Saturday, 21 December 2024

Sindh in history today (22nd December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Good wish & Sindh history [ 22nd December۔ Author Dr Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 22 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 22.12.1842: فرنگين جي جاسوسئ وارو شعبو لکي ٿو ته اڄ خيرپور ۾ وڏي افراتفري نظر آئي. مير خيرپور مان ڀڄڻ شروع ٿيا آھن. ڪن پنهنجا ٻار/ديرا ريگستان ڪڍي ڇڏيا آھن ته ڪن وري ٻارن کي حيدرآباد موڪلڻ شروع ڪيو آھي. مير علي مراد خيرپور جي جارج شيخ علي حسن کي سونپي آھي. 22.12.1847: سنڌ جي ڪمشنر ۽ فوجي عملدار اسسٽنٽ ڪوارٽر ماسٽر وچ ۾ خط و ڪتابت جو آغاز ٿيو ته جيئن سرحدي پرڳڻي (جيڪب آباد) ۾ پوليس هٽائي ان جي جاء تي "بلوچ ھارس" (فوج) رکي وڃي ته جيئن انھن جابلو قبيلن سان منھن ڏئي سگهجي جيڪي سنڌ ۾ اچي ڦرلٽ ڪري ڀڄي وڃن ٿا. 22.12.1847: اڄ شڪارپور جو ڪليڪٽر مراسلو موڪلي ڪمشنر کي ٻڌائي ٿو ته اجازت ڏيو ته قيدي جاني بيگ جکراڻئ کي جاني ديرو ڪئمپ ۾ رکجي, دريا خان جکراڻئ ۽ جمال خان ڊومڪئ کي سلطان ڪوٽ واري ڪئمپ ۾ رکجي. ڀورل جکراڻئ جو پوٽو طارق علي کي زمين ڏجي. [ ياد رهي ته انھن مان دريا خان جکراڻي 1857 ۾ بغاوت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ کيس ڪاري پاڻئ جي سزا ڏني وئي هئي] 22.12.1848: هن زماني ۾ ڪراچئ کان ملتان تائين اٺن/گهوڙن ذريعي ٽپال موڪلي يا آندي ويندي هئي. روهڙي ٽپال جو اتر سنڌ ۾ مکيه مرڪز هوندو. سرڪار فيصلو ڪيو ته ڪراچئ ۽ روهڙئ وچ ۾ اٺن ۽ اوٺين/گهوڙن ۽ گهوڙيسوارن جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. انھئ سلسلي ۾ ھئ ڳالھ به ذھن نشين ڪجي ته ڪراچئ ۽ حيدرآباد وچ ۾ ٽپال آڻڻ ۽ نيڻ جو ٺيڪو 1841 کان به اڳ ڪراچئ جي جوکين جي ڄام کي ڏنل هئو, جيڪو نائونمل هوتچند جي معرفت انگريزن جي ويجهو آيو هو. 22.12.1856: ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي تاڪيد ڪيو ته سکر-روهڙئ واري پل ٺهرائڻ کي اوليت ڏيو. 22.12.1869: سنڌ جي ڪمشنر نوٽيفيڪيشن ڪڍي واضح ڪيو ته "ديناگري لپئ" ۾ سڌارو آندو ويندو ته جيئن سنڌ جا هندو ڀلي تعليم ۽ تدريس ۾ ڪم آڻي سگهن [ياد رهي ته عربي-سنڌي لپئ تي ڪن هندو عالمن شديد اعتراض واريا هئا] 22.12.1939: مسلم ليگ جي هدايت تي سمورئ سنڌ ۾ ڪانگريس طرفان پنهنجون حڪومتون/وزارت ختم ڪرڻ تي "يوم نجات" ملهايو ويو. مسلم ليگ جي برانچن طرفان جتي جتي اهو ڏينھن ملهايو ويو, ان جو تفصيل گل حيات ۾ موجود آھي. 22.12.1940: بنگل ديري جي جامع مسجد ۾ حاجي محمد عباس جي صدارت ۾ مسلم ليگ جو جلسو ٿيو, جنهن ۾ ڊاڪٽر عبيدالله ۽ مولوي يحيا تقريرون ڪيون ۽ الله بخش سومري جي حڪمرانئ خواه حڪمت عملين تي تنقيد ڪئي وئي *************** ڏينهن 22 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ يا وفات ڪندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 22 ڊسمبر 1920ع خيرپور سان تعلق رکندڙ شاعر مظفر حسين جوش جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1920ع شاعر مظفر حسين جوش(خيرپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1947ع مشهور سگهڙ عبدالعزيز چانڊيو جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1949ع سگهڙ الله رکيو مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 1958ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سيد قطب شاهه جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 22 ڊسمبر 1910ع بزرگ قطب علي شاهه جهانيان جي وفات ٿي. 22 ڊسمبر 1920ع مذهبي اسڪالر مولانا احمد پيرزادو جو لاڏاڻو ٿيو. 22 ڊسمبر 1986ع اردو، سنڌي ۽ انگريزي فلمن جي مشهور اداڪار عبد اللطيف ساقئ جي وفات ٿي. 22 ڊسمبر 1999ع بگئ سان تعلق رکندڙ ليکڪ، صحافي ۽ شاعر هدايت منگئ جي وفات جو ڏينهن آهي. 22 ڊسمبر 2012ع سياستدان بشير احمد بلور خودڪش بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿي ويو. . Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Life is a wonderful one-time chance. But, we make it terrible for ourselves and for others by virtue of creating and abiding by Distances & Differences. When we start beliving in so-called Traditions and out-dated values, they start dividng our hearts & minds and snatching our freedom. When they make us ideologically & socially slaves and throw us in isolation, we start avoiding helping, assisting and cooperating each other. In such a condition, we can't solve and resolve our problems. Dear! Let us be near and extend cooperation to each other so as to make our lives wonderful and beautiful.] هئ حياتي دنگي ڄڻ درياه ۾ پر تون گڏ تان ناهي لهر نہ لوڏو, آء پرين تون اوڏو, تان پهچون هن پار سرت سلام سان. 2. Events from Sindh (including Pkistan) 1839: Govt. decides to withdraw police posts from Upper Frontier and replace them with Baloch Horse (military) so as to check and curb activities of some tribes belonging to Baluchistan. 1847: The Collector of Shikarpur recommends Sindh Govt. that Jani Beg Jakhrani be settled at Jani Dero and Dara Khan Jakhrani, Jamal Khan Domki, Sultan Khan, Toork Ali his grandson Bural Jakhrani already settled at Jani Dero be granted Jageer. This is to be noted that one of them - Darya Khan Jakhrani later on in 1857 fought against the Govt. and was sent to Andman. He was earliest Freedom Fighter from Upper Sindh. 1848: Jam of Jokhias is given contract to carry Dawk between Karachi and Hyderabad and number of runners is increased to convey mails between Karachi to Multan via Rohri. 1856: Sindh Commissioner is asked by the Bombay Govt. to give more importance to the bridge over Indus between Sukkur and Rohri. 1952: The Basic Principles Committee Report is presented to the Constituent Assembly of Pakistan. It envisages a democratic Federal state with a popularly elected party. Parity is accorded to East and West in both Houses and weightage to smaller province is ensured. 1962: The first ever off - shore oil exploration in a six thousand square miles of the Indus delta area begins. 1993: Pakistan offers an additional 1,500 troops to the U.N.O peace - Keeping force for Somalia.

Friday, 20 December 2024

Sindh in history today (21st December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (21st December). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Good wish & Sindh history [21st December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 21 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن توڙي پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 21.12.1838: پاٽينجر وڪر منجهان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته دعائون ٿو گهران ته شاه شجاع هتي جلدي پهچي, سندس سنڌ يا سنڌ جي ڀرپاسي ۾ موجودگي اسان جي مشڪل حالتن کي مٽائي اسان جي حق ۾ ڪندي ۽ پوء ميرن آسانئ سان معاهدا به ڪندا ۽ اسان جو سامان سنڌين جي ڦرلٽ کان بچي پوندو. ڇو ته هر ڪو پاڻ بچائڻ ۾ پورو هوندو. اسان جي اڌ فوج ٽن ڏينھن ۾ ٺٽي پهچي ويندي ۽ باقي اڌ فوج ان کان پوء ٻن ڏينھن ۾ اتي پهچندي. مون وٽ 25 لک روپيا گينين جي صورت ۾ آھن, جيڪي هتي ديسي ڪرنسئ ۾ واپاري مٽجي نه ٿا ڏين. بهتر ٿيندو ته شاه شجاع جي نالي سان سڪو ٺاهي ان کي ڪرنسي جي حيثيت ڏيو ته گينين بدران اهو سڪو سنڌ ۾ هلايون. 21.12.1896: ڪراچئ ۾ پليگ جي بيماري پکڙي, جنھن جون 1897 تائين 3387 حياتيون ڳڙڪايون. 21.12. 1920: ڪراچئ ۾ ”خواجا اسماعيلي ڪٺياواڙي والنٽيئرس منڊل" وڏي عرصي کان پنهنجئ برادرئ لاء سماجي خدمتون سرانجام ڏيندو هو. اڄ انھئ منڊل جون چونڊون ٿيون, جن ۾ جان محمد قاسم کي صدر ۽ ڪاراڀائي ڪريم کي نائب صدر چونڊيو ويو. [ياد رهي ته ڪراچئ ۾ خوجن ۽ بوهرين جون پنهنجن برادرين لاء مخصوص جماعتون ۽ جيمخانا هوندا هئا] 21.12.1938: 1937 کان لاڙڪاڻي ۾ "ماتا"/"ارڙئ" جي بيمارئ منھن ڪڍيو هو. اڄوڪي تاريخ تائين انھئ بمارئ جا 1807 ڪيس ٿيا, جن ۾ 299 ماڻھون مري ويا. 21.12.1958: گوبند مالهئ ممبئئ ۾ ”ڪلاڪار منڊل" نالي هڪ اٽڪ منڊلي قائم ڪئي, جنهن طرفان ڪيترا ئي ناٽڪ اسٽيج ڪيا ويا. انھن مان "ڪفن" ۽ "گستاخي معاف" ڊرامن وڏو نالو ڪمايو. 21.12.1969: چيف مارشل لا ايڊمنسٽيٽر جنرل يحيا خان پاڪستان جي نظرئي ۽ استحڪام جي بچاء لاء آرڊيننس لاڳو ڪيو. [ پر انھئ ڏنڊي جي زور تي هو پاڪستان کي بچائي نه سگهيو, تان جو بنگلاديش ھن جي زماني ۾ پاڪستان کان الڳ ۽ آزاد ٿيو] 21.12.1978: نواب احمد محمد قتل ڪيس ۾ چئن ملزمن اقراري بيان ڏنو ته برابر هنن کيس ماريو هو. 21.12. 1988: پنجاب جي وڏي وزير نواب شريف پيپلز پارٽئ جي مرڪزي حڪومت تي چڙ ڏيکاري ته سندس صوبي مان وفاقي ملازم هن کي اعتماد ۾ وٺڻ کان سواء ڇو ٿا بدلايا وڃن. 21.12.1995: پشاور ۾ بم ڌماڪو ٿيو, جنھن جي نتيجي ۾ 40 ماڻھون اڦٽ مري ويا ۽ 120 ماڻھون سخت زخمي ٿي پيا. *************** 21 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وفات ڪري ويل معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 21 ڊسمبر 1925ع خيرپور سان تعلق رکندڙ وڪيل ۽ سماجي ورڪر الاهي بخش ڪيهر جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1932ع ليکڪ ڪمال الدين سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1933ع شاعر ۽ سياستدان ڊاڪٽر نذير جروار جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1934ع ليکڪ ۽ اداڪار مدن جماڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1935ع شاعر جو جنم ڏينهن آهي. 24 ڊسمبر 1945ع ٽالپر وڏا سان تعلق رکندڙ شاعر قادر بخش ڪرم ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر سيد عالم شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1948ع شاعر اختر لڪياري جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1959ع شاعر ۽ براڊڪاسٽر مختيار ملڪ جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1960ع صحافت ۽ سياست سان واڳيل شيري رحمان جو جنم ڏينهن آهي. 21 ڊسمبر 1963ع باليووڊ اداڪار گووندا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *******-****** 21 ڊسمبر 1262ع شيخ بهاءُ الدين زڪريا ملتانئ جو لاڏاڻو ٿيو. 21 ڊسمبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ سياستدان خانبهادر علي بخش جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1968ع مولانا عبدالرزاق پيرزادو جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1977ع شاعر مولانا ثناء الله سنائي جي وفات ٿي. 21 ڊسمبر 1982ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌرئ جي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Be most cooprative, but not dependent. Let the people care about their interests and problems, try to help them in resolving their issues . Believe in Self and trust yourself. You are absolute beauty & love and vision & wisdom. You are not only for Yourself, but there is share of others in you. Listen and understand, whosoever is knocking your door. Reciprocate and knock the door of his/her heart accordingly.] سوري سڀڪوئي پاڻ ڏي سياري سندي باھ, رکين نہ رکين آس پر تون چلھ پنهنجي ٺاھ, پاڻ وٽ اٿئي روشني پاڻ وٽ اٿئي اونداھ, سار پنهنجئ سرت سونهن کي آسرو نہ لاھ, قرب سان تون ڪاھ, در دوست سلام لاء. 2. Events from Sindh (including Pkistan) EVENTS 1860: The Government of British Sindh is keenly watching the political development in Baluchistan. Political superintendent, Frontier, is apprising government of latest situation. He writes that Khan of Kelat is demanding half of the Panjgoor district and quarrel between him and Mir Azad Khan of Kharan is taking place day by day over the issue of Kharan. The Bombay Government advises Sindh Commissioner not take to side of any one. 1920: Khowaja Ismailah Kathiawari Voulnteers’ Mandel of Karachi elects its new office – bearers as under: Jan Muhammad Qasim(President), Karabhai Karim (Vice President), Jan Muhammad Bhanji (Secretary), Rajanbhai Zina Primji, Ali bhai, Jiwanbhai Nanji, Nazar Ali Bhai, Moolji Dosa and Sundarji Primji (all members of the Executive Committee). 1964: U.S.A to provide loan of $ 1.40 to Pakistan. An agreement is signed. 1969: Chief Martial Law Administrator, Gen. Yahya Khan promulgates Ordinance No 60 under which ideology and integrity of Pakistan is safeguarded. 1972: CMLA & President Z.A.Bhutto opens T.V centre at Lahore. 1973: 5,00,000 acres of land is distributed among landless peasants in Sindh. 1978: Four confessing accused in murder of Muhammad Ahmad Nawab reiterates their role in murder. 1988: Nawaz Sharif, Chief Minister of Punjab resents transfer of senior officers from Punjab by federal Government without his consent. 1989: Pakistan’s foreign reserves have been marked as 69 per cent fall. 1995: Forty persons are killed and 120 injured as a car – bomb rocks Peshawar’s busiest shopping area. 1996: The Advice of the Prime Minister in appointment of judges of superior, the Supreme Court issues detailed judgment in President’s reference. 1998: Pakistan expresses concern over Russian proposal for strategic triangle with China and India.

Thursday, 19 December 2024

Sindh in history today (20th December). By. dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (20th December). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Good wish & Sindh history [20th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* اڪٽر در محمد پٺاڻ 20 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 20.12.1838: وڪر منجهان پاٽينجر مراسلي ذريعي ممبئي سرڪار کي ٻڌائي ٿو ته اسان جا فوجي دستا ميرپور خاص ۽ حيدرآباد ويجهو پهچڻ وارا آھن. مير شير محمد اسان جي ماڻھن جي بيعزتي ڪئي آھي ۽ حيدرآباد وارا مير وري ٻروچن کي گڏ ڪري رهيا آھن. اها ڳالھ مون سان مير نور محمد طرفان مون ڏانھن مڪليل سيد زين العابدين ڪئي آھي. مون ڪمانڊر ان چيف سان رابطو ڪيو آھي. هو سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽان حالتن تي ڪنٽرول ڪري وٺندو. اسان رزرو فوج کي جلد سنڌ ۾ پهچڻ جا اهڙا قدم کنيا آھن جو مير سمجهندا ته مٿن حملو ڪنداسين. 20.12.1847: شڪارپور جي ڪليڪٽر اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته بگٽين کي سنڌي سماج جو حصو بنائڻ لاء انھئ ڳالھ جي ضرورت آھي اسان هن کي سنڌ ۾ زمين جو ٽڪرو به ڏيون ۽ هن تي ڀروسو ڪري کيس پندرنھن ڏينھن اجازت ڏيون ته وڃي پنهنجي قبيلي جي ماڻھن سان ملي کين صلاح ڏئي ته سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري ڀڄي جان بچائڻ بدران انگريز سرڪار جي تعبيداري ڪري ڪٿي زمين وٺي سنڌ ۾ دائمي طور تي آباد ٿي وڃن. 20.12.1847: شڪارپور جو ڪليڪٽر اڄ ڪمشنر کي جيئند ديري واري جکراڻين جي ڪئمپ جا احوال ڏئي ٿو ته سندن ڪيئن نظرداري ۽ تربيت ڪئي پئي وڃي. [ياد رهي ته ڦرلٽ ڪندڙ جکراڻين کي پڪڙي ڪئمپ ۾ رکيو ويندو] 20.12.1850: اڄ ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کان جان هائول بابت تفصيلي رپورٽ گهري. جان هائول ميرن جو فوجي ملازم هو ۽ مياڻئ جي جنگ ۾ ميرن طرفان وڙھندي گرفتار ٿيو هو. 20.12.1971: ملڪ ٽٽڻ کان پوء جنرل يحيا خان اقتدار ذوالفقار علي ڀٽي جي حوالي ڪري پاڻ هر عهدي تان فارغ ٿي ويو. ڀٽو پهريون سولين چيف ماشل لا ايڊمنسٽريٽر بڻج ويو 20.12.1972: بنگلاديش جي آزادئ کان اتي پاڪستاني فوجين کي جنگي قيدي بڻائي انڊيا ۾ رکيو ويو هو. اڄ انھن جي پاڪستان واپسي مڪمل ٿي. 20.12.1984: ضياء الحق پاڻ بابت رفرينڊم ڪرايو ۽ سرڪار پڌرو ڪيو ته کيس 79.71 سيڪڙو ووٽ پيا. جڏهن ته ڪيترا پولنگ بوٿ سڄو ڏينھن سنسان رهيا. 20.12.1991: هن طرف روس جي ٽٽڻ جي نتيجي ۾ اتي نوان مسلمانن جا ملڪ قائم ٿيڻ شروع ٿيا ته اتي پاڪستان انھن کي قبوليندو ويو. 20.12.1995: چئن فوجين حڪومت جي تختي انڌي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. کين پڪڙي ڪورٽ مارشل ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. 20.12.2000: جنرل مشرف چيو ته نواز شريف جي ملڪ نيڪالئ پاڪستان جي خوشحالئ ۽ ترقئ جا دروازا کولي ڇڏيا آھن. *************** 20 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ معروف شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 20 ڊسمبر 1909ع عظيم راڳي ماسٽر چندر جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1914ع ليکڪ ۽ سياسي ڪارڪن هشو ڪيولراماڻي (ڀريا / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1920ع سياستدان آغا صدرالدين دراني (ڳڙهي ياسين) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1920ع ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪاره ڪشنداس چندرا آڏوڻي(حيدر آباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1942ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جسٽس رٽائرڊ ڀڳوانداس جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺوجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1945ع ليکڪ فردوس جوڻيجو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1946ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ شاعر ۽ اديب فتاح عابد جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1948ع صحافي حاجي محمد قاسم ڏيرو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1949ع سياستدان حسين بخش ناريجي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1960ع شاعر عبدالجبار عبد جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1962ع ليکڪ ڊاڪٽر اسحاق جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1971ع ليکڪ سهيل مگسي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1974ع شاعر عبدالغفار آسي جو جنم ڏينهن آهي. 20 ڊسمبر 1977ع شاعر حسن صغير جتوئي جي دادو ۾ پيدائش ٿي. ************** وڇوڙو: ************** 20 ڊسمبر 1828ع سنڌ جو اڳوڻو حڪمران مير ڪرم علي ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو. 20 ڊسمبر 1965ع اسڪالر محمد نواز سيٺار جو انتقال ٿيو 1. Good Wish: Dr. Pathan wiishes you Good Day. [ Slavery of all kinds is optional. Either one has to accept it, or reject it. It is possible and functional, because of our psychological consent. It is not for withdrawal, but is for to get rid of it with willingness, initiate, struggle and sacrifice. One can be free, if he/desires so. But, sacrifice is essential. One can love & respect, if he/she needs so. But, trust and sincerity is must. Dear! Everything is in your hand. Don't wait for support, help and assistance of anybody.] ذھن دل ۽ پيرن جا زنجير پاڻ نہ لاهيندين, پر ٻين ڏي واجهائيندين تہ پوء پڇتائيندين, . دل تڏھن لڳائيندين جي پاڻ تون چاهيندين,. نينهن نچائيندين جي تون پاڻ بڇائيندين,. باه وسائيندين,جي هلندين سرت سلام سان. Events from Sindh (including Pkistan) 1847:Collector of Shikarpur suggests the Government of Sindh that Jakhirani be settled at Jain Dero. Also requests for grant of land to Islam Khan Bugti and others. 1850: The Bombay Government asks the Sindh Commissioner to furnish report about John Howel - an Englishman who served the enemy (Talpur) against British Government and was imprisoned in 1843. 1968: Students, lawyers and politicians hold rallies in various cities to demand restoration of complete democracy in Pakistan. !971: General Yahya Khan hands over power to Z.A.Butoo, who becomes the first civilian of Pakistan, the Chief Martial Law Administer also. Z.A. Bhutto appoints Ghulam Ishaq Khan as the Governor of the State Bank. 1972: Withdrawal of troops by India and Pakistan completes. National Identity Card for all above 18 years, Government of Pakistan decides. 1976: Z.A. Bhutto inaugurates the International centenary Congress on the Quaid _i- Azam in Islamabad. 1981: Pakistan signs accord within frame – work of OIC, for the creation of the Islamic Shipowners’ Association. 1984: Zia – Referendum is held. Public enthusiasm lacks. Zia claims 97.71 per cent votes in his favour ! 1990: PPP decides to support Nawaz Sharif to get rid of Eighth constitutional amendment. 1991: Muslim states coming into being by disintegration of U.S.S.R are recognized by Pakistan. 1995: The H.Q charges the four army officers, arrested for conspiracy against the government and srts their trial by the field general court martial. 1999: Chief Executive, General Pervez Musharraf rules out restoration of National and Provincial assemblies. 2000: decision of sending Nawaz Sharif into exile usher in era of political harmony and economic development, Perwez Musharraf tells Pakistani nation in his address.

Wednesday, 18 December 2024

Sindh in history today (19th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (19th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan Good wish & Sindh history [ ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 19 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 19.12.1838: پاٽينجر اڄ وڪر مان برنس کي لکي ٿو ته تنهنجا خط ۽ حال احوال ملندا رهن ٿا. خيرپوري ميرن سان معاهدي جي شرطن ۽ شقن تي ڳالهائڻ ۽ نتيجي وارئ پڄاڻئ تي نه ٿو پهچين ته لاهي پاهي ميرن پوئتان نه لڳ. اهي جيڪڏهن اسان سان ٺاه نه ٿا ڪن ته سندن حال به حيدرآبادي ميرن وارو ٿيندو. تون اٺ, اناج ۽ گاه وٺڻ ۾ اڃان وڌيڪ تڪليفون ڏسي سگهين ٿو. خريدارئ کان پوء انھئ جي حفاظت ڪرڻ به تو لاء ڪٺن ڪم آھي. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. هڪ طرف ميرن جي بي دلي ۽ ٻين طرف ماڻھن جا اسان تي شڪ جو آھن. تون سمجهندو هوندين مان هت سک ۽ سڪون ۾ آھيان. پر سچ پڇين ته ننڊون ڦٽل آھن. حيدرآباد ۾ موجود پنهجي عملي جو اونو آھي. هوڏانھن اسان جي ٺٽي ۽ حيدرآباد ۾ موجود فوج جي انتظام, کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ڳالهين تي ڌيان آھي. 19.12.1840: ڏکڻ سنڌ وارو فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اڄ پنهنجي مراسلي ۾ پنهنجئ مرڪزي سرڪار کي لکي ٿو ته مير رستم علي جو وزير فتح محمد غوري اسان ۽ مير جي دوستئ ۽ معاهدي ڪرڻ ۾ رڪاوٽون وجهي رهيو آھي ۽ انگريز-دشمنئ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آھي. اهو وزير ٻاپڻي کان مير جو غلام ۽ دادلو رهيو آھي. مون مير سان سندس شڪايت به ڪئي آھي, پر مير هن جي چال مان پاڻ ڇڏائي نه ٿو سگهي. 19.12.1856: ممبئي سرڪار جي ميرائين ڊپارٽمينٽ اڄ ڪمشنر کي لکيو ته ٻيڙا ۽ آگبوٽ ڪراچئ جي بندر تي لنگرانداز ٿيڻ ۾ جيڪا دشواري ڏسن ٿا, ان کي ڌيان ۾ رکي سرڪار ڪراچي بندر ۾ توسيع ڪرڻ لاء منصوبه بندي ڪري رهي آھي. 19.12.1935: ڪراچئ ۾ ”حسن جي راڻي" چونڊڻ لاء چثاڀيٽي ٿي, جنھن ۾ ڪيترين نوجوان ڇوڪرين حصو ورتو. ان ۾ Maizi Laumdau اهو ٽائيٽل کٽي ورتو. 19.12.77: لاهور هاء ڪورٽ ۾ جنرل ضياء الحق لکت ۾ بيان جمع ڪرايو ته هن ذوالفقار علي ڀٽي کي ملڪي مفاد ۾ گرفتار ڪري جيل اماڻيو آھي. *************** 19 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 19 ڊسمبر 1822ع ٽالپر حڪمران مير شهداد خان جي پيدائش ٿي. 19 ڊسمبر 1879ع شاعر ليکراج عزيز(حيدرآباد دکن) جو جنم ڏينهن آهي. 19 ڊسمبر 1953ع ناليواري محقق ۽ ليکڪ بدر ابڙو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 19 ڊسمبر 1975ع سياسي ورڪر قاضي واجد احمد مهيسر جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: ************** 19 ڊسمبر 2007ع ناليواري مصور اسماعيل گل جي کي سندس گهرواري ۽ نوڪر کي ڪراچي ۾ قتل ڪيو ويو. . Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ It is only human-being who is changed surprisingly, without any information or justification and indication or reason. Seasons have fixed time for their change. But, we people never care about time, place and circumstances for our change. Needy persons, like me, in spite of knowing the human psychology, have to bow, pray and cry to realize dears about unaffordable and terrible impact of their change. It is the only option and only way left for me to resubmit my case before you.] مندن ۽ موسومن جو مٽجي وقت تي پارو, پر پارو نہ مٽجي پرين جو اونهارو سيارو, منٿن ميڙن کان سواء ڪونهي ڪو چارو, آھي نرمل نيارو, بڻبو سهارو اٿم پڪ اها. Events from Sindh (including Pakistan) history: ************ 1838: Colonel Pottenger advises Lt. Colonel Burns that His Lordship's plans regarding Sindh be kept secret, as disclosure would enable the Sindhi rulers to make preparation for best resistance in their power to the British Army. 1856: Govt. of Bombay decides to provide facing the topic of 'the power of Nature'. 1935: The Queen of Karachi competition is held and handsome number of ladies participated. Title goes to Maizi Laumdau. 1977: Bhutto is detained to save the country; Zia submits written statement in Lahore High court on Z.A.Bhutto's habees corpus petition. 1984: Prime Minister Benazir Bhutto sacks law minister Iqbal Hyder due to his failure to prepare cases properly against those involved in Co - operative scam before filling them in court.

