Wednesday, 15 May 2024

Sindh in history today (16th May). By. Dr.Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (16th May) & GOOD DAY WISH: EVENTS: 1850: Inhabitants of Hala petition the Govt. for introduction of Act X X XV1 of 1850 into the Town Municipalty. 1940: Munshi Abdul Ghafoor, employee of the Larkana District Local Board sets a new and amazing trend in taking part in politics. He goes on 9 month without pay leave and goes to Punjab to participate in Khaksar Movement. He is arrested their and is sentenced to 5 month regorious imprisonment. Whenhe is released, comes back to Larkana and joins his duty. 1952: Sindh Journalists' Association condemns the promulgation of the Security Act. 1954: Fifty nine Sindh Assembly members resign fron the Muslim League. 1959: World Bank team headed by its president Eugene Black starts talks with Pakistan Govt. on Canal Water issue. 1961: Karachi is connected with Jidah by Radio Telephone Service.… See more Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! Tears in eyes narrate complete story about happenings in heart. Either it is because leaving of lovely one, or due to death of hopes & exceptions. But, it is life and heart has to face rainy days and odd hours without reason, or with reason] هي نیٹن منجهہ جو پاٹي، سي دل جي درد-ڪھاٹي، جان ڏسجي وڇوڙي-ھاٹي، یا محبت تنهن ناھي ماٹي، دل پوء بہ تہ راٹي سیاٹي، سور سھڻ لاء سا ساماٹي SINDHI TRANSLATION OF THE POST: By.Dr.Pathan “ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(16 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". ********* [[[سوچي سمجهي ڌيان سان ڪندو ماضئ جو مطالعو; ڌرتئ ۽ ڌرتئ-ڌڻين جو محبتي متوالو, وساري نه تاريخ کي]]]]. ********** 16.5.1841 فرنگين کي سنڌ اندر ۽ سنڌ جي الهندي سرحدي پٽئ ۾ ھر وقت عوامي مزاحمت جو خطرو رهندو هو. اڄ مري قبيلي جي ماڻھن فرنگين کان اٺن جا وڳ به کسي ورتا ۽ هڪ فوجي عملدار به ماري وڌو. 16.5.1850 هالا جي ماڻهن سرڪار کان مطالبو ڪيو ته ايڪٽ XXXVI آف 1850 هالا ميونسپالٽئ سان پڻ لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن ميونسپالٽي وڌيڪ بهتر طريقي سان عوام جي خدمت ڪري سگهي. 16.5.1940 انگريزن جي دور ۾ عوام سياست ۽ آزادئ جي تحريڪ ۾ عشق, بلڪ جنون جي حد تائين دلچسپي ورتي. ماڻھون سرڪاري/نيم سرڪاري نوڪرئ تان موڪل وٺي وڃي تحريڪن ۾ حصو وٺندا ھئا. عبدالغفور نالي لاڙڪاڻي جي هڪ منشئ پگهار بنا 9 مهينن جي موڪل وٺي, لاهور وڃي خاڪسار تحريڪ ۾ حصو ورتو. اتي 5 مهينا جيل ۾ به پيو. ايئن 9 مهينا لاهور گذاري وري اچي لاڙڪاڻي ۾ نوڪرئ تي چڙھيو. 16.5.1952 سنڌ تي ڪڏهن ننڍي ته ڪڏهن وڏي سرڪار ڪاوڙ جو عملي اظھار ڪندي رهي آهي. تازو " سيڪيورٽي ايڪٽ“ لاڳو ڪيو ويو ته ڪيترن طبقن خاص طور تي " سنڌ جرنلسٽس ائسوسيئيشن" ان جي مذمت ڪندي انھئ قدم کي انساني حقن جي لتاڙ وارو عمل سڏيو. 16.5.1972 سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ويٽنام خلاف آمريڪي اڳرائئ جي مذمت ڪئي وئي, جلوس ڪڍيا ويا ۽ گڏجاڻيون ڪيون ويون. 16.5.1974 سنڌ سرڪار 65 سرڪاري عملدارن کي ڪرپشن جي الزام ۾ رٽائير ۽ 225 کي ڊسمس ڪيو. 16.5.1977 ڪوئيت جو پرڏيهي وزير پاڪستان آيو ته جيئن پي.اين اي ۽ وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪرڻ تي آماده ڪري سگهي. ****** محسن علي پٺاڻ “ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(16 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جي تحقيق". ********* اڄوڪي ڏينهن 16 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 16 مئي 1927ع صحافي ڪرشن ڄيٺنند جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 مئي 1931ع شاعر غلام نبي عاقل جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 مئي 1930ع شاعر غالب مالڪاڻي جوجنم ڏينهن آهي. 16 مئي 1953ع ليکڪا الماس سنڌو جو جنم ڏينهن آهي. 16 مئي 1958ع اسٽيج ڊائريڪٽر ٻلديو گهنشاڻي جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 16 مئي 1915ع شاعر محمد اعظم ”اعظم“ جو لاڏاڻو ٿيو. 16 مئي 1928ع شاعر زمان شاهه ساقي (ٺٽو) جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment