Thursday, 10 April 2025

Sindh in history today (11th April). By. Dr.Patha & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {11th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** SINDH IN HISTORY TODAY (11th APRIL) 11th April BIRTH DATES MumtazAwan (Shikarpur/Writer & Producer/ Born 11th April 1934), Fazul Ahmad Bachani (TandoAllahyar/Writer/ Born 11th April 1934), Arbab Sindhi (Warah/Political Activist/ Born 11th April 1947), KanayoSadhwani (Ahmadabad/Poet/ Born 11th April 1951), Asghar Ali Mangi (Dokri/Folklore poet/ Born 11th April 1960), Abdul MajeedMugheri (Writer/ Born 11th April 1960), GhazalaBachani (TandoAllahyar/Writer/ Born 11th April 1963), KausarHalai (Hala/Poet/1971), Nazeer Sarohi (Gambat/Poet/ Born 11th April 1986). DEATH DATES Syed Ali Muhammad Shah (Dairo/Saint/ Death 11th April 1869), Moulana Din Muhammad Buthvi (Religious Scholar & Freedom Fighter/ Death 11th April 1931), Abdul Sattar Jan ‘Pir’(Tukhar/Poet/ Death 11th April 1966). EVENTS 1838: Colonel Pottenger is asked by his Government to go to Sindh in company with the Resident in Sindh. Later on he became /was appointed Resident and played a vital role in political and diplomatical affairs. 1851: Sindh Commissioner moved case of the enlragement of Begari canal and it was approved by the Governor-General in September of the same year. 1923: Sindh Jamiat-ul-Ulemameets at Karachi. This three-day meeting was attended by MoulanaMoeenuddinAjmiri also. The meeting resolves that participating and launching freedom movement is a religious duty, hence every Muslim has to play his/her role for this noble cause. 1932: The Hyderabad Khilafat Committee elects its office-bearers and takes vital decisions regarding making the party more active. 1965: India embarkes on an era of missiles and rockets. It is disclosed by her Defence Minister. 1969: In a letter to the President of the Security Council, the Pakistan Government protests against Indian move to seize lands and properties of those Kashmiri Muslims who have moved to Azad Kashmir. 1973: National Assembly adopts the Constitution unanimously. Opposition ends boycott. Eight controversial Articles are amended. Three MNAs- two Punjabis and one Mohajier- namely, Mohammad Ali Kasoori, Ahmad RazaKasoori and Shah Ahmad Noorani do not vote. 1974: Pakistan will request China not to block Bangladesh entry into the United Nation . Minister of State tells press in Islamabad. 1977: PNA court arrest, take out procession and ask people not to pay tax to the Government. ڪمپني حڪومت اڄ پاٽينجر کي سنڌ موڪليو ته جيئن هو ميرن سان معاهدا ڪرڻ لاء ڳالهيون هلائي. پاٽينجر سنڌ ۾ انتهائي نازڪ دور ۾ پنهنجئ منافقت واري سفارتڪاري ڪئي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپنئ کي ڪراچئ تي قبضي ڪرڻ جي ترغيب ڏني. هن پنهنجي سفاتڪارئ واري دور ۾ سنڌ منجهان جيڪا به خط و ڪتابت ڪئي, ان کي ترتيب ڏئي, ڊاڪٽر پنهنجئ ويب سائيٽ تي رکيو آھي. 1851: سنڌ جي ڪمشنر بيگاري واه جي ڊيگھ وڌائڻ لاء ممبئئ جي صوبائي حڪومت سان لکپڙھ شروع ڪئي. سندس اها ڳالھ صوبائي حڪومت پسند ڪري هن کي گهربل اجازت سيپٽمبر مهيني ۾ ڏني. 1923: جمعت العلماء سنڌ“ جي ڪراچئ ۾ ٽه روزه گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ پارٽي امور تي فيصلن ڪرڻ کان علاوه متفق طور تي ٺھراه پاس ڪري وطن جي آزادئ کي مذھبي تعليم جي عين مطابق قرار ڏيندي سنڌي مسلمانن کي انهئ تحريڪ ۾ ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪرڻ تي زور ڏنو. 1932:حيدرآباد ضلعي جي خلافت ڪميٽئ جون ساليانيون چونڊون ٿيون. فيصلو ڪيو ويو ته پارٽئ کي وڌيڪ فعال ڪري, آزادئ جي تحريڪ کي عوام جي مقبول تحريڪ بڻائبو. 