Saturday, 11 May 2024

SINDH in history today (12th May). By. Dr.Pathan and translated by Mumtaz Ali Pathan

DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (12th May) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes YOU Good Day with love, respect and regards. [It is easy to like, but very difficult to accept. It is most difficult to maintain contacts & affiliations and relations & connections. Life never believes in dreams. It is hard ground reality. Beautify it with love as it can accept you. Be more sincere, as can share Beauty Offer sacrifice, as love can declare you wise] ڀانئڻ اچي سڀ کي، نڀائڻ ڪنھن ڪنھن جو ڪم، رشتا گھرن رت روح جو، کائن هر پل لڱ لحم، جي ھٹین دوستئ جو دم، چئج سرت سان سلام تون ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {12th MAY} EVENTS: 1843: The Sindh Governor recommends the case of Mecleod for his appointment as the Collector of Customs with salary of Rs.800 per month and the case is approved by the Govt of India. There is a road in Karachi, after this man. 1920: The Central Khilafat Committee presents Memorandum to the Viceroy of India in Simila. It is also signed by Khilafat leaders from Sindh such as Seth Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti, Munshi Aminuddin, Asadullah Shah, Dr. M.A.Ahmad, Moulana Muhammad Sadiq of Khada, Shaikh Abdul Majeed, Muhammad Khan, Jan Muhammad Junijo, Moulana Abdul Ghafoor Jacobabadi, Abdul Kaliq Morai, Pir Rashidullah Shah and others. 1929: Shaikh Abdul Majeed Sindhi forms "Sindh Muslim Voters Association" so as awareness can be created to vote and elect true, sincere and dedicated candidates in election. 1935: Indian State and Broadcasting Service, Mombai, already broadcasting Sindhi Programs, to broadcasted Sindhi Classical songs sung by Vishni Jagtiyani. 1948: Shaikh Karamat Ali, Education Minister for the Govt of West Punjab is found traveling without Ticket in Karachi Mail.The train was checked by Special team at Khaniwal Railway Station. 1949:" We do not believe in any ISM,my Govt is working for creating FREE SOCIETY", says Liaqut Ali Khan, Prime Minister of Pakistan. His speech is broadcasted from Cairo Radio Station. 1951: The opening of Karachi University is announced. 1957: Moulana Bhashani announces to observe Protest Week against Price- hike in the country. 1960: “We are bound morally to satisfy USSR. The investigation is being conducted to see that either USA aircraft used Peshawar Base to attack Russian Jet", says Z.A.Bhutto,the Federal Minister. 1970: The National Assembly adopts bill abolishing Sardari System in the Pakistan. SINDHI TRANSLATION OF POST: SINDH IN HISTORY TODAY (12th May). By. Dr. Pathan سنڌ جي موجود اڌ منئ صدي ۾ اڪثر ڪري جيڪو ڏينھن آيو, سو ڳورو ثابت ٿيو. بس جيڪو آيو سور ڏئي ويو, پل پل ۾ هڪ پور ڏئي ويو. سنڌين سوچيو ته سرڪار هونء ته هر اداري جي ڀينگ ڪئي آھي, پر کيس عدليه سان هٿ چراند ڪرڻ نه گهرجي. ان ڪري 12 مئي 2007 تي ڪيترن سنڌين ڪراچئ ڏي رخ ڪيو ته جيئن گڏجي سرڪار جا ڪن کڻائجن ته سرڪار جي عدليه-دشمني کين قبول ناهي. پر ڪراچي شھر جي هر لنگه تي سندن قتل عام ڪيو ويو. اسان سنڌي ويچارا ويسارا ڪا اهڙي ڳاله ياد رکون ئي ڪونه. جهڙوڪ اهو واقعو سنڌ ۾ ٿيو ئي ڪونه هو. تاريخ اسان جي اهڙئ ويسر جا کوڙ قصا سيني ۾ سانڍي رکيا آھن. پر تاريخ پڙھڻ کان اسان مان اڪثر ماڻھن کي بڇان لڳندي آھي. ڪنهن کي بڇان لڳي يا ڪنهن کي سچ ٻڌڻ جو شوق هجي, تاريخ پنهنجو درس ڏيندي رهندي. اچو اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ جو ورق نظر مان ڪڍون: ** 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي گورنر عملدار ميڊيئوڊ کي ڪسٽم ڪليڪٽر مقرر ڪرڻ لاءِ سفارش برطانوي سرڪار کي موڪلي ڏني، سندس پگهار 800 رپيا ماهوار مقرر ڪرڻ جي سفارش سرڪار منظور ڪري ورتي، واضح رهي ته ڪراچي ۾ ميڪلوڊ جي نالي سان هڪ روڊ به ٺهيل آهي. ** 1920ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مرڪزي خلافت ڪاميٽي هندستان جي وائسراءِ کي شملا ۾ ميمورنڊم پيش ڪيو، جنهن تي سنڌ جي خلافتي اڳواڻن سيٺ حاجي عبدالله هارون، مولانا تاج محمود امروٽي، منشي امين الدين، اسدالله شاهه، ڊاڪٽر ايم اي احمد، مولانا محمد صديق کڏي وارو، شيخ عبدالمجيد سنڌي، محمد خان، جان محمد جوڻيجو، مولانا عبدالغفور جيڪب آبادي، عبدالخالق مورائي، پير راشد الله شاهه ۽ ٻين جون صحيحون ٿيل هيون. ** 1929ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي شيخ عبدالمجيد سنڌي سنڌ مسلم ووٽرز ايسوسيئيشن نالي تنظيم قائم ڪئي، جنهن جو مقصد صحيح نمائندا چونڊڻ بابت جاڳرتا مهم هلائڻ هو. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انڊين اسٽيٽ اينڊ براڊڪاسٽنگ سروس ممبئي سنڌي پروگرام نشر ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو، ريڊيو تي ڪيترائي سنڌي ڪلاسيڪل گيت هلايا ويا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ويسٽ پنجاب جي تعليم واري وزير شيخ ڪرامت علي کي ريل گاڏي ۾ بغير ٽڪيٽ جي سفر ڪرڻ تي سوگهو ڪيو ويو، اسپيشل ٽيم خانيوال ريلوي اسٽيشن تي چيڪنگ ڪئي ته صوبائي وزير وٽ ٽڪيٽ نه هئي. ** 1949ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم لياقت علي خان قاهره ريڊيو کي انٽرويو ڏيندي چيو ته اسان ڪنهن به عزم ۾ يقين نٿا رکون، اسان آزاد سماج لاءِ ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا. ** 1951ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي يونيورسٽي جو باضابطا طور تي افتتاح ڪيو ويو. ** 1957ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ناليواري سياسي اڳواڻ مولانا ڀاشاني عام استعمال جي شين جا اگهه وڌائڻ خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاج جو هفتو ملهائڻ جو اعلان ڪيو. ** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو سوويت يونين کي خاطري ڪرائي ته پشاور ايئر بيس تان آمريڪي جهاز جي اڏامڻ ۽ روسي جهاز تي حملي واري معاملي جي جاچ ڪرائي ويندي. ** 1970ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي پاڪستان ۾ سرداري نظام جي خاتمي لاءِ قانوني بل منظور ڪري ورتو. 12.5.2007: ڪراچئ ۾ انهن عدليه-دوست سنڌين جو مختلف هنڌن تي قتل عام ڪيو ويو, جيڪي مختلف شھرن مان ڪراچئ ان ڪري اچي رهيا هئا ته هڪ هنڌ گڏ ٿي حڪومت جي عدليه-دشمن حڪمت عملئ جي مخالفت ڪن. ***** اڄوڪي ڏينهن 12 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 12 مئي 1801ع اڳوڻي حڪمران مير صوبدار خان ٽالپر جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مئي 1862ع شاعر مرزا دوست محمد بيگ دوست (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1904ع شاعر ۽ اديب آخوند محمد حسن مسڪين جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1928ع شاعر گل حسن بيڪس (باڊهه) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1932ع شاعر ۽ چترڪار بال ڪرشن ڊي ڪمل سرتاج (مٺي / جيپور) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1944ع قومپرست شاعر، سياسي ڪارڪن، راڳي ۽ اداڪار جمن دربدر جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1947ع شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مزاحيه ليکڪ علامه مستانو ابڙو سيوهاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1955ع اداڪاره نينا آسودواڻي (اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 12 مئي 1956ع پاڪستاني ڪرڪيٽ امپائر اسد رئوف جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1958ع ليکڪ ٻلديو گهنشياڻي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1960ع سگهڙ قائم الدين سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1962ع ليکڪ غلام شبير سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1967ع ليکڪا گوري ولڀ (مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1985ع ليکڪ اياز ڀٽو (مبارڪپور) جو جنم ڏينهن آهي. 12 مئي 1980ع گلوڪاره امبر مهڪ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 12 مئي 1801ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران مير فتح علي ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو. 12 مئي 1962ع شاعر خدا بخش خادم (ميهڙ) جو انتقال ٿيو. 12 مئي 1972ع شاعر فقير سيرت علي ڪورائي جو انتقال ٿيو. 12 مئي 1990ع شاعر افضل قادري جو انتقال ٿيو. 12 مئي 1991ع شاگرد اڳواڻ احسان گوپانگ جو انتقال ٿيو. 12 مئي 1991ع شاعر زيب عاقلي (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو. 12 مئي 2011ع گهڙي نواز مٺا خان زرداري جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment