Saturday, 1 November 2025

SINDH in history today (2nd November). By. D.Pathan & his son Mumtaz

SINDH IN HISTORY TODAY (2nd November) EVENTS: Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. Sindh history has not been told by any Scholar in this way daily to History lovers۔ It is translated by his son Mumtaz ***** SINDH IN HISTORY TODAY (2nd NOVEMBER) 2nd November BIRTH DATES 1. Pir Turab Ali Shah (Kambar/Freedom Fighter/ birth 2nd November 1857), 2. Muhammad Ramzan 'Saqib'(Mured Lakhr/Poet/ birth 2nd November 1902), 3. Tirathdas Umedani (Nasir Laghari/Journalist/ birth 2nd November 1946), 4. Agha Rafiq (Shikarpur/Writer/ birth 2nd November 1949), 5. Arbab 'Bukhari'(K.N.Shah/Poet/ birth 2nd November 1962), 6. Ali Dost 'Ajiz' (Faridabad/Poet/ birth 2nd November 1964). DEATH DATES 1. Pir Ghulam Sarwar 'Sarwar' (Poet/ death 2nd November 1935), 2. Bhagat Kanwar (Singer/ death 2nd November 1939), 3. Gul Muhammad 'Ashk' Gulani (Diplo/Poet/ death 2nd November 1995). EVENTS 1936: Sir Gulam Hussain Hidayatullah and K.B.Khuhro, in their joint statement justify their differences with Sir Haji Abdullah Haroon and Sir Shahnawaz Bhutto and clarify the formation of the Sindh Muslim Political Party by them. 1947: Thirty - two thousand Indian Muslim migrants arrive. 1948: Pir Illahi Bux Colony is inaugurated by Governor - General Khowaja Nazimuddin. Mostly migrants will be provided shelter there. Pir was a politician who negotiated Terms & Conditions of handing over Karachi to the Centre. 1977: Election can be held next year, Bhutto has to face more corruption cases, says CMLA, Zia. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ 2 نومبر جي حوالي سان سنڌ جي ڪمال ۽ سنڌ سان پنهنجن پراون طرفان ٿيل زيادتن جي واقعاتي تاريخ. *************** ڪجھ واقعا *************** 2.11.1938: پاٽينجر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي لکيو ته ايران جي حالتن ۾ تبديلي آئي آھي ته ميرن جون نيتون ئي مٽجي ويون آھن. مير اسان کي ڇڏي ايران سان دوستي رکڻ جي ڌن ۾ لڳي ويا آھن. مان سندن هر پل بدلجندڙ روين مان تنگ اچي ويو آھيان. مون کي موڪل ڏيو ته ڀڄ موٽي وڃان. سنڌ جي حالتن کي قابوء ۾ رکڻ لاء منھنجي صلاح آھي اسان جيترو ممڪن ٿي سگهي, اوترو اڳ ڪراچئ تي قبضو ڪريون. 2.11.1838: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت لاڳاپيل عملدارن سان لکپڙھ شروع ڪئي ته رايو ڏيو ته جيئن ممبئئ کان سنڌ تائين آگبوٽ هلايا وڃن ۽ ان لاء ٺٽي ۾ ڊيپو کوليو وڃي. سرڪار خيرپور ۾ پنهنجي سفارتڪار کي هدايت ڪئي ته اسان جي سرڪار سنڌ ۾ پنهنجي فوج رکندي. ان جو خرچ خيرپوري ميرن کان نه وٺبو. سڄو بار حيدرآبادي ميرن تي هوندو. 