Tuesday, 17 December 2024

Sindh in history today (18th December). By. Dr.Pathan & his Son Mumtaz

SINDH in history today (18th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan Pathan Good wish & Sindh history [18th December.] ************* Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 18 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 18.12.1838: پاٽينجر پنهنجئ سرڪار کي اعتماد وٺي فيصلو ڪيو ته فرنگي فوج جي سامان جو سنڌوندئ ذريعي ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ موڪليو ويندو. ڇو ته خدشي آھي ته جيڪڏهن خشڪئ رستي موڪلبو ته سنڌي ماڻھو ڦري لٽي ويندا. 18.12.1838: پاٽينجر اڄ برنس کي لکيو ته اتر سنڌ ۾ تون پنھنجئ مڙسئ يا ڏاهپ سان فوج لاء اٺ, اناج ۽ گاه خريداري ۽ حافظت ڪر, مان تنهنجي مدد نه ٿو ڪري سگهان. ان سلسلي ۾ ھن وقت ميرن کان پروانا/اجازت ناما وٺڻ ڏکيو ڪم آھي. 18.12.1840: ياد رهي ته هي زمانو سنڌ جي غلام ٿيڻ کان ٽي سال اڳ جو آھي. ممبئي سرڪار سنڌ ۾ مقيم سفارتڪار آئوٽرام کان خط موڪلي پڇيو ته ارل ۽ نارا ۾ اهڙي صلاحيت آھي جو انھن کي اچ وڃ لاء آبي رستو بڻائجي ۽ انھن ۾ آگبوٽ يا ٻيڙيون هلائجن. 18.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته روهڙي مان ٿي آيو آھيان. اسان جا فوجي رات جي پيٽ ۾ يا صبح روهڙي موڪلبا. آئون 20 تاريخ تي فوجي دٻدٻي سان خيرپور ويندس. گذريل رات مير رستم علئ جي ماڻھن اسان جي ٽپالئ کان ٽپال ڦري. مون هن ڏي حڪم لکي موڪليو آھي ته جيڪا ڪٺي ڪئي آھي, اها ٽوڙي هيڏي هوڏي موڪلي ڇڏ. ٻروچن ۽ جابلو قبيلن شڪارپور ۽ ان کان مٿي واري حصي ۾ ڦرلٽ جي بازار گرم ڪري ڇڏي آھي. 18.12.1847: هي اهو زمانو آھي جڏهن لاڙڪاڻو اڃان ضلعو نه ٺھيو هو ۽ شڪارپور ضلعي ۾ شامل هو. اڄ شڪارپور ضلعي جي ڪليڪٽر سنڌ سرڪار کي ٻڌايو ته لاڙڪاڻي طرف ڳوٺ ڳيريلي مان صديون اڳ جوڙيل بند جا نشان مليا آھن. اهو بند 15 کان 20 ميل ڊگهو آھي. اهو بند جي اولاهين پرڳڻي کي سنڌوندئ جي ٻوڏ کان بچائڻ لاء جوڙيو ويو هو. انھئ کي مقامي ماڻھون "ڪارو بند" چون ٿا. 1837 ۾ ان کي آبپاشي مقصد لاء 30 فٽن جو گهارو ڏنو ويو هو 18.12.1849: سنڌ جي ڪمشنر اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ کي لکيو ته تو خانڳڙھ ۾ موجود پاڻئ جي ٽانڪئ جي مرمت لاء پئسا ۽ اجازت گهري آھي. اهو ٻڌاء ته اها ٽانڪي ڪنهن ۽ ڪڏهن ٺھرائي هئي. انھئ جو تاريخي تفصيل لکي موڪل. 18.12.1971: بنگلاديش ۾ موجود پاڪستاني جنگي قيدين کي اتان ميسور موڪلڻ جو سلسلو شروع ٿيو. 18.12.1989: جماعت اسلامي ضد ڪري بيٺي ته انڊين اداڪار ۽ ڳائڻا پاڪستان ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو نه ڪن. 18.12.1996: آصف علي زردارئ کي مرتضا ڀٽي جي قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. 18.12.1998: آمريڪا طرفان عراق تي حملي خلاف پاڪستان جي ڪيترن شھرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيا. 18.12.1999: جماعت اسلامئ جي ٻن ڪارڪنن جي قتل ۾ بينظير ڀٽو ته راولپنڊي ٿاڻي تي ايف.آء.آر ڪاٽي وئي. *************** 18 ڊسمبرتي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 18 ڊسمبر 1932ع بدين سان تعلق رکندڙ شاعر شاهنواز شائق جي پيدائش ٿي. 18 ڊسمبر 1932ع شاعر موهن لال ڪوٽائي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1934ع موري سان تعلق رکندڙ ليکڪ قاضي انور احمدپيدا ٿيو. 18 ڊسمبر 1935ع موسيقار لڪشمڻ گيهي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1945ع شاعر ڊاڪٽر سعيد هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1946ع شاعر رتن دلبر(لاڙڪاڻو/ بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1957ع شاعر نذير ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبر 1973ع رتيديري سان تعلق رکندڙ شاعر سڪندر پريم قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 18 ڊسمبرشاعر آغا جان آغا جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 18 ڊسمبر 1961ع مذهبي اسڪالر ۽ آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ مولانا محمد هاشم کٽي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 1967ع موسيقار رشيد عطري جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 1973ع مذهبي اسڪالر علامه رشيد ترابي جي وفات ٿي. 18 ڊسمبر 2006ع اردو جي نامياري ليکڪ ۽ ناول نگار شوڪت صديقي جو انتقال ٿيو. 18 ڊسمبر 2007ع ناليواري سياستدان، اديب ۽ ڪهاڻيڪار ڪامريڊ قاسم ٿرجي وفات ٿي 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Live with courage & confidence in self. You are not Dead Alive or Dead Body. You are death for ego, hatred and discrimination. Be cause and reason for any ignored, depressed and deprived life & soul. You are love & beauty and vision & wisdom. Dare and share it without limitations. Remember those, who can't forget you any time.] ايئن نہ مرجي يا مارجي پر ڪو مئو من جيارجي, دل جي در تي سڏي دانهون ڪري سو نہ ڌڪارجي, انا نفرت متڀيد کي محبت سان ئي مارجي, ڪو اسان کي بہ سارجي, جو صبح شام سلام ڀريون. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: ************ 1838: Colonel Pottenger informs Lieutenant Colonel Burns that Sindhi people have started doubting our integrity and our presence in Sindh. Therefore, nobody is ready to extend cooperation in connection with collecting supplies and obtaining carriage for our army. 1847: The Collector of Shikarpur informs Sindh Govt. that he has found 'Black Dam' 15 to 20 miles long near village Gerilo of Larkana. It was built some centuries ago to protect people and land of area fron excessive inundation of the mighty Indus, but that dam was thrown up by Nawab Wali Muhammad Laghari 43 years ago. 1971: Pakistan war prisoners are being transferred from Bangladesh to Sagar, Mysore in India. 1972: Sindh University Bill relating to establishment of various faculties is passed by Sindh Assembly. 1985: Pakistan and India agree not to attack each other’s' nuclear facilities. 1989: Jamait -i- Islami resents cultural shows by Indian Film stars in Pakistan. 1994: Speaker refuses to chair National Assembly session. Vows to stick to his stance unless the detained MNAs are brought to session. 1996: Asif Zardari is held in Mir Murtaza Bhutto murder case. 1998: Protest rallies across the Pakistan condemn U.S.A attacks on Iraq. 1999: Rawalpindi police register murder case against Benazir Bhutto for killing two J.I workers in 1996.

Monday, 16 December 2024

Sindh in history today (17th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH IN HISTORY TODAY (17th DECEMBER) 17th December BIRTH DATES 1. Dr.Arjun 'Shad' Mirchandani (Sukkur - Mumbai/Poet/ birth 17th December 1924), 2. Kumari Indra Shiwdasani (Writer/ birth 17th December 1926), 3. Zahid Ali Shah (Ghouspur/Poet/ birth 17th December 1980) DEATH DATES 1. Mir Noor Muhammad Khan Talpur (Ruler/ death 17th December 1839), 2. Armila Devi ( to whom Diwan Dayaram Gidumal married in old age/ death 17th December 1913), 3. Nawab Mir Muhammad Chandio (Larkano/Nawab/ death 17th December 1950), 4. Sufi Nasir Muhammad (Jalalani/ Saint Poet/ death 17th December 1960), 5. Syed Waryal Shah (Ratodero/Politician/ death 17th December 1970), 6. Dr. Wadal Shah (Hala/Scientist/ death 17th December 1975), 7. Syed Comrade Jamal Bukhari (Larkano/Freedom Fighter & Journalist/ death 17th December 1984), 8. Nazar Ali Faqir Phul (Talpur Wada/Saint/ death 17th December 1995), 9. Pirbho Wafa Chhugani (Larkano - India/Poet/ death 17th December 2012) EVENTS 1849: The Collector of Hyerabad sends to the Commissioner report regarding steps taken by hin about Bugti prisoners of war stationed at Ghulam Ali jo Tando. 1919: It is big event of the beginning of uprising of people against British policies and rule in Sindh and Hind. Khilafat Day is observed in the length and breadth of Sindh. Processions are taken out and public meetings are held to condemn British policy on Turkey and Khilafat issue. 1920: A public meeting is held by the local branch of the Sindh Khilafat Committee at Bano of Mirpur Bathoro taluka. Pir Muhammad Baqar, Moulvi Haji Suleman and Moulvi Mulvi Muhammad Yousif speak on the occasion and dwelt with subjects/ topic of the freedom of Arabia and Punjab Govt's anti - khilafat/people policy. 1954: The top level 'One - Unit official Conference' decides that the administration structure of unified West Pakistan will follow the normal provincial cabinet, one governor, one legislative and one chief secretary. 1956: The Meet the Masses programme of the Sindh Anti One - One Unit Front ends. It was started from 1st of December and big public meetings were held at Larkano, Thatto, Hyderabad, Mirpur Khas, Sanahar, Nawabshah, Khairpur Mirs, Sukkur, Dadu and Jacobacd. Z.A.Bhutto, G.M.Syed, Hyder Bux Jatoi, Kazi Faiz Muhammad and other hundreds of speaker took part in this awareness movement. 1970: Provincial assemblies' elections are held. PPP earns majority in Sindh and Punjab. 1988: Joint Quetta rally demands immediate restoration of Baluchistan Assembly. 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Any Contact and Connection never die, but is killed by believers of discrimination and followers of Ego. In such a way roads are always open, but can be blocked with intention. Relations and Roads, both can be protected only by making sacrifice, even of life. They can be maintained by sharing & exchanging Trust & Sincerity, Love & Beauty and Vision & Wisdom, only.]. هي جو چٽو ۽ صاف رشتا ۽ رستا, سر ڏئي سنڀالين تہ بہ آھن سستا, مرن ڪين ڀرن, بڻائي بره برجستا, دل جا هراول دستا, سنڀالن سلام جان. . Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 17 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 17.12.1838: الينگزنڊر برنس شڪارپور مان سر ولائوفباء ڪاٽن Sir Willoughby Cotton کي لکي ٿو ته اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اوهان جي اڳواڻي ۾ سنڌ م فوج اچي رهي آھي. مون هن کان اوهان کي مراسلا موڪليا آھن, اهي اوهان کي سنڌ جي صورتحال جي تفصيلي معلومات فراهم ڪندا. مون هتي ٻڌائي ڇڏيو آھي ته اسان جو گورنر جنرل بهادر سنڌ ۾ ”مددگار فوج" Subsidiay Force رکڻ جو فيصلو ڪيو آھي. مون خيرپري ميرن کان بکر جي قلعي وٺڻ جون ڳالهيون هلايون آھن ۽ پڪ اٿم ته ڪاميابي ملندي. خيرپوري مير اسان جي سڳي ڌاڳي ۾ آھن ۽ انڪار نه ڪندا. مون شاه شجاع کي به عرض ڪيو آھي ته پيش قدمئ ۾ تڪڙ آڻ, ڇو ته ان مان اسان کي سنڌ ۾ جلدي ۽ بامقصد سفارتڪارئ ۾ وڏي مدد ملندي. 17.12.1842: خيرپور بابت جاسوسئ واري رپورٽ ۾ فرنگين لکيو آھي ته حيدرآبادي ميرن آخوند بچل کي خيرپور موڪليو هو. هن جي صلاح تي ۽ مير رستم علئ جي حڪم تي ٻارن ۽ عورتن تي ڪجاون ۾ چاڙھي ريگستان طرف محفوظ ھنڌ تي موڪليو پيو وڃي. مير نصير خان خيرپورئ ۽ مير محمد حسين پروانا جاري ڪري فوج گڏ ڪرڻ شروع ڪئي آھي ته جيئن مهاڏو اٽڪائي سبزل ڪوٽ بچائي سگهجي. هنن 7 هزار ويڙهاڪ گڏ ڪري ورتا ھن. هتي حيدر آبادي ميرن جا وڪيل مير علي مراد خان معرفت نيپيئر سان ملڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھن ته جيئن کيس يقين ڏيارن ته اسان جنگ جدال جي حق ۾ ناهيون ۽ اهو تسليم ڪريون ٿا ته انگريزن جي فوج سان پڄڻ ڏکيو آھي, ان ڪري مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ گهرون ٿا. 17.12.1849: حيدرآباد جو ڪليڪٽر اڄ ٽنڊو غلام علئ ۾ بگٽين وارئ ڪئمپ جو احوال لکي موڪلي ٿو. هو لکي ٿو ته مٿن سخت نظرداري به رکي وئي آھي ۽ کين سنڌي سماج جي اٽوٽ حصي بنائڻ لاء به قدم کنيا پيا وڃن [ياد رهي ته بگٽي, مري ۽ ٻيا جابلو قبيلا سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪرڻ ايندا هئا. انهن کي پڪڙي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو] 17.12.1919: سنڌ ۾ انگريزن خلاف اجتماعي نفرت ۽ ان تي ٻڌل سياست جو اڄ پهريون واقعو آھي. سنڌ جي ڪيترن هنڌن تي ماڻھن ترڪن جي حق ۾ ”خلافت ڊي" ملھايو. 17.12.1920: تعلقي ميرپور بٺوري جي ڳوٺ ٻنو ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان وڏو عوامي ميڙاڪو ڪرايو ويو, جنھن ۾ پير محمد باقر, مولوي حاجي محمد سليمان ۽ مولوي محمد يوسف تقريرون ڪري عوام کي فرنگي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين کان آگاه ڪيو ۽ کين سياست ۾ دلچسپي وٺڻ جي تلقين ڪئي. 17.12.1954: وفاقي حڪومت طرفان سڏاريل " ون-يونٽ ڪانفرنس" فيصلو ڪيو ته مغربي پاڪستان ۾ هڪ گورنر ۽ هڪ چيف سيڪريٽري مقرر ڪبو. ان جي هڪ اسيمبلي هوندي. 17.12.1956: “ائنٽي ون-يونٽ فرنٽ" طرفان اڄ لاڙڪاڻي ۾ عوامي رابطي وارو آخري جلسو ٿيو. اهو سلسو پهرين ڊسمبر کان شروع ڪيو ويو هو. فرنٽ لاڙڪاڻي واري کان اڳ ٺٽي, حيدرآباد, ميرپور خاص, سانگهڙ, نواب شاه, سکر ۽ دادو ۾ به جلسا ڪيا ويا هئا. 17.12.1970: پاڪستان ۾ صوبائي اسيمبلين جي چونڊ ۾ پيپز پارٽئ وڏئ اڪثريت سان ڪامياب ٿي. 17.12.1988: مخالف ڌر ڪوئٽيا ۾ گڏيل ميڙاڪو ڪري پيپلز پارٽئ جي وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي ته بلوچستان اسيمبلئ کي بحال ڪريو. *************** 17 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 17 ڊسمبر 1845ع صوفي شاعر موهن فقير آهوجا(عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1917ع شاعر، صحافي، نثر نويس ۽ آرٽسٽ قاضي عبدالحئي قائل جو جنم ڏينهن آهي۔ 17 ڊسمبر 1924ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر ارجن شاد(سکر/بمبئي) جي پيدائش ٿي. 17 ڊسمبر 1926ع ليکڪا ڪماري اندرا شوداساڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1934ع سياستدان آفتاب احمد شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1952ع ڊرٻ ميهر شاهه جو گادي نشين ۽ سياستدان سيد بچل شاهه جيلانيپيدا ٿيو. 17 ڊسمبر 1972ع باليووڊ اداڪار جان ابراهيمجو جنم ڏينهن آهي. 17 ڊسمبر 1980ع غوثپور سان تعلق رکندڙ شاعر زاهد علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************-*** 17 ڊسمبر 1839ع سنڌ جو حڪمران مير نور محمد ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو. 17 ڊسمبر 1949ع مذهبي اسڪالر مولوي محسن شاهه جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1950ع نواب مير محمد چانڊيو جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1960ع صوفي شاعر نصير محمد فقير جلالاڻيجي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1970ع سياستدان سيد وريل شاهه (رتوديرو) جو انتقال ٿيو. 17 ڊسمبر 1975ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 1984ع لاڙڪاڻي جي صحافي ڪامريڊ جمال بخاريجي وفات ٿي. 17 ڊسمبر 2005ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا پوپٽي هيراننداڻي ديهانت ڪري وئي. 17 ڊسمبر 2012ع هند ۽ سنڌ جومشهور شاعر پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفاديهانت ڪري ويو. 17 ڊسمبر 2015ع اداڪار ۽ ليکڪ الف ن ڊرامي جو ليکڪ ڪمال رضوي انتقال ڪري ويو. 17 ڊسمبر 2016ع شاعر سعيد ميمڻ جي وفات ٿي. 1849:

