KNOW MY SINDH
Sunday, 18 January 2026
SINDH in history today (19th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
19 جنورئ جي هئ ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علئ پٺاڻ ڪيو. اسان جي هئ محنت ۽ منهنجي محبت قبول پئي}
19th January
SINDH (including Pakistan) in history today with Good Day Wish.
***************
1. Good Day Wish:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[ Life is not everlasting. It has to be followed by death. However, life can be made meaningful and death can be made purposeful.
If we have no Beauty & Love in life, let life be in Beauty & Love. It is better to surrender life before beloved, than to give chance to death to snatch it without cause. It is the only way to ensure Soul & Body peace and protection.]
ڪوه نہ گهورين هئ جان جانب مٿان,
جا هونئن بہ وڃڻي اڄ يا ڪي سڀاڻي,
بس بيسود هئ حياتي هوتن کان سواء,
اهو تان فقط محبت-وند ماڻھو ئي ڄاڻي,
سپنا سارا سوئي سانڀيان ۽ سچا ڪري,
سرت ۽ سندرتا جيڪو ساري ۽ سڃاڻي,
محبت مروت ۽ ماڻهو سو ئي سدا ماڻي,
سر ترئ تي آڻي,جو رکي ساڻ سلام سان.
***************
توجه طلب واقعا
***************
19.1.1832:
فرنگي نمائندو پاٽينجر جڏهن سنڌوندئ جي ڇوڙ وٽ پهتو ته ماڻھن ھن کي ڪٽڪو به ڪڍيو ۽ هن کان سامان به ڦري ورتو, ڇو ته هي وطن دوست ماڻھو نه پيا چاهين ته ڪنهن ڌاريئي غير جا پير ڌرتئ تي پون ۽ وطن ڦورن جي ور چڙھي وڃي. پاٽينجر ساڻس ٿيل جٺ جي دانھن ميرن جي مهندار کي ڏني.
19.1.1849:
ڊپٽي ڪليڪٽر ڪئپٽن اسٽئڪ ڊڪشنري ۽ گرامر لکيو, ان ڪم ۾ هڪ سنڌي پنڊت وڏي مدد ڪئي هئي. اڄ ڪئپٽن اسٽئڪ سنڌ سرڪار کي لکيو ته سندس ڪتابن جو ملھ به مقرر ڪيو وڃي ۽ پنڊت کي به ڪجھ ڏوڪڙ ڏنا وڃن.
19.1.1932:
ڪانگريس حڪومت خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ته سرڪار وڳوڙن کي منهن ڏيڻ لاء ”امرجنسي پاورس آرڊيننس 1932" جي سيڪشن 35 مطابق سنڌ جي ماجسٽريٽن کي اختيار ڏنا.
19.1.1955:
اڄ کان ڪراچئ ۽ لنڊن وچ ۾ ھوائي سفر جي شروعات ٿي ۽ پي.آء.اي جي پهرين پرواز لنڊن رواني ٿي.
19.1.1957:
انقره ۾ ايران, ترڪئ ۽ پاڪستان جي وزير اعظمن جي ملاقات ٿي ۽ گڏيل اتحاد قائم ڪرڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
19.1.1969:
ايوب-شاهئ مان جند ڇڏائڻ لاء مخالف ڌر جي شروع ڪيل تحريڪ جي سلسلي ۾ اڄ حڪومت کان مطالبا مڃڻ لاء ”دستخطي مهم" ھلائي وئي.
19.1.1972:
بيگم نصرت ڀٽو کي گهر ۾ نظربند ڪيو ويو ۽ بينظير کي هڪدم ڪراچي ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو.
19.1.1985:
حڪومت مخالف "ايم.آر.ڊئ" اڄ چونڊن ۾ حصي نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو.
19.1.1989:
پاڪستان ۾ پي. ايل.او مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو.
***************
جنم ڏينهن:
***************
19 جنوري 1924ع ناليواري ليکڪ تعليمدان ۽ شاعر ڊاڪٽر اياز قادري جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1936ع شاعر راحم صديقي (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1937ع سياستدان رسول بخش انڙ جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1939ع صحافي غلام رسول ميمڻ (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1951ع صحافي حڪيم رحمت الله (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1973ع شاعر انور منصور مڱريوجو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1988ع شاعر وفا غلام علي اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي.
19 جنوري 1990ع شاعر غلام مرتضى شيخ(سوڀوديرو) جو جنم ڏينهن آهي.
***************
وڇوڙو:
19 جنوري 1951ع مذهبي اسڪالر مولانا نبي بخش جي وفات ٿي.
19 جنوري 1996ع فلمي اداڪار سڌير جي وفات ٿي.
19 جنوري 2003ع اڳوڻي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي پهرين گهرواري شيرين امير بيگم ڀٽوجي وفات ٿي.
19 جنوري 2013ع گلوڪاره مهناز بيگم جي وفات ٿي.
2. Events from history :
***************
1832: On his arrival at the mouth of Indus, Colonel Pottenger is beaten and his baggage is snatched by Sindhi people. It was not an act of crime, but Sindhis were politically conscious and that that presence of an English man is high risk for the independence of Sindh. Colonel Pottenger lodges protest with ‘Mihandar’ of Talpurs.
1849: First ever Dictionary in Sindhi and Grammar is compiled by Captain Stack, Dy. Collector. He approaches the Government for fixing of the price for books and remuneration for Pandit , who helped him in this task.
1931: Round Table Conference ends in London.
1932: Under Section 35 of the Emergency Powers Ordinance, 1932 (2 of 1932) Magistrates in Sindh are invested with powers of Special Magistrates to combat Non – Co – Operation movement launched by the Congress.
1955: Karachi – London PIA service is inaugurated by the Prime Minister of Pakistan, M.A.Bogra.
1957: Matter of mutual interests are discussed by Premiers of Pakistan, Turkey and Iran in Ankra.
1969: A campaign to obtain signatures of the citizens in support of 8 – points program of DAC is launched in Karachi. Opposition is determined to get rid of Ayub – Shahi.
1972: The Council of Pakistan Newspapers Editors (CPNE) demands repeal of repressive press laws 1978: Begum Nusrat Bhutto is put under house – arrest and Benazir Bhutto is asked to leave Karachi.
1985: MRD decides to boycott general elections.
1989: PLO mission in Pakistan gets embassy status.
Saturday, 17 January 2026
SINDH in history today (18th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
18 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو سندس پٽ ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هن پوسٽ ۾ سنڌئ سان گڏ انگريزئ ۾ به ”واقعاتي تاريخ“ ڏني وئي آھي}
18th January
Sindh (including Pakistan) in history today & Good Day Wish.
***************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
تاريخ کي هنئين سان نه هنڊائڻ جو ڪارڻ اهو آھي ته اسان مان ڪيترا اهو چوندي فخر ٿا محسوس ڪن ته سندن وڏا عربستان کان يا افغانستان کان آيا, بخارا کان آيا يا ڀارت کان آيا. ڪي ذات پات ۾ سماٽ بدران پاڻ کي غير سماٽ سڏائڻ ۾ خوشي محسوس ڪندا. اسان جون سوچون ۽ رويا اهڙا هوندا ته سنڌ جي عظيم ۽ قديم ماضئ سان محبت ڪير ڪندو. انھئ سوچ نفسياتي طور تي سنڌ کي "دائمي يتيم خاني" بنائڻ ۽ قبول ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آھي. پوء اهي ڪهڙي منھن سان 1947 کان اڄ تائين اتر, اولھ ۽ اوڀر کان آڪهيون گهلي ايندڙن تي ميارون رکندا ته هو سنڌ جي شاندار ماضئ جا ڇو منڪر آھن ۽ سنڌي ٻولئ خواه ثقافت سان نفرت ڇو ٿا ڪن. پنهنجئ وڍئ جو ڪهڙو ويڄ طبيب. اسان پنهنجي سوچن ۽ روين سان پاڻ سان, سنڌ سان ۽ سنڌ جي ماضئ سان دشمني ڪئي آھي.
