Friday, 31 May 2024
SINDH in history today (1st June). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st June} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
***********
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[If you are not accepted and owned, so what? Accept and respect all others without discrimination. Be useful, purposeful and more kind to those, who cannot accept and own you. Be for the love, beauty & peace. Be of the beauty, peace & love. Because, you are Beauty, Love & peace. Don't hunt for it. But, share it. ]
جي گذري تنهنجي حیاتي ٿي هن ھوت سواء،
تون ڪوہ نہ ڪرین سا ئي حياتي ھوتن لاء؟
دکن سکن ۽ عیب ثوابن دورين مجبورين جا،
ڏینھن ۽ رات جا تون کڻي فرضي فرق مٽاء،
نینھن-نیاپو سرت-سندیشو، سي گیت سٹاء،
EVENTS:
1916: Sawami Devananda delivers his first lecture, to be followed by series of lectures on the request of ‘Hindu Shewak Mandal’ of Karachi. (Source: Daily Gazette, Karachi).
1920: NGO of Shikarpur, Citizens’ Association of Shikarpur elects its officer-bearers. They are Diwan Vishindas Jethmilani (President), Seth Ghanshamdas Rajpal (Chairman Managing Committee), Balwantsing Lokram (Secretary)and Ramchand of H.M.Academy (General Secretary).
1943: A resolution conveying warm greetings to the heroic Red Army and Soviet people is passed at a meeting of Sindh-Baluchistan Communist Party. The second anniversary of Soviet-German war is celebrated. (Source: Indian Annual Register, Vol-1, 1943)
1955: Muhammad Ayunb Khuhro, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Mir Ghulam Ali Talpur, Haji Moula Bux Soomro, Seromal and Yousif Haroon are elected as members of the Constituent Assembly (Source: Newspapers).
1960: Abdul Qadir Sanjrani from Sindh is inducted in West Pakistan cabinet. (Source: Newspapers).
1962: Moulv iFarid Ahmad, politician from East Pakistan demands Friday instead of Sunday as holiday. (Source: Ibid).
1964: Z.A.Bhutto is awarded ‘Hilali-i-Pakistan’ for his valuable services regarding reshaping of country’s foreign policy. (Source: “Source-Material on Bhutto family’’, compiled by Gul Hayat Institute).
1968: Some of accused in Agartala Conspiracy case confess that they were planing for an independent East Pakistan (Source: Newspapers).
1980: Zakat system is introduced in Pakistan. There will be compulsory deduction of Zakat from Bank deposited. (Ibid).
1988: Supreme Court strikes down registration of political party’s clause. Decision is given in Benazir Bhutto’s petition on Party Act. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute).
1992: Major Arshad pleads guilty of killing nine persons in TandoBahawal. Confession made before an army court of inquiry. (Source: Newspapers).
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
EVENTS FROM SINDH HISTORY (1st June) By: Dr. Pathan
** 1953ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانيا جي راڻي ايلزبيٿ جي تاج پوشي ۽ سالگرهه جي موقعي تي پاڪستان ۾ عام موڪل ڪئي وئي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو عوامي سهولتن واري ٽرين پنجاب ايڪسپريس شروع ڪئي وئي، جيڪا ڪراچي کان پنڊي تائين هلائي وئي.اها ٽرين ڪافي عرصو هلندي رهي پر پوءِ ٻين ريل گاڏين وانگر هي ٽرين به اڳتي هلي بند ٿي وئي.
** 1956ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اوڀر پاڪستان تان گورنر راڄ ختم ڪري ابو حسن سرڪار کي بحال ڪيو ويو.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي اولهه پاڪستان ۾ نواب آف ڪالاباغ ملڪ عامر احمد خان ٽئين گورنر جنرل طور عهدي جو حلف کنيو.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سوويت يونين سرڪار ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر فيض احمد فيض کي ادبي خدمتن جي مڃتا طور لينن ايوارڊ سان نوازيو.
** 1963ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ايسٽ پاڪستان ۾ سامونڊي طوفان سبب ٿيل نقصان جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته طوفان ۾ اٽڪل 50 هزار ماڻهن جون جانيون ضايع ٿي ويون.
** 1972ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بنگلاديش جي آزاد ٿيڻ کانپوءِ وارن معاملن تي غور ويچار کانپوءِ بنگلاديش جي پرڏيهي وزير عبدالسرمد آزاد ان ڳالهه جو اظهار ڪيو ته پاڪستان حڪومت بنگلاديش کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪري. پاڪستان حڪومت ڪافي سالن تائين بنگلاديش کي تسليم نه ڪيو پر پوءِ اڳتي هلي نيٺ هن کي آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو ويو.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ولي خان پيپلز پارٽي جي حڪومت تي الزام هنيو ته اها بلوچستان ۾ اوڀر پاڪستان جهڙي صورتحال پيدا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ذوالفقار علي ڀٽو اهي الزام رد ڪري ڇڏيا. وزيراعظم ڀٽو جي دور ۾ بلوچستان ۾ ٿيل آپريشن تي سياسي جماعتن سخت تحفظات جو اظهار ڪيو هو.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور هاءِ ڪورٽ مارشل لا لاڳو ڪرڻ خلاف پنهنجو فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ميان نواز شريف پنجاب جو وڏو وزير بڻجي ويو. ان دور ۾ پ پ وڏي اڪثريت سان ڪامياب ٿي آئي هئي ۽ بينظير ڀٽو ملڪ جي پهرين عورت وزيراعظم ٿيڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. پر هن کي پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو
**************
.اڄوڪي ڏينهن پهرين جون تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
پهرين جون 1895ع شاعر غلام احمد نظامي (ڪراچي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جون 1897ع اسڪالر ڊاڪٽر ايم يو دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1903ع اسڪالر جي اين ناگراڻي (شڪارپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جون 1907ع شاعر فقير سلطان سومرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جون 1926ع سياستدان فتح محمد سيال جي پيدائش ٿي.
پهرين جون 1932ع اسڪالر ڊاڪٽر رحمت الله ابڙو (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1932ع شاعر محمد بخش حافظ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1936ع ليکڪ قربان بگٽي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1942ع صحافي امير بخش ڀٽي (جيڪب آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جون 1943ع شاعر ميوارام درد (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1945ع ليکڪ شيام آهوجا (مديجي / الهاسنگر) جيپيدائش جو ڏينهن آهي.
پهرين جون 1945ع اداڪار جئديو تنواڻي (لاڙڪاڻو / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1951ع ليکڪ ۽ اداڪار جسونت ڪمار (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1951ع صحافي ٻڍل خان چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1952ع اداڪار ڪنيا لال پرسواڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1952ع اداڪار رميش سوماڻي (الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1952ع ليکڪ گوهر سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1954ع ڊاڪٽر شمس سومرو (دادو) ادبي سنگت جو اڳوڻو سيڪريٽري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1959ع شاعر الاهي بخش مخمور جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1959ع ليکڪ مشتاق محبوب جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1961ع شاعر اصغر آزاد منگي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1962ع ليکڪ بشير سيال جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1963ع صحافي غضنفر جکراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1963ع ليکڪ ياسين دائودپوٽو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1968ع ليکڪ ۽ صحافي ممتاز بخاري جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1972ع شاعر ذوالفقار بهڻ جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1975ع شاعر عبدالرزاق مئڪش سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1978ع شاعر غلام رسول امر جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1979ع ليکڪ ستار جلباڻي جو جنم ڏينهن آهي.
پهرين جون 1983ع ليکڪ سيخ ارشاد (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
پهرين جون 1817ع مذهبي اسڪالر مخدوم عبدالله مهيسر جو لاڏاڻو
پهرين جون 1939ع مذهبي اسڪالر مولوي فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.
پهرين جون 1950ع مذهبي اسڪالر مولوي هدايت الله تنيو جي وفات ٿي.
پهرين جون 2005ع اداڪار اي آر بلوچ جو انتقال ٿيو.
Thursday, 30 May 2024
SINDH in history today (31st May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {31st MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
31st May
EVENTS
1916: Swami Dayanand delivers his lecture on the topic of the ‘Yoga Practice’. The event is organized by the ‘Young Amils’ Association of Karachi.
1927: The Sindh Natural History Society is formed at Karachi.38 are enroled as members on the first day. Later on the Society published ‘The Journal of Sindh Natural History Society’ and it became the basic source material on the Natural History of Sindh.
1931: The weekly ‘Al-Amin’ edited by Shaikh Abdul Majeed Sindhi gives account of sorrows and longings of Khilafat activists of Jacobabad. The paper reports that Sardar Rasool Bux has been awarded 12 months imprisonment, Sepoy Muhammad Daud has been beaten bu S.P, Jacobabad and Government offices have refushed to accept applications written by Munshi Khuda Bux. They all played vital role in the Khilafat Conference of Jacoabad.
1932: Conviction figures about Congress leaders through out India is made public. It reveals that in the month of January 14800, in February 17800,in March 6900, in April 5200 and in the month of May 1932, total 3800 leaders and workers were convicted.
1943: Sindhi Sudhar Society and Bazm Mushara of Larkano jointly arrange Poetic Sitting. The selection from the poetry presented in the Mushera was published in Adeeb Sindh, literary Journal of Larkano.
1951: Gold and other valuable minerals are found/discovered in Baluchistan.
1961; Soviet experts are in Pakistan so as to help the country in oil exploring.
1964: President of Pakistan, General Ayub declares that Pakistan would never agree to a federation or confederation with India as a solution of the Kashmir dispute.
1965: Muhammad Khan Junijo and Jam Mir Ghulam Qadir are inducted in the ministry of the West Pakistan.
1968: Consequent upon closer of Suez Canal, U.S.S.R opts for diplomatic methods to get trade route through Afghanistan and Pakistan. The present war like situation of that trade route area indicates the fight for control over the trade route.
1972: President Bhutto and King Hussain discuss situation in Middle East and the South East Asia.
1973: The PPP Government has hatched conspiracy to kill me and my family, claims Pir Pagaro. The editor of Daily paper ‘Mehran’, and eminent poet Syed Sardar Ali Shah ‘Zakir’ is arrested under DPR>
1985: NWFP Assembly adopts unanimous resolution on the lifiting of Martial Law.
1989: Punjab Chief Minister is happy on talks with MQM. PNA and MQM to support each other in side and outside assemblies.
1992: Pakistan has informed U.N.O of massive Indian infiltration in Sindh, says Nawaz Sharif. But nobody had informed any one including U.N.O of massive and unending migration in Sindh from India!!!
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
***********
31.5.1843:
سورت جيل منجهان مير صوبدار خان ممبئئ جي گورنر کي گذارش نامو موڪليو, جيڪو طويل به آهي ۽ تفصيلي به آھن. انھئ خط ۾ مير ماضئ جي يادن جا ورق ورايا آھن ۽ گورنر کي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي ته هن پنهنجي ايامڪارئ ۾ انگريزن سان ڀلو پير کنيو, پر نيپيئر پوء به کيس ڏاڍ ڏمر جو نشانو بڻائي جنگي قيدي بڻايو ۽ سورت جيل ۾ اڪيلو قيد رکيو ويو آھيان. مير پنهنجي خط گورنر کي گذارش ڪئي آھي ته کيس گهٽ ۾ گهٽ ٻين قيدي ميرن سان گڏ رکيو وڃي.
31.5.1851:
سنڌ جي ڪمشنر اڄ اپر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ کي لکيو ته سنڌ ۾ فقط ڌارين جون ڪالونيون ٺاهڻيون ڪونهن. بگٽي, جن کي قيد ڪري ڪالونين ۾ رکيو ويو آھي, انھن مان ڏس ته ڪيترا ۽ ڪهڙا مالي مدد يا ٻي سهولت ڏيڻ ڪري پنهنجي وطن واپس ويندا. انھئ شرط/سهولت تي جيڪي پنهنجي وطن واپس وڃن, تن کي واپس موڪليو.
31.5.1920:
"جيڪب آباد خلافت ڪانفرنس" جي ڪاميابئ کان پريشان ٿي, اتان جي ضلعي سرڪار خلافيتن تي ڏاڍ ڪرڻ شروع ڪيا. مثال سردار رسول بخش کي پڪڙي ٻارنھن مهينا ٽيپ ڏنائوس. منشي خدا بخش جيڪو عريضي نويس هو, ان جي هٿ سان لکيل درخواستون ڪورٽ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.سپاهئ دائود جنھن ڪانفرنس جي موقعي تي سرڪاري نوڪرئ تان استعيفا ڏني, ان کي ايس.پئ پڪڙي ڏاڍي مارڪٽ ڪئي. انهئ سرڪاري ڏاڍ خلاف اڄ هفتيوار "الامين" ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ هڪ زبردست ايڊيٽوريل لکيو.
31.5.1927:
سر مانٽيگو ويب جي صدارت ۾ فريئر هال ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ "سنڌ نيچرل هسٽري سوسائٽي" ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو. انھئ ڏينھن تي 38 ماڻھون هن سوسائٽئ جا ميمبر ٿيا. هن سوسائٽئ انگريزئ ۾ ٽماهي رسالو جاري ڪيو ۽ ان جا سمورا پرچا گل حيات ۾ موجود آھن.
31.5.1943:
لاڙڪاڻي جيڏ"بزم مشاعره" ۽ " سنڌي سڌار سوسائٽي" طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. ان جي طرح ھئي:
"پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاء سائين سنڌ ۾ وجھ سگھ“. ھن مشاعري ۾ پيش ڪيل شعرن جو انتخاب پوء رسالي "اديب سنڌ" ۾ شايع ٿيو.
31.5.1951:
بلوچستان مان سون ۽ ٻي قيمتي معدنيات لڌي. جتان سون مليو, اهو صوبو سدائين سورن ۾ رهيو آھي.
31.5.1968:
سئز ڪئنال بند ٿيو ته روس ۽ ٻين ملڪن لاء پاڪستان جي سامونڊي بندر ۽ پاڪستاني سياست جي اهميت ۽ حيثيت وڌي وئي. روس سفارتي طريقن سان سمنڊ تائين تجارتي راه جي سهولت گهري.
31.5.1973:
پير پاڳاري خدشو ظاهر ڪيو ته وقت جي سرڪار مون مارائڻ جون سازشون سٽي رهي آھي. ياد رهي ته پير پاڳاري جي اخبار "مهراڻ" جي ايڊيٽر سردار علي شاه "ذاڪر" کي اڄ ڊي.پي.آر هيٺ گرفتار ڪيو ويو.
[ذوالفقار علي ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کان پوء پنهنجو تر نه ٻڌو. هن سنڌ ۾ پنهنجي لاء دوست پيدا ڪرڻ بدران دوستن کي مخالف بنائڻ جون حالتون پيدا ڪيون]
31.5.1989:
پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف ۽ ايم.ڪيو.ايم وچ ۾ ڪامياب ڳالهيون ٿيون.
31.5.1992:
نواز شريف وڏي واڪ چيو ته انڊيا سنڌ ۾ علحدگي پسندن جي پٺڀرائي پيو ڪري ۽ اسان اها ڳالھ اقوام متحده جي ايوانن تائين پهچائي آھي.
{31 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
*************** [جنم ڏينهن:]
31 مئي 1816ع بزرگ سيد علي گوهر شاهه بنگلي ڌڻي (پيرڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1825ع انگريز ليکڪ ۽ لسانيات جي ماهر ايڇ جي راورٽي(مهراڻ آف سنڌ جو ليکڪ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1902ع موسيقار ۽ شاعر احمد چاڳلا (قومي تراني جي ڌن جو خالق) جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1909ع صحافي عبد العلي قلباڻي (روهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1921ع ليکڪ سورت هنگواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1937ع ليکڪ ڪِشن پنجابي (شڪارپور / الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
31 مئي 1942ع تعليمدان ۽ شاعر آغا روشن علي پٺاڻ (درٻيلو) جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1946ع براڊڪاسٽر نثار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي.
