KNOW MY SINDH
Saturday, 13 December 2025
SINDH in history today (14th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH IN HISTORY TODAY (14th DECEMBER) 14th December . Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali
Dr. Pathan wishes you a Good Day.
[ I am doing my level best to please Allah, you my dear and myself, but all in vain. It is because of my limitations, mistakes and faults that I am not acceptable to you, even to my self.
My Dear! Help me. What is way out? How you will be pleased?]
نہ پاڻ نہ پرين نہ ئي خدا , پرتو ڪوئي ڪين
ٻھڳڻ ٻڌي ڪين ڪا هوء جا بره سندي بين,
اوڳڻ اهڙا جو اٿم پوء ملي ڪيئن تسڪين,
ان لاء دنيا دلبر دين, کسي سونهن سلام کان.
BIRTH DATES 1. Manohardas Kauoromal ( B haria/Writer/ birth 14th December 1879), 2. Haji Shahnawaz Pirzado (Kandyaro/Politician/ birth 14th December 1889), 3. Dr. Nabi Bux Khan Baloch (Scholar/ birth 14th December 1917), 4. Gobind Bhatia (Larkano - Mumbai/1928), 5. Parmanad Parwani (Hyderabad - Ulhasnagar/Singer/ birth 14th December 1938), 6. Jawaid Solangi (Larkano/Journalist/ birth 14th December 1968), 7. Qadir Ansari (Garhi Mori/Poet/ birth 14th December 1971), 8. Shabnam Silro (Ratodero/Poetess/ birth 14th December 1973). DEATH DATES 1. Mirza Mukhils Ali Alvi (Multan - Sindh/Journalist/ death 14th December 1877), 2. Ghulam Muhammad Shahwani (Writer death 14th December /1950), 3. 'Mastano' Muhammad Shah (Mari/Poet/ death 14th December 1984) EVENTS 1840: Ross Bell, Political Agent, Upper Sindh is asked by his Govt. to keep eye on activities and movement of Massan, an American Tourist on visit of Sindh 1849: Major Jacob, accepts the claim of Khan of Kelat over certain land. It is agreed that the boundary of Sindh territory had been defined by the extent to Indus water reaches in canals and that lands beyond the limit to which the Indus water never attains but which are watered solely by rain or by streams from Cutchee and are occasionally cultivated, belong to Kelat. 1918: Hyderabad District Congress Committee condemns and opposes nomination of a large proportion on city Municipality, because the nominated members in large number will control and influence the decisions of elected people at large and will be ruling by nomination. 1936: The public meeting is held at Hyderabad with Sir Shahnawaz Bhutto as its president. Sir Haji Abdullah Haroon, Syed Miram Muhammad Shah and Syed Hussain Bux Shah spoke on the occasion and threw light on the formation, scope and importance of Sindh United Party. Prior to the public meeting, the party leadership decided to invite applications for party tickets to contest election for Sindh Legislative Assembly. The party will contest on 30 seats, it was also declared. 1947: The Pakistan Constituent Assembly mourns demise of the Quaid -i- Azam. 1954: Official One Unit Conference starts. It is attended by central ministers, all Governors and Chief Ministers and Head of States. 1957: I.I.Chundrigar fails to form Government. The President, Iskandar Mirza asks Feroz Khan Noon to for Pakistan's 7th Government. SINDH IN HISTORY TODAY (14th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 14 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 14.12.1840: آمريڪي سياح مسٽر ميسن سنڌ ۾ سئر سفر لاء آيو ته انگريزن جون ننڊون حرام ٿي ويون. ڪمپني سرڪار اڄ اتر سنڌ جي پوليٽيڪل ايجنٽ راس بيل کي لکيو ته همراه جي چرپر ۽ سرگرمين تي ڪڙي نظر رکو, متان هي اسان جي دشمنن لاء جاسوسي ڪندو هجي. 14.12.1842: نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي لکي ٿو ته ظاهرئ طور ميرن اسان جي معاهدي کي قبول ڪيو آھي, پر منهنجئ معلومات مطابق هو اسان سان جنگ جوٽڻ لاء فوجي گڏ ڪري رهيا آھن. اسان سنڌوندي ٽپڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آھيون, هڪ طرف ٻيڙيون گهٽ آھن ۽ ٻئي طرف ندئ ۾ پاڻي گهٽ آھي. ان ڪري تڪليف ٿئي ٿي. منھنجي نيت آھي ته ڀنگ ڀاڙي ۽ سبزل ڪوٽ تي چڙھائي ڪريان ۽ اهو به گمان آھي ته ميرن طرفان مذاهمت به ٿئي. پر ان کان ڊجڻ اجايو آھي. مون وٽ ايتري فوج آھي جو هنن کي منھن ڏئي ويندي. لاهور جي اخبار ۾ سبزل ڪوٽ فتح ڪري بهاولپور جي مير ڏيڻ وارو اوهان جو بيان ڇپيو آھي. 14.12.1842: مير رستم خان ۽ خيرپور واري مير نصير خان نيپيئر کي الڳ الڳ خط لکيا. جن جو تت اهو آھي ته اسان فرنگين سان وڙھڻ لاء ڪا به تياري نه پيا ڪريون. اسان انگريزن جو خيرخواه دوست آھيون ۽ رهنداسين. 14.12.1849: قلات ۽ سنڌ جي سرحد بابت ٻنھي ملڪن وچ ۾ وڏي عرصي کان تنازعو رهيو. آخر ڪار اڄ طئي ڪيو ته جيسيتائين ۽ جيڪا زمين سنڌ ڪئنال جي پاڻئ تي آباد ٿئي ٿي, اهو علائقو سنڌ جو آھي ۽ جتي ان ويجهو علائقو باراني آبادي ڪري ٿو, سو قلات جو علائقو آھي. 14.12.1918: سنڌ جي ڪانگريس سرڪار جي انهئ ٺڳئ ۽ چال جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي ته ميونسپالٽين ۾ سرڪار وڏي تعداد ۾ پنهنجا ميمبر ٿاڦي مڪاني حڪومت تي پنهنجي هڪ هٽي قائم ڪري ٿي. ڇوته ٿاڦيل ميمبرن جو ڪن ميونسپالٽين جي چونڊيل ميمبرن کان به ٽپي وڃي ٿو. 14.12.1936: حيدرآباد ۾ سر شاهنواز ڀٽي جي صدارت ۾ عوامي ميڙاڪو ٿيو, جنهن ۾ سر حاجي عبدالله هارون, ميران محمد شاه ۽ حسين بخش شاه خطاب ڪيو. بعد ۾ گڏجاڻي ڪري "سنڌ يونائيٽيڊ" پاران سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جي چونڊن ۾ بيهڻ لاء اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏنيون ويون. 14.12.1954: ون-يونٽ بابت سرڪاري ڪانفرنس ٿي, جنھن ۾ صوبائي گورنرن, وڏن وزيرن, وفاقي وزيرن شرڪت ڪئي. 14.12.1957: آء.آء.چندريگر مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي نه سگهيو ته صدر اسڪندر مرزا اڄ فيروز خان نون کي حڪومت ٺاهڻ لاء. ھن ملڪ جي ستين حڪومت جوڙي ورتي. *************** 14 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: *************** 14 ڊسمبر 1879ع ليکڪ منوهرداس ڪوڙومل (ڀريا/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1889ع ڪنڊياري سان تعلق رکندڙ سياستدان شاهنواز پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1924ع باليووڊ جي مشهور اداڪار راجڪپور جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1928ع ليکڪ گوبند ڀاٽيا (لاڙڪاڻو/ ممبئي) جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1931ع اردو شاعر جون ايليا جي پيدائش ٿي. 14 ڊسمبر 1938ع اداڪار ۽ گلوڪار پرمانند پارواڻي (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1968ع صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1970ع صحافي ۽ ڪالم نگار امداد سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1971ع شاعر قدير انصاري (ڳاڙهي موري) جو جنم ڏينهن آهي. 14 ڊسمبر 1973ع شاعره شبنم سيلرو جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 14 ڊسمبر 1877ع صحافي مرزا مخلص علي علوي (ملتان / سنڌ) جي وفات ٿي. 14 ڊسمبر 1950ع نامياري نثر نويس، محقق، نقاد ۽ لطيف جي رسالي تي ڪم ڪندڙ غلام محمد شهواڻي جو انتقال ٿيو. 14 ڊسمبر 1984ع شاعر مستانو محمد شاهه انتقال ڪري ويو
Friday, 12 December 2025
SINDH in history today (13th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {13th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ The fire of hatred, discrimination and misue of force has caught and started buring every soul in our society. Dear! Come on! Save our souls. People, like me are waiting to witness light of your beauty, don't deprive them. You are beauty & love and vision & wisdom. Share it with kindness and without limitations. Be the cause and reason for peace, unity and understanding, please.]