انھن سوچن ۽ روين کي مٽائڻ لاء اسان کي ماضئ سان محبت ڪرڻي پوندي.
مان ماضئ ۽ ماروئڙن جي ياري رکرائڻ لاء جتن ڪيان ٿو ۽ روز تاريخ مان ورق کڻي ٻڌايان ٿو ته صدين کان وٺي اسان جا حال ۽ افعال ڪونه مٽيا آھن. حڪمران شير شاه جي شڪرن جهڙا مليا آھن ۽ اسان سيس نمائڻ واري شخصيتون پرست مخلوق پئي رهيا آھيون.صدين جي غلامئ جي اها دز ڇنڊڻ لاء اسان کي صدين جي تاريخ پڙھڻي پوندي. تاريخ نه پڙھڻ, غلامئ جي وڏي نشاني آھي.
***************
18.1.1843:
آزاد سنڌ جي غلامئ ۾ باقي ٿورا ڏينھن پيا آھن. نيپيئر وڏئ فوج سميت افغانستان مان ته پادر کائي موٽيو, سنڌ ۾ ڏٺائين ته ميرن کي گهران لڳي پئي آھي. ان ڪري هن ميرن جي باهمي اختلافن ۽ پنهنجئ بدنيتئ مان فائدو وٺندي مير حڪمرانن تي پنهنجئ مرضئ جا ٺاه مڙھڻ شروع ڪيا. سندس ئي زيردست آئوٽرام هن سان ٺاه جي ڪن شقن تي اختلاف ڏيکاريو. اهي شقون هيون ته سنڌ ۾ سڪو جاري ڪبو,جنهن تي راڻئ جي تصوير هوندي. ٻي شق هئي ته مير ٺٽو فرنگين حوالي ڪندا.
18.1.1844:
ڦليلي واه تي حيدرآباد ۾ جيڪي پليون آھن, اهي ميرن جي دور ۾ ڪونه هونديون هيون. اڄوڪئ تاريخ تي سنڌ جي گورنر نيپيئر پنهنجئ سرڪار کي پل ٺاهڻ لاء مراسلو موڪليو. اتان منظوري آئي ته ڪم شروع ٿيو.
18.1.1912:
انگريزن جو زمانو ڌارين جو زمانو هو ۽ هن زماني ۾ سنڌ جي قيادت تعليمي ادارن کي پنهنجو سمجهيو ۽ تعليمي ادارن ۾ تنهن دور جون وڏيون شخصيتون اينديون هيون. اسان جي دور ۾ اها روايت گهٽجي وئي ته هاڻي ادارا الائي ڪٿي جو ڪٿي وڃي پهتا آھن.
اڄوڪي ڏينھن تي سر آغا خان سنڌ مدرسي جو دورو ڪيو ۽ اتي شاگردن خواه استادن کي خطاب ڪيائين.
18.1.1938:
سنڌ سرڪار پنهنجي حڪم نامي جي.آر. پوليٽيڪل ائنڊ مسيلنس ڊپارٽمينٽ نمبر (37) پي-5-52-S
ڊريعي سنڌ جي لوڪلبورڊن ۽ ٻين ادارن کي تاڪيد ڪيو ته سنڌ ۾ ملازمتون فقط سنڌين کي ڏنيون وڃن. ”سنڌئ“ جو مطلب ته 1). جيڪو سنڌي ڳالهائي, 2). سنڌ ۾ رهندڙ ھجي ۽ 3). سنڌ ۾ ڄائو هجي.
18.1.1969:
ڍاڪا يونيورسٽي ڪئمپس تي سرڪار شديد ٽيئر گيس شيلنگ ڪرائي. ان زماني جي اوڀر پاڪستان جمهوريت جي بحالئ کان وٺي ويندي آزادئ لاء بي مثال قربانيون ڏنيون. هنن پنهنجي يونيورسٽين کي بارود جا گدام نه بڻايو پر انھن مان سرڪار طرفان استعمال ڪيل بارود ۽ ٽيئر گيس جي دپ وڏي عرصي تائين وڌندي رهي.
18.1.1986:
ملڪي سطح تي سنڌين ڪڏهن موقعا مليا ته ڪڏهن ڳڙ چٽائي ڪاٺ سندن ڪلهن تي رکيو ويو. انھن ٻنھي سببن مان هڪ سبب هئو جو محمد خان جوڻيجو پاڪستان مسلم ليگ جو صدر بڻيو.
18.1.1989:
پنجاب جي وڏي وزير نواز شريف صوبي جي گورنر جنرل ٽڪا خان جا ڪن کڻايا ته تون پنھنجي پاڻئ کان نه نڪر ۽ صوبائي حڪومت جي ڪم ۾ ٽنگ نه اٽڪاء.
***************
{ڏينهن 18 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون}
[جنم ڏينهن:]
18 جنوري 1886ع سياستدان کيمچند امرت راءِ (حيدر آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1916ع اداڪار خوشي مولواڻي (سکر / هندستان) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1940ع سياستدان سيد امير علي شاهه ڄاموٽ جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1944ع ليکڪ عزيز جعفراڻي جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1948ع صحافي ديانند ڪرپلاڻي (گهوٽڪي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1949ع ليکڪ خليل مورياڻي (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1952ع اداڪار پرڪاش اڀيچنداڻي (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1952ع سياستدان مير غلام الله خان ٽالپر جو جنم ڏينهن آهي.
18 جنوري 1964ع ليکڪ الطاف باگراڻي جو جنم ڏينهن آهي.[وڇوڙو:]
18 جنوري 1881ع شاعر آخوند محمد قاسم هالائي جي وفات ٿي.
18 جنوري 1955ع اردو جي ناليواري افسانه نگار سعات حسن منٽوجي وفات ٿي.
18 جنوري 1960ع مذهبي اسڪالر مولانا الاهي بخش سومرو لاڏاڻو ڪري ويو.
18 جنوري 1961ع ليکڪ حڪيم محمد صادق راڻيپوري وفات ويو.
18 جنوري 2010ع ليکڪ ۽ محقق غلام رباني آگرو انتقال ڪري ويو.
18 جنوري 2011ع ليکڪ، اديب ۽ شاعر منٺار سولنگي انتقال ڪري ويو.
18 جنوري 2019ع ڊرامن جو ناميارو اداڪار گلاب چانڊيو وڇڙي ويو.
1.Good Day Wish:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Beauty without quality of accepting love, is a colourful flower without fragrance. Love without sincerity and sacrifice is fraud. Human-love & respect it is self-respect & love. To promote peace is better than to protect ego, hatred & discrimination]
سونھن تہ ھجي پر سا جي بره بغیر،
سھٹو گل جیئن پوء سرھاڻ سواء،
قرب ھجي پر قرباني جي ڪانھي،
محبت-وند ماٹھو پوء ڪين سڏاء,
پرین پاڻ جي بدران تون پیار پڏاء،
دنیا کي ٻڌاء، ساز سرت سلام سندو.
***************
2. Events from history (18th January):
18th January
1844: Sir Charles Napier, Sindh Governor sends three drawings of bridge to be constructed over the Fullei to the Governor – General of India and request for approval one of them and permission to start work.
