Monday, 17 July 2023

Sindh in history today (18th July). English Portion by Mumtaz Pathan & Sindh Portion by Dr.Pathan

Dr.Dur Muhammad Pathan 3:04 AM SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {18th July} and Good Day Wish. ************** Dr.Pathan wishes you Good Day. [To avaid and to change face is not fair play and good dealing , but misguidance by motives and interests. Ego promotes hatred and discrimination. Whereas, everlasting human values teach us love & respect and sincerity & sacrifice. Love & beauty and peace & respect are needs of every soul & heart. Let us not to deprive anybody of it] منھن مٽڻ ڀڄي پاسو ڪرڻ اهو فن سکیئن ڪنھن کان؟ چپ رھڻ گھٹي بڇان ڪرڻ، مروت بدران متبید اگري انا، سڀ ڪا صورت آھي لائق ثنا، برابر سرت سونھن سلام جي. ************** SINDH IN HISTORY TODAY {18th JULY} EVENTS: 1914: Hindus are serious in reconstruction of their society by virtue of forming NGOs of their own. Today, ‘Shri Barhma Khastri Sahitya Mandli’ is established in Karachi. Seth Naraindas Variram Chapter, Dr.Narsidas Pitambardas Sodho; Jamnadas Vilabhdas Sadani; Rochiram Gangaram Sadani; Maniklal Maghomal Jethmilani and Pahlajrai Haromal are its founder members. This may kindly be noted that Rochiram Sadani was an outstanding writer and it was his initiate to form NGO of this type. (Source: Annual Report of the Mandli). 1926: All-India Cow Conference is held in Calcutta in which Government is urged to regulate salaughter og cattle by legislation. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1926). 1931: The Bengal Provincial Hindu Conference held at Burdwan under presidency of Mahraj Srish Chandra Nundy of Kasimabad passes the resolution on the issue of separation of Sindh from Bombay Presidency. The text of the resolution is :’ The question is utter disregard of determined opposition of the Hindus of Sindh who will have to bear a large proportion of the inevitable increased taxation in relation to their population, as compared with Moslems of Sindh’.(Source: The Daily Gazette, Karachi). 1932: Prof. J.S.Kriplani of Sindh and Director of the Gandhi Ashram is sentenced to six months’ imprisonment under Section 17 (A) of the Criminal Law Amendment Act. He will be placed in ‘A’ class. (Source: The Indian Annual Register, Vol-11,1932). 1935: The Daily Al-Wahid of Karachi in the course of its editorial criticizes G.M.Syed and other leaders for not taking interest in enrolment of peasants as qualified voters. The editorial blames that leaders of upper class formed HARI COMMITTEE a few years ago for protection of their own interests, where as they have nothing to do with welfare of working class. It is time to create vote-bank of this lower class, but our leaders are now avoiding and depriving lower class of their Right of vote. (Source: The Daily Al-Wahid, Karachi). 1936: Indian States Peoples’ Conference is held at Karachi and attitude of subjects of States was discussed and defined. (Source: The Indian Annual Register,Vol-11,1936) 1939: Sj. Subash Chandra Bose deploring the policy of Congress says that ‘ a wave of intolerance is now sweeping over higher ranks of Congress leadership. The slightest criticism of any action of their throws them into a rage and the whole machinery of propaganda in their hands is at once put in operation. In this way the ordinary Congressman is terrorized into silence’. (Source; The Indian Register, Vol-11,1939). 1947: First Special train reaches Karachi. It is beginning of the greatest migration of Indian Muslims to Sindh and wave continued after reaching of Biharis in 1972 and onward. (Source: Newspapers). 1948: By virtue of promulgation of an ordinance, clause 92 A is added in the interim Constitution of Pakistan that empowers Governor-General to dissolve any provincial government.(Source: Newspapers). This may kindly be noted that very drastic decisions are taken when Quaid-i-Azam is in Ziyarat and health is in serious condition. 