ظلم ڏاڍ ۽ نفرت جي هئ جا ٻري باه سا جانب اچي وساء,
جي ترسن سندء سرت سونهن کي تن کي پيشاني پساء,
تون سچ صداقت محبت آھين مون کان منهن نہ لڪاء,
انا مسهپ متڀيد جا ڪروڌي ڪارا سڀ رنگ رانول مٽاء,
دنيا کي تون ٻڌاء, اهميت عظمت سک سڪون سلام جي ****** SINDH IN HISTORY TODAY (13th December) ******** BIRTH: 13th December 1. Dr. Ghulam Ali Sangi (Dodai/Scholar/ birth 13th December 1934), 2. Abdul Fatah 'Sharjil' (Kazi Ahmad/Artist & Poet/ birth 13th December 1938 ) 3. Muhammad Malook Abbasi (Muhammad Khan Kalhoro/Folklore Poet/ birth 13th december 1944), 4. Muhammad Hashim 'Hajan' (Poet/ birth 13th December 1946), 5. Ibn Laiq Soomro (Johi/ birth 13th December 1961), 6. Khadim Hussain Rind (Kambar/Writer/ birth 13th December 1963), 7. Jawaid Solangi (Naudero/Journalism). ***** DEATHS: 13th December 1. Mufti Makhdoom Abdullah Mahesar (Mitpur/Religious Scholar/ death 13th December 1749) 2. , 2. Seth Partabrai (Politician/ death 13th December 1965), 3. 3. Faqir Ali Gohar Shar (Mengho Faqir Shar/Saint Poet/ death 13th December 1989), 4. 4. Shams Soomro (Dadu/Ex - Secretary General Sindhi Adabi Sangat/ death 13th december 2003), 5. 5. Tajal Bewas (Sobhodero/Poet/ death 13th December 2008) ****** EVENTS: 13th December 1838: 'Native Chiefs will be held responsible with respect to our or peoples property plunders with crossing their territories.' Govt. of India asks Colonel Pottenger to inform Sindh rulers. 1939: Sindh rulers start underestimating themselves and their dignity. Aliens are invited to indulge in their matters. Ross Bell , Political Agent decides the dispute between Mir Ali Murad Khan and Mir Nasir Khan of Khairpur relating to the right of possession over five villages. 1931: Preaching Committee is constituted by JUI of Jacobabad consisting of Moulvi Nabi Bux Oodi, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Dur Muhammad and Moulvi Abdul Latif. The committee will preach teaching of Islam on every first Eriday in various villages of the district. 1934: Jageer cess is minimized from Rs. One to eight Annas for Nawab Ghaibi Khan Chandio. He is paying this cess to the District Local Board Larkano. 1947: Adoption of Urdu as official language is not acceptable to Bengalis. Language - riots erupts in many cities of the East Bengal (East Pakistan). So many are injured. 1951: Muhammad Ayub Khuhro refuses to tender resignation as Sindh Chief Minister. He was asked by the Sindh Governor. 1953: 'Muslim League was responsible and involved in air agitation against Ahmadis. 1971: Pakistan's Deputy Prime Minister & Foreign Minister Z.A.Bhutto demands U.N protection to preserve unity of Pakistan and stopping foreign intervention.
* ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 13 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 13.12.1838: ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر هٿان ميرن تي واضح ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ جتي به اسان جي ماڻھن ۽ مال کي نقصان پهتو ته ان لاء حڪمران ئي ذميوار هوندا [ياد رهي ته سنڌ جو عوام فرنگين جي نيتن کي پرکي چڪو هو, ان ڪري کين جتي موقعو ملندو هو ته ڌارين کي بيعزتو ڪري ڦريندا هئا] 13.12.1839: سنڌ جي حڪمرانن نفسياتي طور فرنگين کي معتبر ۽ منصف تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. خيرپور واري مير نصير ۽ مير علي مراد جو ڪن ڳوٺن جي مالڪئ بابت اختلاف ٿيو. اسان جي حاڪمن حڪمرانن فرنگي سفارتڪار کي گذارش ڪئي ته تون اهو فيصلو ڪر. 13.12.1840: حيدرآباد درٻار بابت اڄوڪي فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي مير صوبدار خان اسان کي درٻار ۾ وٺي ٿي ويو, پر ماڻھن جي اهڙي پيھ هئي جو اسان کي اتان واپس وٺي ويو ۽ دربار جي ٻئي ڪمري ۾ ويهاريائين. اتي به ماڻھون گهڻا هئا. سيد زين العابدين اتي اچي مليو ۽ ٻڌايائين ته مير هن ڪمري ۾ جلد اچي اوهان سان ملندا. ٿورئ دير بعد مير مير محمد, نصير خان, مير شھداد خان ۽ مير حسين علي آيا. اسان طرفان کين پٽڪن ۽ لونگين جو تحفو ڏنو ۽ ٻڌايوسين ته انگريز سرڪار سان ياري رکڻ ۽ معاهدي ڪرڻ تي اسان جي سرڪار اوهان اهو تحفو ڏنو آھي. [هئ هئي ته مختصر ڳالھ ۽ ٿورن لفظن ۾ بيان ڪري پئي سگهجي ته ميرن سان ملي کين پٽڪا ٻڌراياسين. پر جاسوس جيڪو ڏٺو ۽ محسوس ڪيو, اهو سمورو احوال نوٽ ڪيائين.] 13.12.1842: گورنر جنرل ايلبرو فيروزپور مان نيپيئر کي لکيو ته خوشي ٿي ته ميرپوري مير سان معاهدو ڪري ڇڏيئي. خيرپوري مير منھنجي خيال ۾ ان وقت تائين خاموش رهندا ۽ معاهدي ڪرڻ کان لنوائيندا, جيسيتائين کين حيدرآبادي ميرن جي عمل ۽ ردعمل جي خبر پئي. حيدرآبادي مير وڏي غور سان افغانستان جون حالتون جاچي رهيا آھن ته ڏسجي ته اٺ ڪهڙي پاسي ٿو ليٽي. هو ان کان پوء ئي معاهدي ڪرڻ بابت فيصلو ڪندا. توکي پنهنجئ فوج جي چرپر کي تيز ڪري, ميرن کي ذھني دٻاء ۾ رکڻ گهرجي. جيترو جلد سبزل ڪوٽ ۽ ڀنگ ڀاڙا بهاولپور جي نواب کي ڏينداسين, اوترو جلد اسان کي ميرن سان ڏاڍ مڙسئ سان معاهدي ڪرڻ ۾ مدد ملندي. 13.12.1842: اتر سنڌ بابت جاسوسي رپوٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته خيرپوري ميرن عنايت علي خان ۽ لالا سکنداس کي مٺياڻئ موڪليو هو ته جيئن ميجر آئوٽرام جي پهچڻ تي سندس آڌرڀاء ڪن پر مير محمد حسين کين ان ڪري واپس گهرائي ورتو ته انگريزن کي ايترو معتبر سمجهيو وڃي. خيرپوري ميرن حيدرآڀادي ميرن کي نياپو ڪيو ته انگريز روهڙئ تي قبضي ڪرڻ جي تيارئ ۾ آھن. خيرپور واري مير نصير جنگي تياري شروع ڪئي آھي ۽ هن جا ماڻھون چندو گڏ ڪري رهيا آھن. خيرپور ۾ انديشو ڏيکاريو پيو وڃي انگريز گهوٽڪئ طرف پيش قدمي ڪندا. ان لاء ميراڻي عورتن ۽ ٻارن کي راجستان واري رڻ طرف محفوظ ھنڌ پهچائجي. 13.12.1934: نواب غيبي خان جي جاگير ٽيڪس جو وڏو حصو لاڙڪاڻي جي ڊسٽرڪٽ بورڊ کي ملندو هو. سرڪار اڄ غيبي خان کان وصول ٿيندڙ جاگير ٽيڪس ۾ مجموعي تور تي گهٽتائي ڪئي. 13.12.1947: بنگالين اردوء کي قومي ٻولئ طور قبول ڪرڻ کان ٺڦ انڪار ڪيو ۽ نتيجي ۾ اوڀر پاڪستان ۾ وڳوڙ شروع ٿيا. 13.12.1953: اها خبر عام ٿي ته پنجاب ۾ قاديانين خلاف وڳوڙ ڪرائڻ ۾ مسلم ليگ جو هٿ هئو. پر جماعت اسلامي انھن جهيڙن ۾ نالو ڪمايو. 13.12.1971: پاڪستان جي ڊپٽي پرائيم منسٽر ۽ پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀٽي اڄ اقوام متحده کان مطالبو ڪيو ته پاڪستان جي استحڪام کي بچايو ۽ ٻاهرين مداخلت بند ڪرايو. *************** 13 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 13 ڊسمبر 1934ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي سانگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1936ع ليکڪ تلسي منگهاڻي جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1938ع ليکڪ ۽ مصور فتاح هاليپوٽي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1944ع سگهڙ محمد ملوڪ عباسيجو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1946ع شاعر محمد هاشم حاجن جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1961ع جوهي سان تعلق رکندڙ ليکڪ ابن لائق سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1963ع قنمبر سان تعلق رکندڙ ليکڪ خادم حسين رند جي پيدائش ٿي. 13 ڊسمبر 1968ع نئين ديري جي صحافي جاويد سولنگي جو جنم ڏينهن آهي. 13 ڊسمبر 1985ع شاعر شاهجهان سُميل جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 13 ڊسمبر 1749ع مذهبي اسڪالر مفتي عبدالله مهيسر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 1965ع سياستدان سيٺ پرتاب راء ديهانت ڪري ويو. 13 ڊسمبر 1989ع صوفي شاعر فقير علي گوهر شر جي وفات ٿي. 13 ڊسمبر 2003ع سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري جنرل شمس سومرو جو لاڏاڻو ٿيو. 13 ڊسمبر 2008ع ناليواري شاعر تاجل بيوس جي ڪراچي ۾ وفات ٿي