1858: The Assistant Commissioner for Jageers recommends the case of Ali Akbar s/o late Ghulam Shah Laghari to give up 1/3 of the land of his Jageer in lieu of paying a fixed assessment of Rs.49 per cent mensem.
1924: New NGO ‘Arya Yovk Samaj’ is formed in Karachi and Biharilal Sahinji (President), Chamanlal (Vice President), Mohan Lal (Secretary), Bhagatram (Assistant Secretary), Puran Chand (Treasurer), Khairatiram (Library Incharge) and Karamchand (Auditor) are elected as its founder office – bearers. This NGO remained active for so many years.
1938: Sindh Government, vide its Directive No G.R.Political Department, asks Local Bodies and other organizations to appoint ‘Sindhis’ in their services. It also defines that Sindhi means a person born in Sindh and speaks Sindhi.
1965: ‘Pakistan does not want see differences between Indonesia and Malaysia. Will help solve dispute, if asked and desired for.’ Says Z.A.Bhutto, Foreign Minister.
1966: Pakistan to export rice to Soviet Union and import Road building and agricultural machinery. Agreement is signed between both countries.
1967: Advisory Committee to the USA President arrives in Pakistan to make a first - hand check on American Aid Program.
1972: ‘I am willing to step aside and prepared to do ant thing, if Pakistan can be kept one and united’, says Z.A.Bhutto, President of Pakistan.
1989: Punjab Chief Minister, Nawaz Sharif asks Punjab Governor Tikka Khan to desist from violating constitution.
1991: Pakistan Government expels the Press Counselor of Iraqi Embassy in Islamabad for recruiting mercenaries.
Friday, 16 January 2026
SINDH in history today (17th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
سنڌ-دوست سپورنج ساٿيو! 17 جنورئ تي دعا سلام سان گڏ ”واقعاتي تاريخ“ پيش ڪجي ٿي. اها مون لکي ۽ ان جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو آھي. شروعات ۾ سنڌئ لکت آھي ۽ ان بعد انگريزئ ۾ به ڏني وئي آھي ته جيئن سنڌي نه ڄاڻندڙ به سڳورئ سنڌ جي تاريخ پڙھي سگهن. اوهان پاڻ به پڙھو ۽ پنهنجئ سنگت ۾ به ونڊيو. ايئن تاريخ جي پرچار واري تحريڪ جو حصو بڻجو.
*****
17th January
SINDH (including Pakistan) in history today & Good Day Wish:
17.1.1887:
ممبئي پريزيڊنسي جي گورنر لارڊ ري اڄ ڪراچئ ۾ ”سنڌ آرٽس ڪاليج" (ڊي.جي. ڪاليج) کلڻ جو افتتاح ڪيو. هي ڪاليج ٺٽئي ڪمپائونڊ ۾ هڪ مسواڙي جاء ۾ قائم ڪيو ويو آھي. پهرين ڏينھن تي 28 شاگر ڪاليج ۾ داخل ٿيا.
17.1.1912:
سر آغا خان ڪراچئ ۾ ”سنڌ مدرسي" جو دورو ڪيو, ۽ ان موقعي تي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪيو.
17.1.1920:
سنڌ صوبي جي ڪانگريس ڪميٽئ جليانوالا باغ ۾ ماڻھن تي سڌيون گوليون هلائڻ جي مذمت ڪئي متآثرين لاء هڪ فند قائم ڪيو.
17.1.1942:
محراب پور جي پير ۽ وڏيري پير سيد حسن شاه جي صدارت ۾ قمبر ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ جي.ايم.سيد, ايوب کهڙو, قاضي فضل الله, آغا نظر علي, مولوي محمد اسماعيل, مولوي غلام رسول ميهڙ واري, بٺئ جي مولوي محمد ابراهيم, مولوي عبدالڪريم ميڻائي, محبوب تئيئ جي مولوي محمد دائود, بڪاپور جي حڪيم سيد علي محمد شاه, اهيرئ جي مولوي محمد خان, ٿرڙي محبت جي مولوي سيد تاج محمد شاه, درگاه نورنگ شاه جي سيد ڇٽل شاه, مولوي عبدالڪريم بروهئ, وڏيري علي حسن هڪڙي, حڪيم عبدالرشيد, رئيس مٺل خان لاکي, رئيس حاجي در محمد, رئيس محمد يعقوب, مولوي محمد عظيم شيدا, غلام محمد اسراڻ ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ شرڪت ڪئي ۽ پاڪستان جي حق ۾ تقريرون ڪيون.
17.1.1978:
نئين سياسي منظر جي روشنئ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ لاء ارباب سڪندر اڄ جي. ايم.سيد سان مليو ۽ رحيم بخش سومري وري مولانا مودودئ سان ملاقات ڪئي.
***************
اڄوڪي ڏينهن 17 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
17 جنوري 1889ع شاعر عيسو فقير جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1904ع جيئي سنڌ تحريڪ جي باني ۽ سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ جي ايم سيد جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1906ع شاعر حادن فقير جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1925ع پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي پهرين ڪپتان عبدالحفيظ ڪاردارجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1921ع سياستدان اصغر خانجي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 جنوري 1930ع شاعر ارجن حاسي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1936ع شاعر محمد خان مسرور سيال جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1937ع اسٽيج اداڪار ۽ ليکڪ لڪشمڻ ڀنمڀاڻي (نوابشاهه/جئپور) جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1942ع باڪسنگ جي عظيم رانديگر محمد علي ڪليجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1945ع اردو هندي فلمن جي شاعر جاويد اخترجو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1950ع شاعر ڪامل سولنگي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1977ع صحافي جاويد شيخ سنڌي جو جنم ڏينهن آهي.
17 جنوري 1979ع ليکڪ، شاعر ۽ ڪمپيئر ياسر قاضي جو رتيديري ۾ جنم ٿيو.
وڇوڙو:
17 جنوري 1918ع مذهبي اسڪالر مولانا محمد هالائي جي وفات ٿي.
17 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ سياستدان سيد غلام قادر لڪياري جي وفات ٿي.
17 جنوري 1943ع سماج سڌارڪ راء بهادر اوڌو داس تارا چند ڇاٻڙيا(شڪارپور) جي ديهانت ٿي.
17 جنوري 1967ع تعليمدان عبدالحسين شاهه موسوي جي وفات ٿي.
17 جنوري 1975ع پاڪستان جي مشهور مصور عبدالرحمان چغتائي جي وفات ٿي۔
17 جنوري 1980ع مذهبي اسڪالر فقير محمد پٺاڻ لاڏاڻو ڪري ويو.
17 جنوري 1986ع سياستدان فاضل راهوکي شهيد ڪيو ويو.
17 جنوري 1989ع مذهبي اسڪالر مولوي امير بخش گولو وفات ڪري ويو.
17 جنوري 2009ع لوڪ راڳي محمد قاسم اوٺو جي وفات ٿي.
17 جنوري 2014ع نامياري صحافي، ليکڪ، پبلشر ۽ سماج سڌارڪ استاد غلام رسول ميمڻ جو آغا خان اسپتال ڪراچي ۾ انتقال ٿيو.
1. Good Day Wish:
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty.
Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please]
تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء،
نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء،
تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء,
پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟
2. Events from history (17th January):
1887: The Governor of Bombay Presidency, Lord Reay performs the opening ceremony of the Sindh Arts College (D.J.Sindh). The College is opened with 28 students on the roll. The college is housed in a small building at the site known as Thattat Compound.
1912: His Highness Sir Agha Khan visits Sindh Madressah and addresses the faculty and students.
1920: The Sindh Provincial Congress Committee deplores the tragedy of Jallianwala Bagh and decides to raise fund for to help affected families in Punjab.