31 مئي 1968ع صحافي رحيم بخش جمالي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
31 مئي 1903ع خيرپور رياست جي اڳوڻي وزير قادر داد خان جو لاڏاڻو ٿيو.
31 مئي 1950ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا هدايت الله عارفاڻي (ڪنڊيارو) جي وفات ٿي.
31 مئي 1968ع اسڪالر رائچند راٺوڙ(چيلهيار) ديهانت ڪري ويو.
31 مئي 1978ع شاعر عارف المولا جي وفات ٿي.
31 مئي 1999ع گلوڪار، موسيقار، اداڪار ۽ هدايتڪار عنايت حسين ڀٽئ جو انقال ٿيو.
31 مئي 2005ع بزرگ سيد شهباز علي جهانيان جو لاڏاڻو ٿيو.
Wednesday, 29 May 2024
SINDH in history today (30th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ Do not cry before everybody. Change the narration so as dear can listen you. Keep your sorrows and problems away from everybody, tell your dear with tears in your eyes. Do not bow before everybody, but surrender before beauty and beloved unconditionally. Understand that love requires life and life needs love]
دنیا اڳیان تہ اجايو نہ ايئن ليلائجي،
پر ففط ٻھگڻ کي پيو روئي ٻڌائجي،
گھرندي هن پرین کان نہ گھٻرائجي،
سیس سونھن ۽ سچ اڳیان نمائجي،
پرچاء لاء پاند ڳچئ ۾ کڻي پائجي،
لائجي تہ نڀائجي، ساجن سلام سان
EVENTS
1843: The Government of India accord permission to the Governor of Sindh for appointment of Dy.Collectors in Sindh.
1848: Spays of Baggage Crops committed offence out of the Cantonment limits of Shikarpur and they faced trial conducted by Police authorities. Today, the Sindh Commissioner sends report to the Government of Bombay.
1931: All-India Khilfat Conference openes at Bombay under the presidency of Moulana Abdul Majid Badauni. Delegate comprising of eminent Khilafat leaders from Sindh is participating.
1941: Juma Khan ‘Gharib’ presides over Poetic Sitting jointly organized by Bazim Mushaera of Larkano and Sindhi Sudhar Society.
1948: 2-day Hari Conference held at Ratodero elects new office-bearers of the Hari Committee, and they are: Hyder Bux Jatoi (President), Moulvi Muhammad Maaz (V.P-1), Abdul Wahid Soomro (V.P-2), Abdul Ghafoor Jan Sarhandi (V.P-3),Abdul Qadir M.Khan (General Secretary)and Moulvi Azizullah Jarwar (Joint Secretary). Following were elected as members of the Working Committee: Ghulam Dastgir and Hakim Din Muhammad (From Larkano), G.M.Syed and Shoukat Ali (From Dadu), Osto Muhammad , Rais Brohi and Khudadad Bhatti (From Nawabshah/Benazirabad), Syed Muhammad Shah Amroti and Moulvi Taj Muhammad Khoso (from Sukkur), Moulvi Sher Muhammad and Sawami Nagdev (From Jacobabad),Allah Bachayo Jarwar , Muhammad Alam Kerio and Ghulam Muhammad Bam (From Hyderabad), Jan Muhammad Pali, Ghulam Muhammad Laghari, Mir Muhammad Talpur and Muhammad Ismail Abbasi (From Tharparkar).
1951: Main accused in the Rawalpindi Conspiracy Case, Rtd.Major General Akbar is produced before the court headed by Justice Muhammad Sharif.
1966: No other country, but only Pakistan can resolve the Kashmir issue.
1972: Abdul Hamid Khan Jatoi is released and re-arrested. Everything in politics is fair!
1974: Twenty-five thousand Biharis are allowed to migrate and majority of them will be opting for Karachi.
1988: Muhammad Khan Junijo terms action of Zia-ul-Haq as arbitrary and against the fundamentals of the democratic process. Today, Provincial Assemblies and Cabinets are also dissolved by the President.
1990: Twenty-four killed as terrorists go on rampage in Karachi. More thirty-four persons are killed as a missile hit New Karachi.
1993: No-Confidence Motion move is initiated by 37 PDA members against Sindh Chief Minister, Syed Muzaffar Shah.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
30.5.1835:
ڪرنل پاٽينجر ميرن سان سنڌوندئ بابت معاهدي ڪرڻ لاء حيدرآباد پھتو. سيٺ نائونمل ھوتچند سندس ڀرپور مدد ڪئي. ڪمپني سرڪار چاهي پئي ته فرنگين کي سنڌوندئ ذريعي واپار ڪرڻ ۽ سنڌوندئ ۾ ان مقصد لاء آگبوٽ ھلائڻ جو موقعو ملي.
30.5.1841:
ڪئپٽن لي ميزيوئرر کي Captain Le-Messurier کي سنڌ جي حدن ۽ دڳن پيچرن جي سروي ڪرڻ لاء ڏکڻ سنڌ جي پوليٽيڪل ايجينٽ جي ماتحت مقرر ڪيو ويو هو. اڄ ڪمپني حڪومت ميجر آئوٽرام کي ٻڌايو ته سندس سفري الائونس به مقرر ڪيو ويو آھي ۽ هاڻي هن کان سروي وارو ڪم جلدي مڪمل ڪرايو وڃي. ڌارين کي سنڌ ۾ سنڌ خلاف ڪم ڪرڻ جو ماحول پنهنجا ئي پيدا ڪري ڏيندا آھن. اها شاهدي هن واقعي مان ملي ٿي. انگريز اڃا ملڪ جا والي نه ٿيا هئا, پر کين سنڌ جي جاگرافيائئ جاچ پڙتال ڪرڻ جي اجازت ملي وئي.
30.5.1843:
فرنگي سرڪار سيٺ نائونمل کي ڪراچي ڪليڪٽوريٽ جو ڪاردار مقرر ڪيو ويو.
30.5.1851:
گذريل سال فيبروري مهيني ۾ ممبئئ جي صوبائي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر رابرٽ پرنگل کي سرڪاري ادارن ۾ سنڌئ کي "دفتري ٻولي" بنائڻ لاء لکيو هو. اڄ ڪمشنر بارٽل فريئر خط لکي صوبائي حڪومت کي ٻڌايو ته حڪم جي تعميل لاء قدم کنيان پيا وڃن. اهي دوست جيڪي بارٽل فريئر کي انھئ ڪم لاء پٽڪو ٿا ٻڌرائن تن کي سوچڻ گهرجي ته ٻولئ بابت ڳالهيون اڳ هلندڙ ھنيون. سر بارٽل فريئر سنڌ ۾ وڏا ڪم ان ڪري ڪرايا جو 1857 وارئ جنگ آزادي هن جي ڏينھن ۾ ھلي ۽ هو سنڌين جي دلين وٺڻ ۽ حڪومتي انتظام مظبوط ڪرڻ تي مجبور هو.
30.5.1851:
آمريڪي واپارئ گارڊنر سرڪار کان اجازت گهري هئي ته هو سنڌ ۾ لوه ٺاهڻ جو ڪارخانو لڳائڻ گهري ٿو, ان جي اجازت ڏيو. ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي بورڊ آف ڊاريڪٽرس هن ڪم ۾ دلچسپي ورتي. سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد ۽ ڪراچئ جي ڪليڪٽرن کي رپورٽ لکڻ لاء چيو. اڄ ممبئي حڪومت سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته ان سلسلي ۾ گهربل ڪم ۾ اڳرائي ڪجي.
30.5.1884:
فرنگي فوجي سنڌ ۾ جتي به وڏي تعداد ۾ رهندا هئا, اتي پنهنجي وندر ورونھن جو بندوبست ڪندا هئا. ڪراچئ ۾ سندن "ڊراماٽڪ ڪلب آف دي گلوسٽر ريجمينٽ" هوندي هئي. انھئ ڪلب طرفان انگريزئ ۾ ڊراما اسٽيج ٿيندا هئا. اڄ کان انھئ ڪلب "وليج ورچو" نالي سان ڊرامو اسٽيج ڪيو, جيڪو ڪيترا ڏينھن هليو.
30.5.1948:
رتيديري ۾ ”هاري ڪانفرنس" ٿي جيڪا ٻه ڏينهن هلي. موقعي تي عهديدارن جي هن ريت چونڊ ٿي: حيدر بخش جتوئي(صدر), مولوي محمد معاذ, عبدالواحد سومرو ۽ عبدالغفور جان سرهندي (ٽئي نائب صدر), ڊاڪٽر ايم اي خان (جنرل سيڪريٽري) ۽ مولوي عزيزالله جروار (جوائنٽ سيڪريٽري). هي وري ورڪنگ ڪميٽئ تي ميمبر ڪري رکيا ويا: غلام دستگير ۽ حڪيم دين محمد (لاڙڪاڻي مان), جي.ايم.سيد ۽ شوڪت علي(دادو مان), اوستو محمد, رئيس بروهي ۽ خداداد ڀٽي (نواب شاه مان), سيد محمد شاه امروٽي ۽ مولوي تاج محمد کوسو (سکر مان), مولوي شير محمد ۽ سوامي ناگديو (جيڪب آباد مان), الله بچايو جروار, محمد عالم ڪيريو ۽ غلام محمد بام (حيدرآباد مان), جان محمد پلي, غلام محمد لغاري, مير محمد ٽالپور ۽ محمد اسماعيل عباسي (ٿرپارڪر مان).
30.5.1954:
ٿالهئ ۾ آزادي رکي ڪا اوڀر بنگال/اوڀر پاڪستان کي مفت ۾ نه ڏني وئي هئي. ان لاء بنگالين گهڻو ڀوڳيو ۽ وڏي ڳري قيمت ادا ڪئي.
اڄ اتي گورنر راڄ لاڳو ڪيو ويو, فضل الحق-حڪومت ٽوڙي وئي ۽ ميجر جنرل اسڪندر مرزا کي گورنر مقرر ڪيو ويو.
30.5.1972:
ذوالفقار علي ڀٽي پنهنجي سياسي مخالفن کي گهڻو تنگ ۽ سوڙھو ڪيو. اڄ عبدالحميد جتوئئ کي هڪ ڪيس مان آزاد ڪيو ويو ته ٻئي ڪيس ۾ وري ٻڌو ويو.
30.5.1974:
25 هزار بهارين کي هجرت ڪرائڻ جو فيصلو ٿيو. سنڌين کي اقليت ۾ بدلائڻ جو ڪم پنهنجن ۽ پراون گڏجي پئي ڪيو آھي.
30.5.1988:
وزير اعظم محمد خان جوڻيجي کي ڪن نه جن. هن کي ضياء الحق عهدي تان هٽايو. اڄ وري صوبائي اسيمبليون ۽ حڪومتون ٽوڙيون ويون.
30.5.1990:
دهشتگردن ڪراچئ ۾ 24 بي گناه ماڻھن کي ماريو. سنڌ جي تاريخ ۾ ھن قسم جا قهر اڳ ڪو نه ٿيا. 1970ع کان وٺي اڄوڪي ڏيھن تائين سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جيڪا دهشتگردي ٿي آھي, ان تي گل حيات مواد/معلومات گڏ ڪري
"Sorrows of Cites"
جي عنوان سان محفوظ ڪيو آھي.
***************
دوست وڊيو ٽاڪ ڏسن ۽ يوٽيوب تي سبسڪرائيب ڪن.
**************
{30 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
30 مئي 1946ع شاعر مشتاق علي مشتاق جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
30 مئي 1942ع سياستدان سردار احمد علي خان پتافئ جو جنم ڏينهن آهي.
30 مئي 1969ع شاعر ۽ ليکڪ سجاد مهر جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
30 مئي 1833ع بزرگ سيد محمد صالح جيلاني ثاني جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مئي 1955ع شاعر سيد محمد عالم شاهه عالم ٽکڙائئ جو لاڏاڻو ٿيو.
30 مئي 1981ع بنگلاديشي صدر ضياء الرحمان کي چٽگانگ ۾ قتل ڪيو ويو.
30 مئي 2011ع صحافي سيد سليم شهزاد کي قتل ڪيو ويو.
Tuesday, 28 May 2024
SINDH in history today (29th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
***********
Dr.Pathan wishes you Good Day.
Translation of my poetry:
[ Love and respect human-beings without conditions. Be sincere and make sacrifice so as you can make your Golden heart more beautiful. If you want peace of mind and dignity of soul, be humble & simple. Surrender your life before your beloved and protect it properly. Understand Self. Promote and project love, beauty and peace. Otherwise, you will definitely be sinfull, criminal and advocate of hatred & discrimination ]
جي سپنا سوچون ۽ سر سونپین تان پوء آء،
تن من روح سندو اٿئي ان ۾ ئي اصل بچاء،
نہ تہ دل دنیا يا ڪو دادلو ڪندء توکي داء،
ڪج پاڻ پرین ۽ پیار سان تون پڪو پرچاء،
ھوتن بن هئ حياتي اٿئي پاپ وڏو پڇتاء,
نہ ڏسندین ڪوسو واء، سرت ۽ سلام سان.
***********
Sindh (including Pakistan) in history today {29th May}
EVENTS:
1843: The Governor of Sindh informs the Govt. of India that a servant of Mir Sher Muhammad has been executed for murdering a man. Perhaps this is the first ever execution taking place in Sindh.
1857:Mir Amir Bux son of Mir Faiz Muhammad Talpur is offered Govt. service as requested by him.
1927: The Resolution adopted by the All - India Congress is discussed in the meeting of the Sindh Provincial Hindu Sabhaheld at Hyderabad. It was also decided to launch public awareness movement in favour of anti -separation.
1930: In the meeting of Sindhi Muslim politicians held in Karachi with Sir Shahnawaz Khan Bhutto, it is resolved to hold Sindh Azad Conferences in District Head Quarters so the case and cause of the s
1950: Crack down on farmers starts in Multan. So many are arrested to give them tough time for conflicting their Landlords.
1952: Hassan Mahmood forms first ever Muslim League Ministry in Bahawalpur State. Sardar Muhammad Ajmal Laghari and Rao Hafiz -u- Rahman are taken as ministers.
1962: Begam G.Allana and other six ladies are elected as National Assembly members.
1963: Pakistan and Afghanistan agree to re- establish diplomatic relations.
1973: National Assembly disapproves demand for trial of the Ex - President Gen. Yahya Khan.
1979: Begam Nusrat Bhuttoand Benazir Bhutto is released
1988: President Gen. Zia dissolves National Assembly and removes Junijo cabinet. Prime Minister Junijo was on foreign visits. He found everything changed as he landed at Islamabad!
SINDHI TRANSLATION OF POST:
EVENTS FROM SINDH HISTORY (29th May) By: Dr. Pathan
** 1849ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ جي ڪمشنر ميجر جيڪب جو جواب بمبئي حڪومت کي موڪلي ڏنو، فيبروري مهيني ۾ ڪشمور ۾ وڏي تعداد ۾ مري، بگٽي ۽ کيتران قبيلي جي ماڻهن حملو ڪيو هو، ان حوالي سان بمبئي سرڪار طرفان ميجر جيڪب کان وضاحت ۽ جواب طلب ڪيو ويو هو، هن کان ان حملي کانسواءِ شڪارپور ۾ افغانين جي مداخلت جي معاملي بابت پڻ راءِ گهري وئي هئي جيڪا پڻ بمبئي حڪومت کي موڪلي وئي.