Thursday, 11 December 2025
SINDH in history today (12th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {12th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* *************
Good Day. [ It is very difficult to please and make believe beloved and heart. Both, know nothing except to give tough time. I can't change myself and dear can't get rid of ego, hatred and discrimination. Situation created by beloved and heart is terrible: love is looking forward for beauty and mind for peace]
نہ من ۽ نہ مان ٿياسين ڪو ماڻهو, ان لاء سرت ۽ سونهن بڻيا بيڪار, مڃائڻ محبن ۽ پاڻ کي دل لاء آزار, جت انا نفرت ۽ متڀيد جو وهنوار, ات ايندو ڏکيو بهار ڪو بره سندو
****** SINDH IN HISTORY TODAY (12th DECEMBER) ******* BIRTH DATES Tarachand Gajra (Shikarpur > India/Journalist & Freedom Fighter/ birth 12th December 1886), Vishno Sharma (Hyderabad > India/Journalist & Freedom Fighter/ birth 12th December 1895), Haji Ali Bux Jamali (Thoof Chosol/Poet/ birth 12th December 1912), Chabadas Khilnani (social Worker/ birth 12th December 1912), Ram Giyan (Chak > Ahmadabad/Poet/ birth 12th December 1922), Ram Raseela (Karachi > Mumbai/Poet & Singer/ birth 12th December 1922), Raz Bulrai (Goth Durwesh/Poet/ birth 12th December 1923), Ghulam Hyder Nizamani (Nizamani/ Latifi Singer/ birth 12th December 1928), Choithram Gandhi (warah > Ahmadabad/Writer/ birth 12th December 1929), Ghulam Taqi Jaffri “Raz” (Larkano/ Poet & Journalist/ birth 12th December 1929), Syed Abdul rehman “ Azhar” (Piyaro Goth/Poet/ birth 12th December 1931), Zarina Baloch ( Hyderabad/Singer/ birth 12th December 1937), Laung Khan Mangrio (Pithoro/Journalist/ birth 12th December 1948), Gohar “ Gul” Gorar (Walio Khoso (Poet/ birth 12th December 1962), Majeed Nawaz Mughul (Sukkur/Journalist/ birth 12th December 1966), Bahzad Sindhi (Dadu/Journalist/ birth 12th December 1971). Javed Mahar (Journalist/birth 12th December 1972). ***** DEATH DATES Muhammad Yaqoob Laghari (Religious Scholar/ death 12th December 1897), Bhagat Roopchand (Hyderabad/Singer & Social worker/ death 12th December 1914) ,Hakim faith Muhammad Sehwani ( Karachi/Religious Scholar, poet; Journalist & Freedom Fighter/ death 12th december 1942), Moulana Muhammad Usman Shaikh (Nawabshah/Religious Scholar & Freedom Fighter/ death 12th december 1957), Syed Gul Muhammad Shah: Gul” (Tando Ali Sher/Poet & Politician/ death 12th December 1955), Hakim Kazi Shamisuddin (Hyderabad/ Freedom Fighter/ death 12th December 1960), Khowaja Muhammad Abdul Ghaffar alies Pir Mitho (Larkano/Saint/ death 12th December 1964) , Kudanbai Wasvani (Larkano > Ajmir/Social worker/ death 12th December 1966), Jhandal faqir Korai (Hanseer/Saint/ death 12th December 1986), Moulvi Muhammad Ibrahim (Shikarpur/ Religious Scholar/ death 12th December 1967), Allah Bux alies Sunhnal Saeen (Khan wahan/saint/ death 12th December 1983), Moulvi Khair Muhammad Nizamani (Religious Scholar, Journalist & freedom Fighter/ death 12th December 1985). ****** EVENTS 1838: Col. Pottenger suggests his Govt. and Commander -in- Chief that Indus is most useful means of communication if steamers are used for military purpose. 1857: The Bombay Govt. accords permission to Sindh Govt. for purchase of Lithographic Press for use of Educational Department and establishment of newspaper in Sindhi. The credit goes to Major Goldsmid who was officer in charge of the Department. Education Department established 'Sindh Sudhar' newspaper in Sindhi and the same paper was handed over to the 'Sindh Sabha' NGO in 1884 and Sadhu Hiranand became its editor. 1896: The Theosophical Society is formed in Karachi. It influenced the Sindh politics and society for years. 1924: The Governor of Bombay is on two - day visit of Larkano. Larkana branch of Sindh Muhammadan Association, Larkana Municipality and Larkana District Board presented their Representation and request for supply of required water for irrigation, employement opportunities for Sindhi Muslims, advancement of education, etc. 1931: The branch of 'Sindh Azad Party' is opened at village Hashim Soomro and Muhammad Fazul Soomro , Akhund Abdul Karim and Khaliq Dino Soomro are elected President, Vice President and Secretary respectively. 1946: Results of the election for Sindh Assembly Legislative are announced. 34 seats go to Muslim League. One to an Independent and G.M.Syed is defeated by Qazi Muhammad Akbar. G.M.Syed later on challenged the result in Tribunal. ***********
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 12 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 12.12.1838: پاٽينجر اڄ پنهنجئ سرڪار کي لکيو ته جيتوڻيڪ مون وٽ 25 لک فرنگي روپيا آھن, هتان جو سڪو مٽاسٽا ۾ واپاري نه ٿا ڏين. ان ڪري خريد فروخت ڪرڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي. سنڌي واپارين ۽ دوڪاندارن جي ته اهڙي روش آھي ئي آھي, پر اسان جي سفارتخاني جي عملدارن ۽ ملازمن جي عزت ۽ جان به هر وقت خطري ۾ ھوندي آھي. ڇو ته سنڌ جو عوام ڌارين جو ازلي دشمن آھي. الله خير ڪندو ۽ مون پنهنجي ماڻھن کي انھئ خطري کان باخبر رکيو آھي. 12.12.1838: پاٽينجر ممبئي حڪومت کي لکيو ته اسان سنڌ ۾ سنڌوندئ ذريعي آگبوٽن تي پنهنجو خزانو, اسلحو وغيره ڏکڻ سنڌ کان اتر سنڌ طرف کڻي وينداسين. خشڪي رستو ڪم آڻڻ ۾ خطرو آھي [ته متان سنڌي عوام اسان کي لٽي ڦري] 12.12.1838: ڏکڻ سنڌ بابت فرنگين جي جاسوسئ وارئ رپورٽ ۾ لکيو ويو آھي ته فرنگين جي منشئ چوئٿرام پاٽينجر طرفان مير نصير خان ۽ مير حسين علي خان سان ملاقات ڪئي. مير حسين علئ کيس پاٽينجر لاء نياپو ڏنو ته تون مون لاء چاچي جهڙي حيثيت رکين ٿو. اسان جو منشي جڏهن مير شھداد خان سان مليو ته هن کيس چيو ته هتان جلدي واپس وڃ. ڇو ته تنھنجي جان کي خطرو آھي ته عوام توتي مڇريو ويٺو آھي. تون هتان ڀڄي جان بچاء. 12.12.1849: خانڳڙھ (جيڪب آباد) ۾ پاڻئ جي وڏي ٽينڪ هئي. اتر سنڌ جي پوليٽيڪل سپريڊنٽ (جان جيڪب) اڄ خط لکي سرڪار کان انھئ ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء 500 روپين جي مالي مدد لاء لکيو ۽ مير علي مراد کي لکيو ته تون هن ٽئنڪ تي ڪم ڪرڻ لاء پنهنجا ماڻھون ڏي. [جيڪب عوامي ڀلائئ وارن ڪمن ۾ ايڏي دلچسپي ورتي جو ماڻھن جون دليون جيتي ويو ۽ شهر جو نالو ئي جيڪب آباد رکيائون] 12.12.1857: ممبئي سرڪار اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي منظوري ڏني ته ڀلي تعليم کاتي لاء ليٿوگرفڪ پريس خريد ڪري.