ان لاء مولانا نورنگئ کي صدر, مولانا محمد عظيم شيدا کي نائب صدر, مولانا غلام صديق کي ناظم, حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو * بٺئ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو.
16.1.1937:
حيدرآباد جي "ينگ مسلم سوشل سروس ليگ" جو ششماهي اجلاس ٿيو. خاڪسار وليداد ۽ عبدالڪريم آيل ميمبرن جي چانه پاڻئ جو اهتمام ڪيو.
16.1.1941:
ڏوڪري مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ ٽي ٺھراء پاس ڪيا ويا, ڪجي ڪي آھن: 1). سنڌ اسيمبلي لوڪلبورڊ ۾ گڏيل چونڊن وارو بل پاس نه ڪري, 2). ڊاڪٽر دائود پوٽي کي پڪو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ڪري مقرر ڪجي, 3). مير بنده علئ جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان.
16.1.1948:
لاڙڪاڻي ۾ ”ھاري ورڪنگ ڪميٽئ" جو اجلاس ٿيو, جنھن ۾ هارين بابت ڏنل "راجرس ٽامس رپورٽ“ کي هارين جي مفادن خلاف ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ھارين جي مطالبن کي آخري شڪل ڏيڻ لاء حيدر بخش جتوئئ, عبدالقادر کوکر ۽ جان محمد پلئ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي.
16.1.1960:
پاڪستان کي 22 ملين ڊالر قرض ڏيڻ لاء اڄ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٺاه ٿيو. پر منھنجي ۽ سنڌ جي اقتصادي ماهرن وچ ۾ ٺاه ڪونه ٿيندو. ڇو ته اهي ٻڌائن ئي نه ٿا ته پاڪستان کي مليل سموري قرض ۽ امداد مان سنڌ تي ڪيترو خرچ ٿيو.
16.1.1991:
سنڌ سرڪار جي ايم.سيد تي مڙھيل غدارئ جو ڪيس واپس ورتو.
16.1.1994:
مير مرتضا ڀٽي اڄ ”شھيد ڀٽو پيپلز پارٽئ" قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
******************************
{16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو/اديپور) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهرجو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخارئ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻئ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آھي.
[وڇوڙو:]
16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجزجو انتقال ٿيو.
16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙجي وفات ٿي.
16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.
16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻئ ديهانت ڪري ويو.
16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي.
16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو.
16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقئ گذاري ويو.
16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻي وفات ڪري ويو.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[My Dear! I respect every body. But, accept and love my ideal, who is lover of people & Motherland. He/she is man/woman of vision & wisdom. His/her life is of cause, by cause and for noble cause]
تن لاء ھئ جسو جگر جاء پناھ،
جي سارن سدا سرت ۽ سونھن،
انھن سان ئي آھي ورونھن،
رشتو ناتو دل ۽ دعا سلام جو.
***************
2. Events from history:
(16th JANUARY)
1850: First ever Church is built in Karachi.
1909: The Governor of the Bombay Presidency lays foundation stone of ‘Hassan Ali House’ in Sindh Madrasah, Karachi. The building took one tear in its completion.
1920: The local branch of Khilafat Committee holds public meeting at Goth Mahboob of taluka Mirokhan. It is presided over by Moulana Muhammad Ismail. Speakers apprise people of the high handedness of the Government and mishandling of Khilafat issue. They are asked to take active part in politics so as to save country.
1921: Nawabshah Khilafat Committee holds public meeting that is attended by large number of people. Speakers condemned the negative and anti – people role of police. People are asked and advised to face any kind of difficulty in the greater interest of country.
1931: The day provides wonderful evidence about political vision & wisdom of Sindh. Today, my country is politically active in her length and breath. Jamiat Nizam –ul- Muslimeen holds public meeting at Karachi, Local branch of Khilafat Committees holds public meeting at Amrot, Buthi of taluka Mirokhan and other so many places. Anluman Islah al- Muslimeen is formed at Kambar, and Moulana Naurangi (President), Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’ Solangi (Vice President), Moulana Ghulam Siddique (Secretary) and Haji Fatih Muhammad (Treasurer) are selected its founder office – bearers. Today, condolence meetings on the death of Moulana Muhammad Ali ‘Johar’ are held in almost all cities of Sindh.
1948: Sindh Hari Committee rejects Rojor Toms’ Report on improving conditions of peasants. The party constitutes it Committee on the subject that consists of Hyder Bux Jatoi, Abdul Qadir Khokhar and Jan Muhammad Pali. The meeting is held at Larkano.
1957: Pakistan makes a strong plea for immediate stationing of U.N troops in Kashmir.
1965: Combined Opposition Parties (COP) Conference opens at Karachi with aim to prepare political line of action regarding elections. The Central Working Committee of the Council Muslim League decides to support boycott of the assembly elections.
1979: Another White Paper is released by the Government so as make people believe that Z.A.Bhutto disregarded law and tried to build an authoritarian state.
1991: Benazir leaves for London. Sindh Government takes back sedation case against G.M.Syed.
1992: PDA and ANP in NWFP are busy blaming and counter blaming each other on the issue of Kalabagh Dam. Federal Minister, Jam Yousif is determined to resolve the issue politically.
Wednesday, 14 January 2026
SINDH in history today (15th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
سنڌ جي ”واقعاتي تاريخ“ سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ سنڌ-دوست ۽ تاريخ-دوست ساڃھ-وندن جي مطالعي لاء پيش ڪجي ٿي. اها مون (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) لکي ۽ منهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ انهئ جو ترجمو ڪيو}
Sindh (including Pakistan) in history & Good Wish [15th January] اسان ڀلي ماضئ ۾ نه ٿا رهون, پر اسان جي حال ۽ حالتن جون پاڙون ماضئ ۾ کتل آھن. ان ڪري ماضئ سان اٽوٽ رشتو آھي ۽ رهندو. پنهنجي سوچن لوچن کي سمجهڻ ۽ انھن ۾ نئين جوت جلائڻ لاء ۽ حالتن کي بدلائڻ لاء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو ئي پوندو. ماضئ کان منھن موڙڻ وارين قومن کان وقت جون حالتون منھن موڙي وينديون آھن. اچو ته حالتن جي بي رخين کان بچڻ لاء تاريخ پڙھون. مان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ تاريخ مان 15 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي ڪن واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. *************** 15.1.1843: نيپيئر سنڌ جي سمورن ميرن ڏانھن هدايت نامو ڏياري موڪليو ته پاڻ يا پنهنجي وڪيل کي هن مهيني جي 20 تاريخ تي خيرپور ۾ پهتو ڪيو ۽ اسان جي عملدارن سان ڪانفرنس ڪري نئين معاهدي تي دستخط ڪريو. پر ياد رکو ته ڪنهن بي اختيار وڪيل کي ڪانفرنس ۾ ويهڻ نه ڏبو. 15.1.1844: گورنر جنرل اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي طول عرض ۾ جتي ڪٿي واپاري برادرئ جو تحفظ ڪيو وڃي. 15.1.1920 حيدرآباد ۾ ڪوٺايل "پهرين خلافت ڪانفرنس" سنڌ جي سياسي تاريخ جو وڏو واقعو آھي. هئ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي هئي ۽ ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس جي صدارت مولانا غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي هئي. حڪومت خلاف ايڏو عوامي ميڙاڪو اڳ ڪونه ٿيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي انھئ زماني ۾ حيدرآباد جي هفتيوار "الامين" جو ايڊيٽر هو. هن انھئ اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ خلافت ڪانفرنس جوتفصيلي احوال ڏنو. 15.1.1939: اچون ته ڏسون پنهنجي وڏڙن جا ڪم. سنڌ جي فرنگي گورنر لاڙڪاڻي اچڻ جو پروگرام رٿيو. لاڙڪاڻي جي ضلعي عملدارن ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اچي ڳڻتئ ورايو ته روڊن تان لنگهندي متان گوري حاڪم جي منھن ۾ ڌوڙ نه پئي, ان ڪري 15 جنورئ کان 5 فيبرورئ تائين ڏينھن رات پورا ويه ڏينھن روڊن رستن جي صفائي ڪرايائون ۽ مٿاهن گاه,پلال ۽ ڏير وجهرايائون. ميروخان تعلقي جي مقدم محمود ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي بيلدار جو ڪم مڪاني ادارن جي عملدارن ميبرن کي وڻيو ۽ کين جنوري فيبروري مهينن جي پگهار ۾ ٻه روپيا اسپيشل الئونس ڏنائون. هاڻي ته گورنرن وزيرن کي ڪو کنگهي به نه ٿو, پر گوري انگريز گورنر لاء اسان جي وڏڙن ويه ڏينھن روڊ ٻھاريا. 15.1.1979: ملڪ جي مارشلائي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. کيس ڦاهئ تي چاڙھڻ جا ڏينهن مٿان اچي پيا هئا. ان ڪري عوام کي مڃرائڻو هو ته ڀٽي ملڪ جي ڀينگ ڪئي آھي. 15.1.1987: دهشتگردن ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ رڻ ٻاري ڏنو. چار ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. ٻنھي شھرن ۾ فوج گهرائي وئي. 15.1.1995: ورلڊ بئنڪ جي مريدي آڳاٽي آھي. اڄ پاڪستان کي 490 ملين ڊالر ڏيڻ جو وعدو ڪيائين. پر مون کي ڪو سنڌ جو اقتصادي ماهر اهو نه ٻڌائيندو ته شروع کان ملڪ ڪيترا ڏوڪڙ ورتا ۽ انهئ ٻوڙ مان ڪو سنڌ کي رهو به مليو يا نه. *************** {15 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 15 جنوري 1885ع شاعر جمعي خان غريب جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1902ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1910ع صحافي عبدالغفور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1916ع شاعر امان الله مفلح جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1918ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبد الناصرجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جنوري 1925ع ليکڪ ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1930ع گلوڪار ۽ شاعر حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع شاعر بهارو بي وطن جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع مشهور قومي شاعر ابراهيم منشئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1936ع صداڪار ۽ اداڪار غفار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1937ع سگهڙ ميوو چانگ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1938ع مشهور قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر سيد حسين شاهه راشدئ جي پيدائش ٿي. 15 جنوري 1940ع شاعر عزيز ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1947ع آرٽسٽ ميول نيونند رام آهوجا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع شاعر سائل ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع تعليمي ماهر تهمينه سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1953ع شاعر حاتم لانگاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1954 ليکڪا ۽ پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1955ع صحافي محمد حيات شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1958ع اداڪاره شبيران چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1959ع ليکڪ منصور اداس ٿلهو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1961ع ليکڪ، شاعر ۽ استاد محمد مٺل جسڪاڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ شاعر سيد زوار نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ سيف قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1963ع شاعره پشپا ولڀ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1967 ٽنڊي باگي جي شاعر صابر شيدئ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1970ع شاعر امداد جعفرئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1970ع صحافي همسفر گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1971 شاعره شمس مارئي جي جنم جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1973ع صحافي بابر منير قاضي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي 15 جنوري 1984 شاعر حاتم لانگاه جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 15 جنوري 1873ع صوفي شاعر ۽ بزرگ فقير قادر بخش بيدل جي وفات ٿي 15 جنوري 1957ع شاعر غلام حيدر ڪوثري جي وفات ٿي. 15 جنوري 1972ع شاعر الهه بخش سرشار عقيلي جي وفات ٿي.