Sunday, 15 December 2024

Sindh in history today (16th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (16th December). Author Dr.Pathan & Translator Mumtaz Ali Pathan Sindh history۔ 16 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن ۽ پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 16.12.1833: حيدرآباد ۾ مقيم فرنگين جي "مقامي ايجنٽ“ ڪرنل پاٽينجر کي اطلاع ڪيو ته مير مراد علي خان گذاري ويو آھي. پاٽينجر ان زماني ۾ ڪڇ جو پوليٽيڪل ريزيڊنٽ ھئو. پاٽينجر ان تي مير نور محمد ۽ مير مير محمد کي تعزيتي خط لکيا. مقامي ايجنٽ پاٽينجر کي اهو لکيو ته مير ممبئي سرڪار کي تحفا موڪلن گهرن ٿا. 16.12.1848: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ميجر جيڪب کي فرنٽيئر جي پوليٽيڪل چارج ڏني آھي. [ياد رهي ته سنڌ جڏهن آزاد ملڪ هئو ته ان ۾ ”ريزيڊنٽ“ رکيا ويندا هئا, جيڪي سفارتڪاري ڪندا هئا. سنڌ تي فرنگين جڏهن قبضو ڪيو ته فرنٽيئر (جيڪب آباد) ۾ ميجر جيڪب کي اتان جي پوليٽيڪل چارج به ڏني وئي ته جيئن هو هنگامي طور تي ڪمشنر کان ٻڌائڻ کان سواء قدم کڻي سگهي. سنڌ ۾ ميجر جيڪب واحد ضلعي عملدار هئو, جنهن کي پوليٽيڪل چارج ملي ته جيئن جابلو قبيلن طرفان ٿيندڙ ڦر لٽ ۽ افرتفرئ کي منھن ڏئي سگهي] 16.12.1924: نامور وڪيل شيخ نور محمد جي ڪوششن سان حيدرآباد ۾ ٻن ڏهاڙن واري "آل سنڌ محمدن تعليمي ڪانفرنس" ٿي, جنهن جي صدارت سر ابراهيم رحمت ڪئي هئي. مشاعرو ڪانفرنس جي آخري نشست هو, جنهن جي صدارت مرزا قليچ بيگ ڪئي. 16.12.1930: پنجاب جي ڀائي پرمانند جي صدارت ۾ سکر ۾ ”ھندو سميلن" ٿيو. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان 400 وفدن شرڪت ڪئي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جي شديد مخالفت ڪئي وئي. 16.12.1932: سنڌ ۾ مسلمانن "سنڌ جي ممبئئ کان علحدگئ جو ڏينھن" ملهايو. جتي ڪٿي گڏجاڻيون ۽ جلسا ڪيا ويا. 16.12.1940: قائد اعظم محمد علي جناح اڄ ڪراچئ ۾ سنڌ جي مسلم ليگين جي گڏجاڻئ جي صدارت ڪئي ۽ سنڌ ۾ مسلم ليگ کي منظم ۽ فعال بنائڻ ۽ شاخون کولڻ لاء جي.ايم.سيد جي اڳواڻئ ۾ ”ايگزيڪيوٽو ڪميٽي" قائم ڪئي. ان ڪميٽئ تي قاضي فضل الله, محمد هاشم گذدر, آغا غلام نبي, يوسف هارون, عبدالستار جان سرهندي, حسين بخش شاه ۽ فيض محمد مڱريو ميمبر طور رکيا ويا. 16.12.1957: ملڪ فيروز خان نون پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو. [1947 کان 1971 تائين سنڌ جا سياستدان اقتدار جي ايوان ۽ وزير اعظم جي عهدي کان پري رهيا] 16.12.1968: ايوب-شاهئ خلاف اوڀر پاڪستان ۾ ته جلسا جلوس ٿيندا رهيا, ليڪن اڄ انھن جلوسن جو آغاز اولھ پاڪستان ۾ ٿي ويو. 16.12.1971: پاڪستان ٽٽي پيو. اوڀر پاڪستان جدا ٿي بنگلاديش نالي نئون ملڪ قائم ٿيو. لفٽيننٽ جنرل نيازئ انڊيا جي ليفٽيننٽ جنرل اروڙا اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا. نوي هزار پاڪستانين کي جنگي قيدي بڻايو ويو. 16.12.1988: بينظير جي حڪومت بلوچستان اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي. 16.12.1991: ايم.ڪيو.ايم جي قائد الطاف حسين سياست تان بانء ڪئي. *************** 16 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 16 ڊسمبر 1916ع ليکڪ چوهڙ مل ڌنواڻي (محبت ديرو / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1917ع ناليواري اسڪالر، محقق ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1923ع ليکڪاي جي اتمچنداڻي (حيدرآباد /بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1927ع ليکڪ حبيب بروهي جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1928ع ليکڪ رام فقير(ڪوٽڙي/الهاس نگر) جي پيدائش ٿي. 16 ڊسمبر 1936ع شاعر ۽ گلوڪار ديال آشا(خيرپور/ الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1936ع گلوڪار سشي آهوجا (لاڙڪاڻو / بمبئي)جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1951ع ليکڪا ۽ سياسي ڪارڪن اختر بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1961ع سيوهڻ سان تعلق رکندڙ ليکڪا حميده ملاح جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1964ع ليکڪ ساجد قريشي جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1968ع ليکڪ بهادر بهڻ جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1975ع ليکڪ گلشن سنڌو سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 16 ڊسمبر 1976ع ڪنب سان تعلق رکندڙ ليکڪ دريا خان شنباڻي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 16 ڊسمبر 1651ع سنڌ جي حاڪم مرزا عيسى خان ترخان (ثاني) جي وفات ٿي. 16 ڊسمبر 1916ع ڀريا سان تعلق رکندڙ تعليمدان ۽ ليکڪ ڪوڙومل چندن مل ديهانت ڪري ويو. 16 ڊسمبر 1966ع گلوڪار نارومل ڀاڳت ديهانت ڪري ويو. 16 ڊسمبر 2004ع ناليوارو موسيقار فيروزالدين انتقال ڪري ويو . . Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr. Pathan wishes you Good Day. [ My Good Wishes are not as a tradition and for the tradition. They are very serious pray and an effort to invite your attention. Since centuries you have been avoiding to understand yourself. Whereas, I have been telling you that you are Truth & Ground Reality. You are Love & Beauty and you are Source of Vision & Wisdom. You are Source of resolving our problems related to Heart & Mind, Body & Soul. You are Second to none Ideal. But, not playing your role accordingly and properly.] . ساجن ڪڏھن تہ سمجھ پاڻ کي ڪڏھن تہ ٻڌ اسان کي,. دانهون درد فراق جون مونجهارن مامرن جون آھن جي, صدين کان جيڪي,ڪيان گوش گذار سلام سان. . Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1833: Native Agent at Hyderabad informs Colonel Pottenger, Political Resident of Cutch about the death of Mir Murd Ali father of Mir Noor Muhammad Khan and states more that Mir Noor Muhammad Khan and Mir Muhammad Khan had determined to send presents to Bombay Government. 1848; Bombay Government informs Sindh Commissioner that the political charge of the Frontier will be held by Major Jacob. 1924: With initiate and efforts of Advocate Noor Muhammad Shaikh, two - day“All Sindh Muhammadan Educational Conference” is held at Hyderabad and is presided over by Sir Ibrahim Rahmatullah . The Conference ended with poetic sitting with Mirza Kalechbeg in chair. It was a big event of education and literature. 1930: Hindu Sammelan is called at Sukkur with Bhai Parmanan in chair. It is attended by four hundred delegates from all parts of Sindh. The Conference passes resolution against the separation of Sindh from Bombay Presidency. It was amazing those Hindus and Muslims invited/imputed leaders from Punjab to speak and help them on the issue. Bhai Parmanand was from Punjab also. 1932: The “Sindh separation Day is observed in Sindh by majority of Muslim segment of society. Meetings are held and processions are taken out in support of the separation of Sindh from Bombay Presidency. 1940: Quaid i- Azam isin Karachi and forms Executive Committee under the chairmanship of G.M.Syed to open more branches of the Muslim League in Sindh. Committees other members are Qazi Fazulullah, Muhammad Hashim Gazdar, Agha Ghulam Nabi Pathan, Yousif Haroon, Abdul Sattar Jan Sarhandi, Syed Hussan Bux Shah and Faiz Muhammad Mangrio. 1941: Karachi City Muslim League Conference is held at Karachi. 1957: Milak Feroz Khan Noon is sworn in as Prime Minister. 1968: PDM opposition parties and students continue to demonstrate in various towns of West Pakistan. 1971: East Pakistan falls and Bangladesh comes into being. Following an arrangement between Lt. Gen. Arora of India and Lt. Gen. Niazi fighting ceases in East Pakistan and Indian troops enter in Dhaka. Some ninety five Pakistani troops surrender. 1988; Balochitan Assembly is dissolved. Benazir Bhutto, Prime Minister terms it as constitutional. Whereas opposition parties condemn the action. 1991: Altaf Hussain, Chief of MQM, announces his decision to quit politics. 1999: Benazir urges U.S to review Pressler Amendment and reiterates that there is no question of rolling back Pakistan’s’ nuclear programme.

