Friday, 3 April 2026

SINDH in history today (4th April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {4th April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ************** 4.4.1832: ايسٽ انڊيا ڪمپنئ ۽ خيرپور رياست وچ ۾ معاهدو ٿيو, جنھن جون شقون هيون: 1). ٻنھي اسٽيٽس وچ ۾ دائمي دوستي رهندي, 2). ٻئي حڪومتون نسل در نسل هن دوستئ کي نڀائينديون ۽ هڪ ٻئي جي ملڪ تي قبضو نه ڪنديون, 3). خيرپور رياست پنهنجي حدن اندر سنڌوندئ خواه خشڪي رستن کي هندستاني/فرنگي واپارين کي استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيندي, 4).خيرپور رياست ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني گڏجي واپارين لاء محصول مقرر ڪنديون ۽ فرنگي واپاري جي ڪا به رستي روڪ نه ڪئي ويندي. 4.4.1843: نيپيئر اڄ ڪمپني حڪومت کي خط لکي تفصيل ڏنا ته هو ماڻھن جو فرنگي حڪومت ۾ اعتماد پيدا ڪرڻ لاء ڪهڙا ڪهڙا اپاء وٺي رهيو آھي. نيپيئر اڄ ميرپور مان چانڊين جي سردار ولي محمد خان کي خط لکيو ته: اوهان حيدرآبادي ميرن جي جيڪا تعبيداري ڪئي, ان لاء مان تنهنجي عزت ڪريان ٿو. پر هاڻي مير سنڌ جا حڪمران نه رهيا آھن. هاڻي انگريز سرڪار جي حڪومت آھي. تون هن حڪومت سان ايئن وفاداري ڪر, جهڙي ميرن جي ڪندو هئين. پڪ هجئي ته اسان طرفان تنھنجي عزت ڪئي ويندي. سوچجانء ته مان ڇا پيو چوان. تون ڀلي پنهنجي جاگير سنڀال. پر ان ڳالھ جو خيال رکجانء ته جابلو ڦورو قبيلا سنڌ ۾ داخل نه ٿين. 4.4.1947: ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جي ڪوششن سان جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس" جي شروعات ٿي. هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف ضلعن کان سواء بلوچستان, پنجاب ۽ هندستان جي مختلف هنڌن تان وفد آيا. مختلف صوبن کان آيل "مسلم نئشنل گارڊ" جي دستن جي مارچ ۽ ڊسيپلين جو مقابلو ٿيو, جنھن ۾ ڪوئٽيه نئشنل گارڊ پهريون انعام کٽيو. هن ڪانفرنس جي صدارت بهار جي سابق وڏي وزير مسٽر يونس ڪئي. مير جعفر خان جمالئ سنڌئ ۾ آجياڻو ڏنو. قاضي عيسا ۽ ٻين مسلم ليگي اڳواڻن تقريرون ڪيون. 4.4.1955: مشتاق گورماڻي کي مغربي پاڪستان جو گورنر ۽ ڊاڪٽر خان صاحب کي وڏو وزير بڻايو ويو. ٻنھي جي مقرري پاڪستان جي گورنر جنرل ڪئي. 4.4.1972: آمريڪا اڄ بنگلاديش کي هڪ الڳ ۽ آزاد ملڪ طور تسليم ڪيو. 4.4.1977: پي.پي مخالف سياسي اتحاد پي.اين.اي اڄ راولپنڊئ ۾ حڪومت خلاف عورتن جو زبردست جلوس ڪڍيو. 4.4.1979: ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي ڏئي, سندس لاش ڳڙھي خدا بخش قبرستان ۾ دفنايو ويو. 4.4.1992: راجا ظفرالحق جي قيادت ۾ قائم ڪيل ڪميشن سرڪار کي تجويز ڪيو ته 60000 ملازم نوڪرئ مان ڪڍيا وڃن ۽ 37 کاتا بند ڪيا وڃن. ************ {4 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 4 اپريل 1894ع فريڊم فائيٽر مولانا دين محمد وفائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1914ع گلوڪار، موسيقار، شاعر ۽ سياسي اڳواڻ کيئل داس فاني جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1919ع عالم، اديب، دانشور ۽ محقق ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلوجي پيدائش جو جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1921ع اداڪار آنند آڏواڻي (ڪراچي / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1921ع گلوڪار ۽ ليکڪ ارجن سنگهه بجلاڻي (خيروديرو / پونا) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1933ع ليکڪ شهيد سومرو (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1940ع شاعر شبير هاتف جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1942ع زرعي سائنسدان ڊاڪٽر عرض محمد انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1942ع ليکڪ زاهد علي مگسي (دادو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 4 اپريل 1944ع وڪيل ۽ سياستدان نجم الدين ابڙو جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1946ع شاعر عاجز ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1947ع اسڪالر ڊاڪٽر ممتاز بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1947ع شاعر غلام محمد در (پيارو خان) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1949ع شاعر پرڪاش ديپ جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1950ع صحافي غلام مصطفى عباسي (فريد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1951ع صحافي دستگير ڀٽي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1953ع صحافي صابر علي شاهه (شهداد ڪوٽ) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1972ع ليکڪ مير خان جسڪاڻي (جسڪاڻي) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1973ع ليکڪ اظهار سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1973ع شاعر چندر ڪيسواڻي جو جنم ڏينهن آهي. 4 اپريل 1978ع شاعر سائل پيرزادي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 4 اپريل 1852ع شاعر غلام حسين مسڪين جو انتقال ٿيو. 4 اپريل 1913ع مولانا جهان خان دراني جو لاڏاڻو ٿيو. 4 اپريل 1965ع شاعر ثاقب منگي(ڪي اين شاهه) جو انتقال ٿيو. 4 اپريل 1979ع ملڪ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو کي اڍيالا جيل راولپنڊي ۾ ڦاسي ڏئي شهيد ڪيو ويو. 4 اپريل 2008ع ريڊيو ۽ ٽي وي جي مشهور اداڪار انور سولنگئ جو انتقال ٿيو. DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (4th April) & GOOD DAY WISH. ********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Let us not stop circulation of feelings, emotions and sentiments. It will snatch our sensibilities and peace of mind. Let us not stop circulation of blood, it will cause abscesses on our body. Let us not stop circulation of water, it will affect fertility of land and convert it into desert. Let us not stop circulation of wealth, it will promote terrible poverty. Let them go ahead. Let us not stop our knowledge, experience and love. Exchanging and sharing will double them. Let us sacrifice everything to save our souls, love, beauty and peace. Because, it is only gateway to greatness.] هڪ دل ٻيو رت ٽيون پاڻي چوٿون دولت جي روڪيندين ڀوڳيندين, وڌندين پر ڪڏھن نہ کٽندين جي علم عقل پيار محبت تون ڏيندين, ڪندء پوء نينهن نشابر جي تون پنهنجي جانب تان سر گهوريندين, سو حياتيون تون توريندين تہ پاسو ڳورو سرت سونهن سلام جو. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {4th APRIL} EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Wali Muhammad Khan Chandio from Mirpur that ‘I know that you remained loyal to Talpur rulers and I appreciate it, but, now British is in power and you have remain unconditional loyal and faithful to it. You must keep in mind that what I am saying. Prove your worth as desired by British and required by loyalty and remain Head of your tribe. You have ensured that mountainous people are not entering Sindh and crating law and order situation. 1914: Sindh Madressah Old Boys’ Association organizes lecture program. Abdul Rahman and Mir Ayoob, both Bar at Law and old students of this school speak about the importance of Legal Profession. 1919: Sindh observe complete strike against police firing on procession of Hindus and Myslims in Delhi on 20th March 1919. 1947: ‘Pakistan Conference’ is held at Jacobabad by the District Muslim League. It is presided over by Muhammad Younis Ex-Chief Minister of Bihar. Mir Jaffar Khan Jamali, Chairman of the Reception Committee delivered his Well come address in Sindhi. The conference is attended by deluges from Punjab, Balochistan and other parts of India also. 1955: M.A Gurmani and Dr. Khan Sahib are appointed Governor and Chief Minister of newly imposed /created West Pakistan Province. 1979: Z.A.Bhutto is hanged in Rawalpindi Jail. His dead body is flown to Naudero, and buried in the family graveyard. Begum Nusrat Bhutto and Benazir Bhutto are not allowed to accompany the dead body.

Thursday, 2 April 2026

SINDH in history today (3rd April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {3rd April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ***سڄڻ سائين! سياڻا چوندا آھن ته ماڻھونء جي سائنٽيفڪ هجي. اها سوچ تاريخ-فهمي سان پيدا ٿيندي آھي. دل ۽ دماغ جي ليبارٽرئ ۾ شخصيتن جي قول ۽ فعل, سوچن ۽ لوچن جي غلط يا درست هجڻ جا نتيجا ڪڍيا ويندا آھن. اسان ماڻھون تاريخ پڙھڻ کان وئون ٿا وڃون, ان ڪري پنهنجي سوچن لوچن جا قبلا درست ڪري نه ٿا سگهون. اچو پنهنجي تاريخ پڙھون ۽ ان تي غور فڪر ڪري ڪا ڪارائتي واٽ وٺون. ***********SINDH (including Pakistan) in History today (3rd April) & Good Day Wish. توجه طلب واقعا *************** 3.4.1839: ليفٽننٽ ليڪي خط لکي پاٽينجر کي ٻڌائي ٿو ته تنهنجي حڪم جي تعميل ۾ ترميم ٿيل معاهدو سمورن ميرن تائين پهچايو اٿم ۽ اهو به کين کولي ٻڌايو اٿم ته معاهدي ۾ گورنر جنرل بهادر پاڻ ڦير گهير ڪئي آھي ۽ مير ان کي هاڻي بدلائي نه ٿا سگهن. بس کين قبول ڪري دستخط ڪري مهر هڻي ڏيڻي آھي. هو لکي ٿو ته سيد تقي شاه مون سان ملڻ آيو ۽ ترميم شده معاهدي تي ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪيائين. هن چيو ته ميرن جو ڪراچئ تان هٿ نه پٽايو. هن چيو ته اسان جا مير اوهان سان سٺو هليا آھن. ھنن ٺٽو اوهان جي حوالي ڪيو آھي ته ڀلي اتي فوج رکو. هنن اوهان کي سنڌ مان افغانستان وڃڻ جو رستو ڏنو. ان ڪري اوهان جيڪو معاهدي جو متن ڏنو آهي, ان ۾ ڦير گهير ٿيڻ گهرجي. 3.4.1839: پاٽينجر اڄ برگيڊيئر والينٽ کي خط لکي ٻڌايو ته ڪراچئ ۾ ماڻھن ڪئپٽن ھينڊ کي ماري وڌو آھي ۽ ٺٽي مان وري 16 اٺ اسان جي فوجي ڇانوڻئ مان چوري ڪري ويا آھن. اها ميرن جي هشئ تي نه پيو ٿئي مگر سنڌي عوام اسان جو دشمن ٿي بيٺو آھي ۽ انهن کي روڪڻ کان مير بي وس آھن. 3.4.1839: برنس اڄ شاه شجاع جي نمائندي کي لکي ٿو ته سنڌ ۾ اسان خلاف مير به سازشون ڪري رهيا آھن. مون حيدرآبادي ميرن ۽ مير شير محمد جا خط پڪڙيا آھن. مير شير محمد ته اسان تي ٻريو ويٺو آھي. شاه شجاع جي ڏن بابت ميرن سان ڳالهيون هلي رهيون آھن. 3.4.1841: حڪومت ميرن جي آھي ۽ سندن اجازت خواه رضامندي سان مختلف هنڌن جي سروي انگريز ڪن ٿا !. راس بيل اڄ ميجر جنرل بروڪ کي لکي ٿو ته ڪئپٽن لي ميئرر سنڌ ۾ سروي جو ڪم ڪري رهيو آھي هن کي هڪ اڌ مددگار رکي ڏيو. 3.4.1918: فرنگين اسان جي اپر ڪلاس جي مٿي تي هٿ رکڻ لاء کين جاگيرون ڏنيون, لقب ۽ خطاب ڏنا. پر, وري گهڻو رت به انھئ طبقي جو چوسيو. ڪامورا سنڌ ۾ ڪنهن به هنڌ دوري تي ويندا هئا ته اسان جا جاگيردار ۽ وڏيرا جيري لاء ٻڪري ڪهندا هئا. کين راضي ڪرڻ لاء وڏي رقم رسائئ طور ڏيندا هئا. هن لاء روڊ رستا ٺيڪ ڪيا ويندا هئا ۽ مکڻ ماکئ جا ٽين ڀرائي کين ڏيندا هئا. رئيس غلام محمد ڀرڳڙئ انھئ آزار کي ختم ڪرڻ لاء ڪائونسل/اسيمبلئ ۾ تحريڪ هلائي. سرڪار مجبور ٿي ڪري جسٽس هيورڊ جي سربراھئ ۾ "رسائئ ۽ لاپي لاء ڪميشن" ويهاري. اها ڪميشن اڄ ڪراچئ پهتي ۽ پوء ٻين ضلعن ۾ وئي ته جيئن مامري تي اپر ڪلاس کان شاهديون وٺي. سيٺ هرچندراء ۽ شيخ غلام حسين هدايت الله پڻ انھئ ڪميشن جا ميمبر هئا. هن ڪميشن جي رپورٽ گل حيات ۾ موجود آھي. 3.4.1919: 20 مارچ تي دهلئ ۾ عوامي جلوس تي سرڪار گولي هلرائي هئي. انھئ رياستي غنڊا گردئ خلاف اڄ سنڌ ۾ وڏي پئماني واري بک هڙتال ٿي. 3.4.1920: سنڌي ماڻھن ڪڏ ڏئي "مسلم ليگ" نالي سياسي جماعت ته ٺاهي, پر وڏين ڪوششن باوجود 1936 تائين ان کي آل انڊيا مسلم ليگ الحاق نه ڏنو. پر سنڌي مسلمان اهڙي ماٽيلي ماء واري سلوڪ کان مايوس نه ٿيا. پر پنھنجئ "سنڌ مسلم ليگ" کي فعال رکندا آيا. اڄ سيد اسدالله شاه ٽکڙائئ جي صدارت ۾ سکر ۾ ”سنڌ مسلم ليگ" جي گڏجاڻي ٿي, جنھن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چئن هزار سياسي سوچ رکندڙ مسلمانن شرڪت ڪئي. هي ميڙاڪو ٻه ڏينھن هليو ۽ فيصلو ڪيو ويو ته "سنڌ مسلم ليگ" کي هر سطح تي فعال ڪيو ويندو. [ياد رهي ته خلافت تحريڪ هلڻ ڪري مسلم ليگ وارو ڪم اڌ ۾ رهجي ويو] 3.4.1971: اوڀر پاڪستان جي بدلجندڙ حالتن کي نظر ۾ رکي غير ملڪي ڪنهن وقت وڃائڻ کان سواء لڏڻ لڳا. 3.4.1973: پيپلز پارٽئ ۽ پي.اين.اي وچ ۾ ڳالهيون شروع ٿيون. *************** {3 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 3 اپريل 1895ع شاعر مولانا ثناءُ الله ثنائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1929ع سماج سڌارڪ ميلارام آتمارام (مٺياڻي / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1939ع صحافي، ليکڪ ۽ اڳوڻي سينيٽر يوسف شاهين جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1954ع شاعر عبداللطيف اداسي (شڪارپور) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1955ع شاعر ۽ ليکڪ مشڪور ڦلڪارو جي پيدائش جو ڏينهن آهي۔ 3 اپريل 1964ع صحافي محمد صالح ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1968ع شاعر معصوم بخاري (مرزو جانوري) جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1971ع شاعر اسد سولنگي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 3 اپريل 1976ع شاعر غلام نبي غلام جو جنم ڏينهن آهي. 3 اپريل 1984ع شاعر رفيق جتوئي (گهرام) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 3 اپريل 1941ع شاعر مخدوم محمد دائود خادم جو انتقال ٿيو. *********** Dr. Pathan wishes you Good Day. [People having wandering souls will not accept any Golden Heart and respect sincerity and sacrifice. They have no peace of mind and will always mind business of their ego and interest. They only know to get and take, but will avoid to respond and reciprocate. They love to leave and forget. They are restless and not placed any where. But, my dear is beauty & love, kind and accommodating, peace and peaceful and sincere & selfless ] رمندا روح سڪون سواء ڪا جاء نہ ڪن ڪڏھن قبول, دليون ۽ دوست رشتا ناتا چاهن مٽائن تن جو معمول, ضد ۽ زوراورئ جو ۽ پاڻ مڃائڻ ٿيو تن سندو اصول, پر مانجهي من ۽ مڙس نہ ٿين ملول, نڀائن نينهن سدا. ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {3rd APRIL} EVENTS: 3.4.1836: A draft of new and amended treaty is handed over to Mir Noor Muhammad Khan and Mir Muhammad Khan and Mir Sobdar Khan. They are told that the orders of the Governor-Genral were final and no alteration could possibly be made in it. 1918: “Rasai Commission” starts taking statements from landlords and collecting evidences at Karachi. The Commission was constituted by the Government on the initiate of RaisGhulam Muhammad Bhurgri. Seth HarchandraiVishindas and Ghulam Hussain Hidayatullah were its members. 1920: Pir Syed Asadullah Shah of Tukhar presides over public meeting of Muslims at Sukkur. It is attended by more than 4000 participants belonging to various parts of Sindh. A committee is constituted to reorganize ‘Sindh Muslim League’. Jan Muhammad Junijo ,PirTurab Ali Shah and Pir Ali Anwar Shah are also included as members of the committee. This may Kindly be kept in mind that since 1917 Sindh Muslim League did its level best to get affiliated with the All-India Muslim League, but it was denied and the public meeting of today decided to reorganize their own Sindh Muslim League and not the branch of the All-India Muslim League. 1932: Sindh Congress observes ‘Gandhi Arrest Day’. Meetings are held in major cities and speeches are made against high handedness of the Government.1968: Pakistan dissociated itself from the final communique of the SEATO ministerial meeting. 1969: President Yahya Khan forms a three-member council of administration with himself as its chairman. The other members are DCMLA Lt.General Abdul Hamid Khan, Vice Admiral S.M.Ahsan and Air Martial Noor Khan. 1971: More than 100 British and Australian families arrives in Singapore from Dhaka as they find situation of East Pakistan taking new turn in history.

Wednesday, 1 April 2026

SINDH in history today (2nd April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

Author Dr. Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. GULHAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (2nd April) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {2nd April} & Good Day Wish. ************* Dr.Pathan wishes you a Good Day. [What you intend to search in this world is already available in your heart. Do not be a wandering soul. Do not close the doors of your heart. Open your eyes and see yourself. You are beautiful, peace & love. You are an integral part of this beautiful world] جئ جي بدران جھان کي ڳولھین، پاڳل آھین اجايو پاڻ پیو رولین، بند دروازا جي دل جا تون کولین، ساز سریلا ٻولین، سونھن سلام جا. ‏*********** ************ توجه طلب واقعا ************ 2.4.1843: نيپيئر اڄ پنهنجي گورنر جنرل کي ٻڌايو ته هن ڪهڙي طريقي سان سنڌ جو روينيو انتظام رکيو آھي. هن لکيس ته مون کي اجازت ڏيو ته سنڌ ۾ ڪليڪٽرن کي در ماه 1200 روپيا پگهار ڏيان. 2.4.1927: هئ سال لاڙڪاڻي لاء ڳورو ثابت ٿيو. شڌي تحريڪ هلائيندڙن نه فقط سنجوڳي شيخن کي زورئ دين مٽائڻ تي تنگ ڪرڻ شروع ڪيو. لاڙڪاڻي ضلعي مان مسلمان مائي ڀڄائي ويا. ان ڪري هندو-مسلم فسادن جي شروعات ٿي ۽ ڪيترا مسلمان گرفتار ڪري مٿن ڪيس مڙھيا ويا. اڄ سنڌ کان ٻاهر واپار ۽ تجارت ڪندڙ سنڌي ھندن جئرامداس دولترام جي اڳواڻئ ۾ ممبئي سرڪار جي هوم منسٽر سان ملاقات ڪري گذارش ڪئي ته چوٿين اپريل تي مسلمانن جي عيد جو ڏينھن آھي ۽ وري وڏن فسادن جو خطرو آھي, ان ڪري لاڙڪاڻو فوج حوالي ڪيو وڃي. 2.4.1950: پاڪستان جو وزير اعظم لياقت علي دهلئ پهتو ته جيئن لڏ پلاڻ ۽ لڏ پلاڻيندڙن جي مسئلن تي انڊيا جي حڪومت سان ڳالهيون ڪري. 2.4.1979: ذوالفقار علي ڀٽي جي ڀيڻ شھربانوء ڀٽي جي جان بخشئ لاء ضياء الحق کي رحم جي اپيل ڪئي. ************ {2 اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ ڪي شخصيتون} ************ [جنم ڏينهن:] 2 اپريل 1860ع بزرگ سيد علي گوهر شاهه ثاني جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 اپريل 1902ع موسيقار ۽ گويي استاد بڙي غلام علي خان جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1903ع شاعر ۽ فريڊم فائيٽر سوامي تلوڪ داس جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1920ع شاعر منگهارام ديال جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 اپريل 1939ع اسڪالر ڊاڪٽر شمس عرساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1939ع ليکڪ اياز پاٽولي(ٽنڊو محمد خان) جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1961ع ليکڪ ڊاڪٽر ظفر عباسي (ڪنڊيارو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 اپريل 1969ع تي آغا نياز مگسی نامور ادیب ۽ شاعر شھداد ڪوٽ ۾ ڄائو ۽ اڄ ڪله ديره مراد جمالئ ۾ رهي ٿو. 2 اپريل 1973ع شاعر الطاف آسي جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1973ع ليکڪ عبدالحميد ابڙوجو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1976ع شاعر ۽ ليکڪ پنهل جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1983ع شاعر اقرار دانش (سيد پور) جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1984ع شاعر مٺو ڀيل (سانگهڙ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 2 اپريل 1985ع شاعر عاجز ابڙو (ڪولاب جيئل) جو جنم ڏينهن آهي. 2 اپريل 1993ع شاعر جاويد آزاد جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 2 اپريل 1857ع مولانا عزيز الله متعلوي جو لاڏاڻو ٿيو. 2 اپريل 1894ع خيرپور رياست جي اڳوڻي حڪمران مير علي مراد ٽالپرجو انتقال ٿيو. 2 اپريل 1897ع سماجي ورڪر ساڌو گوڪل داس ديهانت ڪري ويو. 2 اپريل 2005ع شاعر محسن ڪڪڙائي جو لاڏاڻو ٿيو. SINDH IN HISTORY TODAY (2nd APRIL) 2nd April BIRTH DATES Syed Ali Gohar Shah Sani (Pir Jo Goth/Saint/ Born 2nd April 1860), Khatanmalalies Swami Tilokdas (Abdo/Poet and Political Activist/ Born 2nd April 1905) Mangharam ‘Dayal’ (Poet/ Born 2nd April 1920), Faiz Hydri (TandoHyder/Poet/ Born 2nd April 1922), Dr.Shams uddinUrsani (Hyderabad/Research Scholar/ Born 2nd April 1939), Ghulam Rasool ‘Ghulam’ Jatoi (Sttardino Sangi/Poet/ Born 2nd April 1942), Ayaz Patoli (Tando Muhammad Khan/Writer/ Born 2nd April 1944), Muhammad Ali Siddiqui (Shikarpur/Journalist/ Born 2nd April 1948), Aijz Abro (Kolab Jeal/Poet/ Born 2nd April 1958), Muhammad AkramAraen (Writer/ Born 2nd April 1959), Sufi Khan Muhammad Gadahi (Khushhalani/Poet /Born 2nd April 1960), Zafar Abbasi (Kandyaro/Writer/ Born 2nd April 1964), ’Aasi’ Altaf Hussain (Bhai Khan Palh/Poet/ Born 2nd April 1973), Punhal Memon (Karra/Poet/ Born 2nd April 1976), Fatah Amjad Bajkani (Tangwani/Poet/ Born 2nd April 1978), Iqrar Danish (Syedpur/Poet/ Born 2nd April 1983), Mitho Bheel (Sanghar/Poet/ Born 2nd April 1984), ‘Aajiz’ Abro (KolabJeal/Poet/ Born 2nd April 1985), 2nd April DEATH DATES PiruWazirWassan, Bhalu Gaho & Tagio Chang (All Three/trio of Hurs/ Death 2th April 1896), Moulana Azizullah Mutalvi (Religious Scholar/ Death 2th April 1857), Mir Murad Ali Khan Talpur (Khairpur/ Death 2th April 1894), Sadhu Gokaldas (Sukkur/Social Worker/ Death 2th April 1897) Muhsan Kakrai (Kakar/Poet/ Death 2th April 2005), 2nd April EVENTS 1843: Charles Napier, the Governor of Sindh informs the Governor- General of India that arrangements have been made for the Revenue Administration of Sindh and proposes that the salary of the Collectors stationed in the several districts of Sindh be fixed at Rs.1, 200 per month. 1916: NGO of Karachi ‘Aanand Mandli’ is celebrating its 2nd anniversary with Durgdas B. Advani in chair. 50 guests are there including eminent writer P.L.Wasvani. 1927: Deputation of Sindhi Hindus, headed by Jeramdas Doulatram meets Home Member of the Bombay Government and demand for deployment of military in Larkano on the eve of Eid (4th April), because doubt of attacks by Sindhi Muslims on life and property of Hindus there. Larkano is still burning spot due to Hindu-Muslim riots erupted due to kidnapping and converting Muslim woman of Gerelo. 1939: AasardasPurswani founded monthly ‘ NauJuwan’ from Sukkur. It was aimed at to create social, morale and religious awareness in youth. 1954: Pakistan and Turkey sign treaty for collaboration in culture, economy and politics. 1971: Pakistan deplores Indian Premier Indira Gandhi’s resolution adopted by the Indian Parliament supporting anti-national elements in Pakistan. 1979: Madam Shahabano, sister of Z.A.Bhutto files clemency appeal for her brother. 1990: Benazir Bhutto, the Premier of Pakistan, addressing envoys’ conference in Islamabad calls for proper projection of Kashmir and Afghanistan issues abroad. 1996: cabinet approves sale of 26 % shares of Kot AddoTharmal Power Plant to a British Company.

Tuesday, 31 March 2026

SINDH in history today (1st April). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {1st April}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] *** ************* 1.4.1839: ٻه مهينا اڳ اسان جي حڪمرانن رضا خوشئ سان ڪراچي ڌارين فرنگين کي لڳي ڏني. سيٺ نائونمل ٺٽي ۾ پاٽينجر سان گڏ هئو, سو ڪراچئ آيو. صدر بازار ۾ دوڪان ٺھرايائين. 1.4.1902: ميرپور خاص ۾ ميونسپالٽي قائم ڪئي وئي. 1.4.1913: نواب شاه ۾ ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ جوڙي وئي. ان جو پريزيڊنٽ ڪليڪٽر ٿيندو. 9 ميمبرن کي سرڪار ٿاڦيندي ۽ ڇه ميمبر چونڊ ذريعي ايندا. 1.4.1921: حيدرآباد ۾ ”ائنٽي نان ڪو آپريشن سوسائٽي" قائم ڪئي وئي ته جيئن فرنگي سرڪار بابت وفادارئ جي تبليغ ڪجي ۽ خلافت خواه ڪانگريس جي مخالفت ڪئي وڃي. شمس العلماء مرزا قليچ بيگ ۽ نامياري شاعر ديوان ليلارام وطڻمل خاڪئ هن سوسائٽئ کي فعال بنائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو. 1.4.1931: ڪراچئ ۾ ”جميعت العلماء ھند" جو ساليانو اجلاس ٿيو. هن اجلاس جي مهمانئ ۽ انتظام ۾ مولانا محمد صادق ڪليدي ڪردار ادا ڪيو 1.4.1931: ڪراچئ ۾ سباش چندر بوس جي صدارت ۾ ”سياسي مظلومن بابت ڪانفرنس" ٿي. ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هندستان جي سياسي قيدين جي واهر لاء هڪ ڪميٽي ٺاهي ويندي, جيڪا سندن قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ هنن جي متآثر ٿيل خاندانن جي سار لهندي. ڪانفرنس ۾ پنڊت موتي لال ۽ مولانا محمد علي جوهر جي وفات تي تعزيتي ٺھراء به پاس ڪيا ويا. 1.4.1935: برطانيه جي پارليامينٽ ”انڊيا ائڪٽ آف 1935" پاس ڪيو, جنهن ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ جو فيصلو به شامل هو 1.4.1936: سالن جي سياسي جدوجهد کان پوء سنڌ کي ممبئئ کان علحدگي ملي ۽ ان کي صوبائي خودمختياري ڏني وئي. لينسلاٽ گراهم کي گورنر ۽ ايڇ.ڪي.ڪرپلاڻئ کي چيف سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. 1.4.1940: تعلقي ميروخان جي ننڍڙي ڳوٺ کبڙ ۾ مسلم ليگ جو زبردست جلسو ٿيو. انهئ جو اهتمام مسلم ليگ شاخ جي صدر مولوي علي محمد ڪيو ۽ جلسي جي صدارت مولوي محمد اسماعيل ڪئي. ٺھرائن ذريعي: 1. الله بخش سومري جي حڪومت ڊھڻ تي خوشئ جو اظھار ڪيو ويو,2. حڪومت کان مطالبو ڪيو وڃي ته رشوت ختم لاء قدم ورتا وڃن. 1.4.1941: سر هگ ڊو کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو ويو. هو 1909 ۾ سنڌ ۾ اسسٽنٽ ڪليڪٽر ٿي آيو هو. 1927 کان 1933 تائين سکر بئراج جو روينو آفيسر ٿي رهيو. 1933 ۾ سرڪار هن جي چيئرمنئ ۾ “سنڌ ايڊمنسٽريٽو ڪميٽي" ٺاهي هئي .هن نڀاڳي جي ڏينھن ۾ اسان جا ڪونڌر ڦاهئ چڙھيا. ڊو ڪاليج/يونيورسٽي سندس نالي پٺيان آھي. 1.4.1941: سر حاجي عبدالله هارون جي ڪوششن سان خانبهادر کهڙي جي جاء تي مسلمان صحافين جي گڏجاڻئ ۾ مسلمان صحافين جي ھڪ ائسوسيئيشن قائم ڪئي وئي ۽ ان لاء ھن طرح عهديدار چونڊيا ويا: شيخ عبدالمجيد سنڌي (صدر), محمد خان غني ۽ آغا نظر علي (ٻئي نائب صدر) ۽ حاجي نذيرالدين (سيڪريٽري ۽ خزانچي). انھئ موقعي تي سر حاجي عبدالله هارون 50 روپيا, خانبهادر کهڙي 25 روپيا, جي.ايم.سيد 10 روپيا ۽ آغا غلام نبي پٺاڻ 10 رپيا ۽ شيخ عبدالمجيد سنڌئ 5 روپيا مالي مدد طور ائسوسيئيشن کي ڏنا. 1.4.1951: لياقت علي خان جي پرائيويٽ سيڪريٽرئ کي قلات رياست جو وڏو وزير بڻايو ويو. 1.4.1970: ون يونٽ ٽوڙيو ويو. 1.4.2003: سنڌالاجئ ۾ سنڌ يونيورسٽئ جي وائيس چانسلر مظھرالدين صديقئ جي صدارت ۾ پير حسام الدين شاه راشدئ جي ورسي ملهائي وئي. حسين شاه راشدئ, شوڪت حسين شوري ۽ ٻين مرحوم جي شخصيت ۽ خدمتن تي روشني وڌي. ************* { پهرين اپريل تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 1 اپريل 1811ع مشهور شاعر خليفي گُل محمد هالائي جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1879ع شاعر ۽ اسڪالر محمد صديق مسافر جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1881ع اديب ڀڳت کيمچند(مٺي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1903ع اسڪالر ڀوڄراڄ ناگراڻي (حيدرآباد / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1918ع تعليمدان، سياستدان ۽ سنڌ يونيورسٽي جي اڳوڻي وائيس چانسلر ۽ سابق وفاقي وزير سيد غلام مصطفى شاهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1922ع ليکڪ ڀڳوان پشپ (حيدرآباد / بمبئي) جي پيداائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1929ع صحافي عمرالدين بيدار جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1930ع شاعر نياز همايونئ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1933ع شاعر امير بخش نظر سنڌي(مورو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 1 اپريل 1936ع ايٽمي سائنسدان ڊاڪٽر قدير خان جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع صحافي ناصر بروهي (ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1937ع ليکڪ ناصر مورائي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1940ع مشهور آرڪيالاجسٽ احسان ايڇ نديم جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1942ع شاعر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر بشير احمد شاد(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1943ع ليکڪ ۽ سماجي ورڪر, ليکڪ ۽ ايڊووڪيٽ منير احمد چانڊيو (ٻيڙو چانڊيو) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1947ع نامور محقق ڊاڪٽر بدر اڄڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1952ع ليکڪ، صحافي، تاريخدان، آرڪيالاجسٽ محمد عثمان ميمڻ جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1960ع ڪهاڻيڪار اختر ٽانوري(بوزدار وڏا) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع اسڪالر ڊاڪٽر انور فگار هڪڙو(شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1961ع ليکڪ ۽ پبلشر قربان منگي (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1962ع ڪهاڻيڪار رزاق سهتو جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1963ع ليکڪ بشير منگي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1967ع ليکڪ ابراهيم کرل(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1958ع ليکڪا، شاعره ۽ فيمينسٽ ايڪٽوسٽ عطيه دائود جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1974ع شاعر امر اقبال(خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر وفا ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي. 1 اپريل 1975ع شاعر، ليکڪ ۽ صحافي واحد پارس هيسباڻي جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 1 اپريل 1982ع محقق ۽ تاريخدان پير حسام الدين راشدي جو لاڏاڻو ٿيو. DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (1st April) & GOOD DAY WISH. SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {1st APRIL} Dr.Pathan wishes you Good Day. [Dear! You are every thing for me: brave & bold, beauty & love and even cause & aim of my life. I am nothing, but zero. Accept me as suffix and prefix' in number, it will raise and increase its value and importance. Be my Number, because, you are only my number and number One] آئون ٻڙي تون ٻڙو ٻاجھ جو، تون ئي آھین ڇانو ڇپر، تنھجئ طلب ۽ تانگھ سواء، ڪو پنھنجو ناھي ثمر، تون آھین برہ جو بر بحر، طاقتور اثر سرت سلام جو. ******************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {1st APRIL} EVENTS: 1939: Seth Naomalreturn Karachi in company of Colonel Pottenger who is due to proceed to Bombay. Seth Naomal stays six months here and provides all required services and help to British Camp . During his stay, he got constructed his shops in the Saddar Bazar. 1902: Municipality is created at Mirpurkhas. 1913: The District Local Board is created at Nawabshah. The Board composes of nine nominated and six elected members with Collector as its President. 1921: Anti-Non-Cooperation Society is formed at with Diwan Lilaramsing Watanmal ‘Khaki’- an eminent poet.,Mirza Qalich Beg is also in the Society. This is first ever move initiated by Sindhi poets and writers to help and support British Government of Sindh in rainy days. The Government is facing tough time from Khilafat and Congress as both parties have launched Non-Co-Operation Movement against the Government.1924: The Local Adult Education Movement Association is formed at Karachi to impart English Language education and make it popularized. Classes are started in Theosophical Hall. 1931: It is day of political activities in Karachi. On the initiate of Moulana Muhammad Sadiq of Khada and Hakim Fatih Muhammad Sehwani, Annual Session of the Jamiat-ul-Ulema Hind opens at Karachi. Details and speeches are uploaded on Gul Hayat website. Subhas Chandra Bose presides over the Political Sufferers’ Conference here. Swami Govindanand is the chairman of the Reception Committee. It is decided to form ‘ IndianPrsioners Relief Committee. 1936: Sindh gets Provincial status and is separated from Bombay Presidency. Sindh with area of 123080 k.m was an independent country in 1843. She lost its sovereignty in the same year and became a Province of the Governor and CMLA for four years. In 1847 was annexed with Bombay Presidency and lost its Provincial Status. Today her provincial status is restored. Sir Lancelot Grahm is appointed its Governor, with H.K.Kirpalani as Chief Secretary to the Government of Sindh. 1939: The District Larkano Board withdraws Toll Tax. 1940: On the initiate of Moulvi Muhammad Ali, President of Muslim League local branch of Khabar of TalukaMirokhan, a public meeting is held with Moulvi Muhammad Ismail in chair. The meeting is happy on the fall of Allah BuxSoomro’s Government and also congratulates Shaikh Abdul Majeed Sindhi on his election as member of Sindh Legislative Assembly from this Constituency and defeating Sir Shahnawaz Bhutto. 1941: Sir Hugh Dow is appointed as the Governor of Sindh. He started his career as Assistant Collector in Sindh in 1909. He remained Sukkur Barrage Revenue officer from 1927 to 1933. He was appointed the Chairman of ‘Sindh Administrative Committee in 1933. During his tenure as the Governor our two Freedom Fighters: Hemon Kalani and Sooreh Badshah PirPagaro were sentenced to death. On the same date and year and on the initiate of Sir Haji Abdullah Haroon, G.M.Syed, Shaikh Abdul Majeed Sindhi and K.B. Khuhro ‘Sindh Muslim Journalists Association is formed.Shaikh Abdul Majeed Sindhi (President), Muhammad Khan ;Ghani’ (V.P), Agha Nazar Ali Khan (V.P), Haji Nazir-u-din, editor ‘Hayat’, Karachi (Secretary & Treasurer) are elected as first ever office-bearers. 1952: Government withdraws Camps (Lorhas) and Hurs are made free.

Monday, 30 March 2026

SINDH in history today (31st March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {31st March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. *****************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ****** **** تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڌاريا سنڌ ۾ ترقئ جي نالي تي اهي ڪم ڪرائيندا, جن مان کين فائدو ملي. انگريزن ڪو وڏو ڪاليج ته ڪو نه قائم ڪيو, پر ڪلارڪ ۽ منشي پيدا ڪرڻ لاء اسڪول کوليا. ان جي ثابتي اوهان کي وڊيو ٽاڪ مان ملندي. نامور فلاسافر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل پوڙهائپ ۾ نوجوان ڇوڪرئ سان شادي ڪري, هندو سماج ۾ ڀونچال آڻي ڇڏيو. پر پوء ماڻھن کي هن عظيم انسان جي ڪارنامي جي خبر پئي ته هن جنهن ڇوڪرئ سان شادي ڪئي, اها پنهنجي فريبي دوست کان دوکو کائي ماء بڻجڻ واري هئي. ڏاهي ڏيارام گدومل انهئ ڇوڪرئ ۽ سندس خاندان جي عزت رکي ۽ ڇوڪرئ جي عيبن تي پردو وجهڻ لاء شادي ڪئي. ان جا تفصيل منهنجي وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن. 1921 ۾ مسلمانن ضد ڪري هندن کي اڏيري لعل تي " چيٽي چنڊ" ميلو ڪرڻ نه ڏنو, وري 1927 ۾ ھندن لاڙڪاڻي ۾ 70 مسلمان جيل وجهرايا. ڪٽر هندن توڙي مسلمانن, ٻنھي سنڌ جي امن ۽ اتحاد کي نقصان ڏنو. ڪي شاهديون هن وڊيو ٽاڪ ۾ موجود آھن ************ توجه طلب واقعا ************ 31.3.1857: انگريزن کان اڳ سنڌ جي شھرن ۾ قافله سرائيون هونديون هيون, جنھن ۾ واپاري ۽ ٻيا مسافر اچي رهندا هئا. انگريزن پنهنجي تجارتي, سماجي, ثقافتي ۽ دفاعي مقصدن لاء ريسٽ ھائوس/ڌرم شالائون ٺھرائڻ شروع ڪيون. اڄ سنڌ جي ڪمشنر کي ڪراچي ضلعي ۾ ڌرم شالائن ۽ بنگلن ٺھرائڻ لاء ممبئي سرڪار اجازت ڏني. 31.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر ممبئي سرڪار کي لکيو ته حيدرآباد ۾ انگريزي اسڪول کولڻ جي نيت آھي, ان لاء در ماه 100 روپيا مالي مدد ڏيو. نوٽ ڪرڻ جي ڳالھ ھئ آھي ته سرڪار کي اسڪولن قائم ڪرڻ جو خيال پوء آيو. پر ان کان اڳ واپارين ۽ تاجرن لاء ڌرم شالا ٺھرائيا ويا. 31.3.1908: سکر ۾ ”سنڌ ٿياسافيڪل سوسائٽئ" جي شاخ (لاج) کولي وئي. ڪشنچند هن لاج جو باني صدر ٿيو. 31.3.1913: نامياري فلاسفر ۽ سماجي سڌارڪ ڏيارام گدومل جي عمر 56 سال هئي. هن پنهنجي دوست جي نوجوان ڌئ سان شادي ڪئي. سڄي هندستان ۾ ھل مچي ويو. گانڌي ۽ ابوالڪلام آزاد هن سان ملڻ آيا, هو ساڻن مليو ئي ڪونه. ڏيارام گدومل شهاڻي چوندو هئو ته هو بغاوت واري سال 1857 ۾ ڄائو آھيان ۽ بغاوت منھنجي طبيعت ۾ شامل آھي. سندس هن شادئ پٺيان هن جو وڏو ڪارنامو موجود آھي. 31.3.1921: هي اهو زمانو آھي جڏهن سنڌ جا هندو توڙي مسلمان خلافت ۽ ڪانگريس جي پليٽفارن تان فرنگي حڪومت کي ڏينھن جا تارا ڏيکاري رهيا هئا. پوء سرڪار "ويڙھايو ۽ حڪومت ڪريو" واري چال چلي. مذھب جي بنياد تي اٻوجھ هندن ۽ مسلمانن ۾ نفرتون پيدا ڪيون. اڄوڪئ تاريخ جي انگريزي اخبار "ڊيلي گزيٽ“ ۾ لکيو ويو آھي ته 1921 جي شروعاتي مهينن ۾ ”اڏيرو لعل" بابت هندو-مسلم تنازعو شروع ٿيو. حالتون اهڙيون بگڙجي ويون جو اڏيري لعل تي ٿيندڙ ”چيٽي چنڊ" واري ميلي تي سرڪار بندش وڌي ۽ هندن اهو ميلو وڃي نصرپور ۾ ملهايو. ڇو ته اڏيري لعل جو جنم نصرپور ۾ ٿيو هو. 31.4.1931: ڪراچئ ۾ 29 مارچ کان انڊين نئشنل ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس شروع ٿيو هو. اهو اڄ پڄاڻئ تي پهتو. انھئ جي صدارت سردار ولڀ ڀائي پٽيل ڪئي هئي. ھن اجلاس جي مڪمل ڪاروائي اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي. 31.4.1934: ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ لالچند نولراء جي صدارت ۾ ”سنڌ هندو ڪانفرنس" ٿي,جيڪا ٻه ڏينھن هلي. هن ڪانفرنس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي صوبائي خودمختياري نه ڏجي ۽ ان کي ممبئي پرڳڻي جو حصو ڪري رکيو وڃي. 31.3.1954: ڪاش! اسان فقط ڳالهيون نه ڪيون. پر, جيڪڏهن سنڌ جي نه ته پنهنجي تعلقي يا ضلعي جي سياسي, سماجي, ادبي, ثقافتي, تعليمي ۽ ثقافتي تاريخ تي مواد گڏ ڪريون ۽ پوء انھئ مواد جي آڌار تي تاريخ مرتب ڪريون. سرڪار اڳي هر سال کاتن جي پروگريس رپورٽ شايع ڪرائيندي هئي. 1954 وارئ تعليم کاتي واري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آھي ته ضلعي لاڙڪاڻي ۾ پرائمري اسڪولن جو تعداد 495 هو. ان مان 456 بوائيز اسڪول هئا ۽ فقط 39 ڇوڪرين جا اسڪول هئا. 29028 ڇوڪرا ۽ 3012 ڇوڪريون پڙھنديون هيون. سال ۾ پرائمري تعليم تي سرڪار 1090285 روپيا خرچ ڪيو. 31.3.1958: ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿان. اسڪندر مرزا ملڪ جي اڻ-چونڊيل صدر اوڀر پاڪستان جي گورنر اي.ڪي.فضل الحق کي ڊسمس ڪيو ۽ اتان جي صوبائي حڪومت کي ختم ڪري ڇڏيو. ياد رهي ته اي.ڪي.فضل الحق 1940 ۾ لاهور واري مسلم ليگي اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء" کي پروپوز ڪيو هو. 31.3.1969: ڏاڍي لٺ کي ساڳيا ئي ٻه مٿا. چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جنرل يحيا خان پنهنجو پاڻ کي صدر مقرر ڪري ڇڏيو!!!! ************ {31 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون} [جنم ڏينهن:] 31 مارچ 1914ع اديب مير الله بخش ٽالپرجو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1936ع سياستدان ۽ ڪاموري امداد الله انڙ جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1939ع صحافي محمد يوسف بروهي (قنمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1941ع شاعر محمد ڇٽل فراز (آراضي) جو جنم ڏينهن آهي. 31 مارچ 1950ع شاعر سڪندر آهه جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 31 مارچ 1984ع شاعر شفيق الرحمان ذاڪر (ٺل) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 31 مارچ 1964ع صحافي ۽ فريڊم فائيٽر مولانا عبدالڪريم چشتي(شڪارپور) جي وفات ٿي. 31 مارچ 1987ع صحافت ۽ ٻوليء لاء ڪم ڪندڙ علي محمد ڀٽو انتقال ڪري ويو. DR.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (31st March) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you a Good Day. [There is no provision for logic and arguments in love affairs. It requires sincerity, trust and dedication. Surrender before dear, you will find yourself very near to him/her. If you believe Allah religiously, do not shift responsibility for performing your duties to Him. Because, He has empowered you properly and accordingly. Do, what you have to do. Don't insist on taking and getting, if you are not ready to give. Dear! Revisit and revise your vision & wisdom, strategy & life-craft] بحث برہ ۾ ۽ ڪو منطق محبت ۾ جائز ناھ، ڪرٹو سب ڪجھ پاڻ کي بار نہ اھو لاھ، ڳالھ اھڙي ٺاھ، جو ڄاٹین سونھن سلام کي ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {31st March} EVENTS: 1857: The Commissioner in Sindh writes to the Government of Bombay requesting sanction to a grant-in-aid of Rs.100 per mensem to a school proposed to be established at Hyderabad. 1934: Sindh Hindu Conference held in Khalikdina Hall at Karachi and presided over by LalchandNavalrai demands that Sindh shall remain annexed with Bombay Presidency. The resolution proposed by RaiBahadurHiranandKhemchand sates that even Bombay Provincial Committee of the Simon Commission, including its member Shahnawaz Khan Bhutto has opposed the separation of Sindh, hence the demand of Sindh Hindu Conference is justified. 1908: The Sukkur Lodge of the Sindh Theosophical Society is chartered. Kishinchand is elected as its founder President. 1913: The Philosopher and great Social worker Diwan Dayaram GidumalShahani marries Urmila Devi- daughter of his Malbari friend. It was a drastic action taken by a man of name and fame and it was termed as violation of Hindu norms. He is criticized at large and is not influenced by any propaganda. Later on Mahatma Gandhi and Moulana Abu-al-Kalam Azad tried to see him, but he regretted to see any one. 1917: Eminent Scholar Dr.Gurbuxani delivers his lecture on the topic of ‘Our Community’. This lecture program is arranged by ‘The Young Amils’ Association’ of Karachi. 1921: Sindh- the land of love and lovely people is being converted into ‘fire-place’ by its sons of soil. British ruleres policy to ‘divide & rule’ has brining its results. Hindus and Muslims have disputed over celebrations of ‘Cheti Chand’. The Government impose ban on the celebration of event at Uderolal, hence, it is celebrated at Nasrpur, the Birth place of Uderolal. 1954: The official Report says that 37,608 students are enrolled in Government recognized 532 schools of the Larkano district and it is 7.5 % of the Population. Out of these 532 schools the number of Primary schools is 495, 456 for boys and 39 for girls. 29028 boys and 3012 girls are enrolled in these Primary schools. The Government’s annual expenditure on Primary education in the district is Rs. 10, 90,285/. 1958: The President Iskandar Mirza removes A.K .Fazul-ul-Haq from the office of Governor of East Pakistan. In 1940, in the Muslim League Session of Lahore, the ‘Pakistan Resolution’ was proposed by the removed Governor A.K.Fazul-ul-Haq! 1969: CMLA Yahya Khan assumes the office of President of Pakistan to be effective from 25th of March.