1.Dr.Pathan wishes you
Good Day: [When your act of love and respect start creating selfishness, ego and hypocrisy in other hearts, believe that you are misusing human values and also you will be misused for interests of other minds. Neither you will be accepted, nor respected accordingly. You will not be responded and reciprocated properly. Change the place and change the people. Time, place and circumstances are not supporting you to share and promote love & beauty, sincerity & sacrifice and vision & wisdom ]
محبت نسبت خدمت وجهي جي خانن کي کاري،
اھي ماڳ اھي ماٹھون ڇڏجن دل تان وساري،
قدر نہ ڪن پنھنجو سي ڇڏن در تان ڌڪاري،
متان رويا ساري، ویھین وساري سون سلام کي
. 2. Events from history: 1856: British Government while granting Jageers used to fix 4 to 5 per cent tax. But, gave favor to trust – worthy Jagerdars. For this purpose ‘rent – free tenures system’ is introduced and some Jagerdars are allowed not to pay tax for some specific period. 1920: Shaikh Abdul Majeed Sindhi is the editor of Al - Amin of Hyderabad, and today he makes the paper as historic document. The said Newspaper carries details about the 1st Sindh Khilafat Conference held at Hyderabad. 1941: Dokri Muslim League demands the appointment of Dr. Daudpoto as Director of Public Instructions (D.P.I = Education) on permanent basis. The meeting also congratulates Mir Bandah Ali Khan on his joining Muslim League. 1948: The U.N. Security Council begins debate on Kashmir issue. India presents her view point today. 1956: The P.I.D.C’s Rs 17 million Zeal Pak Cement Factory, Hyderabad, goes into production. 1963: Z.A.Bhutto reaches New Delhi for holding ministerial level talks on Kashmir and other issues with India. 1979: Three volumes of ‘White Paper’ on and against Bhutto are released. Minds are masses are being prepared to listen and accept a BIG NEWS in near future. 1987: Troops are called out in Hyderabad, Curfew is imposed in Karachi. Both cities become Burning spots. Judicial inquiry into violence incidents is ordered. 1991: Protest rallies are held in Pakistan against presence of U.S forces in the Gulf.
Tuesday, 13 January 2026
SINDH in history today (14th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
اڄ 14 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس وڏي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. هي قلمي پورهيو اوهان اڳيان سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ لکيل حاضر آھي]
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [14th January)
**************
. واقعاتي تاريخ:
چوڏهين جنوري
***************
14.1.1840:
سنڌ ۾ حڪمراني ته ٽالپورن جي هئي, پر فرنگين هر ڪم ايئن ڪيو, جيئن سنڌ سندن ابن ڏاڏن جي جاگير هئي. هن وقت تائين اهي سنڌوندئ کي پنهنجي فوجي ۽ واپاري آمدرفت جو ذريعو بڻائي چڪا هئا ۽ انهن جا ڪيترا آگبوٽ ھلندا ھئا. ممبئئ سرڪار ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت کان اجازت گهري ته جيئن سنڌ ۾ آبي آمدرفت لاء هڪ ادارو قائم ڪجي. ڪمپني حڪومت ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مقيم راس بيل ۽ ڪئپٽن آئوٽرام کان رايو طلب ڪيو.
14.1.1848:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪيو ته ميرن جي حڪومت ۾ ڪهڙن ماڻھن ۽ ادارن جي سرڪار مالي مدد ڪندي هئي
14.1.1857:
سنڌ ۾ قائم ڪيل آڳاٽين ميونسپالٽين مان منجهند به هڪ ميونسپالٽي هئي. اڄ انھئ جا رولس ٺاهي ممبئي حڪومت ڏانھن منظورئ لاء موڪليا ويا.
14.1.1951:
سنڌ هاري ڪميٽئ جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ جي اره زورائئ سان جاگيرداري نظام جي حمايت ڪرڻ تي مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو سنڌ مان جاگيردارانه نظام ختم ڪيو وڃي.
14.1.1978:
جنرل ضياء الحق اڄ پنهنجئ حڪومت لاء ھڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي, جنھن ۾ سنڌ مان اي.ڪي. بروھئ, مولابخش سومري, اي.جي. اين قاضئ کي به ميمبر طور کنيو ويو.
14.1.1992:
آمريڪا جي سينيٽر پريسلر اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيسيتائين پاڪستان نيوڪلر پروگرام تان هٿ نه کڻندو, ان وقت تائين کيس آمريڪي امداد نه ڏني ويندي.
***************
14 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌريجو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسفجو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1966ع شاعر منظور مولائي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو.
14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي.
14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويوجو انتقال ٿيو.
14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگورئ جي وفات ٿي.
14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي
1. GOOD WISH:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Let mind-made and so-called any ideology
Or philosophy must not underestimates and
Exploits worth and status of anybody.
Let our ego-oriented actions and reactions
Must not become high-risk for human
Love & beauty and peace & tranquility
Let us be, what we are].
آھي اھم ۽ اتم آدمي، ڪوڙن قدرن نظرین کان،
لائق عزت محبت جو، ھر ڪو ساڳئ حیثیت سان،
جي من ۾ انا ۽ 'مان'، تہ نفرت آدم سرت سلام سان.
***************
2. EVENTS from history (14th January):
1840: Karachi is under military control of the East India Company Government and the Bombay Government, keeping in view of the bright future of British rule in Sindh, requests for employment of the Superintendent of Steam Navigation of Indus. But, the Government of India refers this case to their Political officers working in Sindh. Hence, Ross Bell and Captain Outram are asked to offer their views on the subject.
1848: Sindh Commissioner is asked by the Bombay Government to prepare and furnish the statement about stipends, pensions and charitable allowances given by the present and previous governments of Sindh.
1857: Manjhand Municipality rules are prepared and submitted by the Sindh Commissioner to the Government of Bombay for approval.
1951: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee is held at Hyderabad in which the stand of Sindh Muslim League on the abolition of Jageerdari system is condemned and it is demanded that this system be abolished without fail.
1967: A private nuclear plant manufacturing agency of the U.S.A offers to finance the installation of 150 –MW enriched uranium reactor to Pakistan.
1971: President Yahya Khan declares in Dhaka that Shaikh Mujeeb is the future Prime Minister of Pakistan and talks between both will bring better results.
1972: An official Indian list with names of 55,000 POWs is handed over to Pakistan.
1978: Chief Martial Law Administrator, Gen. Zia constitutes Advisory Committee consisting of 16 members. A.K.Brohi, A.G.N.Kazi, Haji Moula Bux Soomro and Sharifuddin Pirzado are included.
1992: Senator Pressler tells newsmen in Islamabad that no aid by U.S.A unless Pakistan rolls back its nuclear program.
Monday, 12 January 2026
SINDH in history today (13th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [13th January)
**************
جنورئ تي اوهان جو عقيدتمند ۽ سنڌ جي تاريخ جو خادم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. منهنجئ هن لکت جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو آھي.
***************
[ڪجھ واقعا]
***************
13.1.1839:
فرنگين طرفان حيدرآباد جي چئويارئ کي ساڳيو پر الڳ الڳ ڏيڻ لاء نئين ٺاه جو تيار ڪيو ويو ۽ لفٽيننٽ ايسٽ وڪ, اسسٽنٽ ريزيڊنٽ تي ڪم سونپيو ويو ته اهو متن ميرن تائين پهچائي ڳالهيون ڪري ان تي هنن کان دستخط ڪرائي. هن ٺاه ۾ 23 شقون هيون, جن مان ڪي آھن: 1). گورنر جنرل ٺٽي ۾ ڇانوڻي قائم ڪري فرنگي فوج رکندو. ان جو تعداد اهو ئي مقرر ڪندو, 2). انھئ فوج رکڻ تي جيڪو خرچ ايندو اهو مير نور محمد, مير نصير محمد ۽ مير محمد خان ڀريندا, 3). ميرن جن کي جاگيرون ۽ مالي امداد ڏيندا آھن, انھن مان ڪنهن به انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ته ان لاءمير ذميوار ۽ جوابدار هوندا, 4). انگريز سنڌ ۾ تيموري ۽ باقرو سڪو هلائيندا ۽ مناسب ڄاڻندا ته سنڌ ۾ به سڪي سازي ڪندا, 5). ميرن جي وچ ۾ جنگ يا جهيڙو ٿيندو ته فرنگي ايجنٽ وچ ۾ پئي فيصلو يا ٺاه ڪرائيندو.
13.1.1841: فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اسسٽنٽ ايسٽوڪ کي لکت ۾ ھدايت ڪئي ته حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا آھن ۽ تون وچ ۾ پئي مسئلو حل ڪر. سيٺ نائومل هوتچند توسان گڏ هوندو, تون دٻدٻي ۽ شان سان ميرپور وڃ. پاڻ سان ٻه حولدار, 25 فرنگي فوجي, 24 گهوڙيسوار, هڪ دفتردار ۽ هڪ مقامي فرنگي عملدار وٺي وڃ.
13.1.1932:
فرنگي سرڪار خلافت تحريڪ جي حڪومت-مخالف تحريڪن مان اڃان پورئ ريت جند نه ڇڏائي هئي ته ڪانگريس سندس ڳچئ ۾ پئجي وئي. انھئ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء سرڪار سمورئ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽن کي اسپيشل ماجسٽريٽ ۽ سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا. لاڙڪاڻي ۾ اهي اختيار هنن کي مليا: مسٽر گرين, چئنراء ڪشڻچند, جي.جي ڊريو, گرڏنومل بختراء, گوبندرام جهمٽمل, آغا عبدانبي, شاه محمد, جي.واء.مرزا, ڪشنچند ڪندنداس, حسن علي سومرو ۽ منگهاسنگ گلاب سنگ.
13.1.1942:
محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان خط لکي حاجي عبدالله هارون کي قمبر مسلم ليگ ڪانفرنس جي تيارين بابت تفصيل ڏئي کيس گذارش ڪئي ته شيخ عبدالمجيد سنڌئ تي ڪانفرس ۾ اچڻ جو بار رکجو.
13.1.1963:
ملڪي سرڪار اڄ ”پاڪستان نئشنل ٽرسٽ" جوڙيو ته جيئن ماڻھن ٻاهرين روپ کي اسلامي اطوار جو رنگ ڏئي سگهجي.
13.1.1969:
حيدرآباد بار ائسوسيئيشن کي خطاب ڪندي جنرل (ر) اعظم خان 1962 واري آئين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهو عوامي امنگن ۽ پاڪستان آئڊيالاجئ جي خلاف آھي. هي همراه ڪرسئ تي هوندا آھن ته ان وقت سندن قول ۽ فعل بنھ الڳ هوندا آھن. پر ڪرسي ڇڏيندي ئي جمهوريت پسند ٿي ويندا آھن. 1962 واري آئين ٺھڻ وقت هي حڪومت جو ساٿاري هو.
13.1.1985:
مارشلا حڪومت محدود سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ وارو حڪم ڪڍيو, جنهن مطابق سياستدان 25 فيبرورئ تي قومي اسيمبلئ ۽ 28 فيبرورئ تي صوبائي اسيمبلين لاء غيرپارٽي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن لاء جلوسن ڪڍڻ کان سواء ورڪ ڪري سگهندا.
***************
{13 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
13 جنوري 1914ع شاعر اڌارام اڌاس جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1929ع موسيقار، گلوڪار، اداڪار ۽ شاعر گورڌن ڀارتي جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1936ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1942ع شاعر عرس اظهر سولنگئ جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1952ع ليکڪ عادل سومري جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1953ع شاعر محمد صادق محرم جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1958ع تعليمدان ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ پروفيسر بدر سومروجي پيدائش ٿي.
13 جنوري 1961ع اسٽيج ڊائريڪٽر جڳديش شهدادپوري (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1976ع ليکڪ مور مغيري جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1977ع شاعره صدف ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1980ع شاعر ادا قربان سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 جنوري 1851ع بزرگ خليفي محمود جو انتقال ٿيو.
13 جنوري 1896ع پير احسان الله شاهه راشدي جي وفات ٿي.
13 جنوري 1964ع سياستدان مير علينواز ٽالپر جي وفات ٿي.
13 جنوري 2003ع اديب ۽ مصنف ابنِ حيات پهنور جي وفات ٿي.
1. GOOD WISH:
Dr.Pathan
wishes you Good Night.
[Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty.
Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please]
تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء،
نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء،
تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء,
پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟
***************
2. EVENTS from history:
1846: It took three months to decide that either English School be opened at Hyderabad, or at Karachi. The Council of Education decides in favor of Hyderabad.
1932: An Act is promulgated to give powers of Summary Court to all the First Class Magistrates of Sindh. It was to give tough time to Congress and other affiliated parties.
1942: The stage is set to hold Muslim League Conference at Kambar. Shaikh Abdul Majeed Sindhi is requested to preside.
1963: ‘Pakistan National Trust’ is set up to promote an Islamic outlook as desired by the Government. Most important change is suggested in Dress.
1969: Now it is time to hit for some reasons, no problem, if in past attachment was there. Gen ® Azam Khan, while addressing Hyderabad Bar terms the Constitution of 1962 as against the ideology of Pakistan and aspiration of people.
1972: Pakistan snaps diplomatic ties with Bulgaria for her recognition of Bangladesh.
1985: Martial law Order is issued allowing canvassing without public meetings. Non – Party basis polls of National & Provincial assemblies are fixed on 25th & 28th respectively.
1990: Asghar Khan is not allowed/ permitted to hold political function in Karachi.
1996: General Jehangeer Karamat takes over as army chief on the retirement of General Abdul Waheed Kakar.
Sunday, 11 January 2026
SINDH in history today (12th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade] SINDH (including Pakistan) {12th October}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Translation by his son Mumtaz Ali Pathan. .
Dr.Pathan Wishes You Good Day.
[For living own life is very difficult task and I have experienced it accordingly . It is really terrible and tough. I am born by the love and for the beauty. I found both in you. I accepted it as vision & wisdom of my life and never forgot to preach and promote it. But, since centuries you have remained annoyed and I neither have pleased you, nor made you realized that you are second to none in Beauty & Love and Vision & Wisdom ]
جيئڻ ڪارڻ تان جيڏيون وڏا جتن ۽ وس
ڪيام,
امرت بدران زهر پيئندي صديون ڪي سال
ٿيام,
پل پل مون کي سي پنهنجا پرين دل تي ياد
رهيام,
صبح شام سلامن سان سڏيام,سي بلا ناغي
سپرين.
************
SINDH IN HISTORY TODAY (12th OCTOBER)
12th October)
*************
BIRTH DATES
1. Ghanshamdas Balani (Social Worker/ birth 12th October1897),
2. Syed Bagh Ali 'Bagh' (Lakhi/Poet/ birth 12th October1900),
3. Ali Gohar Lahori (Larkano/Politician/ birth 12th October1912),
4. Lakhmi Khalani (Jahan Khan/Calcutta/Writer/ birth 12th October1935)
, 5. Hameed Sindhi (N.S.Feroz/Ex - V.C & Writer/ birth 12th October1939),
6. Ali Raza Gadihi (Murad Gadihi/Writer/ birth 12th October1941),
7. Madad Sindhi (Hyderabad/Journalist/ birth 12th October1952),
8. Srichand 'Jigri' (Jhonagarah/Poet/ birth 12th October1955),
9. Ali Ahmad 'Ajiz' (Khahi/Poet/ birth 12th October1962),
10. Syed Mahdi Shah (Larkano/Journalist/ birth 12th October1969),
11. Altaf Pirzado (Balhreji/Radio Producer/ birth 12th October1972)
************
DEATH DATES
1. Budhal Faqir (Sultankot/Saint Poet/ death 12th October1939),
2. Ali Bux 'Kamtar' (Poet/Poet/ death 12th October1918),
3. Sawami Ramanand (Saint/ death 12th October1952),
4. Nawaz Ali 'Niaz' (Poet/ death 12th October1959),
5. Akhtar Halai (Poet/ death 12th October1959),
6. Ghulam Latif Domki (Bakhshapur/Poet/ death 12th October1993)
*************
EVENTS
1913: Haji Abdullah Haroon, Secretary “Hila Ahmar Sindh” publishes the Annual Report of the Society. It contains details of the contribution collected from Sindh, future program for establishing Persian-Arabic Institution, Hostel for college students and Home for Orphans. It is also included in future program to create awareness about the need and importance of Rais Ghulam Muhammad Bhurgri’s Education Cess Bill.
1916: A lecture Program is arranged by “Karachi Citizen’s Association” . Dr. Dhalla delivers lecture on the topic of the “Nationalism”.
1920: In its issue, the “AL_HAQ” Paper covers the proceedings of session of All-India Jamiat-ul-Hind, held at Calcutta and presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti.
1954: Urdu and Sindhi are made compulsory subjects at Matriculation examination, in Sindh.
1955. One-Unit Scheme stands implemented at midnight. FATA and other areas
are included in Peshawar District.
1956: The Electorate Bill is passed by the National Assembly providing for separate electorate in West Pakistan and Joint electorate in East Pakistan
1971: President Yahya Khan announces a Time-Table for transfer of power to the people’s representatives.
1989: G.M.Syed is put under house arrest on charge of desecration of national flag, though; he was personally involved in matter.
**************
RARE COLLECTION BY GUL HAYAYAT INSTITUTE:
SIR VALENTINE CHIROL- SOMETHING ABOUT HIM IN GUL HAYAT INSTITUTE. By. Dr. Dur Muhammad Pathan
Soon after establishing my Gul Hayat Institute at my native village Khair Muhammad Arija in 1990, I started collecting papers, documents and books of research-value. Once I purchased a few old books on history of India and book seller handed over some Clippings of Newspapers to me as to him they were useless for him. It was amazing for me to note that these Cuttings were from TIMES (Literary Supplement), THE EVENING STANDARD, THE DAILY TELEGRAPH and OBSERVER all of 1926.
OBSERVER (Sunday, January 24, 1926) Cutting was about Review on ‘India’ by F.H.Brown, C.I.E. The book written by Sir Valentine Chirol and included in “ The Modern World” (Voi.V), Edited by H.A.L. Fisher, M.P. As the British Period was my field of interest in research, hence, I started searching for more information about Sir Valentine Chirol and his work on the Indian History. It was my luck that I found Letter by Chirol written in his hand to F.H.Brown, who had reviewed his work.
Sir Valentine Chirol breathed his last on October 22, 1929 in his 78th year. He was born on May 23, 1852 in Huguenot family. He was younger son of the Rev. Alexander Chirol, by his wife Harriet, daughter of the Rev. Denny Ashburnham. His family left France after the Revolution of the Edict of Nantes.
Sir Valentine saw educated mainly in France and Germany, taking his degree at the University of Paris. He saw the march of the German Army into Paris in 1871, and the out-break of the Commune. He outstanding Journalist and born Traveler. He made several Oriental journeys, visited Eastern countries including India which he visited for the first time in 1883. He had a deep admiration for the woek of the British Raj, but also was not blind to its imperfections, especially in regard to education. He strongly showed his sympathy with native aspirations. Loed Moreley frequently consulted him on the Morely-Minto reform program.
He visited India in 1910 so as to investigate the origin and extent of the troubles, and to watch the working of the reformed Executive and Legislative Councils, and at the end of that year collected the Letters he wrote to THE TIMES into a book, “Indian Unrest”.In this book he criticized the activities of Bal Gangadhar Tilak and accused him of having by pen and speech created an atmosphere in which the germs of revolution flourished, and which led to the commission of criminal outrages.
At the time of publication of that book, Tilak was in prison. He was released in 1914 and in 1915 he brought an action for liable against Sir Valentine Chirol and his publisher in the English Courts. Chirol, instead of making formal apology which was invited, and feeling it impossible to allow Tilak to obtain a coat of whitewash, he spent his much time in research and to pay special visit to India, in order to collect evidence to substantiate his statements.In January and February, 1919, this case was tried before Justice Darling and a special jury. The hearing lasted 17 days, both plaintiff and defendant were examined at length, and the Judge in his summing –up observed that he did not think he had ever tried a more serious cases, having regard to its possible public consequences. The Jury returned a verdict for Chirol and his publisher.
Thanks to my humble efforts I have collected a lot of material and information on Sir Valentine Chirol, his books and his observations about Indian affairs. He was Journalist of his own right. His writ tings on Indian politics and British governance carry a lot for researchers
( 12 آڪٽوبر جي حوالي سان "سنڌ جي ڪمال ۽ مٿس ٿيل ظلم زيادتين ۽ اسان جا سنڌ جي شاندار ماضئ ۽ روشن مستقبل سان بي حسئ جي واقعاتي تاريخ".( ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جي تحقيق ۽ تاريخ ٻڌائڻ وارو روزانو سنواريل, وڌايل ۽ نظرثاني ڪيل سلسلو.)
***************
توجه طلب واقعا
***************
12.10.1835:
اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌايو ته خيرپور وارو مير رستم علي خان حيدرآبادي ميرن سان لڪ ڇپ ۾ هڪڙيون ڳالهيون ٿو ڪري ۽ اسان سان وري ٻيون ڳالهيون ٿو ڪري. ضرورت انھئ ڳالھ جي آھي ته شاهديون ثابتون هٿ ڪري پوء رستم علي خان سان ڳالهائجي. اهو تڏهن ڪري سگهبو جڏهن سرڪار اسان کي اهڙي اجازت ڏئي.
12.10.1916:
هئ اهو دور هو جو سياست تي پابندي ڪانه هوندي هئي ۽ سرڪاري ملازم به سياست ۾ حصو وٺي سگهندا هئا. ان جو وڏو سبب اهو هو ته ڪا به سياسي پارٽي فرنگي حڪومت جي خلاف نه هوندي ۽ ان جي وفادارئ کي پنهنجي منشور ۾ رکندي ۽ مڃيندي هئي. انھئ ڇوٽ جو سياسي خواه سماجي تنظيمن اهو فائدو ورتو ته عوام ۾ سياسي ۽ قومي شعور پيدا ڪرڻ جا جتن ڪيائون.
ڪراچئ ۾ ”ڪراچي سٽيزنس ائسوسيئيشن" هوندي هئي ۽ اها وقت به وقت ليڪچر ڪرائيندي هئي. اڄ انھئ پليٽ فارم تان ڊاڪٽر ڌالا "قوميت" جي موضوع تي ليڪچر ڏنو. انھئ مان هي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تنظيمن قوميت جي اهميت ۽ ضرورت تي سوچڻ شروع ڪيو ۽ ماڻھن ۾ فڪري خواه نظرياتي بيداري آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي.
12.10.1920:
سنڌ انگريزن جي دور آل انڊيا سطح جا سياسي اڳواڻ پيدا ڪيا, جن جي حيثيت ۽ صلاحيتن کي سڄو هندستان مڃيندو هو. مولانا تاج محمود امروٽي به انھن مان هڪ هو. هن ڪلڪتي واري "جمعيت العلماء ھند" جي اجلاس جي صدارت ڪئي هئي. انھئ اجلاس جي ڪاروائئ جا تفصيل اڄوڪئ " الحق" اخبار ۾ شايع ٿيا.
12.10.1954:
سنڌ سرڪار مئٽرڪ جي امتحان ۾ سنڌي ۽ اردو جا پيپر لازمي طور تي شامل ڪيا.
12.10.1955:
فاٽا ۽ ٻين اهڙين ايراضين کي پشاور ضلعي ۾ ملايو ويو ۽ اڌ رات کان "ون-يونٽ" اسڪيم نافذ ڪئي وئي.
12.10.1956:
پاڪستان جي نئشنل اسيمبلئ چونڊن بابت بل پاس ڪيو. جنهن مطابق اڳتي اوڀر پاڪستان ۾ ھندن ۽ مسلمانن جون گڏيل چونڊون ٿينديون. جڏهن ته اوله پاڪستان اهي الڳ الڳ ٿينديون
12.10.1989:
جي.ايم.سيد کي قومي جهنڊي جي بي حرمتئ ڪرڻ واري ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو. جي.ايم.سيد نه ته واردات واري هنڌ تي موجود هو ۽ نه وري انھئ واقعي جي کيس ڪا ڪن جن هئي.
***************
12 آڪٽوبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
12 آڪٽوبر 1897ع سماج سڌارڪ گهنشام داس بالم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1900ع شاعر سيد باغ علي شاهه باغ جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1912ع سياستدان علي گوهر لاهوري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1935ع ليکڪ لکمي ڪالاڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1939ع نامياري افسانا نگار ۽ ليکڪ حميد سنڌيجو جنم ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1941ع ليکڪ رضا گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1952ع ليکڪ ۽ صحافي مدد علي سنڌئ جو جنم ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1962ع شاعر علي احمد اعجاز جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1965ع نامياري ڪالم نگار ۽ ليکڪ اعجاز منگيجو جنم ڏينهن آهي.
12 آڪٽوبر 1972ع صحافي ۽ ليکڪ الطاف پيزادو(ٻلهڙيجي) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
12 آڪٽوبر 1918ع شاعر علي بخش ڪمتر جو انتقال ٿيو.
12 آڪٽوبر 1939ع صوفي شاعر ۽ بزرگ ٻڍل فقيرجي وفات ٿي.
12 آڪٽوبر 1952ع بزرگ هستي سوامي رامانند جي ديهانت ٿي.
12 آڪٽوبر 1959ع شاعر نواز علي نياز جو انتقال ٿيو.
12 آڪٽوبر 1996ع شاعر، نقاد ۽ ليکڪ امير علي چانڊيو لاڏاڻو ڪري ويو.
Saturday, 10 January 2026
SINDH in history today (11th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
[ تاريخ ”قومي صحيفو“ ٿيندي آھي. قومي ثواب ۽ سڪون حاصل ڪرڻ لاء ان کي بار بار غور ۽ فڪر سان پڙھڻو پوندو آھي. انھئ قومي صحيفو مان 11 جنورئ جو ورق کڻي اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سنواري سينگاري لکيو ۽ سندس پٽ ممتاز ان جو ترجمو ڪيو. اسان جي محنت ۽ محبت قبول پئي.
*****
11th January.
Sindh (including Pakistan) in History today.
*************
11.1.1841:
آئوٽرام اڄ پنهنجئ سرڪار کي خط لکي حيدرآبادي حڪمرانن جي بااعتماد عملدارن تي ڇوه ڇنڊيا آھن. انھن عملدارن جو تعلق سيد گهراڻي سان آھي. آئوٽرام سيد اسماعيل شاه, سيد سليمان شاه ۽ انھئ گهراڻي جي ٻين سيدن جا نالا وٺي لکيو آھي ته مير انھن کي گورنر (شڪارپور ) جا عهدا به ڏين ٿا ۽ انھن کان سفارتڪارئ جو ڪم به وٺن ٿا. انھن سيدن ميرن ۽ اسان ۾ افهام تفهيم پيدا ڪرڻ بدران, پنهنجي من مستي ڪري حالتن کي خراب ڪيو آھي. انھن کي سزا ملڻ گهرجي.
11.1.1843:
ميرپور ماٿيلي ۾ مير رستم خان ۽ مير نصير خان خيرپورئ جي 1200 ماڻھن ديوان املراء, احمد علي خدمتگار ۽ بخش علي خدمتگار جي سربراهئ ۾ مير علي مراد خان جي ماڻھن سان خوني جهڙپ ڪئي ۽ نتيجي ۾ وڏي خونريزي ٿي. هن طرف خيرپور مان جيڪي نيپيئر جي ڊپ کان گهر خالي ڪري ويا هئا, مير علي مراد انھن جي لٽ ڪرائي.
خيرپوري ميرن جي باهمي اختلاف مان فرنگين وڏو فائدو ورتو ۽ فرنگي ڪنهن حد تائين گهرو ويڙھ ڪرائڻ ۾ ڪامياب ويا.
11.1.1843:
نيپيئر امام ڳڙھ جي قلعي کي دڦ ڪرڻ کان پوء گورنر جنرل کي خط لکي ٻٽاڪون هنيون ته مون انگريز-دشمنن جو هڪ مضبوط قلعو تباھ ڪري, کين پنهنجي طاقت جو احساس ڏياريو.
نيپيئر جو اهو ڪوڙو موقوف هو ۽ سندس سرڪار کي انهئ ڊاڙ جي پوء خبر پئي. امام ڳڙھ قلعي ڊاهڻ جو ڪو جواز ڪونه هو. خيرپوري مير انھئ قلعي کي انگريزن خلاف استعمال ڪرڻ جو سوچي به نه پيا سگهن. هو نيپيئر جي ڊپ کان ريگستان طرف ڀڄي وڃي لڪيا هئا. پوء امام ڳڙھ جو قلعو ڪيئن ٿي جنگي محاذ طور ڪم آڻن.
11.1.1923:
جيڪب آباد, جنھن کي اڳ خانڳڙھ چئبو هو, تنھن شهر ۽ ضلعي جي هڪ شاندار تاريخ آھي. انگريزن هتي "گهوڙن جي ڊوڙ“ جو رواج وڌو. هتي جابلو قبلا ڦرلٽ لاء آيا, پر سنڌ جي محبت ۾ پاڻ لٽائي سنڌي ٿي ويا. هتي وڏيون وڏيون سياسي ڪانفرنسون ٿيون. خلافت تحريڪ هتان جي سياسي ماحول کي گرمائي رکيو. ڪيترا خلافتي حڪومت جي ڏاڍ ڏمر جو نشانو به ٿيا.
اڄ ھن شھر ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. انھئ موقعي تي جان محمد جوڻيجي سرڪاري لقب ڦٽا ڪيا هئا.
11.1.1930:
دادو ضلعي ٺھڻ تائين جي.ايم. سيد جو سن ڪراچي ڪليٽوريٽ ۾ شامل هو. ان ڪري سنڌ جو هي منفرد سياستدان ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جو مک ٿيو. انھئ زماني ۾ ھن مختلف قسمن جون ڪيتريون ڪانفرنسون ڪوٺرايو, يا انهن ۾ ڪليدي رول ادا ڪيو.
اڄ سندس ڪوششن سان ڪراچي ضلعي جي چوپائي مال جي بهترئ لاء ضلعي جي مالدارن جي ڪانفرنس ٿي,جنھن جي صدارت مير محمد بلوچ ڪئي. ان لاء ھتي هڪ جماعت به جوڙي وئي.
ياد رهي ته انگريز سرڪار جانورن تي رحمدلي ڪرڻ ۽ انھن جي بچاء لاء گهڻو اڳ قانون سازي به ڪئي هئي ۽ تنظيمون به ٺاهيون هيون. ڪراچئ واري جوپائي مال واري ڪانفرنس جو مطالعو انھئ پس منظر ۾ ئي ڪري سگهجي ٿو.
11.1.1931:
هن سال ڪانگريس حڪومت کي ۽ حڪومت وري ڪانگريس کي ڏينھن جا تارا ڏيکاريا. اڄ ڪراچئ جي رام باغ (هاڻي آرام باغ) ۾ ڪانگريسين جو جلسو هلي رهيو هو ته مٿن اچي پوليس ڪڙڪي. پوليس ڪانگريسين کي لٺيون هڻي ڏيڍ سو ماڻھون زخمي ڪيا ۽ ڇٽيھ ڪانگريسن کي گرفتار ڪيو.
11.1.1946:
سنڌ مسلم ليگ جي عارضي صدر محمد هاشم گذدر بيان جاري ڪيو ته جي.ايم.سيد کي مسلم ليگ جي سڀني عهدن تان خارج ڪيو ويو آھي. ان ڪري هن ايندڙ اليڪشن لاء جيڪي 12 اميدوار بهاريا آھن, انھن کي مسلم ليگ جي ڪا به پٺڀرئپ حاصل ڪانھي.
11.1.1955:
پاڪستان ۽ آمريڪا وچ ۾ ٺاه ٿيو, جنهن مطابق پاڪستان کي 110 ملين $ جي ايڊ ڏني ويندي. خبر ناهي ان مان سنڌ کي ڪيترو حصو مليو يا مليو ئي ڪونه.
11.1.1966:
تاشقند معادو ڪرڻ کان پوء صدر ايوب ۽ ڀٽو ته موٽي آيا, پر لال بهادر شاسترئ جو لاش انڊيا موٽيو. ڪن چيو ته خوشئ ۾ سندس هنيانء ڦاٽي پيو ۽ ڪن چيو ته کيس دم جي بيمارئ ماريو.
11.1.1977:
اڄ لڳ ڀڳ سمورين مخالف ڌر جو پي.اين.اي جي نالي سان اتحاد جڙيو ۽ مفتي محمود کي ان جو اڳواڻ بڻايو ويو-- "مل معشوقان مصلحت ڪيتي سرها ميٽ مليسون"- ڀٽي کي تخت تان لاهي تختي تي چاڙھڻ جو ڪم هن اتحاد جي اتحاد سان مڪمل ڪيو ويو.
11.1.1978:
لاهور هاء ڪورٽ جي وقتي چيف جسٽس مولوي مشتاق کي پڪو چيف جسٽس بڻايو ويو. هن ويهڻ سان پهريون ڪم اهو ڪيو ته ڀٽي خلاف نواب محمد احمد جي قتل جي ايف آء آر ڪٽڻ جو حڪم ڏنو.
3.*************
{11 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
11 جنوري 1927ع قمبر سان تعلق رکندڙ مولوي عبدالحئي (جامي چانديي جو والد) جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1932ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ ليکڪ سيد خادم حسين شاهه جو جنم ڏينھن آھي.
11 جنوري 1954ع ليکڪ ڀون سنڌئ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1956ع قمبر سان تعلق رکندڙ اديب ڀائو در محمد ٻرڙوجو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع صحافي احمد بخش ڏيپر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1962ع جهڏي سان تعلق رکندڙ شاعر موسا ڏيٿو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1965ع ليکڪ صائب ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1966ع مزاحيه اداڪار عبدالمنان عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1971ع صحافي قيوم ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1980ع شاعر حاڪم ڪٽوهر جو جنم ڏينهن آهي.
11 جنوري 1983ع شاعر محمد صالح خادم مهر جو جنم ڏينهن آهي.
11 ڊسمبر 1966 نواب شاه جي شاعر انجم نقوئ جو جنم ٿيو.
[وڇوڙو:]
11 جنوري 1872ع مرزا فريد الدين بيگ (مرزا قليچ جو والد) لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1876ع شاعر مير سهراب خان مسڪين ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
11 جنوري 1927ع هالا سان تعلق رکندڙ اسڪالر ۽ صوفي مخدوم ظهيرالدين لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم بصيرالدين انتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1965ع صحافي رامچند بچاڻي جي ديهانت ٿي.
11 جنوري 1966ع هندستان جي اڳوڻي وزير اعظم لال بهادر شاستريجي ديهانت ٿي.
11 جنوري 1974 فريڊم فائيٽر شاه آباد جي علي انور شاه راشدئ جي وفات ٿي.
11 جنوري 1978ع اردو جو مشهور شاعر ابنِ انشاءانتقال ڪري ويو.
11 جنوري 1993ع ادبي، سياسي ۽ سماجي شخصيت مخدوم محمد زمان طالب المولا لاڏاڻو ڪري ويو.
11 جنوري 1998ع تاريخدان ۽ تعليمدان دادا سنڌئ جو انتقال ٿيو.
11 جنوري 2011ع اداڪار ايم يحيٰ ڀٽو ڪراچي جي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو.
1. GOODd DAY WISH:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ It is said that "love is God and God is love". It means that you can't please Allah, if you are not applying love and abiding by love. It means that if you claim to be lover and if you accept love, there should be all supper qualities in you. Such as to forgive & forget, to accept and to love & respect without hatred and discrimination. If you are conscious about age & gender, caste & colour, ideology & status, it indicates that you are lacking in and missing human -values & requirements, and you are high risk for love & beauty and peace & progress ]
پيار پريت پريم محبت ماڻھپو ۽ انسانيت,
پڇن نہ ڏسن نہ عمر رنگ نسل جنس ذات,
اٺانوي انهن ۾ جيڪي آھن الله جون صفات,
ادب احترام نياز نوڙت لون قربانئ جي لات,
شال تون سمجهين بات, اها سرت سلام کان.
***************
2. EVENTS From history:
11th January
******
1923: Sindh Khilafat Conference is held at Jacobabad. Political conditions of Sindh & Hind are discussed and it is resolved that public awareness be created so as to ensure public participation in politics.
1931: The public meeting organized by the Karachi Congress Committee at Ram (now Aaram) Bagh is lathi charged. 150 Congress leaders and workers are injured. 36 including 20 ladies are also arrested.
1946: Acting President of the Sindh Muslim League, Muhammad Hashim Gazdar issues statement about G.M.Syed and says the Syed has been expelled from the party therefor candidates nominated by him for cotesting election are not the candidates of the Sindh Muslim League.
1965: Bhutto, Foreign minister, is invited by Soviet Foreign Minister. It is eight months before the Indo - Pak war of 1965.
1966: President Ayoob returns back from USSR after signing Tashkent Declaration. However Indian Prime Minister Lal Bahadur Shastriis dead there. He dies of Cardiac arrest after the Summit concludes.
1972: Shaikh Mujib arrives Dhaka to a tumultuous welcome by the people. Declares that all links with Pakistan snapped for good.
1977: PNA elects Mufti Mahmud as its president. The Alliance consists of JI, JUP, JUI, PDP, NDP, Tahrik -i- Istaqalal, Khaksar and Muslim Conference.
1978: The Acting Chief Justice of Lahore High Court, Justice Moulvi Mushtaq Ahmad is appointed as Chief Justice of the same court. He orders lodging of F.I.R against Z.A.Bhutto.
***************
Something about me:
***************
Dr.Dur Muhammad Pathan is a man of so many qualities and has set new trends in Historical Research,
Literature and Social services.(http://drpathan.com/index.php/about-us/founder/bio-data )
• He is from poor family having no Moveable or Immovable property,
• He, because of poverty of his family was not able to get education from any College or University but, supervised and guided College and University Teachers in M.Phill&Ph.D, and also got position in University Examinations in capacity of an external candidate.