Saturday, 14 December 2024

Sindh in history today (15th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH in history today (15th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 15 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 15.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجي مراسلي ۾ گورنر جنرل جي سيڪريٽرئ کي لکي ٿو ته منھنجي مير نور محمد سان ملاقات ٿي ته هن مون کي مياريون ڏنيو ته منھنجو هن سان هاڻي اڳي وارو پنھنجائپ وارو رويو ڪونه رهيو آھي. مون ھن تي واضح ڪيو ته اوهان فرنگي سرڪار سان ڪڏهن هڪ جهڙي هلت نه ٿا ڪريو, ان ڪري اسان به پير سنڀالي کڻڻ تي مجبور ٿيا آھيون. هن کي ٻڌايم ته وڪر جو حاڪم غلام شاه اوهان جو زيردست آھي. پر هن وڪر ۾ اسان جي ڪابه مدد نه ڪئي. ان کان سواء اوهان ميرن, خاص ڪري تو شاه شجاع کي ڏن ڏيڻ واري اسان جي مطالبو کي هڪ ڪن کان ٻڌي ٻئي ڪن مان ڪڍي ڇڏيو. ڪراچئ مان اسان کي جيڪي اٺ خريدڻا هئا, اوهان جي ماڻھن ان رنڊڪون وڌيون. نائونمل هوتچند اسان لاء هڪ هزار اٺ خريد ڪيا, پر اهي اوهان جي عملدارن وڪر موڪلڻ جي اجازت نه ڏني. پاٽينجر پنهنجي گورنر کي مراسلي ۾ صلاح ٿو ڏئي ته جيڪڏهن اسان ڪراچئ تي قبضو نه ڪنداسين ته اهي مونجهارا وڌندا ويندا. 15.12.1842: فرنگين جا جاسوسن خيرپور ميرس بابت تيار ڪيل رپورٽ ۾ لکيو آھي ته ڪئپٽن برائون اڃا مس ميرن سان ملي آيو ته حيدرآباد مان حيدرآبادي ميرن طرفان موڪليل آخوند بچل ۽ سيد تقي شاه جو پٽ اچي خيرپور پهتا ته جيئن تازي صورتحال تي ڳالھ ٻولھ ڪن ۽ خيرپوري ميرن کي حيدرآبادي ميرن جي پاليسي به ٻڌائن سمجهائن. خيرپور جي شهر ۾ جتي ڪٿي اٺ ئي اٺ نظر اچن ٿا. ماڻھون پنهنجن ٻچن ٻارن کي ڊپ وچان شھر مان ڪڍي رهيا آهن. مير رستم علي ۽ ٻين ميرن ڪمال خان جلباڻئ کي مير علي مراد ڏي موڪليو آھي ته کيس گذارش ڪري ته انگريزن جو پاسو وٺڻ بدران اچ سڀ مير ملي فرنگين بابت هڪ متفق حڪمت عملي جوڙيون. 15.12.1842: گورنر جنرل اڄ نيپيئر کي لکي ٿو ته خيرپوري ميرن خط لکي پنهنجئ دوستئ ۽ وفادارئ نڀائڻ جو اقرار ڪيو آھي. پر منھنجو خيال آھي اهي جيسيتائين اسان طاقت ۽ ان مظاهرو نه ڏسندا, ان وقت تائين ڦرڻي گهرڻي پاليسئ تي عمل ڪندا. سبزل ڪوٽ ميرن کان کسي بهاولپور جي نواب کي ڏجي. جيڪڏهن تون چاهين ٿو ته سکر ڇڏي اچي روهڙئ ۾ ديرو ڄمائين ته اهڙي فيصلي ڪرڻ ۾ آزاد آھين ۽ مون طرفان توکي ان جي منظوري ڏني ويندي. 15.12.1845 سنڌ جو گورنر اڄ ممبئي سرڪار کي مراسلو موڪلي ٻڌايو ته ٻه سال اڳ گورنر جنرل سامان کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ موڪلڻ لاء ”ڀون ڀاڙو" مقرر ڪيو هو. ان کي وڌائڻ جي ڪا ضرورت ڪانھي, ڇو ته هن صورتحال ۾ به سنڌ ڪمپني حڪومت جي خزاني ۾ واڌ ڪندي رهي ٿي. ان ڪري في الحال انھئ محصول ۾ اضافو نه ڪجي. 15.12.1922: ڳوٺ نبي شاه ۾ اتان جي مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان عوامي جلسو ٿيو. تقرير ڪندڙن ماڻھن کي تاڪيد ڪيو ته دين ۽ سياست ۾ پاڻ ملهايو ۽ ملڪ مان انگريز ڀڄايو. 15.12.1929: ڪراچئ جي ڊي.جي.ڪاليج ۾ پرنسپال شاهاڻئ جي صدارت ۾ سنڌي ادبي ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ اين.اي.غلام علي, ڊاڪٽر گربخشاڻئ, جي.ايم.سيد, ڄيٺمل پرسرام, ڊاڪٽر دائودپوٽي, پرنسپال گوڪلي ۽ شيوارام ڦيرواڻئ شرڪت ڪئي. هن موقعي تي "سنڌي ساهتيه سڀا" نالي سان ادبي جماعت پڻ جوڙي وئي. 15.12.1932: سنڌ کي ممبئئ کان جدا ڪرڻ لاء سنڌ جي مسلمان سياستدانن "سنڌ آزاد ڪانفرنسون" ڪوٺايون ۽ پنهنجي موقوف جو پرچار ڪيو. ان سلسلي جي ٻي ڪانفرنس اڄ حيدرآباد ۾ ٿي. *************** 15 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 15 ڊسمبر 1922ع شاعر، سياستدان ۽ صحافي علي اڪبر شاهاڻي جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1925ع شاعرانور هالائي جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1927ع شاعر فيض درياء کرل جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1928ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڪريم بخش خالد جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1935ع راڳي راڌيڪا واسواڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1936ع موسيقار جهامن داس شرما (سکر / الهاسنگر) جي پيدائش ٿي. 15 ڊسمبر 1941ع سماج سڌارڪ محترم بخش علي لاکوجو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺيجو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1946ع لوڪ گلوڪاره امينهجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1949ع ليکڪ گهنشيام ساگر جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1950ع سگهڙ پير بخش مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1956ع شاعر مدهوش خاصخيلي جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1961ع محقق ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1963ع شاعر شبير سقراط سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1965ع ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امير ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1968ع سينيئر صحافي سترام مهيشوري جو ڇاڇري ۾ جنم ٿيو. 15 ڊسمبر 1971ع صحافي سانول ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي. 15 ڊسمبر 1972ع شاعر نذير سيال جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 15 ڊسمبر 1868ع گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ بزرگ نور محمد شاهه جيلاني جي وفات ٿي. 15 ڊسمبر 1926ع مذهبي اسڪالر مولانا قاضي نذر محمد لاڏاڻو ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان هيرانند سنتوڪرام ديهانت ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1964ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله کڏهري جي وفات ٿي. 15 ڊسمبر 1985ع ليکڪ مير کورواهي انتقال ڪري ويو. 15 ڊسمبر 1997ع مشهور اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪري ويو. 15 ڊسمبر 2001ع مشهور ٽي وي اداڪارفريد نواز بلوچ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو *********** Here is Dr.Dur Muhammad Pathan, Founder, Gul Hayat institute to wish you Good Day and to share some events from history of Sindh (including Pakistan). It will help my friends to understand our History, Culture and Society. ************* 1. Good Wish: Dr.Pathan wishes you Good Day. [Without vision of beauty and wisdom of love, we have body but without soul. Only golden hearts and beautiful minds can accept & respect you & me, people & Motherland] جی ساڃھ ناھي سرت، ۽ ناھي نرت نیھن نظر، چئبو محبت ماٹھپي جا، پیا دل تي ڪين اثر,. پیاس نہ پوري ٿيٹي، تان جو پیئجن کٹي بحر، اجایو جھاڳڻ جھنگ جھر، سواء سونھن سلام جي. 2. Events from Sindh (including Pakistan) history: *************** 1838: Colonel Pottenger reports his Government that in Sindh he had interview with Sindh Ruler Miraculous Noor Muhammad Khan and other Mirs and have disscussed matters relating to finalisation of a Treaty of Friendship with them; that information has been received from Seth Naomal of Karachi that he had purchased eight hundred Camels for our army.He further writes that he has suggested the Commander-in-Chief to take possession of Karachi by force. He further writes that Mirs are gathering their force and shifttig guns. 15.12.1842: The Governor General of the East India Compay directs Charles Napier that use force snatch territory of Sabzal Kot from Khairpur rulers and occupy Rohri and Bukkur also. 1922: The local Khilafat Committee of Village Nabi Shah held public meeting. Speakers advised people to follow their religion in letter and spirit and adop it as code of life. Bow before Allah and get rid of aliens. 1929: Sindhi Adabi Conference is held in D.J.Sindh College, Karachi. It is attended by Principal Shahani, Principal N.A.Ghulam Ali, Dr.Gurbuxani, Jethmal Parsram, Shewaram Pherwani, Dr.Daudpoto, G.M.Syed and others. It is anaugurated by Principal Goklay. 'Sindhi Sahitya Sabha' - literary organization is formed on this occasion also. 1932: 2nd Sindh Azad Conference is held at Hyderabad. It was attended by eminent Muslim politicians. The case of the separation of Sindh from Bombay Presidency was advocated by speakers.

Friday, 13 December 2024

Sindh in history today (14th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH IN HISTORY TODAY (14th DECEMBER) 14th December BIRTH DATES 1. Manohardas Kauoromal (Bharia/Writer/ birth 14th December 1879), 2. Haji Shahnawaz Pirzado (Kandyaro/Politician/ birth 14th December 1889), 3. Dr. Nabi Bux Khan Baloch (Scholar/ birth 14th December 1917), 4. Gobind Bhatia (Larkano - Mumbai/1928), 5. Parmanad Parwani (Hyderabad - Ulhasnagar/Singer/ birth 14th December 1938), 6. Jawaid Solangi (Larkano/Journalist/ birth 14th December 1968), 7. Qadir Ansari (Garhi Mori/Poet/ birth 14th December 1971), 8. Shabnam Silro (Ratodero/Poetess/ birth 14th December 1973). DEATH DATES 1. Mirza Mukhils Ali Alvi (Multan - Sindh/Journalist/ death 14th December 1877), 2. Ghulam Muhammad Shahwani (Writer death 14th December /1950), 3. 'Mastano' Muhammad Shah (Mari/Poet/ death 14th December 1984) EVENTS 1840: Ross Bell, Political Agent, Upper Sindh is asked by his Govt. to keep eye on activities and movement of Massan, an American Tourist on visit of Sindh 1849: Major Jacob, accepts the claim of Khan of Kelat over certain land. It is agreed that the boundary of Sindh territory had been defined by the extent to Indus water reaches in canals and that lands beyond the limit to which the Indus water never attains but which are watered solely by rain or by streams from Cutchee and are occasionally cultivated, belong to Kelat. 1918: Hyderabad District Congress Committee condemns and opposes nomination of a large proportion on city Municipality, because the nominated members in large number will control and influence the decisions of elected people at large and will be ruling by nomination. 1936: The public meeting is held at Hyderabad with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. Sir Haji Abdullah Haroon, Syed Miram Muhammad Shah and Syed Hussain Bux Shah spoke on the occasion and threw light on the formation, scope and importance of Sindh United Party. Prior to the public meeting, the party leadership decided to invite applications for party tickets to contest election for Sindh Legislative Assembly. The party will contest on 30 seats, it was also declared. 1947: The Pakistan Constituent Assembly mourns demise of the Quaid -i- Azam. 1954: Official One Unit Conference starts. It is attended by central ministers, all Governors and Chief Ministers and Head of States. 1957: I.I.Chundrigar fails to form Government. The President, Iskandar Mirza asks Feroz Khan Noon to for Pakistan's 7th Government. SINDH IN HISTORY TODAY (14th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 14 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 14.12.1840: آمريڪي سياح مسٽر ميسن سنڌ ۾ سئر سفر لاء آيو ته انگريزن جون ننڊون حرام ٿي ويون. ڪمپني سرڪار اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ته همراه جي چرپر ۽ سرگرمين تي ڪڙي نظر رکو, متان هي اسان جي دشمنن لاء جاسوسي ڪندو هجي. 14.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ظاهرئ طور ميرن اسان جي معاهدي کي قبول ڪيو آھي, پر منهنجئ معلومات مطابق هو اسان سان جنگ جوٽڻ لاء فوجي گڏ ڪري رهيا آھن. اسان سنڌوندي ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون, هڪ طرف ٻيڙيون گهٽ آھن ۽ ٻئي طرف ندئ ۾ پاڻي گهٽ آھي. ان ڪري تڪليف ٿئي ٿي. منھنجي نيت آھي ته ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ تي چڙھائي ڪريان ۽ اهو به گمان آھي ته ميرن طرفان مذاهمت به ٿئي. پر ان کان ڊجڻ اجايو آھي. مون وٽ ايتري فوج آھي جو هنن کي منھن ڏئي ويندي. لاهور جي اخبار ۾ سبزل ڪوٽ فتح ڪري بهاولپور جي مير ڏيڻ وارو اوهان جو بيان ڇپيو آھي. 14.12.1842: مير رستم خان ۽ خيرپور واري مير نصير خان نيپيئر کي الڳ الڳ خط لکيا. جن جو تت اهو آھي ته اسان فرنگين سان وڙھڻ لاء ڪا به تياري نه پيا ڪريون. اسان انگريزن جو خيرخواه دوست آھيون ۽ رهنداسين. 14.12.1849: قلات ۽ سنڌ جي سرحد بابت ٻنھي ملڪن وچ ۾ وڏي عرصي کان تنازعو رهيو. آخر ڪار اڄ طئي ڪيو ته جيسيتائين ۽ جيڪا زمين سنڌ ڪئنال جي پاڻئ تي آباد ٿئي ٿي, اهو علائقو سنڌ جو آھي ۽ جتي ان ويجهو علائقو باراني آبادي ڪري ٿو, سو قلات جو علائقو آھي. 14.12.1918: سنڌ جي ڪانگريس سرڪار جي انهئ ٺڳئ ۽ چال جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي ته ميونسپالٽين ۾ سرڪار وڏي تعداد ۾ پنهنجا ميمبر ٿاڦي مڪاني حڪومت تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ٿي. ڇوته ٿاڦيل ميمبرن جو ڪن ميونسپالٽين جي چونڊيل ميمبرن کان به ٽپي وڃي ٿو. 14.12.1936: حيدرآباد ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ سر حاجي عبدالله هارون, ميران محمد شاه ۽ حسين بخش شاه خطاب ڪيو. بعد ۾ گڏجاڻي ڪري "سنڌ يونائيٽيڊ" پاران سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي چونڊن ۾ بيهڻ لاء اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون. 14.12.1954: ون-يونٽ بابت سرڪاري ڪانفرنس ٿي, جنھن ۾ صوبائي گورنرن, وڏن وزيرن, وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. 14.12.1957: آء.آء.چندريگر مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهيو ته صدر اسڪندر مرزا اڄ فيروز خان نون کي حڪومت ٺاهڻ لاء. ھن ملڪ جي ستين حڪومت جوڙي ورتي. *************** 14 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 14 ڊسمبر 1879ع ليکڪ منوهرداس ڪوڙومل (ڀريا/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1889ع ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ سياستدان شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1924ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راجڪپور جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1928ع ليکڪ گوبند ڀاٽيا (لاڙڪاڻو/ ممبئي) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1931ع اردو شاعر جون ايليا جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار پرمانند پارواڻي (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1968ع صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1970ع صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1971ع شاعر قدير انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1973ع شاعره شبنم سيلرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 14 ڊسمبر 1877ع صحافي مرزا مخلص علي علوي (ملتان / سنڌ) جي وفات ٿي. 14 ڊسمبر 1950ع نامياري نثر نويس، محقق، نقاد ۽ لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ غلام محمد شهواڻي جو انتقال ٿيو. 14 ڊسمبر 1984ع شاعر مستانو محمد شاهه انتقال ڪري ويو.