1942: Pakistan Conference is held at Kambar. It is presided over by Pir Syed Hassan Bux Shah, landlord of Mirabpur of District Nawabshah . It is attended by G.M.Syed, K.B.Khuhro, Qazi Fazalullah, Agha Nazar Ali, Moulvi Muhammad Ismail, Moulvi Ghulam Rasool of Mehar, Moulvi Muhammad Ibrahim of Buthi, Moulvi Abdul Karim Menai, Moulvi Muhammad Daud Of Mahboob Tunio, Hakim Syed Ali Muhammad Shah Baqapuri,Moulvi Muhammad Khan of Aheri, Moulvi Syed Taj Muhammad Shah of Manah Tharrai, Syed Chhatal shah of Dargah Nourang Shah, Moulvi Abdul Karin Brohi, Wadero Ali Hassan, Hakim Abdul Rashid, Rais Mithal Khan Lakho, Rais Haji Dur Muhammad, Rais Muhammad Yaqub, Moulvi Muhammad Azim ‘Sheda’, Ghulam Muhammad Isran, Agha Ghulam Nabi and others. The event is an eye – opener for those, who do not see the role played by Sindh in creation of Pakistan. The events carry another lesson also and it is that the trio of Pir, wadero & Moulvi has brought Big Changes as desired and required by them.
1952: The Soviet Union in its first major intervention in the Kashmir dispute charges Britain and USA with maneuvering for transform Kashmir into a military springboard against the Soviet and China.
1978: Politicians are busy in one to one meetings. Arbab Sikandar meets G.M.Syed and Soomro meets Moulana Maudoodi.
1971: President Yahya and Z.A.Bhutto holds talks on political situation in Larkano.
Thursday, 15 January 2026
SINDH in history today (16th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
”واقعاتي تاريخ" اوهان لاء پيار ۽ پاٻوه مان ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ ان جو ترجمو ممتاز علي پٺاڻ ڪيو. هئ اوهان کي هڪ ئي پوسٽ ۾ پهريون سنڌئ ۽ پوء انگريزئ ۾ گڏ و گڏ ڏجي ٿي ته جيئن سنڌي نه سمجهندڙ انگريزئ ۾ اها پڙھي سگهن.]
SINDH (including Pakistan) in history today [16th January] & Good Day Wish
***************
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
شخصيتن جا پوڄاري آدرشن جي پوئواري ڪونه ڪندا آھن. حال جي حالتن کان داغدار ٿيل چهرا ماضئ جو آئينو ڪو ڏسندا آھن. آئيني ڏسڻ وارا داغ مٽائي سگهندا آھن ۽ آدرشن/نظرين/قدرن جا پوئلڳ پنهنجا گم ٿيل رستا ڳولهي وٺندا آھن. اسان به جيڪڏهن چڪڻ مان چڙھڻ گهرون ٿا ته پوء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو پوندو.
انھئ مطالعي لاء مان تاريخ مان 16 جنورئ جو ورق کڻي آيو آھيان. انھن ۾ واقعن, ولادتن ۽ وفاتن جو ذڪر آھي.
***************
[ڪجھ واقعا]
***************
16.1.1841:
هن کان اڳ سنڌوندئ ۾ ڪاٺ مان جوڙيل آگبوٽ ھلايا ويندا هئا. هاڻي فيصلو ٿيو ته لوه مان ٺاهيل آگبوٽ به سنڌ ۾ هلائجن.
16.1.1854:
هن کان اڳ 1850 ۾ حيدرآباد ميونسپالٽئ سان ايڪٽ ته لاڳو ڪيو هو. پر ان لاء قائدا قانون ڪونه جوڙيا ويا هئا. اهي حيدرآباد جي ڪليڪٽر اڄ سرڪاري منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏنا.
16.1.1909:
ممبئئ صوبي جي گورنر سر جارج سيڊنھام ڪليرڪ سنڌ مدرسي ۾ ”حسن علي هائوس" [هاسٽل] جي عمارت جي پيڙھ جو پٿر رکيو. هن عمارت تي آيل خرچ جو اڌ سنڌ جي عوام ڀريو ۽ اڌ سرڪار ڏنو. هئ جاء فيبروري 1910 ۾ ٺھي راس ٿي.
16.1.1920:
تعلقي ميروخان جي ڳوٺ محبوب تنيئي ۾ خلافت جو جلسو ٿيو. ان جي صدارت مولانا محمد اسماعيل ڪئي. آزادئ جو مال ملالا کائي ويا. باقي سنڌ تحريڪ آزادئ دوارن ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ تحريڪون هلائي انگريز حڪومت کي نڪ ۾ دم ڏنو. سنڌ ۽ سنڌين جي عظمت کي سلام آھي.
16.1.1921:
نواب شاه ۾ وڏو عوامي ميڙاڪو ٿيو. تقرير ڪندڙن پوليس جي ڏاڍ جي مذمت ڪئي ۽ سياسي ڪارڪنن جي بيجاء وٺ پڪڙ تي پنهنجي بي چينئ جو اظھار ڪيو.
16.1.1931:
سنڌ جاڳي پئي. هڪ ئي ڏينھن ۽ ساڳئ تاريخ تي هي جلسا ٿيا: * مولوي عبدالعزيز جي صدارت ۾ امروٽ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو, * جمعيت نظام المسلين طرفان ڪراچئ ۾ جلسو ٿيو, * قمبر ۾ مولانا مير محمد نورنگئ, مولوي محمد سليمان واعظ, مولوي محمد صديق ۽ ٻين عالمن جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ "انجمن اصلاح المسلمين" نالي تنظيم ٺاهي وئي. ان لاء مولانا نورنگئ کي صدر, مولانا محمد عظيم شيدا کي نائب صدر, مولانا غلام صديق کي ناظم, حاجي فتح محمد کي نائب ناظم مقرر ڪيو ويو * بٺئ ۾ خلافت جو جلسو ٿيو.
16.1.1937:
حيدرآباد جي "ينگ مسلم سوشل سروس ليگ" جو ششماهي اجلاس ٿيو. خاڪسار وليداد ۽ عبدالڪريم آيل ميمبرن جي چانه پاڻئ جو اهتمام ڪيو.
16.1.1941:
ڏوڪري مسلم ليگ جي جنرل ميٽنگ ٿي, جنهن ۾ ٽي ٺھراء پاس ڪيا ويا, ڪجي ڪي آھن: 1). سنڌ اسيمبلي لوڪلبورڊ ۾ گڏيل چونڊن وارو بل پاس نه ڪري, 2). ڊاڪٽر دائود پوٽي کي پڪو ڊائريڪٽر پبلڪ انسٽرڪشن ڪري مقرر ڪجي, 3). مير بنده علئ جو مسلم ليگ ۾ شامل ٿيڻ جي آجيان.
16.1.1948:
لاڙڪاڻي ۾ ”ھاري ورڪنگ ڪميٽئ" جو اجلاس ٿيو, جنھن ۾ هارين بابت ڏنل "راجرس ٽامس رپورٽ“ کي هارين جي مفادن خلاف ڄاڻائيندي رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ ھارين جي مطالبن کي آخري شڪل ڏيڻ لاء حيدر بخش جتوئئ, عبدالقادر کوکر ۽ جان محمد پلئ تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي وئي.
16.1.1960:
پاڪستان کي 22 ملين ڊالر قرض ڏيڻ لاء اڄ آمريڪا ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٺاه ٿيو. پر منھنجي ۽ سنڌ جي اقتصادي ماهرن وچ ۾ ٺاه ڪونه ٿيندو. ڇو ته اهي ٻڌائن ئي نه ٿا ته پاڪستان کي مليل سموري قرض ۽ امداد مان سنڌ تي ڪيترو خرچ ٿيو.
16.1.1991:
سنڌ سرڪار جي ايم.سيد تي مڙھيل غدارئ جو ڪيس واپس ورتو.
16.1.1994:
مير مرتضا ڀٽي اڄ ”شھيد ڀٽو پيپلز پارٽئ" قائم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
******************************
{16 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
16 جنوري 1910ع گلوڪار، شاعر ۽ صحافي هوند راج ڏکايل (لاڙڪاڻو/اديپور) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1913ع شاعر ۽ صحافي لکمي چند لاهوتي جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1916ع شاعر امان الله مهرجو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1926ع ليکڪ گوپي موٽواڻي (نوشهرو فيروز / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1930ع مشهور شاعر استاد بخارئ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1947ع ليکڪ محمد اسحاق شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1964ع صحافي ۽ شاعر ارشاد گلاباڻئ جو جنم ڏينهن آهي.
16 جنوري 1984ع ليکڪ آسي بدر چنا جو جنم ڏينهن آھي.
[وڇوڙو:]
16 جنوري 1918ع شاعر آخوند فقير محمد عاجزجو انتقال ٿيو.
16 جنوري 1935ع صوفي شاعر منٺار فقير راڄڙجي وفات ٿي.
16 جنوري 1937ع مذهبي اسڪالر مولانا فتح علي جتوئي جي وفات ٿي.
16 جنوري 1966ع فلاسافر، اسڪالر، شاعر، تعليمدان ۽ سماج سڌارڪ ساڌو واسواڻئ ديهانت ڪري ويو.
16 جنوري 1976ع شاعر زين العابدين شاهه زينل جي وفات ٿي.
16 جنوري 1980ع شاعر حاجي الهه بچايو وفا لاڏاڻو ڪري ويو.
16 جنوري 2006ع اردو ۽ سنڌي زبان جو ناليوارو شاعر ۽ اديب الياس عشقئ گذاري ويو.
16 جنوري 2014ع تعليمدان ۽ صحافي استاد لائق ٿيٻي وفات ڪري ويو.
Dr.Pathan wishes you Good Day.
[My Dear! I respect every body. But, accept and love my ideal, who is lover of people & Motherland. He/she is man/woman of vision & wisdom. His/her life is of cause, by cause and for noble cause]
تن لاء ھئ جسو جگر جاء پناھ،
جي سارن سدا سرت ۽ سونھن،
انھن سان ئي آھي ورونھن،
رشتو ناتو دل ۽ دعا سلام جو.
***************
2. Events from history:
(16th JANUARY)
1850: First ever Church is built in Karachi.
1909: The Governor of the Bombay Presidency lays foundation stone of ‘Hassan Ali House’ in Sindh Madrasah, Karachi. The building took one tear in its completion.
1920: The local branch of Khilafat Committee holds public meeting at Goth Mahboob of taluka Mirokhan. It is presided over by Moulana Muhammad Ismail. Speakers apprise people of the high handedness of the Government and mishandling of Khilafat issue. They are asked to take active part in politics so as to save country.
1921: Nawabshah Khilafat Committee holds public meeting that is attended by large number of people. Speakers condemned the negative and anti – people role of police. People are asked and advised to face any kind of difficulty in the greater interest of country.
1931: The day provides wonderful evidence about political vision & wisdom of Sindh. Today, my country is politically active in her length and breath. Jamiat Nizam –ul- Muslimeen holds public meeting at Karachi, Local branch of Khilafat Committees holds public meeting at Amrot, Buthi of taluka Mirokhan and other so many places. Anluman Islah al- Muslimeen is formed at Kambar, and Moulana Naurangi (President), Moulana Muhammad Azim ‘Sheda’ Solangi (Vice President), Moulana Ghulam Siddique (Secretary) and Haji Fatih Muhammad (Treasurer) are selected its founder office – bearers. Today, condolence meetings on the death of Moulana Muhammad Ali ‘Johar’ are held in almost all cities of Sindh.
1948: Sindh Hari Committee rejects Rojor Toms’ Report on improving conditions of peasants. The party constitutes it Committee on the subject that consists of Hyder Bux Jatoi, Abdul Qadir Khokhar and Jan Muhammad Pali. The meeting is held at Larkano.
1957: Pakistan makes a strong plea for immediate stationing of U.N troops in Kashmir.
1965: Combined Opposition Parties (COP) Conference opens at Karachi with aim to prepare political line of action regarding elections. The Central Working Committee of the Council Muslim League decides to support boycott of the assembly elections.
1979: Another White Paper is released by the Government so as make people believe that Z.A.Bhutto disregarded law and tried to build an authoritarian state.
1991: Benazir leaves for London. Sindh Government takes back sedation case against G.M.Syed.
1992: PDA and ANP in NWFP are busy blaming and counter blaming each other on the issue of Kalabagh Dam. Federal Minister, Jam Yousif is determined to resolve the issue politically.
Wednesday, 14 January 2026
SINDH in history today (15th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
سنڌ جي ”واقعاتي تاريخ“ سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ سنڌ-دوست ۽ تاريخ-دوست ساڃھ-وندن جي مطالعي لاء پيش ڪجي ٿي. اها مون (ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ) لکي ۽ منهنجي پٽ ممتاز علي پٺاڻ انهئ جو ترجمو ڪيو}
Sindh (including Pakistan) in history & Good Wish [15th January] اسان ڀلي ماضئ ۾ نه ٿا رهون, پر اسان جي حال ۽ حالتن جون پاڙون ماضئ ۾ کتل آھن. ان ڪري ماضئ سان اٽوٽ رشتو آھي ۽ رهندو. پنهنجي سوچن لوچن کي سمجهڻ ۽ انھن ۾ نئين جوت جلائڻ لاء ۽ حالتن کي بدلائڻ لاء ماضئ جو مطالعو ڪرڻو ئي پوندو. ماضئ کان منھن موڙڻ وارين قومن کان وقت جون حالتون منھن موڙي وينديون آھن. اچو ته حالتن جي بي رخين کان بچڻ لاء تاريخ پڙھون. مان دعائن, سلامن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ تاريخ مان 15 جنورئ جو ورق کڻي اوهان کي ڪن واقعن, ولادتن ۽ وفاتن بابت معلومات ڏيڻ آيو آھيان. *************** 15.1.1843: نيپيئر سنڌ جي سمورن ميرن ڏانھن هدايت نامو ڏياري موڪليو ته پاڻ يا پنهنجي وڪيل کي هن مهيني جي 20 تاريخ تي خيرپور ۾ پهتو ڪيو ۽ اسان جي عملدارن سان ڪانفرنس ڪري نئين معاهدي تي دستخط ڪريو. پر ياد رکو ته ڪنهن بي اختيار وڪيل کي ڪانفرنس ۾ ويهڻ نه ڏبو. 15.1.1844: گورنر جنرل اڄ سنڌ جي گورنر نيپيئر کي هدايت ڪئي ته سنڌ جي طول عرض ۾ جتي ڪٿي واپاري برادرئ جو تحفظ ڪيو وڃي. 15.1.1920 حيدرآباد ۾ ڪوٺايل "پهرين خلافت ڪانفرنس" سنڌ جي سياسي تاريخ جو وڏو واقعو آھي. هئ ڪانفرنس ٻه ڏينهن هلي هئي ۽ ان ۾ ھندن توڙي مسلمانن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي هئي. هن ڪانفرنس جي صدارت مولانا غلام احمد ملڪاڻئ ڪئي هئي. حڪومت خلاف ايڏو عوامي ميڙاڪو اڳ ڪونه ٿيو هو. شيخ عبدالمجيد سنڌي انھئ زماني ۾ حيدرآباد جي هفتيوار "الامين" جو ايڊيٽر هو. هن انھئ اخبار جي اڄوڪي پرچي ۾ خلافت ڪانفرنس جوتفصيلي احوال ڏنو. 15.1.1939: اچون ته ڏسون پنهنجي وڏڙن جا ڪم. سنڌ جي فرنگي گورنر لاڙڪاڻي اچڻ جو پروگرام رٿيو. لاڙڪاڻي جي ضلعي عملدارن ۽ مڪاني ادارن جي نمائندن کي اچي ڳڻتئ ورايو ته روڊن تان لنگهندي متان گوري حاڪم جي منھن ۾ ڌوڙ نه پئي, ان ڪري 15 جنورئ کان 5 فيبرورئ تائين ڏينھن رات پورا ويه ڏينھن روڊن رستن جي صفائي ڪرايائون ۽ مٿاهن گاه,پلال ۽ ڏير وجهرايائون. ميروخان تعلقي جي مقدم محمود ۽ لاڙڪاڻي تعلقي جي بيلدار جو ڪم مڪاني ادارن جي عملدارن ميبرن کي وڻيو ۽ کين جنوري فيبروري مهينن جي پگهار ۾ ٻه روپيا اسپيشل الئونس ڏنائون. هاڻي ته گورنرن وزيرن کي ڪو کنگهي به نه ٿو, پر گوري انگريز گورنر لاء اسان جي وڏڙن ويه ڏينھن روڊ ٻھاريا. 