** 1917ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي حيدرآباد ۾ ڊي جي سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽي جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سوسائٽي جا عهديدار چونڊيا ويا، ريجهومل ايڇ بي آڏواڻي ۽ پروفيسر پي ڪي شهاڻي ڪاليج جي اڳوڻن شاگردن مان چونڊيا ويا، جڏهن ته ڪاليج ۾ پڙهندڙ شاگردن مان منگهارام ملڪاڻي ۽ مرچنداڻي کي چونڊيو ويو، ان موقعي تي اهو به فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو فيروز دل افروز ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ پيش ڪيو ويندو.
** 1927ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هندو سڀا جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻي ۾ سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرڻ بابت ڪانگريس جي پاليسي تي بحث شروع ڪيو ويو، ان موقعي تي اهو فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي جيڪڏهن بمبئي کان ڌار ڪيو ويو ته تحريڪ هلائي ويندي.
** 1930ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌي مسلمان اڳواڻن جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ شاهنواز ڀٽو، جي ايم سيد، محمد ايوب کهڙو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ سنڌ آزاد ڪانفرنسون ڪرايون وينديون ته جيئن سنڌ کي بمبئي کان ڌار ڪرائڻ جي حوالي سان عوامي راءِ جوڙي سگهجي.
** 1962ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بيگم جي الانا ۽ ٻيون 6 عورتون قومي اسيمبلي جون ميمبر ٿي ويون، بيگم جي الانا سنڌ جي تعليم واري وزير پيار علي الانا جي ماءُ ۽ ناليواري شاعر جي الانا جي گهرواري هئي، هوءَ سنڌ اسيمبلي جي ميمبر پڻ رهي.
** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي قومي اسيمبلي اڳوڻي صدر جنرل يحيٰ خان خلاف ڪيس هلائڻ وارو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق جي حڪومت طرفان بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو کي آزاد ڪيو ويو، اقتدار تي قبضي کانپوءِ ڀٽو سميت سندس گهروارن کي پڻ گرفتار ڪيو ويو هو.
** 1988ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق وزيراعظم محمد خان جوڻيجو جي حڪومت کي برطرف ڪري ڇڏيو. جوڻيجو ملڪ کان ٻاهر ويل هو، سندس غيرموجودگي ۾ هن جي حڪومت کي برطرف ڪيو ويو، جوڻيجو اسلام آباد ايئرپورٽ تي پهتو ته سڀ شيون تبديل ٿيل هيون ۽ هو وزيراعظم نه رهيو.
اڄوڪي ڏينهن 29 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
29 مئي 1890ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرما جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1944ع شاعر غلام علي مٺل چنا جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1940ع اڳوڻي صدر فاروق لغاري جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
29 مئي 1970ع ليکڪا، شاعره ۽ ٽي وي ڪمپيئر زاهده تاج ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.
29 مئي 1982ع شاعره، ڪالم نگار ۽ سياستدان فاطمه ڀٽو (شهيد مير مرتضى ڀٽو جي نياڻي) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
29 مئي 1785ع مير نور علي شاهه رضوي جو انتقال ٿيو.
29 مئي 1884ع سنڌي ٻولي جي ترقي لاء ڪم ڪندڙ انگريز ڪمشنر بارٽل فريئر جو انتقال ٿيو.
29 مئي 1933ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر لوڪرام شرماديهانت ڪري ويو.
29 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر مخدوم ابوبڪر مهيسر جو لاڏاڻو ٿيو.
29 مئي 1952ع شاعر ۽ بزرگ پير تقي شاهه جيلاني جو لاڏاڻو ٿيو.
29 مئي 1985ع ليکڪ مير حاجي محمد بخش ٽالپر جو انتقال ٿيو.
Monday, 27 May 2024
SINDH in history today (28th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
Translation of my poetry.
[No any charm should make you part of so called "main stream", that is for exploitation, by violation of human values and of egoism & individualism. Dear! Be part or be on side of love & respect, beauty & peace and sincerity & sacrifice. It is better to be in "single man's procession", than in " crowd of cowards"]
وھن واھڙ انا نفرت مطلب جا،
متان ٻڏين ۽ نہ پھچین ٻئي پار،
پاڻ سرت سچائي سونھن اڪار،
محبت ماٹھپي ۽ دعا سلام سان
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th MAY}
EVENTS:
1917: The Citizens’ Association of Hyderabad elects its office-bearers, and they are Rais Ghulam Muhammad Bhurgri (President), Mukhi Jethanand (Vice President), Gopaldas Jhamatmal (Hon.Secretary),Sarnanad (Join Secretary), Dharamdas Belaram (Treasurer).
1921: A public meeting is held by Non-Co-Operators at Sukkur. Moulana Taj Mahmood Amroti and Veromal Begraj are the important speakers of the event.The meeting is arranged in the Wara/building of Bhai Nanumal, because Anti-Non-Cooperators were determined to disturb the meeting if it is held in any open ground.
1931: Moulvi Sir Muhammad Yaqub contacts Sindhi leaders to organize Muslim League in Sindh. Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, who was the Secretary of the Sindh Muhammadan Association accepts his appeal and starts work on the agenda.
1944: Bazim Mushira of Larkano arranges Poetic Sitting with Ghous Bux in Chair.
1948: The crisis of power-politics ends in Punjab with resignation of Mian Mumtaz Doultana and Shoukat Hayat.
1950: Moulana Moudoodi, who was arrested for making objectionable speech on Kashmir, is released.
1953: Malik Sikandar Khan, Pir Ghulam Rasool Shah, Shafqat Hussain Shah, Mir Ahmad Khan Talpur are appointed Parliamentary Secretaries by Chief Minister, Pirzada Abdul Sattar.
1955: Election for the Constituent Assembly will be held on 21st of June. Province-wise seats are allocated. Punjab 21 (20 Muslims + 01 Non-Muslim), East Pakistan (40 (31 Muslims+ 09 Non-Muslims), Sindh 05 (04 Muslims+ 01 Non-Muslim), NWFP 04, Karachi, Khairpur and Balochistan 01 for each.
1957: Five thousand acres of land in Ghulam Muhammad Barrage is on the disposal of the Government for distribution.
1963: U.S.A is taking interest to help Pakistan in construction of Tarbila Dam.
1964: Z.A.Bhutto attends the funeral ceremony of Indian Prime Minister Pandit Jawahrlal Nehru. Though , he attended so many such type of funeral ceremonies, but nobody attended his funeral ceremony, even Wife Nusrat Bhutto and daughter Benazir Bhutto.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
Dr.Pathan.
صدين کان پنهنجي سورن جا مذڪور بدليا ناهن تبديلي تڏهن ايندي جڏهن اسان هڪ ٻئي کي سمجهي ٻوڙو ٻڌي آچار ڪنداسين. تاريخ-فهمي به سوچن ۽ لوچن ۾ سگھ پيدا ڪندي . گل حيات جي ميڙئ چونڊئ ۽ ولادتن ۽ وفاتن جا تفصيل موجود آھن. ڪجھ واقعا ھي آھن: 28.5.1848
ميرن سنڌ کي خانداني بنيادن تي ٽن حصن ۾ ورهايو. پوء به شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ خيرپوري ۽ حيدرآبادي ميرن جا حصا هوندا هئا. سنڌ جي ڪمشنر ضروري ڄاتو ته شڪارپور ۽ جيڪب آباد ۾ مير علي مراد خان سان بائونڊرئ بابت ڳالهيون ڪجن. اڄ ان سلسلي ۾ شڪارپور جي ڪليڪٽر ۽ ڪمشنر وچ ۾ لکپڙھ ٿي. 28.5.1849
جيڪب آباد ۾ ميجر جيڪب کي بااختيار بڻايو ويو ته جيئن هو شڪارپور ۽ جيڪب آباد کي جابلو قبيلن جي حملن کان بچائي سگهي. جيڪب ان سلسلي ۾ جامع منصوبه بندي ڪئي ته جابلو حمله آور (مري, کيتران, بگٽي, جکراڻي ۽ ڊومڪي وغيره) قبيلن جي ڏنگن فردن تي سختي ڪجي ۽ انھن جي باقي ماڻھن جي سنڌ ۾ آباد ڪاري ڪجي. سندس اها حڪمت عملي اڄ ڪمشنر مٿيئن سرڪار کي ڏياري موڪلي. 28.5.1917
حيدرآباد جي سماجي ۽ شھري تنظيم "سٽي ائسوسيئيشن آف حيدرآباد" جي چونڊن ۾ رئيس غلام محمد ڀرڳڙي (صدر), مکي ڄيٺانند (نائب صدر), گوپالداس جهمٽمل (سيڪريٽري), سرنانند (جوائنٽ سيڪريٽري), ۽ ڌرمداس ٻيلارام (خزانچي) چونڊيا ويا. هن تنظيم جي ڪارڪدگئ ۽ باقي تفصيل گل حيات ۾ موجود آھن. تنظيم هندو-مسلم اتحاد جو مثال هئي. 28.5.1917
"ڊي.جي.سنڌ ڪاليج اميچوئر ڊراماٽڪ سوسائٽئ" جي حيدرآباد ۾ گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سابق شاگردن مان: ريجهومل آڏواڻئ ۽ پروفيسر ٽي.ڪي.شاهاڻئ کي ۽ موجوده شاگردن مان: منگهارام ملڪاڻئ کي سوسائٽئ تي رکيو ويو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته مرزا قليچ بيگ جو ڊرامو " فيروز دل افروز"ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ اسٽيج ڪيو ويندو. اڳي ادارا اهڙيون مثبت سرگرميون ڪندا هئا. 28.5.1940
سنڌ مسلم ليگ جي جنرل سيڪريٽرئ سيد علي محمد شاه راشدئ " مسجد منزلگاه تحريڪ" جي مئي مهيني بابت رپورٽ لکي, جنهن ۾ ڪيسن جي اڪلاء بابت معلومات ڏنل آھي. سنڌ جي سياست ۾ خلافت تحريڪ " هجرت تحريڪ" هلائڻ جو هاڃيڪار فيصلو ڪيو ۽ مسلم ليگ " مسجد منزلگاه تحريڪ" هلائڻ جو نقصانڪار فيصلو ڪيو.
*************
اڄوڪي ڏينهن 28 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
28 مئي 1918ع ليکڪ ۽ صحافي محمد بخش جوهر (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 مئي 1926ع شاعر قيمت ڪمال (لاڙڪاڻو / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 مئي 1950ع سماج سڌارڪ غلام نبي قريشي (خدا آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
28 مئي 1953ع شاعر الهيار اُلفت جو جنم ڏينهن آهي.
28 مئي 1955ع اداڪار نرنجان آسراڻي (ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
28 مئي 1957ع شاعر ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جو جنم ڏينهن آهي.
28 مئي 1957ع ڪرڪيٽر مصباح الحق جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
28 مئي 1905ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام صديق (شهداد ڪوٽ) جو انتقال ٿيو.
28 مئي 1924ع فريڊم فائيٽر خانچند پرتاب (حيدر آباد) ديهانت ڪري ويو.
28 مئي 1955ع شاعر عالم شاهه عالم جو لاڏاڻو ٿيو.
28 مئي 1962ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماج سڌارڪ حاجي خان محمد عباسي جو انتقال ٿيو.
28 مئي 1967ع شاعره ۽ شاهه جي رسالي جي انگريزي مترجم بيگم ايلسا قاضي جو لاڏاڻو ٿيو.
28 مئي 2008ع بيوروڪريٽ امداد الله انڙ جي وفات ٿي.
28 مئي 2013ع ناليواري شاعر نذير احمد جوش ٻرڙو جو لاڏاڻو ٿيو۔
Sunday, 26 May 2024
SINDH in history today (27th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
*****************
Dr. Pathan wishes you Good Day.
Translation into English:
[ Though, you were very there in my heart since my creation, but It took centuries to see you. Dear! How many more centuries I have to wait to witness your beauty and avail your vision & wisdom? Dear! you are not only one, beautiful faces & hearts are everywhere. But, you are one second to none. Dear! let us create history and make history and set trend that human beings are born by love, they are for love and of love]
ڈاکٹر درمحمد پٹھان.
دل سے نینوں تک کے یوں سفر میں،
اتنی صدیاں کیوں بیت جاتی ہیں؟
چہرے تو خوبصورت ھزاروں ہیں،
چند صورتیں کیوں مگر لبھاتی ہیں؟
آہ و فغاں نہ کرو دوست تم ان سے،
زبانیں تو جدائی کا گیت گاتی ہیں.
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th MAY}
EVENTS:
1843: The Governor-General of India directs Charles Napier that ‘ The separation of the women from Amirs appears so extraordinary and unnatural……It is essential to our character, that they should be treated with all respect and honor’.
1950:Who so ever Sindhi Hindu migrant desires to return back to Sindh, will be accepted. Government of Pakistan agrees.
1953: The decision of Tribunal regarding the Rawalpindi Conspiracy case is challenged in the Federal Court by accuesed in the case.
1959: Dr.Raziuddin Sidiqui takes over as the Vice Chancellor of Sindh University.
1964: Pakistan mourns death of Indian Prime Minister Pandit Nehru, who breathed his last today.
1969: Budget for the next financial year will be presented by the President and Governors.
1971:Divisional and Taluka Councils are dissolved in Sindh.
1976: Federal Minister for Industries & Kashmir affairs, Syed Qaim Ali Shah lays foundation stone of 1oo kw Radio station at Khairpur.
1977: PNA is doing Table Work for talks with the Government; it is announced by the party spokesman.
1987: Former Balochistan Governor, Mir Ghous Bux Raisani and his five guards are killed in Karachi.
1990: Forty five in Hyderabad and Twenty two in Karachi are killed. Curfew is imposed.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
**********
27 مئي جي حوالي سان ڪي واقعا
************
27.5.1841:
ٻيٽ منوڙي ۽ ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انگريزن جون اکيون شڪارپور ۾ آھن. اڄ آئوٽرام پنهنجي سرڪار کي جيڪو خط لکيو آھي, ان مان اها ڳالھ پڌري آھي ته:1. مير نصير خان اصولي طور تي شڪارپور مان پنهنجو حصو ڌارين حوالي ڪرڻ لاء تيار آھي, رڳو کيس اپت جو چوٿون حصو ڏنو وڃي. 2. فرنگي سفارتڪار,سيد زين العابدين شاه ۽ سندس عزيزن کان خائف آھن. سيد گهراڻو شڪارپور ۽ ڪراچئ جي انتظام ۽ سياست تي وڏو عمل دخل رکندو هو ۽ ان ڪري انگريزن لاء مسئلا ٿي ٿيا. ان ڪري فرنگي ميرن جا ڪن ڀريندا ۽ سيدن جي شڪايت ڪندا رهيا. مطلب ته ڌاريا, اول عوام ۽ حڪومت جي خيرخواهن خلاف ٿي بيهندا آھن.
27.5.1843:
نيپيئر جي انتظام ۽ ڪارڪردگئ بابت ليفٽيننٽ رٿبورن جي رپورٽ تي ڪمپني حڪومت اطمينان جو اظھار ڪندي, نيپيئر کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ غلامئ وارئ رسم ۽ تجارت خلاف جوڳا اپاء وٺي.
27.5.1936:
ڪراچئ ۾ ” سنڌ سينٽرل لٽريچر سوسائٽي" جوڙي وئي ته جيئن بامبي يونيورسٽئ طرفان سنڌي ٻولئ سان ٿيندڙ ماٽيلئ ماء واري سلوڪ خلاف آواز اٿارجي ۽ سنڌئ جي تاريخي, سماجي ۽ تدريسي حقن جي حفاظت ڪجي. هن تحريڪ ۾ پرنسپال شاهاڻي, ڄيٺمل پرسرام ۽ شيخ عبدالمجيد اڳواڻ ھئا.