• He did his Ph.D in Sindhi Literature but was appointed Ph.D Guide/Supervisor in various Subjects of Social Sciences.
• He served in Government Department as Professor, Vice Principal of the Cadet College, Principal of Szabist and Post Graduate Colleges, Remained Deputy Director of Institute of Sindholoy for 5 Years, Remained a Research Scholar in Sindh Archives and served Law Department in capacity of Independent Translator and translated Acts of Ten Years in two years.
• His services rendered in the field of Historical Research and Literature have been appreciated by Learned Bodies and Scholars of international repute.( http://drpathan.com/.../founder/people-speak-about-gul-hayat )
• He started contributing for Newspapers, Journals and Periodicals in 1981 and without any break his writings are being published daily.
• He is author of so many books written in Sindhi, Urdu and English,
• Since last 10 years , he composes his poetic Good Wishes (Morning, Evening and Night) with translation into English (http://drpathan.com/.../dr-pathan/good-wishes/goodday-wishes ).
• His Poetry has been designed by various Designers in Sindh and Abroad and shared by them at large. (http://drpathan.com/.../good-wishes/designed-good-wishes )
• He founded Gul Hayat Institute in August 1990 (http://drpathan.com/.../712-presentation-on-gul-hayat... made it as a unique Resource Centre for Researchers and Scholars.
(https://www.youtube.com/watch?v=zzdNfGholSQ... )
• His Website www.drpathan.com is a Treasurer of material on History, Culture and Literature of Sindh. (https://www.youtube.com/watch?v=zzdNfGholSQ... ).
• He has been donating rare material, books and photographs to various Learned Bodies of Sindh. Such as ‘ Latif Chair’ (Karachi University), ‘Sachal Chair’ (Shah Latif University, Khairpur), Institute of Sindholoy (Sindh University), Sindhi Adabi Board (Jamshoro) and Sindhi Language Authority (Hyderabad)
Friday, 9 January 2026
SINDH in history today (10th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
[ سٻاجهئ سنڌ جي تاريخ جو اڄوڪو ورق اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکيو ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. ”تاريخ-فهمئ” جي هن تحريڪ ۾ اوهان به شامل ٿيو. بس پنھنجي تاريخ غور سان پڙھو ۽ ان پيغام هنئين سان هنڊايو]
10th January.
Sindh (including Pakistan) in History today.
*************
[ڪجھ واقعا]
***************
10.1.1839:
24 ڊسمبر 1838 تي مير رستم علي خان ۽ اليگزينڊر برنس وچ ۾ معاهدي تي ڳالھ ٻولھ ٿي ۽ متن تيار ڪيو ويو. اڄ فرنگي گورنر جنرل ان جي توثيق ڪئي. ان کان پوء ھن تي عمل شروع ٿيو. ٺاه جون ڪي شقون هي آھن: 1). مير رستم علي, سندس وارث ۽ ويجها ڪنهن رياست يا حاڪم سان رابطو نه رکندا, 2). پر جيڪڏهن اهڙو رابطو رکندا ته ان جي اجازت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کان وٺندا ۽ ان رابطي جو سبب/جواز ٻڌائيندا, 3). مير رستم علي خان فرنگين کي اجازت ٿو ڏئي ته هو سنڌوندئ کي واپاري, دفاعي ۽ فوجي مقصدن لاء ڪم آڻين.
10.1.1841:
حيدرآبادي حڪمرانن کي فرنگي ايجنٽ لکيو ته منشي ڄيٺانند ٻنھي ڌرين/حڪومتن سان غداري ڪئي. اسان تفصيلي جاچ ڪري هن مان هٿ پٽيا آھن. هن کي ان وقت تائين قيد ۾ رکو جيسيتائين ڦٻايل رقم واپس نه ٿو ڪري.
10.1.1843:
اڄ نيپيئر خيرپور حڪومت جي حدن ۾ امام ڳڙھ جي قلعي کي بارود سان اڏائي ڇڏيو. ڪنھن به فوجي يا سياسي مزاحمت نه ڪئي. مير علي مراد کان سواء باقي مير پاڻ بچائڻ لاء ٿر ڏي ڀڄي ويا هئا. مير علي مراد امام ڳڙھ ڊاهڻ ۾ نيپيئر سان هم خيال هئو.
10.1.1857:
سنڌ ۾ فرنگين روڊن رستن ۽ پلين ۽ ريلوي لائين تي ڪم شروع ڪيو ته مزدورن جي اڻاٺ منهن ڪڍيو. سنڌي ماڻھن حسب معمول پنهنجئ سوچ مطابق مزدورئ ڪرڻ کي عيب ڄاتو. ان ڪري صوبائي حڪومت کان ٻاهران غير سنڌي مزدور سنڌ ۾ آڻجن. پر اها ڳالھ صوبائي حڪومت ان ڪري منظور نه ڪئي ته مزدورئ جو حق مقامي ماڻھن کي ملڻ گهرجي. سنڌ جي عملدارن تجويز ڏني ته سنڌي مزدورن کي زورئ ۽ مفت ۾ ڀرتي ڪجي. پر ان تي وڏي سرڪار اهو اعتراض ڪيو ته زبردستي نه ڪئي وڃي ۽ مزدورن کي معاوضو ڏنو وڃي ۽ انھن کي ڀرتي ڪرڻ جا کين پسند ايندڙ اپاء ورتا وڃن.
10.1.1966:
روس جي ٽياڪڙئ ۾ نيٺ اڄ تاشقند ۾ صدر ايوب ۽ شاسترئ وچ ۾ "تاشقند ٺاه" ٿي ويو.
10.1.1989:
پيپلز پارٽئ جي حڪومت جي وفاقي وزير فاروق لغارئ بيان ڏنو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تان پيپلز پارٽئ هٿ نه کنيو آھي. ڊيم ضرور ٺھرائينداسين.
10.1.1992:
غلام محمد بلور پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت ملڪي مفادن ۽ استحڪام خلاف آھي. جنهن کي ڳالھ سمجھ ۾ نه ٿي اچي, ان سان مان بحث ڪري پنهنجي ڳالھ ثابت ڪري ڏيکاريندس.
10.1.1993:
ڪوٽڙئ ۾ بم ڌماڪي ۾ ١٣ ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيترا ڦٽجي پيا.
10.1.2007:
ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهيئي جي ڪوششن سان سنڌ يونيورسٽئ ۾ ”شيخ اياز انٽرنئشنل ڪانفرنس" ٿي, جنهن جو افتتاح ڪراچي يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر قاسم رضا ڪيو.
شيخ اياز کي ڀيٽا ڏيڻ لاء ڪيتريون ئي ڪانفرنسون ٿيون آھن ۽ ميلا مچايا ويا آھن. انھن کي گڏ ڪري ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو. پر اهڙن ڪمن جي سهيڙ, ترتيب ۽ اشاعت اسان جو ادبي ڪلچر ڪونهي.
***************
{10 جنورئ تي ولادت وٺندڙن يا وفات ڪندڙن مان ڪي شخصيتون. آئون جن جون تاريخون ڏئي رهيو آھيان, اهي ڪي منهنجا عزيز يا پڳ مٽ يار ڪونھن. هن سنڌ جي خدمت ڪئي. اوهان پنهنجي عزيزن, ڳوٺ يا تر جي قلم-ڌڻين, عالمن, صحافين, اداڪارن, گلوڪارن جون تاريخون گڏ ڪري, اخبارن,رسالن ۽ ادارن کي ڏياري موڪليو. هي قومي ڪم آھي.}
[جنم ڏينهن:]
10 جنوري 1886ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ شاعر ميان غلام سرور قادري جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1904ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر خدا بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1907ع شاعر محمد رمضان آزاد جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1910ع سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1911ع گلوڪار ۽ شاعر مانو تولارام گدواڻي (بوبڪ / جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1924ع تعليمي ماهر ڊاڪٽر شمس عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1924ع ليکڪ ديو ناٿاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1924ع شاعر ۽ سياستدان عبدالواحد اعجاز ڀيو جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1941ع سگهڙ حاجن سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1942ع شاعر آس محمد صالح جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1945ع اداڪار ۽ شاعر رشيد صابرجو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1948ع شاعر علي محمد ساقي جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1954ع ليکڪ ۽ شاعر مظفر منگي جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1955ع ليکڪ محمد قاسم حيدر جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1971ع گلوڪار اميد علي ڀٽ جو جنم ڏينهن آهي.
10 جنوري 1972ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالجبار عاجز جو جنم ڏينهن آهي۔
10 جنوري 1981 شاعر زهيب زردارئ جي جنم جي تاريخ آھي.
[وڇوڙو:]
10 جنوري 1979ع ڪلاسيڪيل راڳي استاد اميد علي خان جو انتقال ٿيو.
10 جنوري 1989ع مشهور شاعر نارائڻ شيام ديهانت ڪري ويو.
10 جنوري 2003ع يڪتاري ۽ چپڙي جي بي تاج بادشاهه عوامي فنڪار جلال چانڊيوجو لاڏاڻو ٿيو.
10 جنوري 2004ع قومپرست سياستدان عبدالحميد خان جتوئي جو انتقال ٿيو.
10 جنوري 2005ع مشهور شاعر وفا ناٿن شاهئ جو لاڏاڻو ٿيو.
10 جنوري 2012ع سيد علي مردان شاهه پير صاحب پاڳاري جو لاڏاڻو ٿيو
1. GOODd DAY WISH:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If you are man of vision & wisdom, servant of society and follower of human love & respect, you have to experience tough time and have to face the music of the hatred and by the discrimination. It is price to be paid by you so as to save your soul, serve your people and promote love & beauty]
جگمڳ جگمڳ ۽ سندر سچ،
سو تو مون لاء ڪوڙو ڪچ،
محبت ۽ ماٹھپی-وند آھین؟
ٻرندڙ ٽانڊن تي پیو پو نچ،
انا نفرت لالچ کان تون بچ،
صدقي سرت ۽ سلام جي
***************
2. EVENTS From history:
10th January
******
1948: The Nazim of Hyderabad Dakhan Govt. transfer to the Pakistan Govt. securities of the value of Rs.200 million. 1951: The first National Planning Commission is appointed by the Pakistan Govt. It took two and quarter years to take an important step. 1955: An Ordinance is promulgated providing for establishment of Pakistan Airlines (P.I.A) Corporation. 1966: The nine - point Tashkant Declaration is signed by Ayub and Shastri. It envisages military disinterment along boarders and discussions on matters of direct concern. 1971: Wali Khan calls upon President Bhutto to lift martial law immediately and promulgation of an interim constitution. 1977: National Assembly is dissolved and Election schedule is announced. Opposition parties for PNA. 1978: Opposition parties demand accountability by the Martial law authorities. 1989: PPP Govt. has not given up Kalabagh Dam Project, says Farooq Laghari, Federal Minister. 1990: We are ready to face mid - term polls. If, the opposition requests to call for early elections, says Prime Minister, Benazir Bhutto. 1991: Bye - elections to 9 national and 19 provincial seats are held. IJI wins 7 National and 11 Provincial seats. 1992: Supreme Court sets asides Federal Shariat Court verdict declaring the Prize Bonds Scheme repugnant to Islamic injunctions. 1993: Thirteen persons are killed and 14 hurt in a bomb blast at Kotri.
SINDH in history today (9th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
9 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو]
9th January.
Sindh (including Pakistan) in History today.
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
گرمي سردي, بارشون هوائون ۽ ڏينھن رات هر ڪنهن هنڌ ٿين ٿا. پر اهي قومن کي ترقي ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ کان روڪي نه ٿا سگهن. اهي حالتون منھنجي ڪم تي به اثرانداز ڪونه ٿينديون آھن. ڇو ته وقت ۽ حالتن کي اهڙي اجازت ڪونه ڏني اٿم ته مائروڙن وارئ محبت ۽ خدمت يا نسبت ۽ رغبت مون کان کسن يا وسارن. ڪهڙيون به حالتون آھن, آئون انھن جي پرواه ڪونه ٿو ڪريان, پر واقعاتي تاريخ, ولادتن وفاتن جي معلومات ۽ ٻيو گهڻو ڪجھ کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان.
***************
]ڪجھ واقعا]
***************
9.1.1835:
پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي اڄ اطاع ڏنو ته شاه شجاع قلات پهچي ويو آھي. سندس اچڻ جو ٻڌي سنڌ جي حڪمرانن شڪارپور ۾ پنهنجي فوجي تياري شروع ڪري ڏني آھي.
