Thursday, 4 July 2024
SINDH in history today (5th July). Author Dr.Pathan and Translator Mumtaz Pathan
Sindh [ including Pakistan] in history today (5th July). Chronological Selection of Events from two Centuries of Sindh History. By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Whoever is not ruled by his/her own desires and is not dependent upon others, is an Ideal for me and my society. Dear! Me and my people are thrown before wolves of such traditions and our freedom & peace, love & beauty has been snatched. Come on! Save our souls]
بختور سي بي تاج بادشاھ، جي ناھن من ۽ ماٹھن جا محتاج،
سي ئي قیدي ناھن ڪنھن جا، نہ منجھایا ڪنھن رسم رواج،
سي سڃاتاسمجھیا جنھن سماج، تنھن ۾ قدر سونھن سلام جو.
************
EVENTS:
1851: Sindh Commissioner writes to the Government of Bombay apprising of the Batai System in Sindh. (Source: Sindh Commissioner’s letter No.1293).
1927: Punjab Muslim League adopts resolution condemning the judgment of Mr. Justice Dalip Sing in the case in which writer had attacked founder of Islam. The judgment was in favour of writer. This book was later on translated and published by Nathoram in Sindh and translator was killed in the court bu Ghazi Abdul Qayoom. (Source: The Indian Annual Register, Voll-11, 1927 and Newspapers).
1929: Congress Working Committee at its meeting held at New Delhi records it opinionthat all members of the legislatures should resign their seats. (The Indian Annual Register, Voll-11,1929).
1948: Khan Ghani son of Khan Abdul Ghaffar Khan, Khan Abdullah son of Dr.Khan and Master Abdul Karim are arrested under Section 40 of the NWFP Criminal law. (Source: Newspapers).
1954: The Communist Party is declared unlawful by all provincial governments of Pakistan. (Source: Newspapers).
1961: U.K supports Pakistan on Pakhtonistan issue, whereas Afghanistan intends to support Pakhtonistan. (Source: Ibd).
1973: American military aid to Pakistan is important to maintain balance of power in the region, says Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).
1976: Engineering College and Cadet College is announced for Baluchistan (Source: Newspapers).
1977: Zia-ul-Haq imposes Martial Law, assemblies are dissolved and leading leaders from PNA and PPP including Z.A.Bhutto, Prime Minister of Pakistan are arrested.(Source: Newspapers)
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
**********
توجه طلب واقعا
*************
5.7.1840:
ليفٽيننٽ برائون اڄ سکر مان ڏکڻ سنڌ واري فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته ڪي اوپرا, شايد ايراني يا عرب خيرپور پهتل آھن. ھو ٻه راتيون مير رستم خان جي وزير غورئ جا مهمان ٿي رهيا. هاڻي خبر نه ٿي پئي ته ڪاڏي گم ٿي ويا. تون ايڏانھن نظر رکجان.
5.7.1927:
پنجاب مسلم ليگ هڪ ٺھراء پاس ڪري جسٽس دليپ سنگ جي انھئ فيصلي جي ندا ڪئي, جنهن ۾ جج انھئ ليکڪ ۽ پبلشر کي آزاد ڪري ڇڏيو, جنھن پنهنجي ڪتاب ۾ نبي ڪريم صلي الله جي شان مبارڪ ۾ گستاخي ڪئي هئي. [سالن کان پوء اهو ساڳيو ڪتاب سنڌ ۾ نٿورام ترجمو ڪري ڇپرايو. مٿس توهين مذھب جو ڪيس هليو ۽ ڪيس هلڻ دوران عبدالقيوم کيس ڪورٽ ۾ قتل ڪيو هو]
5.7.1929:
ڪانگريس ورڪنگ ڪميٽئ فيصلو ڪيو ته سڀ ڪانگريسي ميمبر اسيمبلين مان استعيفا ڏين.