27.5.1971:
سنڌ ۾ ڊويزنل ۽ تعلقي ڪائونسلن کي ٽوڙيو ويو.
27.5.1980:
" هاء ڪورٽون مارشل لا ريگيوليشنس خلاف ڪو حڪم ڏئي نه سگهنديون"- سرڪاري حڪم نامو جاري ڪيو.
ملڪ جي سياسي ڀونچال ڪري پيدا ٿيل خطرناڪ صورتحال کان پاڻ کي محفوظ رکجو. قرب.
* 1843ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وائسراءِ ۽ هندستان جي گورنر جنرل سنڌ ۾
مقرر عملدار چارلس نيپيئر کي هدايتون جاري ڪيون ته سنڌ جي اڳوڻن حڪمرانن جون عورتون اسان لاءِ قابل احترام آهن، ان ڪري انهن جو مان مرتبو رکيو وڃي ۽ انهن سان عزت سان پيش اچڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
** 1950ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان حڪومت اعلان ڪيو ته سنڌ مان ڀارت لڏي ويل ڪوبه سنڌي هندو جيڪڏهن واپس اچڻ چاهي ٿو ته ان کي قبول ڪيو ويندو.
** 1959ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڊاڪٽر رضيءُالدين صديقي سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر طور عهدو سنڀالي ورتو.
** 1964ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڀارت جو ناليوارو سياسي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جواهر لال نهرو ديهانت ڪري ويو، سندس ڌيءَ انڌرا گانڌي هن جي وفات جي تصديق ڪئي، جواهر لال نهرو ڀارت جو سڌارا ۽ ترقي پسند اڳواڻ هو، جنهن ڀارت کي ماڊرن ملڪ بڻائڻ لاءِ وڏا قدم کنيا، سندس وفات جو ٻڌي وڏي انگ ۾ ماڻهو هن جي رهائشگاهه ٻاهران گڏ ٿي ويا ۽ کيس ڀيٽا پيش ڪندا رهيا، پاڪستان به جواهر لال نهرو جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو.
** 1969ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي سرڪار طرفان اعلان ڪيو ويو ته ايندڙ مالي سال جي بجيٽ صدر ۽ صوبائي گورنرن طرفان پيش ڪئي ويندي.
** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پي اين اي طرفان بيان جاري ڪيو ويو ته حڪومت سان ڳالهين لاءِ ٽيبل ورڪ مڪمل ڪيو ويو آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي حڪومت پاڪستان نيشنل الائنس جي اڳواڻن کي ڳالهين جي دعوت ڏني هئي.
** 1987ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي بلوچستان جي اڳوڻي گورنر مير غوث بخش رئيساڻي ۽ سندس 5 گارڊن کي ڪراچي ۾ هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. جنهن بعد رئيساڻي ۽ رند تڪرار ۾ وڌيڪ تيزي اچي وئي.
** 1990ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وڳوڙ جاري رهيا، حيدرآباد ۾ وڳوڙن دوران 45 ۽ ڪراچي ۾ 22 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته ٻنهي شهرن ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو.
** 1999ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سپريم ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو کي گرفتاري کان اڳ اپيل داخل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، ڊپٽي رجسٽرار جو فيصلو رد ڪيو ويو.سپريم ڪورٽ رمارڪس ڏيندي چيو ته جيڪڏهن بينظير ڀٽو جي غيرموجودگي ۾ سزا ڏئي سگهجي ٿي ته پوءِ اپيل به داخل ڪري سگهجي ٿي، احتساب بينچ طرفان بينظير ڀٽو کي ڏنل سزا خلاف اپيل داخل ڪئي وڃي ۽ ان جي ٻڌڻي به ڪئي وڃي.
** 2004ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ آمريڪي ثقافتي مرڪز آڏو بم ڌماڪا ٿيڻ جي نتيجي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو ، جڏهن ته پوليس آفيسرن ۽ صحافين سميت 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ڌماڪن ۾ استعمال ٿيل ٻن گاڏين جي مالڪن کي حراست ۾ ورتو ويو.
*************
27 مئي تي جن شخصيتن جي ولادت تي:
1.شاعر عبدالفتاح ”فائق“ (1908),
2. مسخرو نالي مٺو (1914),
3.ليکڪ اظھر جسڪاڻي (1973)
*************
27 مئي تي جن شخصيتن جي وفات ٿي:
1.مذھبي اسڪالر حبيب الله سنڌي نوشھرائي (1923),
2.خيرپور رياست جو مفتي سيد ميران شاه (1925),
3. سماجي ڪارڪن ۽ اسڪالر ڊاڪٽر خان محمد پنهور (1999),
4. صحافي اي.جي.چانڊيو (2007).
Saturday, 25 May 2024
SINDH in history today (26th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
Dr. Pathan wishes you Good Day.
TRANSLATION OF MY POETRY INTO ENGLISH:
[ Everybody gets lap of Mother and Mother-land. But, some lucky people get lap of his/her loved one and beloved. Affiliation and nearness to these three laps makes man perfect and an ideal. Everybody learns language of love & respect from these laps and every lover can sacrifice everything including life for honour, dignity and status of these laps. Much before my creation, my body and soul were handed over to the trio of my mother, mother -land and owner of my heart. Hence, I am most protect man in the world and I can make the history and create my history]
ملن هر ڪنهن ماڻهوء کي گود مٺڙئ ماء جي
۽ ڌرتئ جي جهولي,
پر دامن دلبر جي ڪنهن ڪنهن کي ملي جا
هر ڪنهن ڳولهي,
ٽيئي ماڳ مڪان عجب جا پيار محبت جي
سي سيکارن ٻولي,
هئ دل منهنجي صدين کان بلڪ ازل کان
آھي تن جي گولي,
تن ۽ من روح جي هولي, تن سان پنهنجي
سرت سلام سان.
************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th May} By. Dr. Dur Muhammad pathan
EVENTS
1843: The Governor - General of India directs to the Governor of Sindh that Karachi be made Capital of the British Sindh and Water for Karachi be obtained from the Ghizree hills and measures be adopted for communication between Karachi and Hyderabad.
1849: Lord Bishop of Calcutta is granted custody of churches and burial grounds.
1895: Weakly 'Aftab Sindh' is founded by Haji Abdul Rahman Memon at Sukkur. Rais Shamsuddin 'Bulbl' is first editor. The played role in encountering propangda by Arya Samaj and Christanity.
1930: Ayub Khuhro compiles 'Sufferings of Sindh'. That proved to be better Presentation in favour of separation of Sindh from Bombay Presidency.
Part2
1949: Pakistan demand plebiscite in Hyderabad Dhakan.
1950: Journalists take out protest procession in Larhore against Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, the president of PNEC.
1953: U.K's pro - Indian policy on Kashmir issue is compelling Pakistan to revise herrelations with that country, say Prime Minister Bogra.
1956: Maj. Gen. Iskandar Mirza, president of Pakistan, imposes President's rule in East Pakistan.1958: Russia doubts misuse of U.S.A base in Pakistan against her integration. Pakistan denies it.
1975: Opposition is violating 6th Feruary Agreement, say Z.A.Bhutto.
1977: Acceptance of our basic demands has paved way for opposition - Govt. talks, says Pir of Pagaro, Acting President of PNA.
1979: Begam Nusrat Bhutto is elected as PPP Chairperson.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
EVENTS: Dr.Pathan.
سج به روزانو اڀري, صبح به روزانو ٿئي ۽ مان به روزانو اوهان جي حاضري ڀرڻ اچان ٿو ۽ روز ٽالپورن جي دور کان وٺي ويندي اڄوڪي دور تائين تاريخ مان ڪي واقعا کڻي اوهان جي دل ۽ دماغ جي در تائين پهچائيندو آهيان.
اڄ جن واقعن جي پسمنظر ۽ پيشمنظر تي مون راء ڏني آهي, ان جو لفظ لفظ اوهان سان ڳالهائيندو. وڊيو ۾ شخصيتن/ادارن/ پارٽين/ ولادتن ۽ وفاتن بابت به معلومات موجود آھي. يوٽيوب تي سبسڪر
اڄوڪا ڪي واقعا: 26.4.1832
ممبئي سرڪار ڪرنل پاٽينجر کي اها منظوري ڏني ته هو سنڌ جي حڪمرانن کان مدد وٺي ٿرپارڪر طرف ڌاڙيلن خلاف ڪو مناسب قدم کڻي. ياد رهي ته انھئ طرف فرنگين کي ڏوهارين ٿوڙي وطن-دوستن ڦرڻ لٽڻ شروع ڪيو هو. 26.5.1843
گورنر جنرل اڄ خط لکي سنڌ جي لٽيري گورنر نيپيئر کي اجازت ڏني ته ڀلي ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ بڻائي. ڪراچئ لاء پاڻي گذرئ مان هٿ ڪجي. ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ آمدرفت جي ذريعن وسيلن کي سڌاريو وڃي. 26.5.1930
سنڌ کي ممبئي کان الڳ ڪرڻ جي تحريڪ دوران ڪيترن هندو, پارسي ۽ مسلمان سياستدانن ڪتاب/ڪتابڙا لکيا.
اڄ محمد ايوب کهڙي جو ڪتاب " مصائب سنڌ"
Sufferings of Sindh
شايع ٿيو. جنهن ۾ تاريخي, ثقافتي ۽ سماجي بنيادن تي سنڌ جي الڳ تشخص کي ثابت ڪيو ويو.
ايوب کهڙي پوء وري سنڌ کي ون-يونٽ جا زنجير پهرايا. 26.5.1950
پير علي محمد شاه راشدي هنن ڏينهن ۾ PNEC جو صدر هو. لاهور جي صحافين اڄ ھن جي خلاف شديد احتجاج ڪيو. 26.5.1956
اولھ پاڪستان کي ون-يونٽ جي ڳٽ سان سوڙھو ڪرڻ کان پوء اوڀر پاڪستان کي ڏينھن جا تارا ڏيکارڻ لاء صدر جنرل اسڪندر مرزا اتي اڄ صدارتي راڄ لاڳو ڪيو. 26.5.1975
" مخالف ڌر وارا 6 فيبرورئ واري ٺاه جي ڀڃڪڙي ٿا ڪن. اسيمبلئ ۾ نه ٿا اچن ته مستعفي ٿين"- وزير اعظم ڀٽي جو بيان. 26.5.1979
بيگم نصرت ڀٽو کي پيپلز پارٽئ جي چيئرپرسن بڻايو ويو. 26.5.1990
حيدرآباد ۾ ڪرفيو جي ڇانو ۾ دهشتگردن سڄي شهر کي لٽيو ڦريو ۽ گهرن کي باهيون ڏنيون. پنهنجي وطن/شھرن ۾ پنهنجو ايئن به حشر ٿيندو آيو آھي. اڄوڪي ڏينهن 26 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
26 مئي 1904ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر رامچند بچاڻي (ٽنڊو آدم) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1934ع ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
26 مئي 1965ع صحافي خالد کوکر جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
26 مئي 1984ع شاعر مرزا اجمل بيگ (ٽنڊو ٺوڙهو) جو لاڏاڻو ٿيو
26 مئي 2006ع وِلن جي ڪردار جو مشهور اداڪار اديب دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
Friday, 24 May 2024
SINDH in history today (25th May). By.Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
*********
Dr.Pathan wishes you Good Day:
[Life is beautiful, lovely & charming. But, it has become endless story of tragedy full with sorrows & longings.Our sincerity and sacrifices have lost their value. Love and respect is rejected at large.
Dear! Would you kindly tell us that what is beauty? what is peace & tranquility? Because, we have read about it in books, but have not witnessed and experienced yet]
نفرتون بي رخیون ۽ دوکا، ھي زندگي ڀر ڪمایوسین،
پوء بہ ماٹھپي محبت کي، قول فعل منجه سمایوسین،
سک دک سونھن سچ ۾، سرت ۽ سلام ۾ توکي پایوسین.
EVENTS
1835: Colonel Pottenger writes to Government of Bombay acknowledging receipt of a copy of their letter to Muhammad Rahim Shirazi relating to opening the trade by the Indus anf informing that the best time of the year for navigation was in end of February, March and April as the southerly winds blew regularly.
1843: Further information about Hyderabad Darbar is sent to the Government of India by Charles Napier. He writes that nearly all chiefs had made their Salam and that Right Bank of the Indus was as obedient as the left.
1895: The weekly ‘Aftab Sindh’ is founded at Sukkur by Haji Abdul Rahman Memon with Shamisuddin ‘Bulbul’ as its editor. The paper defended Islamic cause in Upper Sindh for years.
1900: Kotri bridge is opened and it was first important communication link not only in Sindh but very important for Punjab also.
1919: Shiva Mandli is formed in Garhi Yaseen. This NGO of Hindus remained active and functional for years.
1948: India and Pakistan agree to start trade on Barter System.
1952: Protest Day against ‘Security Act’ is observed by various Journalists’ organizations throughout country.
1955: Pakistan to provide protection to interests and investing institutions of U.S.A in country. Agreement is signed in Washington.
1956: East Pakistan political situation is discussed in the Federal cabinet meeting.
1960: The Presidential cabinet approves the preliminary Master Plan for the new capital in Islamabad.
1969: G.M.Syed and Mumtaz Doultana discuss ‘One-Unit’ issue in their meeting.
1971: Pakistan lodges protest with India against threat of armed conflict with Pakistan by Indian Prime Minister.
1992: Law enforcing agencies cordon off all exit and entry points of Sindh Capital.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*********
EVENTS:
25.5.1835
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ محمد رحيم شيرازئ کي سنڌ ۾ واپار ۽ تجارت ڪرڻ لاء مقرر ڪيو/اجازت ڏني ۽ ان بابت پاٽينجر کي اطلاع ڏنو. اڄ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط ذريعي ٻڌايو ته فيبرورئ کان اپريل اهڙا مهينا آھن جو سنڌوء ذريعي واپار لاء ڪنھن تڪليف کان سواء ملتان/پنجاب وڃي سگهبو. 25.5.1842
اڄ ليفٽيننٽ پوسٽنس شڪارپور مان سنڌ جي فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ کي لکي ٿو ته ڪابل ۾ جيڪا اسان جي ڀينگ ٿي آھي, انھن خبرن سنڌ ۾ اسان لاء ابتر ماحول پيدا ڪري ڇڏيو آهي. ميرن جا اهڙا لاهور ۽ ملتان ڏانھن لکيل خط پڪڙيا اٿم جن مان ظاهر ٿئي ته هو اسان خلاف وڏيون کڏون کوٽي رهيا آھن. 25.3.1843
لڳاتار ٽن ڏينهن کان نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي "حيدرآباد درٻار" جو احوال موڪليندو رهيو آھي. اڄ لکي ٿو ته سنڌوندئ جي ٻنھي پاسن کان سمورن جاگيردارن ۽ سندن وڏيرن انگريز حڪومت جي اچي سياسي بعيت ڪئي آهي. 25.5.1895
سکر مان حاجي عبدالرحمان ميمڻ, شمس الدين بلبل جي ايڊيٽرئ ۾ هفتيوار "آفتاب سنڌ" اخبار جاري ڪئي. هن اخبار سالن تائين مسلم سياست ۽ تشخص لاء ڪم ڪيو. 25.5.1900
ڪوٽڙي پل کولي وئي. سنڌ جي آمد و رفت جي تاريخ ۾ ان سان وڏي تبديلي آئي. 25.5.1956
وافاقي ڪابينه هڪ طويل ۽ تفصيلي گڏجاڻئ ۾ اوڀر پاڪستان جي سياسي صورتحال تي بحث ڪيو.