9.1.1923:
ضلعي سکر جي "جمعيت العلماء" جي مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ ھڪ گڏجاڻي ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي مسلمانن ۾ ديني شعور اڀارڻ لاء ڪوششون ورتيون وڃن. انھئ لاء مولانا تاج محمود امروٽئ کي "شيخ الاسلام" ۽ مولانا حمادالله هاليجوئ کي "نائب شيخ الاسلام" مقرر ڪيو ويو.
9.1.1931:
خانبھادر الله بخش سومري جي ڪوششن سان حاجي عبدالله هارون جي صدارت ۾ جيڪب آباد ۾ سنڌي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي. هن ڪانفرنس ۾ مسلمان سياستدانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي, جن ۾ انڊين ليجسليٽو ڪائونسل ۽ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جا ميمبر ۽ کوڙ سارا زميندار به شامل ٿيا.
ذھن ۾ رکڻ جي ڳالھ هئ آھي ته هي ڪانفرنس شهيد الله بخش سومري جي ڪوششن سان ٿي ۽ ان ۾ ھندو-مسلم اتحاد (ورڪنگ ريليشنشپ) جي به ڳالھ ٿي, پر اھا ڪانفرنس "سيڪيولر سنڌ " کي "مذھبي سنڌ" ڏي وٺي وڃڻ جي ڪوشش ثابت ٿي. ان ڪري "سياسي آدرشن" تي لکڻ وارن کي آدرشن جي فڪري ارتقاء تي به تحقيق ڪرڻ وقت نظر رکڻ گهرجي ته جيئن آدرشن کي فرشتي بدران مثالي انسان ڪري آڏو آڻي سگهجي.
9.1.1931:
سنڌ فرنگي دور ۾ سدائين جاڳندي رهي. نوٽ ڪريو ته اڄ جتي جيڪب آباد ۾ اپر ڪلاس جي مسلمانن جي ڪانفرنس ٿي, ته اتي اڄ نواب شاه ۾ به سياسي جلسو ٿيو. 1931 تائين سياسي سوچن ۾ وڏو ڦيرو آھي. خلافت تحريڪ جو رخ هاڻي ترڪئ کان هٽي مذھب ڏانھن ٿيو. اها ڳالھ اسان کي نواب شاه واري جلسي ۾ نظر اچي ٿي. هن جلسي ۾ مسلمانن ۾ مذھبي شعور وڌائڻ ۽ سنڌ ۾ ھندو مسلم اتحاد کي برقرار رکڻ بابت ڳالهايو ويو ۽ ٺھراء پاس ڪيا ويا.
9.1.1941:
امن,اتحاد ۽ بي لوث وارئ سنڌ کي ڪن ناعاقبت هندو توڙي مسلمانن ڇيهو رسايو. ڪٽر هندن طرفان "شڌي تحريڪ" هلائي سنجوڳي شيخن کي زورئ مسلمانن بڻائڻ لاء ڪم شروع ٿيو ته هندو-مسلم اتحاد مجروح ٿيو. اپر ڪلاس مسلمانن سنڌ الڳ ڪري پاڻ حاڪم حڪمران ٿيڻ جي تحريڪ هلائي ته ان به هندو-مسلم اتحاد کي نقصان ڏنو. مسلم ليگي سنڌي اڳواڻ ھندو ۽ مسلمان کي الڳ الڳ ڪرڻ لاء ”مسجد منزلگاه" جي خوني تحريڪ هلائي. انھئ پس منظر ۾ ھندو ۽ مسلمان هڪ ٻئي جي مخالفت جا بهانا تلاش ڪرڻ لڳا.
ڪجھ هندن کي ھڪ بهانو تڏهن مليو جڏهن تعليم کاتي (پبلڪ انسٽرڪشن) جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر دائودپوٽي درسي ڪتابن ۾ اعرابون ڏيارڻ شروع ڪيون. پوء ته ٻنھي ڌرين طرفان وائويلا شروع ٿي ۽ صحافت به ان ۾ شامل ٿي وئي.
اڄ ”الوحيد" اخبار "عيد پرچي" ۾ اعرابن واري مسئلي تي ايڊيٽوريل لکي, ڊاڪٽر دائود پوٽي جي قدم جي تائيد ڪئي.
9.1.1957:
1956 ۾ ڪراچئ يونيورسٽئ فيصلو ڪيو ته شاگرد اردو, بنگالئ ۽ انگريزئ ۾ ته تعليم وٺي سگهن ٿا ۽ امتحان ڏئي سگهن ٿا, ليڪن سنڌي ۾ نه.
ان فيصلي خلاف سنڌين سخت ردعمل ڏيکاريو. ڪامريڊ حيدر بخش جتوئئ انگريزئ ۾ ڪتابڙو لکيو, جنهن جو عنوان هو "سنڌي, ڪراچئ ۾ رهي يا نه". اهو "سنڌ هاري آفيس, حيدرآباد" طرفان ڇپيو.
9.1.1972:
شيخ مجيب جنھن تي پاڪستان سان غداري ڪرڻ جو ڪيس هلي رهيو هو, کيس آزاد ڪري لنڊن پهچايو ويو ۽ حالتن هن کي جيل جي سفر کان وٺي هڪ نئين آزاد ملڪ بنگلاديش جو باني صدر بڻائي ڇڏيو.
9.1.1978:
نواب احمد محمد قتل ڪيس جي ٻڌڻئ جو ملزم ذوالفقار علي ڀٽي اڄ بائڪاٽ ڪيو.
***************
{ 9 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
اسان مان هرڪو جيڪڏهن پنهنجي خاندان جي فردن جي جنم ۽ وفات ڪري ويلن جي وفاتن جو رڪارڊ رکي ته اڳتي هلي اها به هڪ قومي خدمت ٿي پوندي.
***************
[جنم ڏينهن:]
9 جنوري 1892ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لالا نبي بخش سرڪي جي پيدائش ٿي.
9 جنوري 1907ع ڪامريڊ سيد جمال الدين بخاري جي جنم جي تاريخ آھي.
9 جنوري 1944ع اداڪار، شاعر هوند راج بلواڻي ( لاڙڪاڻو / احمد آباد)جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
9 جنوري 1881ع خواجه محمد حسن لنواري واري جي وفات ٿي.
9 جنوري 1904ع مذهبي اسڪالر قاضي عنايت الله متعلوي جي وفات ٿي.
9 جنوري 1920ع سنڌ هندو سڀا جو اڳواڻ راء بهادر ٽيڪچند اوڌداس ديهانت ڪري ويو.
9 جنوري 1959ع شاعر سلطان علي فدائي لاڏاڻو ڪري ويو.
9 جنوري 1996ع پاڪستان فلم انڊسٽري جي مشهور اداڪار سلطان راهي کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو.
*************
1. GOODd DAY WISH:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Every life is not everlasting. It is to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful.
If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.]
ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان,
جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي,
بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء,
اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ڄاڻي,
سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري,
سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي,
محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي,
سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان.
***************
2. EVENTS From history:
9th January
******
1832: The East India Co. Govt. is very much satisfied with results of Mission to Mirs of Sindh and asks Political Agent in Sindh to present gifts to Sindh Rulers on behalf of the Govt.
1835: Sindh Rulers, in keeping in view, the arrival of Shah Shuja in Kilat, started taking steps to strengthen the Garrision at Shikarpur.
1956: constitution Bill is introduced in the Pakistan Assembly. By its provision, Pakistan will have Parliamentary system and its President will be a Muslim.
1957: Canada transfers all its rights, title and interests in the Maple Leaf Cement plant at Daud Khel to Pakistan.
1962: 'Pakistan's survival is depended on a strong India', says Kissinger, Special Assistant to U.S president, Kennedy, during his India visit.
1966: Ayub - Shastri meeting is still not bringing results. Ayub turn down plan forwarded by Shastri.
1972: Shaikh Mujeeb reaches London by P.I.A chartered plane. His journey started from jail ends with hope of new era.
1978: Ex - Prime Minister of Pakistan, Z.A.Bhutto, boycotts the High Court proceedings regarding Nawab Ahmad murder case.
1994: Contempt of court against former Army chief Aslam Beg, Supreme Court reserves decision exonerating the accused.
Tuesday, 6 January 2026
SINDH in history today (7th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
پيار ۽ پاٻوه, ادب ۽ احترام سان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري, هٿ ۾ تاريخ مان 7 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ڏيڻ لاء حاضر ٿيو آھيان. پنهنجئ تاريخ کي پڙھڻ ۽ ٻڌڻ لاء وقت ڪڍو. اها قوميت جي ڪسوٽي ۽ تقاضا آھي.
منھنجئ هن لکت جو ترجمو منھنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو آھي.
***************
ڪي اهم واقعا
***************
7.1.1850:
ممبئي حڪومت پنهنجي مراسلي نمبر 105 مطابق سنڌ جي ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته سنڌي ٻولئ کي سرڪاري دفترن ۾ نافذ/استعمال ڪيو وڃي.
7.1.1857:
خيرپور جي والئ مير علي مراد خان کي ٻڌايو ويو ته توهان خلاف ويهاريل انڪواري ڪميشن جي تجويزن جي روشنئ ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جي بورڊ آف ڊائريڪٽرس فيصلو ڪيو آھي ته اوهان جو رتبو گهٽايو وڃي ۽ ڪجھ پرڳڻا واپس ورتا وڃن.
ياد رهي ته مير علي مراد مشڪل وقت ۾ فرنگين جو ساٿ ڏنو. نيپيئر کيس تخت تي ويهارڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ان وقت مير رستم خان دانھون ڪندو رهيو ته هن سان زيادتي ڪري سندس ننڍي ڀاء مير علي مراد کي تخت تي ويهاريو ويو آھي. نيپيئر اهي دانهون نوٽ ته ڪندو رهيو, پر ورجايئين ڪونه. جڏهن مير علي مراد مان فرنگين مدد وارو ڪم ورتو ۽ فرنگي ڏکڻ سنڌ تي قابض ٿي ويا ته مير رستم علي خان جي شڪايتن تي پاڻ-هرتو نوٽيس وٺي, مير علي مراد خلاف انڪواري ڪرائي.
7.1.1953:
عزت,فضيلت ۽ سهولت سان تعليم وٺڻ به هن ملڪ ۾ وڏو مسئلو رهيو آھي. اڄ ڪراچئ ۾ شاگردن "تعليمي مطالبن جو ڏينھن" ملهائڻ لاء جلوس ڪڍيو. پوليس فائير ڪري 8 شاگرد اڦٽ ماري وڌا.
7.1.1954:
اڄ حيدرآباد/ڄام شوري ۾ "لياقت ميڊيڪل ڪاليج" جي پيڙھ جو پٿر رکيو ويو.
7.1.1963:
سياستدانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارڻ ۽ نااهل ڪرڻ لاء ايوبي مارشل لا جي شروعاتي دور ۾
EBDO
لڳايو ويو هو. اڄ آرڊيننس لڳائي متآثر سياستدانن کي پنهنجي ڪيس تي نظرثاني ڪرڻ جي درخواست ڏيڻ جو حق ڏنو ويو.
7.1.1995:
ڪراچئ جي حالتن ايڌئ کي ايترو مايوس ڪيو جو هو هڪ مهينو ملڪ ڇڏي ويو هو. اڄ هو واپس موٽي آيو. پڪيون شاهديون اهي پئي مليو ته سندس ايمبولنس گاڏين کي اسلحي ڊوئڻ لاء استمال ڪيو ٿي ويو.
7.1.1978:
ولي خان سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪيس هلائڻ لاء ”خاص ٽريبيونل" جوڙيو وڃي. ڀٽي هن ۽ سندس پارٽئ جي اڳواڻن تي ڪيس هلائڻ لاء ٽريبيونل جوڙيو هو. هئ ولي خان جي حسرت هئي ته ڀٽي لاء به ٽريبيونل جڙي. پر کيس اها خبر نه هئي ته ڀٽي لاء گهڻي ڪجھ پسائي وئي هئي.
***************
{ 7 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
7 جنوري 1886ع ڪراچي ميٽروپوليٽن جي اڳوڻي ميئر جمشيد مهتا جي پيدائش ٿي.