Thursday, 12 December 2024

Sindh in history today (13th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {13th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The fire of hatred, discrimination and misue of force has caught and started buring every soul in our society. Dear! Come on! Save our souls. People, like me are waiting to witness light of your beauty, don't deprive them. You are beauty & love and vision & wisdom. Share it with kindness and without limitations. Be the cause and reason for peace, unity and understanding, please.] ظلم ڏاڍ ۽ نفرت جي هئ جا ٻري باه سا جانب اچي وساء, جي ترسن سندء سرت سونهن کي تن کي پيشاني پساء, تون سچ صداقت محبت آھين مون کان منهن نہ لڪاء, انا مسهپ متڀيد جا ڪروڌي ڪارا سڀ رنگ رانول مٽاء, دنيا کي تون ٻڌاء, اهميت عظمت سک سڪون سلام جي ****** SINDH IN HISTORY TODAY (13th December) ******** BIRTH: 13th December 1. Dr. Ghulam Ali Sangi (Dodai/Scholar/ birth 13th December 1934), 2. Abdul Fatah 'Sharjil' (Kazi Ahmad/Artist & Poet/ birth 13th December 1938 ) 3. Muhammad Malook Abbasi (Muhammad Khan Kalhoro/Folklore Poet/ birth 13th december 1944), 4. Muhammad Hashim 'Hajan' (Poet/ birth 13th December 1946), 5. Ibn Laiq Soomro (Johi/ birth 13th December 1961), 6. Khadim Hussain Rind (Kambar/Writer/ birth 13th December 1963), 7. Jawaid Solangi (Naudero/Journalism). ***** DEATHS: 13th December 1. Mufti Makhdoom Abdullah Mahesar (Mitpur/Religious Scholar/ death 13th December 1749) 2. , 2. Seth Partabrai (Politician/ death 13th December 1965), 3. 3. Faqir Ali Gohar Shar (Mengho Faqir Shar/Saint Poet/ death 13th December 1989), 4. 4. Shams Soomro (Dadu/Ex - Secretary General Sindhi Adabi Sangat/ death 13th december 2003), 5. 5. Tajal Bewas (Sobhodero/Poet/ death 13th December 2008) ****** EVENTS: 13th December 1838: 'Native Chiefs will be held responsible with respect to our or peoples property plunders with crossing their territories.' Govt. of India asks Colonel Pottenger to inform Sindh rulers. 1939: Sindh rulers start underestimating themselves and their dignity. Aliens are invited to indulge in their matters. Ross Bell , Political Agent decides the dispute between Mir Ali Murad Khan and Mir Nasir Khan of Khairpur relating to the right of possession over five villages. 1931: Preaching Committee is constituted by JUI of Jacobabad consisting of Moulvi Nabi Bux Oodi, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Dur Muhammad and Moulvi Abdul Latif. The committee will preach teaching of Islam on every first Eriday in various villages of the district. 1934: Jageer cess is minimized from Rs. One to eight Annas for Nawab Ghaibi Khan Chandio. He is paying this cess to the District Local Board Larkano. 1947: Adoption of Urdu as official language is not acceptable to Bengalis. Language - riots erupts in many cities of the East Bengal (East Pakistan). So many are injured. 1951: Muhammad Ayub Khuhro refuses to tender resignation as Sindh Chief Minister. He was asked by the Sindh Governor. 1953: 'Muslim League was responsible and involved in air agitation against Ahmadis. 1971: Pakistan's Deputy Prime Minister & Foreign Minister Z.A.Bhutto demands U.N protection to preserve unity of Pakistan and stopping foreign intervention. * ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.12.1838: ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر هٿان ميرن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ جتي به اسان جي ماڻھن ۽ مال کي نقصان پهتو ته ان لاء حڪمران ئي ذميوار هوندا [ياد رهي ته سنڌ جو عوام فرنگين جي نيتن کي پرکي چڪو هو, ان ڪري کين جتي موقعو ملندو هو ته ڌارين کي بيعزتو ڪري ڦريندا هئا] 13.12.1839: سنڌ جي حڪمرانن نفسياتي طور فرنگين کي معتبر ۽ منصف تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور واري مير نصير ۽ مير علي مراد جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ بابت اختلاف ٿيو. اسان جي حاڪمن حڪمرانن فرنگي سفارتڪار کي گذارش ڪئي ته تون اهو فيصلو ڪر. 13.12.1840: حيدرآباد درٻار بابت اڄوڪي فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي مير صوبدار خان اسان کي درٻار ۾ وٺي ٿي ويو, پر ماڻھن جي اهڙي پيھ هئي جو اسان کي اتان واپس وٺي ويو ۽ دربار جي ٻئي ڪمري ۾ ويهاريائين. اتي به ماڻھون گهڻا هئا. سيد زين العابدين اتي اچي مليو ۽ ٻڌايائين ته مير هن ڪمري ۾ جلد اچي اوهان سان ملندا. ٿورئ دير بعد مير مير محمد, نصير خان, مير شھداد خان ۽ مير حسين علي آيا. اسان طرفان کين پٽڪن ۽ لونگين جو تحفو ڏنو ۽ ٻڌايوسين ته انگريز سرڪار سان ياري رکڻ ۽ معاهدي ڪرڻ تي اسان جي سرڪار اوهان اهو تحفو ڏنو آھي. [هئ هئي ته مختصر ڳالھ ۽ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري پئي سگهجي ته ميرن سان ملي کين پٽڪا ٻڌراياسين. پر جاسوس جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو, اهو سمورو احوال نوٽ ڪيائين.] 13.12.1842: گورنر جنرل ايلبرو فيروزپور مان نيپيئر کي لکيو ته خوشي ٿي ته ميرپوري مير سان معاهدو ڪري ڇڏيئي. خيرپوري مير منھنجي خيال ۾ ان وقت تائين خاموش رهندا ۽ معاهدي ڪرڻ کان لنوائيندا, جيسيتائين کين حيدرآبادي ميرن جي عمل ۽ ردعمل جي خبر پئي. حيدرآبادي مير وڏي غور سان افغانستان جون حالتون جاچي رهيا آھن ته ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي. هو ان کان پوء ئي معاهدي ڪرڻ بابت فيصلو ڪندا. توکي پنهنجئ فوج جي چرپر کي تيز ڪري, ميرن کي ذھني دٻاء ۾ رکڻ گهرجي. جيترو جلد سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا بهاولپور جي نواب کي ڏينداسين, اوترو جلد اسان کي ميرن سان ڏاڍ مڙسئ سان معاهدي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. 13.12.1842: اتر سنڌ بابت جاسوسي رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خيرپوري ميرن عنايت علي خان ۽ لالا سکنداس کي مٺياڻئ موڪليو هو ته جيئن ميجر آئوٽرام جي پهچڻ تي سندس آڌرڀاء ڪن پر مير محمد حسين کين ان ڪري واپس گهرائي ورتو ته انگريزن کي ايترو معتبر سمجهيو وڃي. خيرپوري ميرن حيدرآڀادي ميرن کي نياپو ڪيو ته انگريز روهڙئ تي قبضي ڪرڻ جي تيارئ ۾ آھن. خيرپور واري مير نصير جنگي تياري شروع ڪئي آھي ۽ هن جا ماڻھون چندو گڏ ڪري رهيا آھن. خيرپور ۾ انديشو ڏيکاريو پيو وڃي انگريز گهوٽڪئ طرف پيش قدمي ڪندا. ان لاء ميراڻي عورتن ۽ ٻارن کي راجستان واري رڻ طرف محفوظ ھنڌ پهچائجي. 13.12.1934: نواب غيبي خان جي جاگير ٽيڪس جو وڏو حصو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي ملندو هو. سرڪار اڄ غيبي خان کان وصول ٿيندڙ جاگير ٽيڪس ۾ مجموعي تور تي گهٽتائي ڪئي. 13.12.1947: بنگالين اردوء کي قومي ٻولئ طور قبول ڪرڻ کان ٺڦ انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿيا. 13.12.1953: اها خبر عام ٿي ته پنجاب ۾ قاديانين خلاف وڳوڙ ڪرائڻ ۾ مسلم ليگ جو هٿ هئو. پر جماعت اسلامي انھن جهيڙن ۾ نالو ڪمايو. 13.12.1971: پاڪستان جي ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀٽي اڄ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي استحڪام کي بچايو ۽ ٻاهرين مداخلت بند ڪرايو. *************** 13 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 13 ڊسمبر 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1936ع ليکڪ تلسي منگهاڻي جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1938ع ليکڪ ۽ مصور فتاح هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1944ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1946ع شاعر محمد هاشم حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1961ع جوهي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ابن لائق سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1963ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ خادم حسين رند جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1968ع نئين ديري جي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1985ع شاعر شاهجهان سُميل جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 13 ڊسمبر 1749ع مذهبي اسڪالر مفتي عبدالله مهيسر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 1965ع سياستدان سيٺ پرتاب راء ديهانت ڪري ويو. 13 ڊسمبر 1989ع صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 2003ع سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 ڊسمبر 2008ع ناليواري شاعر تاجل بيوس جي ڪراچي ۾ وفات ٿي