" مل معشوقان مصلحت ڪيتي....." 25.5.1992
سنڌ ڏانھن ايندڙ ۽ سنڌ کان ويندڙ رستن تي ڪڙو چاڙھيو ويو ته جيئن سڪون سان آپريشن ڪلين اپ ڪجي. ڄوڪي ڏينهن 25 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
25 مئي 1757ع روحاني شخصيت پير محمد راشد روضي ڌڻي (پير ڳوٺ) جي ولادت ٿي۔
25 مئي 1932ع ليکڪ ۽ صحافي ڪرشن راهي (لاڙڪاڻو / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
25 مئي 1940ع ناليواري شاعر تاج بلوچ جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1945ع ليکڪ، محقق، تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ جو جنم ڏينهن آهي۔
25 مئي 1953ع شاگرد اڳواڻ ۽ سماجي ورڪر اشرف کهاوڙ جو جنم شهدادڪوٽ ۾ ٿيو۔
25 مئي 1972ع باليووڊ اداڪار ڪرن جوهر جو جنم ڏينهن آهي.
25 مئي 1974ع شاگرد ذلف چانگ جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
25 مئي 1839ع روهڙي سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر جان الله شاهه عاشق جو وڇوڙو ٿيو۔
25 مئي 1975ع ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جو فرزند ليکڪ مصطفى حيدر جتوئي لاڏاڻو ڪري ويو۔
25 مئي 1979ع قومپرست اڳواڻ ارباب نور محمد پليجو جي وفات ٿي۔
25 مئي 2004ع شاعر اداسي امير بخش (ڪاڇو) جو لاڏاڻو ٿيو۔
25 مئي 2005ع باليووڊ اداڪار سنيل دت ديهانت ڪري ويو.
Thursday, 23 May 2024
SINDH in history today (24th May). By.Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
***********
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[What is the way to reach at the door of dear? If I have not find myself, is it possible to search owner of my soul? When my Dear is very much there in my heart, why should I search beauty and love elsewhere? If I am living in this beautiful and wonderful world, why I am not getting my share? Perhaps, I am missing the love. I don't know how to love, why to love and what to love.
Dear! Would you kindly help me and guide me? Because, you are second to none ideal and role model. Why should I make or create an other ideal. May be he/she is an idol and not ideal ]
پاڻ کي ڳولھیان یا پرین کي ڳولهيان آھي حاضر ۽ غائب ڪیر؟
جاڏي جوت ۽ جلوه جانب جو آئون تاڏي پایان پوء ڪيئن پیر،؟
آھي ناهي ڪير ٻڌائي منهنجي ھن روح وجود ۾ بره جو ڀير؟
ڪيئن مان لاهيان من جو میر، ساریان سرت سونهن سلام سان.
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {24th MAY}
EVENTS:
1838: Colonel Pottenger writes to Mir Noor Muhammad Khan informing him that he has been appointed as Resident in Sindh and Captain Mellwill as his assistant by the Government of India.
1851: Major Jacob, Political Superintendent, Upper Sindh Frontier, suggest to the Commissioner of Sindh that if reasonable amount of assistance is given to Bugtis, it would help us to allow them to retire to their former country.
1844: Government of India advise Sindh Administration that restore and maintain ancient supremacy of Thakurs and Chiefs of Thar District over people so as to get their assistance in law & order situation in that area and create loyal class there.
1921: Jairamdas Doulatram, Dr.Choithram Gidwani and Kisomal along with Khilafati leaders address a big public meeting at Badin and advise people to take part in Non-Co-Operation Movement religiously.
1922: Moulvi Abdul Aziz of ‘Hyderabad Latifi Madressah’ exhorts the people in the public meeting organized by the Badin Aman Sabha. Loyality songs are sung and leaflets of the Publicity Committee are distributed. Dalpatrai, Dingomal (Secretary of Aman Sabha), Khemchand Ambratrai spoke on the occasion.
1941: District Sukkur Muslim League Conference is held at Sultankot under presidentship of Makhdoom Mureed Hussain of Multan. It is largly attended big show of the party there.
1949: Prime Minister of Pakistan, Liaquat Ali Khan disapproves Punjab Muslim League’s demand about replacing of non-muslim Governor of Punjab.
1950: Fifty thousand Indian Muslim Migrants have reached Pakistan with in last five months; it is announced by the Government. This may kindly be noted that number of migrants raised later on and it was not so high in early days.
1954: Parliament to debate the motion of Mian Iftkharuddin that Military-aid pact signed between U.S.A and Pakistan will not be in grater interests of the country.
1963: Pak-Afghan talks start in Iran. Pakistani team is headed by Z.A.Bhutto, Foreign Minister.
1968: Air Force station Maripur is renamed as “Masroor Air Force Station”.
1971: Awami League intended to arrested me, discloses President Yaya Khan.
1977: Riaz-ul-Khatib, Saudi Ambassador meets Bhutto and Mufti in connection with resolving political differences between them.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*******
[ ٽالپورن جي دور کان موجوده دور تائين تاريخ-فهمئ, تاريخ-بينئ ۽ تاريخ-نويسئ جي هلايل تحريڪ]
اڄ اوهان پڙھندا ته * گل حيات ماروئڙن لاء ڪهڙو مواد گڏ ڪيو آھي, * ولادتن ۽ وفاتن بابت اهم معلومات, ۽ هيٺ ڄاڻايل واقعن جا پس منظر ۽ پيش منظر: 24.5.1838
پاٽينجر اڄ مير نور محمد خان کي خط لکي ٻڌايو ته کيس ايسٽ انڊيا ڪمپنئ سنڌ ۾ ريزيڊنٽ مقرر ڪيو آھي. ان کان سواء گورنر جنرل معاهدي تي دستخط ڪري اوهان کي ڏيڻ لاء موڪليو آھي ۽ اوهان لاء سوکڙيون به موڪليون اٿس. 24.5.1842
آوٽرام اڄ گورنر جنرل ڏانھن سندس سيڪريٽرئ معرفت خط لکي ٻڌائي ته گورنر جنرل ميرن ڏانھن جيڪي خط ڏيڻ لاء موڪليا آھن, اهي هتي پيدا ٿيل نئين صورتحال سبب ميرن کي نه ڏنا اٿم. مير نصير محمد حيدرآباد مان ملتان جي ملان سانوڻ ڏي خط لکيو ۽ مير رستم خان خيرپور مان لاهور جي مهاراجا شير سنگ کي خط لکيو. اهي ٻئي خط اسان پڪڙيا آھن ۽ اسان وٽ آھن. اهي خط ثابت ٿا ڪن ته مير اسان سان سچا ناهن ۽ اسان خلاف سازشون ڪن ٿا. 24.5.1843
نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي خط لکي حيدرآباد ۾ سڏايل شاهي درٻار جو تفصيل ڏياري موڪليو. لکي ٿو ته ويه هزار جاگيردارن ۽ وڏيرن حاضري ڀري, ولي چانڊيو 8 هزار وڏيرن سان گڏ آيو هو. سمورن رضا خوشئ سان اسان جي سرڪار جي فرمانبردار رعيت ٿي رهڻ قبوليو. 24.5.1843
نيپيئر اڄ ممبئئ جي گورنر کي سندس خط جي جواب ۾ لکيو ته جيڪڏهن مير شهداد خان جا ماڻهون: احمد فقير ۽ عبدالغفور واپس سنڌ اچڻ چاهن ٿا ته مان کين واپس وٺڻ لاء تيار آهيان. ٻين جنگي قيدي ميرن جي ماڻهن به جيڪڏهن موٽڻ جو سوچيو ته مون کي اعتراض ڪونھي. ڇو ته قيدي سندن مالڪ آھن ۽ هي ناهن. 24.5.1851
اپر سنڌ فرنٽيئر جو پوليٽيڪل سپريڊنٽ ميجر جيڪب ڪمشنر کي لکي ٿو ته بگٽين کي سندن ڏوهي ڪارواين کان روڪڻ, واپس مڪلڻ يا سنڌ جي معاشري ۾ آباد ڪرڻ لاء مون کي پئسن جي ضرورت پوندي, ان جو پورائو ڪريو. 24.5.1844
صوبائي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي ٿر جي ٺاڪرن تي هٿ رکڻ جي صلاح ڏني.
هن ۾ موجوده دور جا ڇرڪائيندڙ واقعا به شامل آھ
** 1916ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ هڪ اين جي او طرفان منعقد ڪرايل ليڪچر پروگرام ۾ ايڊووڪيٽ کيمچند گوپلداس ”ليڊر گهرجي“ جي عنوان تي تفصيلي ليڪچر ڏنو، واضح رهي ته اهو دور سنڌ ۾ سياسي سجاڳي جو دور هو، ماڻهن پنهنجي قيادت ڳولڻ لاءِ ڪوششون شروع ڪيون هيون.
** 1922ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سکر مان هفتيوار اخبار ”سنڌ زميندار“ جي شروعات ٿي، اها اخبار ڪڍڻ جو مقصد خلافت تحريڪ جي سياسي اثر کي نقصان پهچائڻ هو، روزاني ”الوحيد“ ۾ خلافت تحريڪ جي حوالي سان مواد ڇپجي رهيو هو، جنهن کي ڪائونٽر ڪرڻ لاءِ اها اخبار آندي وئي، آخري ڏينهن ۾ سنڌ زميندار مسلم ليگ جي حمايت ڪئي، هفتيوار سنڌ زميندار جا باني ايڊيٽر ماسٽر عبدالوهاب ۽ احمد عليگ هئا، جڏهن ته آغا نظر علي، مولوي عبدالغفور سيتائي، در محمد اويسي ۽ حافظ خير محمد اوحدي هن اخبار جا ايڊيٽر رهيا.
** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جوهي تعلقي جي ڳوٺ ڊرگهه بالا ۾ خلافت ڪاميٽي جي مقامي شاخ جي گڏجاڻي ٿي، مولوي دين محمد ۽ ٻين ان موقعي تي خطاب ڪندي عوام کي صلاح ڏني ته سياست ۾ ڀرپور نموني حصو ورتو وڃي.
** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان، ترڪي ۽ ايران بغداد ٺاهه تي صحيحون ڪري ڇڏيون.
** 1960ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو ته ملڪ جي گادي جو نئون هنڌ اسلام آباد هوندو، واضح رهي ته ان کان اڳ ۾ ڪراچي کي ملڪ جو گادي جو هنڌ بڻايو ويو هو.
** 1971ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عوامي ليگ جي سربراهه شيخ مجيب الرحمان پنهنجي پيش ڪيل ڇهن نقطن تي نظرثاني کان انڪار ڪري ڇڏيو.
** 1979ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي عدالت ذوالفقار علي ڀٽو جي اپيل جي ٻڌڻي شروع ڪئي، يحيٰ بختيار عدالت کي اها استدعا ڪئي ته ذوالفقار علي ڀٽو خلاف نواب محمد احمد قصوري ڪيس ۾ آيل فيصلو تڪراري آهي، ان ڪري سزا ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي.
** 1981ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي شهزادي چارلس ۽ ليڊي ڊائنا جي شادي جو باضابطا اعلان ڪيو ويو، بڪنگهم پئلس ٻنهي جي مڱڻي ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي، واضح رهي ته بعد ۾ 29 جولاءِ تي ٻنهي جي شادي ٿي ۽ برطانيا ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو.
** 1986ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي جنرل ضياءُالحق آرمي چيف جو عهدو ڇڏڻ ۽ ملڪ ۾ وچ مدي واريون چونڊون ڪرائڻ وارو سياسي پارٽين جو مطالبو رد ڪري ڇڏيو.
*************
اڄوڪي ڏينهن 24 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
جنم ڏينهن:
24 مئي 1962ع محقق ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ڪرم حسين وڌو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
24 مئي 1976ع مٺيءَ سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ ليکڪ دولت رام کتري جو جنم ڏينهن آهي.
24 مئي 1949ع شاعر ۽ اديب امير علي چانڊيو (قنمبر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
24 مئي 1967ع آزادي واري تحريڪ جو اڳواڻ سريچند ميوارام ديهانت ڪري ويو.
24 مئي 1978ع سياستدان ۽ آزادي جي تحريڪ جي اهم اڳواڻ شيخ عبدالمجيد سنڌي جو انتقال ٿيو.
24 مئي 1981ع صحافي ۽ آزادي پسند مولانا عبدالغفور سيتائي جو انتقال ٿيو.
24 مئي 2005ع سياستدان مير الهبچايو ٽالپر (جهڏو) لاڏاڻو ڪري ويو.
24 مئي 2005ع مشهور مزاحيه ۽ فلمي اداڪار رنگيلي جو انتقال ٿيو.
Wednesday, 22 May 2024
SINDH in history today (23rd May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23nd MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
TRANSLATION
[What has happened to you my Beloved/ Ideal/Leader? Why you can not listen, understand and response to my submissions? My sincerity & sacrifice and trust & belief in you have started frightening me thrown me into a state of intense fear and desperation. Whereas, your beauty and my love are same as source of inspiration and interaction. Change yourself, or change me, please. ]
سٹین نہ سوال انھن جو، جي تو در دانھن پڪارن،
تنھنجي توجھ طلب تات لاء، جي ھنجھون پیا ھارن،
تو بن گنگھر گھارن، نہ وسارن سندء سونھن سلام کي
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {23rd MAY}
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan.
EVENTS from history :
1843: Charles Napier apprises the Governor-General of India about Darbar, that he conducted at Hyderabad. He reports that 8,000 chiefs, with their followers attented it. He had pardoned all Jagerdars who had not made their salam before and that the Jager of those fell in battle had been given to their children subject to the payement of rent. The result of the greatest assembly of about 20,000 men was very gratifying. Wali Chandio was presented with a gold cimetar for his loyality and fidelity.
1932: More than 600 people are participating in a meeting held at Malir of Karachi, in the garden of Haji Pir Bux Baloch. The meeting is presided over by Sardar Jam Bijar Khan, First Class Jagerdar and in this meeting ‘Malir Zamindar Association & Bus Service’ is formed. It is decided to purchase 12 buses and start Bus Service in Karachi.
1952: City Magistrate of Delhi issues warrants against Yousif Haroon, Pakistani High Commissioner in Australia.
1955: Fatima Jinnah warns people in power that foreign influence is overshadowing democracy in the country. Uprising will take birth, if civil rights are restored without fail.
1972: Z.A.Bhutto assures full support and protection to traders, bankers and industrialists. Addresses their gathering in Karachi.
1977: Pakistan Communist Party takes re-birth. It was declared unlawful in 1953 and ban on the party was withdrawn in 1971.
1996: IMF demands lowering of the budget deficit and introduction of General Sales Tax besides, Agricultural Income Tax.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
********
توجه طلب واقعا
*************
23.5.1839:
ڪمپني حڪومت سنڌ ۾ مقرر ڪيل پوليٽيڪل ايجنٽ کي خوش خبري ڏني ته شاه شجاع قنڌار تي قبضو ڪري چڪو آھي ۽ هن جي پيش قدمئ جو سنڌ جي صورتحال تي اثر پوندو.
23.5.1842:
آئوٽرام اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته مان جلد ڪوئٽيا وڃي رهيو آھيان ته جيئن پتو لڳايان ته مير نصير خان ۽ سندس نالي ڀائي خيرپوري ڪهڙيون اسان خلاف سازشون ڪري رهيا آھن ۽ ان جو هتي ڪهڙو اثر پيو آھي. ڪئپٽن برائون کي اتان لاء هدايتون ڏئي جلدي موٽي ايندس.