7 جنوري 1890ع شاعر نورل شاهه نورل جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1899ع ڊرامه آرٽسٽ خانچند درياڻي (حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1907ع سياستدان گوڪل داس ڀاڳيا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1913ع سياسي اڳواڻ غلام مصطفى ڀرڳڙئ جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1925ع شاعر سعدالله سپاهي جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسد(ڪنڊيارو/ احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1939ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1940ع شاعر محب الله تبريز شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1949ع شاعر مسڪين چنا جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1953ع ڪهاڻيڪاره، شاعره ۽ محققه ڊاڪٽر تهمينه مفتئ جو جنم ڏينهن آهي.
7 جنوري 1983 لاڙڪاڻي جي شاعر فقير محمد سنڌئ جي جنم جي تاريخ آھي.
7 جنوري 1985ع شاعر نصر الله شاد گڏاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
7 جنوري 1929ع ڪانگريس اڳواڻ ۽ شاعر راء بهادر سيٺ وشنداس ڀارواڻي ديهانت ڪري ويو.
7 جنوري 1933ع هالا جي شاعر پير ميان غلام حسين شيدا جي وفات ٿي.
7 جنوري 1953ع شاعر سردار گل محمد زيب مگسي (شهداد ڪوٽ) جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جنوري 1975ع سياستدان مير بنده علي خان ٽالپر(ٽنڊو محمد خان) جو لاڏاڻو ٿيو.
7 جنوري 1986ع لاڙڪاڻي جو ليکڪ قربان بگٽي لاڏاڻو ڪري ويو.
7 جنوري 1986ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ ليکڪ محبوب علي جوکيو وفات ڪري ويو.
7 جنوري 1988 عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولانا محمد عظيم شيدا جي وفات جي تاريخ آھي.
7 جنوري 2007ع صحافي ۽ شاعر انور پيرزادو جي وفات جي تاريخ آھي.
****
SINDH IN HISTORY TODAY (7th JANUARY)
7th January
BIRTH DATES
7th January
1. Jamshed Mehta (Karachi/Freedom Fighter & Mayor of Karachi/ birth 7 January 1886),
2. Nooral Shah ‘Nooral’ (Mori manger/Poet/ birth 7 January 1890),
3. Khanchand Daryani (Hyderabad > Mobai / Dramatist/ birth 7 january 1899),
4. Gokaldas Bhagia(Politician/ birth 7 January 1907),
5. Ghulam Mustafa Bhurgri (Freedom Fighter/ birth 7 January 1913),
6. Saadullah ‘Sipahi’ (Nasrpur/Poet/ birth 7 january 1925),
7. Arjun Hasid (Karachi > Ahmadabad/Poet/ birth 7 January 1930)
8. Syed Dr. Wadal Shah (Scientist/ birth 7 january 1939),
9. Muhibullah ‘Tabrez’(Sujawal Tunio/Poet/ birth 7 january 1940),
10. ‘Miskeen’ Channo (Mado/poet/ birth 7 january 1949),
11. Ali Raza Laghari Khesanwi (Ghulam Muhammad Laghari/Journalist/ birth 7 January 1960),
12. Raja B.H.Kalhoro/Khairpur Nathan Shah/Writer/ birth 7 January 1973),
13. Raza Kalhoro (Sanghar/Poet/ birth 7 January 1974),
14. Ibrahim Malah (Ghulam Muhammad Malah/Writer/ birth 7 January 1982),
15. Muhammad Bachal Kalhoro (Paat/Writer/ birth 7 January 1984),
16. Nasrullah ‘Shad’ Gadani (Gadani Gabol/Poet/ birth 7 January 1985).
7th January
DEATH DATES
1. Rai Bahadur Seth Vishindas (Manjho/Politician/ death 7th January 1929),
2. Kumari Sarsvati Advani (Hyderabad/Educationist/ death 7th January 1930)
3. Pir Ghulam Hussain ‘Sheda’ (Hala/Poet/ death 7th January 1933),
4. Sardar Gul Muhammad ‘zaib’ (Shahdadkot/Poet/ death 7th January 1953),
5. Qurban Bugti (Larkano/Critic/ death 7th January 1986),
6. Mahboob Ali Jokhio (Writer/ death 7th January 1986),
7. Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’(Gul Buriro/Freedom Fighter, Religious Scholar & Poet/ death 7th January 1988).
7th January
EVENT
1850: The Bombay Government directs Sindh Commissioner that Sindhi language be introduced as the ‘language of official business’ in Sindh and for that Captain Stack’s suggested Arabic character be adopted for its script.
1857: His Highness Mir Ali Murad Khan of Khairpur is informed that the British Government of India has to minimized his rank and some territory will be taken back from him.
1953: A procession is taken out by students in Karachi to observe the ‘Educational Day’ and demand for educational reforms. Eight students are killed in police firing.
1954: The Governor – General lays the foundation stone of the Liaquat Medical College at Hyderabad.
1963: Now EBDO affected politicians can apply for review of their disqualification orders/decisions. The new Ordinance is promulgated in this regard.
1965: an agreement is signed between Pakistan and West Germany for establishing Tractor – Operations School at Multan.
1972: Former President Yahya Khan is shifted from Rawalpindi House to undisclosed place so as to protect and keep him safe accordingly.
1980: Soviet Union issues stern warning to Pakistan on Afghanistan matter.
1989: Court decision on restoration of Balochistan Assembly and Government will be honoured and implemented in letter and spirit, says Prime Minister Benazir Bhutto.
1990: Combined opposition parties threaten direct action if the government fails to retract its steps from giving tough time to the non – PPP governments in Punjab and Baluchistan.
Monday, 5 January 2026
SINDH in history today (6th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
سنڌ جي تاريخ جي ساگر مان ڇهين جنورئ جا موتي ميڙي ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء ”واقعاتي تاريخ“ لکي ۽ سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو.
6th January.
Sindh (including Pakistan) in History today.
*************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
انسان کي ٻالپڻو ۽ پنهنجو گذريل زمانو ڏاڍو وڻندو آھي ۽ اهي ڳالهيون ٻين سان وڏي فخر سان ڪندو آھي. اها انساني نفسيات آھي. پر اسان سنڌين جي گهڻائئ جي شايد اهڙي نفسيات ڪانهي. ان ڪري اجتماعي گذريل زماني/ماضي/تاريخ سان دل ئي ڪانه ٿي لڳي. تاريخ "اجتماعي حافظو" برابر آھي. فرد واحد جو حافظو ختم ٿي ويندو آھي ته ان کي چرين جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويندو. چريا به هونء اسان جهڙا, پر ويٺي ويٺي ھنن جو حافظو ختم ٿي ويندو ته الائي ڇا مان ڇا ڪري ويهندو. اها قوم جيڪا "اجتماعي حافظو" نه ٿي رکي, ان جا سياڻا به چريا ٿيندا آھن ۽ ماڻھون حالتن جي گدو بندر اسپتال ۾ داخل ٿي ويندا آھن.
اڄ اسان اجتماعي حافظي/تاريخ مان 6 جنورئ جو ورق کڻي آيو آھيان. پنهنجي تاريخ پڙهو, ٻڌو ۽ سنگت ۾ ونڊيو.
***************
اهم واقعا
***************
6.1.1839:
پاٽينجر ٺٽي مان اڄ ممبئي سرڪار ۽ گورنر جنرل کي الڳ الڳ خط لکي ٿو, جنھن جون خاص ڳالهيون آهن: 1). برنس شاه شجاع سان ڳالهيون ڪرڻ لاء شڪارپور ڏانھن روانو ٿي ويو آھي, 2). حيدرآبادي مير راضي ٿيا آھن ته اسان ڪجھ فوجي ٺٽي ۾ رکون, 3). اسان جي فوج حيدرآباد ويجهو پهچندي ته مان ميرن سان معاهدي بابت ڳالهائيندس ۽ هو اسان جي فوج جي ويجهي هجڻ ڪري داٻي اچي ڳالهين ۾ نرمي اختيار ڪندا.
6.1.1843:
ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت جو گورنر جنرل اڄ خط لکي نيپيئر کي چئي ٿو ته: 1). جيڪڏهن ضرورت محسوس ڪري ته ڪراچئ ۾ موجود پنهنجي فوج جو ڪجھ حصو حيدرآباد طرف روانو ڪيان. اتر کان تون ۽ ڏکڻ کان هئ فوج ميرن کي پريشان ڪرڻ لاء ضروري آھن, 2). مير علي مراد تي مان گهٽ ڀروسو ڪريان ٿو. هن پنهنجي اقتدار بچائڻ لاء مير رستم علئ کي تنھنجو ڊپ ڏئي ڀڄايو. جيڪو پنهنجي ڀاء سان ٺيڪ نه ٿو هلي, اهو اسان سان ڪهڙي نڀائيندو
6.1.1849:
Inverarity
انورارٽئ کي اڄ سنڌ جي ڪمشنر جي آفيس ۾ اسسٽنٽ ڪري رکيو ويو. ڏهن سالن کان پوء ھو ترقي ڪري سنڌ جو ڪمشنر ٿيو. هن جي ڏهاڙن ۾ ”ڪراچي چيمبر آف ڪامرس" قائم ٿيو. ڪراچئ کان ڪوٽڙئ تائين ريل/ٽرين هلائي وئي ۽ ڪوٽڙئ کان ملتان تائين آگبوٽ ھلايا ويا.
6.1.1964:
جماعت اسلامئ تي پابندي مڙھي وئي ۽ مولانا مودودئ کان سواء پارٽئ جا وڌيڪ 16 سرڪرده گرفتار ڪيا ويا.
6.1.1966:
تاشقند ۾ ايوب-شاسترئ جي ڳالهين جو دور هليو, جنھن ۾ ڪشمير جي جٽادار حل ۽ ٻنھي ملڪن جي لاڳاپن بهتر بنائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
6.1.1968:
اوڀر پاڪستان ۾ ٻن سي ايس پي آفيسرن, ٻن عوامي ليگ جي ڪارڪنن ۽ ٻاويه ماڻھن کي ملڪ ٽوڙڻ وارين سرگرميون ڪرڻ جي ڏوه ۾ گرفتار ڪيو ويو.
6.1.1977:
ذوالفقار علي ڀٽي لينڊ رفارمس آندا. انھن مطابق هڪ سو ايڪڙ زمين پاڻ وٽ رکي, باقي زمين تان هٿ کڻي سرڪار حوالي ڪرڻ جي لاء چيو ويو.
6.1.1987:
سنڌ ۾ اٽي ۾ لوڻ برابر سياستدان, باقي فوجي يا واپاري گورنر مقرر ٿيا. اڄ اشرف تابانئ نالي تاجر سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هن کان ليفٽيننٽ جنرل رٽائيرڊ جهانداد خان گورنر هو.
6.1.1988:
سيد جي نامياري سياستدان رئيس غلام مصطفا جتوئئ بيان ڏنو ته ملڪي ترقئ لاء ڪالاباغ ڊيم تمام ضروري آھي ۽ اهو ٺاهيو وڃي.
***************
{ 6 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
6 جنوري 1923ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ موتي گل راجاڻي (حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر حامد علي خانائي جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1935ع ليکڪ هيرو ٽيڪم داس شيوڪاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1941 شڪارپور جي شاعر زيب سومري جي جنم جي تاريخ آھي
6 جنوري 1942ع صحافي امير بخش ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1944ع شاعر لال پياسا جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1947ع سياستدان منير احمد چنا (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1952ع شاعر راهي چنا جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1965ع ليکڪ مشتاق ڪلوڙ جو جنم ڏينهن آهي.
6 جنوري 1966ع مشهور موسيقار اي آر رحمان جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
6 جنوري 1775ع صوفي شاعر خواجه محمد زمان لنواري واري جي وفات ٿي.
6 جنوري 1960ع شاعر حاجي محمود خادم جي وفات ٿي.
6 جنوري 1989ع شاعر صوفي بهاول خان لغاري جو لاڏاڻو ٿيو.
6 جنوري 1997ع ڪمپيئر، ليکڪ ۽ براڊڪاسٽر ممتاز مرزا وفات ڪري ويو
1. GOOD DAY WISH:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[My Dear! Me, and my society are passing through 'non - responding' period. We can not listen requests & cries. We do not believe in entity and existence of others, and terrible end is waiting for us. Come on improve situation to save us]
تو ساجن جو سندرو 'نفئ' تي,
اسان چاھیون عشق سان 'اثبات';
جیئن محبت کي نہ ملي مات،
جیئن سرھا رھون سلام سان.