Wednesday, 11 December 2024

Sindh in history today (12th December). By.Dr.Pathan & his son Mumtaz

[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {12th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Good Day. [ It is very difficult to please and make believe beloved and heart. Both, know nothing except to give tough time. I can't change myself and dear can't get rid of ego, hatred and discrimination. Situation created by beloved and heart is terrible: love is looking forward for beauty and mind for peace] نہ من ۽ نہ مان ٿياسين ڪو ماڻهو, ان لاء سرت ۽ سونهن بڻيا بيڪار, مڃائڻ محبن ۽ پاڻ کي دل لاء آزار, جت انا نفرت ۽ متڀيد جو وهنوار, ات ايندو ڏکيو بهار ڪو بره سندو ****** SINDH IN HISTORY TODAY (12th DECEMBER) ******* BIRTH DATES Tarachand Gajra (Shikarpur > India/Journalist & Freedom Fighter/ birth 12th December 1886), Vishno Sharma (Hyderabad > India/Journalist & Freedom Fighter/ birth 12th December 1895), Haji Ali Bux Jamali (Thoof Chosol/Poet/ birth 12th December 1912), Chabadas Khilnani (social Worker/ birth 12th December 1912), Ram Giyan (Chak > Ahmadabad/Poet/ birth 12th December 1922), Ram Raseela (Karachi > Mumbai/Poet & Singer/ birth 12th December 1922), Raz Bulrai (Goth Durwesh/Poet/ birth 12th December 1923), Ghulam Hyder Nizamani (Nizamani/ Latifi Singer/ birth 12th December 1928), Choithram Gandhi (warah > Ahmadabad/Writer/ birth 12th December 1929), Ghulam Taqi Jaffri “Raz” (Larkano/ Poet & Journalist/ birth 12th December 1929), Syed Abdul rehman “ Azhar” (Piyaro Goth/Poet/ birth 12th December 1931), Zarina Baloch ( Hyderabad/Singer/ birth 12th December 1937), Laung Khan Mangrio (Pithoro/Journalist/ birth 12th December 1948), Gohar “ Gul” Gorar (Walio Khoso (Poet/ birth 12th December 1962), Majeed Nawaz Mughul (Sukkur/Journalist/ birth 12th December 1966), Bahzad Sindhi (Dadu/Journalist/ birth 12th December 1971). Javed Mahar (Journalist/birth 12th December 1972). ***** DEATH DATES Muhammad Yaqoob Laghari (Religious Scholar/ death 12th December 1897), Bhagat Roopchand (Hyderabad/Singer & Social worker/ death 12th December 1914) ,Hakim faith Muhammad Sehwani ( Karachi/Religious Scholar, poet; Journalist & Freedom Fighter/ death 12th december 1942), Moulana Muhammad Usman Shaikh (Nawabshah/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 12th december 1957), Syed Gul Muhammad Shah: Gul” (Tando Ali Sher/Poet & Politician/ death 12th December 1955), Hakim Kazi Shamisuddin (Hyderabad/ Freedom Fighter/ death 12th December 1960), Khowaja Muhammad Abdul Ghaffar alies Pir Mitho (Larkano/Saint/ death 12th December 1964) , Kudanbai Wasvani (Larkano > Ajmir/Social worker/ death 12th December 1966), Jhandal faqir Korai (Hanseer/Saint/ death 12th December 1986), Moulvi Muhammad Ibrahim (Shikarpur/ Religious Scholar/ death 12th December 1967), Allah Bux alies Sunhnal Saeen (Khan wahan/saint/ death 12th December 1983), Moulvi Khair Muhammad Nizamani (Religious Scholar, Journalist & freedom Fighter/ death 12th December 1985). ****** EVENTS 1838: Col. Pottenger suggests his Govt. and Commander -in- Chief that Indus is most useful means of communication if steamers are used for military purpose. 1857: The Bombay Govt. accords permission to Sindh Govt. for purchase of Lithographic Press for use of Educational Department and establishment of newspaper in Sindhi. The credit goes to Major Goldsmid who was officer in charge of the Department. Education Department established 'Sindh Sudhar' newspaper in Sindhi and the same paper was handed over to the 'Sindh Sabha' NGO in 1884 and Sadhu Hiranand became its editor. 1896: The Theosophical Society is formed in Karachi. It influenced the Sindh politics and society for years. 1924: The Governor of Bombay is on two - day visit of Larkano. Larkana branch of Sindh Muhammadan Association, Larkana Municipality and Larkana District Board presented their Representation and request for supply of required water for irrigation, employement opportunities for Sindhi Muslims, advancement of education, etc. 1931: The branch of 'Sindh Azad Party' is opened at village Hashim Soomro and Muhammad Fazul Soomro , Akhund Abdul Karim and Khaliq Dino Soomro are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1946: Results of the election for Sindh Assembly Legislative are announced. 34 seats go to Muslim League. One to an Independent and G.M.Syed is defeated by Qazi Muhammad Akbar. G.M.Syed later on challenged the result in Tribunal. *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکيو ته جيتوڻيڪ مون وٽ 25 لک فرنگي روپيا آھن, هتان جو سڪو مٽاسٽا ۾ واپاري نه ٿا ڏين. ان ڪري خريد فروخت ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. سنڌي واپارين ۽ دوڪاندارن جي ته اهڙي روش آھي ئي آھي, پر اسان جي سفارتخاني جي عملدارن ۽ ملازمن جي عزت ۽ جان به هر وقت خطري ۾ ھوندي آھي. ڇو ته سنڌ جو عوام ڌارين جو ازلي دشمن آھي. الله خير ڪندو ۽ مون پنهنجي ماڻھن کي انھئ خطري کان باخبر رکيو آھي. 12.12.1838: پاٽينجر ممبئي حڪومت کي لکيو ته اسان سنڌ ۾ سنڌوندئ ذريعي آگبوٽن تي پنهنجو خزانو, اسلحو وغيره ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ طرف کڻي وينداسين. خشڪي رستو ڪم آڻڻ ۾ خطرو آھي [ته متان سنڌي عوام اسان کي لٽي ڦري] 12.12.1838: ڏکڻ سنڌ بابت فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي ته فرنگين جي منشئ چوئٿرام پاٽينجر طرفان مير نصير خان ۽ مير حسين علي خان سان ملاقات ڪئي. مير حسين علئ کيس پاٽينجر لاء نياپو ڏنو ته تون مون لاء چاچي جهڙي حيثيت رکين ٿو. اسان جو منشي جڏهن مير شھداد خان سان مليو ته هن کيس چيو ته هتان جلدي واپس وڃ. ڇو ته تنھنجي جان کي خطرو آھي ته عوام توتي مڇريو ويٺو آھي. تون هتان ڀڄي جان بچاء. 12.12.1849: خانڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ پاڻئ جي وڏي ٽينڪ هئي. اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ (جان جيڪب) اڄ خط لکي سرڪار کان انھئ ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء 500 روپين جي مالي مدد لاء لکيو ۽ مير علي مراد کي لکيو ته تون هن ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء پنهنجا ماڻھون ڏي. [جيڪب عوامي ڀلائئ وارن ڪمن ۾ ايڏي دلچسپي ورتي جو ماڻھن جون دليون جيتي ويو ۽ شهر جو نالو ئي جيڪب آباد رکيائون] 12.12.1857: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي منظوري ڏني ته ڀلي تعليم کاتي لاء ليٿوگرفڪ پريس خريد ڪري.[ياد رهي ته تعليم کاتي جي انچارج ميجر گولڊسمڊ اهڙي گذارش ڪمشنر کي ڪئي هئي. انھئ پريس مان"سنڌ سڌار" اخبار ڇپبي هئي. اها اخبار پوء ”سنڌ سڀا" تنظيم جي حوالي ڪئي وئي] 12.12.1896: ڪراچئ ۾ ”ٿياسافيڪل سوسائٽي" قائم ٿي. 12.12.1924: ممبئئ جو گورنر ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي آيو. عوامي نمائندن, ميونسپالٽئ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ھن کان آبپاشئ لاء پاڻي ۽ مسلمانن لاء نوڪرين جي گهر ڪئي. 12.12.1931: ڳوٺ ھاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جي شاخ کولي وئي ۽ محمد فضل سومري کي صدر, آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالقڏني سومري کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 12.12.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ لاء ٿيل چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. مسلم ليگ 34 سيٽون کٽيون, هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي. ڌانڌلي ڪري جي.ايم.سيد کي قاضي اڪبر کان هارايو ويو. [جي.ايم.سيد پوء ٽريبيونل جي فيصلي جي نتيجي سيٽ کٽي] *************** 12 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: ************** 12 ڊسمبر 1886ع فريڊم فائيٽر تاراچند گجرا جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1895ع فريڊم فائيٽر ۽ صحافي وشنو شرما (دادو/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1912ع شاعر حاجي علي بخش جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1922ع ليکڪ رام نولراء گيان ڀاڳچنداڻي (سکر/احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1923ع شاعر راز بلڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1928ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1929ع ليکڪ چوئٿرام گانڌي (دادو/احمدآباد) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1929ع لاڙڪاڻي جي صحافي غلام تقي جعفري جو جنم ٿيو. 12 ڊسمبر 1931ع شاعر سيد عبدالرحمان اظهر جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1948ع اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخاري محمد چوڌريجي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1948ع پٿوري جي صحافي لونگ خان مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1952ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مترجم ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءَالله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1962ع شاعر گوهر گُل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1971ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ بهزاد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 12 ڊسمبر 1048ع سائنس جي دنيا ۾ ابو سڏجندڙ ابو ريحان البيروني غزني ۾ وفات ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر قاضي مينو عبدالباقي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب لغاري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1914ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ راڳي ۽ سوشل ورڪر ڀاڳت روپچند ديهانت ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1942ع حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1955ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه گُل جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1957ع نوابشاهه سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر محمد عثمان شيخ جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1960ع حڪيم قاضي شمس الدين (نوشهروفيروز) جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1964ع بزرگ خواجه عبدالغفار پير مٺا سائين جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم شڪارپوري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1983ع صوفي الهه بخش سهڻا سائين جو انتقال ٿيو. 12 ڊسمبر 1985ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2000ع سياستدان بيگم شائسته اڪرام الله جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2007ع اداڪار الياس ڪاشميري جي وفات ٿي

Sindh in history today (11th December). By. Dr.Pathan & his Son Mumtaz

SINDH in history today (11th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {11th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in ChronRological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Desires and demands shape our approach, attitude and ideology. They make us 'common people' without any vision & wisdom. But, when our lives become the need of beauty & love and the source of human respect, peace & prosperity; we become an ideal & role-model] جا خواھش یا ڪا ئي ضرورت، سا سوچن لوچن جي صورت، سھٹي جا من جي آهي مورت، سا ئي ٿئي پورت,سرت سلام مان۔ ****** SINDH IN HISTORY TODAY (11th DECEMBER) ********* BIRTH DATES 1. Muhammad Amin Khoso (Mir Hayat Khan/Politician/ birth 11th December 1913), 2. Anwar Halai (Hala/Poet/ birth 11th December 1925), 3. Syed Abdullah Shah (Bajara/Ex - Chief Minister/ birth 11th December 1934), 4. Justice (r) Deedar Hussain Shah (Garhi Ghulam Hyder/Politician & Ex - Chief Justice of Sindh High Court/ birth 11th December 1939), 5. Sunita Narwani (Dar Jalang/Actress/ birth 11th December 1956), 6. Mazhar Ali Lashari (Masoo Jalbani/Journalist/ birth 11th December 1957), 7. Niaz Hussain 'Niaz' Memon (Hala/Poet/ birth 11th December 1959), 8. Dr. Imdad Hussain Sahito (Setharja/Scholar & Professor/ birth 11th December 1960). ****** DEATH DATES 1. Diwan Hukumatrai Adwani (Hyderabad/Social worker/ death 11th December 1926), 2. Muhammad Yaqoob 'Niaz' (Poet & Journalist/ death 11th December 1984), 3. Anmb Shedi (Malh/ death 11th December 1985) ***** EVENTS 1931: The District Jacobabad Jamiat -ul- Ulema demands ban on Hyder Bux Jatoi's book 'Faryad -i- Sindh'. The meeting is held with Moulana Nabi Bux Oodi and addressed by Moulana Abu Muhammad Abdullah and Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. 1947: 65,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. 1949: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan, while addressing public gathering at Mardan asks people to make the country more strong as no one can dare to think about harming it 1954: It is blackest day in the political history of Sindh. Politicians, those opposed the move to hand over Karachi to Central Govt. , are bent upon to hand over whole of Sindh ! The session of Sindh Legislative Assembly is held at Hyderabad and resolution favouring the plan to weld West Pakistan Province into a single unit is passed with 98 votes. Abdul Sattar Pirzado and Qazi Fazulullah remained absentee, whereas Ghulam Mustafa Bhurgri, Abdul Hameed Jatoi, Pir Illahi Bux and Shaikh Khurshaid Ahmad voted against One Unit. 1984: JI Chief Mian Tufail and Shora decide to support Gen.Zia in refrendum. 1988: Ghulam Ishaq Khan is elected as president. Got full support from PPP. * ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 11 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.12.1840: اڄ انگريز جاسوسن ڏکڻ سنڌ بابت هڪ رپورٽ لکي. هن وڏئ رپورٽ ۾ تمام گهڻا تفصيل ڏنا ويا آھن. اڄوڪي رپورٽ ۾ ميرن جي فوتگئ وقت رسمن تي روشني وڌي وئي آھي. 11.12.1931: ضلعي جيڪب آباد جي "جميعت العلماء" جي گڏجاڻي مولانا نبي بخش اودئ جي صدارت ۾ ٿي, جنھن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتئ ۽ مولانا ابو محمد عبدالله جوشيليون تقريرون ڪيو. هڪ ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته حيدربخش جتوئئ جي ڪتاب تي ”فرياد سنڌ" تي بندش مڙھي وڃي. 11.12.1949: اڄوڪئ تاريخ تي 65 هزار پناهگير پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا. 11.12.1954: سنڌ جي تاريخ جو اڄ ھڪ ڪارو ڏينھن هو. جن مسلمان سياستدانن سنڌي هندن سان وڙھي ناراض ڪري سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرايو ۽ ڪراچئ کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو, تن سنڌ کي ٿالهئ ۾ رکي مغربي پاڪستان جو حصو بڻائي "ون-يونٽ“ جو ڳٽ سنڌين جي ڳچين ۾ وڌو. ان سلسلي ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو, جنھن ۾ 98 ميمبرن "ون-يونٽ" جي حق ۾ ووٽ ڏنو. عبدالستار پيرزادو ۽ قاضي فضل الله غير حاضر رهيا, جڏهن ته غلام مصطفا ڀرڳڙئ, عبدالحميد جتوئئ, پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد (غير سنڌي) "ون-يونٽ" واري ٺھراء جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. 11.12.1984: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته آمر جنرل ضياء الحق سان غير مشروط سياسي سهڪار ڪيو ويندو ۽ رفرينڊم ۾ کيس ووٽ ڏبو. 11.12.1988: غلام اسحاق خان کي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. پيپلز پارٽئ هن کي مڪمل حمايت ملي. [پيپلز پارٽئ جي حمايت سان غلام اسحاق ۽ فاروق لغاري پاڪستان جا صدر ٿيا, ٻنھي پيپلز پارٽئ جون حڪومتون ڊسمس ڪيون] *************** ڏينهن 11 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 11 ڊسمبر 1913ع سياستدان محمد امين کوسي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1922ع باليووڊ جي ناليواري فلمي اداڪار دليپ ڪمار / محمد يوسف جي پشاور ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1934ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1939ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) ديدار حسين شاه جو جنم ٿيو. 11 ڊسمبر 1956ع اداڪاره سنيتا نارواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1957ع صحافي مظهر علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1959ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نياز حسين نياز ميمڻ جي پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1960ع پروفيسر ڊاڪٽر امداد سهتو جي سيٺارجا ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1986ع سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 11 ڊسمبر 1926ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1984ع شاعر ۽ صحافي محمد يعقوب نياز وفات ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1985ع ملهه ۽ ريسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پهلوان انب شيدئ جو انتقال ٿيو