15.1.1979: ملڪ جي مارشلائي حڪومت ذوالفقار علي ڀٽي خلاف "وائيٽ پيپر" جا ٽي جلد ڇپائي پڌرا ڪيا. کيس ڦاهئ تي چاڙھڻ جا ڏينهن مٿان اچي پيا هئا. ان ڪري عوام کي مڃرائڻو هو ته ڀٽي ملڪ جي ڀينگ ڪئي آھي. 15.1.1987: دهشتگردن ڪراچئ ۽ حيدرآباد ۾ رڻ ٻاري ڏنو. چار ماڻھون اجل جو شڪار ٿيا. ٻنھي شھرن ۾ فوج گهرائي وئي. 15.1.1995: ورلڊ بئنڪ جي مريدي آڳاٽي آھي. اڄ پاڪستان کي 490 ملين ڊالر ڏيڻ جو وعدو ڪيائين. پر مون کي ڪو سنڌ جو اقتصادي ماهر اهو نه ٻڌائيندو ته شروع کان ملڪ ڪيترا ڏوڪڙ ورتا ۽ انهئ ٻوڙ مان ڪو سنڌ کي رهو به مليو يا نه. *************** {15 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} *************** [جنم ڏينهن:] 15 جنوري 1885ع شاعر جمعي خان غريب جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1902ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير قاضي فضل الله جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1910ع صحافي عبدالغفور سيتائي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1916ع شاعر امان الله مفلح جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1918ع مصر جي اڳوڻي صدر جمال عبد الناصرجي پيدائش جو ڏينهن آهي. 15 جنوري 1925ع ليکڪ ڊاڪٽر سيد محمد صالح شاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1930ع گلوڪار ۽ شاعر حسين بخش خادم جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1933ع اسڪالر ڊاڪٽر غلام قادر سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع شاعر بهارو بي وطن جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1934ع مشهور قومي شاعر ابراهيم منشئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1936ع صداڪار ۽ اداڪار غفار ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1937ع سگهڙ ميوو چانگ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1938ع مشهور قانوندان ۽ اڳوڻي سينيٽر سيد حسين شاهه راشدئ جي پيدائش ٿي. 15 جنوري 1940ع شاعر عزيز ڳاڙهوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1947ع آرٽسٽ ميول نيونند رام آهوجا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع شاعر سائل ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1951ع تعليمي ماهر تهمينه سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1953ع شاعر حاتم لانگاهه جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1954 ليکڪا ۽ پروفيسر مهرالنساء لاڙڪ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1955ع صحافي محمد حيات شيخ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1958ع اداڪاره شبيران چنا جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1959ع ليکڪ منصور اداس ٿلهو جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1961ع ليکڪ، شاعر ۽ استاد محمد مٺل جسڪاڻئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ ۽ شاعر سيد زوار نقوي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1962ع ليکڪ سيف قاضي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1963ع شاعره پشپا ولڀ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1967 ٽنڊي باگي جي شاعر صابر شيدئ جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1970ع شاعر امداد جعفرئ جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1970ع صحافي همسفر گاڏهي جو جنم ڏينهن آهي. 15 جنوري 1971 شاعره شمس مارئي جي جنم جي تاريخ آھي. 15 جنوري 1973ع صحافي بابر منير قاضي (ڏوڪري) جو جنم ڏينهن آهي 15 جنوري 1984 شاعر حاتم لانگاه جي ڄمڻ جي تاريخ آھي. [وڇوڙو:] 15 جنوري 1873ع صوفي شاعر ۽ بزرگ فقير قادر بخش بيدل جي وفات ٿي 15 جنوري 1957ع شاعر غلام حيدر ڪوثري جي وفات ٿي. 15 جنوري 1972ع شاعر الهه بخش سرشار عقيلي جي وفات ٿي.
1.Dr.Pathan wishes you
Good Day: [When your act of love and respect start creating selfishness, ego and hypocrisy in other hearts, believe that you are misusing human values and also you will be misused for interests of other minds. Neither you will be accepted, nor respected accordingly. You will not be responded and reciprocated properly. Change the place and change the people. Time, place and circumstances are not supporting you to share and promote love & beauty, sincerity & sacrifice and vision & wisdom ]
محبت نسبت خدمت وجهي جي خانن کي کاري،
اھي ماڳ اھي ماٹھون ڇڏجن دل تان وساري،
قدر نہ ڪن پنھنجو سي ڇڏن در تان ڌڪاري،
متان رويا ساري، ویھین وساري سون سلام کي
. 2. Events from history: 1856: British Government while granting Jageers used to fix 4 to 5 per cent tax. But, gave favor to trust – worthy Jagerdars. For this purpose ‘rent – free tenures system’ is introduced and some Jagerdars are allowed not to pay tax for some specific period. 1920: Shaikh Abdul Majeed Sindhi is the editor of Al - Amin of Hyderabad, and today he makes the paper as historic document. The said Newspaper carries details about the 1st Sindh Khilafat Conference held at Hyderabad. 1941: Dokri Muslim League demands the appointment of Dr. Daudpoto as Director of Public Instructions (D.P.I = Education) on permanent basis. The meeting also congratulates Mir Bandah Ali Khan on his joining Muslim League. 1948: The U.N. Security Council begins debate on Kashmir issue. India presents her view point today. 1956: The P.I.D.C’s Rs 17 million Zeal Pak Cement Factory, Hyderabad, goes into production. 1963: Z.A.Bhutto reaches New Delhi for holding ministerial level talks on Kashmir and other issues with India. 1979: Three volumes of ‘White Paper’ on and against Bhutto are released. Minds are masses are being prepared to listen and accept a BIG NEWS in near future. 1987: Troops are called out in Hyderabad, Curfew is imposed in Karachi. Both cities become Burning spots. Judicial inquiry into violence incidents is ordered. 1991: Protest rallies are held in Pakistan against presence of U.S forces in the Gulf.
