Friday, 1 July 2016

EVENTS FROM SINDH HISTORY (1nd July) By: Dr. Pathan



** 1836ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾
مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر پنهنجي سرڪار
 کي رپورٽ پيش ڪئي ته راجا رنجيت سنگهه سنڌ
 حڪومت کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته شڪارپور کي
 سندس حوالي ڪيو وڃي، جنهن تي مير حڪمران تمام
 گهڻو پريشان آهن، هنن پنهنجي پريشاني کان اسان کي
 آگاهه ڪيو آهي، ڪرنل پوٽينجر اهو به ٻڌايو ته سنڌ
 جا حڪمران اسان جي واپارين سان سهڪار به نه
 ڪري رهيا آهن، جڏهن ته حيدرآباد جي
 مير نصير خان ٽالپر ۽ ميرپورخاص جي مير علي مراد ٽالپر
 ۾ جهيڙو به هلي رهيو آهي. پوٽينجر چيو ته
راجا رنجيت سنگهه سان رابطو ڪري سنڌ جي
 حڪمرانن کي رليف ڏياري سگهون ٿا،
 ان لاءِ وڌيڪ حڪم جو انتظار ڪيو ويندو.
** 1839ع ۾ انگريزن جي سنڌ تي قبضي
 کان اٽڪل 4 سال اڳ ايسٽ انڊيا ڪمپني
 انگريز عملدار روز بيل کي لوئر سنڌ واري
علائقي ۾ وڃڻ جي هدايت ڪئي، کيس چيو وي
 ته هو لوئر سنڌ جي علائقن بابت معلومات گڏ ڪري
 ۽ اهو به ٻڌائي ته ٻيڙين لاءِ ڪهڙين جاين تي تيل
جا ڊيپو دستياب آهن، هن کي اهو به چيو ويو ته
 هو شڪارپور ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ ٽپال پهچائڻ لاءِ
 ڪنهن بلوچ کي پنهنجو نمائندو مقرر ڪري.
** 1853ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌي ٻولي جي
 نئين الفابيٽ ڇپرائي وئي، جيڪا مقامي ماڻهن تي
 مشتمل ڪاميٽي سان مشاورت کانپوءِ روينيو
 اسسٽنٽ ڇپرائي، سنڌي الف ب جي 29 اکرن
کي 52 تائين وڌايو ويو، ڪاميٽي ۾ شامل سنڌي
 ماڻهن ۾ نارائڻ جڳن ناٿ، مرزا صادق علي بيگ،
 ديوان پرڀداس رامچنداڻي، ديوان اڌارام مرچنداڻي،
 ديوان ننديرام شيواڻي، ميان محمد، قاضي غلام علي
 ٺٽوي ۽ ميان غلام حسين ٺٽوي شامل هئا. جن سنڌي
 جي نئين رسم الخط جي حوالي سان پنهنجون تجويزون پيش ڪيون هيون.
** 1928ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾
سنڌي مسلمان اڳواڻن جي اهم گڏجاڻي ٿي،
 جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌ کي بمبئي
پريزيڊنسي کان ڌار ڪرڻ لاءِ عوامي رابطا مهم
 هلائڻ خاطر ”سنڌ مسلم سياسي ڪانفرنس“ جي
نالي سان سڀني ضلعن ۾ پروگرام منعقد ڪرايا ويندا.


No comments:

Post a Comment