[ياد رهي ته تعليم کاتي جي انچارج ميجر گولڊسمڊ اهڙي گذارش ڪمشنر کي ڪئي هئي. انھئ پريس مان"سنڌ سڌار" اخبار ڇپبي هئي. اها اخبار پوء ”سنڌ سڀا" تنظيم جي حوالي ڪئي وئي] 12.12.1896: ڪراچئ ۾ ”ٿياسافيڪل سوسائٽي" قائم ٿي. 12.12.1924: ممبئئ جو گورنر ٻن ڏينھن جي دوري تي لاڙڪاڻي آيو. عوامي نمائندن, ميونسپالٽئ ۽ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ ھن کان آبپاشئ لاء پاڻي ۽ مسلمانن لاء نوڪرين جي گهر ڪئي. 12.12.1931: ڳوٺ ھاشم سومري ۾ ”سنڌ آزاد پارٽئ" جي شاخ کولي وئي ۽ محمد فضل سومري کي صدر, آخوند عبدالڪريم کي نائب صدر ۽ خالقڏني سومري کي سيڪريٽري چونڊيو ويو. 12.12.1946: سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ لاء ٿيل چونڊن جا نتيجا پڌرا ڪيا ويا. مسلم ليگ 34 سيٽون کٽيون, هڪ سيٽ آزاد اميدوار کٽي. ڌانڌلي ڪري جي.ايم.سيد کي قاضي اڪبر کان هارايو ويو. [جي.ايم.سيد پوء ٽريبيونل جي فيصلي جي نتيجي سيٽ کٽي] *************** 12 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: ************** 12 ڊسمبر 1886ع فريڊم فائيٽر تاراچند گجرا جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1895ع فريڊم فائيٽر ۽ صحافي وشنو شرما (دادو/انڊيا) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1912ع شاعر حاجي علي بخش جمالي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1922ع ليکڪ رام نولراء گيان ڀاڳچنداڻي (سکر/احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1923ع شاعر راز بلڙائي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1928ع لطيف جي راڳي غلام حيدر نظاماڻي جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1929ع ليکڪ چوئٿرام گانڌي (دادو/احمدآباد) جي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1929ع لاڙڪاڻي جي صحافي غلام تقي جعفري جو جنم ٿيو. 12 ڊسمبر 1931ع شاعر سيد عبدالرحمان اظهر جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1948ع اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان افتخاري محمد چوڌريجي پيدائش ٿي. 12 ڊسمبر 1948ع پٿوري جي صحافي لونگ خان مڱريو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1952ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ مترجم ۽ ليکڪ پروفيسر ڊاڪٽر عطاءَالله ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1962ع شاعر گوهر گُل ٻرڙو جو جنم ڏينهن آهي. 12 ڊسمبر 1971ع دادو سان تعلق رکندڙ ليکڪ بهزاد سنڌي جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: ************** 12 ڊسمبر 1048ع سائنس جي دنيا ۾ ابو سڏجندڙ ابو ريحان البيروني غزني ۾ وفات ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1884ع مذهبي اسڪالر قاضي مينو عبدالباقي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد يعقوب لغاري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1914ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ راڳي ۽ سوشل ورڪر ڀاڳت روپچند ديهانت ڪري ويو. 12 ڊسمبر 1942ع حڪيم فتح محمد سيوهاڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1955ع شاعر ۽ سياستدان سيد گُل محمد شاهه گُل جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1957ع نوابشاهه سان تعلق رکندڙ فريڊم فائيٽر محمد عثمان شيخ جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1960ع حڪيم قاضي شمس الدين (نوشهروفيروز) جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1964ع بزرگ خواجه عبدالغفار پير مٺا سائين جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد ابراهيم شڪارپوري جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 1983ع صوفي الهه بخش سهڻا سائين جو انتقال ٿيو. 12 ڊسمبر 1985ع مذهبي اسڪالر ۽ صحافي مولوي خير محمد نظاماڻي جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2000ع سياستدان بيگم شائسته اڪرام الله جي وفات ٿي. 12 ڊسمبر 2007ع اداڪار الياس ڪاشميري جي وفات ٿي
Wednesday, 10 December 2025
SINDH in history today (11th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
SINDH in history today (11th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
********** SINDH (including Pakistan) {11th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in ChronRological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [Desires and demands shape our approach, attitude and ideology. They make us 'common people' without any vision & wisdom. But, when our lives become the need of beauty & love and the source of human respect, peace & prosperity; we become an ideal & role-model]
جا خواھش یا ڪا ئي ضرورت،
سا سوچن لوچن جي صورت،
سھٹي جا من جي آهي مورت،
سا ئي ٿئي پورت,سرت سلام مان۔
****** SINDH IN HISTORY TODAY (11th DECEMBER) ********* BIRTH DATES 1. Muhammad Amin Khoso (Mir Hayat Khan/Politician/ birth 11th December 1913), 2. Anwar Halai (Hala/Poet/ birth 11th December 1925), 3. Syed Abdullah Shah (Bajara/Ex - Chief Minister/ birth 11th December 1934), 4. Justice (r) Deedar Hussain Shah (Garhi Ghulam Hyder/Politician & Ex - Chief Justice of Sindh High Court/ birth 11th December 1939), 5. Sunita Narwani (Dar Jalang/Actress/ birth 11th December 1956), 6. Mazhar Ali Lashari (Masoo Jalbani/Journalist/ birth 11th December 1957), 7. Niaz Hussain 'Niaz' Memon (Hala/Poet/ birth 11th December 1959), 8. Dr. Imdad Hussain Sahito (Setharja/Scholar & Professor/ birth 11th December 1960). ****** DEATH DATES 1. Diwan Hukumatrai Adwani (Hyderabad/Social worker/ death 11th December 1926), 2. Muhammad Yaqoob 'Niaz' (Poet & Journalist/ death 11th December 1984), 3. Anmb Shedi (Malh/ death 11th December 1985) ***** EVENTS 1931: The District Jacobabad Jamiat -ul- Ulema demands ban on Hyder Bux Jatoi's book 'Faryad -i- Sindh'. The meeting is held with Moulana Nabi Bux Oodi and addressed by Moulana Abu Muhammad Abdullah and Moulana Abdul Karim Chishti of Shikarpur. 1947: 65,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. 1949: Liaquat Ali Khan, Prime Minister of Pakistan, while addressing public gathering at Mardan asks people to make the country more strong as no one can dare to think about harming it 1954: It is blackest day in the political history of Sindh. Politicians, those opposed the move to hand over Karachi to Central Govt. , are bent upon to hand over whole of Sindh ! The session of Sindh Legislative Assembly is held at Hyderabad and resolution favouring the plan to weld West Pakistan Province into a single unit is passed with 98 votes. Abdul Sattar Pirzado and Qazi Fazulullah remained absentee, whereas Ghulam Mustafa Bhurgri, Abdul Hameed Jatoi, Pir Illahi Bux and Shaikh Khurshaid Ahmad voted against One Unit. 1984: JI Chief Mian Tufail and Shora decide to support Gen.Zia in refrendum. 