Sunday, 29 March 2026

SINDH in history today (30th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ****** **** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {30th March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ****** **** Dur Muhammed Pathan: EVENTS FROM SINDH HISTORY (30th March) & Good Day wish By: Dr. Pathan ** 1839ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي انگريزن جي سنڌ ۾ مقرر پوليٽيڪل ايجنٽ ڪرنل پوٽينجر ٺٽي جي آفيسر ڪمانڊنگ کي سفارش ڪئي ته فوجي دستن کي اها هدايت ڪئي وڃي ته اهي سنڌ جي حڪمرانن جي علائقن مان گذرڻ وقت انهن جي شڪارگاهن کي متاثر نه ڪن.ڇوته سنڌي حڪمران شڪارگاهن جي حوالي سان گهڻا فڪرمند رهندا آهن. ** 1918ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سنڌ صوبائي ڪانفرنس جي شروعات ٿي، جنهن جي صدارت مرليڌر جئرامداس ڪئي، جيڪو ان وقت جو مشهور اڳواڻ هو، ڪانفرنس ۾ سنڌ جي مختلف شهرن مان اٽڪل 500 وفدن شرڪت ڪئي. ** 1919ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ روولاٽ بل خلاف سخت احتجاج ڪيو ۽ ان حوالي سان سنڌ جي مختلف شهرن ۾ جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1954ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي لاهور ۽ ڍاڪا ۾ ٽي وي اسٽيشنون قائم ڪرڻ لاءِ جاپان جي اليڪٽرانڪ ڪمپني نائيپون اليڪٽرڪ سان معاهدا ڪيا ويا. ** 1973ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو مخالف ڌر جي اڳواڻن کي ڳالهين جي آڇ ڪئي، جنهن تي اپوزيشن جماعتن صلاح مشوري بعد جواب ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ** 1984ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي پاڪستان اعلان ڪيو ته ائٽمي پروگرام جاري رکيو ويندو، ان حوالي سان ڪنهن به قوت جو دٻاءُ قبول نه ڪيو ويندو. ** 1995ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي صدر فاروق احمد لغاري ڪراچي ۾ امن امان جي بهتر صورتحال لاءِ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن کي ڳالهين لاءِ ايوان صدر اسلام آباد سڏائي ورتو. ** 2002ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي برطانوي راڻي ايلزبيٿ ٽو جي ماءُ گذاري وئي. هن جي عمر 101 سال هئي، سندس وفات جو اعلان بڪنگهم پئلس طرفان ڪيو ويو.سندس آخري رسمن ۾ اٽڪل 10 لک ماڻهن شرڪت ڪئي. *********** ڏينهن 30 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 30 مارچ 1863ع مذهبي اسڪالر مولانا غلام رسول (شڪارپور) جي پيدائش ٿي. 30 مارچ 1905ع ليکڪ الله بخش نظاماڻيجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1941ع سياستدان ۽ اڳوڻي صدر وسيم سجادجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1944ع شاعر خادم حسين همدم (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1945ع اديب آخوند عبدالحميدجو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع ليکڪ احمد خان احمداڻي (ڊگهڙي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1970ع صحافي ايم اشرف افغان (شهداد ڪوٽ) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1979عاسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر مخمور بخاري (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1980عشاعر مير بيتاب پريو (نوابشاهه) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 30 مارچ 1981عليکڪ سهيل اختر ڪوريجو (پيارو ڳوٺ) جو جنم ڏينهن آهي. 30 مارچ 1984ع شاعر غلام عباس وفا جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 30 مارچ 1726ع بزرگ مخدوم ابو القاسم ٺٽوي جو لاڏاڻو ٿيو. 30 مارچ 1878ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ شاعر مير حسين علي خان حسينجو انتقال ٿيو. 30 مارچ 2002ع مشهور شاعر آنند بخشيجي ديهانت ٿي. 30 مارچ 2011ع اداڪاره روشن عطاجو انتقال ٿيو. *********** Dr.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Superiority complex is not only seed of sorrows & longings but, it is self-dodging act that generates hatred & discrimination. None of us is only and only beautiful & bold and saint & wise in the ,, but everybody is combination of good and bad. Nobody will be respected, if no one is accepted accordingly ] سیاٹو، سھٹو, سیبتو پيا سورهيہ سڏایون ، پر دنيا جهان ۾ فقط اسان ئي تہ ناھیون، ڀلي فرشتن ڌن-ڌڻين جيان پاڻ جتایون، ‏‎ ‎ ڄمڻ مرڻ جذبن امنگن م بنه برابر آھیون، انا ۽ نفرت, جي دل تان وهم گمان لاھیون، تہ ڀائیون ۽ آھيون سونهن سلام اسان ئي *********** SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {30th Marcha} EVENTS: 1839: Colonel Pottenger recommends and requests Officer Commanding Thatta that army be instructed not to damage Shikargahs of Sindh Rulers while they are passing through their territory. 1918: The Sindh Provincial Conference opens in Karachi. It is being presided over by MurlidharJeramdas, a Pleader of Shikarpur. Nearly 500 delegates from all parts of Sindh are participating. Details are available on Our website 1919: Sindh protest against Rowlaat Bill. Processions are taken out and meetings are held in major cities. 1954: An agreement is signed with NIPPON Electric Co. of Japan to establish two experimental T.V. stations at Lahore and Dhaka. 1955: Pakistani flag is desecrated at Kabul, Qandhar and Jalalabad. 1972: ‘Pakhtoonistan’ is no longer issue with our party, says NAP chief. 1973: Bhutto invites opposition for talks. 1979: Z.A. Bhutto’s habeas-corpus pleas are dismissed. 1984: Pakistan’s Nuclear program to continue, says Chief of Army Staff, General Abdul Waheed . 1995: President Frooq Laghari holds talks with MQM leaders in bid to restore peace and normalcy in Karachi.

Saturday, 28 March 2026

SINDH in history today (29th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {29th March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ****** **** 29.3.1839 پاٽينجر 1832 کان سنڌ ۾ رهيو. هاڻي بيمار رهڻ ڪري واپس وڃڻ جي ڪري رهيو آهي. اڄ ھن ٻه خاص خط لکيا آھن: هڪ پنهنجي اسسٽنٽ ايسٽ وڪ کي ۽ ٻيو ميرن کي. انھن جو تت ھي آهي: 1. ڪراچي شھر ميرن کي واپس نه ڪيو ويندو. 2. مير اسان جي نئين معاهدي کي جيئن جو تيئن ڪنهن ڦير گهير بنا قبول ڪري مهر لڳائن. 3. ڪراچئ ۾ اسان جو ڪئپٽن هيڊ سنڌين ماريو آھي. مير انهن قاتلن کي پڪڙي ڪراچئ ۾ ڦاھئ تي چاڙھن. 29.3.1844 گورنر جنرل تفصيلي خط لکي, نيپيئر جي هنن انتظامي قدمن جي واکاڻ به ڪئي ۽ منظوري به ڏني: 1. سنڌ تي مڪمل قبضو, 2. قيدي ميرن ۽ جنگي قيدن بابت ورتل قدم, 3. جابلو ڏوهاري قبيلن کي سنڌي معاشري جو سڌريل حصو بنائڻ واري آبادڪاري 29.3.1851 سنڌ جي ڪمشنر حيدرآباد جي ڪليڪٽر کي لکيو ته سرڪار جو ارادو آھي ته حيدرآباد ۾ "ڪنزروينسي بورڊ“ ٺاهجي, ان لاء ابتدائي رپورٽ لکي موڪلي. 29.3.1923 تحريڪ آزادي ۾ سنڌ جي اخبارن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان لاء اخبارن خواه ايڊيٽرن رياستي ڏمر جو نشانو به بڻيا, حق ۽ سچ جي واٽ نه ڇڏيائون. اڄ "الوحيد" جي ايڊيٽر تي "انڊين پينل ڪوڊ جي سيڪشن 153 الف ۽ 124 هيٺ“ ڪراچئ جي سٽي ماجسٽريٽ جي ڪورٽ ۾ ڪيس هليو. 29.3.1931 ڪراچئ ۾ آل انڊيا ڪانگريس جو پنجيتاليهون ساليانو اجلاس ٿيو. ان جا تفصيل گل حيات جي ويب سائيٽ تي موجود آھن. 29.3.1931 آل انڊيا هندو ڪانفرنس پنهنجي اجلاس ۾ سنڌ کي ممبئئ کان الڳ ڪرڻ خلاف ٺھراء پاس ڪيو. ٺھراء آھي: The Conference emphatically protest against non-representation of Sindhi Hindus on the 1st Round Table Conference, and repudiate the decision of its Sub-Committee agreeing in principle to the separation 29.3.1970 چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ۽ صدر يحيا خان سياست ۽ چونڊن بابت ليگل فريم ورڪ آرڊر جاري ڪيو. 29.3.1961 جنھاڻ ۾ غلام حسين سومري جي صدارت ۾ ” چنڊ تارا ڪلب" جي گڏجاڻي ٿي. ان وقت ڪلب جون هن ريت چونڊون ڪيون ويون: محمد علي (چيئرمن), صالح (وائيس چيئرمن), عبدالمجيد (سيڪريٽري) ۽ مير محمد (خزانچي) DR. DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY (29th March) & GOOD DAY WISH: Dr.Pathan wishes you Good Day. [ Darkness is prevailing upon here and there, everywhere. It has become difficult to see proper path. I have burnt myself to extent that now Earth and Sky stand shined and difference can be understood between hatred and love, discrimination and beauty. My Dear! Now it is clear Day Light. You will not face any problem due to darkness. Come on. See my love and your beauty in this light. Keep in mind that your beauty and my love are two sides of same coin ] جلین تان جل جانب لاء، ڀل جلندو ڏسئي جھان، ٻرندین تان روشن ڪندین، ھئ ڌرتي ھو آسمان، پوء تنھنجو شان ۽ مان، ٿيندو سرت سلام جيان ************* SINDH (including Pakistan)IN HISTORY TODAY {29th March} EVENTS: 1835: Colonel Pottenger informs his Government that Mir Noor Muhammad Khan has warned Baharo Khoso to abstain from his predatory habits and have asked him to migrate to other part of Sindh and leave Thul with out fail. 1844: The Governor-General of India while writing to the Governor of Sindh, Chales Napier, applauds the masterly arrangements and cheerful patience of the troops, by which complete success had attended his operations against the Balochee tribes involved in robberies and law-breaking on the west-north border of Sindh.He appreciates cooperation of High Highness Mir Ali Murad Khan for indicating their whereabouts resulting surrender of some of them. Governor-General advises Charless Napier that Balochee tribes be settled in Sindh so as can be scattered and put under observation properly. 1923: The editor of Daily Al-Waheed is in trouble. He was arrested under Section 124 & 153-A of the Indian Penal Code. Today he is produced before the court of the City Magistrate, Karachi. 1931: It is Day of Hindus in the politics of Sindh. The 45th Annual Session of the All-India Congress Committee is being held at Karachi. SardarValibBhai Patel is in chair, whereas Mahatma Ghandhi and Khan Abdul Ghaffar Khan are amongst participants. On the other hand, out of Sindh, All-India Hindu Conference is adopting resolution on the issue of the separation of Sindh from Bombay Presidency. The Resolution says” “ This Conference emphatically protest against non-representation of Sindh Hindus on the 1st Round Table Conference, and repudiate the decision of its sub-committee agreeing in principle to the separation of Sindh from Bombay Presidency”. 1993: A majority judgment of the Supreme court finds former chief of army staff General (R) )MirzaAslam Beg, guilty of contempt of court but charge is dropped,

Friday, 27 March 2026

SINDH in history today (28th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] ****** Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (28th March) EVENTS: 1843: The Governor General of India agrees with Governor Sindh, Charles Napier that Karachi be made capital of Sindh, and advises that communication between Hyderabad and Karachi be facilitiated, public buildings be erected and water be obtained from the under Gizri Hills. 1916: The Karachi Citizen’s Club lauds services rendered by Lord Harding for India and British Subject. Seth Harchandrai Vishindas presides over the public meeting held in Khalikdina Hall of Karachi. RaiBahadurAlomalTikamdas, Khan BahadurNusserwanji; JamshedNusserwaniji; GidumalLekhraj, Framroz E. Panthakey; DurgdasB.Adavani;LokomalChelaram; D.D.Dhala speak on the occasion and praised Lord Harding and his services. 1956: KaqiFazul-ullah and PirIllahiBux are released on bail. KaziFazul-ullah was one of absentees members, when Sindh Assembly voted for favouring One-Unit Scheme. 1977: Z.A.Bhutto takes oath as Prime Minister of Pakistan. Mufti Mahmmod says that newly elected National Assembly is not representative forum of the people and by the people. 1994: Sedition case is registered against MQM Chief Altaf Hussain, in Karachi. 1995: In a massive crackdown, police arrests in Hyderabad 100 political activists of various parties. Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {28th March} Good Day Wish, Events from history ************* *** واقعاتي تاريخ ************* 28.3.1844: ڪمپني حڪومت سنڌ سرڪار کي اجازت ڏني تي ڀلي شڪارپور ۾ جيل ٺھرايو. (جابلو قبيلن جي وقت به وقت ڦرلٽ ۽ گرفتاري هن جيل جوڙڻ جو جواز بڻي). 28.3.1851: سنڌ سرڪار خانڳڙه {جيڪب آباد} ۾ فوجي ڇانوڻي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو. 28.3.1857: ڪراچئ جي ڪليڪٽر سيوهڻ سب ڊويزن جون ديهون تجويز ڪري, لسٽ ٺاهي منظورئ لاء ڪمشنر کي موڪلي ڏني. 28.3.1916: هرچندراء وشنداس جي صدارت ۾ ڪراچئ جي خالق ڏني هال ۾ جلسو ٿيو, جنهن ۾ وائسراء لارڊ ھارڊنگ جي واکاڻ ڪئي وئي ته هن پنهنجي تدبر سان ملڪ بهتر نموني هلايو. هن جلسي جا مک تقرير ڪندڙ هئا: راء بهادر آلومل ٽيڪچند, خانبهادر نسروانجي, گدومل ليکراج, درگداس آڏواڻي, لوڪومل چيلارام ۽ ڊاڪٽر ڌالا. 28.3.1956: الائي کل جهڙي ڳالھ آھي يا گنڀيرتا سان سوچڻ جهڙي ڳالھ آھي ته سياسي سرگرمين ڪري سنڌي سياستدان تحريڪ آزادئ يا تحريڪ پاڪستان دوران ايڏي تعداد ۾ جيلن ۾ نه ويا, پر پاڪستان واري ابتدائي دور کان اهي جيلن ۾ ضرور ويا. اڄ قاضي فضل الله ۽ پير الاهي بخش کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو. 28.3.1964: پاڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ وزير اعظمن مان ذوالفقار علي ڀٽو اهو واحد ماڻھو هو, جنهن ڪشمير تي گهڻو ڳالهايو ۽ گهڻي جاکوڙ ڪئي. ان سلسلي ۾ اڄ چئي ٿو ته ڪشمير مامرو پاڪستان ۽ انڊيا جي لاڳاپن تي منفي اثر وجهي رهيو آھي. 28.3.1977: “ڌاڌلئ وارن چونڊن“ جي نتيجي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو ته وزير اعظم ٿي ويو, پر پي.اين.اي جي اڳواڻ مفتي محمود اڄ چيو ته قومي اسيمبلي عوامي نمائندگي نه ڪري ۽ اسان هن اسيمبلئ کي نه ٿا مڃون. 28.3.1994: ايم.ڪيو.ايم جي ابي الطاف حسين تي غدارئ جو ڪيس ڪيو ويو. 28.3.1995: سرڪار حيدرآباد مان هڪ سو مخالف سياسي ڪارڪن گرفتار ڪري ورتا. (عجيب ڳالھ آهي ته مخالفن کي جڏهن ڪڏهن وڏي پئماني تي گرفتار مارچ جي پوئين هفتي ڪيو ويو/ويندو آھي. صدر يحيا ايئن ڪيو, ذوالفقار علي ڀٽي ۽ بينظير به مارچ ۾ مخالف گرفتار ڪيا ۽ موجود حڪومت به عمران جا پوئلڳ ايئن مارچ ۾ گرفتار پئي ڪري). ************* ڏينهن 28 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 28 مارچ 1888ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1899ع ليکڪ ڀوڄومل جيوت رام (سنڌ / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 28 مارچ 1912ع سماجي ڪارڪن ابراهيم دائود گلزار ميمڻ(حيدرآباد) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1964ع شاعر ۽ نثر نگار نصير سومري جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1968ع شاعر بشير احمد ”جگر خون“ جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 28 مارچ 1975ع باليووڊ اداڪار اڪشي کناجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 28 مارچ 1985ع مشهور ملهه پهلوان رستمِ سنڌ شير ميربحرانتقال ڪري ويو. 28 مارچ 1990ع مذهبي اسڪالر علامه محمد قاسم مشوري لاڏاڻو ڪري ويو.

Thursday, 26 March 2026

SINDH in history today (27th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {27th March}. Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali Pathan. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2. Events from history, ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Your Golden Heart is the Palace of Allah and full of Human love and respect. Selfish Soul can't stay there. You can't keep people like shadows with you when you are encircled by sorrows & longings. Ever running clouds never rain. Don't expect much of them. Who becomes tool of hatred and discrimination, can't be source of sincerity, beauty and love. Who can't listen to her/his nature and instincts, can't listen your love and respect song.] تنهنجي دل تہ خدا جو گهر آھي ان ۾ نفرت پرست رهي ڪيئن سگهندو؟ تانگھ ڇڏ پچر ڇڏ پاڇي جي ڏک جي ڀلا اونده ۾ ڪيئن هو اتي رهندو؟ ٿاڪ جو مٽائي اهو رمندو ڪڪر ڪٿ ڪڏهن بہ ناهي ڪڏھن ڪو وسندو، سو تنهنجو ناهي جو نينهن بدران سدائين انا ضد جي نهن تي پيو نچندو، تنهنجو سلام ات تي رسندو، جت سونهن ۽ سرت جي نگري ڪا آباد هوندي. ************* SINDH (including Pakistan) EVENTS: 1889: Lord Ray, Governor-General Of India inaugurates the construction work of Sukkur-Rohri Railway Bridge. 1923: On the joint call of the Congress and Sindh Khilafat, Sindh observes the Hartal/Strike to protest against the Government’s Kenya Colony Policy. 1931: Subash Bose addresses the Naujwan Conference at Karachi. He condemns to Bhagat Sing’s execution and makes appeal to the audience for organization of peasants and workers and also pleads for the abolition of caste system. This may be kept in mind that it is said that while on his Sindh tour, Subash went to Gurang Bungalow and held meeting with Pir Pagaro Sureeh Badshah. Subashcame Sindh in 1931 and that time Pir Pagaro was not even in Sindh. Therefore, it is not correct that Pir Pagaro was politically influenced by Subash Chandra Bose. 1933: The Central Working Committee of the Hindu Maha Sabha, in its meeting held at Delhi discusses on White Paper and terms it against interests of Hindu Community. It was decided that All-India strike will be held on 9th April to protest against the White Paper. 1939: Hindu ministers of Sindh are not happy with K.B. Allah Bux Government.NihchaldasVazirani and Dialmal Doulatram resign as ministers, whereas Dr.Hemandas intends to move Mo-Confidence motion against K.B.AllahBux, the Premier. 1940: Sindh Government vide Notification No (s) 29H/207 appoints Judge to conduct Inquiry regarding the Masjid Manzilgah dispute and roots. 1945: G.M.Syed sends Telegram to the Quaid-i-Azam uprising him of political situation in Sindh and expelling him and Hashim Gazdar from the Party. 1955: The Government of Pakistan promulgates the Emergency Power Ordinance and assumes powers to make provision for framing the constitution, constitute the province of West Pakistan. SINDH (including Pakistan) in history today [27th March]. By. Dr.Pathan ***** واقعاتي تاريخ۔ ************* ** 1923ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ ۾ خلافت ڪاميٽي ۽ ڪانگريس جي گڏيل سڏ تي حڪومت جي ڪينيا بابت پاليسي خلاف هڙتال ڪئي وئي، ان موقعي تي ٻنهي جماعتن طرفان جلوس پڻ ڪڍيا ويا. ** 1931ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي ڪراچي ۾ سڀاش چندر ڀوس نوجوان ڪانفرنس کي خطاب ڪيو، هن ڀڳت سنگهه کي ڦاهي ڏيڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ عوام کي اپيل ڪئي ته حڪومت خلاف تحريڪ تيز ڪئي وڃي. ** 1933ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي هندو مها سڀا جي سينٽرل ورڪنگ ڪاميٽي جو اجلاس دهلي ۾ ٿيو، جنهن ۾ وائيٽ پيپر تي بحث ڪيو ويو ۽ ان کي هندو برادري جي مفادن خلاف قرار ڏنو ويو، گڏجاڻي ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انهيءَ وائيٽ پيپر خلاف 9 اپريل تي هڙتال ڪئي ويندي. ** 1940ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ حڪومت نوٽيفڪيشن جاري ڪري مسجد منزل گاهه واري واقعي بابت عدالتي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ** 1945ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي مسلم ليگ جي اڳواڻ جي ايم سيد قائد اعظم محمد علي جناح کي ٽيليگرام موڪليو ۽ کيس سنڌ جي سياسي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ** 1955ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي وفاقي حڪومت ايمرجنسي پاور آرڊيننس جاري ڪيو ۽ آئين کي عبوري طور معطل ڪيو ويو. ** 1977ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي آمريڪا جي لاس اينجلس ايئرپورٽ جي رن وي تي ٻن بوئنگ جهازن ۾ ٽڪر سبب 583 مسافر مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، ايئرپورٽ جي رن وي تي ٿيل اهو پنهنجي نوعيت جو وڏو جهاز هو، جنهن ۾ ايترو گهڻو جاني نقصان ٿيو. ** 1998ع ۾ اڄوڪي تاريخ تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي احتساب بينچ اڳوڻي وزيراعظم بينظير ڀٽو جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا، جڏهن ته احمد صادق بينظير ڀٽو خلاف گواهي ڏيڻ لاءِ راضي ٿي ويو، پي آءِ اي ۾ غيرقانوني ڀرتين ۽ ترقين جي ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي، ان موقعي تي عدالت اڳوڻي ايم ڊي عمر فاروق ۽ اڳوڻي جنرل مئنيجر پي آءِ اي گلزار قاضي جا وارنٽ به جاري ڪيا، 24 اپريل تي عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ريفرنس ۾ ناهيد خان، غلام قادر شاهه ڄاموٽ، ايس سراج ۽ نجم الحسن کي به نامزد ڪيو ويو. ٻئي پاسي ساڳئي تاريخ تي سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون اڻ ڄاڻايل مدي تائين ملتوي ڪيون ويون. ************* 27 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 27 مارچ 1884ع شاعر پير احمد علي قريشي (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1931ع ليکڪ ۽ شاعر ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي(روهڙي ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1932ع شاعر سعد الله غازي جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1940ع شاعر بسنت ڪمار رائچنداڻي تياڳيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1955ع شاعر برج لال بيوس (دادو) جو جنم ڏينهن آهي.. 27 مارچ 1964ع شاعر محمد حبيب ميمڻ (هالا) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1971ع ليکڪ ۽ صحافي توفيق علي منگيجو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1976ع شاعر غريب گُل (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1981ع ليکڪ مير دلشاد ڌاريجو (مٺا خان) جو جنم ڏينهن آهي. 27 مارچ 1985ع شاعر وفا زرداري (ڄام زرداري) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 27 مارچ 1897ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالرحمان ساکرو جي وفات ٿي. 27 مارچ 1898ع آزادي جي تحريڪ جي اڳواڻ ۽ عليڳڙهه يونيورسٽي جي باني سر سيد احمد خانجو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1939ع صوفي بزرگ صوفي محمد شاهه جو لاڏاڻو ٿيو. 27 مارچ 1954ع پير عظيم شاهه (نصرپور) جو انتقال ٿيو. 27 مارچ 1968ع رئيس غلام رسول ڀرڳڙي وفات ڪري ويو. 27 مارچ 1997ع نوجوان راڳي مريد عباس ڪٽپر کي قتل ڪيو ويو. 27 مارچ 1999ع شاعر مسڪين ملاڪاتياري وفات ڪري ويو.

Wednesday, 25 March 2026

SINDH in history today (26th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

Author Dr.Pathan and Translator his son Mumtaz Ali *** SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY{26th March}. ************* ******* واقعاتي تاريخ ************* 26.3.1843: ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ نيپيئر جي اها گذارش قبول ڪئي ته ڪراچئ کي گادئ جو هنڌ ڀلي بڻاء, پر ڪراچئ ۽ حيدرآباد جو باهمي رابطو ضرور قائم رکجان. 26.3.1920: مخدوم بلاول جي درگاه تي خلافت ڪانفرنس ٿي, جنهن ۾ ڏهاڪو هزار ماڻھون شريڪ ٿيا. 26.3.1931: ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ ”آل انڊيا اسٽوڊنٽس ڪانفرنس“ ٿي, جنهن جي صدارت جواهر لال نهروء ڪئي. 26.3.1961: ڪراچي ڊويزن کي مغربي پاڪستان ۾ ملايو ويو. 26.3.1969: مارشل لا حڪومت اولھ پاڪستان کي ستن سيڪٽرن ۾ رهائي هرهڪ سيڪٽر تي مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪيا. 26.3.1971: ملڪ ۾ سياسي سرگرمين تي پابندي مڙهي, فوج کي حڪم ڏنو ويو ته اوڀر پاڪستان ۾ حڪومت جي رٽ قائم ڪرڻ لاء آپريشن شروع ڪري. 26.3.1973: ڀٽي پنهنجي سياسي مخالفن کي اپيل ڪئي ته بائڪاٽ ختم ڪري اچو ته ڳالهيون ڪريون. 26.3.1977: مخالف ڌر قومي اسيمبلئ ۾ قسم کڻڻ واري رسم جو بائڪاٽ ڪيو. باقي 161 چونڊجي آيل ميمبرن قسم کنيو. 26.3.1985: ضياء الحق عبوري وزارت مقرر ڪئي. ************* ڏينهن 26 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 26 مارچ 1936ع هند ۽ سنڌ جي مشهور شاعر ۽ ليکڪ لڇمڻ ڪومل(ڪنڊيارو / دهلي) جو جنم ڏينهن آهي. 26 مارچ 1938ع اداڪار آسنداس واسياڻي (احمد آباد) جو جنم ڏينهن آهي. 26 مارچ 1942ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدلوهاب چاچڙ(سکر) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life, without love & sincerity, cooperation & adjustment of each other is terrible; even for people born with silver spoon in their mouths. Dear! Let us accept & respect each other. It is the only way, vision & wisdom] لڪي گذاریون لوڪ کان، پنھنجن ئي پاڇن کان، تان جو ھلئون حق تي، سچ تي کڻي سونھن سان، پرچي پئج مون سان، تہ بٹجي سور سلام پون. ************* DR.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (26th March) & GOOD DAY WISH Dr.Pathan wishes you Good Day. [Life, without love & sincerity, cooperation & adjustment of each other is terrible; even for people born with silver spoon in their mouths. Dear! Let us accept & respect each other. It is the only way, vision & wisdom] لڪي گذاریون لوڪ کان، پنھنجن ئي پاڇن کان، تان جو ھلئون حق تي، سچ تي کڻي سونھن سان، پرچي پئج مون سان، تہ بٹجي سور سلام پون. ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {26th March} EVENTS: 1843: The Governor - General approves proposal of Charles Napier to carry on the general Government ofSindh from Karachi and measurers be adopted for facilitating communication between Karachi and Hyderabad. 1920: Sindh Khilafat Conference is held at the Dargah of Makhdoom Bilawal. It is attended by more than ten thousand people. 1931: Jawahrlal Nehru presides over 'All - India Students Conference' heldin Khalikdina Hall, Karachi. The Conference disapproves 'Gandhi - Irwin Settlement/Agreement' and resolve to form Provincial Working Committees of students. Tirath Sabhani, A.J.Mamtora, H.P.Mirchandani, H.G.Butani, B.T.Shahani, H.R.Wadhwani and V.I.Jagtiani played vital role in managing the Conference. 1950: JUP demands separate ministry for Religious Affairs and ban forever on appointment of non - muslims/pakistanis on key military posts. 1956: Military officers can be removed from service without Court Martial, decides Govt. 1961: It is decided in Governors' Conference that Karachi Division shall be merged into West Pakistan. 1971: Awami League is banned, Shaikh Mujeeb is arrested and military is asked to restore writ of the govt. in East Pakistan. 1973: Bhutto appeals opposition to end boycott and opt for dialogue. 1977: PNA boycotts oath taking ceremony. However, 161 members of the National Assembly take oath. 1991: Four persons at Singapur Airport try to hijack Pakistan Plane but are killed. PPP was blamed for that act and arrests are made in Pakistan.

Tuesday, 24 March 2026

SINDH in history today (25th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

Author Dur Muhammed Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH (icluding Pakistan) IN HISTORY TODAY {25th March} Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, ************* ******* واقعاتي تاريخ ************* 25.3.1857: سنڌ جي ڪمشنر سنڌ جي سمورن ڪليڪٽرن کي حڪم ڏنو ته سڄي صوبي ۾ سمورن سرڪاري کاتن ۾ سنڌئ جو استعمال ڪريو. 25.3.1923: ڪن ڪٽر هندن طرفان ”شڌي تحريڪ“ هلائي, نئو مسلم ماڻھن کي زورئ هندو بنائڻ شروع ڪيو ته ان تي مسلمان عالمن رد عمل ڏيکاريو. ڪراچئ ۾ حڪيم فتح محمد سيوهاڻئ جي صدارت ۾ ”سنڌ جميعت الاسلام“ جي گڏجاڻي ۽ ان ۾ فيصلو ڪيو ويو ته آريا سماجين جي اهڙين سگرمين جو ڀرپور جواب ڏيڻ گهرجي. 25.3.1931: آل انڊيا ڪانگريس ڪميٽي پنهنجي سالياني اجلاس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ ڏينهن جا ڏينهن سرگرم رهي. اڄ ان جي ”ورڪنگ ڪميٽئ“ جي ڪراچئ ۾ گڏجاڻي ٿي. 25.3.1838: لاڙڪاڻه بورڊ جي هيلٿ ڪميٽئ بورڊ کي سفارش ڪئي ته لاڙڪاڻي ضلعي ۾ ميلن ملاکڙن تي پابندي لاڳو ڪئي وڃي 25.3.1951: سنڌ ۾ ايوب کهڙي جي حڪومت جڙي, جنهن ۾ قاضي فضل الله کي هوم منسٽر ڪري کنيو ويو. 25.3.1953: جي.ايم.سيد جي صدارت هيٺ ”عوامي محاذ بورڊ“ جي گڏجاڻي ٿي, جنهن ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌئ, پير الاهي بخش, غلام مصطفا ڀرڳڙئ, قاضي فيض محمد ۽ سوڀي گيانچنداڻئ شرڪت ڪئي.فيصلو ڪري هر ضلعي لاء سب ڪميٽي ٺاهي وئي ته جيئن چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن کي ٽڪيٽن ڏيڻ لاء بورڊ کي سفارش ڪري. انهئ گڏجاڻئ ۾ حيدرڀخش جتوئي, خدا بخش کهاڙ ۽ يار محمد شاه کي چونڊ وڙھڻ لاء ٽڪيٽ ڏني وئي. 25.3.1968: غوث بخش بزنجي کي قلم A)124) هيٺ گرفتار ڪيو ويو. 25.3.1969: صدر ايوب عوامي مخالفت جي دٻاء ڪري گوڏا کوڙيا ۽ استعيفا ڏئي اقتدار ڪمانڊر ان چيف يحى ا خان حوالي ڪيائين. هن همراه وري ملڪ ۾ ماشل لا لڳائي ڇڏيو. 25.3.1970: ميجر جنرل (ر) سرفراز خان چيو ته ون-يونٽ ٽوڙي حڪومت وڏي غلطي ڪئي آھي. 25.3.1977: سياسي ڌماچوڪڙئ ۾ ڀٽي جي حڪومت پنهنجي مخالفن, جهڙوڪ: مفتي محمود, پروفيسر غفور, ميان طفيل, مزارئ, شاه احمد نورانئ, ظھور ڀوپالئ, خضر حيات ۽ خواجا صفدر کي جيل اماڻي ڇڏيو.(ساڳو ئي مارچ جو مهينو آھي. عمران ۽ حڪومت جي سياسي ڌماچوڪڙي جاري آھي. پر عمران فى الحال حڪومت جي پڪڙ ۾ نه ٿو اچي). 25.3.1971: يارهن ڏينهن جي ناڪام سياسي جاکوڙ کان پوء صدر يحيا ڍاڪا مان هٿين خالي واپس موٽيو. ذوالفقار علي ڀٽو به شيخ مجيب کي مڃائي نه سگهيو ۽ چيائين ته شيخ مجيب جيڪا گهر ڪري ٿو, اها ملڪي آزادئ کان گهٽ ڪانهي. 25.3.1978: ڀٽي کي لاهور هاء ڪورٽ جيڪا موت جي سزا ٻڌائي, هن انهئ خلاف اڄ سپريم ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي. ************* 25 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون جنم ڏينهن: 25 مارچ 1896ع شمس العلماء ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽوجي ٽلٽيءَ ۾ پيدائش ٿي. 25 مارچ 1916ع ليکڪ ڄيٺانند لالواڻي (حيدرآباد / بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1924ع ليکڪ ڪشن گرناڻي (نوابشاهه / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع شاعر نشتر ناٿن شاهي جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1929ع اداڪار موهن ڇاٻڙا (بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1931ع صحافي محمد خان شيخ (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1937ع سگهڙ غلام حيدر ڀنڀرو جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع شاعر حزب الله ناشاد جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1945ع سگهڙ دلمراد دلاور شر (رسول پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1947ع شاعر محمد صادق امين جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع ليکڪ ڊاڪٽر محبت ٻرڙو(قمبر) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1952ع شاعر ڊاڪٽر منصور ملڪ(پڊ عيدن) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1955ع شاعر مختيار گهمرو (خيرپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1957ع ليکڪ ملوڪ لنڊ (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1977ع ليکڪ عطا راهو (شهمير) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع ليکڪ ڪاشف سومرو (شڪارپور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1982ع شاعر عادل مهر (مبارڪ پور) جو جنم ڏينهن آهي. 25 مارچ 1987ع ليکڪ اياز ٻرڙو (ڪي اين شاهه) جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 25 مارچ 1952ع ناليوارو سنڌي گويو ۽ موسيقار استاد بيبو خان حيدرآباد ۾ انتقال ڪري ويو. 25 مارچ 1975ع تي سعودي عرب جي بادشاهه شاهه فيصل کي سندس ڀائٽي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. Dr.Pathan wishes Good Day. [Dear! How to make you believe that ideologies are for the people , but not to sacrifice people. Misinterpretations of ideologies snatches hearts & minds and people become Living Dead or tools in hands of selfishness or anti-human forces. There will be no logic and justification, but decisions and actions regarding values, traditions and relations will be taken and applied one-sided and unilaterally. In such a situation those are in trouble, who follow and promote love & beauty, peace and sincerity] نظرون مٽائي پيو "نظرین" لاء ھي انسان سندو ایمان ! جن "قدرن ۽ نظرين" جو منطق بنیاد رڳو ڊپ وھم گمان،‏ "عملي آدم" جي بدران بٹجي ھر پل "مفروضاتي مھان"،‏ دل جي دیوان جي بدران پيو جوڙي خیالي ماڳ مڪان، ‏"یڪ طرفا" ناتا ڪٽ جوڙ ڪندي ڪري گوڙ گھٹو گھمسان،‏‎ پاڻ ئي لوڙي پاڻ ئي پيو جوڙي ظلم ۽ جھل سندو زندان،‏ مري اھو مستان، جو رھي سدا سرت سونھن سلام سان. DR.DUR MUHAMMAD PATHAN, FOUNDER GUL HAYAT INSTITUTE. SINDH IN HISTORY TODAY (25th March) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes Good Day. [Dear! How to make you believe that ideologies are for the people , but not to sacrifice people. Misinterpretations of ideologies snatches hearts & minds and people become Living Dead or tools in hands of selfishness or anti-human forces. There will be no logic and justification, but decisions and actions regarding values, traditions and relations will be taken and applied one-sided and unilaterally. In such a situation those are in trouble, who follow and promote love & beauty, peace and sincerity] نظرون مٽائي پيو "نظرین" لاء ھي انسان سندو ایمان ! جن "قدرن ۽ نظرين" جو منطق بنیاد رڳو ڊپ وھم گمان،‏ "عملي آدم" جي بدران بٹجي ھر پل "مفروضاتي مھان"،‏ دل جي دیوان جي بدران پيو جوڙي خیالي ماڳ مڪان، ‏"یڪ طرفا" ناتا ڪٽ جوڙ ڪندي ڪري گوڙ گھٹو گھمسان،‏‎ پاڻ ئي لوڙي پاڻ ئي پيو جوڙي ظلم ۽ جھل سندو زندان،‏ مري اھو مستان، جو رھي سدا سرت سونھن سلام سان. ‏‎ ‎ ************* SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (25th March) EVENTS: 1857: The Commissioner of Sindh sends Circular NO.443 to all collectors of Sindhi issuing instructions as to use of Sindhi in the Revenue as well as in Judicial business. He asks them for adoption of Sindhi as the language of record throughout the Province. 1917: Eminent figure TarachandGajra delivers his lecture on the topic of ‘ What should one do for Samaj/Society?’. This lecture program was arranged by NGO ‘AryaSamaj’ of Karachi. 1923: ShudhiSabha’s activities regarding converting of New Muslims, irritates Religious Scholars. The meeting of the ‘Sindh Jamiat-ul-Ulema’ is held at Karachi with Hakim Fatih Muhammad Sehwani in chair and it is decided to face and deny the propaganda of AryaSamajis.1931: The working Committee of the All-India Congress Committee meets at Karachi. The city remained active spot of Congress activities for so many days. 1938: The Health Committee of the District Local Board recommends ban on Festivals. According to the opinion of the Committee, festivals are not only burden on economy but, are training centers for violation of Social values. 1953: The meeting of AwamiMahaz Board is held with G.M.Syed in Chair. It is attended by Shaikh Abdul Majeed Sindhi, PirIllahiBux; Ghulam Mustafa Bhurgri; KaziFaiz Muhammad and SobhoGiyanchandani. In this meeting District-wise Sub-Committees are formed or recommendation of party tickets to members interesting to contest election. HyderBuxJatoi, KhudaBuxKuhawar and Yar Muhammad Shah are awarded party tickets for Larkano District. 1969: President Ayub Khan resigns and handed over power to Yahya Khan. Martial Law is imposed in Pakistan. Admiral S.M.Ahsan, Air Martial Noor Khan ang General Hamid Khan are appointed as Deputy MLAs. 1970: Major General (R) Sarfraz Khan Vice President of PDP terms abolition of ‘One-Unit’ as a great mistake. 1971: President Yaya is back from Dhaka after an 11-day stay. Bhutto says that the question of autonomy sought by the Awami League is more than the autonomy. It is bordering on sovereignty. 1977: PNA leadership, Mufti Mahmood, Pro.AbdulGhafoor; MianTufailAhmad;MoulanaNoorani,; Mazari;ShahFarid;Khizir Hayat and KhowajaSarfraz are sentenced to three months imprisonment. 1978: Z.A.Bhutto’s appeal against the Lahore High court verdict is filed in the Supreme Court.

Monday, 23 March 2026

SINDH in history today (24th March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz

اڄوڪي ”واقعاتي تاريخ“ ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اوهان لاء لکي ۽ ان جو ترجمو سندس وڏي پٽ ممتاز عليءَ ڪيو۔۔ Sindh in history today (24th March). Research by Dr.Pathan. 24 مارچ سان لاڳاپيل 1).”واقعاتي تاريخ“, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء صبح جو سلام, هن چوڻ ۾ الزام نه پر سچائي آھي ته اسان پاڻ کي عقل جا اڪابر, ڏيه جا ڏاها ۽ ملڪ جا مدبر ته سڏايون ٿا, پر اسان جي سوچن ۽ لوچن جا قبلا ۽ حالتن کي بدلائڻ جون حڪمت عمليون درست ڪونهن. ان ڪري اسان پاڻ لاء عذاب ۽ سنڌ لاء سور ئي پيدا ڪندا آھيون: 1). ڪراچئ طرف رخ ڪري لانگ مارچ ڪرڻ درست ناهي, اسان کي پنهنجي ڳوٺن شھرن ڏي منهن ڪرڻ گهرجي. 2). سياسي, سماجي, نالي ماتر مذھبي يا روحاني آدرشن ۽ سندن آڪهين جي پوڄا ڪرڻ درست ناهي. اهي دوڪان داريون بند ڪجن. 3). يارن ۽ ٻارن جي تربيت ڪري انهن کي دودو, هيمون, هوشو يا آدرش بنائڻ وارو اسان جو تربيتي نظام درست ناھي. ٻارن ۽ يارن کي غلام بنائڻ بدران ”پاڻ سڃاڻڻ“ جو درس ڏجي. 4). اسان جي نظرياتي بيهڪ ٻڌ سڌ تي ٻڌل آھي ۽ ٻئي کي پڙھون ڪونه ٿا. ان ڪري روز چوندو لکندو آھيان ته پنهنجي تاريخ پڙھو, ٻڌو ۽ سبسڪرائيب ڪريو. تاريخ اوهان سان وڏي واڪ ڳالهائڻ گهري ٿي: 24.3.1839: شاه شجاع جي نمائندي شڪارپور واري فرنگي سفارتڪار اليگزينڊر برنس کي لکيو ته ڪمپني حڪومت جو حڪم آهي ته خيرپوري مير مبارڪ اسان کي ست لک ڏن ڏيندو ۽ ٻين ميرن جيان فرنگي سرڪار کي سنڌ ۾ فوج رکڻ لاء ھڪ لک روپيا الڳ ڏيندو. سو تون ان سلسلي ۾ ڪمپني حڪومت جي حڪم جي پوئواري ڪر, دير نه ڪر. 24.3.1843: دٻي مان اڄ نيپيئر پنهنجي گورنر جنرل کي خط لکي مير شير محمد سان جوٽيل جگ ۽ فتح حاصل ڪرڻ جو تفصيل ڏنو. هن کي ۾ هو گورنر جنرل کي هوشو شيدئ جي بهادرئ ۽ وطن تان جان قربان ڪرڻ جو ذڪر ڪيو آھي. (هن خط مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوشو شيدي 24 مارچ تي شھيد ٿيو). 24.3.1924: ڪراچئ ۾ ٻارن جو قومي ڏينهن“ ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مختلف ڏينهن تي مختلف هنڌن تي ٻارن لاء ٻارن جا فنڪشن ٿيا. 24.3.1935: سنڌ ۾”انڊين نئشنل ليگ“ جي شاخ کلي. ان جو تفصيلي ذڪر منهنجي ويب سائيٽ تي موجود آهي (انهئ ويب سائيٽ جي لنڪ شيئر ڪرڻ تي سنڌ دشمنن جي رپورٽن موجب فيس بوڪ تي پابندي لاڳو ٿيل آھي. ڪي سنڌ دوست فيس بوڪ انتظاميه کان اها پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري سگهن ٿا. مان روز سنڌ جي هسٽرئ تي ڊزائين ٿيل سلائيڊ رکندو آھيان, ان ۾ ويب ايڊريس لکيل هوندي آھي). 24.3.1941: جي.ايم.سيد نه هجي ها ته ڪو ٻيو سياستدان سنڌ کي تمام وڏئ مشڪل سان پاڪستان ۾ شامل ڪرائي سگهي ها. اڄ ڪراچئ جي خالقڏني هال ۾ جي.ايم.سيد مسلم ليگي هجوم کي پاڪستان سان وفادارئ جو قسم کڻايو ۽ پاڪستان لاء وڏي کان وڏي قرباني گهري وئي ته ڏبي. 24.3.1948: ڍاڪا يونيورسٽئ جي سالياني ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان جي بانئ چيو ته اڙدو ملڪ جي ”ڪامن لئنگويج“ ٿيندي. (نوٽ ڪرڻ جي ڳاله آھي ته ملڪ جي بانئ Common Language جا لفظ ڪم آندا ۽ پوء ڪن اردو کي ”قومي ٻولي“ بنائڻ جو پڪو په ڪيو). 24.3.1955: “راولپنڊي سازش ڪيس“ جي ملزمن کي ٻيهر گرفتار ڪيو ويو. 24.3.1965: وفاقي ۽ مغربي پاڪستان حڪومتن جي وزيرن پنهنجي عهدي جو قسم کنيو. ذوالفقار علي ڀٽو وفاقي ۽ غلام نبي ميمڻ صوبائي وزير ٿيا. 24.3.1968: اگرتله سازش ڪيس ۾ اڃا وڌيڪ گرفتاريون ڪيون ويون. 24.3.1971: شيخ مجيب اعلان ڪيو ته وڌيڪ ڳالهين جي گنجائش ڪانهي. 24.3.1972: ارباب سڪندر خان کي سرحد ۽ مير غوث بخش بزنجي کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 24.3.1977: ڀٽي-مخالف سياسي اتحاد حڪومت سان ڳالهائڻ کي رد ڪيو. حيدرآباد جي امن امان هي بگڙيل صورت کي سنڀالڻ لاء فوج کي گهرايو ويو. 24.3.1985: محمد خان جوڻيجو پاڪستان جو وزير اعظم بڻجي ويو. ************* _______24 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 24 مارچ 1946ع اسڪالر ڊاڪٽر هدايت الله پريم(روهڙي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1972ع صحافي ذوالفقار واهوچو جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1976ع شاعر گلشير پرديسي جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1978ع ڪالم نگار سارنگ منير سومرو جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1979ع باليووڊ اداڪار عمران هاشمي جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1982ع ليکڪ محبوب سنڌي (دادو) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1982ع ليکڪا صائمه مگسي (گل مگسي) جو جنم ڏينهن آهي. 24 مارچ 1984ع صحافي فيض لغاري جو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 24 مارچ 1932ع ديني عالم ۽ فريڊم فائيٽر مولوي حاجي احمد ابڙولاڏاڻو ڪري ويو. 24 مارچ 2014ع سنڌي ٻوليءَ جو انقلابي شاعر راشد مورائي وفات ڪري ويو. ************* Dr. Pathan wishes you Good Day. [ Do you want anybody to withdraw her/his contact, connection and relation and leave or replace you? Give her/him loan, do good with her/him, or assure her/him of your love. You will find yourself in a state of humiliations facing sorrows & longings. Respect anybody, you will earn disregard & disrespect. It only happens in my society. Let it happen, so what? Lovers have to love and sincerely have to serve. It also happens in my society.] لالڻ سان لاڳاپا ٽوڙڻ ٿو چاهين؟ قرض ڏي احسان ڪر يا هن سان پيار ڪر, نفرتن جا ۽ عداوتن جا جيئن دل ڪڍئي تون اڻ-ڳڻيا ۽ اڻ-ميا جهول ڀر, نيڪي ڪري درياه ۾ لوڙهين ان کان اڳي ئي ۾ لڙهندين پيو هن ڀر, پيار سان وڃ ڪنهنجي در, ساه ڪڍندئي ڀل نياز سان تون دعا سلام ڪر. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (24th March) 24th March BIRTH DATES Asha Chand Punjabi (Mumbai/Artist/ Born 24th March 1951), Gulsher ‘Pardesi’ (Dubi Masti/Poet/ Born 24th March 1976), Mahboob Sindhi (Dadu/Poet/ Born 24th March 1982), Saima Magsi (Gul Muhammad Magsi/Writer/ Born 24th March 1982), Faiz Laghari (Lalhar/Writer/ Born 24th March 1984). DEATH DATES Hosh Muhammad Shidi (Originator of ‘Marvesoon Sindh na desson’, sacrificed his life while defending Sindh/ Death 24th March 1843). EVENTS 1843: Charles Napier writes to Governor-General of India narrating battle between him and Mir Sher Muhammad. This letter has been written from Dubba, four miles from Hyderabad. It is important in a way also that it has indicated the death date of Hosho Shedi in this battle on 24th of March 1843.Whereas it is said and believed that HoshoShedi lost his life in the battle of Minani. Charles Napier writes: ‘ The forces under my command marched this morning at day-break. About half past 8 0’s clock we discovered and attacked the army under the personal command of the Mir Sher Muhammad, consisting of 20,000 men of all arms….. After a combat of about three hours, the enemy was wholly defeated with considerable slaughter, and the loss of all his standards and cannon.’ Napier ends his letter that:’Three Belochee chiefs fell in the action; one of them was the great promoter of the war,-- HOCHE Mahmud SEEDEE.’ 1924: It was announced that the ‘National Baby Week’ will be celebrated in Karachi at various places and eminent Congress leader R.K.Sidhva will be its coordinator. In this connection the first program is held today at Lyari – the place, where people are witnessing heavy rains of bullets daily now. As per announcement, other programs will be held on 26.3.1924 at Old Town, on 30.3.1924 at Sadar and on 1.4.1924 at Kiamari. 1935: The branch of Indian National League is opened in Karachi. Details about its office-bearers and Aims & Objects are available at Gul Hayat website.. 1941: In the public meeting held at Khalikdina Hall of Karachi, G.M.Syed presides over ‘Oath and Pledge Ceremony’ in the support of Pakistan. He starts reading it and is followed by participants. In that PLEDGE, it is said that we Muslims are different Nation and created by Allah with special Assignment, for translating it we need Pakistan. In this PLEADGE it is further said that any kind of sacrifice that is required by /for the cause will be made without any condition and objection. 1948: Urdu should be a common language of the country, says the founder of Pakistan, while addressing Annual Convocation of the Dhaka University. 1968: More arrests are made in connection with Agartala conspiracy. This drama was staged for years and none of accused was awarded any penalty or punishment. It is said that the script of that drama was written in West Pakistan as Bangladesh Flag was designed here and 6-poits were drafted here. It is said that some politicians of West Pakistan had decided to get rid of East Pakistan. 1985: Muhammad Khan Junijo is sworn in as the Prime Minister of Pakistan.

Sunday, 22 March 2026

SINDH in history today (23rd March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

Author Dur Muhammed Pathan & Translator his son Mumtaz Ali. SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY (23rd March}. Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2. Events from history, ************* **** 23.3.1840: ايسٽ انڊيا ڪمپني حڪومت ڪراچي ۽ سکر ۾ فوج جي سپهسالاري سيڪنڊ ڪلاس برگيڊرن جي حوالي ڪئي ۽ هدايتون ڏنيون ته ٻنھي هنڌن کي فوج کي وڌيڪ منظم ڪيو وڃي ته جيئن سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر ڪنهن هنگامي صورتحال ۾ انھئ فوج کي ڪم آندو وڃي. 23.5.1841: پوليٽيڪل ايجنٽ آئوٽرام اڄ تفصيلي خط لکي پنهنجئ سرڪار کي حيدرآباد ۽ ميرپور خاص سرڪارين جا احوال ڏيندي لکي ٿو ته مير شير محمد سان معاهدي تي ڳالهيون هلي رهيون آھن. ھن جا هندو صلاڪار کيس اسان کان پري رکڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. مير شير محمد حيدرآبادي ميرن تي ڪاوڙيو ويٺو آھي ته هنن سندس پرڳڻن تي ناجائز قبضو ڪيو آھي. جي مير شير محمد چيو ته مان سندن فيصلو ڪندس. 23.3.1843: نيپيئر اڄ حيدرآباد مان مير شير محمد کي لکيو ته وقت نه وڃاء هڪ دم اچي جنگي قيدئ جي حيثيت ۾ مون اڳيان پيش ٿي. ٻئ صورت ۾ سڀاڻي منھنجو انتظار ڪر ۽ جنگ کي منھن ڏي. 23.3.1863: ساڌو هيرانند پٽ راء بهادر ديوان شوقيرام حيدرآباد ۾ ڄائو. هن 1883 ۾ بي. اي ڪئي. "سنڌ سڌار" اخبار جو ايڊيٽر ٿيو. "سنڌ سڀا" جي نمائندي طور 1886 ۾ آل انڊيا ڪانگريس جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. 1887 ۾ حيدرآباد ۾ سماجي ڪم شروع ڪيائين.1888 ۾ ”يونئن اڪيڊمي/ اين.ايڇ.اڪيڊمي" اسڪول کوليائين. 1890 ۾ ”سڌار پتريڪا" ۽ "سرسوتي" رسالا جاري ڪيائين. ڌئ کي پڙھائڻ لاء وٺي وڃي رهيو هو ته 13 جولاء 1893 تي بيڪانير ۾ گذاري ويو. پنھنجي دور جو وڏو سماج سڌارڪ, صحافي ۽ سياستدان هو. 23.3.1923: ڪراچئ ۾ سيٺ رامچند فتحچند جي صدارت ۾ ”شڌي سڀا" جي گڏجاڻي ٿي ۽ ان ۾ سنجوڳي شيخن کي وري هند بنائڻ بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. "شڌي سڀا" ان جي سرگرمين سنڌ ۾ ھندو-مسلم اختلافن وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ويو. 23.3.1930: ميهڙ ۾ وڏي پئماني واري "سنڌ خلافت ڪانفرنس" ٿي. هن شهر تحريڪ آزادئ ۾ مثالي حصو ورتو پر شهر جي سونهري اکرن ۾ لکڻ جهڙي تاريخ تي ڪم نه ڪيو ويو آھي. 23.3.1931: ڀڳت سنگ ۽ سندس ساٿين کي سرڪار ڦاهي ڏني. سنڌ جي وڏن شھرن ۾ انھئ سوڳ ۽ سرڪار جي مذمت ۾ ھڙتال ٿي. 23.3.1938: سنڌ ۾ خانبھادر الله بخش سومري "اتحاد پارٽئ" جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ ڪانگريس جي مدد سان حڪومت/وزارت ٺاهي, جنھن ۾ پاڻ خزاني ۽ داخلا جا کاتا کنيائين, پير الاهي بخش کي روينيو جو کاتو ڏنائين ۽ پي.ڊبليو.ڊي ۽ پبلڪ هيلٿ جا کاتا نهچلداس کي ڏنائين. 23.3.1940: آل انڊيا مسلم ليگ جي لاهور واري اجلاس ۾ ”پاڪستان ٺھراء“ پاس ٿيو. ان ۾ سنڌ مان شرڪت ڪندڙ سياستدان هئا: حاجي عبدالله هارون, جي.ايم.سيد, محمد ايوب کهڙو, علي محمد شاه راشدي, شيخ عبدالمجيد سنڌي, ايم.اي.خالق, سيد حسن بخش شاه محرابپور وارو, حاجي دوست محمد (لاڙڪاڻو), خانصاحب حق نواز (شڪارپور), امير احمد (لاڙڪاڻو), غلام محي الدين, عبدالحئي صديقي (سکر), منير احمد (لاڙڪاڻو), عبدالروف (ڪراچي), محمد اسلم (ڪراچي), محمد هاشم جوڻيجو, محمد رمضان, محمد علي چوڌري (ٿر), مقبول احمد (ٿر), چوڌري رحمت الله(ٿر), مرزا رحمان بيگ (سکر), ۽ رئيسئ افضل خان کيڙو (مورو). 23.3.1941: سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ "پاڪستان ڊي" ملهايو ويو. 23.3.1946: اقتدار منتقل ڪرڻ بابت سياسي اڳواڻن جي ويچارن کي ٻڌڻ لاء ”ڪئبينيٽ مشن" ڪراچئ پهتو. سنڌي جي سمورن هندو ۽ مسلمان سياستدانن مان ڪنهن به سنڌ جي آزاد ۽ خودمختيار ملڪ جي ڳالھ نه ڪئي. پر مسلمانن مسلم ليگ ۽ هندن ڪانگريس جي ڳالھ ڪئي. حالانڪ ان وقت سنڌ جي مطلق آزادئ بابت عوامي ۽ گروهي وايو منڊل جڙي چڪو هو. 23.3.1955: خان عبدالغار سرڪار کان گهر ڪئي ته ون-يونٽ ڏنڊي جي زور تي مسلط ڪرڻ بدران عوام کان ووٽ زريعي رضامندو وٺو. 23.3.1956: ايسٽ بنگال جو نالو مٽائي "اوڀر پاڪستان" ۽ فيڊرل ڪورٽ جو نالو بدلائي "سپريم ڪورٽ" رکيو ويو. 23.3.1985: محمد خان جوڻيجي پاڪستان جي وزير اعظم طور عهدو سنڀاليو. ************* {23 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون} ************* [جنم ڏينهن:] 23 مارچ 1844ع مذهبي اسڪالر ۽ بزرگ ميان غلام صديق (شهداد ڪوٽ ) جي پيدائش ٿي. 23 مارچ 1863ع سماجي ورڪر ۽ صحافي ساڌو هيرانند (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1898ع ليکڪ آچاريه آسودومل گِدواڻي(ڪراچي) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1893ع آزادي پسند اڳواڻ گهنشام شِوِداساڻي (حيدرآباد) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1912ع سياستدان آغا بدرالدين دراني(ڳڙهي ياسين) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1924ع ليکڪ وشنداس آسراڻي (شڪارپور / بمبئي) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع بيگم نصرت ڀٽو جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1929ع براڊڪاسٽر سرور بلوچ(لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1951ع اديبه آشا چاند(سندري ۽ اتم جي ڌيءُ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1959ع شاعر آصف مٺياڻوي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1963ع صحافي احمد رضا بروهي(بوبڪ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1968ع ليکڪ سردار چنا (لاڙڪاڻو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1974ع صحافي شاهد مهيسر (لاڙڪاڻو) جي پيدائش جو ڏينهن آهي. 23 مارچ 1978ع ليکڪ امداد ٻرڙو (ميرپور ٻرڙو) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1984ع شاعر سجاد حسين سجاد (سيتا روڊ) جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1986ع ليکڪ اسلم پاٽائي جو جنم ڏينهن آهي. 23 مارچ 1988ع شاعر انتظار ابڙو (جيڪب آباد) جو جنم ڏينهن آهي. [وڇوڙو:] 23 مارچ 1809ع اسڪال مخدوم عبدالواحد سيوستاني جي وفات ٿي. 23 مارچ 1931ع آزادي جي ويڙهه وڙهندڙ شهيد ڀڳت سنگه کي ڦاهي ڏني وئي. 23 مارچ 1958ع صوفي سوامي رام فقير (دادو / اجمير) جي ديهانت ٿي. 23 مارچ 1992ع ليکڪ عادل سخيراڻي (دادو) جو انتقال ٿيو. 23 مارچ 1998ع گلوڪار استاد وحيد علي خان جو لاڏاڻو ٿيو. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress] ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ، ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء. ************* Dr. Dur Muhammad Pathan, Founder Gul Hayat Institute. SINDH IN HISTORY TODAY (23rd March) & GOOD DAY WISH. Dr.Pathan wishes you Good Day. [Relation stand ceased and human values stand violated, when we avoid to reciprocate in complex that it is duty and need of others to love & serve us without any return and condition. This is an ugliest kind of social, ideological and emotional exploitation that has been depriving people of love & beauty and peace & progress] ھوتن کي ھٿوڙا سدائين ھٿن ۾ پر تارازي نہ کٹن ڪڏھن ساڻ، ان لاء ملڪن ۾ مانڌان، ماٹھون مرن سونھن سڪون سلام لاء. ************* SINDH IN HISTORY EVENTS: 1843: Charles Napier writes to Mir Sher Muhammad Khan that if you choose to meet me tomorrow, as I march to attack you at the head of army; if you will surrender yourself as a prisoner without any other conditions than that your life will be safe, I will receive you. 1923: The meeting of ShudiSabha is held at Parbati Pati Sukkdani Mandar it is presided over by Seth RamchandFatihchand. The strategy regarding reconverting New Muslims (Sanjogi Shaikhs) to Hinduism was finalized. 1930: Sindh Khilafat Conference is held at Mehar. It is attended by eminent Khalfat Leaders. 1931: Sindh observe complete hartal to protest against execution of Bhagatsing and others. 1935: R.D.Bell, Home Member assures Indian Legislative Assembly that the Government has decided to order enquiry into Karachi firing in which more that 40 Muslims were killed by the military firing. 1938: The Leader of the ‘Itad Party’, K.B.AllahBux Soomro forms Sindh Government. PirIllahiBux and Nihchaldas are inducted as ministers. 1940: Those who participated in All-India Muslim League session of Lahore and favored/supported ‘Pakistan Resolution’ are: G.M.Syed, K.B.Khuhro, M.A.Khaiq, Syed HussainBux Shah (Mirabpur), Haji Dost Muhammad of Larkano, Pir Ali Muhammad Shah Rasdi, Amir Ahmad of Larkano, Muneer Ahmad of Larkano, K.B.Haqnawaz (Shikarpur), GhulamMahuddin, Abdul Hai Siddiqui (Sukkur), Abdul Rauf (Karachi), Muhammad Aslam (Karachi), Muhammad HashimJunijo, Muhammad Ramzan, Muhammad Ali Choudhri (Thar), Maqbool Ahmad (Thar), ChooudhriRahmatullah (Thar), Mirza Rahman Beg (Sukkur), RaisAfzal Khan Khero (Moro). 1941: All the branches of Sindh Muslim League observe Pakistan Day. 1946: The Cabinet Mission reaches at Karachi. 1951: Muhammad AyubKhuhro is sworn in as the Chief Minister of Sindh. 1956: Bengal is renamed as East Pakistan and Federal Court as Supreme Court. 1965: Ayub is sworn as the President of Pakistan for another five years. Z.A.Bhutto is inducted as minister. Malik Amir Muhammad Khan and Abdul Monem khan are appointed Governors of West Pakistan and East Pakistan respectively.

Saturday, 21 March 2026

SINDH in history today (22nd March). By. Dr.Pathan & his son Mumtaz Ali

SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March}. Selection of Events from two Centuries of Sindh History, in Chronological order and with analytical interpretation. ******************** Author Dr.Pathan & Translator his son Mumtaz Ali Pathan. ************[Dr.Pathan's unique work on Historical Research since last decade.All this is to create friendship between New Generation and the Past. It is a movement for creating awareness about importance of history and is not to earn appreciation from any Corner] SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, ************* Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies & priorties, like & dislikes and tradions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believeing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* سڄڻ سائين! هي هڪ ڏينهن جو نه پر حياتئ جو ليکو آھي. جيسين زنده آھيان تيسين اوهان کي دعائون پيون ڏبيون ۽ تاريخ پئي ٻڌائبي. منهنجي مئي کان پوء اوهان کي هينئن تفصيل سان تاريخ ڪوئي ڪونه ٻڌائيندو. ان وقت ياد ڪندا, آئون ڪونه هوندس, پر انٽرنيٽ هي تاريخي مواد هوندو ۽ منهنجا تاريخ بابت يوٽيوب تي وڊيو ٽاڪس هندا. ان وقت اوهان کي بار بار اهو نه چوندس ته منهنجا وڊيو ٽاڪس سبسڪرائيب ڪريو. اڄ اوهان لاء کڻي آيو آھيان: 1). واقعاتي تاريخ, 2). ولادتن ۽ وفاتن جون تاريخون, 3). اوهان لاء دعا سلام, 4). سنڌ جي تاريخ بابت منهنجي وڊيو ٽاڪ جي لنڪ. ************* 1.واقعاتي تاريخ: 22.3.1836: انگريزن منافقئ تي ٻڌل سفارتڪارئ سان ميرن سان يارئ جو معاهدو ڪيو, جنهن جي هڪ شق اها به هئي ته مير ڪنهن ٻئي ملڪ سان اسان جي ٻڌائڻ کان سواء ناتو نه ڳڍيندا. انگريزن کي شڪ ٿيو ته مير ايران سان لاڳاپا وڌائي رهيا آھن. ان تي ڪمپني حڪومت جي گورنر جنرل اڄ پاٽينجر کي لکيو ته ميرن جي ايران سان يارئ وارئ ڳالھ ڏاڍو چيڙائي ڇڏيو آھي. ان ڪري ميرن کي سمجهاء ته معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪن, اسان سندن اهڙئ بي وفائئ تي خاموش نه رهنداسين. 22.3.1948: قائد اعظم ڍاڪا ويو ته اسيمبلئ جي هندو ميمبرن ساڻس ملاقات ڪئي ۽ يقين ڏياريائون ته پاڪستان اسان جو وطن آھي ۽ اسان پاڪستان سرڪار سان غير مشروط سهڪار ڪنداسين. (جڏهن بنگلاديش ٺھيو ته بهارين کيس چيو ته اسان بنگلاديش کي نه ٿا مڃون, اسان کي پاڪستان موڪل). 22.3.1949: ايوب کهڙو ڪراچئ جي مالڪئ ۽ وارثئ تي مرڪزي سرڪار سان مهاڏو اٽڪائي سرڪار ۽ خاص طور تي وزير اعظم کي ناراض ڪيو. سرڪار سبب ۽ جواز ڳولهي مٿس پابندي مڙھائي ته کهڙو ٽي سال سياست ۾ حصو نه وٺندو. (سنڌ ۾ انهئ انياء تي ڀرپور وائويلا نه ٿي. ان تي کهڙي جو من مٽجي ويو هو ) 22.3.1956: پاڪستان کي نئين آئين جا ڳه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا پاراياڌويا. 22.3.1971: ڍاڪا ۾ ڀٽي ۽ مجيب وچ ۾ ڳالهيون ٿيون. صدر ٻين سياستدانن کي به چيو ته مجيب سان مليو ۽ کيس سمجهايو. 22.3.1977: ڀٽي چيو اسان پي.اين.اي وارن سان ڳالهيون ڪرڻ لاء تيار آھيون پر هو تصادم ڪرڻ گهرن ٿا. هڏانهن وري پي.اين.اي وارن دانهون ڪيون ته ڀٽي سرڪار اسان جا ڏه هزار ورڪر گرفتار ڪيا آھن (اڄوڪي حڪومت ۽ عمران به ساڳي موڙ ۽ حالتن کي پهتا آھن). 22.3.1978: مصر, شام, ايران, قطر, بحرين, ڪئناڊا ۽ انڊونيشيا ضياء الحق کي ڀٽي جان بخشڻ لاء اپيلون ڪيون.(ڇا جا ملڪي مفاد ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي. ضياءالحق جو ذاتي ۽ گروهي مفاد ان ۾ هئو ته ڀٽي کي ڦاهي تي چاڙھجي) ************* 22 مارچ تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ معروف شخصيتون جنم ڏينهن: 22 مارچ 1897ع شاعر ۽ مذهبي اسڪالر مولانا دين محمد اديب جي ولادت جو ڏينهن آهي. 22 مارچ 1918ع شاعر اندر ديو ڀوڄواڻيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1938ع شاعر عبدالغفور سڪايل جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1944ع شاعر عباس علي بيگ عباس (ٽنڊو آغا) جو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1954ع شاعر بلبل کورواهيجو جنم ڏينهن آهي. 22 مارچ 1980ع صحافي مصطفيٰ جروارجو جنم ڏينهن آهي. وڇوڙو: 22 مارچ 1805ع مذهبي اسڪالر مخدوم محمد عثمان مطلوي جو لاڏاڻو ٿيو. 22 مارچ 1866ع بزرگ پير علي محمد قريشي غوثپوٽو جو انتقال ٿيو. 22 مارچ 2005ع اداڪار رشيد خمار ڪراچي ۾ دل جي دوري سبب لاڏاڻو ڪري ويو. Dur Muhammed Pathan: SINDH (including Pakistan) IN HISTORY TODAY {22nd March} My Post consists of: 1). My Good Day Wish, 2). Events from history, ************* Dr.Pathan‏ ‏wishes you Good Day. [Anybody can help you, but nobody can solve your problems. Ideologies , like & dislikes and traditions & training have put us at distance to extent that we can't listen and understand others. When we start believing and behaving that only we are beauty, vision and wisdom, it will be high-risk for love and peace. It is situation in our society and it is position of our hearts and minds] جي ڪنھن ٻئي در دانھیندین، تون ڪوئي داد نہ پائیندین، درد دنیا کي جي ٻڌائیندین، پوء وڌ سور الم ڪمائیندین، جي پاڻ کي عاقل ڀائیندین، ڪڏھن بہ نہ عشق پرائیندین، لنئون سونھن سان لائیندین، سلام سرت ساڻ ٻڌائیندین. ************* SINDH IN HISTORY TODAY (22nd March) EVENTS: 1838: The Government of India asks Colonel Pottenger that apprise Sindh Rulers of views of British Government that the Government is surprised to know that they have submitted themselves to the Court of Persia and it has become matter of concern for the Government of India. 1948: Hindu members of Assemble holds meeting Quaid-i-Azam Muhammad Ali Jinnah at Dhaka to discuss and review the situation created by the partition and its impact/effect on Hindu community. 1949: Muhammad AyubKhuhro is disqualified for three year and now cannot take part in politics and political activities. 1951: Sindh Chief Minister Kazi Fazul-Ullah resigns. !956: The new constitution is promulgated in Pakistan. 1971: Bhutto is holding meeting with Mujeeb in Dhaka. General Yahya asks Doultana, Sardar Shoukat Hayat, Muti Mahood, Wali Khan and GhousBuxBizinjo to holds talks with Mujeeb to resolve important political matters. 1977: Z.A.Butto blames PNA for avoiding negotiating vital political issues with his Government.PNA blames and claims arrest of its ten thousand workers. 1978: Heads of States and Governments of Egypt, Syria, Iran, Indonesia, Qatar, Bahrain and Canadian House of Commons appeal to Zia to commute Z.A.Bhutto’s death sentence. Qadafi sends Special emissary. British, U.S and India refuse to comment *************