5.7.1948:
عبدالغفار خان جي پٽ خان غني, ڊاڪٽر خان جي پٽ خان عبدالله کي سرحد/ڪي.پي.ڪي حڪومت سيڪشن 40 هيٺ گرفتار ڪيو. [ ٻين صوبن جي خانن پنهنجي سياسي فلسفي ۽ شعور ڪري ڀوڳيو. سنڌ ۾ وري سورهيه بادشاه ۽ جي.ايم.سيد پنهنجي سياسي نظرين ۽ قدرن ڪري ڏکن جا ڏينھن ڏٺا]
5.7.1954:
پاڪستان جي صوبائي حڪومتن وڏئ سرڪار جي هدايتن جي پوئوارئ ۾ ڪميونسٽ پارٽئ کي غيرقانوني چئي پابندي مڙھي ڇڏي.
5.7.1961
”پختونستان“ جو مسئلو پاڪستان جي پرڏيهي حالتن تي اثرانداز ٿيندو رهيو. برطانيه پاڪستان جي حمايت ڪئي ته ”پخونستان“ نه ٺھڻ گهرجي. جڏهن ته افغانستان ان جي حق ۾ آواز اٿاريو.
5.7.1976:
بلوچستان ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ۽ انجنيئرنگ ڪاليج قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.
5.7.1977:
جنرل ضياء الحق ملڪ سان مارشل لا لاڳو ڪري ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو, اسيمبليون ٽوڙيون ۽ ڀٽي سميت مکيه سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو.
5.7.1999:
پاڪستان جي پرڏيهي ترجمان اعلان ڪيو ته ڪارگل ۾ وڙھندڙ مجاهدن کي جنگ بندئ جي اپيل ڪري سگهجي ٿي پر انهن کي مجبور ڪري جنگ بندي نه ٿي ڪرائي سگهجي. مجاهدن جي ڪارواين ڪري عالمي برادرئ جو ڌيان ڪششمير جي مسئلي طرف ڇڪجي ويو آھي. وزير اعظم نواز شريف آمريڪي صدر کي فون جي جواب ۾ پڪ ڏياري ته اسان جا فوجي ڪارگل کان واپس ٿيندا ۽ وارايل علائقو واپس ڪبو. پر اها ڳالھ مخالف ڌر ۽ فوج قبول نه ڪئي.
*************
{5 جولاء تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
5 جولاءِ 1903ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه (ٽنڊو غلام علي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1905ع ليکڪ نارائڻ بائيجا (سکر / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1923ع ليکڪا سشيلا پشپ (شڪارپور / الهاس نگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1938ع ڪلاسيڪل راڳ جو گلوڪار استاد گلزار علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1940ع ليکڪ ۽ "سهڻي" جي ايڊيٽر طارق اشرف جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1945ع اسڪالر ۽ محقق داد سنڌي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1948ع اسڪالر، محقق ۽ ليکڪا ڊاڪٽر فهميده حسين جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1951ع شاعر شعبان واحد جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1953ع اسڪالر ۽ تعليمي ماهر ڊاڪٽر نور افروز خواجه (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1959ع ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گُل حسن ڪلمتي(گڏاپ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1966ع محقق مشتاق نظاماڻي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1967ع ليکڪ سانول ميرالي جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1967ع شاعر ۽ سياسي، سماجي ورڪر وزير فرهاد جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1968ع سماجي ورڪر شير عالم جوکيو (ڪونڪر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1973ع صحافي ميوو مجروح مينگهواڙ (ڪڍڻ) جو جنم ڏينهن آهي.
5 جولاءِ 1981ع سماجي ورڪر خادم لاشاري (جوهي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
5 جولاءِ 1951ع شاعر سيد انور علي شاهه(جهانپور) جو انتقال ٿيو.
5 جولاءِ 2008ع ڪالم نگار، ليکڪ، سماجي اڳواڻ زاهد حسين پيرزادو گذاري ويو
Subscribe to:
Post Comments (Atom)
No comments:
Post a Comment