1988: Ghulam Ishaq Khan is elected as president. Got full support from PPP. *
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 11 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 11.12.1840: اڄ انگريز جاسوسن ڏکڻ سنڌ بابت هڪ رپورٽ لکي. هن وڏئ رپورٽ ۾ تمام گهڻا تفصيل ڏنا ويا آھن. اڄوڪي رپورٽ ۾ ميرن جي فوتگئ وقت رسمن تي روشني وڌي وئي آھي. 11.12.1931: ضلعي جيڪب آباد جي "جميعت العلماء" جي گڏجاڻي مولانا نبي بخش اودئ جي صدارت ۾ ٿي, جنھن ۾ مولانا عبدالڪريم چشتئ ۽ مولانا ابو محمد عبدالله جوشيليون تقريرون ڪيو. هڪ ٺھراء پاس ڪري سرڪار کان مطالبو ڪيو ويو ته حيدربخش جتوئئ جي ڪتاب تي ”فرياد سنڌ" تي بندش مڙھي وڃي. 11.12.1949: اڄوڪئ تاريخ تي 65 هزار پناهگير پنهنجو وطن ڇڏي هتي پهتا. 11.12.1954: سنڌ جي تاريخ جو اڄ ھڪ ڪارو ڏينھن هو. جن مسلمان سياستدانن سنڌي هندن سان وڙھي ناراض ڪري سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرايو ۽ ڪراچئ کي پاڪستان جي وفاقي حڪومت حوالي ڪرڻ خلاف آواز اٿاريو, تن سنڌ کي ٿالهئ ۾ رکي مغربي پاڪستان جو حصو بڻائي "ون-يونٽ“ جو ڳٽ سنڌين جي ڳچين ۾ وڌو. ان سلسلي ۾ سنڌ ليجسليٽو اسيمبلئ جو اجلاس حيدرآباد ۾ ٿيو, جنھن ۾ 98 ميمبرن "ون-يونٽ" جي حق ۾ ووٽ ڏنو. عبدالستار پيرزادو ۽ قاضي فضل الله غير حاضر رهيا, جڏهن ته غلام مصطفا ڀرڳڙئ, عبدالحميد جتوئئ, پير الاهي بخش ۽ شيخ خورشيد احمد (غير سنڌي) "ون-يونٽ" واري ٺھراء جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو. 11.12.1984: جماعت اسلامئ فيصلو ڪيو ته آمر جنرل ضياء الحق سان غير مشروط سياسي سهڪار ڪيو ويندو ۽ رفرينڊم ۾ کيس ووٽ ڏبو. 11.12.1988: غلام اسحاق خان کي ملڪ جو صدر چونڊيو ويو. پيپلز پارٽئ هن کي مڪمل حمايت ملي. [پيپلز پارٽئ جي حمايت سان غلام اسحاق ۽ فاروق لغاري پاڪستان جا صدر ٿيا, ٻنھي پيپلز پارٽئ جون حڪومتون ڊسمس ڪيون] *************** ڏينهن 11 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: *************** 11 ڊسمبر 1913ع سياستدان محمد امين کوسي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1922ع باليووڊ جي ناليواري فلمي اداڪار دليپ ڪمار / محمد يوسف جي پشاور ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1934ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1939ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) ديدار حسين شاه جو جنم ٿيو. 11 ڊسمبر 1956ع اداڪاره سنيتا نارواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1957ع صحافي مظهر علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي. 11 ڊسمبر 1959ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نياز حسين نياز ميمڻ جي پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1960ع پروفيسر ڊاڪٽر امداد سهتو جي سيٺارجا ۾ پيدائش ٿي. 11 ڊسمبر 1986ع سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينهن آهي. *************** وڇوڙو: *************** 11 ڊسمبر 1926ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1984ع شاعر ۽ صحافي محمد يعقوب نياز وفات ڪري ويو. 11 ڊسمبر 1985ع ملهه ۽ ريسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پهلوان انب شيدئ جو انتقال ٿيو
Tuesday, 9 December 2025
SINDH in history today (10th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH in history today (10th December). Translator Mumtaz Ali Pathan & Author Dr.Pathan
{10th December} [Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] *********
* SINDH (including Pakistan) {10th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* *************
Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! There is no need of understanding me, or my problems. You have find and know yourself. It will pave way for you to be, what you are and who am I. If you believe me, believe that you are love & beauty, vision & wisdom. You are the source of peace of every heart and soul]
هو جيڪر پرین پسن پنھنجي، سرت سندرتا سندو جو سنسار،
ھوند رکن اسان سان پنھنجي، محبت مروت قربت جو وھنوار،
پوء اصل نہ ٿئي ڪنهن سان ڪوئي ڪلور قهر انياء ۽ آزار،
پوء لھن سور هر سرير سندا هوند هيڪاندا سو هزار هزار۔
****** SINDH IN HISTORY TODAY (10th DECEMBER) ***** 10th December ****** BIRTH DATES 1. Ziauddin S. Bulbil (Mehar/Poet/ birth 10th December 1910), 2. Kalyan Advani (Hyderabad - Mumbai/Writer/ birth 10th December 1911), 3. Ghulam Muhammad 'Girami' (Mehar/Poet & Editor/ birth 10th December 1920), 4. Abdul Hameed Jatoi (Beto/Politician/ birth 10th December 1922), 5. Bulchand 'Asha' Durgapuri (T.M.Khan - Jaipur/Poet/ birth 10th December 1928 ), 6. Qamaruddin Siyal (Nasirabad/Folklore poet/ birth 10th December 1943), 7. Bansi Khubchandani (Sukkur - Mumbai/Writer/ birth 10th December 1943), 8. Ghulam Mustafa 'Ayaz' (Poet/ birth 10th December 1956), 9. Abdul Rehman Siyal (Ali Hajano/Story writer/ birth 10th December 1962), 10. Munir Ali Shah 'Makhmoor' (Sobdar Sargani/Poet/ birth 10th December 1962), 11. Rafiq Sanwal (Gozo/Poet/ birth 10th December 1971) ****** DEATH DATES Muhammad Talib Soomro (Tando Ali Sher/Poet/ death 10th December 1942), Syed Piral Shah 'Piral' (Poet/ death 10th December 1959) ****-* EVENTS 1836: On his arrival at Vikkur , Colonel Pottenger is received by the Governors of Thatto and Mugebin. Mirza Bakar represent Hyderabad Govt. Colonel Pottenger is asked that as per desire and instructions of Hyderabad Govt. he must keep secret the fact of his visit to Sindh. 1841: The financial control of Sibi is handed over to Kutche and its revenue has been reserved for Shah Suja. Also military stations are established at Sibi and Dhadhar. 1939: Moulana Obedullah Sindhi forms 'Jamina Narbda Sindh Sagar Party'. Moulana Muhammad Sidiq of Khada and so many Religious Scholars join this party. The party differs with the Congress and Muslim League in their program and policies. 1947:5, 00,000 Indian Muslim migrants reach Pakistan. The number of migrants before 28 August to 10 December is 34, 680, 000. 1966: Nawabzada Nasurullah, Sardar Shoukat Hayat and Malik Ghulam Jilani detained since February under DPR are released. 1971: Indian aircrafts drop four 1,000 Lbs bombs in Karachi. 1972: Section 144 is imposed in Lahore. A number of students are held. 1985: National Assembly passes Political Parties Amendment Bill of 1985 indemnifying certain martial law regulations and orders. 1992: Opposition parties reject Prime Minister Nawaz Sharif's invitation for APC.