Tuesday, 13 January 2026
SINDH in history today (14th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
اڄ 14 جنورئ جي ”واقعاتي تاريخ“ اوهان لاء ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ لکي ۽ سندس وڏي پٽ ممتاز علي پٺاڻ ان جو ترجمو ڪيو. هي قلمي پورهيو اوهان اڳيان سنڌئ ۽ انگريزئ ۾ لکيل حاضر آھي]
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [14th January)
**************
. واقعاتي تاريخ:
چوڏهين جنوري
***************
14.1.1840:
سنڌ ۾ حڪمراني ته ٽالپورن جي هئي, پر فرنگين هر ڪم ايئن ڪيو, جيئن سنڌ سندن ابن ڏاڏن جي جاگير هئي. هن وقت تائين اهي سنڌوندئ کي پنهنجي فوجي ۽ واپاري آمدرفت جو ذريعو بڻائي چڪا هئا ۽ انهن جا ڪيترا آگبوٽ ھلندا ھئا. ممبئئ سرڪار ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت کان اجازت گهري ته جيئن سنڌ ۾ آبي آمدرفت لاء هڪ ادارو قائم ڪجي. ڪمپني حڪومت ان سلسلي ۾ سنڌ ۾ مقيم راس بيل ۽ ڪئپٽن آئوٽرام کان رايو طلب ڪيو.
14.1.1848:
ممبئي سرڪار سنڌ جي ڪمشنر کي لکيو ته تفصيلي رپورٽ ٺاهي موڪيو ته ميرن جي حڪومت ۾ ڪهڙن ماڻھن ۽ ادارن جي سرڪار مالي مدد ڪندي هئي
14.1.1857:
سنڌ ۾ قائم ڪيل آڳاٽين ميونسپالٽين مان منجهند به هڪ ميونسپالٽي هئي. اڄ انھئ جا رولس ٺاهي ممبئي حڪومت ڏانھن منظورئ لاء موڪليا ويا.
14.1.1951:
سنڌ هاري ڪميٽئ جي حيدرآباد ۾ ٿيل گڏجاڻئ ۾ ٺھراء پاس ڪري مسلم ليگ جي اره زورائئ سان جاگيرداري نظام جي حمايت ڪرڻ تي مذمت ڪئي وئي ۽ مطالبو ڪيو ويو سنڌ مان جاگيردارانه نظام ختم ڪيو وڃي.
14.1.1978:
جنرل ضياء الحق اڄ پنهنجئ حڪومت لاء ھڪ صلاحڪار ڪميٽي جوڙي, جنھن ۾ سنڌ مان اي.ڪي. بروھئ, مولابخش سومري, اي.جي. اين قاضئ کي به ميمبر طور کنيو ويو.
14.1.1992:
آمريڪا جي سينيٽر پريسلر اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته جيسيتائين پاڪستان نيوڪلر پروگرام تان هٿ نه کڻندو, ان وقت تائين کيس آمريڪي امداد نه ڏني ويندي.
***************
14 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون
***************
جنم ڏينهن:
14 جنوري 1900ع اردو شاعر ۽ پاڪستان جي قومي تراني جي خالق حفيظ جالنڌريجو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1924ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ صحافي شيخ عبدالرحيم جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1928ع صحافي ڪرنتي ڪمار (حيدرآباد / الهاس نگر) جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1940ع سنڌ جي مشهور راڳي استاد محمد يوسفجو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1955ع صحافي نور محمد ڀٽو جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1962ع جيڪب آباد سان تعلق رکندڙ صحافي سليم اختر ڀَٽي جو جنم ڏينهن آهي.
14 جنوري 1966ع شاعر منظور مولائي جو جنم ڏينهن آهي.
وڇوڙو:
14 جنوري 1935ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ آزادي پسند اچاريا گدواڻي ديهانت ڪري ويو.
14 جنوري 1961ع آزادي واري تحريڪ جي ڪارڪن حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر شمس الدين شيخ جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1967ع مذهبي اسڪالر مولانا عزيز الله ساند جي وفات ٿي.
14 جنوري 1974ع شاعر غلام شاهه مست جو انتقال ٿيو.
14 جنوري 1987ع ڪهاڻيڪاره نيلوفر جويوجو انتقال ٿيو.
14 جنوري 2011ع ناليواري چترڪار اي آر ناگورئ جي وفات ٿي.
14 جنوري 2012ع دنيا جي سڀ کان ننڍي عمر (9 سال) جي مائڪرو سافٽ سند يافته ارفع ڪريم لاهور جي اسپتال ۾ انتقال ڪري وئي
1. GOOD WISH:
Dr. Pathan wishes you Good Day.
[Let mind-made and so-called any ideology
Or philosophy must not underestimates and
Exploits worth and status of anybody.
Let our ego-oriented actions and reactions
Must not become high-risk for human
Love & beauty and peace & tranquility
Let us be, what we are].
آھي اھم ۽ اتم آدمي، ڪوڙن قدرن نظرین کان،
لائق عزت محبت جو، ھر ڪو ساڳئ حیثیت سان،
جي من ۾ انا ۽ 'مان'، تہ نفرت آدم سرت سلام سان.
***************
2. EVENTS from history (14th January):
1840: Karachi is under military control of the East India Company Government and the Bombay Government, keeping in view of the bright future of British rule in Sindh, requests for employment of the Superintendent of Steam Navigation of Indus. But, the Government of India refers this case to their Political officers working in Sindh. Hence, Ross Bell and Captain Outram are asked to offer their views on the subject.
1848: Sindh Commissioner is asked by the Bombay Government to prepare and furnish the statement about stipends, pensions and charitable allowances given by the present and previous governments of Sindh.
1857: Manjhand Municipality rules are prepared and submitted by the Sindh Commissioner to the Government of Bombay for approval.
1951: The meeting of the Working Committee of the Sindh Hari Committee is held at Hyderabad in which the stand of Sindh Muslim League on the abolition of Jageerdari system is condemned and it is demanded that this system be abolished without fail.
1967: A private nuclear plant manufacturing agency of the U.S.A offers to finance the installation of 150 –MW enriched uranium reactor to Pakistan.
1971: President Yahya Khan declares in Dhaka that Shaikh Mujeeb is the future Prime Minister of Pakistan and talks between both will bring better results.
1972: An official Indian list with names of 55,000 POWs is handed over to Pakistan.
1978: Chief Martial Law Administrator, Gen. Zia constitutes Advisory Committee consisting of 16 members. A.K.Brohi, A.G.N.Kazi, Haji Moula Bux Soomro and Sharifuddin Pirzado are included.
1992: Senator Pressler tells newsmen in Islamabad that no aid by U.S.A unless Pakistan rolls back its nuclear program.
Monday, 12 January 2026
SINDH in history today (13th January). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz
SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY [13th January)
**************
جنورئ تي اوهان جو عقيدتمند ۽ سنڌ جي تاريخ جو خادم ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ سلامن, دعائن ۽ نيڪ تمنائن سان گڏ واقعاتي تاريخ ۽ ولادتن وفاتن جي معلومات کڻي اوهان جي حضور ۾ حاضر ٿيو آھيان. منهنجئ هن لکت جو ترجمو منهنجي وڏي پٽ ممتاز علئ ڪيو آھي.