2.11.1853: سنڌ ۾ اهو طئي ڪيو ويو ته جاگيردار سرڪاري ترقياتي ڪمن لاء پورهيت ڏيڻ جا پابند آھن. 2.11.1858: فرنگي سرڪار جاگيردارن کي جيڪي جاگيرون ڏنيون, انھن جا هنن قسم ۽ درجا مقرر ڪيا. جهڙوڪ "عام جاگير", "پٽيدار", "خيراتدار", "ملازمي" ۽ "مومل" جاگيرون. اهي وري ٽن درجن ۾ ورهايل هونديون. اڄ سنڌ ۾ جاگيرن جي کاتي جي اسسٽنٽ ڪمشنر "خيراتدار جاگيرن بابت رپورٽ ٺاهي ڪمشنر کي موڪلي ته خيراتي مقصدن لاء ڏنل جاگيرون ڪٿي ۽ ڪهڙيون آھن. 2.11.1936: سنڌ ممبئئ کان جدا ٿي ۽ صوبائي حيثيت ماڻي ته سنڌي مسلمانن سياسي صفبندي ڪندي سنڌ ۾ اختلافي سياست جو ٻج ڇٽيو. پهريون سر "سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي" ٺاهي وئي ۽ ان ۾ سر حاجي عبدالله هارون ليڊر ۽ سر شاهنواز ڀٽو ڊپٽي ليڊر ٿيا ته سر غلام حسين عهدي نه ملڻ تي اها پارٽي ڇڏي وڃي "مسلم پوليٽيڪل پارٽي" ٺاهي. اڄ ھن ۽ سندس سياسي ساٿئ محمد ايوب کهڙي, ڪانفرنس ڪري صفائي پيش ڪئي ته هنن پنھنجي الڳ هڪ سر جي سياسي مسيت ڇو ٺاهي. [دوست هئ ڳالھ نوٽ ڪن ته اڳتي هلي پنهنجي يا پرائي آشيرواڌ ڪري سر غلام حسين هدايت الله سنڌ جو وڏو وزير به ٿيو ۽ گورنر به ٿيو ۽ سندس سياسي ساٿي محمد ايوب کهڙو سنڌ جو وڏو وزير ٿيو. پر سنڌ جي صوبائي اسيمبلئ جي چونڊن ۾ سر حاجي عبدالله هارون ۽ سر شاهنواز ڀٽو چونڊون هارائي ويا. سر شاهنواز ڀٽو سنڌ ڇڏي ويو ۽ سر حاجي عبدالله پوء مسلم ليگ لاء ڪم ڪيو] 2.11.1947: سرڪار نامدار پڌرو ڪيو ته 32 هزار ڀارتي مسلمان پناهگير بڻجي اسان وٽ پهتا. 2.11.1948: تڏهوڪي گورنر جنرل خواجا ناظم الدين ڪراچئ ۾ پناهگيرن کي آباد ڪرڻ لاء ”پير الاهي بخش ڪالونئ" جو افتتاح ڪيو. 2.11.1977: "تڪڙ نه ڪيو. چونڊون ايندڙ سال به ٿي سگهن ٿيون. في الحال ڇڏيو ته ڀٽو ڪيسن کي ته منھن ڏئي"- ڀٽي جو تختو اونڌو ڪندڙ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جو بيان. *************** 2 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون *************** جنم ڏينهن: 2 نومبر 1857ع قنبر سان تعلق رکندڙ سياستدان ۽ مذهبي اسڪالر پير تراب علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1902ع شاعر ثاقب منگيجو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1936ع سنڌي فلمساز غلام حيدر صديقي جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1946ع صحافي تيرٿ داس اميداڻي جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1949ع شڪارپور سان تعلق رکندڙ ليکڪ آغا رفيقجو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1962ع خيرپور ناثن شاهه سان تعلق رکندڙ شاعر ارباب بخاري جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1964ع شاعر علي دوست عاجز (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي۔ 2 نومبر 1965ع باليوڊ جي مشهور اداڪار شاهه رخ خان جو جنم ڏينهن آهي۔ وڇوڙو: 2 نومبر 1935ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر پير غلام سرور سرور انتقال ڪري ويو۔ 2 نومبر 1995ع ڏيپلي سان تعلق رکندڙ شاعر گل محمد اشق گلاڻي جو انتقال ٿيو.

No comments:

Post a Comment