***************
2. EVENTS From history:
1847: The Collector of Karachi recommends to the Government of Sindh that Jageer of Mir Muhammad Ali Talpur be re- granted to his son Mir Jan Muhammad.
1849: The Bombay Government appoints Mr. Inveracity as Assistant to Commissioner in Sindh vice Mr.Brown deceased. Mr. Inveracity became Commissioner of Sindh after ten years. In these days, powers of Lieutenant Governor were conferred upon him. In his tenure the Karachi Chamber of Commerce came into existence in 1860 and following year 108 – mile railway connecting Karachi with Kotri was opened and in the same year river transport steamer was introduced between Kotri and Multan.
1954: General amnesty is declared by the NWFP Government to all political prisoners in the province, including removal of restrictions on exiles.
1964: Jamait –i- Islami is declared as illegal organization and all its activities are banned. Moulana Moudoodi and other 16 members of its Executive Council are arrested.
1966: Talks are held between the President of Pakistan, Ayub Khan and Lal Bahadur Shastri, Premier of India to reach a formula for better relations in future and resolving of Kashmir dispute.
1968: Two CSPs, two Awami league leaders and others 24 persons are arrested for working on secession of East Pakistan. In this way Agartala Conspiracy case takes birth.
1969: PDM Executive Committee decides conditional participation in the elections. Demands lifting of Emergency, release of political prisoners and direct elections under adult franchise.
1972: Sindh Industrial Estate (SITE), Karachi, comes to a standstill. Worker lay seize of the bosses for fulfillment of demands.
1977: Z.A.Bhutto announces Land – Reforms. Minimum allowable holdings will be 100 irrigated acres.
1980: ‘Soviet occupation of Afghanistan is a threat to Pakistan,& Iran’, says U.S President Jimmy Carter.
1987: Ashraf Tabani is sworn in as the Sindh Governor. He replaces Lt. General (R) Jahandad Khan..
1992: U.S asks Pakistan to furnish accounts since 1985, a suspicion of misuse of funds for anti – narcotics programme.
1988: ‘Kalabagh Dam is in the greater interests of the development of the country and it should be constructed as soon as possible’, says NPP’s founder, Rais Ghulam Mustafa Jatoi.
Sunday, 4 January 2026
SINDH in history today (5th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH IN HISTORY TODAY (5th JANUARY)
5th January
BIRTH DATES
Muhammad Khan ‘Majeedi’ (Poet/ birth 5th January 1918),
Karim Bux ‘Ghayal’ (Naudero/Poet/ birth 5th January 1919),
Abdul Karim Baloch, Maqbool Bhatti (Journalist & Writer/ birth 5th January 1927),
zulfkar Ali Bhutto ( Ex -First civilian Chief Martial law administer, President & Prime Minister/ birth 5 January 1928),
Meval Ahuja (Larkano > Baroda/Writer & Actor/ birth 5 January 1937),
(Karachi/ Artist & writer/ birth 5 January 1939),
Sarang Latifi (Karachi/Poet/ birth 5 January 1942),
Diwan Tilwani (Hyderabad > Ajmir/ Social Worker/ birth 5 January 1944),
Sundar ‘Mujrm’ (Bhirya > Ahmadabad /Poet/ birth 5 January 1945),
Zia _ul_ Haq Mahessar (Rahro/Writer/ birth 5 January 1947),
Khadim Abbasi (Faqir Nanik Yousif/Writer/ birth 5 January 1949),
Mahir –u-Nisa Larik (Bhit Shah/Writer/ birth 5 January 1950),
Abdul Sattar Bhatti (Larkano/ Writer & Social Worker/ birth 5 January 1952),
Hafiz Muhammad Esa Channo (Ibrahim Channo/Writer/ birth 5 January 1962),
Ahmad Solangi (poet/ birth 5 January 1968),
Anwar Ali Dayo (Khairpur/ Social Worker/ birth 5 January 1971),
Roshan Ali Bughio (Mehar/ Writer, social worker & Judge/ birth 5 January 1974),
Manzoor Ujan (Mushtaq Ujan/Poet/ birth 5 January 1975).
Mahboob Janwri (Kandi war/Writer/ birth 5 January 1974),
Sami Paras (Sukkur/Poet/ birth 5 January 1981),
Saba Shah (Poetess/ birth 5 January 1982).
DEATH DATES
Mirza Ghulam Hyder Beg ‘Qambar’ (Hyderabad/Poet/ death 5th January 1921)
EVENTS
1921: The Annual Report of the Sindh Khilafat Committee is published. It carries details about Branches, Political prisoners, Income and Expenditure of party and other subjects.
1922: A public meeting is arranged in Madressah Mahmoodiah of Shikarpur and is presided over by Moulana Taj Mahmood Amroti. The Non - Co - Movement launched against the Govt. remained dominating agenda of the event.
1923: It was difficult to collect and gather hundred people as the pressure of upper class was in the way, but more than three thousand people are attending the Khilafat meeting presided over by Hazarat Amroti. It is advocated in speeches to boycott foreign made goods and face high handedness of the Govt. and its loyal Sindh upper class.
1931: Action against Congress: all night raids, locking of offices and arrests at large scale in Sindh start.
1939: No - Confidence motion against Sindh Premier, K.B. Allah Bux Soomro is moved in Sindh Assembly by G.M.Syed.
1951: General Ayub is appointed Commander - in - Chief of Pakistan Army.
1953: Judgment in the Rawalpindi conspiracy case is announced: Sajjad Zaheer, Faiz Ahmad Faiz are convicted. Ex - Major General Akbar Khan is also declared guilty.
1989: Indian Premier Rajiv Gandhi denies helping Sindh Separationists.
1994: Larkana witnesses bloodshed on the eve of Z.A.Bhutto's death anniversary. One is killed many injured. Mir Murtaza Bhutto and Sister Benazir Bhutto opt for a separate political line of action.
Sindhi Version of the Post:
SINDH IN HISTORY TODAY (5th JANUARY)
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
سنڌ ۾ صبح ٿئي ته آئون به دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن جا جهول ڀري ۽ هٿ ۾ تاريخ جو ورق کڻي ماروئڙن ۽ سانگيئڙن جي ذھن جو در کڙڪايان ٿو. ڪو اٿي مون کي ٻڌي ٿو ته ڪو ڪنن ۾ ڪپه وجهي ستو رهي ٿو. 5 جنورئ جي حوالي سان اڄ واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن خواه وفاتن جي معلومات ٻڌائڻي آھي.
***************
ڪي اهم واقعا
***************
5.1.1843:
اڄ نيپئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکيو ته مان ڪوٽ ڏيجئ کان ٿر رستي امام ڳڙه وڃي رهيو آهيان. جڏهن خيرپور پهتو هئس ته ڄڻ شھر ۾ راڪاس گهمي ويو هو. مير علي مراد کان سواء سڀ مير ٿر ڀڄي ويا هئا. مان رستي ۾ آھيان آئوٽرام مون سان گڏ آھي. مير رستم علئ کيس نياپن مٿان نياپا پيو ڪري ته نيپيئر جي ڏمر کان بچائجان. هن جو پٽ ملڻ آيو. کيس يقين ڏياريو اٿم ته سندس پئ جي جان بخشي ويندي, باقي وڌيڪ اميد نه رکي. هن کي نه ملڪ ملندو ۽ نه اها حيثيت جيڪا هن وڃائي آھي.
5.1.1920:
حيدرآباد ۾ ”انجمن علماء سنڌ" جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ 86 مولوين ۽ پيرن شرڪت ڪئي. انھئ گڏجاڻئ ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته خلافيتن تي ظلم بند ڪري ۽ مٿائن مڙھيل ڪيس واپس وٺي. هن گڏجاڻئ ”قطع ٿعلقات تحريڪ" جي ڀرپور حمايت ڪئي. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته فيبرورئ ۾ لاڙڪاڻي ۾ ھڪ وڏي ڪانفرنس ڪوٺائي ويندي.
5.1.1922:
شڪارپور جي "مدرسه محموديه" ۾ مولانا تاج محمود امروٽئ جي صدارت ۾ جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت خلاف هلايل "قطع تعلقات" وارئ تحريڪ جي ڀرپور حمايت ڪئي وئي.
5.1.1923:
ڳڙھي ياسين ۾ وڏيرن جي مخالفت باوجود خلافت جو پر هجوم جلسو ٿيو جنهن ۾ ٽن ھزار ماڻھن شرڪت ڪئي. انھئ عوامي ميڙاڪي جي صدارت مولانا تاج محمود امرٽئ ڪئي. جلسي جو بندوبست حافظ نور محمد ۽ حبيب الله خان ڪيو هو. فيصلو ڪيو ويو ته ولايتي ڪپڙو استعمال نه ڪبو ۽ ترڪن جي مدد ۽ تائيد ڪئي ويندي.
5.1.1931:
سرڪار ڪانگريس ۽ ان جي ذيلي ڪميٽين, جهڙوڪ ضلعي ڪميٽيون, سٽي ڪميٽيون, نوجوان ڀارت سڀا ۽ بائڪاٽ ڪميٽئ تي پابندي مڙھي ۽ وڏي پئماني تي گرفتاريون ڪيون.
5.1.1939:
جي.ايم سيد سنڌ اسيمبلئ ۾ وڏي وزير خلاف بي اعتمادئ واري رٿ پيش ڪئي.
5.1.1951:
جنرل ايوب کي پاڪستان فوج جو ڪمانڊر ان چيف بڻايو ويو.
5.1.1953:
راولپنڊي سازش ڪيس جي فتوا جاري ڪئي وئي ۽ ان مطابق فيض احمد فيض, سجاد ظھير, سابق ميجر جنرل اڪبر کي ڏوهي قرار ڏنو ويو.
5.1.1989:
انڊيا جي وزير اعظم راجيو گانڌئ انھئ الزام جي ترديد ڪئي ته ڪو انڊيا سنڌي علحدگي پسدن جي مدد پيو ڪري. حقيقت اها هئي ته انڊيا ايم.ڪيو.ايم جي ڏوهي ڪارڪنن جي فوجي تربيت پيو ڪري ۽ انھئ ڳالھ تان ڌيان هٽائڻ لاء ڳالھ سنڌين جي ڪئي وئي.
***************
{ 5 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
5 جنوري 1592ع تاج محل جي تعمير ڪرائيندڙ مغل بادشاهه شاهجهان جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جنوري 1918ع مزاحمتي ۽ قومي شاعر محمد خان مجيدي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1919ع شاعر ڪريم بخش گهايل جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1920ع شاعر احمد بخش احمد مورائي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1927ع ليکڪ مقبول ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1928ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽوجو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1937ع اداڪار ۽ ليکڪ ميول نيوند رام آهوجا(لاڙڪاڻو/ بڙودا) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1942ع شاعر سارنگ لطيف (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1944ع سماجي ورڪر ديوان تلواڻي (حيدر اباد / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1939ع اداڪار، هدايتڪار ۽ ليکڪ عبدالڪريم بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1945ع شاعر سندر مجرم (ڀريا / احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1947ع ليکڪ ضياء الحق مهيسر جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1949ع ليکڪ خادم عباسي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1950ع شاعره مهرالنساء لاڙڪ جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1956ع صحافي ۽ ڪالم نگار ابراهيم صالح محمد هنڱورو جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1962ع ليکڪ حافظ محمد عيسى چني جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1968ع شاعر احمد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1969ع شاعر جميل سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1971ع سماجي ورڪر انور علي دايو جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1971ع شاعر فياض ڏاهري جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1971ع ليکڪ ۽ محقق اشرف علي سمون جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1974ع ميهڙ جي سماجي ورڪر ۽ جج روشن علي ٻگهيو (ميهڙ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1974ع ليکڪ محبوب جانوري جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1980 شاعر منور ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1981ع شاعر ۽ ليکڪ خالد چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1981ع شاعر سميع پارس جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1982ع شاعره صبا شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
5 جنوري 1991 اڳڙا جي شاعر اسلم ٻڌ جو جنم ڏينھن آھي.
[وڇوڙو:]
5 جنوري 1921ع شاعر مرزا غلام حيدر بيگ قنمبر جي وفات ٿي.
5 جنوري 1978ع استاد اڳواڻ ماسٽر حبيب الله جمالي جي وفات ٿي.
5 جنوري 2010ع شاعر سيف ٻنوي ڪراچي جي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
Subscribe to:
Comments (Atom)