1965: انڊيا ميزائيل ۽ راڪيٽ ٺاهڻ جي شروعات ڪئي. 1969: پاڪستان سرڪار اقوم متحده جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي صدر جو توجھ ڇڪرائي تدارڪ ڪرڻ جي گذارش ڪئي ته انڊيا ڪشميرين جي جائداد تي قبضا ڪري رهي آھي. 1973: پاڪستان جي قومي اسيمبلئ متفق طور تي ملڪ جو آئين منظور ڪيو. ٽن ميمبرن: محمد علئ قصورئ, احمد رضا قصورئ ۽ مولانا شاه احمد ووٽنگ ۾ حصو نه وتو. 1974: پاڪستان سرڪار پڌرو ڪيو ته حڪومت چين کي چوندي ته اقوام متحده جي ميمبر ٿيڻ لاء بنگلاديش جي رستا روڪ نه ڪري. 1977: ڀٽي مخالف سياسي اتحاد جيل ڀريو تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو ته عوام کي تاڪيد ڪيو ته سرڪاري ٽيڪس ۽ بل نه ڀريو. 1995: الطاف حسين ۽ نواز شريف لنڊن ۾ ملاقات ڪري, پاڻ ۾ پڳ مٽ ياري رکڻ ۽ بينظير حڪومت جي پاڙ پٽڻ جو فيصلو ڪيو. 11 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 11 اپريل 1934ع پروڊيوسر ممتاز اعواڻ (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1934ع ناليواري ليکڪ، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار فضل احمد بچاڻي(ٽنڊو الهيار) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1944ع شاعر ڊاڪٽر عابد لغاري (تاجپور) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1947ع سياستدان ارباب کهاوڙ(وارهه) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1951ع شاعر ڪنيو سڌواڻي (احمد آباد) جيجنم جو ڏينهن آهي. 11 اپريل 1949ع بيوروڪريٽ اشفاق ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع سگهڙ اصغر منگي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1960ع شاعر عبدالمجيد مغيري جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1971ع شاعر ڪوثر هالائي جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1986ع شاعر نذير سروهي (گمبٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 11 اپريل 1990ع شاعر عجب شيخ جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 11 اپريل 1869ع بزرگ سيد علي محمد شاهه ديرائي جو لاڏاڻو ٿيو. 11 اپريل 1931ع فريڊم فائيٽر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد جي وفات ٿي. 11 اپريل 1966ع شاعر عبدالستار جان پير جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 1983ع مشهور گلوڪار احمد رشدي جو انتقال ٿيو. 11 اپريل 2004ع شاعر هري درياڻي دلگير (لاڙڪاڻو / آديپور) جي ديهانت ٿي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Human-being is neither Angel, nor Satan; but wonderful & beautiful creation with best qualities of sincerity & trust and love & beauty. Whoever claims of being only pious & wise, is dodging himself/herself and others. Because, provision of limitations & mistakes is also part of Human nature] هئ جو آھي آدمي ۽ ان جو مقام شان، سو نہ ڪي فرشتو نہ ڪي آھ شیطان. اهو ماٹھو اتم عظيم امر ٿئي عاليشان، جڏھن بٹجي ٿو ھو مثالي هڪ انسان، قبولج تون هن کي نہ ڪر وهم ۽ گمان ڪر زندگي آسان نہ ڪر اجايو ارمان،‏‎

No comments:

Post a Comment