Sindhi Version:
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 10 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 10.12.1836: پاٽينجر اڄ وڪر پهتو ته ٺٽي ۽ مغلڀين جي گورنرن سندس استقبال ڪيو. ھنن پاٽينجر کي پارت ڪئي وئي ته اوهان جي اچڻ ۽ اسان جي اچي اوهان سان ملڻ واري ڳالھ کي مخفي رکجو جيئن ماڻھن کي ڪا خبر نه پئي. 10.12.1841: انگريز اڃان ملڪ جا مالڪ ڪونه ٿيا هئا. پر ڪم مالڪن وانگر ٿي ڪيائون. هنن اڄ "سبئ" جو مالي آمدني شاه شجاع لاء مخصوص ڪئي ۽ اتي فوجي چوڪي به بڻائي. 10.12.1939: مولانا عبيدالله سنڌئ سنڌ ۾ ”جمنا نربدا سنڌ ساگر پارٽي" جوڙي. کڏي واري مولانا محمد صادق ۽ ٻين هم خيال ديني عالمن سندس مدد ڪئي. مولانا سنڌئ جي وطن واپسئ کان اڳ سنڌ "مسلم ليگ" ۽ "ڪانگريس" جي ڪئمپن ۾ ورهائجي چڪي هئي. ان ڪري وطن جي آزادئ ۾ ملڪ کان ٻاهر جواني گذاري هن وڏي ڄمار ۽ وڏي تجربي واري مدبر ۽ مفڪر کي گهٽ ٻڌو ويو ۽ هن جي پارٽي فقط سندس چند دوستن ۽ معتقدن تائين محدود ٿي وئي. 10.12.1947: پاڪستان کي قائم ٿئي فقط چار مهينا مس گذريا. پر انڊيا مان پناهگيرن جا لشڪرن مٿان لشڪر اچڻ شروع ٿي ويا. جهڙوڪ هو پاڪستان قائم ٿيڻ جي انتظار مان هئا. اڄ سرڪار پڌرو ڪيو ته 28 آگسٽ کان اڄوڪئ تاريخ وچ ۾ 34680000 پناهگير پهتا هئا ۽ اڄ 5 لک ٻيا به پهچي ويا. 10.12.1966: ڪجھ وقت اڳ نوابزادي نصرالله ۽ ملڪ غلام جيلانئ کي ڊي.پي.آر تحت گرفتار ڪيو ويو هو. اڄ کين آزاد ڪيو ويو. 10.12.1972: ڀٽي حڪومت خلاف پنجاب ۾ وڳوڙ شروع ٿيا ته لاهور ۾ قلم 144 لڳايو ويو ۽ ڪيترن شاگردن کي گرفتار ڪيو ويو. 10.12.1992: نواب شريف ملڪ جي وزير اعظم هئڻ واري حيثيت ۾ مخالف ڌر کي سڏ ڏنو ته اچو ته هڪ هنڌ ويهي پنھنجي اختلافن تي ڳالهيون ڪيون. پر مخالف ڌر اڄ سندس آڇ ٿڏي ڇڏي. ***************
ڏينهن 10 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون ************** جنم ڏينهن: ************** 10 ڊسمبر 1910ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر ضياء الدين ايس بلبل جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1911ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي(حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1913ع ليکڪ آسانند بجلاڻي جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1928ع ليکڪ آشا درگاپوري عرف ٻولچند تيرٿداس تارواڻي(ٽنڊو محمد خان / جئپور) جو جنم ٿيو. 10 ڊسمبر 1943ع نصيرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1943ع ليکڪ بنسي خوبچنداڻي(سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1954ع فلمي اداڪاره بابره شريف جي پيدائش ٿي. 10 ڊسمبر 1955ع جهونا ڳڙهه سان تعلق رکندڙ شاعر رميش ڪمار کلونا جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1956ع شاعر غلام مصطفى اياز جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع ليکڪ عبدالرحمان سيال جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1962ع شاعر منير شاهه مخمور جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1963ع اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جهانگير خان جو جنم ڏينهن آهي. 10 ڊسمبر 1971ع شاعر رفيق سانول جو جنم ڏينهن آهي. ************** وڇوڙو: *************** 10 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد طالب سومرو جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1944ع شاعر مير غلام الله شاهواڻئ جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1959ع شاعر سيد پيرل شاهه پيرل جي وفات ٿي. 10 ڊسمبر 1994ع سنڌي مرثيا نگار سيد ثابت علي شاهه ثالث جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2003ع عالم، اديب ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمئ جو انتقال ٿيو. 10 ڊسمبر 2018ع دادوءَ سان تعلق رکندڙ ناميارو شاعر انور قمبراڻي وفات ڪري ويو
Monday, 8 December 2025
SINDH in history today (9th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner]
**********
SINDH (including Pakistan)
{9th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research
and Good Day Wish for YOU.
*************
*************
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[مفھوم : جب کوئی قوم زوال پذیر ہوتی ہے تو اس کے خوبصورت اور معتبر، بااختیار اور دانشمند لوگ سننے اور بولنے کی تکلیف گوارہ نہیں کر سکتے. امن، پیار، خوشحالی اور انسانی اقدار کو کتابی باتیں سمجھنے لگتے ہیں۔ ذاتی اور گروہی مفاد کو ہی زندگی کا مقصد بنا لیتے ہیں۔ ان کے دل و دماغ پر خوف اور نفرت طاری ہو جاتے ہیں۔ یے لوگ خود کو فرشتہ اور دوسروں کو وحشی اور گنہگار سمجھنے لگتے ہیں]
ٻھڳڻ ٻڌن نہ ڪنهن جون ٻاڪارون،
تنھان پوء ھو خان رھن سدا خاموش،
رحم ۽ ڪرم ۽ قرب ۽ محبت بدران،
سدا خوف انا نفرت منجھ مدھوش،
وڃايائون هڪ ھوش ۽ ٻيو تہ جوش،
سارن نہ قدرن نظرین سونھن سلام کي.
********
BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (9th of December)
*********
BIRTHS: Hidayat Ali (Soonharo/Folklore Poet/1922), Shaikh Aziz (Hyderabad/Journalist/1939), Maya Sagar Oud (Naushero Feroz/Potess/1984).
*********
DEATHS: Mian Noor Muhammad Kalhoro (Ruler/1753), Moulvi Sahibdino Bhutto (Religious Scholar/1931), Sawami Atalram (Saint/1958), Allah Bachayo Samo (Writer/1958).
*******
EVENTS:
1850: Mari have been remained worried since one and half century. British Government of Sindh today arrested their six men on the plea that they were creating law & order situation and were involved in crimes. Individuals and tribes those gave tough time to British Government were termed and treated criminals and law breakers by British Government.
1916: Dr.J.Fitzgerald, who is known for translating ‘Rubayat Umar Khiyam’ into English delivers lecture on the topic of ‘You India; in the lecure program arranged by the D.J.Sindh Literary and Dramatic Society of Karachi. (Source: The Daily Gazette, Karachi).
1937: A meeting of the Working Committee of the Democratic Coalition Party is held at the residency of Sir Ghulam Hussain Hidayatullah, at Karachi. It was decided to publish English Daily Newspaper from Karachi. (Source: The Daily Al-Waheed, Karachi).
1947: It is announced that 20 thousand Indian Muslim migrants have reached from Panipat, Kamal, Jullundur, Dasuya etc. (Newspapers).
1969: Mian Mumtaz Doultana criticizes 6-points of Shaikh Mujeeb, terms them high-risk for the country. It has been shared with readers that some of historians believe that 6-points were drafted by Altaf Gohar and it was West Pakistan that put such type of agenda in political culture of East Pakistan because, some of politicians wanted to get rid of East Pakistan.
1985: Seven South Asian leaders formally launch South Asian Association for Regional Cooperation know as SAARK. (Source: Newspapers).
1992: Thirty people are killed in Pakistan during demonstration against demolition of Babri Masjid (Source: Newspapers).
2006: G.M.Syed’s grand son, ex-Deputy Speaker of Sindh Assembly Syed Jalal Shah announces formation of a new political party to be known as ‘Sindh United Party’. This may be noted that ‘Sindh United Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto, Sir Haji Abdullah Haroon , G.M.Syed and others in 1936. Likewise ‘Sindh Peoples Party’ was formed by Sir Shahnawaz Bhutto in 1934
SINDH IN HISTORY TODAY (9 December)
Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation.
Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers
*****
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
9 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ.
***************
ڪجھ واقعا
***************
9.12.1838:
سنڌ ۾ فرنگين کي سفارتڪارئ جون سهولتون مليو ته "ريزيڊنٽ ان سنڌ" انھن ۾ وڏو عهدو هوندو هو ۽ اهو حيدرآباد ۾ رهندو هو. هن دور ۾ انھئ عهدي تي پاٽينجر مقرر ٿيل هو. هن زماني ۾ خيرپوري ميرن سان سفارتڪاري ڪندڙ عملدار وري شڪارپور ۾ رهندو هو. هنن ڏينھن ۾ اليگزينڊر برنس انھئ عهدي تي هو.
اڄ هو پاٽينجر کي لکي ٿو ته حيدرآبادي ميرن جي اسان سان پئي ئي نه ٿي ۽ اهو تون ڏسندو ۽ محسوس ڪندو هوندين. اسان هتي پنهنجي فوج لاء اٺ خريد ڪريون ٿا ته حيدرآبادي مير مسئلا پيدا ڪن ٿا. تو ته مهرباني ڪري مير نور محمد کان اٺن خريد ڪرڻ لاء پروانا ته وٺي ڏنا, پر انھن پروانن کي هتي جهڙوڪ ماڻھون مڃن ئي نه ٿا. هو لکي ٿو ته اسان جيڪا به خريداري ڪريون ٿا, اها به غير محفوظ آھي ۽ ڪن هنڌن تي ڦر لٽ جا واقعا به ٿيا آھن. انھئ صورتحال لاء حيدرآبادي ميرن تي ئي الزام هڻي سگهجي ٿو. هو خيرپوري ميرن کي اسان خلاف مڇرائن ٿا. مون خيرپوري ميرن کي ٻڌائي ڇڏيو آھي سندن حڪمرانئ جي حدن اندر اسان سان اهڙو ويل ٿيندو ته ان جا ذميوار هو هوندا ۽ سندن خلاف گورنر جنرل کي شڪايت ڪئي ويندي.
9.12.1842:
نيپيئر اڄ سکر مان پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي ٻڌايو آھي ته مون اسٽينلئ کي معاهدي تي ڳالهيون ڪرڻ لاء حيدرآباد موڪليو آھي. پڪ آھي ته مير چون چران ڪرڻ کان سواء معاهدي کي مڃي وٺندا. هنن طرفان ڏينھن وقت ڪو حملو ٿي نه ٿو سگهي ڇو ته ٽن ٽن ڪلاڪن کان پوء ڀنگ پي نشي ۾ ڌت رهن ٿا.
اڄوڪي ڏينھن تي نيپيئر خيرپوري ميرن کي به لکي ٿو ته اوهان جي تعبيداري اوهان کي انگريزن جي عنايتن حاصل ڪرڻ جو سبب ٿيندي. اسان اوهان جا دوست آھيون ۽ اوهان به دوست هجڻ جي عملي ثابتي ڏيو.
9.12.1850:
سنڌ, خيرپور رياست کان سواء فرنگين جي ور چڙھي ته افراتفرئ جي انھئ ماحول ۾ جابلو قبيلن, جهڙوڪ مرين ۽ بگٽين جو مڪو مچي ويو. اهي سنڌ ۾ ڦرلٽ ڪري واپس ڀڄي ويندا هئا يا سندن حڪومت هٿان پڪڙجي قيد ٿيڻو پوندو هو. اڄ مري قبيلي جي ڇهن ماڻھن کي سرڪار پڪڙي قيد ڪيو. [ياد رهي ته مري ۽ بگٽي قبيلي جي ڏوهاري ماڻھن کي ڪئمپن ۾ رکيو ويندو هو ۽ اتي سندن ذھني تربيت ڪئي ويندي ۽ پوء انھن کي سنڌ جي سماج جو حصو بڻايو ويندو هو. ڪن صورتن ۾ انھن قبيلن وچ ۾ قبائلي جهيڙا ڪرائي سندن طاقت ختم ڪرڻ جي ڪوشش به ڪئي ويندي هئي]
9.12.1937:
سنڌ اسيمبلئ ۾ قائم ڪيل "ڊيموڪريٽڪ ڪوئليشن پارٽئ" جي گڏجاڻئ ۾ سنڌي مسلمانن لاء انگريزئ ۾ اخبار جاري ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو ويو. واه واه هر ڪنهن ڪئي, پر کيسي مان ڏوڪڙ ڪڍڻ ڪنهن کان به ڪونه ٿيو. ان ڪري ڳالھ اڌوري رهجي وئي.
***************
9 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
***************
9 ڊسمبر 1922ع سگهڙ ۽ شاعر هدايت علي سونهارو جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1939ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عزيز جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع هندستان جي ناليواري سياستدان سونيا گانڌي جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1946ع باليووڊ اداڪار شتروگهن سنها جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1952ع جماعت اسلامي سان تعلق رکندڙ سياستدان لياقت بلوچجي پيدائش ٿي.
9 ڊسمبر 1970ع موري سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ الطاف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1974ع گلوڪار راحت فتح علي خان جو جنم ڏينهن آهي.
9 ڊسمبر 1988ع باليووڊ اداڪاره ديا مرزا جو جنم ڏينهن آهي.
**************
وڇوڙو:
**************
9 ڊسمبر 1753ع سنڌ جي اڳوڻي حڪمران ميان نور محمد ڪلهوڙو جي وفات ٿي.
9 ڊسمبر 1874ع اردو جي مرثياگو شاعر مير انيسجو انتقال ٿيو.
9 ڊسمبر 1931ع مذهبي اسڪالر مولانا صاحبڏنو ڀٽو جي وفات ٿي.
9 ڊسمبر 1958ع بزرگ سوامي اٽلرام جي ديهانت ٿي.
9 ڊسمبر 1958ع ليکڪ الهه بچايو سمون انتقال ڪري ويو.
Sunday, 7 December 2025
SINDH in history today (8th December). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali
Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan
[Dr.Pathan's unique work on Historical Reseach since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness and not to earn appreciation from any Corner] ********** SINDH (including Pakistan) {8th December}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Research and Good Day Wish for YOU. ************* ************* Dr.Pathan wishes you Good Day. [To what extent you are accepted? It is indicated by actions and reactions of people. Believing makes people bold to speak. Silence gives message of Big No. Hatred makes us hide, whereas, love & Beauty makes us bold to express and share accordingly]
جو دل سان مڃي سو زبان سان چئي،
عشق ۽ عقیدو اھو سڀ کي سیکاري،
جو اقرار ڪري سو ئي امرت پياري,
برہ بھادري سچ سونهن سان سنواري،
باقي زندہ لاش سو نہ ماري نہ جیاري
، اھو گھنگھر گھاري، سرت سلام سواء.