23.5.1843:
سنڌ تي فريب ۽ ڏاڍ سان قبضو ڪندڙ نيپيئر اڄ گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته درٻار لڳائي سنڌ جي اپر ڪلاس کان آڻ مڃرائڻ لاء مان اڃا حيدرآباد ئي ڪونه پهتس ته مون کان اڳ اتي سنڌ جا 8000 سردار پهچي چڪا هئا. ولي چانڊيو پنهنجي 80 وڏيرن سان حاضري ڏيڻ لاء پهتل هو.
23.5.1846:
سنڌ جي فرنگي حڪومت وڏن شھرن ۾ ”بازار ماسٽر" مقرر ڪيا هئا, جيڪي شين جي اگهن, چور بازارئ ۽ امن امان جي صورتحال تي نظر رکندا هئا. اڄ ممبئي سرڪار کين پنهنجو جاري ڪيل سرڪيولر ڏياري موڪليو ته جيئن انھئ مثال کي آڏو رکي "بازار ماسٽر" ڏوهين کي اتي جو اتي ڦٽڪن هڻڻ جي سزا ڏئي سگهن.
23.5.1932:
ملير جي فرسٽ ڪلاس جاگيردار سردار ڄام بجار خان جي صدارت ۾ حاجي پير بخش بلوچ جي باغ ۾ گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ 600 ماڻھون شريڪ ٿيا. گڏجاڻئ ۾ ”ملير زميندارس ائسوسيئيشن ائنڊ موٽر بس سروس ڪمپني" جوڙي وئي. فيصلو ڪيو ويو ته ڪمپنئ جي موڙي 50 هزار هوندي ۽ شيئر 10 روپين جو هوندو. وڌ ۾ وڌ 10 شيئر وٺي سگهبا. اهو به فيصلو ڪيو ويو ته 12 بسون خريد ڪيون وينديون ۽ اهي ڪراچئ ۽ ملير وچ ۾ ھلائبيون.
23.5.1955:
ملڪ جي بانئ جي ڀيڻ فاطمه جناح ڳڻتئ جو اظھار ڪيو ته ملڪ ۾ بيروني اثر رسوخ وڌي رهي آھي ۽ اهو ملڪ لاء ھاڃڪار ثابت ٿيندو.
23.5.1971:
پاڪستان ۾ سرڪاري طور تي ڪميونسٽن تي ڪات ڪهاڙا کڻي, 1953 ۾ ڪمينسٽ پارٽئ تي پابندي وڌي وئي هئي. اڄ اها پابندي هٽائي وئي.
23.5.1979:
داموندر لعل مورجاڻئ جي ايڊيٽرئ ۾ انڊيا جي احمدآباد مان "سماج سڌار" نالي هفتيوار اخبار جاري ٿي.
23.3.2009:
شڪارپور سنڌي ادبي سنگت اڄ قمر شھباز جي ياد ۾ تعزيتي گڏجاڻي ڪئي. ممتاز منگئ, ضياء الدين سومري, سعيد سومري, عديل مهر, همير چانڊيئي, خليل مورياڻئ ۽ مسعود ابڙي مرحوم شاعر جي شخصيت ۽ شاعرئ تي روشني وڌي.
{23 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
23 مئي 1577ع مذهبي اسڪالر ابو محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1902ع ليکڪ عبدالله چنا (زينت چنا جو مڙس ۽ ڪامورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1923ع اسٽيج ڊائريڪٽر ناٿن راج پنٽو (خيرپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
23 مئي 1935ع شاعر غلام حيدر ”حيدر“ جو جنم ڏينهن آهي.
23 مئي 1951ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر هريش ڪاڪواڻي (اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
23 مئي 1955ع گلوڪار ڪمليش گنگواڻي (دهلي) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
23 مئي 1902ع ليکڪ آخوند لطف الله لاڏاڻو ڪري ويو.
23 مئي 1974ع سياستدان مولوي نذير حسين جتوئي (لاڙڪاڻو) جو انتقال ٿيو.
Tuesday, 21 May 2024
SINDH in history today (22nd May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
*******
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[ Translation:
Human values provide witness and I am an evidence to prove that you are source of aspiration & inspiration, you are vision & wisdom and you are beauty & love besides, peace & protection. Dear! Dare to share your worth. Worthy! We need your talents and potentialities]
طرف مڙوئي 'تم' ٿیا، ان لاء پھتس تنھنجي در،
قرب ڪر جھولي ڀر، سرت سچ سندرتا سلام سان.
************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd MAY} Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan.
EVENTS:
22nd May 1843: The importance of Shikargahs of Sindh is realized by the Governor. Therefore he wants to establish Department so as to derive profit from the timber and to make Shikargah a great source of revenue.
1851: The Collector Karachi decides for erection of Market and with his efforts Empress Market is erected on the place where some revolutionaries were blown up with Cannon in connection with involvement in events of 1857. 1920: The Sindh Khilaft Committee sends share of Rs.15000 to Moulana Muhammad Ali Johar through All -India Khilafat Committee. The amount is to be utilized on sending Khilafat Deputations to other countries. 1948: Karachi shall be the capital of Pakistan, resolve the Constituent Assembly.
1949: The Working Committee of the Punjab Muslim League demands resignation of the Non - Muslim Governor Sir Francis Mudie. He was replaced in August that year.
1953: Pir Ali Muhammad Shah Rashdi, Kazi Akbar, Ali Nawaz Khan Mahar and Kazi Abdul Manan are inducted in Sindh Cabinet.
1963: President Ayub joins Convention Muslim League.
1992: Prime Minister Nawaz Sharif asks India not to interfere in Sindh. He claims that Al - Zulfikar connection with PPP will soon be made public. Justifies Operation in Sindh.
1993: Taj Muhammad Jamali resigns as the Chief Minister of Baluchistan
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
***
ڪي خاص واقعا
*************
22.5.1840
ڏکڻ سنڌ جو فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي خط لکي ٻڌائي ٿو ته ھن جي ماڻھن شڪارپور ۾ ھڪ شڪي ماڻھو پڪڙيو آھي, جيڪو پاڻ کي ايراني شھزادو ٿو سڏائي. ميرن سان اها ڳالھ ڪئي آھي ۽ هو چون ٿا ته اسان انگريزن جا وفادار زيردست آهيون ۽ گورنر جنرل جيڪو حڪم ڪندو ان مطابق ايراني شھزادي سان هلت ڪبي. 22.5.1842
ڪمپني حڪومت سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ کي هدايتون موڪليون ته:
1. ڪراچئ جي قبضي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آھي ۽ نيوئ جي آفيسر کي اهو ڪم ڏبو, جيڪو سامونڊي ٻيڙن ۽ سنڌوندئ جي آگبوٽن جو انتظام به رکندو,
2. اسان بکر جو قلعو پنهنجي قبضي ۾ رکنداسين ۽ سکر تي به قبضو ڪرڻو پوندو,
3. ڪمپني حڪومت جي تحفظ, ترقئ ۽ تجارت جي مفاد ۾ اهو ئي آھي ته ٻيٽ ۽ وڏا شھر اسان جي قبضي ۾ هجن. 22.5.1843
گورنر نيپيئر سنڌ جي شڪارگاهن ۽ ٻيلن جي تحفظ ۽ ترقئ لاء ھڪ الڳ کاتي کولڻ لاء سوچيو ته جيئن ان جي ڪاٺ ۽ جهنگلي جيوت کي معيشت جي ترقئ جو وسيلو بڻائي. هن ان سلسلي ۾ مرڪزي سرڪار سان لکپڙھ ڪئي 22.5.1851
ڪراچئ جي ڪليڪٽر جي ڪوششن سان امپريس مارڪيٽ ٺھرائڻ جو فيصلو ٿيو. 1857 ۾ هن مارڪيٽ جي آس پاس جنگ آزادئ ۾ حصو وٺندڙ سپاهين کي توب جي منهن ۾ رکي اڏايو ويو هو. 22.5.1920
مرڪزي خلافت ڪميٽئ جو وفد انگلنڊ وڃڻو هو. ان ڪري اڄ سنڌ خلافت ڪميٽئ وڏي رقم ڦوڙئ طور اوڏانھن ڏياري موڪلي. 22.5.1948
پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلئ ڪراچئ کي ملڪ جي گادي بنائڻ جو ٺھراء پاس ڪيو.
*************
ولادتون:
1.شاعر فقير الهرکيو مهر 1820.
2. ليکڪ ٿانورداس ستواڻي (دادو/اجمير) 1936
وفاتون:
1. سيد احمد ٺٽوي (شيرازين جو وڏو) 1441 ع
2. حافظ ابو محمد سالم سنڌي محدث 1846 ع
3. بزرگ پير روشن سرهندي 1901ع
4. ڪوي سنت سوامي پهلاجراء 1968
5. مظفر ڀٽو (جيئي سنڌ اڳواڻ) تشدد ۽ قتل 2012
6. غزاله بتول صديقي (وحدت سنڌ ريلئ دوران ڪراچئ ۾ شھيد ڪئي وئي) 2012
Monday, 20 May 2024
SINDH in history today (21st May). By.Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {21st MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. *** Dr. Pathan wishes you Good Day:
[ I admit and accept that in beauty, vision and wisdom, I am not at par with you. But, in accepting, respecting and loving you, I am second to none. I am body, you are soul, I am love you are life. May you understand it and understand me. May you not lock door of your heart, because, it my Paradise lost.]
نہ صورت نہ سيرت پر تنهنجو پيار گهڻو,
تن من ۽ روح وجود کي پرين پيا ٿا وڻو,
ھي جي بار بره جا شل مون جيان کڻو,
شل تالا ڪين هڻو, پنهنجئ دل جي در تي.
EVENTS: 1845: The Commissioner of Sindh is directed that who so ever could prove that he made his Salam on 24th of May of this year; the right of Jageer will be restored to him. The Jageer of Syed Ali Akbar shah is restored to him by the Collector of Hyderabad, under this policy.
1854: Commanding Officer, Sindh Division request Govt. that Buldings at points along with the whole line of the river Indus be constructed, or improved where already existing, as they are important for so many reasons.
1928: In a public meeting held by the Congress and other parties with Naraindas Anandji in chair, it is decided the 1000 volunters will stage protest against the Simon Commission. Shaikh Abdul Majeed Sindhi and Mir Muhammad Baloch address on the occasion.
1947: 69,000 Indian Muslim migrants arrive, announces the Govt.
1954: The U.S.A announces to make available to Pakistan in current fiscal year about ¤ 105, 000,00 in Economic Aid. Any N.G.0/Non Govt. Research Organization must conduct research to find that 1) How much loan/Aid has been received so for and 2) What is its province - wise utilization. Results will be amazing one.
1961: President Ayub inaugurates first atomic energy research and training center, in Lahore.
1972: Mairaj Muhammad Khan, Central Minister for State resigns and accuses PPP Govt. of being anti - labour.
1992: Benazir launches PDA's Out - Nawaz movement.
1998: India rejects Pakistan's no - war pact proposal being conditional in the resolution of Kashmir dispute.
SINDHI TRANSLATION OF POST:
*****
EVENTS:
ڪي واقعا آھن: 21.1.1932
سنڌ جي ڪمشنر آر.اي. گبسن پريس نوٽ جاري ڪري ڪراچئ جي مکيه روڊن رستن تي خانگي موٽر بس سروس هلائڻ جي اجازت ڏني. انھئ سلسلي ۾ ڊسٽرڪٽ ماجسٽريٽ, ايس. پي, ڪراچي ميونسپالٽئ جي نمائندي, ڪراچي ڇانوڻئ جي ايگزيڪيٽو آفيسر ۽ بس مالڪن جي ٻن نمائندن تي ٻڌل " ٽريفڪ ايڊوائزري ڪميٽي" ٺاهي ته جيئن شروع ٿيندڙ موٽر بس سروس لاء قائدا قانون جوڙي. 21.5.1943
لاڙڪاڻي ميونسپل هاء اسڪول جي ٻن شاگردن: موٽومل پٽ ڌنراجمل ۽ ڪشن پٽ جيوترام کي “ڊفينس آف انڊيا رولس" جي مختلف قلمن هيٺ گرفتار ڪيو ويو. هو اسڪولي شاگرن کي سرڪار خلاف بغاوت ڪرڻ تي ڀڙڪائي رهيا هئا. هنن وٽان تحريڪ آزادئ وارو لٽريچر به هٿ ڪيو ويو. 21.5.1949
سورهيه بادشاه ۽ سندس حرن, آزادئ جي تحريڪ ۾ ڏاڍو رياستي ڏاڍ برداشت ڪيو. انھئ زماني ۾ پير ڳوٺ ۾ ٿيندڙ 27 رجب واري ميڙاڪي تي به بندش وڌي وئي هئي. اڄ اها بندش ھٽائي وئي. 21.5.1950
سنڌ جي وزير آغا غلام نبي خان بيان ڏنو ته مان انھئ سوچ جي تائيد ڪريان ٿو ته اڙدوء کي تعليم ڏيڻ جو ذريعو بڻائجي 21.5.1958
سابق وڏي وزير ڊاڪٽر خان جي قتل ۾ علامه مشرقي گرفتار ڪري جڊيشل لاڪپ ۾ وڌو ويو 21.5.1962
وڏئ سرڪار حڪم جاري ڪيو ته اسان جي ٻئي حڪم تائين خان عبدالغفار خان گهر ۾ نظربند رهندو. 21.5.1975
سنڌ سرڪار پڌرو ڪيو ته ايندڙ مالي سال کان ٽنڊي ڄام جي زرعي ڪاليج ۽ ڄام شوري جي انجنيري ڪاليج کي يونيورسٽين جو درجو ڏنو ويندو
اڄوڪي ڏينهن 21 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
21 مئي 1921ع ليکڪ ارجن ڀارواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1936ع ليکڪ حشمت هرواڻي (جهنڊو مري/احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ حسين بخش ڪانهيو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1949ع ليکڪ پٿر ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع شاعر ۽ سياسي ڪارڪن ارشاد نبي عباسي (سوڀودير / تنوير عباسي جو ڀاء) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1951ع ليکڪ ۽ شاعر ڊاڪٽر عابد مظهر شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
21 مئي 1954ع اسٽيج ڊائريڪٽر وڪرم شهاڻي (خيرپور / احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
21 مئي 1973ع ناليواري صحافي ۽ ليکڪ الياس ٿري (ڇور) جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
21 مئي 1951ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا در محمد ڊول جو انتقال ٿيو.
21 مئي 1970ع مشهور هاري اڳواڻ، شاعر ۽ ليکڪ ڪامريڊ حيدربخش جتوئي جو لاڏاڻو ٿيو.
21 مئي 1975ع مشهور رياضيدان ۽ تعليمدان ڊاڪٽر مير نور محمد ٽالپر کي اٽليء ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو.
21 مئي 1991ع ڀارت جي اڳوڻي وزيراعظم راجيو گانڌي کي خودڪش بم حملي ۾ قتل ڪيو ويو.
Sunday, 19 May 2024
SINDH in history today (20th May). By.Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. ******* Dr.Pathan wishes you Good Day:
[Translation:
Dear! It is my firm belief and faith that you are truth & beauty. You are in my heart & mind, dreams & thoughts, here & there. Is it not amazing that you are within me, but not with me. Since centuries my soul is waiting to see you near, my dear. Let distance & differences may not pave way for death. Be life, you are life. ]
جانب جت ڪٿ جو جاچیو مون،
آھین تون ۽ تون ساجن فقط تون،
سچ ۽ سندء سونھن جون لاٽون،
تن من ۾ تان ڏٺیون پسيون سون،
پوء بہ پرین پري صدین لاڪون؟
ڏس نیٹن ۾ ماڪون، سلام سان.
************SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {20th MAY}
EVENTS:
1847: Boundary survey of Rohri distric is completed and Farrington, Dy.Collector of Rohri forwards a sketch of the District and town of Rohri to the Government of Sindh.