Tuesday, 10 December 2024

Sindh in history today (10th December). By. Dr.Pathan & his Son Mumtaz

SINDH in history today (10th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan {10th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********* * SINDH (including Pakistan) {10th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! There is no need of understanding me, or my problems. You have find and know yourself. It will pave way for you to be, what you are and who am I. If you believe me, believe that you are love & beauty, vision & wisdom. You are the source of peace of every heart and soul] هو جيڪر پرین پسن پنھنجي، سرت سندرتا سندو جو سنسار، ھوند رکن اسان سان پنھنجي، محبت مروت قربت جو وھنوار،‏ پوء اصل نہ ٿئي ڪنهن سان ڪوئي ڪلور قهر انياء ۽ آزار، پوء لھن سور هر سرير سندا هوند هيڪاندا سو هزار هزار۔ ****** SINDH IN HISTORY TODAY (10th DECEMBER) ***** 10th December ****** BIRTH DATES 1. Ziauddin S. Bulbil (Mehar/Poet/ birth 10th December 1910), 2. Kalyan Advani (Hyderabad - Mumbai/Writer/ birth 10th December 1911), 3. Ghulam Muhammad 'Girami' (Mehar/Poet & Editor/ birth 10th December 1920), 4. Abdul Hameed Jatoi (Beto/Politician/ birth 10th December 1922), 5. Bulchand 'Asha' Durgapuri (T.M.Khan - Jaipur/Poet/ birth 10th December 1928 ), 6. Qamaruddin Siyal (Nasirabad/Folklore poet/ birth 10th December 1943), 7. Bansi Khubchandani (Sukkur - Mumbai/Writer/ birth 10th December 1943), 8. Ghulam Mustafa 'Ayaz' (Poet/ birth 10th December 1956), 9. Abdul Rehman Siyal (Ali Hajano/Story writer/ birth 10th December 1962), 10. Munir Ali Shah 'Makhmoor' (Sobdar Sargani/Poet/ birth 10th December 1962), 11. Rafiq Sanwal (Gozo/Poet/ birth 10th December 1971) ****** DEATH DATES Muhammad Talib Soomro (Tando Ali Sher/Poet/ death 10th December 1942), Syed Piral Shah 'Piral' (Poet/ death 10th December 1959) ****-* EVENTS 1836: On his arrival at Vikkur , Colonel Pottenger is received by the Governors of Thatto and Mugebin. Mirza Bakar represent Hyderabad Govt. Colonel Pottenger is asked that as per desire and instructions of Hyderabad Govt. he must keep secret the fact of his visit to Sindh. 1841: The financial control of Sibi is handed over to Kutche and its revenue has been reserved for Shah Suja. Also military stations are established at Sibi and Dhadhar. 1939: Moulana Obedullah Sindhi forms 'Jamina Narbda Sindh Sagar Party'. Moulana Muhammad Sidiq of Khada and so many Religious Scholars join this party. The party differs with the Congress and Muslim League in their program and policies. 1947:5, 00,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. The number of migrants before 28 August to 10 December is 34, 680, 000. 1966: Nawabzada Nasurullah, Sardar Shoukat Hayat and Malik Ghulam Jilani detained since February under DPR are released. 1971: Indian aircrafts drop four 1,000 Lbs bombs in Karachi. 1972: Section 144 is imposed in Lahore. A number of students are held. 1985: National Assembly passes Political Parties Amendment Bill of 1985 indemnifying certain martial law regulations and orders. 1992: Opposition parties reject Prime Minister Nawaz Sharif's invitation for APC. Sindhi Version: ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 10 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 10.12.1836: پاٽينجر اڄ وڪر پهتو ته ٺٽي ۽ مغلڀين جي گورنرن سندس استقبال ڪيو. ھنن پاٽينجر کي پارت ڪئي وئي ته اوهان جي اچڻ ۽ اسان جي اچي اوهان سان ملڻ واري ڳالھ کي مخفي رکجو جيئن ماڻھن کي ڪا خبر نه پئي. 10.12.1841: انگريز اڃان ملڪ جا مالڪ ڪونه ٿيا هئا. پر ڪم مالڪن وانگر ٿي ڪيائون. هنن اڄ "سبئ" جو مالي آمدني شاه شجاع لاء مخصوص ڪئي ۽ اتي فوجي چوڪي به بڻائي. 10.12.1939: مولانا عبيدالله سنڌئ سنڌ ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي" جوڙي. کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ ٻين هم خيال ديني عالمن سندس مدد ڪئي. مولانا سنڌئ جي وطن واپسئ کان اڳ سنڌ "مسلم ليگ" ۽ "ڪانگريس" جي ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. ان ڪري وطن جي آزادئ ۾ ملڪ کان ٻاهر جواني گذاري هن وڏي ڄمار ۽ وڏي تجربي واري مدبر ۽ مفڪر کي گهٽ ٻڌو ويو ۽ هن جي پارٽي فقط سندس چند دوستن ۽ معتقدن تائين محدود ٿي وئي. 10.12.1947: پاڪستان کي قائم ٿئي فقط چار مهينا مس گذريا. پر انڊيا مان پناهگيرن جا لشڪرن مٿان لشڪر اچڻ شروع ٿي ويا. جهڙوڪ هو پاڪستان قائم ٿيڻ جي انتظار مان هئا. اڄ سرڪار پڌرو ڪيو ته 28 آگسٽ کان اڄوڪئ تاريخ وچ ۾ 34680000 پناهگير پهتا هئا ۽ اڄ 5 لک ٻيا به پهچي ويا. 10.12.1966: ڪجھ وقت اڳ نوابزادي نصرالله ۽ ملڪ غلام جيلانئ کي ڊي.پي.آر تحت گرفتار ڪيو ويو هو. اڄ کين آزاد ڪيو ويو. 10.12.1972: ڀٽي حڪومت خلاف پنجاب ۾ وڳوڙ شروع ٿيا ته لاهور ۾ قلم 144 لڳايو ويو ۽ ڪيترن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. 10.12.1992: نواب شريف ملڪ جي وزير اعظم هئڻ واري حيثيت ۾ مخالف ڌر کي سڏ ڏنو ته اچو ته هڪ هنڌ ويهي پنھنجي اختلافن تي ڳالهيون ڪيون. پر مخالف ڌر اڄ سندس آڇ ٿڏي ڇڏي. *************** ڏينهن 10 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 10 ڊسمبر 1910ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر ضياء الدين ايس بلبل جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1911ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي(حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1913ع ليکڪ آسانند بجلاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1928ع ليکڪ آشا درگاپوري عرف ٻولچند تيرٿداس تارواڻي(ٽنڊو محمد خان / جئپور) جو جنم ٿيو. 10 ڊسمبر 1943ع نصيرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1943ع ليکڪ بنسي خوبچنداڻي(سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1954ع فلمي اداڪاره بابره شريف جي پيدائش ٿي. 10 ڊسمبر 1955ع جهونا ڳڙهه سان تعلق رکندڙ شاعر رميش ڪمار کلونا جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1956ع شاعر غلام مصطفى اياز جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع ليکڪ عبدالرحمان سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع شاعر منير شاهه مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1963ع اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جهانگير خان جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1971ع شاعر رفيق سانول جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: *************** 10 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد طالب سومرو جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1944ع شاعر مير غلام الله شاهواڻئ جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1959ع شاعر سيد پيرل شاهه پيرل جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1994ع سنڌي مرثيا نگار سيد ثابت علي شاهه ثالث جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2003ع عالم، اديب ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمئ جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2018ع دادوءَ سان تعلق رکندڙ ناميارو شاعر انور قمبراڻي وفات ڪري ويو

Sunday, 8 December 2024

Sindh in history today (9th December). By. Dr.Pathan & hos son Mumtaz

SINDH in history today (9th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan {9th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] **** SINDH (including Pakistan) {9th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ***** ***** Dr.Pathan wishes you Good Day. ‏[مفھوم : جب کوئی قوم زوال پذیر ہوتی ہے تو اس کے خوبصورت اور معتبر، بااختیار اور دانشمند لوگ سننے اور بولنے کی تکلیف گوارہ نہیں کر سکتے. امن، پیار، خوشحالی اور انسانی اقدار کو کتابی باتیں سمجھنے لگتے ہیں۔ ذاتی اور گروہی مفاد کو ہی زندگی کا مقصد بنا لیتے ہیں۔ ان کے دل و دماغ پر خوف اور نفرت طاری ہو جاتے ہیں۔ یے لوگ خود کو فرشتہ اور دوسروں کو وحشی اور گنہگار سمجھنے لگتے ہیں] ٻھڳڻ ٻڌن نہ ڪنهن جون ٻاڪارون، تنھان پوء ھو خان رھن سدا خاموش، رحم ۽ ڪرم ۽ قرب ۽ محبت بدران، سدا خوف انا نفرت منجھ مدھوش، وڃايائون هڪ ھوش ۽ ٻيو تہ جوش، سارن نہ قدرن نظرین سونھن سلام کي. *** BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (9th of December) **** BIRTHS: Hidayat Ali (Soonharo/Folklore Poet/1922), Shaikh Aziz (Hyderabad/Journalist/1939), Maya Sagar Oud (Naushero Feroz/Potess/1984). *** DEATHS: Mian Noor Muhammad Kalhoro (Ruler/1753), Moulvi Sahibdino Bhutto (Religious Scholar/1931), Sawami Atalram (Saint/1958), Allah Bachayo Samo (Writer/1958). *** EVENTS: 1850: Mari have been remained worried since one and half century. British Government of Sindh today arrested their six men on the plea that they were creating law & order situation and were involved in crimes. Individuals and tribes those gave tough time to British Government were termed and treated criminals and law breakers by British Government. 1916: Dr.J.Fitzgerald, who is known for translating ‘Rubayat Umar Khiyam’ into English delivers lecture on the topic of ‘You India; in the lecure program arranged by the D.J.Sindh Literary and Dramatic Society of Karachi. (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1937: A meeting of the Working Committee of the Democratic Coalition Party is held at the residency of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, at Karachi. It was decided to publish English Daily Newspaper from Karachi. (Source: The Daily Al-Waheed, Karachi). 1947: It is announced that 20 thousand Indian Muslim migrants have reached from Panipat, Kamal, Jullundur, Dasuya etc. (Newspapers). 1969: Mian Mumtaz Doultana criticizes 6-points of Shaikh Mujeeb, terms them high-risk for the country. It has been shared with readers that some of historians believe that 6-points were drafted by Altaf Gohar and it was West Pakistan that put such type of agenda in political culture of East Pakistan because, some of politicians wanted to get rid of East Pakistan. 1985: Seven South Asian leaders formally launch South Asian Association for Regional Cooperation know as SAARK. (Source: Newspapers). 1992: Thirty people are killed in Pakistan during demonstration against demolition of Babri Masjid (Source: Newspapers). 2006: G.M.Syed’s grand son, ex-Deputy Speaker of Sindh Assembly Syed Jalal Shah announces formation of a new political party to be known as ‘Sindh United Party’. This may be noted that ‘Sindh United Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto, Sir Haji Abdullah Haroon , G.M.Syed and others in 1936. Likewise ‘Sindh Peoples Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto in 1934 SINDH IN HISTORY TODAY (9 December) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers ** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 9 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. ****** ڪجھ واقعا ***** 9.12.1838: سنڌ ۾ فرنگين کي سفارتڪارئ جون سهولتون مليو ته "ريزيڊنٽ ان سنڌ" انھن ۾ وڏو عهدو هوندو هو ۽ اهو حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن دور ۾ انھئ عهدي تي پاٽينجر مقرر ٿيل هو. هن زماني ۾ خيرپوري ميرن سان سفارتڪاري ڪندڙ عملدار وري شڪارپور ۾ رهندو هو. هنن ڏينھن ۾ اليگزينڊر برنس انھئ عهدي تي هو. اڄ هو پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي اسان سان پئي ئي نه ٿي ۽ اهو تون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو هوندين. اسان هتي پنهنجي فوج لاء اٺ خريد ڪريون ٿا ته حيدرآبادي مير مسئلا پيدا ڪن ٿا. تو ته مهرباني ڪري مير نور محمد کان اٺن خريد ڪرڻ لاء پروانا ته وٺي ڏنا, پر انھن پروانن کي هتي جهڙوڪ ماڻھون مڃن ئي نه ٿا. هو لکي ٿو ته اسان جيڪا به خريداري ڪريون ٿا, اها به غير محفوظ آھي ۽ ڪن هنڌن تي ڦر لٽ جا واقعا به ٿيا آھن. انھئ صورتحال لاء حيدرآبادي ميرن تي ئي الزام هڻي سگهجي ٿو. هو خيرپوري ميرن کي اسان خلاف مڇرائن ٿا. مون خيرپوري ميرن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي سندن حڪمرانئ جي حدن اندر اسان سان اهڙو ويل ٿيندو ته ان جا ذميوار هو هوندا ۽ سندن خلاف گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي ويندي. 9.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو آھي ته مون اسٽينلئ کي معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪليو آھي. پڪ آھي ته مير چون چران ڪرڻ کان سواء معاهدي کي مڃي وٺندا. هنن طرفان ڏينھن وقت ڪو حملو ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوء ڀنگ پي نشي ۾ ڌت رهن ٿا. اڄوڪي ڏينھن تي نيپيئر خيرپوري ميرن کي به لکي ٿو ته اوهان جي تعبيداري اوهان کي انگريزن جي عنايتن حاصل ڪرڻ جو سبب ٿيندي. اسان اوهان جا دوست آھيون ۽ اوهان به دوست هجڻ جي عملي ثابتي ڏيو. 9.12.1850: سنڌ, خيرپور رياست کان سواء فرنگين جي ور چڙھي ته افراتفرئ جي انھئ ماحول ۾ جابلو قبيلن, جهڙوڪ مرين ۽ بگٽين جو مڪو مچي ويو. اهي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري واپس ڀڄي ويندا هئا يا سندن حڪومت هٿان پڪڙجي قيد ٿيڻو پوندو هو. اڄ مري قبيلي جي ڇهن ماڻھن کي سرڪار پڪڙي قيد ڪيو. [ياد رهي ته مري ۽ بگٽي قبيلي جي ڏوهاري ماڻھن کي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو ۽ اتي سندن ذھني تربيت ڪئي ويندي ۽ پوء انھن کي سنڌ جي سماج جو حصو بڻايو ويندو هو. ڪن صورتن ۾ انھن قبيلن وچ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي سندن طاقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي هئي] 9.12.1937: سنڌ اسيمبلئ ۾ قائم ڪيل "ڊيموڪريٽڪ ڪوئليشن پارٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ سنڌي مسلمانن لاء انگريزئ ۾ اخبار جاري ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. واه واه هر ڪنهن ڪئي, پر کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍڻ ڪنهن کان به ڪونه ٿيو. ان ڪري ڳالھ اڌوري رهجي وئي. ***** 9 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ***** جنم ڏينهن: ***** 9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچجي پيدائش ٿي. 9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي. 9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي. ***** وڇوڙو: ***** 9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيسجو انتقال ٿيو. 9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي. 9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو. SINDH in history today (10th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan {10th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] **** SINDH (including Pakistan) {10th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ***** ***** Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! There is no need of understanding me, or my problems. You have find and know yourself. It will pave way for you to be, what you are and who am I. If you believe me, believe that you are love &…