******* BIRTH & DEATH DATES AND EVENTS (8th of December) ******** BIRTHS: Dr.Chamandas Chhablani (Khairpur > Ajmir/Social worker/1916),Nadeem Ansari (Mori/Poet/1927), Ramchand Raheja (Shikarpur > Mumbai/Singer/1930), Gul Muhammad Kumbhar (Hyderabad/Folklore Poet/1940), Roshan Ali ‘Muftoon’ (Dadu/Poet/1948), Abdullah Shah ‘Azad’ (Sita village/Poet/1954), Muhammad Zaman Bajari (Bajara/Folklore Poet/1956), Hameeda Sattar Bhatti (Larkano > Karachi/Writer & Social worker/1957). ******** DEATHS: Khowaja Abdul Rahman Mujadidi (Takhur/Religious Scholar/1907), Menhal Faqir Mahar (Tayab/Poet/1958), Swami Preemdas Nathani (Saint/1968). ******* EVENTS: 1918: The Bombay Governor is retired and ‘Anjuman Islam Ahbab-i-Watan’ deems it fit to send wireless message to his Private Secretary offering thanks for his valuable services rendered in the interest of Sindh Muslims. Meeting is held at Sukkur with Abdul Hamid Khan in chair (Source: The Daily Gazette, Karachi). 1922: Kambar Khilafat Committee holds public meeting with Moulvi Abdul Waheed in chair and Government policy regarding Turkey and Khilafat issue is condemned at large. (Source: Newspapers). 1929: Daily ‘Hindu League Gazette’ newspaper is founded at Sukkur with Sitaldas Khatanmal as its editor. The paper was latter on published as Weekly. Sanwanmal and Aaratmal Punjabi remained its editors also. (Source: Hindu League Gazette, Sukkur). 1947: 34300 Indian Muslims migrants reach today (Source: Newspapers). 1948: It is feared that Prince Abdul Karim of Kelat is encourage Communists to revolt and bring change. He is arrested. (Source: Newspapers). 1964: Presidential candidate Ayub Khan justify his candidature that nation needs a strong man with military experience and not a lady to bring the country at par with advanced countries. He is facing Fatima Jinnah in the election. (Source: Newspapers). 1977: Supreme court of Pakistan rejects Bhutto’s appeal against Moulvi Mushtaq’s appointment as Acting Chief Justice & Chief Election Commissioner. (Source: Newspapers). 1988: On the eve of SAARK Conference, Prime Minister of Pakistan Benazir Bhutto and Rajiv Gandhi Prime Minister of India held talks and signed agreement on Cultural relations and safe guarding Nuclear installations of both countries. (Source: ‘Source-Material on Bhutto family’, compiled by Gul Hayat Institute SINDH IN HISTORY TODAY (8th December ) Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to Sindh History lovers *********** ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 8 ڊسمبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 8.12.1839: سنڌ جي صورتحال, سنڌ ۾ فوج رکڻ ۽ افغانستان تي چڙھائئ بابت ايسٽ انڊيا ڪمپنئ جي گورنر جنرل 1838 کان "منٽس" لکيا. اهي "منٽس" ايترا ته ٿيندا جو هڪ ڪتاب ٿي سگهن ٿا. انھن "منٽس" ۾ سنڌ جي تاريخ جو خزانو موجود آھي. اهي برطانيه جي “انڊيا آفيس لائبررئ" يا دهلي جي "نهرو آرڪائيوز" ۾ موجود ٿي سگهن ٿا. انھن مان ڪجھ يا ڪن "منٽس" جا اقتباس گل حيات ۾ موجود آھن. اڄ گورنر جنرل سنڌ ۾ پنهنجي فوج ڪٺي ڪرڻ بابت تفصيلي "منٽس" لکيا آھن. هو لکي ٿو ته ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ کان پوء انھئ قبضي کي قائم رکڻ لاء ٺٽي ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهبي ۽ بکر جي قلعي کي ڳالهين ذريعي پنهنجي ڪم ۾ آڻڻ لاء حاصل ڪيو ويندو. ڪجھ فوج سکر ۾ رکي ويندي 8.12.1840: فرنگين جي فوج جڏهن خشڪئ رستي سنڌ ۾ داخل ٿيڻ لڳي ته فرنگين کي ميرپور سرڪار سان ڳالهيون ڪرڻيون پيون ته جيئن فوج کي انھئ ملڪ مان لنگهڻ وقت ڪا روڪ ٽوڪ نه ٿئي. اڄ پاٽينجر پنهنجي گورنر جنرل کي هڪ تفصيلي خط لکيو ته مير شير محمد جو ڀاء مير شير محمد تي دٻاء رکي رهيو آھي ته انگريزن سان دوستي يا معاهدو نه ڪر. هو لکي ٿو ته مون سيٺ نائون مل هوتچند کي ميرپور موڪليو آھي. کيس ميرپور درٻار سڌي رسائي ڪانه ٿي پر سندس هڪ مائٽ ھن جي مدد ڪئي. اهو مير شير محمد جو دٻاري آھي ۽ کيس نائون مل سان ملڻ تي راضي ڪري ويو. ممبئئ کان ايندڙ فوج کي مون حڪم ڏنو آھي ته اها ان وقت تائين ميرپور جي حدن ۾ رهي, جيسيتائين گجرات کان ايندڙ فوج انھئ سان اچي ملي. ممبئئ فوج جو ميرپور ۾ ھجڻ جو اسان کي فائدو ملندو ۽ مير شير محمد ڊپ ۾ اسان سان ڳالهين ڪرڻ تي راضي ٿي ويندو. 8.12.1918: اسان جا وڏڙا سرڪار-پرستئ ۾ انوکا مثال قائم ڪندا هئا. ڪرسئ تي ويٺل کي ته رسائئ ۽ لاپو ڏئي راضي رکندا هئا, پر جيڪو ڪرسي ڇڏي ويندو هو ته ان جي به پچر ڪونه ڇڏيندا هئا. ممبئئ جو گورنر رٽائير ٿيو ته سکر جي "انجمن اسلام احباب وطن" طرفان گڏجاڻي ڪري سندس شان ۾ تعريف جا ڍڪ ڀريا ويا. [ياد رهي ته جڏهن لارڊ رپن وائسرائئ جي عهدي تان لٿو ته هن کي “شڪرگذارئ وارو مان پتر" ڏيڻ لاء ”سنڌ سڀا" فيصلو ڪيو هو ۽ ان فيصلي ڪري "سنڌ سڀا" ۾ اختلاف پيدا ٿيا هئا ۽ ان جي نتيجي ۾ اها پارٽي ٽٽي پئي] 8.12.1922: ڳوٺ خير محمد آريجا ۾ مقامي خلافت ڪميٽئ طرفان جلسو ٿيو, جنهن ۾ حڪومت طرفان عوام کي آزارڻ واري پاليسئ جي مذمت ڪئي وئي ۽ عوام کي تاڪيد ڪيو ويو مذھب ۽ سياست ۾ دلچسپي وٺو ۽ ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي خاص ڌيان ڏيو. [هي منهنجي ڳوٺ جو واقعو آھي. منهنجو ڏاڏو حاجي خدا بخش به مکيه خلافيتين مان هڪ هئو] 8.12.1947: سرڪار پڌرو ڪيو ته يارنھن هزار ۽ پنج سو پناهگير انڊيا ڇڏي اڄوڪي ڏينھن هتي پهتا. 8.12.1948: قلات ۾ شھزادي عبدالڪريم تي اهو الزام ڏئي گرفتار ڪيو ويو ته هو ڪميونسٽ انقلاب آڻڻ لاء ڪوششون ڪري رهيو هو. 8.12.1971: اقوام متحده جي جنرل اسيمبلئ ٺھراء پاس ڪري پاڪستان ۽ انڊيا کي جنگ بند ڪرڻ جي صلاح ڏني. 8.12.1977: ولي خان ۽ نئشنل عوامي پارٽئ جا قيدي اڳواڻ آزاد ڪيا ويا. اهي 34 مهينا حيدرآباد جيل ۾ رهيا ۽ مٿن ملڪ-دشمنئ جو ڪيس هليو. 8.12.1993: ملڪ جي وزير اعظم بينظير ڀٽو ۽ ايران جي صدر اڪبر هاشمي رفسنجاڻئ جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين ۾ فيصلو ٿيو ته ايران مان پاڪستان تائين گئس پهچائڻ لاء پائيپ لائين وڇائي ويندي, پاڪستان ۾ ايران آئل ريفائنري لڳائيندو ۽ زاهدان-ڪامران سيڪشن تي ريلوي لائين وڇائي ويندي. ***************
جنم ڏينهن: *************** 8 ڊسمبر 1916ع سماج سڌارڪ ڊاڪٽر چمن داس ڇاٻلاڻي (خيرپور / اجمير) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1927ع موري سان تعلق رکندڙ شاعر نديم انصاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1930ع گلوڪار رامچند راهيجا (شڪارپور/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1935ع باليووڊ جي مشهور فلمي اداڪار ڌرميندرجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1940ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ گل محمد ڪنڀر جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1944ع باليووڊ جي مشهور اداڪاره شرميلا ٽيگورجو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع سيتا ڳوٺ سان تعلق رکندڙ شاعر عبدالله شاهه آزاد جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1948ع شاعر روشن علي مفتون جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1959ع ليکڪا ۽ آرڪيلاجسٽ مستور فاطمه بخاري جو جنم ڏينهن آهي. 8 ڊسمبر 1954ع شاعر عبدالله شاهه آزاد جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1956ع سگهڙ محمد زمان باجاري جي پيدائش ٿي. 8 ڊسمبر 1957ع لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ سماجي ڪارڪن حميده ستار ڀٽي جو جنم ڏينهن آهي. ***************
وڇوڙو: *************** 8 ڊسمبر 1907ع ٽکڙ سان تعلق رکندڙ بزرگ خواجه عبدالرحمان مجددي جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1958ع شاعر مينهل فقير مهر (طيب) جي وفات ٿي. 8 ڊسمبر 1968ع سوامي پريمداس ناٿن ديهانت ڪري ويو. 8 ڊسمبر 2008ع ناليوارو ٽي وي اداڪار يعقوب زڪريادل جي دوري سبب گذاري ويو. 8 ڊسمبر 2014ع برک ڏاهو، ليکڪ، اديب، سياسي اڳواڻ ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي ديهانت ڪري ويو.
Subscribe to:
Comments (Atom)