1852: Every Department starts submitting its Annual Reports to the Government. Today Report about working of Police is submitted to the Commissioner, Sindh.
1920: Haji Abdullah Haroon, Moulana Taj Mahmood Amroti and Hakim Shamisuddin Ahmad Kazi are elected as President, Vice President and Joint Secretary respectively of the Sindh Khilafat Committee. It has also been notified by the Khilafat Committee that so many Managers of Deni Madressahs have declared that in future they will not accept or request for financial aid for their Madressahs and Schools from the Government. Some of them are: Khalifo M.Usman of Mured Machhi (Mirokhan), Moulvi Muhammad Hassan of Sujawal Gopang, Moulvi Din Muhammad of Buthi; Moulvi Muhammad Alam of Mahboob Tunyo; Moulvi Muhammad Azam of Pind, Merokhan; Mulan Imran of Tando Ali Murad; Moulvi Khair Muhammad of Chhto Joyo; Moulvi Fatih Muhammad of Hasil Jamali; Moulvi Qadir Bux of Drib Chandio and Hafiz Abdul Ghani of Bhanbho Chandio.
1922: A public meeting is arranged by Aman Sabha of Tando Bago under chairmanship of K.B.Mir Ghulam Muhammad.It is attended by Keswandas, Mukhi Hiromal; Bhai Topanmal; Edanmal and Tourmal. Moulvi Abdul Aziz Pro-Government Moulvi is specially invited to share his knowledge about Khilafat and advise people not to take part in any agitation launched by Khilafat Committee.
1947: Bazim-i-Mushaera of Larkano arranges Poetic Sitting. The Poetry presented was later on published in ‘Adeeb Sindh’.
1951: Major General Nazir Ahmad is arrested in connection with Rawalpindi Conspiracy Case.
1956: Chief Minister of East Pakistan is not allowed by the Speaker of East Pakistan Provincial Assembly to present Budget.
1968: Pakistan has given notice to U.S.A for termination of lease of the American Communications Unit at Badaber, near Peshawar, the National Assembly is told.
1973: PPP government is the modern shape of dictatorship. It is neither in the interest of democracy, nor in the interest of people, blames Asghar Khan.
1977: Four killed and 16 injured in anti-government riots is Sialkot. Curfew is imposed. Unrest prevails in Karachi and Lahore.
1978: Z.A.Bhutto’s appeal against Lahore High Court judgment is hearing by the full bench of the Supreme Court.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*********
20.5. 1920:
سنڌ جي سياسي تاريخ ۾ 1920 جو سال وڏي اهميت وارو هو. خاص طور تي "خلافت تحريڪ" وڏو زور ورتو ۽ عوام ڌارين انگريزن جي دشمنئ ۾ روڊن رستن تي نڪري آيو. سال جي پهرين مهيني ۾ 4.1.1920 تي حيدرآباد, 6.1.1920 تي لاڙڪاڻي ۽ 30.1.1920 تي پاٽ ۾ ”سنڌ خلافت ڪانفرنسون ٿيون.
اڄوڪي ڏينھن (20.5.1920) تي خلافت تحريڪ جي حوالي سان ٽي واقعا ٿيا: (الف). سنڌ خلافت ڪميٽئ جون چونڊون ٿيون. جن ۾ سيٺ حاجي عبدالله هارون کي صدر ۽ خزانچي, مولانا تاج محمود امروٽئ کي نائب صدر ۽ حڪيم شمس الدين احمد کي جوائنٽ سيڪريٽري بڻايو ويو.
(ب). جيڪب آباد ۾ خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن جي احوال تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو.
(ت). عوام سرڪار کان گرانٽون وٺڻ کان انڪار ڪيو, ڪيترن نوڪريون ڇڏيون. اهو سلسلو سمورئ سنڌ ۾ شروع ٿيو. هتي لاڙڪاڻي ضلعي جو مثال پيش ڪجي ٿو.
ھنن ماڻھن پنهنجي ملان اسڪولن لاء سرڪار کان مالي گرانٽ نه وٺڻ جو اڄ اعلان ڪيو ۽ اهڙو اطلاع لکت ۾ ملان اسڪولن جي ڊپٽي ايڊيوڪيشنل انسپيڪٽر کي ڏياري موڪليو. اهي آھن: خليفو محمد سليمان (ڳوٺ مريد ماڇي, تعلقو ميروخان), مولوي محمد حسن (سجاول گوپانگ), مولوي دين محمد (بٺي), مولوي محمد عالم (محبوب تنيو), مولوي محمد اعظم (پنڊ, ميروخان), مولوي خير محمد (ڇٽو جويو), مولوي فتح محمد (حاصل جمالي), مولوي قادر بخش (ڊرٻ چانڊيو) ۽ حافظ عبدالغني (ڀنڀو خان چانڊيو).
20.5.1922:
خلافت تحريڪ جي زور گهٽائڻ ۽ ماڻھن کي ويڙھائي حڪومت ڪرڻ لاء فرنگي سرڪار پنهنجي وفادارن کان سنڌ ۾ ”امن سڀا" نالي جماعتون ٺھرايون. اڄ ٽنڊي باگي جي امن سڀا طرفان عوامي ميڙاڪو ٿيو. ان جي صدارت خانبهادر مير غلام محمد ڪئي. سرڪار پرست مولوي عبداعزيز کي خاص طور تي حيدرآباد مان گهرايو ويو هو جيئن هو عوام کي خلافت تحريڪ کان پري رهڻ لاء تقرير ڪري.جن ٻين مکيه ماڻھن ھن ميڙاڪي ۾ شرڪت ڪئي, اهي هئا: مکي هيرومل, ڪيسوداس, ڀائي ٽوپومل ۽ عيدنمل.
20.5.1968:
نئشنل اسيمبلئ ۾ سرڪار ٻڌايو ته پشاور ويجهو بڊابير ۾ آمريڪا جي قائم ڪيل ڪميونيڪيشن يونٽ جي ليز ختم پئي ٿئي ۽ ان سلسلي ۾ آمريڪا کي نوٽيس ڏنو ويو آھي.
20.5.1977:
پي.اين.اي وارن جا ڀٽي-حڪومت خلاف وڳوڙ روز به روز وڌندڻ لڳا. اڄ سيالڪوٽ ۾ چار وڳوڙي ماريا ويا. ان ڪري اتي ڪرفيو لڳايو ويو. ڪراچئ ۽ لاهور ۾ حالتون ابتر رهيون.
20.5.1978:
ذوالفقار علي ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ ڦاهئ جي سزا ڏني ته هن انھئ خلاف سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. اڄ انهئ اپيل جي ٻڌڻي شروع ٿي.
*************
{20 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
20 مئي 1914ع شاعر واڌومل بيچين جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1929ع شاعر عالم هيسباڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1933ع لطيف جي راڳئ غلام حيدر نظاماڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1946ع شاعر ۽ مصور اياز ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1955ع اداڪار ڪمار کلواڻي (شڪارپور / هندستان) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1957ع شاعر ارباب علي عادل چوهاڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1960ع شاعره ۽ ليکڪا سلطانه وقاصئ جو جنم ڏينهن آهي.
20 مئي 1971ع صحافي انيس حاجاڻو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
20 مئي 1974ع ليکڪ نذير احمد ملاح جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
20 مئي 1966ع شاعر يار محمد مسلم ٽانوري جو انتقال ٿيو.
20 مئي 1975ع اسڪالر ڊاڪٽر نور محمد ٽالپر جو لاڏاڻو ٿيو.
20 مئي 2012ع اداڪار ۽ صداڪار ابراهيم نفيس دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو.
Saturday, 18 May 2024
SINDH in history today (19th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {19th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. *********** EVENTS: 1845: The draft of treaty between His Highness Mir Ali Murad Khan and Government of India is sent by Charles Napier with remarks that all lands held by Mir Ali Murad Khan in north of Rohri belong to him by gift and those in the south of Rohri are his by right.
1849: The Government of Bombay approves Rules for (Civil) Justice for Sindh as proposed by the Sindh Commissioner.
1916: The lecture program is organized by ‘ The Young Amil’s Association of Karachi that is chaired by Vazirmal, Registrar of the Judicial Commissioner and lecture is delivered by Achalsing Awani on the topic of ‘ Deti Leti and Amil Marriage’.
1920: Moulana Muhammad Sadiq of Khuda is sharing account and details of Jacobabad Khilafat Conference in public meeting at Karachi. Muhammad Hussain, one of from audience breathes his last as the story of political sorrows and longings was unbearable and terrible for him. Is it not a tragedy of our history that leaders are given undue place in the pages of history and common workers are ignored at all. Who knows Muhammad Hussain and his attachment with ideology?
1848: India will not welcome back those who have left India and migrated to Pakistan on their own. They are not Idian citizens more, declares Indian Government
1951: Seth Fida Alibhai, Sardar Baz Muhammad Jogezai and Yahya Bhakhtiar resign as members of the ‘Balochistan Council’ constituted by the Government of Pakistan.
1952: Fifty-two persons are arrested in Karachi on account of attacking ‘Ahmadi/Qadyani Convention’ held there.
1953: Sindh Muslim League must comply with instructions of the Pakistan Muslim League on Cabinet- making/formation task, says Khuwaja Nazimuddin PML President.
1958: Muslim League, Nizam-i-Islam Party and Jamait-i-Islami form an alliance for the next general elections.
1960: Khan Abdul Ghaffar Khan is disqualified from taking part in politics.
1977: imposition of Martial law by PPP Government is challenged by PNA in Lahore High Court.
1991: Terrorist kills 4 innocent people in Hyderabad.
1996: Cabinet Committee on Privatization approves sale of Bankers Equity Ltd tp LTV Consortium.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Translation of my poetry:
You are my Dear and Ideal, because, you are second to none in beauty and behavior. You never believe in snatching or begging. Your never take without reciprocation. You love to help and support needy people without any discrimination. When conditions are terrible and situation is not favorable and people are encircled by sorrows & longings, you set new trends in sincerity & sacrifice to save souls . You are hope, vision & wisdom.]
پنڻ ۽ڇنڻ نہ سکیا سپرین،
ڏیڻ سندن ڏان وڏي ڏات،
رولن نه ڪنھن کي رڻ ۾،
ڪن قرب پڇن نه هو ذات،
انھن جي پل پل طلب تات،
اٿم سرت سونھن سلام جي.
************
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
*******
19.5.1839
منوڙو ٻيٽ ۽ ڪراچي شھر فرنگين جي قبضي ۾ آيا ته عوام ان تي مزاحمتي ردعمل ڏيکاريو. ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌائون ۽ ڪيترائي اٺ فوج کان ڦري ورتائون. نائونمل ۽ ٻين جي مدد سان 20 سنڌي پڪڙيا ويا. انهن مان 5 ڄڻن باسيو ته ڪيئپٽن هينڊ جي قتل وقت ھو موجود ھئا. اسان جي حڪمرانن فرنگين سان راضپو ڏيکاريو ته ڀلي ڏوهارين کي ڦاهئ چاڙھيو. 19.5.1839
فرنگين جي حيدرآباد واري مقامي ايجنٽ منشي ڄيٺانند اڄ سنڌ جي ريزيڊنٽ کي تفصيلي خط لکي, ڪراچئ کان ميرپور خاص ۽ خيرپور تائين عوامي ردعمل ۽ حڪمرانن جي روين بابت تمام اهم معلومات ڏني آھي. هئ خط سنڌ جي تاريخ تي هڪ اهم دستاويز/سورس مٽيريل جي حيثيت رکي ٿو. خط ۾ ان دور جي سمورن حڪمرانن کان سواء نواب احمد خان لغارئ, مرزا خسرو, جهان خان ۽ تقي شاه بابت اهم معلومات ڏنل آھي.
19.5.1843
مير صوبدار خان, جيڪو جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ قيد آھي, اھو اتان ممبئئ جي گورنر کي خط لکي کيس نيپيئر جي بڇ تي ٿيل حيدرآباد جي قهري ڪارواين جو تفصيل ڏئي, گهر ٿو ڪري ته ڦر لٽ دوران لٽيرا فوجي انگريزن سان ٿيل معاهدن واريون اصل ڪاپيون به کڻي ويا هئا, اهي مون کي واپس وٺي ڏيو.
19.5.1920:
"الوحيد" جي اڄوڪي پرچي ۾ هڪ عجيب ۽ انوکي خبر شايع ٿي. خبر آھي ته ڪراچئ جي کڏي واري مدرسي مظھرالعلوم ۾ خلافتي جيڪب آباد وارئ خلافت ڪانفرنس جا هڪ ٻئي کي حال احوال ڏئي رهيا هئا. سڀني خيال سان پئي ٻڌو. اوچتو هڪ شخص, جنھن جو نالو محمد حسين هو, سو "الله اڪبر, الله اڪبر" جا نعرا بلند ڪندي , پهريون بي خود ٿي ويو ۽ پوء سندس دم پرواز ڪري ويو.
19.5.1948:
انڊيا حڪومت اعلان ڪيو ته هتان جيڪي به ماڻهون پناهگير ٿي يا هجرت ڪري سرحد ٽپي ويا آھن, انھن مان جيڪڏهن ڪو موٽيو ته هن کي قبول نه ڪيو ويندو. ڇو ته اهي پنهنجئ مرضئ سان هي ملڪ ڇڏي ويا آھن.
19.5.1958
" سنڌ مسلم ليگ کي حڪومت ٺاهڻ ۽ حڪومت هلائڻ ۾ مرڪزي مسلم ليگ جي هدايتن تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻو پوندو"- پاڪستان جي مسلم ليگ جي صدر جو نادري حڪم جاري ٿيو.
19.5.1960:
خان عبدالغفار خان کي سياست ۾ حصي وٺڻ کان نااهل ڪيو ويو. هو آزادئ جي تحريڪ جو هڪ مثالي اڳواڻ هو.
19.5.1977
ڀٽي طرفان جزوي طور تي ڪن شهرن ۾ لڳايل مارشل لا کي پي.اين.اي وارن لاهور هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو.
19.5.1991
حيدرآباد شھر ۾ دهشتگردن رت جي هولي کيڏي. 4 بيگناه شھري اجل جو شڪار ٿيا.
سنڌ جي شهرن ۾ ٿيل دهشتگردئ تي گل حيات معياري ۽ مقداري مواد گڏ ڪيو آهي, جيڪو
Sorrows of Cities
جي عنوان سان محفوظ ڪيو ويو آھي.
”واقعاتي تاريخ“ ته 19 مئي 2023 تي لکي اٿم پر ان سان 2021 تي رڪارڊ ڪيل وڊيو ٽاڪ شامل ڪيو اٿم, جنهن ۾ ”واقعاتي تاريخ“ کان وڌيڪ کوڙ ساري اضافي معلومات موجود آھي. ساڃھ-وند سڄڻن کي اهو ڏسڻ, ٻڌڻ ۽ ونڊڻ جي دعوت ڏجي ٿي. يوٽيوب کولي اتي سبسڪرائيب ڪرڻ نه وسارجو.
پنهنجو خيال رکجو.
************
{19 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
19 مئي 1864ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ آزادي پسند سيد عبدالحڪيم جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1875ع شاعر غلام حسين شيخ (شيخ اياز جو والد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
19 مئي 1961ع شاعر حافظ رحيم بخش لکڻ (قادرپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1962ع شاعر مسڪين پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي.
19 مئي 1976ع شاعره عطيه بتول تنيو (سکر) جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
19 مئي 1922ع مذهبي اسڪالر پير رشدالله راشدي (پير جهنڊو) جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1932ع شاعر مرزا قربان علي بيگ (ٽنڊو آغا) جو انتقال ٿيو.
19 مئي 1933ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا بهاء الدين بهائي جي وفات ٿي.