1955: Government of Pakistan files a petition praying for special leave to appeal against the judgment of a Full Bench of Lahore High court in the habes corpus petitions filed on behalf of ex-Major General Akbar Khan and other Rawalpindi Conspiracy Case prisoners including Faiz Ahmad Faiz. (Source: Newspapers). 1993: Entire political setup in the Pakistan is changed. Assemblies are dissolved. President Ishaq and Prime Minister Nawaz quit their offices. World Bank Vice President Moeen Qureshi is sworn in as care taker Prime Minister. National Assembly polls will be on 6th of October and Provincial Assemblies polls are due on 9th October.(Source: ibid) EVENTS FROM SINDH HISTORY (18th July) By: Dr. Pathan ** 1914ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ شري برهما کاستري ساهتيا منڊلي جو قيام عمل ۾ آندو ويو، سيٺ نارائڻ داس وليرام، ڊاڪٽر نرسيداس پيتمبرداس سوڍو، جامنداس ولڀداس ساڌاڻي، روچيرام گهنگهارام ساڌاڻي، پهلاج راءِ هارومل ۽ مانڪ لال مگهومل ڄيٺملاڻي هن سماجي تنظيم جا باني ميمبر هئا، واضح رهي ته روچيرام ساڌاڻي پنهنجي دور جو وڏو ليکڪ هو، هن اهڙي قسم جي سماجي تنظيم قائم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. ** 1932ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ سان تعلق رکندڙ پروفيسر جي ايس ڪرپلاڻي، جيڪو گانڌي آشرم جو ڊائريڪٽر پڻ هو، کي ڪرمنل لا ترميمي ايڪٽ تحت 6 مهينا سخت پورهئي سان سزا ٻڌائي وئي. ** 1935ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي مان شايع ٿيندڙ اخبار الوحيد پنهنجن مسلسل لکيل ايڊيٽوريلز ۾ جي ايم سيد ۽ ٻين اڳواڻن طرفان هارين جا ووٽ داخل نه ڪرائڻ واري معاملي تي تنقيد ڪئي، اخبار لکيو ته انهن اپر ڪلاس جي اڳواڻن ڪجهه سال اڳ هاري ڪاميٽي صرف پنهنجن مفادن جي تحفظ لاءِ ٺاهي هئي، اهي هاري ۽ پورهيت طبقي جي ڀلائي نٿا چاهين، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته لوئر ڪلاس جي غريب ماڻهن جو ووٽ بينڪ ٺاهيو وڃي. ** 1947ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پهرين اسپيشل ٽرين هندستان مان پناهگيرن کي کڻي ڪراچي پهتي، اها هندستان مان سنڌ ڏانهن وڏي هجرت جي شروعات هئي، ان کانپوءِ وڏي تعداد ۾ ماڻهو سنڌ ۾ داخل ٿيا. ** 1948ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سرڪار هڪ آرڊيننس جاري ڪيو ته پاڪستان جو عبوري آئين گورنر جنرل کي اهي اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به صوبائي حڪومت کي برطرف ڪري سگهي ٿو، واضح رهي ته اهو آرڊيننس ان وقت جاري ٿيو جڏهن قائداعظم زيارت ۾ بيمار پيل هو ۽ هن جي طبيعت ڏاڍي خراب هئي. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت لاهور هاءِ ڪورٽ جي فل بئنچ جي ڏنل فيصلي خلاف نظرثاني درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي، لاهور هاءِ ڪورٽ راولپنڊي سازش ڪيس ۾ فيصلو ٻڌايو هو. ** 1993ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ملڪ جو سياسي سيٽ اپ تبديل ٿي ويو، اسيمبليون برطرف ڪيون ويون، صدر اسحاق خان ۽ وزيراعظم نواز شريف استعيفيٰ ڏئي ڇڏي، جنهن بعد عالمي بينڪ جي صدر معين قريشي کي گهرائي نگران وزيراعظم بڻايو ويو ۽ اعلان ڪيو ويو ته قومي اسيمبلي جون چونڊون 6 آڪٽوبر ۽ صوبائي اسيمبلين جون چونڊون 9 آڪٽوبر تي ڪرايون وينديون، نگران وزيراعظم معين قريشي عهدو سنڀاليندي ئي ملڪ ۾ نوان سڌارا آڻڻ جو اعلان ڪيو، هن وي آءِ پي پروٽوڪول کي واپس ڪندي عام ماڻهن وانگر بسن ۾ سفر ڪيو ۽ سڀني وزيرن کي به اها صلاح ڏني، هو وي آءِ پي ڪلچر جي خاتمي جو حامي هو پر هن جي ڪوششن باوجود وي آءِ پي ڪلچر ختم نه ٿيو. *********** اڄوڪي ڏينهن 18 جولاءِ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 18 جولاءِ 1911ع سياستدان آغا غلام نبي پٺاڻ(سلطان ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1927ع شهنشاهه غزل مهدي حسنجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1936ع سياسي اڳواڻ عبداللطيف ميمڻ (پير ڳوٺ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1945ع شاعر ۽ ليکڪ الهجڙيو شاد(جهڏو) جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1948ع گلوڪار نانڪ چاولا (الهاسنگر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1953ع شاعر برڪت بلوچ جو جنم ڏينهن آهي. 18 جولاءِ 1982ع باليووڊ اداڪاره پريانڪا چوپڙاجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 18 جولاءِ 1967ع مذهبي عالم مولانا محمد علي شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 18 جولاءِ 1885ع قائد عوام ذوالفقار علي ڀٽو جي فرزند شاهنواز ڀٽوکي فرانس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو. 18 جولاءِ 2007ع شاعر مشتاق ڀرڳڙي جو انتقال ٿيو. 18 جولاءِ 2012ع باليووڊ اداڪار راجيش کنا ديهانت ڪري ويو.

No comments:

Post a Comment