***************
[ڪجھ واقعا]
***************
13.1.1839:
فرنگين طرفان حيدرآباد جي چئويارئ کي ساڳيو پر الڳ الڳ ڏيڻ لاء نئين ٺاه جو تيار ڪيو ويو ۽ لفٽيننٽ ايسٽ وڪ, اسسٽنٽ ريزيڊنٽ تي ڪم سونپيو ويو ته اهو متن ميرن تائين پهچائي ڳالهيون ڪري ان تي هنن کان دستخط ڪرائي. هن ٺاه ۾ 23 شقون هيون, جن مان ڪي آھن: 1). گورنر جنرل ٺٽي ۾ ڇانوڻي قائم ڪري فرنگي فوج رکندو. ان جو تعداد اهو ئي مقرر ڪندو, 2). انھئ فوج رکڻ تي جيڪو خرچ ايندو اهو مير نور محمد, مير نصير محمد ۽ مير محمد خان ڀريندا, 3). ميرن جن کي جاگيرون ۽ مالي امداد ڏيندا آھن, انھن مان ڪنهن به انگريزن سان مهاڏو اٽڪايو ته ان لاءمير ذميوار ۽ جوابدار هوندا, 4). انگريز سنڌ ۾ تيموري ۽ باقرو سڪو هلائيندا ۽ مناسب ڄاڻندا ته سنڌ ۾ به سڪي سازي ڪندا, 5). ميرن جي وچ ۾ جنگ يا جهيڙو ٿيندو ته فرنگي ايجنٽ وچ ۾ پئي فيصلو يا ٺاه ڪرائيندو.
13.1.1841: فرنگي پوليٽيڪل ايجنٽ اسسٽنٽ ايسٽوڪ کي لکت ۾ ھدايت ڪئي ته حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد وچ ۾ اختلاف پيدا ٿيا آھن ۽ تون وچ ۾ پئي مسئلو حل ڪر. سيٺ نائومل هوتچند توسان گڏ هوندو, تون دٻدٻي ۽ شان سان ميرپور وڃ. پاڻ سان ٻه حولدار, 25 فرنگي فوجي, 24 گهوڙيسوار, هڪ دفتردار ۽ هڪ مقامي فرنگي عملدار وٺي وڃ.
13.1.1932:
فرنگي سرڪار خلافت تحريڪ جي حڪومت-مخالف تحريڪن مان اڃان پورئ ريت جند نه ڇڏائي هئي ته ڪانگريس سندس ڳچئ ۾ پئجي وئي. انھئ صورتحال کي منهن ڏيڻ لاء سرڪار سمورئ سنڌ ۾ فرسٽ ڪلاس ماجسٽريٽن کي اسپيشل ماجسٽريٽ ۽ سمري ڪورٽ جا اختيار ڏنا. لاڙڪاڻي ۾ اهي اختيار هنن کي مليا: مسٽر گرين, چئنراء ڪشڻچند, جي.جي ڊريو, گرڏنومل بختراء, گوبندرام جهمٽمل, آغا عبدانبي, شاه محمد, جي.واء.مرزا, ڪشنچند ڪندنداس, حسن علي سومرو ۽ منگهاسنگ گلاب سنگ.
13.1.1942:
محمد ايوب کهڙي لاڙڪاڻي مان خط لکي حاجي عبدالله هارون کي قمبر مسلم ليگ ڪانفرنس جي تيارين بابت تفصيل ڏئي کيس گذارش ڪئي ته شيخ عبدالمجيد سنڌئ تي ڪانفرس ۾ اچڻ جو بار رکجو.
13.1.1963:
ملڪي سرڪار اڄ ”پاڪستان نئشنل ٽرسٽ" جوڙيو ته جيئن ماڻھن ٻاهرين روپ کي اسلامي اطوار جو رنگ ڏئي سگهجي.
13.1.1969:
حيدرآباد بار ائسوسيئيشن کي خطاب ڪندي جنرل (ر) اعظم خان 1962 واري آئين تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته اهو عوامي امنگن ۽ پاڪستان آئڊيالاجئ جي خلاف آھي. هي همراه ڪرسئ تي هوندا آھن ته ان وقت سندن قول ۽ فعل بنھ الڳ هوندا آھن. پر ڪرسي ڇڏيندي ئي جمهوريت پسند ٿي ويندا آھن. 1962 واري آئين ٺھڻ وقت هي حڪومت جو ساٿاري هو.
13.1.1985:
مارشلا حڪومت محدود سياسي سرگرمين جي اجازت ڏيڻ وارو حڪم ڪڍيو, جنهن مطابق سياستدان 25 فيبرورئ تي قومي اسيمبلئ ۽ 28 فيبرورئ تي صوبائي اسيمبلين لاء غيرپارٽي بنيادن تي ٿيندڙ چونڊن لاء جلوسن ڪڍڻ کان سواء ورڪ ڪري سگهندا.
***************
{13 جنوري تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪجھ شخصيتون}
***************
[جنم ڏينهن:]
13 جنوري 1914ع شاعر اڌارام اڌاس جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1929ع موسيقار، گلوڪار، اداڪار ۽ شاعر گورڌن ڀارتي جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1936ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر موتي رام جوتواڻي جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1942ع شاعر عرس اظهر سولنگئ جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1952ع ليکڪ عادل سومري جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1953ع شاعر محمد صادق محرم جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1958ع تعليمدان ۽ انساني حقن جي تنظيم جي اڳواڻ پروفيسر بدر سومروجي پيدائش ٿي.
13 جنوري 1961ع اسٽيج ڊائريڪٽر جڳديش شهدادپوري (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1976ع ليکڪ مور مغيري جو جنم ڏينهن آهي.
13 جنوري 1977ع شاعره صدف ابڙو جو جنم ڏينهن آهي۔
13 جنوري 1980ع شاعر ادا قربان سومرو جو جنم ڏينهن آهي.
[وڇوڙو:]
13 جنوري 1851ع بزرگ خليفي محمود جو انتقال ٿيو.
13 جنوري 1896ع پير احسان الله شاهه راشدي جي وفات ٿي.
13 جنوري 1964ع سياستدان مير علينواز ٽالپر جي وفات ٿي.
13 جنوري 2003ع اديب ۽ مصنف ابنِ حيات پهنور جي وفات ٿي.
1. GOOD WISH:
Dr.Pathan
wishes you Good Night.
[Nothing belong to you. Neither life, nor health & wealth. You are love, but not hatred . You are peace, but not violence. It is your status, identification & beauty.
Dear! Play your role. Share your vision & wisdom, promote love & beaty and beutify hearts & minds, please]
تون آھین امانت عشق جي، عشق امانت توء،
نہ ھئ حیاتي تنھنجي، نہ ئي سر آھ سندوء،
تون دعا دوا دردن جي پرين پاڻ نہ ايئن لوء,
پرین ! تون پوء، ڇو لنوائین سرت سلام کان؟
***************
2. EVENTS from history:
1846: It took three months to decide that either English School be opened at Hyderabad, or at Karachi. The Council of Education decides in favor of Hyderabad.
1932: An Act is promulgated to give powers of Summary Court to all the First Class Magistrates of Sindh. It was to give tough time to Congress and other affiliated parties.
1942: The stage is set to hold Muslim League Conference at Kambar. Shaikh Abdul Majeed Sindhi is requested to preside.
1963: ‘Pakistan National Trust’ is set up to promote an Islamic outlook as desired by the Government. Most important change is suggested in Dress.
1969: Now it is time to hit for some reasons, no problem, if in past attachment was there. Gen ® Azam Khan, while addressing Hyderabad Bar terms the Constitution of 1962 as against the ideology of Pakistan and aspiration of people.
1972: Pakistan snaps diplomatic ties with Bulgaria for her recognition of Bangladesh.
1985: Martial law Order is issued allowing canvassing without public meetings. Non – Party basis polls of National & Provincial assemblies are fixed on 25th & 28th respectively.
1990: Asghar Khan is not allowed/ permitted to hold political function in Karachi.
1996: General Jehangeer Karamat takes over as army chief on the retirement of General Abdul Waheed Kakar.
Subscribe to:
Comments (Atom)