19 مئي 1963ع مذهبي اسڪالر ۽ فريڊم فائيٽر مولانا غلام حسين ٽالپر (ٽنڊو ڄام) جي وفات ٿي.
19 مئي 1964ع همايون سان تعلق رکندڙ مذهبي عالم مولانا عبدالباقي جو لاڏاڻو ٿيو.
19 مئي 1965ع سياسي ۽ سماجي اڳواڻ غلام رسول خان جتوئئ جي وفات ٿي.
19 مئي 1966ع صحافي ۽ آزادي پسند دورڪا پرساد شرما (دادو) جي ديهانت ٿي.
Friday, 17 May 2024
SINDH in history today (18th May). By. Dr.Pathan
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th MAY} & GOOD DAY WISH.
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute.
EVENTS: 18th May
1832: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Naser Khan of Mirpur makes overtures for a separate treaty on favouring terms but he refuses to do anything without the knowledge of Mir Murad Ali of Hyderabad and without orders of Governor –General.
1922: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held and processions are taken out.
1926: ‘Amature Dramatic Society’ of Jacobabad stages drama ‘Sachi Patri’ at Larkana. The income will be donated to Gaoshala of Jacobabad.
1936: ‘Civil Liberties Union’ is formed in Sindh with Jamshed Mehta as its founder president.
1950: The PeshawarUniversity comes into existence.
1952: Qadianis’ Convention at Karachi is rampaged.
1962: The former chief justice Justice Muhammad Munir is appointed Law Minister of Pakistan.
1971: U.N.O Secretary-General U Thant issues worldwide appeal for aid to the East Pakistani Refugees, now in India.
1975: Arrested defunct NAP leaders to remain at Sihala, Supreme court orders.
1986: PML(N) decides to remove Syed Fakht Imam from the National Assembly speakership.
1991: Dr.Qadir Magsi disassociate himself from Jeay Sindh and announces his own party.
1992: Overspending on military can led to disintegration . Benazir calls for arm-cut agreement with India.
1994: U.S.A to send its technical proposal for ‘ non-interusive nuclear inspection’ . Step is aimed at verifying that Pakistan does not possesses any nuclear weapon.
Dr.Pathan wishes you Good Day:
[Believing on listening is putting self on toes to dance as desired by others. One should be ear, but not without vision & wisdom. Listening without verification is the worst kind of blind faith. But, listening, and not understanding is hobby of my dear ]
من-ڪچو سو دل جو ڀلو ماٹھو سچو،
پر ڪن-ڪچو سو سڀ لاء آھي ڏچو،
هن کي نچائي ڪيو ٻيو هن کان بچو،
دل جي در اچو, جت هلي ٿي سرت جي
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
******
18.5.1832
سنڌ ۾ فرنگي فريب ڪارئ, سفارت ڪارئ ۽ مڪارئ جا ابتدائي ڏينھن آهن. پاٽينجر حيدرآبادي ۽ خيرپوري ميرن سان پنھنجي مرضئ وارن معاهدن بابت ڳالهيون ڪري چڪو آهي. اڄ پنهنجئ سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته ميرپور خاص مان مير نصير خان به معاهدي ڪرڻ لاء آماده ٿيو آهي.
ياد رهي ته فرنگين خيرپور, حيدرآباد ۽ ميرپور خاص جي حڪومتن سان هڪ جهڙو معاهدو ڪو نه ڪيو. پر انھن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ لاء الڳ الڳ ۽ مختلف معاهدا ڪيا.
18.5.1849
سنڌ غلامئ جا ڏينھن ڏسي رهي آھي. جيڪب آباد ۽ شڪارپور ۾ افغاني, مري, بگٽي , کيتران ۽ ٻيا جابلو قبيلا ڦرلٽ ڪندا رهن ٿا. جيڪب کي سياسي مامرن جي چارج ڏني وئي آھي. اڄ ھن ڪمشنر ذريعي سرڪار کي پنهنجي انتظامي حڪمت عملئ جا تفصيل موڪلي ڏنا.
ياد رهي ته جيڪب ڦورو جابلو قبيلن جي سنڌ ۾ مناسب شرطن تي آبادڪاري ڪري, امن امان جو مسئلو به حل ڪيو ته انھن قبيلن کي سنڌي سماج جو اٽوٽ حصو به بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي. انھن قبيلن سنڌي ٻولئ ۽ ثقافت کي قبول ڪيو.
18.5.1936
سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ واري تحريڪ دوران اسان جي امن ۽ پيار وارئ ڌرتئ تي جيڪي مذھبي, نسلي ۽ سماجي نفرتن جا طوفان آيا ۽ حڪومت کي " ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" جو وارو مليو اهڙئ صورتحال انساني حقن واري ماحول کي مجروح ڪيو. انھئ پسمنظر مظلوم جي واهر ڪرڻ وارئ سوچ کي جنم ڏنو. ان ڪري جمشيد نسروانجئ جي اڳواڻئ ۾ اڄ ” سول لبرٽيز يونئن" نالي تنظيم قائم ٿي. ان جو تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آهي.
18.5.1952
ڪراچئ ۾ قاديانين جي ڪنوينشن تي حملو ڪيو ويو. ڪيترا زخمي ٿي پيا.
18.5.1978
پيپلز پارٽئ جي اختلافي ڌڙي جي اڳواڻ مولانا ڪوثر نيازئ اڄ مارشل لا لاڳو ڪندڙ جنرل ضياء الحق ۽ جنرل چشتئ سان روح رهاڻ ڪئي. هن ڀٽي جي زندگئ ۾ مٿس "ديد ور" نالي ڪتاب لکيو هو. هاڻي ڀٽي جو اولاد کيس نه ٿو وڻي.
18.5.1991
ڊاڪٽر قادر مگسي جيئي سنڌ کان ڌار ٿي پنهنجي الڳ سياسي پارٽي ٺاهي.
18.5.1992
" مليٽرئ تي حد کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ سان ملڪ ٽٽي سگهي ٿو. ان بدران انڊيا سان " اسلحي گهٽائڻ" وارو معاهدو ڪريو", بينظير ڀٽي جي اسيمبلي اجلاس ۾ تقرير.
*****
اڄوڪي ڏينهن 18 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
18 مئي 1848ع سماج سڌارڪ ساڌو نولراءِ (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1893ع صحافي ۽ آزادي پسند ويرومل بيگراج (سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1929ع گلوڪار رميش مهتا (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1943ع سگهڙ غلام سرور ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1952ع گلوڪار چندر ننڪاڻي (بڙودا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
18 مئي 1977ع صحافي مير محمد ٻگهيو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي.
18 مئي 1980ع مشهور گلوڪار علي ظفر جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
18 مئي 1821ع بزرگ شيخ عبداللطيف ثاني (لنواري) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1930ع شاعر ڊاڪٽر مرزا مدد علي بيگ ”مدد“ (حيدرآباد) جو انتقال ٿيو.
18 مئي 1933ع گلوڪار پير علي بخش ڀٽي (ڀٽ شاهه) جو لاڏاڻو ٿيو.
18 مئي 1985ع شاعر سعيد هالائي جي وفات ٿي.
_______
Thursday, 16 May 2024
SINDH in history today (17th May). By. Dr.Pathab
DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE.
SINDH IN HISTORY TODAY (17th May) & GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Translation:It is good to respect everybody. It is better to love without discrimination and beyond imagination. But, it is best, not to claim it in return. It is better to believe in love, but it is best to trust beloved. Vision requires sincerity and wisdom demands sacrifice. We are ideal, if have such an ideology. But
I am following this ideology religiously, because, you are my ideal ]
مڃبو ماروئڙن ماٹھن کي،
پر ناھي مڃتا سان ڪم،
ھلبو پيو پیار خلوص سان،
رکندو تان برہ اسانجو ڀرم،
ناهي لھٹو لیکو لالڻ سان،
ڪندو ڪوھیارو پاڻ ڪرم،
اھو منھنجو عقل مت شرم،
جو چوان سلام سرت سان
*************
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {17th MAY}
Research By. Dr. Dur Muhammad Pathan
Some Events:
1917: Miss K.Vealle delivers lecture on the topic of ‘Theosophy & Hiduism’. The program is organized by Young Amil’s Association of Karachi.
1920: A public meeting is held at Mithyani with Pir Turab Ali Shah in chair. Moulvi Fazul Muhammad and Moulvi Karim Bux deliver their speeches on the importance of Khilafat and ask people to participate in Khilafat Movement. The function is arranged by Mian Muhammad Sidiq and Khair Muhammad, both Zamindars of Mithyani.
1922: It has been notified that Haji Khamiso Gul Muhammad has been elected as a member of Legislative Council of the Governor of Bombay by the Karachi District Muhammadan Ruler Constituency in place of Muhammad Abid Abdani who breathed his last.
1924: Anjuman Taraqi-ay-Urdu establishes Book Store in Karachi.
1926: Syed Miran Muhammad Shah appears for the oral examination in the office of Judicial Commissioner Sindh for the post of Sub Judge, but he is not selected.
1950: The number of Muslim migrants from India those have reached in Pakistan/Sindh recently, is 103600. None of them will be sent back to India, says Ishtiaq Qureshi, State Minster.
1951: Accused and arrested in Rawalpindi Conspiracy Case, Maj.General Akbar, Begum Nasim Akbar, Faiz Ahmad Faiz, and Sajjad Zaheer are shifted to Lahore Jail.
1954: Communists are behind unrest and uprising in East Pakistan, says Prime Minister of Pakistan, Muhammad Ali.
1960: If Peshawar is attacked by Russia, Atom Bombs can be dropped on her major cities, says Ayub Kan, the President of Pakistan. He also lodges protest with U.S.A for using of U2 from Peshawar Base to make USSR Jet target.
1972: Abdul Hamid Jatoi is arrested on account of providing shelter to criminals.
1969: Boundary demarcation in Rann Kutch is completed in accordance with International Tribunal Award.
SINDHI TRANSLATION OF THE POST:
Dr.Pathan
“ سنڌ جي واقعاتي تاريخ-(17 مئي)- ڊاڪٽر درمحمد جي تحقيق".
***************
17.5.1836
ڪوئي جيترو ظالم هوندو آهي, اهو اوترو ئي بزدل ٿيندو آهي. فرنگين کي سنڌ, بلوچستان, قلات ۽ افغانستان مان ڊپ رهندو آيو. هنن جي فريبي چال سنڌ ۾ کين پير کپائڻ جو موقعو ڏنو. پوء ميرن جي مدد سان باقي خطرن لاء بند ٻڌائون. هن مرزا باقر شاه کي بلوچستان موڪليو ته اتي قلات جي محراب خان ۽ بلوچستان وچ سرحدن تي ٿيندڙ يلغارن خلاف گڏيل قدم کڻڻ بابت معاهدو ڪرائي. اڄ پاٽينجر پنھنجئ سرڪار کي اهڙو اطلاع موڪليو
17.5.1842
ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل ڪمپنئ جي سليڪٽ ڪمپنئ کي ٻڌايو ته اسان جا سفارتڪار سنڌ ۾ سنڌ جي حڪمرانن جي شڪي, ڀروسي نه ڪرڻ جوڳن روين ۽ بي وفائين ڪري ڏاڍو پريشان رهن ٿا. مون ميرن لاء کين خط موڪليا آھن ته مير اسان سان سڌا ۽ سچا ٿي هلن,ٻئ صورت ۾ ھنن کي ڳري قيمت ڀرڻي پوندي.
17.5.1843
مير رستم علي خان اڄ ممبئي جي گورنر کي لکيو ته مون ته نيپيئر سان ڀال ڪيا, بکر ۽ امام ڳڙھ جا قلعا ڏنا. پر, هن انھئ چڱائي جي بدلي جنگي قيدي بڻائي اوهان ڏي موڪليو آھي. مون کي واپس موڪليو يا عزت جوڳو رستو ڪڍو.
17.5.1920
مٺياڻئ ۾ ٻن زميندارن- ميان محمد صديق ۽ خير محمد- جي اهتمام سان خلافت تحريڪ جو جلسو ٿيو. ان جي صدارت مشهور خلافتي ليڊر پير تراب علي شاه ڪئي ۽ تقريرن ڪندڙن ۾ مولوي فضل محمد ۽ مولوي ڪريم بخش شامل هئا, جن هجرت تحريڪ جي حوالي سان اتساه ڏيندڙ تقريرون ڪيون.
17.5.1922
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل جي ميمبر محمد عابد عابداڻي وفات ڪئي ته سنس جاء تي ( ڪراچي ڊسٽرڪٽ محمدن رولر) تي حاجي خميسو گل محمد ميمبر ٿيو.
ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل ۽ ان جي سنڌي ميمبرن تي چڱو خاصو مواد گل حيات جي ويب تي موجود آھي.
17.5.1924
سنڌ لساني بغض کان پاڪ پرڳڻو آھي. سنڌ ان ڪري هفت زبان شاعر پيدا ڪيا. فرنگين جي دور ۾ ڪيتريون واپاري ڪميونٽيون سنڌ ۾ آيون ته اڙدو ٻولي رابطي زبان بڻي. اڄ ڪراچئ ۾ ”انجمن ترقي اردو" طرفان ڪتب خانو کوليو.
17.5.1926
معاشرو ڪڏهن ڪڏهن پاڻ سان مذاق ڪندو آھي ۽ ڪم واري انسان کي تڪڙو ڪونه سڃاڻيندو آهي. اڄ سيد ميران محمد شاه جڊيشل ڪمشنر جي دفتر ۾ سب جج ٿيڻ لاء زباني امتحان ۾ ڪامياب نه ٿيو. پوء ڏسو ته ساڳيو ماڻھون اسپيڪر ٿيو, وزير ٿيو ۽ سفير.
مزي جي ڳالھ هئ آهي ته علامه آء.آء.قاضئ ۽ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سنڌ مدرسي جي پرنسپالئ لاء اپلاء ڪيو هو, پر نه کنيا ويا هئا
17.5.1950
" هن وقت تائين 103600 پناهگير انڊيا مان پهتا آهن, انهن مان هڪ به واپس نه موڪلبو, سڀني جي سنڀال ڪبي"- اسٽيٽ منسٽر اشتياق حسين قريشئ جو اعلان.
17.5.1969
انٽرنئشنل ٽرئبيونل ايوارڊ جي روشنئ ۾ انڊين رڻ ڪڇ ۽ پاڪستاني رڻ ڪڇ جون سرحدون طئي ڪيون ويون.
****
اڄوڪي ڏينهن 17 مئي تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
جنم ڏينهن:
17 مئي 1545ع هالا سان تعلق رکندڙ صوفي شاعر ۽ بزرگ مخدوم امين محمد (اول) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1804ع ٽالپر حڪمران مير نصير خان (حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1810ع رياست ميرپور خاص جي اڳوڻي حڪمران مير شير محمد خان ٽالپر (ميرپورخاص) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1924ع ليکڪ سيد منظور نقوي جوجنم ڏينهن آهي.
17 مئي 1934ع چانڊيا قبيلي جي سردار نواب احمد سلطان چانڊيو (غيبي ديرو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1938ع مذهبي اسڪالر هدايت الله آريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1950ع سگهڙ عبدالحڪيم ناريجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1963ع اداڪاره جيوتي مهتا (احمد آباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 مئي 1967ع شاعر غلام حيدر شاهه حيدر جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
17 مئي 1958ع موسيقار آسر فقير خواجه جو انتقال ٿيو.
17 مئي 2012ع ٿر جي سماج سڌارڪ ۽ کاهوڙي انسان فقير مقيم ڪنڀار جو لاڏاڻو ٿيو۔
Subscribe to:
Posts (Atom)